سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ بقا جو ڪيس: تحقيقي اڀياس
(The Case of Sindhi Language in Sindhi Short Stories: A Research Study)
ڊاڪٽر نواب ڪاڪا
Abstract
The Sindhi short story has served as a vital literary form in articulating cultural identity, linguistic preservation, and socio-political consciousness. Both before and after the Partition of 1947, Sindhi short story writers actively engaged with the challenges facing their language and community. Prominent figures such as Shaikh Ayaz, Ain Qaf Shaikh, and Dr. Najam Abbasi employed fiction as a vehicle to highlight the significance of Sindhi language and to advocate for its survival and growth amidst socio-political pressures. In contemporary times, writers including Pir Obaid Rashdi, Muhammad Ali Pathan, and others have continued this literary tradition, using short fiction to emphasize the enduring value of Sindhi language, culture, and identity in the modern era. This paper argues that Sindhi short stories are not only works of art but also instruments of resistance and cultural affirmation. By analyzing these contributions, the study situates Sindhi short fiction within the broader discourse of language preservation and cultural sustainability, underscoring its role as an ongoing movement to safeguard and strengthen Sindhi linguistic and cultural heritage.
ڪنھن به ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ ترقيءَ ۾ ان ٻوليءَ جي تخليقي ادب جو به اهم ڪردار هوندو آهي. معياري ۽ با مقصد تخليقون سماجي سجاڳيءَ ، شعور ، پنھنجي حقن جي حفاظت ، ديس ۽ ڌرتيءَ سان محبت ۽ ٻين اهم موضوعن کي پيش ڪن ٿيون.جديد سنڌي تخليقي ادب جي ٻنھي حصن نثر توڙي شاعريءَ ۾ مختلف وقتن تي پيدا ٿيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي اهم مسئلن کي پيش ڪيو ويو آهي. جديد دور جي نثري صنفن ۾ خاص طور ڪھاڻيءَ ۾ سماج جي ٻين ڪيترن ئي مسئلن سان گڏ ٻوليءَ لاءِ پيدا ٿيندڙ خطرن کي سامهون رکندي ان جي بچاءَ لاءِ آواز اٿاريو ويو آهي.ڇاڪاڻ ته قومن جي پھرين ۽ آخري سڃاڻپ ٻولي ئي آهي. چار مارچ واري واقعي تي ڳالهائيندي شيخ اياز ٻوليءِ بابت چيو ”ڪنھن به قوم جي پھرين سڃاڻ ان جي ٻوليءَ مان ئي آهي،ڌرتي ۽ ٻوليءَ ۾ قوميت جون جڙون ٿينديون آهن. ڌرتيءَ کان سواءِ به قوميت تڳي سگهي ٿي، پر ٻوليءَ کان سواءِ ان جو وجود برقرار رکڻ ناممڪن آهي.“(1) ٻولي قومن جو سڀ کان حساس معاملو آهي.
ٻوليءَ جي بچاءَ، بقاءَ ۽ درپيش خطرن تي لکيل ڪھاڻين کي سياسي،سماجي ۽ تاريخي حوالي سان توڙي موضوعاتي حوالي سان ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پھريون دور 1947ع کان پوءِ تبديل ٿيل حالتن ۾ ٻوليءَ جي مسئلي بابت لکيل ڪھاڻيون. ٻيو دور ون يونٽ 1955ع ۽ 1972ع ۾سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيش ٿيندڙ بل جي نتيجي ۾ ٿيل لساني فسادن جي پس منظر ۾ لکيل ڪھاڻين جو آهي.ٽيون موجوده دور آهي جنھن ۾ مختلف ادارن جو ٻوليءَ ڏانهن رويو،ڌارين ٻولين جو اثر ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ خاص طور ڪھاڻين جا موضوع نظر اچن ٿا. ٽنهي دورن ۾ لکيل ڪھاڻين جو هيٺ مختصر اڀياس ڏجي ٿو .
1947ع ۾ ورهاڱي وقت پيدا ٿيل حالتن کي ڏسندي تھذيب تاريخ، تشخص ۽ ٻوليءَ لاءِ پيدا ٿيندڙ خطرن کي ان وقت جي نوجوان ترقي پسند ۽ باشعور ليکڪن محسوس ڪيو. خاص هندو مسلم اتحاد، ٻولي ۽ پنھنجي سڃاڻپ جي بچاءَ لاءِ مختلف ڪھاڻيڪارن جي چونڊ ڪھاڻين تي مشتمل مجموعو ”اسان جي سنڌ“ نالي سان 1947ع ۾ شايع ٿيو . ان جي مھاڳ ۾ شيخ اياز لکيو آهي، ”اڄ سچ پچ پنجابين اسان جي جهڳيءَ ۾ اک وڌي آهي، نه رڳو ايترو پر اسان جي ٻولي به اردو ۽ هنديءَ جي جهڳڙي جو شڪار ٿي رهي آهي. اردوءَ جو سنڌيءَ تي قبضو،پنجابيءَ جو سنڌ ۾ زور.“(2) هن مجموعي ۾ شامل اياز جي ڪھاڻي ”پاڙيسري“ ۾ تھذيب ۽ تاريخ سان گڏ مستقبل ۾ ٻوليءَ لاءِ پيدا ٿيندڙ خطرن کان به آگاهه ڪيو ويو آهي. 47ع کان پوءِ سنڌ ۾ پيداٿيل اوپري ماحول ۽ سنڌ جي مارڪيٽ تي ڌاري ٻوليءَ جي قبضي کي ع.ق شيخ پنھنجي ڪھاڻي حيدرآباد؟ ۾ پيش ڪيو. ڪھاڻيءَ جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي، ”حيدرآباد، حيدرآباد ڪٿي آهي يار، مارواڙ آهي مارواڙ، شاهي بازار وٺيو پئي ويس ته مٿيون پڙاڏو منھنجي ڪنن تي پيو.“(3) هتان لڏو کڻي ويندڙ ماڻهن سان گڏ ٻولي به موڪلائي رهي هئي لکي ٿو، ”هلو سائين هلو“ . سنڌي ٻوليءَ جا اکر آهن، پنھنجي ٻوليءَ جا اکر ٻڌي ڪير رنج ٿيندو؟ پر منھنجي سيني تي اهي اکر ائين ڪريا جيئن زمين تي آسمان ڏانهن اڇلايل پٿر واپس ڪرندو آهي.“(4) جڏهن ان ٻوليءَ کي مارڪيٽ مان لڏايو ويو ته ان جي جاءِ وٺندڙ ٻولي ۽ ان جي ڳالهائيندڙ ن جي نفرت جو زهر هن صورت ۾ پڌرو ٿيو: ”بيٺلن مان هڪڙي ڄڻي چيو شڪر آهي ڪپڙو ملي ته ٿو، سهانگو يا مھانگو ، نه ته ڪنٽرول جي زماني ۾ ته ڪپڙو ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو. وري ٻئي ڦٽل ڦٽل اردوءَ ۾ چيو دو رپيا وٺينگا ! اهي اکر ٻڌندي دڪاندار جي چهري جو رنگ بدلجي ويو، ڳو ٺاڻن کي هيٺ مٿي نھاري ، چرئي وانگر رڙ ڪري چوڻ لڳو جائو جائو بڙي آئي ليني والي، دو رپئي مين تو ٽاٽ ڪي بوري ڀي نهين ملتي . جاجا تمھاري باپ دادا ني ڀي ڪپڙا پهنا ٿا. هن جو آواز هن جي چھري وانگر ڦري ذري گهٽ جانور جھڙو ٿي پيو.“(5) اڳتي لکي ٿو، ”ڪي لانگهائو وري پاڻ ۾ چوندا ويا وه ديکو ڪالي شلوار والي سندهي هين ٻي چيو سب سندهي ڪالي شلوار پهنتي هين. نه ڄاڻ ڇو منھنجو دماغ پينگهه وانگر لوڏا کائڻ لڳو، اکين اڳيان بنهه ڪاري اونداهه اچي وئي.“(6) ڪھاڻيڪار ڪھاڻيءَ ۾ هزارين سالن جي تھذيب ۽ ٻوليءَ تي ٿيندڙ چٿر ۽ مقامي ماڻهن لاءِ پناهگيرن جي اندر ۾ لڪل نفرت جي زهر ،هٺ ۽ وڏائيءَ کي ظاهر ڪيو آهي.ان سان گڏ مارڪيٽ مان ٻوليءَ جي خاتمي جي اثرن ۽ پنھنجي ئي ڌرتيءَ جي اصلوڪن رهواسين کي اوپرو، ويڳاڻو ، هيسيل ۽ هراسيل ڏيکاريو آهي.
ٻوليءَ بابت ڪھاڻين جو ٻيو دور ون يونٽ وارو آهي، هن دور ۾ سنڌي سڃاڻپ جي سمورن حوالن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ خاص طور سازشون ڪيون ويون. پروفيسر اعجاز قريشي پنھنجي ڪتاب ون يونٽ ۾ لکي ٿو: ”1966ع ۾ ون يونٽ سرڪار سنڌي زبان کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڳي کان به وڌيڪ هوشياري ۽ چالاڪيءَ سان قدم کنيا“(7) انهن حالتن جي تناظر ۾ تخليقڪارن ٻوليءَ جي ڪيس کي کنيو. حڪومت جي مخالفت سان گڏ سنڌي ٻولي ٻآهران لڏي آيل ماڻهن جي نفرت جو شڪار به ٿي . بدر ابڙو پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ جوڳي ٿي جياس ۾ لکي ٿو، ”سنڌ اسيمبليءَ ۾ 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌي ٻوليءَ جو بل ٽيبل ٿيو ته جنگ اخبار جي مير خليل الرحمان ۽ رئيس امروهيءَ شرارت ڪري جنگ اخبار جي شھه سرخيءَ ۾ اردوءَ جو جنازو ڪڍيو ۽ ڪراچيءَ ۾ لساني باهه ڀڙڪائي ڇڏي. لالو کيت تين هٽي ۽ ٻين علائقن ۾ کوڙ سنڌي قتل ٿيا.“(8) نفرت جي هن ڀڙڪايل باهه ۾ ڪيترن ئي معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي ساڙيو ويو، هن موضوع تي اياز قادري ”ڪلاچيءَ جي ڪن ۾“ نالي ڪھاڻي لکي جنھن ۾ هن ڪراچيءَ ۾ روزگار سانگي ترسيل نوجوان جي ڳوٺ لاءِ سڪ، پوئتي آس ۾ ويٺل خاندان .جڏهن هو اها سڪ سانڍي سھراب ڳوٺ بس جي اڏي تي گاڏيءَ جي انتظار ۾ اچي بيھي اخبار وٺي پڙهڻ شروع ڪري ٿو ته هي منظر ڏسڻ لاءِ مليو“ هن اخبار واري کان اخبار ورتي ۽ تڪڙو تڪڙو دهشتگرديءَ جي خبر پڙهڻ لڳو . هڪ ڪاري رنگ جي ڪار بس اسٽاپ کان ٿورو پري اچي بيٺي. ڪار ۾ ڪجهه نوجوان ويٺا هئا، هنن مورئي کي مٿي کان پيرن تائين ڏٺو، هن جي مٿي تي سنڌي ٽوپي ڏسي پاڻ ۾ ڪجهه ڀڻڪيا ۽ پوءِ مورئي جي هٿن ۾ اخبار ڏانهن اشارو ڪيائون، ڪار ۾ ويٺل نوجوانن مان هڪ ڪار جو در کوليو ۽ مورئي ڏانه ڪلاشنڪوف سڌي ڪئي. برسٽ جو آواز آيو هڪ گولي مورئي جي ڇاتيءَ ۾ اچي لڳي. مورئي رڙ ڪئي امان! ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي منھن ڀر وڃي ڪريو.“(9) 31 مئي 1972ع ۾ هلال پاڪستان اخبار جي هڪ ڪالم ۾ مڪالمن جي صورت ۾ امر جليل ٻوليءَ جي مسئلي تي هڪ سنجيده بحث ڪري حل ٻڌائيندي لکي ٿو: ”زبان جي مسئلي تي جيڪڏهن اسين ٻين صوبن جي حمايت ڪريون ته ان ۾ ڪھڙي خرابي آهي“، ”اسين پنھنجي سموري جدوجهدقوت ۽ طاقت سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بھتريءَ لاءِ لڳائڻ چاهيون ٿا“، ”ان لاءِ تو وٽ ڪو خاص سبب آهي؟“ ”ها 1947ع کان اڳ ٻولي ۽ ثقافت ادب ۽ تخليق جي لحاظ کان اسان جي ٻولي ترقي پسند ٻولين جي علمبردار هئي. اڄ اسين يڪجهتي مذهب ، تنھنجي هٿ ٺوڪئي سياسي شعور جي نالي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمش ۾ مبتلا ڪري چڪا آهيون.“(10) سنڌ جي نوجوان طبقي کي حالتن جو ادراڪ هو، جنھن ڪري انهن ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ هر محاذ تان آواز اٿاريو. اهڙين حالتن ۾ علي بابا جي ڪھاڻي ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ ۾ ڌرتيءَ تان زبردستي ڌڪاريل ڪردار وڏي مشڪل سان ڪجهه لمحن لاءِ جڏهن ايئرپورٽ اچي ٿو ته اتي هو سنڌ سنڌي ڪتابن جي تلاش ڪري ٿو پر کيس اهڙو ڪجهه به نظر نٿو اچي، جنھن مان خبر پوي ته هيءَ سنڌ آهي. ٻوليءَ لاءِ ڪرايل فسادن تي منير احمد ماڻڪ جي ڪھاڻي ”اتساهه جو موت“ به هڪ اهم ڪھاڻي آهي ون يونٽ ۽ ٻوليءَ تان ڪرايل فسادن ۾ بيگناهه نوجوانن جي موت جي منظر کي هن طرح پيش ڪري ٿو، ”او چتو سنڌي ڪا قوم ناهي، پاڪستان ۾ هڪ ئي قوم رهي ٿي پاڪستاني.. . اتساهه مروٽيل هٿ ۾ قلم هٿ هڪ هنڌ بيٺل ذهن خالي. رات جو هڪ. اڇو ڪاڳر، هٿ ۾ قلم، لکڻ لاءِ ڀرپور اتساهه . هيءُ ان ماءُ جي لال جو ذڪر آهي، جيڪو ٻوليءَ وارن ڪرايل فسادن ۾ گوليءَ جو شڪار ٿيو.ڳڀرو جوان، هاٺي ڀريل، منھن تي هلڪي مڇن جي ريھه .....“(11) اهڙي ان دور جي هن موضوع تي سنڌ جي ڪيترن ئي سينئر ڪھاڻيڪارن ڪھاڻيون لکيون انهن ۾ ڊاڪٽر نجم عباسي جي ڪھاڻي ”پڙاڏا“
رسول بخش پليجي جي ڪھاڻي ”نظريه اسلامستان“ نورالهديٰ شاهه جي ڪھاڻي ”منظر جنھن جو ڪو انت ڪونهي“، امر جليل جي ڪھاڻي، ”حمود الرحمان رپورٽ جو گم ٿيل باب،“ ۽ ٻيون ڪھاڻيون شامل آهن جن مان ڪي ڪھاڻيون مڪمل ٻوليءَ جي مسئلي تي ۽ ڪن ۾ جزوي طور ٻوليءَ بابت لکيو ويو آهي.
ٽيون يعني موجوده دور جنھن ۾ نئين نسل وٽ ٻوليءَ جي اهميت، بگاڙ، ادارن جو ٻوليءَ ڏانھن رويو موضوع شامل آهن. ان حوالي سان پير عبيد راشدي جي فليش ڪھاڻي
”مزار“ هڪ اهم ڪھاڻي آهي جنھن ۾ نئون نسل ڌاري ٻوليءَ جي اثر سبب پنھنجي ٻوليءَ جو ڪھڙو حشر ڪري رهيو آهي ان کي پيش ڪيو ويو آهي . لکي ٿو، ”پنھنجي ئي ڪڙم قبيلي جو جاني جگر ڪراچيءَ جي اجهاڳ شھري ماحول ۾ نپيل پليل اباڻي ٻولي ڳالهائي ته اندر لوڻ پروڻ ٿيو وڃي. مذڪر کي مونث، مونث کي مذڪر ڪري ڳالهائي. ڳوٺان ڪراچي اچان ته پڇي: ڀائي جان سنڌ جو موسم گرم هوندو !!، آئون سڙان کامان ۽ وراڻيان: سنڌ جي موسم ته ازل کان گرم آهي. پر مارو اڪيلڙا سنڌي زبان صدي اڌ کان چچريل، پر سندن زبان ڪنھن ورهاڱي ايتري نه چچري هوندي. جيتري پنھنجن جي پتنگ بازي جي شوق جي تيز مانجهي.“(12)( ص186) ٻوليءَ سان محبت، ان حقن، بچاءَ، بقا ۽ ٻين اهڙن لاڳاپيل موضوعن تي ڪيترن ٻين ڪھاڻيڪارن پڻ قلم کنيو آهي. انهن مان پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائيندڙ ن خلاف اجتماعي شعور کي بيدار ڪندڙ ڪھاڻي ”لازمي سنڌي هيئن پڙهائجي“ نالي سان محمد علي پٺاڻ لکي آهي.هن ڪھاڻيءَ ۾ پرائيويٽ اسڪول انتظاميه پاران سنڌي مضمون جي پڙهائڻ کان ڪن لاٽار جي صورت ۾ والدين طرفان جڏهن هن طرح جو چتاءُ ڏنو ويو تڏهن اسڪول انتظاميه جاڳي ۽ عمل شروع ٿيو لکي ٿو: ”اسان اسڪول مان پنھنجي ٻارن جا نالا ڪڍرائڻ، يعني ٽي سي وٺڻ آيا آهيون، ڇو ته اسان پاڻ ۾ طئي ڪيو آ، ته پنھنجا ٻار اتي پڙهائينداسون ، جتي سنڌي ٻولي پڙهائجي ٿي.“(13) حڪومتي ڌر جي وزير ۽ ڪاري انگريز کان قومي ٻوليءَ جو مطالبو
”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ ڪھاڻيءَ ۾ عباس سارنگ ڪيو آهي. ”پنھنجي ٻني“ نالي سان لکيل زيب سنڌيءَ جي فليش ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ کي پنھنجي ٻنيءَ کي پاڻي ڏئي آباد رکڻ وارو سگهارو تصور پيش ڪيو ويو آهي. ”مرحوم ڦ ڦيٿو“ ميان گل محمد ڪلهوڙي جي ڪھاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي درست آوازن ۽ تلفظ درست ادائگي لاءِ آواز اٿاريو ويو آهي. ٻوليءَ سان لاڳاپيل موضوغ تي سندس ٻي ڪھاڻي ”رڳن ۾ روڳ“ نالي سان آهي ، جنھن ۾ نئين نسل کي شاعرن ۽ اديبن کان پري رهڻ جي هدايت ڪندڙ ذهنيت کي ظاهر ڪيو ويو آهي اهڙي سوچ رکندڙن مطابق ليکڪن جي صحبت ۽ سوچ دڳ کان هٽائيندڙ مٿو روليندڙ آهي. نئين نسل پنھنجي ٻوليءَ جي ويجهو آڻڻ لاءِ ليکڪ پنھنجو ڀرپور موقف ڪھاڻيءَ ۾ هن طرح پيش ڪيو آهي: ”پٽ اصل ۾ قومن کي جيڪي شيون هڪ ٻئي کان منفرد ۽ خاص مقام بخشين ٿيون، ان ۾ ٻولي سڀن کان اهم آهي يعني ٻوليءَ کان سواءِ قوم جو تصور ئي ڪونهي ۽ اها ٻولي جيڪڏهن سنڌيءَ جھڙي هجي، جنھن جو مھندار ڀٽائي هجي،جنھن جي جواني اياز جي شاعري هجي، جنھن ۾ نسيم کرل ۽ جمال ابڙي جھڙا ڪھاڻيڪار هجن،اهو سڀ ڪجهه ان عظيم ٻوليءَ جي ڪري ئي ته آهي.“(14) سال 2023ع ۾ ٻارن لاءِ چونڊ سنڌي ڪھاڻين جو مجموعو ”مرحوم ڦ ڦيٿو“ جي نالي سان شايع ٿيو هو ، جنھن کي سانگي شبير ڪنڀار مرتب ڪيو آهي. ان ۾ ٻوليءَ بابت ڪھاڻيون ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. انهن ۾ ”مٺڙي ٻولي“ نالي سان عبدالسلام ٿهيم جي اهڙي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ فيشن طور انگريزي لفظن جي استعمال ۽ پنھنجي ٻوليءَ جي مٺڙن لفظن کان اڻ واقف نسل بابت لکيو ويو آهي. ممي ڊيڊي جھڙن لفظن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي . شھرن ۾ رهندڙ ٻار اتي تعليمي نظام جي اثر،ميڊيا ۽ والدين جي غفلت سبب بابا ۽ امان جھڙن ٻاجهارن لفظن کان اڻ واقف رهن ٿا. ساڳئي مجموعي ۾ ”قوم، ٻولي ۽ وطن“ يار محمد چانڊيي جي ڪھاڻي به شامل آهي. جنھن ۾ ٻولين جي اهميت، جوڙجڪ، قدامت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي اهميت جاگرافي ۽ ٻي معلومات ڏئي سماج ۾ ٻوليءَ بابت ٻارن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص طور ڪھاڻين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان اسان کي اڃا به ڪيتريون اهڙيون ڪھاڻيون ملي سگهن ٿيون جن ۾ ٻوليءَ جي مسئلي کي کنيو ويو آهي. ڌرتيءَ سان گڏ ٻوليءَ سان محبت هڪ فطري جذبو آهي. ڪھاڻين تجزيي مان ڄاڻ ملي ٿي هر دور ۾ ٻوليءَ کي مختلف نوعيت جا خطرا رهيا آهن. ٻوليءَ سان محبت ۽ فطري لڳاءَ سبب ليکڪن ٻوليءَ جي مسئلي کي ڪڏهن به نظر انداز ناهي ڪيو. ٻوليءَ جي واڌ،ويجهه ترقي سڌاري، امڪاني خطرن کي منھن ڏيڻ، قومن جي سڃاڻپ ۽ تاريخ ۾ زندهه رهڻ لاءِ ٻولين جي اهميت تي سنڌي ڪھاڻين ذريعي ڀرپور لکيو ويو آهي. هن اڀياس مان مجموعي طور هي نتيجا سامهون اچن ٿا:
قومن جي سڃاڻپ ، تھذيب ۽ ثقافت ٻولين جي ڪري زنده رهي ٿي.
ٻوليءَ بابت لکيل ڪھاڻيون هڪ تاريخي دستاويز آهن.
ٻوليءَ جي اهميت ۽ سماج تي ان جي اثرن کي هنن ڪھاڻين ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
انتھائي ڏکين حالتن سياسي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ به ڪھاڻيڪارن ٻوليءَ جو ڪيس وڙهيو .
خانگي تعليمي ادارن ۾ ٻوليءَ جي مالڪي ڪرڻ
ٻوليءَ جي نج ۽ اصلوڪن لفظن جو واهپو ڪرڻ گهرجي.
ڪھاڻيڪارن ڪھاڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪري ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ بقا لاءِ آواز اٿاريو ويو آهي.
هر دور ۾ ٻوليءَ جا مسئلا جدا رهيا آهن.
ٻوليءَ بابت لکيل سمورين ڪھاڻين کي گڏ ڪري شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي.
حوالا:
1 . شيخ اياز، 1978،چار مارچ ۽ سنڌي جوڌا،نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد،ص 11
2 . شيخ اياز،2010ع، جي تند برابر توريان،ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي ،ص 176
3 . شيخ ع.ق.2010ع،پاڪستاني ادب(1947ع کان 2008ع ) اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، ص31
4 . ساڳيو، ص31
5 . ساڳيو، ص 32
6 . ساڳيو، ص 32
7 . قريشي اعجاز احمد پروفيسر،2018ع، ون يونٽ ۽ سنڌ، پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز، ڪراچي سنڌ ص 237
8 . ابڙو بدر، 2024، جوڳي ٿي جياس، پيڪاڪ،پبلشرس،ڪراچي ص 76
9 . قادري اياز، 2007ع، ڪھاڻي هر دور جي، قادري قلم قبيلو لاڙڪاڻو،ص 55
10 . جليل امر،2010ع، ادب ۽ سياست، ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، ص 52
- ماڻڪ منير احمد ، 2007ع، ماڻڪ مٽ سندوم، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، ص 110
- راشدي پير عبيد، 2023ع، ستاويهه ڊسمبر،مرڪ پبليڪيشن ڪراچي ص186
- پٺاڻ محمد علي، 2020ع،طوفان ۾ ڪکائون گهر، پيڪاڪ پبلشرس،ڪراچي سنڌ، ص 89
- ڪلهوڙو ميان گل محمد، 2021ع ،پويان لڳل زندگي (ڪھاڻي رڳن ۾ روڳ) سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر ص 126