شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ’فني تجربن‘تي ٿيل ڪم جو تنقيدي اڀياس
(An analysis of work done on Shaikh Ayaz's "Shairi Tajurba", Poetic Experiments)
اصغر شر
Abstract
This article examines the work done on "Poetic Experiences" in the poetry of Sheikh Ayaz. Ayaz has followed the classical and senior poets in Sindhi poetry, but he has also created his own path and style, making his poetry distinct. Ayaz's poetry is not only experimental but also melodious, beautiful, and enjoyable, captivating the reader's senses. This article will explore the poetic experiences in Ayaz's poetry that researchers and critics have focused on, who has done this work, and in which books on Ayaz this work is included?
In simpler terms, the article will review existing research on Ayaz's poetic experiments, identifying key themes and notable contributions.
Key words: Shaikh ayaz, poetic experiences, analysis, Ameer Ali chandio, Dr ishaq Samejo, Saher imdad.
شيخ اياز سنڌي شاعريءَ ۾، اڳين ڪلاسيڪل ۽ همعصر شاعرن جي پيروي به ڪئي آهي ته ان سان گڏوگڏ هن پنھنجي شاعريءَ لاءِ نوان پيچرا ٺاهي، پنھنجي شعري اسلوب کي الڳ ۽ نروار ڪري بيھاريو آهي. اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ رڳو نوان تجربا ناهن ڪيا، پر اُهي ايترا ته مُترنم، سھڻا ۽ وڻندڙ آهن جو شعر پڙهڻ وقت شعر جو جمال حواسن تي حاوي ٿيو وڃي!. هن مقالي ۾ اسان اهو ڄاڻنداسين ته اياز جي شاعريءَ ۾ فني تجربا ته ڪيترائي ٿيل هوندا پر انھن ۾ محققن ۽ نقادن ڪھڙن فني تجربن تي لکيو آهي؟ ۽ ڪنھن ڪنھن اهو ڪم ڪيو آهي؟ اهو اياز تي ڇپيل ڪھڙن ڪتابن ۾ شامل آهي؟ ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته سڀ کان پھريان شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ فني تجربن تي امير علي چانڊيي لکيو آهي. امير علي چانڊيي، شيخ اياز جي شاعريءَ تي فني فڪري حوالي سان هڪ جاندار مضمون لکيو، جيڪو شيخ اياز تي جامي چانڊيي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ شامل آهي. ڏٺو وڃي ته امير علي چانڊيي جو هڪ ئي مضمون هڪ مڪمل ڪتاب کان وڌيڪ پاڻ ۾ مواد رکي ٿو. هن مضمون ۾ ٻي مواد سان گڏ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪيل فني تجربن تي به لکيو ويو آهي، جنھن ۾ نظم ۾ ڪيل ٻه شعري تجربا ڏنا ويا آهن. مثلث جي صورت ۾ لکيل اياز جو نظم، جنھن ۾ اياز وزن بحر جي تبديليءَ سان گڏ قافين جي ترتيب به مٽائي ڇڏي آهي، جھڙوڪ:
”ٿو وڃان خنجر بڪف،
چيري انھن جي صف بصف،
اي پرين تنھنجي طرف، تنھنجي طرف!
اي پرين تو لاءِ مان،
جيسين مران وڙهندو رهان،
ڪاش توکي موت کان اڳ ۾ ڏسان!
هيءَ مثلث جي هڪ شڪل آهي، جنھن ۾ اياز هي نظم رچيو آهي. روايتي مثلث جي شڪل تقريبن هيئن آهي: الف الف ج/ د ر ج/ ب ب ج ليڪن اياز ان کي هيئن ڪري ڇڏيو: الف الف الف / د د د/ ج ج ج وغيره. يعني هر بند بغير وراڻيءَ جي ۽ پاڻ ۾ هم قافيا، نه صرف ايترو پر مٿئين نظم ۾ وزن جي رڪنن جي به ڦير ڦار ڪئي وئي آهي، جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ واقعي به هڪ تجربو آهي. پھرين بند جو وزن هيءُ آهي:
فاعلاتن فاعلن
مستفعلن مستفعلن
فاعلاتن فاعلاتن فاعلن
ٻئي بند جو وزن به ساڳيو آهي، مزي جي ڳالھه اها آهي ته اياز بحر ۽ رڪنن جي ترڪيب اهڙي رکي آهي، جنھن کي علمِ عروض جا ماهر ڀلي قابلِ اعتراض سمجهن پر پوءِ به چئبو ته اياز جي تجربي جي پُھچ Approach عقلي ضرور آهي. هر بند جي پھرين ۽ ٽين مصرع بحر رمل ۾ آهي ۽ بند جي پھرين سٽ ۾ هڪ رڪن هڪ محذوف ۽ هر ٽين سٽ ۾ ٻه رڪن ۽ هڪ محذوف ڪتب آندل آهي ۽ ٻي مصرع وري بحر رجز ۾ آهي ۽ اهڙيءَ طرح ترتيب وار هر بند جي ٻي مصرع ساڳي بحر ۾ آهي ۽ ان ۾ به رڪن سالم ڪم اچن ٿا.“ (1)
ان کان سواءِ امير علي چانڊيو، نظم ۾ ڪيل اياز جي هڪ ٻئي تجربي جو به حوالو ڏئي ٿو، جنھن ۾ شيخ اياز مخمسي نظم ۾ مستزاد جو اضافو ڪيو آهي.
”سونھن تنھنجي جو هميشه گيت ڳاتو آھه يا نه؟
سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھه!
سمنڊ تي پاسا ورائي چاندني جيئن صبح جو،
۽ اُفق مان سج ڪڍي پھرين ڪني جيئن صبح جو،
واءُ ۾ خنڪي هجي ۽ ڌُنڌ ڪجھه ڇايو هجي،
دور شاعر جي نظر ۾ دور ڪجھه آيو هجي،
چئو برابر آھه يا نه؟
هاءِ! غم تنھنجو هيئين سان آنءُ لاتو آھه يا نه؟
سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھه!
لڙڪ تنھنجي تي سڄي دنيا وڃايو روپُ رنگ،
ٽھڪ تنھنجي تي سڄي عالم وڄايو جلترنگ،
تون خوشي تون آنھه غم ٻيو زندگيءَ ۾ آھه ڇا،
تنھنجي جهاتيءَ کان سوا دل جي دري ۾ آھه ڇا!
چئو برابر آھه يا نه؟
هيءُ نظم مسمطي هيئت واري نظمن جي لحاظ کان “مخمس” جو هڪ قسم آهي، پر اياز وري ان ۾ مستزاد جو اضافو ڪيو آهي. هڪ طرف اياز مخمس جي هيئت ۾ ردوبدل ڪيو آهي. اصل مخمس جي شڪل ذهن ۾ رکڻ کان پوءِ ئي اياز جي تجربي جو داد ڏئي سگهجي ٿو. اصل مخمس جي شڪل هن ريت آهي:
الف الف الف الف ج/ ب ب ب ب ج/ د د د د ج
يا الف الف الف الف ج/ ب ب ب ب ط/ د د د د ص
پر اياز وري هي طريقو اختيار ڪيو:
پھرين سٽ الف ۽ ان کان پوءِ مستزاد ۽ وري الف الف ۽ ب ب ۽ پوءِ هيءُ جملو ”سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھه“ ۽ پوري بند جي وڃي صورت هيئن بيھندي. الف +مستزاد/ الف ب ب +مستزاد/ الف + مستزاد/ ن ن ص ص+مستزاد“ (2)
ڏٺو وڃي ته اياز، شاعريءَ ۾ فني حوالي سان ڪيترائي اضافا ڪيا، نواڻ آندي. اياز گهڻي قدر شعري صنفن کي جيئن جو تيئن قبول ناهي ڪيو. هن انھن ۾ پنھنجي طرفان ڪي نه ڪي اضافا ضرور ڪيا آهن.
اياز جي نظم جو اهڙو ٻيو تجربو به ملي ٿو، جنھن تي به امير علي چانڊيي مثالن سان لکيو آهي. امير علي مطابق اياز پنھنجي ان مسدسي نظم ۾ ٿلھه جي اضافي سان گڏ قافيائي سٽن ۾ به تبديلي آندي آهي.
”ڌو ڌڙام
اف غلام
هِير تي غريب کي،
اک لڳي وئي هئي،
آھه بدنصيب کي ڪل نه پر پئي هئي،
بادشاھه جو پلنگ!
نرم نرم رنگ رنگ!
رڙ ڪئي پريان ڪنيز،
پاندان! پاندان،
ننڊ آ عجيب چيز _ هي سُتو رهيو جوان،
چوبدار ڪئي هڪل،
هُو اٿيو ڏئي هڪل.
هيءُ نظم بنيادي طور مسدس جي نئين شڪل آهي، جنھن ۾ اياز ٿلھه جو اضافو ڪيو آھي، يا کڻي ائين چئجي ته مستزاد معڪوس آندي اٿس. وزن جي لحاظ کان به هڪ نئون تجربو سامھون اچي ٿو. نظم ۾ مسدس جي ڀيٽ ۾ هيٺيون تجربو ڪيو ويو آهي.
مسدس جي هيئت:
الف الف الف الف ب ب/ ج ج ج ج د د/ ض ض ض ض ڪ ڪ/ ليڪن اياز ان ۾ هيءَ تبديلي آندي آهي:
ٿلھه الف الف/ ج ب ج ب ط ط/ ص و ص و ح ح/ وغيره.“ (3)
شيخ اياز تي جيڪو تنقيدي ڪم ٿيو آهي ان ۾ امير علي چانڊيي جي اياز جي شاعريءَ تي لکيل تحقيقي مقالي کي وڏي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اياز جي شاعريءَ تي ٻين پاسن سان گڏ شعري تجربن تي جيڪو امير علي چانديي لکيو آهي ان کي اياز جا ٻيا نقاد ۽ محقق ڪيئن ٿا ڏسن؟ ان کي قبول ڪري سگهجي ٿو يا نه؟ ان تي وڌيڪ ڪم ٿيڻ جي ضرورت آهي يا نه!؟ اهو اياز جي پارکن لاءِ آهي ته اهي ان ڏس ۾ وڌيڪ ڇا ٿا ڪن. اياز جي شاعري بحر آهي، ان جي گهرائيءَ ۾ جيترو وڃجي ٿو، ايترا ئي ماڻڪ موتي هٿ لڳن ٿا.
قاسم ملڪ جو مضمون ”شيخ اياز جا ترائيل“ جي عنوان سان، ڪتاب ”شاعر جي خوابن جي خوشبو“ ۾ ڇپيل آهي، جنھن ۾ هن ص113 تي اياز جي ڪيل ترائيل ۾ فني ۽ فڪري تجربن تي به لکيو آهي. قاسم ملڪ، اياز جي ترائيل ۾ ڪيل فني تجربن ۾، ڇھن سٽن ۽ ستن سٽن واري ترائيل سان گڏ اٺن سٽن جي ترائيل جو بنا مثالن جي صرف ذڪر ڪيو آهي. قاسم ملڪ شيخ اياز جي ترائيلن جي سٽن ۾ ڪيل “قافين” جي مٽا سٽا
تي به لکيو آهي پر ترائيلن جا مثال نه ڏنا اٿائين، فقط اَٺن سٽن واري ترائيل جي هيئت جيڪا اياز نئين رکي تجربو ڪيو آهي، ان جو مثال A.B.A.A.B.A.A ڄاڻايو آهي.
ڇھن سٽن واري ڪيل تجربي جوA.B.B.B.A.A ۽ ستن سٽن واري ڪيل تجربي جو A.B.B.B.A.B.A ڄاڻايو آهي.ان کان پوءِ ترائيل ۾ ڪيل اياز جي فڪري تجربن جو ذڪر ڪندي ٻه ترائيل ڏنا اٿس، پر اهي فڪري حوالي سان خاص نواڻ يا نرالپ نٿا رکن جو ان کي فڪري تجربو چئجي. مضمون جي آخر ۾ اياز جي ترائيل جي اهم خصوصيتن ۾ ردم، موسيقيت، رواني، ٻوليءَ جي سلاست، فطرت جو اڀياس، طبيعت جون داخلي ڪيفيتون ڄاڻايون ويون آهن. اياز جي ترائيل ۾ ٿيل تجربن بابت هيءُ مضمون به اڻپورو آهي، ڇو جو مضمون اندر مثالن ۽ شعرن جا نمونا يا ڪو حوالو ناهي ڏنل ته ان بابت ڪا به راءِ جوڙي نٿي سگهجي.
پروفيسر سحر امداد، اياز تي لکيل پنھنجي مضمون ”تو جا سمجهي سِٽ“ ۾ اياز جي وائيءَ ۾ ڪيل تجربن تي لکيو آهي. پاڻ صرف اياز جي پھرين شعري مجموعي ”ڀونر ڀري آڪاش“ ۾ شامل واين تي لکيو اٿس. ان ڪتاب ۾ شامل اياز جي واين جو تعداد چوڏهن ڄاڻائي انھن کي فني حوالي سان الڳ ڪري ”عروضي وائي“ ۽ ”ڇند تي آڌارڪ وائي“
جي عنوانن ۾ ورهايو آهي.
”ڀونر ڀري آڪاس ۾ اهڙيون چوڏهن ڪوتائون آهن، جن کي اياز وائي ٿو سڏي ۽ جيڪي عروض تي آڌارڪ آهن.“ (4)
مطلب ته اياز جي پھرين ڪتاب ۾ شامل چوڏهن وايون آهن ۽ اهي چوڏهن ئي عروض تي سرجيل آهن ته پوءِ ڇند تي ڪھڙيون ٿيون؟ ص201 تي وڌيڪ وضاحت ۾ ”آءُ زندان جي جھروڪي مان نھار، ترس اي حسن ازل، هر محبت جي ماجرا، تنھنجي ڳولا تنھنجون ڳالهيون صبح شام، رات ڪائي تانگهه تات، اي زمانن جا ضمير، ڪيئن ڪريان مان ڪنھن به ريت، روح منھنجي جي نجات“ کي هڪ بحر ۽ ”وري اها ئي تان اچي ٿي، مان ڪويل تون ڪاري رات، گھرا گھرا نيڻ پرينءَ جا، ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪن ڀڙڪن، ڳل تي ڳوڙها گل تي شبنم“ کي ٻئي بحر ۾ ڄاڻائي، اياز جي مڪمل چوڏهن واين کي ٻن بحرن ۾ ئي لکيل ڄاڻايو آهي. اهي ٻه ڪھڙا بحر آهن؟ اهو به نٿس ڄاڻايو. اگر اهي وايون عروض تي آهن ته انھن جا وزن ڪھڙا آهن اهو به ڄاڻايل ناهي. جيڪي عنوانن سان وايون سحر امداد ڄاڻايون آهن انھن جو انگ چوڏهن نه پر تيرنھن ٿو بيھي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل واين جو انگ چوڏهن آهي. ليکڪا پاڻ تضاد جو شڪار آهي، جو هوءَ هڪ جاءِ تي اياز جي ڪجهه واين کي عروض تي ته وري ڪجهه واين کي ڇند تي لکيل ڄاڻائي وري ٻئي هنڌ سڀني واين کي عروض تي لکيل ڄاڻائي انھن کي ٻن بحرن ۾ به ڄاڻائي ٿي، پر وري اهي ٻه بحر ڪهڙا آهن؟ انھن جا نالا به ناهن ڄاڻايل.
شيخ اياز نظم ۾ کوڙ تجربا ڪيا آهن، جيڪي اڪثر گيت وارو رَسُ چَسُ رکن ٿا، پر اياز انھن کي نظم سڏيو ۽ لکيو آهي. اهڙن اياز جي ڪيل تجربن جو حوالو به ڊاڪٽر اسحاق سميجي ڏنو آهي، جن ۾ ”پريت پرينءَ جي پايل پايل، آيل آيل گهايل گهايل منھنجا پيرَ، اياز هن کي ”ناچ ڌن“ جو عنوان ڏنو آهي ۽ ان کي نظم ئي سڏيو اٿس، پر پنھنجي ٻولي، موضوع، پيشڪش ۽ تاثر ۾ هيءُ هڪ مڪمل ۽ ڀرپور گيت آهي. اياز ممڪن آهي هن کي نظم ۾ تجربو تصور ڪيو هجي، پر منھنجي خيال ۾ هيءُ گيت ۾ تجربو آهي.“ (5)
مٿي ڄاڻايل نظم جو مثال جيڪو پاڻ ۾ گيت واري دنيا پيو رکي. پر وري ان سان گڏ ڊاڪٽر اسحاق سميجي ڪجهه اهڙا گيت به ڄاڻايا آهن، جيڪي آهن گيت، پر رَسُ ۽ چَسُ نظم واري رکن ٿا: “اهڙن گيتن مان 1946ع جي مھراڻ 8_9 ۾ ڇپيل گيت “ڏس ته ڪنول ٽڙي پيو” پنھنجي موضوع جي نزاڪت ۽ بندن وچ ۾ خيال جي تسلسل سبب گيت کان وڌيڪ نظم محسوس ٿئي ٿو، پر ان ۾ نفاست گيت واري آهي.“ (6) محققن ۽ نقادن جو اياز جي اهڙن ”گيت جو رسُ رکندڙ نظمن ۽ نظم جو تاثر ڏيندڙ گيتن“ بابت ڪھڙو رايو آهي؟ ان کان سواءِ اياز، گيت ۾ ڪيترائي نوان، نرالا، انوکا ۽ دل لڀائيندڙ تجربا ڪيا. انھن گيتن جي ڪن گهاڙيٽن کي پذيرائي ملي، ڪن نوجوانن يا ٻين شاعرن به انھن گهاڙيٽن ۾ گيت لکيا ته ڪي تجربا اياز کان اڳتي پنھنجو قدم وڌائي نه سگهيا.
”هن (شيخ اياز) هڪ کان وڌيڪ گهاڙيٽن جي امتزاج جا تجربا به ڪيا آهن، جيتوڻيڪ اهي گيت فقط تجرباتي گيت ئي رهجي ويا.“ (7)
شيخ اياز گيت ۾ بيت جو تجربو به ڪيو آهي، يعني گيت جي اندر بندن جي جاءِ تي بيت رکيا آهن. اهڙي ڳالهه ڊاڪٽر اسحاق سميجي پنھنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ناوَ هلي آ گيت کڻي“ ۾ ص28 تي ڪئي آهي. پاڻ اياز جي ڪتاب جو نالو “ڪپر ٿو ڪن ڪري” ته ڄاڻايو آهي، پر اهڙي ڪنھن گيت جو مثال ناهي ڏنو، جنھن کي حوالي طور هتي پيش ڪري سگهجي. فقط ايترو لکيل آهي ته: ”هڪ گيت ”ڪپر ٿو ڪن ڪري1975ع“ ۾ به شامل آهي، جنھن ۾ اياز بندن جي جاءِ تي به بيت ڪم آندا آهن.“(8)
شيخ اياز جي گيت تي تاج جويي به لکيو آهي، جنھن ۾ هن اياز جي انھن گيتن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي شيخ اياز هندي ماترڪ ڇند سان گڏ ترنمي ۽ فارسي وزن تي لکيا آهن. اهو شيخ اياز جو فن آهي جو هن هندي ڇند تي گيت لکيا هجن، ترنم تي لکيا هجن يا فارسي وزن بحر تي لکيا هجن، پر انھن ۾ نمايان خوبي آهي ”ردم، موسيقي“
جيڪا برقرار آهي. پاڻ لکي ٿو: ”اياز گهڻا تڻا گيت هندي ماترڪ ڇند تي لکيا آهن، ۽ ڪيترائي هندي ڇند ۽ فارسي وزن جي ميلاپ مان جوڙيل نون ترنمي سانچن تي جوڙيل آهن. ڪجهه فارسي وزنن تي به ڪامياب گيت لکيا اٿس، پر هن فارسي وزن اهي اختيار ڪيا آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي مزاج سان ٺھڪندڙ آهن.“ (9)
اياز پنھنجي سنگيت ناٽڪ دودو چنيسر ۾ به فني تجربا ڪيا آهن. ان ۾ ڊراميٽيڪل گهُرجن ۽ ان انداز سان گڏ ان ۾ پنھنجي فني اورچائيءَ ذريعي وائي، غزل، گيت ۽ نظم جي جيڪا رس چسُ، رنگ ڍنگ، سُونھن ۽ نرملتا جو رنگ ڀريو آهي، ان تي ڊاڪٽر فياض لطيف هن طرح ويچار ونڊيا آهن: ”هُن (شيخ اياز) هِن سنگيت ناٽڪ (دودو چنيسر) ۾، پنھنجي ڪمال ڏات ۽ ڏانءَ سان نه فقط احساس ۽ تاثر جي تازگي پيدا ڪئي آهي، پر ان ۾ هيئت جي تخليقي تجربن سان ڪٿي وائيءَ جو سوز ۽ گداز ڀريو آهي، ته ڪٿي غزل جي رنگ ۽ سنگ جون سُڳنڌون اوتيون آهن. ڪٿي ان ۾ گيت جو رچاءُ آهي، ته ڪٿي نظم جي رنگيني ۽ رعنائي ملي ٿي.“ (10)
دوهي ۾ ڪيل شيخ اياز جي فني تجربن تي ڊاڪٽر فياض لطيف، شيخ اياز تي لکيل پنھنجي ڪتاب ”شيخ اياز جا دوها“ ۾ سٺي روشني وڌي آهي، جنھن ۾ هن اياز جي ڪيل دوهن ۾ فني تجربن کي مثالن سان پيش ڪيو آهي. شيخ اياز ڪجهه اهڙا دوها به لکيا آهن، جن ۾ هن 16-10 ماترائون، ڪجهه ۾ 16 -11 ماترائون ۽ وري ڪجهه اهڙا دوها جيڪي 11-16 ماترائن تي سرجيل آهن. 16-10 ماترائن واري دوهي بابت فياض لطيف لکي ٿو:
”.... پھرين مصرع جي پھرين پد ۾ ٽن ماترائن جو اضافو ڪري، ان جي ٻي پد مان هڪ ماترا گهٽائي ان جي ترتيب (16+ 10=26) بيھاري آهي، جنھن جي ٻنھي مصراعن جو ماترڪ انگ 52 جُڙي ٿو.
تو وٽ دک جي دينَ نه ڪائي، سُک جا سانگ سوين،
چَو چَو ڇاکي ٿو تون پنھنجي تن جي تانگهه چَوين؟“ (11)
ٻئي 16 -11 ماترائن تي لکيل دوهي بابت ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو:
”شيخ اياز جي دوهي ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند جو وزن جنھن تي هن لڳ ڀڳ 265 دوها لکيا آهن، اهو هري پد دوهو (16+11=27) آهي. (12)
هن ۾ فياض لطيف، شيخ اياز جي هري پد دوهن جا 16 مثال ڄاڻايا آهن ۽ انھن جون خوبيون بيان ڪيون آهن، جھڙوڪ: ٽين ۽ چوٿين پد جو ورجاءُ، ٻي ۽ چوٿين پد جو ورجاءُ ۽ ان سان گڏ ڊائلاگ فارم دوهن جا مثال ڏنا آهن.
اڳتي 11_16 ماترائن واري دوهي بابت ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو:
”.... ان ۾ ماترائن جو سٽاءُ (11+16 =27) مقرر ڪيو آهي، جيڪو دوهي ۾ فني حوالي سان هڪ نئين تجربي جو ڏس ڏئي ٿو:
مان سنڌوءَ جي ڌار ، نه روڪيو آ جنھن کي ڪنھن گهاٽ،
لَھرَ لَھرَ تلوار، ڪندي وئي ڪُنَ ڪُنَ ۾ ڪڙڪاٽ.“ (13)
ڊاڪٽر فياض لطيف طرفان مٿي ڄاڻايل اياز جي دوهي جي ٻِي اها به خوبي آهي جو هيءُ دوهو، سورٺو به آهي. دوهي جو پھريون ۽ ٽيون پد پڻ پاڻ ۾ هڪ ئي (ڌارَ _ تلوارَ) قافيو رکن ٿا. ان کان سواءِ شيخ اياز نظم رنگ ۾ به دوها لکيا آهن، جيڪو پڻ هڪ انوکو تجربو آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف، شيخ اياز جي دوهن ۾ مسلسل نظم رنگ دوهن جو ذڪر به ڪيو آهي ته مثال به ڏنا آهن:
”اياز پنھنجي هري پد دوهي ۾ مسلسل نظم جو تاثير ۽ تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي.
مُکڙيءَ مُکڙي جي مُک تان بس چُميون وتيون سي چار،
پرين، اسان جو آهي سڀ سان، پوپٽ وارو پيار.“ (14)
شيخ اياز، دوهي ۾ ٻه تجربا اهي به ڪيا آهن. جو هن هڪ دوهو جنھن جي پھرين ۽ ٽين پد ۾ 16 ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ 14 ماترائون رکيون آهن. ٻيو دوهو جنھن جي چئن ئي پدن ۾ 16_16 ماترائون رکيون آهن. “دوهن مان هڪ جي ٻئي پد ۾ ٻن ماترائن (16+14=30) ۽ ٻئي ۾ چئن ماترائن يعني (16+16=32) جو واڌارو ڪري هن نئين انداز ۽ سٽاءَ تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
ڪير پئي ٿي جهانجهر لاهي، چانديءَ جھڙا پير ڏِسي،
هِن چانديءَ ۾ هُن چانديءَ ۾، فرق پئي ٿي ڪير ڏسي.
***
هرڻي! تنھنجي هوڏ اجائي، رڻ ۾ رُڃ سوا ٻيو ڇاهي؟
آءُ ته ڪا واٽھڙي ڳوليون، جيڪا اُڃَ اسان جي لاهي. (15)
اهڙي ئي تجربي جو هڪ ٻيو مثال به ڊاڪٽر فياض ڏنو آهي، جنھن ۾ هڪ دوهي جي پھرين سٽ 16-14 ماترائن ۽ ٻي سٽ 16-11 ماترائن تي آهي.
”پھرين دوهي جي پھرين سٽ جو وزن (16+14=30) ۽ ٻي مصرع جو وزن (16+11=27) آهي ۽ ان جون ڪل ماترائون 57 بيھن ٿيون.
هرڪو ابدي خاموشيءَ ۾، ڪوئي اڳي ڪوئي پوءِ،
سوچي پيئي ماڻهوءَ هيٺان، ڄڻ پيرن جي لوءِ!“ (16)
اياز، پنھنجي ڪتاب ”رڻ تي رم جهم“ ۾ ڇھه سِٽي سٽاءَ ۾ ڪجهه شعر لکي شعري صنف نظم ۾ تجربو ڪيو آهي. ”رڻ تي رم جهم ۾ او سپنا سپني جا سپنا جي سِري سان ڇھه سِٽي سٽاءَ ۾ لکيل مختصر نظمن جو هڪ جُهڳٽو ملي ٿو، جيڪو نه فقط اياز جي اڳئين نظمن جي هيئت ۽ گهاڙيٽي کان مختلف ۽ الڳ آهي پر وزن، ترنم ۽ اظھار جي لھجي ۽ لطافت جي لحاظ کان پڻ نئون ۽ نرالو آهي.“ (17)
ڊاڪٽر فياض لطيف پنھنجي ڪتاب ”شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات“ ۾ اياز جي ڪيل شعري تجربن ”گيت نما وائي“، ”سھري رنگ وائي“، ”نظم رنگ وائيون“،
”هڪ لفظي ۽ ٻه لفظي وراڻ واريون وايون“، ”نظم رنگ غزل“، ”ڪافي رنگ غزل“، ”گيت رنگ غزل“ ۽ ”هائيڪو نظم“ جو مثالن سان ذڪر ڪيو آهي. گيت نما وائيءَ ۾ ”منھنجي من کي چينُ ناهي“، ”تنھنجي اکڙين ۾ هئي“، سِھري رنگ وائي ۾ ”دودل گهر آيو“، نظم رنگ وائين ۾ ”اڄ ته منھنجو روح رڄجي ئي نٿو“، ”تنھنجي ڪھڙي منزلِ مقصود آ؟“،
”راڳ اسان جا راڳ اسان جا“ جا مثال ڏنا آهن. نظم رنگ غزل ۾ ”قدم قدم تي هجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا“، ”ڪنھن ڪيئن چيو ڪنھن ڪيئن چيو پر وائي سڀ کي وات هئي“، ”جيجل! ڪھڙي ٻيجل آندي هيءَ تنبي جي تانَ؟“ ۽ ڪافي رنگ غزل جي مثالن ۾ ”ڇا چوان آ ڪير مھمان اي اديون!“، ”ٿئي شال ڪوئي ڀليءَ جو ڀلو ڙي“ مثالن سان لکيو آهي.
”شيخ اياز جي ڪتابن، ”واٽون ڦلن ڇانئيون“، (ص199،207،211،215)، پن ڇڻ پڄاڻان، (ص56، 203، 232) ۽ بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي، (ص141، 142) ۾ ڪيترائي هائيڪو نما نظم نظر اچن ٿا، جيڪي اصل ۾ هائيڪو ۽ ٽه - سٽا آهن پر اياز پنھنجي فني ڏات ۽ تخليقي ڏانءَ سان انھن ۾ ڪٿي پھرين سٽ جي وراڻي سان خيال جي وحدت ۽ تسلسل جو تاثر برقرار رکيو آهي ته ڪٿي سٽاءُ ۽ گهاڙيٽي ۾ فني ۽ تخليقي تجربا ڪري ان ۾ نظم جي ڪيفيت، رواني ۽ رنگيني پيدا
ڪئي آهي.
مان ۽ تنھنجي سار،
رتل ڏانھن رُسي وئين
ڇا لئه منھنجا يار؟
مان ۽ تنھنجي سار،
سڳو وچ سُرندڙي
وَڄي ويرو تار!
مان ۽ تنھنجي سار،
رڻ تي راتاها، مٿان
واريءَ جا وسڪار!
مان ۽ تنھنجي سار،
ايندي ڇاآڪاس مان
هماليه هونگار.
مان ۽ تنھنجي سار،
ٻُرندي ڪڏهن اوچتو
جبل جي جهونگار...؟” (18)
ان کان سواءِ شيخ اياز ڪجهه اهڙا هائيڪو نظم به لکيا آهن جن ۾ هن وچين سِٽ ورجائي آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف اهڙن هائيڪو نظمن جا مثال به ڏنا آهن. اهڙن هائيڪن کي مسلسل هائيڪا يا هائيڪو مالھا سڏجي ته غلط نه ٿيندو.
”بيت ۾ ٻٽي رديف ۽ ساڳيي لفظ کي قافيي طور استعمال ڪرڻ جي تخليقي تجربي کان ويندي بيت جي پھرين ۽ ٻي پد ۾ قافيي ۽ رديف رنگ جو تجربو به اياز جي دَينِ آهي، جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ هن کان اڳ ۾ ورلي ڪنھن شاعر وٽ ملندو.“ (19)
ڊاڪٽر فياض لطيف ان جي مثال ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ مان ٻه بيت ڏنا آهن جن ۾ اياز جو اهڙو تجربو واضح آهي، اُهي بيت هي آهن:
تيسين تائين ڀون، رهندي تنھنجي تاڪ ۾،
جيسين تائين تون، ورندين وطن ياتري.
***
چئي سگهندين چنڊ، توڏي مان ڇو ٿو تڪيان،
ڏئي سگهندين چنڊ، مون کي پار پرينءَ جا.
ڊاڪٽر اسحاق سميجي، شيخ اياز جي غير مطلع غزل ۽ طويل غزل جي تجربي کي بحث هيٺ آندو آهي. غزل کي مطلع کان سواءِ پيش ڪرڻ، ان جي شعرن کي وڌائي هر شعر ۾ مختلف خيال، موضوع پيش ڪرڻ جو حوالو ڏنو آهي. اياز ڪيترائي اهڙا غير مطلع غزل لکيا آهن. ڪيترائي طويل غزل لکيا آهن.
“هن (شيخ اياز) نه فقط مطلع کان سواءِ غزل لکيا پر مسلسل غزل ۽ گهڻ موضوعاتي غزلن جي سيريز کي ملائي، طويل غزلن لکڻ جا تجربا پڻ ڪيا، جن ۾ هڪ ئي وقت رومانوي، سماجي، سياسي، ادبي ۽ ثقافتي موضوعن جي مختلف پھلوئن کي چِٽيو ويو آهي. اهڙا اڪثر غزل هن جي ڪتاب ”ڪلھي پاتم ڪينرو“ ۾ شامل آهن.“ (20)
ان کان سواءِ غير مطلع (مطلع کان سواءِ) غزل تي عزيز قاسماڻيءَ به پنھنجي ڪتاب “شيخ اياز جي غزل جو فن” ۾ بحث ڪيو آهي. ان سان گڏ غير مقطع غزل جو به حوالو ڏنو آهي، پر عزيز قاسماڻي، شيخ اياز جي غير مطلع ۽ غير مقطع غزل کي غزل ۾ شعوري عمل دخل نٿو ڄاڻائي پر هن اياز جي غير مطلع ۽ غير مقطع غزلن جو جواز اهو ڄاڻايو آهي ته ٿي سگهي ٿو اياز جي غزلن جا مطلع ۽ مقطع وقت ۽ حالتن جي ور چڙهي گُم ٿي ويا هجن. عزيز قاسماڻيءَ جي اها راءِ قبول ڪرڻ جي حق ۾ آهي يا نه، حقيقت ڄاڻڻ لاءِ ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهرجي ته اياز جي غير مطلع ۽ غير مقطع غزلن جا “مطلع” ۽ “مقطع” آهن ئي نه يا وقت ۽ حالتن جي ور چڙهي ويا!؟.
نتيجو:
جديد شاعريءَ ۾ شيخ اياز جو نالو سڀ کان اهم آهي، جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪنھن شاعر فني تجربا ڪيا آهن ته اهو شيخ اياز ئي آهي.
اياز، شاعريءَ کي روايتي انداز ۾ ناهي اپنايو پر ان ۾ پنھنجي طرفان ڪي نه ڪي تبديليون/ اضافا ضرور ڪيا آهن.
اياز جي شعري تجربن تي امير علي چانڊيي، قاسم ملڪ، پروفيسر سحر امداد،
ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر اسحاق سميجي، عزيز قاسماڻي وغيره جو ڪم ٿيل آهي، جنھن ۾ قاسم ملڪ جو اياز جي ترائيل تي ۽ پروفيسر سحر امداد جو اياز جي ڪتاب
”ڀونر ڀري آڪاس“ ۾ شامل واين تي ٿيل تحقيقي ڪم مستند نوعيت جو ناهي، ڇو جو انھن مقالن ۾ ڪيترائي تضاد آهن (تفصيلي ذڪر مقالي اندر ڏنل آهي) ۽ ڪيترن ئي پاسن کان اڻپورو پڻ.
حوالا:
- چانڊيو، جامي (مرتب) “شيخ اياز - اينٿالاجي”، مضمون: امير علي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، فيبروري 1998ع، ص332
- ساڳيو، ص333
- ساڳيو، ص334
- ملڪ، نديم، ڊاڪٽر،۽ سومرو، ادل، ڊاڪٽر، ”سو ديس مسافر منھنجو ڙي“، مضمون: سحر امداد، شيخ اياز چيئر شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس، ڊسمبر 2001ع، ص199
- شيخ اياز، ”ناوَ هلي آ گيت کڻي“، (مرتب) سميجو ، اسحاق، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2009ع، ص23
- ساڳيو، ص17
- ساڳيو، ص22،23
- ساڳيو، ص28
- ساڳيو، رايو: تاج جويو، ص359
- شيخ اياز، ”اياز جا سنگيت ناٽڪ“، (مرتب) سميجو ، اسحاق، رايو: ڊاڪٽر فياض لطيف، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2017ع، ص189
- لطيف، فياض، ڊاڪٽر، “شيخ اياز جا دوها”، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، مارچ 2018ع، ص50،51
- ساڳيو، ص51
- ساڳيو، ص55
- ساڳيو، ص55
- ساڳيو، ص56
- ساڳيو، ص57
- لطيف، فياض، ڊاڪٽر، ”شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 2018ع، ص302
- ساڳيو، ص258
- ساڳيو، ص215
شيخ اياز، ”گيڙو ويس غزل“، (مرتب) سميجو، اسحاق، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو ٽيون 2015ع، ص38