سراج ميمڻ جي ڪهاڻين جو تنقيدي اڀياس
(A Critical Study of Siraj Memon's Short Stories)

ڊاڪٽر احسان دانش

Abstract

The Sindhi short story, now over a century old, has absorbed various local and global literary trends and influences over time. The pioneers of the modern Sindhi short story have enriched its beauty through innovative experimentation. Among the prominent and trendsetting writers of the 1960s, Siraj Memon holds a highly respected position. Although he began writing in the 1950s and initially experimented with poetry under the pen name "Bismil," he first gained recognition as a translator and short story writer. Siraj was a passionate lover of Sindh, and it would not be an exaggeration to say he was among its true admirers. The sweetness of this love is evident in his writings. This research paper discusses how Siraj Memon is considered one of the most significant short story writers of his time. His stories feature vivid and relatable characters, including both ordinary individuals and mythical figures. Additionally, this paper highlights trends in his work such as romanticism, realism, imagination, and fantasy. Many of Siraj’s stories portray a cosmopolitan culture and urban life, particularly emphasizing the social and psychological issues faced by youth. He became a voice for the oppressed classes, presenting their struggles through a realistic lens. Stories like “Hik Murd Tre Lasha” (One Man, Three Corpses), “Undeh Jo Vanh” (The Tree of Darkness), and “Bhuhni” (First Success) serve as excellent examples of his literary craft. A study of his short stories reveals that some of his works transcend time and space, becoming timeless creations that have left a lasting mark on Sindhi literature.

Keywords: Sindhi short story, experimentation, romanticism, realism, cosmopolitan

 

ڪھاڻيءَ مان ”ڪَھڻ“ جو مطلب وٺي، مطمئن ٿيڻ ايڏو سولو ناهي. ادب جا نقاد ان اشتقاقي وصف مان هر گز مطمئن نه ٿيندا، ڇوته ڪھاڻي مختصر هوندي به پنھنجي اندر هڪ جھان رکي ٿي، جنھن کي رڳو ”ڪھڻ“ ۽ ”چوڻ“ چئي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. ڪھاڻيءَ جا ورَ ۽ وڪڙَ، ان جون هيٺاهيون ۽ مٿاهيون ٻين لفظن ۾ ان جو فن ۽ آرٽ، ان جون وسعتون ۽ گھرايون، ان جون باريڪيون ۽ حسناڪيون رڳو چوڻ جون چيزون ناهن، ان حقيقت کي سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ لاءِ هڪ خاص بصيرت ۽ بصارت جي گهرج آهي، ڇوته اهي سڀ شيون هڪ طرف احساس جي نازڪ ڏورين سان ٻڌل آهن ته ٻئي پاسي هنر ۽ ڪاريگريءَ جون گهرجائو آهن. ڪھاڻي ڪا خالي بينچ به ٿي سگهي ٿي، ته ڪنھن رشتي جو حسن به. ڪھاڻي ڪنھن حادثي مان جنم وٺي پولارن ۾ الوپ به ٿي سگهي ٿي ته پٿر تي لڪير وانگر دائميت به ماڻي سگهي ٿي. ڪھاڻي هڪ لمحي جو درد به آهي ته زندگيءَ جي گونج به. ”ڪھاڻي نه رڳو مختصر لفظن ۾ زندگي جي عڪاسي آهي. پر ليکڪ جي زندگيءَ متعلق نظرين جو مثبت اظھار پڻ آهي. حقيقت ۾ ڪھاڻي جو ڪارج پڙهندڙ جي احساساتي حس کي تيز ڪرڻ آهي، ان جو بنيادي واسطو پڙهندڙن جي جذبن سان آهي ۽ ڪھاڻي تجربن ۽ واقعن کي محسوس ڪرائڻ جو نالو آهي.“ (1) ”ڪنھن ڪامياب ڪھاڻيءَ کي مائڪرو اسڪوپ هيٺان رکي مستقل نوعيت جا ترڪيبي جزا پيدا نه ٿا ڪري سگهجن. . . . ڪھاڻي جذبن کان وڌيڪ احساس جي سطح کي ڇهندي آهي ۽ ائين به آهي ته ڪھاڻي وقت جي ڪنھن خاص مقام تي هيسجي رڪجي نه ويندي آهي، ايندڙ دور ۾ ٻرانگهه لڳائڻ جي صلاحيت رکندي آهي. “ (2)

هتي ڪھاڻي جي تاريخ ورجائڻ ضروري نه آهي، تنھن هوندي به ايتري ته سڀني کي خبر آهي ته ”اڻويھين صديءَ جي صنعتي دور جي مصروفيتن جي ٽوڙ لاءِ شارٽ اسٽوري لکڻ جي شروعات ٿي. مختصر ڪھاڻي جي مقبوليت جو هڪ سبب اهو به هو ته اها اڌ ڪلاڪ ۾ آساني سان پڙهي سگهجي پئي. ايڊگر ايلن پو ۽ ايڇ جي ويلز ٻنهي جي مختصر ڪھاڻي بابت تقريباً اها ئي راءِ آهي. تنھن ڪري مختصر ڪھاڻيءَ جو ڪينواس تمام محدود آهي. ان ۾ زندگيءَ جي ڪنھن خاص پھلوءَ، واقعي يا واقعي ۾ موجود ڪردار کي مرڪز بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي. جيڪو ڊرامائي طور تي ظاهر ٿيندو آهي ۽ هڪ گھرو تاثر ڇڏي ويندو آهي. . . . جيڪڏهن ڪو ناول سالن تي محيط هجي ٿو ته افسانو وري ڪجهه ڏينھن ۾ پنھنجو سفر پورو ڪري ٿو.“ (3) ڪھاڻيءَ جي اختصار جو عالم اهو به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهو هڪ پَلَ جو داستان ۽ هڪ لمحي جو لقاءُ به بڻجيو وڃي. اختصار جي اها ئي خوبي ڪھاڻي جو اصل حسن آهي. هڪ مڪمل ۽ خوبصورت مختصر ڪھاڻيءَ جي ٻين خاصيتن سان گڏ اها به هڪ خاصيت آهي ته اها پڙهندڙ جي شعور جي اونهائيءَ ۾ هڪ گهري احساس ۽ تجربي جي صورت ۾ پيھجي ويندي آهي. ”ڪھاڻي هڪ مخصوص تخليقي عمل هجڻ ڪري هڪ جمالياتي تجربو (Aesthetic Experience) به آهي. جيڪو اسان کي معنيٰ جي ڳولا سان گڏوگڏ هڪ خوشيءَ سان مالا مال ڪري ٿو... ”مختصر ڪھاڻي صنعتي انقلاب جي شروعاتي ڏينھن جي عطا آهي. ان جو فڪري پس منظر مغربي يورپ جي پروٽيسٽنٽ تحريڪ آهي. ڪيٿولڪ سياسي نظريي جي نا ڪامي آهي. پراڻي مابعد الطبيعات جو زوال آهي. جاگيرداري سماج جي سياست جِي ميدان مان هار آهي.“ (4)

مختصر ڪھاڻيءَ جي جنم جي جاءِ جيڪا به هجي پر ان جو زمين سان اٽُٽُ رشتو آهي. زمينَ جتي ريشمي تارن سان جُڙيل تعلقَ آهن، جتي محبتون، نفرتون، دوکا ۽ دغائون آهن، جتي حسرتون ۽ ملال آهن. انسان اڪثر آسماني حادثن کان
بي خوف پر ڌرتي جي درد سان جُڙيل هوندو آهي. ڌرتي جتي چاهتن ۽ وحشتن جون نديون گڏ گڏ وهن ٿيون، ڌرتي جتي روز نوان رشتا جنم وٺن ٿا، جتي روز ٽٽل احساسن جون ڪرچيون به ميڙڻيون پون ٿيون، ڌرتي جتي روز گل ٽڙن ٿا ۽ روز گهٽيل خواهشن جو خون به ٿئي ٿو. ڪھاڻي سڄي ڌرتي جي خوشين ۽ غمن کي پنھنجي آغوش ۾ سمھارڻ جو ساهس رکي ٿي. اقبال آفاقي درست لکيو آهي ته ”ڪھاڻي مڪمل طور تي هڪ استخاري صنف آهي. هن جا پير زمين سان جڙيل هوندا آهن. هن ارضي زندگي سان مڪمل طور تي ڳنڍيل. زندگي جيڪا غير مستقل، تبديل نه ٿيندڙ، وراهيل ۽ تمام منجهيل آهي. جنھن جو لينڊ اسڪيپ هر لمحي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي. جنھن جا رستا وروڪڙ ۽ نانگ وانگر انگڙ ونگڙ حال جي دائري مان نڪري مستقبل جي لاهين ۾ لھي ويندڙ آهن. ان ڪري هڪ ڪھاڻيڪار لاءِ ڪيترن ئي لاڳاپيل معاملن جي ڄاڻ رکڻ ۽ موضوع بابت تفصيل سان ڄاڻڻ پھريون شرط آهي. . . . “ (5) هڪ سٺو ڪھاڻيڪار جڏهن ڪنھن پلاٽ جي چونڊ ڪندو آهي ته ان جو گهڻ رخو جائزو وٺندو آهي. جيستائين ڪنھن ڪھاڻيڪار جي ذهن ۾ پلاٽ جي هر ڪُنڊ ۽ پاسو ان جا امڪاني لاها چاڙها نه هوندا تيسيتائين ڪا به ڪھاڻي پنھنجي پوري تاثر سان پڙهندڙ جي ذهن تائين نه پھچي سگهندي. پلاٽ جون ڪيتريون ئي باريڪيون آهن جن جي اظھار سان ڪھاڻي هيڪاندي حسين بڻجي ويندي آهي. ”هڪ ڪھاڻيڪار کي پنھنجي پھچ ۽ رسائيءَ جي ننڍڙي دائري اندر رهندي اثرانگيزيءَ جا ڪرشما ڏيکارڻا پوندا آهن. تنھن ڪري ڪھاڻيڪار جو ڪم گهڻو مشڪل آهي. اهو ڪم ڪنڀر وانگر مٽيءَ ۾ بڀوت ٿيل ۽ زمين سان جُڙيل ماڻهوءَ جهڙو آهي. ان لاءِ ڪاريگريءَ سان گڏوگڏ صبر ۽ استقلال جي ضرورت به پوندي آهي. ان کان علاوه، بغاوت ۽ انڪار جو حوصلو سٺو افسانو لکڻ ۾ مددگار ٿيندو آهي. “ (6)

مختصر ڪھاڻيءَ جي مانڊاڻ جي ان سڄي پس منظر ۽ حيرتن ۽ حقيقتن جي جھان ۾ جهاتي پائڻ کان پوءِ جڏهن اسان سنڌي ڪھاڻي ۽ خاص طور جديد سنڌي ڪھاڻي جي ڳالهه ڪندا سين ته اها ڪنھن به طور انهن حقيقتن کان جدا ڪا چيز محسوس نه ٿيندي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ڪھاڻي پوري هڪ صديءَ جي ڄمار ماڻيندي ڪيترن ئي مقامي ۽ غير مقامي ادبي لاڙن ۽ رجحانن جو اثر قبول ڪيو آهي ۽ جديد سنڌي ڪھاڻي جي اڏڻھارن ڪن نون تجربن سان به سنڌي ڪھاڻي جي حسن کي نکاريو آهي. جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي ٽه مورتي اياز قادري، جمال ابڙي ۽ غلام رباني آگري کان نسيم کرل، امر جليل، سراج، آغا سليم، نورالھدى شاهه، ثميره زرين، ماڻڪ، شوڪت شوري، انيس انصاري ۽ فھميده حسين تائين ئي نه پر رسول ميمڻ، طارق عالم، منظور ڪوهيار، اخلاق انصاري ۽ زيب سنڌي کان طارق قريشي، منور سراج، قربان جتوئي، امر لغاري، ممتاز لوهار، محمد هاشم حامي، انور ڪاڪا، جهانگير عباسي ۽ مجيب اوٺي تائين سنڌي ڪھاڻي پنھنجي جوهر ۾ سدائين نئين جوت ۽ جوالا سان لکي وئي آهي.

خاص طور 60 واري ڏهاڪي جي اهم ۽ ڪھاڻيءَ کي نئون لاڙو ڏيندڙ ڪھاڻيڪارن مان سراج جو نالو ۽ حوالو نھايت محترم ۽ معتبر آهي. جيتوڻيڪ سراج لکڻ جي شروعات 50 واري ڏهاڪي کان ڪئي هئي ۽ ”بسمل“ جي تخلص سان شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي پر هن جي پھرين سڃاڻپ هڪ مترجم ۽ ڪھاڻيڪار طور ٿي. تحرير جي سفر ۾ سندس پھريون ڪتاب ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو هو، جيڪو ”سج ڏکڻ مان ٿو اڀري“ نالي سان 1953ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ هن غلام رباني سان گڏ ”چونڊ آمريڪي افسانا“ 1958ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. ان وچ ۾ هو طبعزاد ڪھاڻيون به لکندو رهيو. سراج جو پھريون تخليقي پورهيو سندس ڪھاڻي ڪتاب ”اي درد هلي آءُ“ هيو، جيڪو 1962ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. جيتوڻيڪ سراج ميمڻ هڪ برک وڪيل، ٻولي جي ماهر، محقق، ايڊيٽر، ڪالم نگار ۽ ناٽڪ نويس طور به وڏي سڃاڻپ ۽ مڃتا ماڻي پر شايد فڪشن هن جي روح جو آواز هو. انهيءَ ڪري هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ اسان کي اڪثر افسانوي ادب يعني ناول ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب وڌيڪ ملن ٿا. افسانوي ادب ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول جي صنف ۾ ٽيالاجي لکڻ وارو پھريون ليکڪ به سراج ئي هئو. هن جي زندگيءَ ۾ سندس ڪھاڻين جا رڳو ٻه مجموعا ئي شايع ٿيا. ”اي درد هلي آءُ“ کان پوءِ ڊگهي وٿيءَ پڄاڻان 1985ع ۾ سندس ٻيو ڪھاڻي ڪتاب ”اٺون ماڻهو“ منظر عام تي آيو. انهن ٻنهي مجموعن ۾ سندس ڪل ڪھاڻين جو تعداد 17 آهي. جڏهن ته هن جي وڇوڙي کان پوءِ 2014ع ۾ سندس ڪھاڻي ڪُليات ”درد ڪھاڻيون“ روشني پبليڪيشن شايع ڪيو، جنھن ۾ ٻنهي ڪتابن کان سواءِ سندس ڪجهه ٻيون ڪھاڻيون به شامل آهن. انهيءَ مجموعي ۾ غلام عباس جي مشھور ڪھاڻي ”اوور ڪوٽ“ جو ترجمو به شامل آهن. ان طرح سراج جي مختصر ۽ مختصر مختصر طبعزاد ڪھاڻين جو مجموعي تعداد 24 ٿئي ٿو. ”درد ڪھاڻيون“ ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين سراج جي ڪھاڻين بابت لکيو آهي ته ”سنڌي ادب، خاص طور فڪشن ۾ ترقي پسند دور جي هنن ڪھاڻين جي حوالي سان سراج جو جيڪو ڪردار، قد ۽ مقام آهي، اهو چڱي طرح واضح ٿئي ٿو. هنن ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي اردگرد موجود ڪردارن جهڙا آهن ۽ انهن جون جيون ڪھاڻيون يا اهي واقعا، جن کي موضوع بڻايو ويو آهي، پڻ اسان جي مشاهدي ۾ ايندا رهندا آهن ۽ اهي سراج جي اعلى مشاهدي جي ساک ڀرين ٿا. (7)

سراج هڪ سنڌ دوست اديب هيو، بلڪھ اهو چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه آهي ته هو سنڌ جي عاشقن منجهان هو. اها عشق جي ماکيءَ لار سندس تحريرن مان ٽپڪي ٿي. هن جا ناول هجن يا افسانا، لسانيات تي ڪم هجي يا صحافت ’سنڌ‘ هر جاءِ تي مرڪزي نڪتي جيان نظر اچي ٿي. شاهه سائين نوريءَ لاءِ چيو آهي ته ”جِئَن سَڳو وِچِ سُرِندَڙي، تِئن راڻِيُنِ ۾ راڻِي“ سو ”سنڌ“ هن لاءِ سُرندڙي جي وچين مول ڌاڳي وانگر اهم هئي. سراج جي ڀيڻ انيس ميمڻ لکيو آهي ته ”ادا سراج عشق به ڪيو، سندس اها حسين محبوبه ۽ دل گهُري سھڻي بلڪ سُونھن جي پيڪر، سندس وجود جو سبب ۽ سندس هر خوشيءَ ۽ ڏک جو ڪارڻ، اُها هئي ’سنڌ‘، جنھن جي حالت تي هو آخري ڏينھن ۾  لُڙڪ لاڙي ويھندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان کي به گڏ روئاڙي ڇڏيندو هو. اهڙو هو ادا سراج.“ (8) ۽ سراج پنھنجن لفظن ۾ چوي ٿو ”آئون انهن مان آهيان، جيڪي، ڪجهه لکي به اهو سوچيندا آهن ته پنھنجي ٻوليءَ ۽ سنڌ جو قرض اڃا گهڻو باقي آهي. ان ڪري لکڻ اسان لاءِ ذهني قرض جي ادائگي آهي. “ (9)

سراج هڪ ڪھاڻيڪار طور پنھنجي دور جي اهم ڪھاڻيڪارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن جي ڪھاڻين ۾ جيئرا جاڳندا ڪردار ۽ عام ماڻهو ته آهن پر ڪي ديومالائي ڪردار به موجود آهن. هن جي ڪھاڻين ۾ رومانيت، حقيقت نگاري، تصوريت ۽ فينٽسي جھڙا رجحان ملن ٿا. سراج جون گهڻيون تڻيون ڪھاڻيون ڪاسموپوليٽن ڪلچر ۽ شھري ماحول جي عڪاسي ڪندڙ آهن. انهن ۾ خاص طور نوجوانن جا سماجي ۽ نفسياتي مسئلا اجاگر ڪيل آهن. ”جتي ٻين ڪھاڻيڪارن وٽ مقاميت جو زوردار رنگ جهلڪا ڏئي رهيو آهي، اتي سراج جي ڪھاڻين ۾ وري پنھنجي ڌرتيءَ جي مسائل جي شعور سان گڏ، هاڻوڪي دور جي پڙهيل ڪڙهيل نوجوان جي شديد رد عمل جو اظھار به ملي ٿو، ته هو بين الاقوامي ۽ فڪري رجحان کان متاثر ٿي ڇا سوچي رهيو آهي؟“ (10) سراج جون ڪھاڻيون انساني المين جون ڪھاڻيون آهن. انهن ۾ بدلجندڙ دنيا جي پيرن هيٺان چيڀاٽجندڙ انساني قدرن ۽ سرمائيداري نظام جي اثر هيٺ ايندڙ تبديلين جا اثر به نمايان نظر اچن ٿا. هن جي ڪھاڻين جا ڪردار اپر، مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکن ٿا. هو انساني المين ۽ چيچلائيندڙ زندگين جي درد کي پنھنجين ڪھاڻين ۾ پوري تاثر سان اوتي ٿو. ”سراج هڪ ئي وقت جديد دؤر جي گهڻن پاسن کي کڻي ٿو، جنھن ۾ سرمائيداري جي بدلجندڙ قدرن ۾ انساني رويا ۽ انهن جو نفسياتي اثر، روشن خيالي جي بنياد تي جديد علمي بحث ۽ انهن جا اثر ۽ ساڳئي وقت سرمائيداري ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي گهوٽالو، پورهيت جي زندگي جو الميو، ساڻس ٿيندڙ غير انساني سلوڪ ۽ سماج کي تبديل ڪندڙ فڪر ۽ پورهيتن جي جدوجهد سڀئي موضوع سراج ڏاڍي فنڪاري سان ۽ فڪري گهرائي سان کڻي ٿو. “ (11) سراج غربت ۽ تنگ دستيءَ کي هڪ گار سمجهي ٿو، هو پنھنجين ڪھاڻين مان سماج جي بيمارين جي تشخيص جو ڪم وٺي ٿو. هو پنھنجين ڪھاڻين ۾ پيڙيل طبقي جو نمائندو بڻجي انهن جي مسئلن کي حقيقت پسنداڻي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. هن جون ڪھاڻيون ”هڪ مڙدو ٽي لاشا“، ”اوندهه جو وڻ“ ۽ ”ٻھڻي“ ان جا عمده مثال آهن. سراج جي ڪھاڻين بابت غلام نبي مغل لکيو آهي ته ”سراج سائين نئين ۽ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي ابتدا ڪندڙن ۾ شامل هو. سندس ڪھاڻيون جديد سنڌ جي ادبي اڏاوت ۾ پيڙهه جو پٿر هيون. وٽس ڪي مسخرا ۽ ٽوٽڪائي ڪردار نظر نه آيا. سراج سائينءَ جو تخليق ڪيل ادب، وقت جي گهرج هو ۽ سنجيدو هو.“ (12) سراج جي شخصيت جيان هن جي ڪھاڻين ۾ بيشڪ اها سنجيدگي نظر اچي ٿي.

سراج جي ڪھاڻين جي اڀياس مان معلوم ٿئي ته سندس لکيل ڪجهه ڪھاڻيون زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانگهي اهڙيون تخليقون بڻجي ويون آهن جيڪي سنڌي ادب تي دائميت جي مھر ثبت ڪيون بيٺيون آهن. اهڙين ڪھاڻين مان سندس هڪ ڪھاڻي ”ٻھڻي“ آهي، جنھن ۾ نه رڳو ڀرندڙ سماجي قدرن جي کولِ ڪئي وئي آهي پر غربت ۽ ضرورت جي جنگ ۾ ايمانداريءَ جي شڪست به ڏيکاريل آهي. رشيد آخوند مطابق ”ٻھڻي“ سنڌي ادب جو هڪ بھترين افسانو آهي. ان افساني ۾ سراج عروج جي لحاظ کان اوهينريءَ جون سڪون ٿو لاهي. افسانو سٺي اسلوب، معياري ٽيڪنيڪ ۽ سٺي مرڪزي خيال جي ڪري هڪ ڪامياب افسانو آهي.“ (13)

ڪھاڻي ”ٻھڻي“ هنن سٽن سان طلوع ٿئي ٿي: ”خانوءَ کي پوليس ۾ ڀرتي ٿئي، ڀريا ست سال ٿي ويا هئا، سارو جهان منجهائس خوش هو، جيڪڏهن ڪنھن کي شڪايت هئي ته اها سندس پيءُ قاضي بچوءَ کي هئي.“ (14) اها ڪھڙي شڪايت هئي؟ سراج اڳتي ڪھاڻيءَ ۾ هنن لفظن سان چِٽو ڪيو آهي ”سوچيندو هو ته پوليس جي نوڪريءَ مان سوين ماڻهو سونا ٿي ويا. خانو به نوڪري ڪري گهر کي سون بڻائي ڇڏيندو.“ (15) اڳتي هلي قاضي بچوءَ جو هڪ ڊائلاگ آهي ته ”اڄ دنيا اها ڪانهي جتي ماڻهو حلال جو پورهيو ڪري، سولو مانيءَ ٽُڪر کائي سگهي.“ (16) انسان سدائين خواهشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهي ٿو. جڏهن ماڻهو پنھنجين خواهشن ۽ ضرورتن کي وڌائي ڇڏي ٿو ته انهن جي پورائي لاءِ صحيح غلط جي وڇوٽيءَ کي ميٽي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، پر خانو پنھنجن خواهشن ۽ ضرورتن کي محدود رکي سادي پر سچائيءَ واري زندگي گذارڻ ۾ خوش هئو. ڪھاڻيءَ جي پلاٽ ۾ ٽُئسٽ تڏهن اچي ٿو جڏهن ڊاڪٽرياڻي خانوءَ جي زال کي ٻڌائي ٿي ته ”مائي تنھنجو هي ويم ته ڏاڍو خطرناڪ آهي، آپريشن کان سواءِ ڪجهه نه ٿي سگهندو. . . . “ (17) سماجي ۽ معاشي مجبوريون انسان کي ڪمزور ڪري وجهن ٿيون ۽ ماڻهو پنھنجن آدرشن کي ڇڏڻ لاءِ به تيار ٿي وڃي ٿو. خانوءَ سان به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو، هو پنھنجي زال کي بچائڻ لاءِ جڏهن ڪٿان به پئسن جو بندو بست نه ڪري سگهيو ته ”هن خيال ئي خيال ۾ پنھنجي زال کي رت جي تلاءَ ۾ تڙپندي ڏٺو ــ جا کيس مدد ڪرڻ لاءِ ٻاڏائي رهي هئي. هن تصور ئي تصور ۾ پنھنجي ضعيف پيءُ جو بيمار جسم بخار جي باهه ۾ جلي ڦلھيار ٿيندو ڏٺو. هن پنھنجن بکايل ٻارڙن کي ڪنھن رڻ پَٽَ ۾ مانيءَ جي ٽُڪر تي هڪ ٻئي سان وڙهندو ڏٺو، هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته هن کي ڪنھن ڇَتِ سان ابتو ٽنگي ڇڏيو آهي ۽ سندس سيني مان دل اُڇلون ڏئي ٻاهر اچي رهي آهي.“ (18)

اهڙي ڪيفيت ۾ خانوءَ وٽ ٻين پوليس وارن جيان ڪرپشن ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه پئي بچيو. ائين جڏهن هڪ سيٺ پنھنجي گاڏي سان ڪنھن ٻارڙي جو ايڪسيڊنٽ ڪري وجهي ٿو ته خانو ان واقعي کي پنھنجي لاءِ غنيمت سمجهندي کانئس ٻه سو رپيا رشوت وٺي، معاملو رفع دفع ڪري ڇڏي ٿو. بظاهر ڪھاڻي اتي پوري ٿيندي محسوس ٿئي ٿي پر سراج هن ڪھاڻي جي ڪلائيميڪس کي اينٽي ڪلائيميڪس بڻائيندي هڪ وڌيڪ موڙ ڏنو آهي، اصل ۾ انهيءَ موڙ سبب ئي هيءَ ڪھاڻي هڪ روايتي ڪھاڻيءَ مان ڦري هڪ غير روايتي، دير تائين اثر ڇڏيندڙ ۽ ڪلاسڪ جو درجو ماڻيندڙ ڪھاڻي بڻجي وئي آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي ته ”ائين جيئن جمال ابڙي جي ڪھاڻي ’پيراڻي‘ اسان جي ادب جي ڪلاسڪ ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. ائين ئي سراج جي ڪھاڻي ’ٻھڻي‘ کي به ساڳيو ئي درجو ڏئي سگهجي ٿو.“ (19) ڪھاڻيءَ جو ٻيو موڙ جتي ڪھاڻي پڄاڻيءَ تي پھچي ٿي، پڙهندڙ کي هڪ حيرانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿي. ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي هنن لفظن ۾ ٿئي ٿي ”اسپتال ۾ ڪييولٽي وارڊ اڳيان به ٻه چار ماڻهو انهيءَ حادثي متعلق ڳالهائي رهيا هئا. خانو سيٺ سان گڏ اندر داخل ٿيو. ميز تي ڇوڪرو ليٽيل هو، سندس منھن تي ڪپڙو هو، جنھن مان خانو سمجهي ويو ته ٻارڙو ختم ٿي چڪو هو. هو وڌي ڊاڪٽر جي پاسي ۾ اچي بيٺو. اتي ئي ميز تي ڪتابن جو هڪ ٿيلھو پيو هو، جو انهيءَ ڇوڪري جو ئي هو. ٿيلھي کي ڏسي خانوءَ جي اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي. ٽنگن مان ست ئي نڪري ويس ۽ ديوانن وانگر وڌي ڇوڪري جي منھن تان ڪپڙو هٽايائين. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته سندس دل کي ڪو ڏندن سان ڪرٽي رهيو هو. هن جون اکيون هڪ ئي هنڌ بيھي رهيون ۽ سندس وات مان گهگهي آواز ۾ فقط هي لفظ نڪري سگهيا ”مراد منھنجو ٻچڙو!. . . . . . منھنجو بابل پُٽڙو. . . . . . . . . !!“ (20)

ثميره زرين هن افساني تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته: ”محترم سراج جو ”ٻھڻي“ سندس شاهڪار افسانو آهي. محترم سراج نه ته هن کان اڳي وڌيڪ سٺو افسانو لکيو آهي نه وري ٻھڻيءَ کان پوءِ. هن افساني ۾ اوهينري جي ڪامياب ٽيڪنڪ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. . . . . . . ٻھڻيءَ جو اختتام حيرت ناڪ ضرور آهي پر بناوٽي نٿو لڳي. ان ڪري منجهس گهرو اثر موجود آهي، جنھن ڪري پڙهندڙ کي خانوءَ سان بيحد همدردي ٿيو وڃي ٿي.“ (21)

”آزاديءَ کان پوءِ جديد افساني جو سوشل ريئلزم يعني سماجي حقيقت نگاري سڀ کان نمايان رجحان رهيو، جنھن ۾ خارجي ماحول جي هوبھو عڪاسي پيش ٿيل آهي. ليڪن ڪي اديب ان کان به اڳيان وڌي طبقاتي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ لکڻ لڳا، جيڪو اصل ۾ ترقي پسند ادبي جماعتن جو حقيقي مقصد هو. ان ڪري حقيقت نگاريءَ جو هڪ نئون انداز پيدا ٿيو، جنھن ۾ ادبي تخليق کي افادي عمل تصور ڪيو ويو. اهڙن اديبن انسانن جي لطيف احساسن، ننڍڙين ننڍڙين خواهشن ۽ امنگن کي تلخ حقيقي واقعن ۾ بيان ڪيو آهي.“ (22) سراج جون ڪھاڻيون سماجي حقيقت نگاري واري ان لاڙي جو مظھر آهن. سراج جي ڪھاڻي ”هڪ سج هزار پاڇا“ سماجي حقيقت نگاري واري رجحان جي سلسلي ۾ هڪ سٺي ڪھاڻي آهي. ”حقيقيت نگاريءَ کي ڪھاڻيءَ جو بھتر ۽ برتر روپ تسليم ڪيو ويو آهي، ليڪن ڪھاڻي پنھنجي مزاج ۾ ڪيتري به کڻي حقيقي هجي، تاهم ان ۾ ڪٿي نه ڪٿي رومانوي پھلو به ڍڪيل هوندو آهي. ٻيو نه ته گهڻين ڪھاڻين جي انجام ۾ ته خاص ڪري هڪ ڀرپور رومانوي احساس شامل هوندو آهي. ”حقيقت“ ظاهر ۾ ڏاڍي ڪوڙي، ڦڪي ۽ بي روح لڳندي آهي، ليڪن ڪھاڻيڪار حقيقي واقعي منجهان ئي انسانيت جي اعلى تصور مطابق ڪو تاثر پيدا ڪرڻ چاهيندو آهي.“ (23) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ته ”سراج جي سماجي مسائل وارين اڪثر مختلف ڪھاڻين کي هڪ قسم جو واضح پلاٽ ٿئي ٿو. (مثلاً چنڊ گرهڻ، ٻھڻي، اونداهه جو وڻ، هڪ سج هزار پاڇا). هن جا ڪردار جاندار ٿين ٿا، واقعات درميان هم آهنگي ۽ انفراديت به هوندي آهي. ڪلائيميڪس، اڻ تڻ يا تذبذب جو عنصر به ان ۾ ضرورت مطابق پيو هوندو آهي، انھن ۾ ڪونه ڪو ٺوس نظريو يا وري نفسياتي تاثر هوندو آهي.“ (24)

”هڪ سج هزار پاڇا“ اصل ۾ شھري چمڪ ۾ وڃايل هڪ نوجوان جي ڪھاڻي آهي، جيڪو شھر جي عيش ۾ وساري ويٺو آهي ته مٿس ڪي سماجي ۽ گهرو ذميداريون به آهن. جيڪي فرسٽيڊ نوجوانَ ڳوٺاڻي زندگيءَ کي پنجوڙ سمجهندي، پنھنجن والدين جي اميدن کي تيلي ڏئي، شھر جي روشينن ۾ گم ٿي ويندا آهن، انهن جي پٺيان ڪن فردن کي ڀوڳنا جو ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو آهي. ڳوٺ جو راڄو شھر جو راج ته بڻيو، پر جڏهن هو شھر ۾ ڇوڪريءَ کي ڇيڙيندي چالان ٿيو ته هن پيءُ کي خط لکي ڳوٺ جي وڏيري کي ضامن پوڻ لاءِ چيو. بد صورت ۽ ڀنگوڙي وڏيري، پڻهس کان راڄوءَ جي ڀيڻ جو سڱُ گهريو هو، جنھن کي هن پنھنجي لاءِ گار سمجهيو هو ۽ وڏيري جي عقوبتن کي سَٺو هو. راڄو ئي ته هئو، جيڪو سندن نيڻن ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان جي اميد هو. ستابي جنھن کي پيءُ ڪونج ڪري سڏيندو هو، هُو ان ڪونج کي پنھنجن هٿن سان ڪُھڻ جو سوچي به نه پئي سگهيو. ڪھاڻيءَ ۾ هڪ هنڌ سراج لکي ٿو ”ستابيءَ جي سڱ ڏيڻ کان جڏهانڪر انڪاري ٿيو هو، وڏيري هن جي پويان باهه ٻاري ڏني هئي: قرض ۾ مينهن ۽ ٻڪري ڪاهي ويو هوس، زمين تان جواب ڏئي ڇڏيو هئائينس. هٽ واڻئي وڏيري جي چوڻ تي کين سيڌو پاڌو ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو هو.“ (25) پٽ جي خط پيءُ جي اندر ۾ جهير وجهي ڇڏيا هئا. ”هن چوطرف نظر ڦيرائي: گهر ۾ اهڙو ٽپڙ ئي ڪونه هو جو کڻي وڪڻي، سندس نظرون ٿڪجي اچي ستابيءَ تي پيون. . . . “ (26) اها ئي ته سندس گهر جي قيمتي ترين چيز هئي، جنھن کي هن ساهه سان سانڍي رکيو هو. ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي هن طرح ٿئي ٿي: ”هفتي کان پوءِ وڏيرو راڄي کي ڇڏائي آيو. هفتي کان پوءِ ستابي وڏيري جي حويلي ۾ داخل ٿي وئي. هفتي کان پوءِ مراد (پڻهس) جي ڪايا ئي بدلجي وئي، سندس منھن جا گهنج وڌيڪ آڏا ابتا ٿي ويا، سندس چيلھه ۾ دائمي ڪُٻُ پئجي ويو، سندس اکين ۾ غيرت جو لاش قبر لاءِ ٻاڏائڻ لڳو. هفتي کان پوءِ راڄي جي ماءُ جنڊ تي ويھي جنڊ گهٽ پيھندي هئي، لڙڪ گهڻا ڳاڙيندي هئي. . . ۽ هفتي کان پوءِ راڄو پنھنجيءَ ڦاٽل رنگين بشرٽ کي پاڻ پنھنجن هٿن سان ويھي سيبا ڏيڻ لڳو.“ (27)

هن افساني ۾ جتي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ماڻهن جو الميو بيان ٿيل آهي اُتي ميٽروپوليٽن شھر جي شور ۾ گم ٿيل ڪاغذي زندگي گذاريندڙ نوجوانن جي بي فڪري جا نتيجا ڏيکاريل آهن. هيءَ ڪھاڻي هڪ سوال پيدا ڪري ٿي ته مراد پنھنجي ستابيءَ کي پنھنجي پُٽ مٿان گهوري کيس نرڳ ۾ ڇو وڌو؟ ۽ اسان جي سماج ۾ ڇوڪريون ئي قربانيءَ جون ٻڪريون ڇو ٿيون بڻجن؟؟ مراد کي اهو محسوس ڇونه ٿيو ته هڪ اذيت مان آجائي لاءِ هو ٻي دائمي اذيت خريد ڪري رهيو آهي! سراج جي هيءَ ڪھاڻي رڳو بيوسيءَ جو استعارو ناهي پر مرداڻي سماج جي منھن تي هڪ زرودار چماٽ به آهي.

”افسانوي روپ ۾ تجربو ۽ مشاهدو ٻنهي کي بنيادي حيثيت حاصل هوندي آهي، ڇوته جيتريقدر واقعي جو مشاهدو تيز ۽ گهرو تجربو ڪيل هوندو، اوتريقدر ڪھاڻي زياده اثرائتي ۽ ڪامياب ٿي سگهندي. پر آئون ائين چوڻ ۾ شايد غلط نه هجان ته جنھن ليکڪ کي مطالعي جي بصيرت هوندي سو معروضيت يا اسباب جي ڪيفيت يا معنويت کي وڌيڪ پروڙيندو ۽ تجربي ۽ مشاهدي کي پرکي ان جي سونهن ۽ ڪوجهائيءَ کي ڄاڻي سگهندو! ان ڪري اها ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ٿي ته دنيا جي شاهڪار ادب پارن ۾ تجربي ۽ مطالعي جو هڪ جيترو اثر آهي.“ (28) سراج جي ڪھاڻين ۾ سندس تجربي ۽ مشاهدي سان گڏ گهري مطالعي جا اثر نمايان آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن پنھنجين ڪھاڻين ۾ انسان جي داخلي ڪيفيتن ۽ خارجي مسئلن کي فنڪاراڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هن جون ڪھاڻيون فن جي جديد رجحانن پٽاندڙ آهن. سراج جي اڪثر ڪھاڻين ۾ اربن لائيف جي عڪاسي آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي لفظن ۾ ” سراج جي اڪثر ڪھاڻين جا ڪردار خوش باش ۽ خوش پوش آهن.“ (29) هن جي ڪھاڻين مان ان جو هڪ عمدو مثال ”اي درد هلي آءُ“ آهي. ”ڪھاڻي ”اي درد هلي آءُ“
قدري طويل آهي ۽ مٿئين طبقي جي ڪردارن تي بيٺل آهي ۽ پڻ انساني جذبات ۽ محبت جي ڪھاڻي آهي.“ (30) اِها ئي اُها ڪھاڻي آهي جنھن تي مختلف اديبن مختصر ئي سھي پر پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو آهي. ڪھاڻي پڙهندي لڳي ٿو ته هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون آهن. هونءَ عام طور تي ڪھاڻي ۾ ڪنھن هڪ مسئلي يا ڪنھن هڪ موضوع کي کڻي اڳتي هلبو آهي، ڪھاڻي ۾ اختصار جي خوبي ان کي هڪ لمحي جي ڪٿا به بڻائي سگهي ٿي، ان جي ابتڙ ناول جو ڪئنواس وڏو ٿئي ٿو، پر سراج جي ڪھاڻي ”اي درد هلي آءُ“ پڙهندي ان جو فريم ڪنھن ناول جهڙو محسوس ٿئي ٿو. ڪشادو پلاٽ، گهڻا ڪردار، ڊگها مڪالما فني طور ان ڪھاڻي کي ناول يا طويل ڪھاڻي جي ويجهو آڻي بيھارين ٿا.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنھنجي پي ايڇ ڊي مقالي ۾ سراج جي ان ڪھاڻي جو تجزيو ڪندي لکيو آهي ته ”سراج ڪن مغربي فن پارن کي سنڌي ڪھاڻيءَ جو ٺھڪندڙ ۽ سُھائيندڙ لباس نھايت ڪاريگريءَ سان ڍڪايو آهي. جيمس جوائس جي هڪ طويل مختصر ڪھاڻي “The Dead” جو ترجمو هن ’اي درد هلي آءُ‘ جي عنوان سان ڪيو آهي، جنھن جو شمار دنيا جي بلند پايھ ڪھاڻين ۾ ٿئي ٿو.“ (31). اهڙي طرح آغا سليم پنھنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته ”گهڻو وقت ٿيندو مون سراج جو افسانو ”اي درد هلي آءُ“ پڙهيو هو، ڏاڍو وڻيو هو. سراج جي منھن تي سندس تعريف به ڪئي هيم. هونءَ ته ڪَچو ڦڪو افسانو جلد ئي وسري ويندو آهي، پر سراج جو افسانو ايترو ته سٺو هو، جو وسريو ئي نه ٿي. ڪجهه وقت گذريو ته هڪ ڏينھن جيمس جوائس جو افسانو The Dead پڙهيم ته ڇرڪُ نڪري ويم، ساڳيو سراج وارو افسانو، سمجهيم ته جيمس سراج جو افسانو چورايو آهي.“ (32)

اهي ٻئي رايا پڙهڻ بعد مون ناول The Dead، جنھن کي ڪن طويل ڪھاڻي به سڏيو آهي پڙهي ورتو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سراج پنھنجي اها ڪھاڻي جميس جوائس جي مذڪوره ناول مان متاثر ٿي لکي آهي، ٻنهي ڪھاڻين جو بنيادي موضوع به ساڳيو آهي، تنھن ڪري سراج کي ڪٿي نه ڪٿي ان جو اظھار ڪرڻ کپندو هو، پر منھنجي نظر ۾ ”اي درد هلي آءُ“ کي جوائس جي ناول جو ترجمو يا الٿو چوڻ درست نه آهي. ان جا ڪيترائي سبب آهي پھريون ته جيمس جوائس جو افسانو لڳ ڀڳ هڪ سو صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته سراج جي ڪھاڻي رڳو تيرنهن صفحن جي آهي. ”اي درد هلي آءُ“ کي جوائس جي ڪھاڻيءَ جو اختصار به نه ٿو چئي سگهجي. البته ڪھاڻي جي ماحول، ڪرافٽنگ ۽ ڪجهه موضوعن جي هڪ جھڙائي سبب The Dead ڏانھن ڌيان ڇڪجي وڃي ٿو. سراج جي ڪھاڻيءَ ۾ اسلام ۾ چئن شادين جي آزديءَ واري بحث کي ڇيڙڻ کان سواءِ شاهه لطيف جي سٽ ”راڻو رات نه آئيو، ويئي رات ٽري“ وسيلي ڪھاڻيءَ جي هڪ ڪردار جي اندوروني ڪيفيتن کي جنھن طرح اجاگر ڪيو ويو آهي، سا ڳالهه جوائس جي افساني ۾ آهي ئي ڪانه. تنھن ڪري ”اي درد هلي آءُ“ کي سراج جي تخليقي ڪھاڻي ئي سمجهڻ کپي، جنھن تي جيمس جوائس جي مٿين افساني جا اثر آهن.

”هڪ سٺي افساني جي خاصيت اها آهي ته اهو جلدي پنھنجي جادو ۾ جڪڙي وجهندو آهي. . . . . ڪھاڻيون ماڻهو محبت سان پڙهندا آهن ۽ شوق سان ٻڌندا آهن. ان ڪري جو اهي اسان جون پنھنجون ڪھاڻيون آهن. انهن ۾ همدرديءَ جو جادو ڀرپور هوندو آهي. ان جي ابتڙ، تاريخ جو سٺو پڙهندڙ به، جڏهن تاريخ جا ورق ورائيندو آهي ته، تسڪين بدران هڪ ٻوجهه (Antipathy) ۽ بيزاريءَ جا جذبا محسوس ڪندو آهي.(33) سراج جون ڪھاڻيون پڙهندي پڙهندڙ نه رڳو ان جي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿو پر هو ڄڻ هڪ ڪيٿارسز جي عمل مان به گذري ٿو. سراج پنھنجين ڪھاڻين جي ڪردارن کي ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان ڳوهي جنم ڏئي ٿو. سندس ڪھاڻي ”اوندهه جي پيٽ ۾“ جي نينگري ’رامو‘پڻ هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي، هوءَ ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار آهي جيڪا هڪ خاڪروب آهي. سراج ڪھاڻيءَ ۾ ان ٻارڙيءَ جي فطري معصوميت ۽ چنچلتا کي چٽيو آهي، پر بي رحم سماج جون رسمون ان ڪَلي کي ڪُچلي ڇڏين ٿيون. هڪ پاسي هيءَ ڪھاڻي سماج ۾ مذهبي ۽ ذات پات جي مت ڀيد کي وائکو ڪندڙ آهي ته ٻئي پاسي پورهيي جي بنياد تي عزت توڙي ڪراهت جي جذبن کي بيان ڪري ٿي. ننڍپڻ جي بي جوڙ شادي هن ڪھاڻي جو هڪ ٻيو اهم موضوع آهي. مون کي هڪ لڱان ”اوندهه جي پيٽ ۾“ جي رامو ۽ جمال ابڙي جي ”پيراڻي“ جو درد ساڳيو ئي محسوس ٿيو. اهڙي ريت سراج پنھنجي ڪھاڻي ”چنڊ گرهڻ“ ۾ پڻ بي جوڙ شادي واري سماجي ناسور کي موضوع بڻايو آهي.

”سراج جي اسٽائيل مان. . اهو گمان ٿئي ٿو ته هن سچي پچي زندگيءَ جي ڄڻ ته رومانيت جي فضا ۾ مصوري ڪئي آهي، سندس بيشتر ڪھاڻين ۾ اهو رنگ آيل آهي. مختصر ڪھاڻيءَ جي لوازمن ۽ ٽيڪنڪ کان علاوه ڪردار نگاريءَ ۾ به سراج جون فني صلاحيتون ڪجهه قدر نمايان نظر اچن ٿيون. هن جا ڪردار نه بلڪل فرضي آهن ۽ نه وري ڪي آئيڊيل آهن، پر اهي معاشري جا عام فرد آهن، جن جا دک درد ٻين ماڻهن کان مختلف ناهن.(34) ”ڪھاڻي ”چنڊ گرهڻ“ جي ’جنو‘ به سماج جو هڪ اهڙوئي ڪردار آهي، جنھن جا خواب رسمن جي چڪي ۾ پيسجي وڃن ٿا. ڪجهه مدي خارج ريتون ۽ رسمون سماج لاءِ زهر بڻجي وڃن ٿيون. سراج پنھنجين ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جي اهڙين ڪڌين رسمن ۽ رواجن جي کولَ ڪئي آهي. بي جوڙ شاديون ٿيڻ به سنڌي سماج جي ڪُريت آهي، جنھن کي سراج ڪھاڻي ”چنڊ گرهڻ“ ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي. بي جوڙ شاديون جوان ارمانن جون خون وهائين ٿيون. ڪھاڻيءَ جي نائڪا ’جنو‘ پنھنجي سھاڳ جي اميد ۾ پنھنجين اکين ۾ ڪيئي خواب تاتي جوان ڪري ٿي. هن جا جوان جذبا ۽ شاديءَ جي فطري جنسي لذت جا تصور ڪمال جا آهن. ڪھاڻيءَ ۾ هڪ جاءِ تي سراج منظر نگاري ڪندي، جنو جي اندروني ڪيفيتن ۽ احساسن کي ڪھڙن نه سھڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”وڻن جي پنن تان ٿڙندي، جڏهن چانڊوڪي هن جي اڱڻ ۾ ايندي هئي، تڏهن هن جو من چاهيندو هو ته پنھنجو پاڻُ ان جي سپرد ڪري ڇڏي. هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ کيس گهنگهرو ٻڌل هئا. . . . ۽ چنڊ جي چوڌاري نچڻ جي آرزو هن جي دل ۾ ڪھرام مچائي ڏيندي هئي.“ (35) ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي جنو جا سمورا خوابَ چڪناچور ۽ جذبا ڪافور ٿي وڃن ٿا، جڏهن هوءَ سھاڳ جي سيڄ تي گهوٽ جي شڪل ۾ هڪ ڏهن سالن جو نابالغ ٻار ڏسي ٿي.

سراج جون ڪھاڻيون پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته هو ڪنھن هڪ اسلوب جو ڪھاڻيڪار ناهي. هن جون مختلف ڪھاڻيون نون نون ۽ جديد قالبن ۾ نظر اچن ٿيون. سندس هر ڪھاڻي جو ڪئنواس پنھنجو آهي. ائين کڻي چئجي ته سراج جي افسانن جي زمين ۽ آسمان پنھنجو آهي، ان ڪري هو هر ڀيري هڪ نئين اسلوب کي جنم ڏئي ٿو. سراج هڪ اهڙو ئي تخليقڪار آهي. هن جون ڪھاڻيون
”فنڪار“، ”دل جا پاڇولا“، ”اي درد هلي آءُ“، ”انسان ۽ ديوتا“ سندس نرالي اسلوب جا عمده مثال آهن.

”فنڪار“ ۾ هڪ مصور جي ڪٿا آهي. هن ڪھاڻي ۾ سراج ٻڌائڻ چاهيو آهي ته فن سماجي رشتن جي احساس سان زنده رهي ٿو. جيسيتائين ڪو آرٽسٽ پنھنجي برش کي روح جي رنگن ۾ نه ٿو ٻوڙي تيسيتائين ڪو شاهڪار جنم نه ٿو وٺي سگهي. سراج هن ڪھاڻيءَ ۾ سمجهايو آهي ته بازاري ۽ کوکلي فن کي دائميت نه آهي. آرٽ اهو آهي، جنھن ۾ آرٽسٽ جي دل جو لھو به شامل هجي. سراج جي هڪ ٻي ڪھاڻي ”نچڻي“ پڙهندي لڳي ٿو ته هيءَ هڪ مسٽيريس ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ مسٽري ۽ ريئلٽيءَ جو گڏيل تاثر موجود آهي، ڇوته ڪھاڻيءَ جا ڪجهه منظر خواب ۽ ڪجهه حقيقيت جو احساس ڏيارين ٿا. سراج هيءَ ڪھاڻي سنڌ جي تاريخي ماڳ موهن جي دڙي جي ماحول ۾ لکي آهي، جنھن ۾ هن موهن جي دڙي جي رات جي طلسمي ماحول کي چٽيو آهي. ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار فرانسيسي صحافڻ مريانا جڏهن نچڻيءَ (سمبارا) جو روپ ڌاري ٿي ته ڪھاڻي جادوئي حقيقت نگاري جو اهڃاڻ بڻجي وڃي ٿي. هيءَ ڪھاڻي پڙهندي پڙهندڙ خود هڪ ڪشمڪش مان گذري ٿو. ڪھاڻيءَ جو هڪ منظر هن طرح چٽيل آهي: ”هن جون اوڇنگارون وڌنديون ويون ۽ پوءِ مھا پوڄاري اُٿي بيٺو. قد جو ڊگهو حشمت وارو مڙس، گيڙوءَ رتن ڪپڙن ۾، ٽمڪندڙ ڏيئي جي لڏندڙ لمندڙ روشنيءَ ۾، باقي اوندهه جي پس منظر ۾. هي سڄو منظر ايترو غير حقيقي هو، جو منھنجو وجود لُڙهن لڳو. مون سمجهيو ته آءٌ وقت جي پولار ۾ پوئتي موٽي رهيو آهيان، ۽ موهن جي دڙي جي وڏي پروهت جي اڳيان بيٺو آهيان. . . . . منھنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، منھنجي جسم ۾ رَڦڻي شروع ٿي وئي.“ (36) ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي نچڻيءَ جي ڪردار جي خواب جهڙي حقيقت تان پردو کڄي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ سراج نه رڳو موهن جي دڙي جي تھذيب ۽ ان دور جي سماج جي مختصر جهلڪ ڏيکاري آهي پر يورپ ۾ پلجندڙ ڪجهه ڪردارن جي ڍونگ ۽ دوکي کي به ظاهر ڪيو آهي.

شيخ اياز لکيو آهي ته ”سراج فقط پنھنجي دور جي ادب جو نمائندو نه آهي. هن جي تحرير ۾ زندگيءَ جي معاشرتي پھلوءَ ۽ ان جي مسئلن، ۽ مذهب ۽ اخلاق جي دقيانوسي تخيل جو بيباڪانه تجزيو ۽ ان تي گهري طنز، واقعي قابلِ داد آهي، پر هن جي افسانن ۾ هيٺئين ۽ وچولي طبقي جي زندگيءَ جي عڪاسي نه آهي، نقاشي آهي. هن جا ڪردار فقط انسان نه آهن، پر ادبي ڪردار به آهن. هن جي نگارش ۾ نه فقط زندگيءَ جي معاشرتي ۽ نفسياتي پھلوءَ جي هم آهنگي آهي، پر ان کي هن جي فن هڪ مخصوص رنگ روپ ڏنو آهي، جو هن جي تخليق جي انفراديت جو ثبوت ڏئي ٿو.“ ”چنڊ گرهڻ“، ”ٻھڻي“،
”اوندهه جو وڻ“ هن جا ادبي شھپارا آهن، جن ۾ افساني جي باڪمال ادائگي، مرڪزي خيال جي ندرت، پس منظر جي حقيقت آميزي، زبان جي شيريني ۽ الفاظ جي دلڪش تراش خراش، هن کي دور جديد جي بھترين افسانه نگارن جي صف ۾ شامل ڪري ٿي.“ (37) سراج جِي سماج جي بدلجندڙ حالتن تي گهري نظر آهي، جنھن ڪري هن پنھنجن افسانن ۾ نئين دور جي مسئلن ۽ مونجهارن کي موضوع بڻايو آهي. هن جون ڪھاڻيون انسان جي نفسياتي مسئلن کي اجاگر ڪندي پڙهندڙن جي احساسن جي دنيا ۾ هلچل پيدا ڪن ٿيون. هن جي ڪھاڻين ۾ فڪري طور الڳ الڳ ڌارائون ملن ٿيون. خاص طور ”سراج سنڌي ڪھاڻي ۾ روشن خيال فڪر ۽ ترقي پسندي جي تقاضائن کي ڏاڍو فني، پيرائتي ۽ جديد انداز سان پيش ڪيو آهي، جنھن ۾ ڪردار نه ته نعري بازي ڪن ٿا، نه نظرئي جو پرچار بلڪ سندس معاشرتي ۽ نفسياتي زندگي جا پھلو اهڙي طرح پيش ڪيل آهن جو پڙهندڙ خود بخود طبقاتي سماج جي روپ کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. پراڻين روايتن، قدرن ۽ جديد دؤر جي تقاضائن کي سمجهڻ لڳي ٿو.“ (38) هن جي ڪھاڻين مان ”دل جا پاڇولا“، ”چنڊ گرهڻ“، ”نچڻي“، ”وڻ جو موت“ ان حوالي سان بھترين مثال آهن.

”مغربي مختصر ڪھاڻيءَ جي فن ۽ موضوعن ۾ طرح طرح جا تجربا شامل آهن. قديم ادب ۽ يوناني ديومالائي ڪردارن مان ڪن هيروز جون سرگذشتون وٺي، انهن کي هڪ نئين انداز ۾ لکڻ ۽ جديد زماني جي فھم سان ٺھڪندڙ هڪ نئين معنا ڏيڻ جو رجحان مغربي افساني ۾ پيدا ٿيو ۽ پراڻن ڪردارن جي اوٽ تي نيون تخليقون پيش ڪيون، جن کي جديد افسانوي ادب ۾ بلند مقام حاصل ٿيو. . . . . سراج به پنھنجين ڪھاڻين ۾ يوناني ديوتائن جي تمثيل کي نھايت موزونيت سان استعمال ڪيو آهي. هن فني رجحان تحت سنڌيءَ ۾ بلڪل ٿوريون ڪھاڻيون لکيون ويون آهن.“ (39) سراج جي ڪھاڻي ” انسان ۽ ديوتا“ ۽ ”پاتال“ اهڙي ئي فني تجربي جو عمدو مثال آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي تجربي جي شروعات سراج ئي ڪئي. ”انسان ۽ ديوتا“ ۾ يوناني ڏندڪٿائي داستان واري جهلڪ محسوس ٿئي ٿي. هڪ لڱا مون کي اها ڪھاڻي پنھنجي ماحول، منظر نگاري ۽ تاريخي پس منظر واري بيان منجهان موهن جي دڙي واري زرعي سماج سان به ڳنڍيل لڳي. ڪھاڻي ۾ هڪ جاءِ قديم ڦٽل دڙي جي ڳالهه به ٿيل آهي، جنھن جي سڀ کان مٿين ماڙ تي ديوتا رهندا هئا. هن ڪھاڻي ۾ سراج سماج ۾ طبقاتي نظام جي اوسر کي افسانوي رنگ ۾ سھنجي نموني سمجهايو آهي. مٿيون طبقو هميشھ جبر جو رستو اختيار ڪندو آهي. هيٺون طبقو جيڪو پورهيت آهي اهو سڄو ڏينھن گهاڻي جي ڏاند وانگر وهندو رهندو آهي ۽ وچين طبقي جو ڪم رڳو ديوتائن کي راضي رکڻ آهي. هيءَ هڪ مقصدي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ ديوتائن کي تمثيل بڻائي طبقاتي سماجي سرشتي جي کولَ ڪئي وئي آهي. ٻين لفظن ۾ ”انسان ۽ ديوتا“ ظالم ۽ مظلوم، آقا ۽ غلام جي ڪھاڻي آهي.

سراج جي ڪھاڻي ”پاتال“ به فني ۽ موضوعي طور ”انسان ۽ ديوتا“ واري ساڳئي ئي تسلسل ۾ لکيل آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ به انسانن ۽ ديوتائن جو ذڪر آهي. ديوتا جيڪي بلندين تي رهن ٿا ۽ انسان جيڪي پاتال ۾ زندگي گذارين ٿا. هن ڪھاڻيءَ ۾ يوناني ڏندڪٿائي ديوتائن خاص طور سسيفس ۽ زيئس جي ڪردارن کي اڀاري پيش ڪيو ويو آهي. سسيفس انسان جو ضمير آهي، جيڪو جڏهن ديوتائن سان سينو ساهي ٿو ته کيس ڳوري ڇپ گهلڻ جي سزا ملي ٿي. سسيفس جڏهن پاتال ۾ چچريل زندگين جا قافلا ڏسي ٿو، ڪمزرور، بيمار، لاچار، لولا لنگڙا انسان ڏسي ٿو ته ان سراپ کان انڪار ڪري ٿو، جيڪو کيس ديوتائن طرفان مليل هو. هن ماڻهن مٿان ديوتائن پاران مڙهيل مصيبتون ٽارڻ لاءِ ئي تڪليف جو رستو قبول ڪيو هو، پر جڏهن کيس خبر پوي ٿي ته اهي مصيبتون ۽ عقوبتون انسانن ئي هڪ ٻئي لاءِ پيدا ڪيون آهن ته پاڻ کي ڀَڄندي ۽ ڀُرندي محسوس ڪري ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ سراج موجوده دور جي انساني وحشت ۽ بربريت جي تصوير چٽي آهي، جنھن پنھنجي لاءِ پاڻ ئي عذابَ خلقيا آهن. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ڪھاڻي ”پاتال“ تي البرٽ ڪامو جي ڪھاڻيءَ جي ترجمي جو گمان ڏيکاريندي لکيو آهي ته ”سراج جي هڪ مختصر ڪھاڻي ’پاتال‘ غالباً البرٽ ڪاموءَ جي ڪنھن ادب پاري تان ترجمو ٿيل آهي، جنھنجو نالو ڪھاڻيءَ جي شروع ۾ ورتل آهي.“ (40) ڇوته ڪھاڻي جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي ”آلبرٽ ڪاموءَ ئي ڳالهه ڪئي ته. . . . . .“ (درد ڪھاڻيون ص 226) انهيءَ ڳالهه سبب آغا سليم هن ڪھاڻي تي هن طرح تبصرو ڪيو آهي. ”ساري ڪھاڻيءَ ۾ خبر پئجي نه ٿي سگهي ته البرٽ ڪاموءَ جي ڳالهه ڪٿي ٿي ختم ٿئي ۽ سراج جي ڳالهه ڪٿان ٿي شروع ٿئي. ڪاموءَ سان گڏ سراج به ته ڳالهه ڪئي هوندي، ڇاڪاڻ ته ڪھاڻي سراج جي نالي سان ڇپيل آهي.“ (41) ڪھاڻيءَ جي ڳَر سسيفس جي هنن پڄاڻيءَ وارن جملن مان نڪري ٿي: ”ديوتائن جو سراپ ايترو چيچلائيندڙ نه هو، جيترو منھنجي پنھنجي دنيا جي ماڻهن جو سراپ چيچلائيندڙ آهي، منھنجن پنھنجن جي ڪئي کان، شرم لڪائڻ لاءِ آءٌ هي گلا جو گانگهو، تيسين پيو گهليندس، جيسين هي ماڻهو، پنھنجو پاڻ پرمارن کان آجا ٿي، وري ونڊي ورڇي نه کائيندا، پيار ۽ پورهئي جو امر مثال قائم نه ڪندا“. (42)

”جيئن همينگوي جذبن (Passions) جو ڪھاڻيڪار آهي ۽ ڪردارن جي جذبن کي سھڻيءَ گفتگو جي ذريعي پيش ڪندو آهي، جيئن موپاسان انسان جي ڪمزورين کي نهايت فنڪاريءَ سان پنھنجي ڪھاڻين جو مواد بنائيندو آهي، جيئن اوهينري تجسس واري پُڄاڻيءَ جي ذريعي، پنھنجي ڪھاڻين جي ڪردارن کي پڙهندڙن سان متعارف ڪرائيندو آهي، سندن چهرن تان ماسڪ لاهي، سندن اصل روپ ڏيکاريندو آهي. جيئن ٽالسٽاءِ انساني اخلاقي ڪمزورين ۽ لالچن کي پنھنجي آفاقي انداز ۾ ڪھاڻين ۾ ظاهر ڪيو آهي، جيئن ترگنيف پنھنجي لازوال ناولن / ڪھاڻين ۾ وڇوڙي جي ذريعي محبت جي جذبن کي امر ڪري ڇڏيو آهي. . . . . . “ (43) تئين ئي سراج به پنھنجين ڪھاڻين وسيلي سنڌي ماڻهن جي سماجي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلن کي پنھنجي منفرد ڊڪشن ۾ بيان ڪيو آهي. سندس ڊڪشن جي حوالي سان ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي ته ”سراج جي تخليقي ڏات ۽ فني مھارت پنھنجي جاءِ تي اعلى آهي، پر سڀ کان وڌيڪ سونهن سندس ٻوليءَ ۾ آهي. سراج جي ڊڪشن جي پنھنجي هڪ سڃاڻپ آهي.“ (44) سراج پاڻ لکي ٿو ته ”افسانوي ادب، ٻوليءَ جي سموري ادبي سرمائي جو هڪ آئينو آهي. جنھن ٻوليءَ جو افسانو عالمگير قدرن ۽ آفاقي حيثيت جو نشانبر نظر ايندو، ان ٻوليءَ جو سمورو ادب لافاني هوندو. افساني جي هيئت ۽ اسلوب مان پڻ ٻوليءَ جي ادبي منزل متعين ٿئي ٿي. موپاسان، چيخوف، لارينس، او هينري، موراويا وغيره جھڙن اديبن جون مختصر ڪھاڻيون پڙهڻ کان پوءِ هنن جي ٻوليءَ جي ادبي بلنديءَ جو فوراً اندازو ٿي وڃي ٿو. اهڙن اديبن افساني کي قصه گوئيءَ جي مٽيءَ مان فن جي عظيم شاهڪارن ۾ تبديل ڪيو آهي. سندن تراش خراش ۽ اسلوب جي ندرتن ۽ نت نين ايجادن افساني کي ادب ۽ آرٽ جو بت رعنا بنائي وڌو آهي.“ (45)

سراج پنھنجي مخصوص ڊڪشن سبب همعصر ڪھاڻيڪارن ۾ نمايان مقام رکي ٿو. سندس ڪھاڻي ”رت ورني رات“ مان هي ننڍڙو پيراگراف نه رڳو سندس حسين ٻولي پر ڪھاڻيءَ ۾ منظر نگاري ۽ احساسن جي پالوٽ جو هڪ عمدو مثال آهي:

”ان ڏينھن سومل مينهن واءُ ڪري هُن وٽ پھتي هئي، ۽ هو اچرج مان سومل کي ڏسندو ئي رهجي ويو هو. نٽهڻ اُسَ ۽ تتل واريءَ تي ڊوڙيندي هن جي مھن جو ورن مَٽجي کھنبو ٿي پيو هو. هن جي سھڪڻ تي هن ائين ڀانئيو هو، ڄڻ ته رڻ پٽن ۾ ساهه پئجي رهيو هو. . . . سندس نرڙ وٽان ڳُتيل سينڌ تي وارَ وري آيا هئا. هن جي هنيانءَ ۾ هدڪ پئجي ويو. الائي ڇا ٿيو هو؟ جڏهن سومل هن اڳيان بيھي، سھڪندي سھڪندي، گهڙي پل لاءِ هن کي گهوري ڏسندي رهي، تڏهن هن ائين ڀانئيو هو، ڄڻ ته سومل هِن رِڻَ جي ڪا تاسايل، اُڃايل هرڻي هئي، جنھن کي آخرڪار رُڃ بدران پاڻيءَ جو ڪو جهرڻو نظر اچي ويو هو.“ (46)

”رت ورني رات“ سراج جي لکيل شاندار ڪھاڻين مان هڪ آهي. هيءَ ڪھاڻي پنھنجي پلاٽ، ٻولي، ماحول، منظر نگاري، جذيات نگاري، تجسس ۽ شاندار انجام وارين خوبين سبب هڪ ڀرپور ۽ ڪامياب ڪھاڻي آهي. ڪھاڻيءَ جي شروعاتي پيراگراف ۾ ڪيڏي نه حسين تشبيھه ڏنل آهي: ”ان کليل نانگي آسمان کي ڏسي، هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته رات پنھنجو نيرو ڪارو اگهاڙو جسم تارن جي چُنيءَ ۾ لڪائيندي شرمائڻ لڳي هئي.“ (47) ٿر جي ماحول ۾ لکيل هيءَ پريم ڪھاڻي جنھن ۾ احساسن جي عجيب پالوٽ آهي، جذبن جو انوکو وهڪرو آهي، ڏک ۽ سُک جا منظر آهن. سراج جي هيءَ ڪھاڻي اصل ۾ سُڪار کان ڏڪار ۽ زندگيءَ کان موت جي ڪھاڻي آهي. هيءَ ڪھاڻي پڙهندي قاري چئي ويھندو ته سرحدن جي باهه پيار کي ساڙي وجهي ٿي. ’هن ڪھاڻيءَ ۾ حسرتن جو خون ٿيندي ڏيکاريل آهي. ”رت ورني رات“ پھريون ڀيرو 1967ع ۾ ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڇپي پر ان جو آخري پيراگراف ڪٽيو ويو هو، سراج اها ڪھاڻي پنھنجي اصلي حالت ۾ آخري پيراگراف سميت پنھنجي ڪتاب ”اٺون ماڻهو“ ۾ شايع ڪئي. هن ڪھاڻيءَ ۾ سراج ٻڌائڻ چاهيو آهي ته سرحدن تي هلندڙ جنگ ۾ بي گناهه ۽ معصوم ماڻهن جو خون وهي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ ان خاڪ ۽ خون جي هوليءَ ۾ ٻن پريمن کي به جلندي ڏيکاريو ويو آهي. پريمي جيڪو ڏڪار کان پوءِ هڪ نئين آس سان پنھنجي وطن وري ٿو ته پنھنجن ڪکن کي آڳ جي مچ ۾ وڪوڙيل ڏسي ٿو ۽ کيس پنھنجي پريميڪا جو خيال اندران ئي اندران کيس چڪناچور ڪري وجهي ٿو. جلندڙن گهرڙن جي آس پاس کيس رڳو هڪ عاج جا چوڙا پيل ٻانهن ملي ٿي، جنھن کي هو سڃاڻي ٿو ۽ چمي ٿو پر سرحد پار کان آيل هڪ انڌي گولي سندس ميڄالو ڪڍي وجهي ٿي. ڪھاڻيءَ جو آخري پيراگراف جيڪو ”نئين زندگيءَ“ جي ايڊيٽر شمشير الحيدري ڪٽي ڇڏيو هو، ان ۾ سڀ ڪجهه بيان ٿيل آهي. اوهان پاڻ پڙهي ڏسو:

”بارڊر پوسٽ تي ٻنهي ملڪن جا ڪمانڊر، لاشن، زخمين ۽ قيدين جي مٽا سٽا لاءِ گڏ ٿيا هئا، جڏهن هن جو لاش هيٺ لاٿائون ته هن جي آڪڙيل ڀاڪر ۾ اڃا تائين هڪ ٻانهن هئي، جنھن کي ٺونٺ کان هيٺ عاج جي ٻانهين پيل هئي، ۽ ان جو عاج رتائجي ويو هو.

هڪڙي ڪمانڊر لاش تي نظر وڌي: ”نه، هي اسان جو نه آهي. . . !“

ٻئي ڪمانڊر ساڳئي لاش تي نظر وڌي، ۽ ڪنڌ ڌوڻيندي چيائين: ”هي اسان جو به نه آهي. . . . “

ڪمانڊرن لاءِ مسئلو پيدا ٿي پيو. هن لاش کي ۽ هن ٻانهن کي ڇا ڪن: ساڙين يا پورين؟ هو ڳچ وقت ان مسئلي تي بحث ڪندا رهيا، پر ڪنھن به نتيجي تي پھچي نه سگهيا. . . ۽ هن جو لاش ۽ وڍيل ٻانهن، اهو سوال پڇندا رهيا!“ (48)

پنھنجي تخليقي سفر ۾ جتي سراج سنڌي افسانوي ادب ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيندڙ ڪھاڻيون لکيون آهن، اتي ڪي هلڪيون ڦلڪيون روايتي ڪھاڻيون به لکيون آهن، جن ۾ ڪو گھرو تاثر، ڪو نئون خيال يا ڪنھن به قسم جي فني جدت موجود نه آهي. اهڙين ڪھاڻين مان هڪ ”ڏوريان ڏوريان مَ لھان“ آهي. هي هڪ روايتي پيار ڪھاڻي آهي، جنھن کي ”ايڪ انار دو بيمار“ جي جملي ۾ سمائي سگهجي ٿو. ٻه ڀينرون آهن، جيڪي پنھنجي سوٽ مٿان فدا ٿيڻ لاءِ تيار آهن. هن ڪھاڻي ۾ جوانيءَ جي سرحدن کي ڇهندڙ نوجوانن ۾ پيدا ٿيندڙ جنسي جذبن ۽ نفسياتي مونجهارن واري بنيادي نڪتي کي بيان ڪيو ويو آهي. ڪھاڻيءَ جا ڪجهه بيانيھ تشبيھي جملا ۽ مڪالما دل ڇُھندڙ آهن. جيئن:

  • ريتي سندس پيرن هيٺان ائين کسڪڻ لڳي، ڄڻ ته زندگي هن جي پيرن هيٺان کسڪي رهي هئي.“ (49)
  • هو جڏهن به هڪ ٻئي جي سامھون ٿيندا هئا، تڏهن هنن کي ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ته ڪو زخمي ڪبوتر پنھنجا پَرَ سوئي، پنھنجي ئي وجود ۾ گم ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. (50)
  • هن ائين ڀانئيو ڄڻ ته هوائي جهاز جي ڪنھن حادثي ۾، رحم کائي، ڪنھن هن جي پُٺن سان پيراشوٽ ٻڌي ڇڏي هئي. (51)

جتي ڪھاڻيءَ ۾ اهڙا سھڻا جملا موتين جيان ٽاڪيا ويا آهن، اتي اردو جي اثر هيٺ ”نازوءَ جي ٻچي. . . . “ جي لفظن سان شروع ٿيندڙ ڊائلاگ به موجود آهن. سنڌيءَ ۾ ٻچيءَ جي معنا ڪجهه ٻي آهي.

سراج جي ڪھاڻين مان ”فراڊ“ هڪ منفرد ڪھاڻي آهي. هيءَ ڪھاڻي مذهب جي نالي ۾ عابد ۽ زاهد انسانن جو حقيقي روپ ڏيکاري ٿي. هي ڪھاڻي نه آهي پر انسانيت جي ڪپيل ڳلي مان نڪتل هڪ دردناڪ دانهن آهي. پنھنجي آرٽ ۽ ڪرافٽ جي لحاظ کان ”فراڊ“ هڪ نھايت ئي دلچسپ ڪھاڻي آهي، جنھنجي مرڪزي خيال ۾ اهو نڪتو بيان ڪيل آهي ته هر مرد جي نفسيات جي ڪنھن نه ڪنھن ڪنڊ ۾ هڪ حيوان لڪل رهي ٿو ۽ خاص ڪري عورت سان سندس ظاهري سلوڪ جي حقيقت هڪ فراڊ کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي. . . . . . “ (52) هن ڪھاڻي جي پڄاڻي تي قاري جي ذهن ۾ هڪ سوال گونجندو رهي ٿو ته ”ڇا مذهب ۽ عقيدو ڪنھن جي جان بچائڻ کان روڪي ٿو؟“

اهڙيءَ طرح سراج جي ڪھاڻي ”دل جا پاڇولا“ پنھنجي موضوع ۽ معيار جي لحاظ کان سراج جي هڪ سٺي ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ مٿين طبقي جي شھري زندگيءَ جي اهڙن پاسن تان پردو کنئيو ويو آهي، جيڪي ڪرڀ ڏيندڙ آهن. هيءَ انساني ڪڌاين ۽ ڪم ظرفين جي ڪھاڻي آهي. انساني احساسن کي ڪُچلي ترقي ماڻڻ جي جستجو ڪرڻ ڪيڏي نه حقير ۽ غليظ سوچ آهي، پر ماڻهو عھدن ۽ رتبن اڳيان انساني وقار ۽ رشتن کي چکيا تي چاڙهڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري. سراج ”دل جا پاڇولا“ ۾ ’صفو‘ جي ڪردار کي هڪ اهڙي ذهني ۽ نفسياتي ڪشمڪش ۾ مبتلا ڏيکاريو آهي، جنھن کي زندگيءَ جو ڪو به سُک سُک نه ٿو لڳي، ڇوته ان ۾ مصنوعيت ۽ نمائشي انداز آهي. هن ڪھاڻيءَ جو هنن لفظن ۾ ڳَر ڪڍي سگهجي ٿو: ’زندگيءَ جي عارضي چمڪ دمڪ جي ڪابه اهميت نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن هزار رونقن باوجود زندگي بي چسي ۽ بي رونق بڻجي وڃي ٿي. هاءِ فاءِ لائيف گذاريندڙن جو جيون به ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن مھاڻي کان به بدتر هوندو آهي. پيار کان سواءِ اڪثر رشتا بي معنا بڻجي ويندا آهن ۽ ڏيکاءُ ماڻهوءَ کي اندران ئي اندران اڏوهيءَ جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏيندو آهي. بي چسي زندگيءَ کان موت بھتر آهي. ‘ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکيو آهي ته ” ”فراڊ“ ۽ ”دل جا پاڇولا“ انھن ڪھاڻين جي پس منظر ۾ به ڪا نه ڪا مغربي تخليق پنھان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهي مغربي ٻولين جي ڪھاڻين تان آزاد ترجمو آهن يا ته انھن مان مرڪزي خيال ورتو ويو آهي، جن کي ڪھاڻيڪار هوشياريءَ سان سنڌي زندگيءَ ۽ ماحول ۾ بدلايو آهي.“ (53) سراج وسيع مطالعو رکندڙ اديب هو، تنھن ڪري سندس ڪھاڻين تي مغربي ادب جا پاڇولا ممڪن آهن. پر عرساڻي صاحب مٿين تنقيد ڪندي ڪوبه ثبوت نه ڏنو آهي ۽ رڳو پنھنجو انومان ظاهر ڪيو آهي.

سراج جي جديد سنڌي ڪھاڻيڪارن ۾ حيثيت ۽ سڃاڻپ ان ڪري به ڌار آهي جو هو پنھنجي لکڻ جي اسٽائيل کي تبديل ڪندو رهيو ۽ هن ڪنھن هڪ گهاڙيٽي ۾ نه لکيو. هن جي ڪھاڻين مان ان جو هڪ سٺو مثال سندس ڪھاڻي ”هڪ مڙدو ٽي لاشا“ پڻ آهي. سراج هن ڪھاڻيءَ ۾ سماج جي ڀرندڙ قدرن کي وائکو ڪيو آهي. هن ڪھاڻيءَ جو مُک ڪردار جيڪو هڪ اصغر جڏهن بئريسٽر بڻجي وطن واپس اچي ٿو ته ڄڻ هڪ نئون ماڻهو ٿي اچي ٿو. اها تبديلي ڪا مثبت نه هئي. هو اها ڊگري وٺي ڄڻ پنهجي روح تان احساس جو لباس لاهي آيو هو. اصغر جيڪو اڳي هڪ آدرشي انسان هو ۽ ماڻهن جي درد کي محسوس ڪندو هو، سو بي حس بڻجي چڪو هو. ڪھاڻيءَ جي مھڙين پيج تي ئي لکيل آهي ته ”اڳي جو هو ڪا سماجي برائي ڏسندو هو ته سندس دل ڪڙهڻ لڳندي هئي، هاڻي ساڳي برائي ڏسي هن کي هڪ اڻلکي خوشي محسوس ٿيندي هئي.“ (54) ڇوته هاڻي ماڻهن جو درد ۽ سندن مسئلا ئي هن جو ڪاروبار بڻجي چڪا هئا. هن ڪھاڻيءَ ۾ سراج اها ڳالهه سمجهائڻ چاهي آهي ته ’وڪالت جو پيشو اڪثريت کي بي حس بڻائي ڇڏي ٿو. وڏا پڙهيا لکيا ۽ بئريسٽر به ضمير فروشيءَ واري ڌنڌي تي لھي پون ٿا. انهن جي اندر مان احساس مري وڃي ٿو. سماجي حقيقت نگاري واري هن ڀرپور ڪھاڻيءَ ۾ سراج سنڌي سماج جو ڪربناڪ چهرو ڏيکاريو آهي. هن ڪھاڻيءَ جي مُک ڪردار بئريسٽر صاحب جي اڳيان روز هڪ پوڙهو سندس ضمير کي جنجهوڙڻ ته اچي ٿو پر هن جو ضمير ته مري چڪو هو. اهي ٽي پوڙها، جيڪي هن جي سامھون آيا هئا هن کي ٽي لاش پئي لڳا، اهي ٽي پوڙها، ڪھاڻي جا ڪردار ته آهن پر سماج ۾ غربت، مفلسي، تنگ دستي ۽ بي انصافيءَ جون علامتون به آهن. اهو پوڙهو جيڪو سردخاني ۾ پيل آهي، سو پڻ اصغر جي ضمير کي جاڳائي نه ٿو سگهي. اصل ۾ هو پاڻ مري چڪو هو ۽ اهي ٽي پوڙها جن کي هو لاش سمجهي پيو انهن سان گڏ هڪ مڙدو اُهو پاڻ ئي هو.

سراج جي شاهڪار ڪھاڻين مان هڪ ڪھاڻي ”اٺون ماڻهو“ آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ هن ڪٿي ڪٿي علامتي انداز به اپنايو آهي. هيءَ ٽارچر سيل ۾ جنم وٺندڙ ڪھاڻي آهي. هي ڪھاڻي آمراڻي دور ۾ آزاد انسانن سان ٿيندڙ عقوبتن کي وائکو ڪري ٿي. هي ڪھاڻي عقوبت خاني ۾ ابتي ٽنگيل هڪ اهڙي سگهاري انسان کي مرڪز بڻائي ٿي، جيڪو شديد تشدد بعد به جبر اڳيان گوڏا ٽيڪڻ لاءِ تيار نه آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ رڳو هڪ سگهاري انسان جي اذيت جي ڪٿا ئي بيان نه ٿيل آهي پر ان ۾ هڪ پوري دور جي ڪربناڪين جي عڪاسي به موجود آهي. ڪھاڻيءَ جي شروعات هنن جملن سان ٿئي ٿي ”تنھن رات هن کي ابتو ٽنگيو هئائون. . . تنھن رات آسمان تي ٿوهر ڄمي پيا هئا!“ اڳتي هلي ڪھاڻي جو هڪ منظر چٽيندي ٻڌايل آهي ته ”هيءَ تڏهن جي ڳالهه هئي، جڏهن خاڪي ڊريس جو مستطيل اڃا ڪونه بڻيو هو؛ اڃا فقط ڪاٺ جو ماڻهو هو، جنھن جي هڪڙي هٿ ۾ نيٽ جو لڪڻ هو ۽ ٻئي هٿ جي وچين ۽ ڏسڻي آڱر جي وچ ۾ دُکيل سگريٽ هو. “ ابتو ٽنگيل ماڻهو اصل ۾ ڪھاڻيءَ جو نائون ماڻهو هوندي به اٺون ماڻهو آهي. اٺون ماڻهو اهو هيو، جنھن پنھنجي رائيفل پنھنجي کاڏيءَ هيٺ رکي، گهوڙو دٻائي ڇڏيو هو. جڏهن ابتو ٽنگيل ماڻهوءَ کي اذيت خاني ۾ موجود هڪ ماڻهوءَ جا هي جملا ٻڌي ٿو ته ”جڏهن ڳوٺ تي چڙهائي ٿي ته تڏهن، هن (اٺين ماڻهوءَ) فائر کولڻ کان انڪار ڪيو ۽ لاچار هن کي شوٽ ڪرڻو پيو. “ ته ابتي ٽنگيل ماڻهو کي لڳي ٿو ته هو به اٺون ماڻهو ئي آهي. ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي هنن جملن سان ٿئي ٿي:

”ڪاٺ جو ماڻهو خاڪي ڊريس جو مستطيل بڻجي ويو. آسمان جي ٽڪنڊي ۾ بي انداز تارا جهرمر ڪرڻ لڳا، روشنيءَ جي ٿوهر ۾ انڊلٺ جا رنگ ڀرجڻ لڳا ۽ انهيءَ ست رنگي نور ۾ هن کي اٺو ماڻهو نظر آيو، جنھن جي هٿ ۾ رائيفل هئي. ڪا آس مرڪ بڻجي هن جي چيريل چچريل چپن جي ڦوڦينڊن ۾ ڦهلجي وئي ۽ هن پنھنجو سمورو ست آخري پساهن ۾ گڏ ڪندي چيو:

”مان اوهان کي ڪجهه نه ٻڌائيندس. “

ڪھاڻي ”اٺون ماڻهو“ پنھنجي پختي ٻولي، ٽريٽمينٽ، منظر نگاري ۽ تجسس وارين خوبين سان ڀرپور آهي. هي شاندار تشبيھن، استعارن ۽ مڪالمن سان سينگاريل ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻيءَ جا رڳو هي ٻه ٽي جملا ئي پڙهي ڏسجن:

  • آسمان جو ٽڪنڊو ۽ روشنيءَ جو ٿوهر، ڪنھن خواب جي چوسول تي هن جي نظر جي سفر کان اوجهل ٿي ويا.
  • هن جي ڪَنن جي ڌنوڻ ۾ اهي لفظَ ڌنئون ڌنئون ڪرڻ لڳا.
  • ليٽ جي لَڪڻ جي شپڪي جو آواز، ڪاٺ جي ماڻهوءَ جي سھڪڻ جو آواز ۽ هن جي ڦڦڙن مان چيڀاٽجي نڪرندڙ آواز؛ انهن آوازن ۾ هڪ نئون رشتو پيدا ٿي پيو هو.
  • ان دڙڪي کي ڪو جسم نه هو ۽ ڪنھن خيالي ڦوڪڻي وانگر هن جي مٿان ڦرڻ لڳو.

سراج جو مجموعي طور سنڌي ٻوليءَ ادب لاءِ ڪيل ڪم بيشڪ وڏي اهميت رکي ٿو پر خاص طور هڪ ڪھاڻيڪار طور به هن جي حيثيت سنڌي ٻوليءَ جي ٽرينڊ سيٽر ڪھاڻيڪارن واري آهي، اسان هن اڀياس جي بنياد تي اهو چئي سگهون ٿا ته سراج سنڌي ڪھاڻيءَ جو سراج آهي، جنھن جي روشني سدا قائم رهڻي آهي.

نتيجو:

سراج پنھنجي دور جي نمايان ڪھاڻيڪارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن جي ڪھاڻين ۾ انساني المين ۽ بلجندڙ سماجي قدرن جون تصويرون ڏسي سگهجن ٿيون. سراج جي ڪھاڻين جا گهڻا تڻا ڪردار ڌرتيءَ جي ڪُک مان ڄايل آهن، پر هن جي ڪھاڻين ۾ عام انساني ڪردارن سان گڏ ڪي ديومالائي ڪردار به نظر اچن ٿا، پر انهن کي هو علامتون بڻائي ٿو. اهڙي طرح ڪن جيئرن جاڳندن ڪردارن مان به علامتي معنائون ڪڍي ڏئي ٿو. سراج جي ڪھاڻين ۾ سرمائيداري نظام جي اثر هيٺ ايندڙ تبديلين جا نشان نظر اچن ٿا. هو پنھنجين ڪيترين ئي ڪھاڻين ۾ پيڙيل طبقي جو نمائندو لڳي ٿو. سراج جِي سماج جي بدلجندڙ حالتن تي گهري نظر هئي، تنھن ڪري هن پنھنجين ڪھاڻين ۾ نئين دور جي مسئلن، نفسياتي مونجهارن ۽ انساني المين ۽ پيڙائن کي موضوع بڻايو. هن جي ڪھاڻين ۾ سندس تجربي، مشاهدي ۽ مطالعي جا اثر نمايان آهن.

سراج جون ڪھاڻيون ڪنھن هڪ اسلوب ۾ لکيل نه آهن. هن پنھنجي ڪھاڻين کي نون نون ۽ جديد قالبن ۾ پيش ڪيو آهي. سراج جي ڪھاڻين جي ٻولي ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. خاص طور هن پنھنجين ڪھاڻين ۾ ڪردارن جي سماجي رتبي ۽ نفسيات مطابق مڪالما ڏنا آهن. هن جي ڪھاڻين جا گهڻا ڪردار شھري زندگي وارا آهن، تنھن ڪري سندس ڪھاڻين ۾ ڪاسموپوليٽن ڪلچر ۽ شھري ماحول جي عڪاسي ملي ٿي. پنھنجي تخليقي سفر ۾ جتي سراج سنڌي افسانوي ادب ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيندڙ ڪھاڻيون لکيون، اتي ڪي هلڪيون ڦلڪيون ۽ روايتي ڪھاڻيون به سرجيون. هن جي ڪن ڪھاڻين تي ترجمي جو گمان به ظاهر ڪيو ويو آهي. وسيع مطالعو رکندڙ سراج جديد سنڌي ڪھاڻيڪارن ۾ هڪ نمايان مقام رکي ٿو. بيشڪ هن جون ڪھاڻيون قاري کي پنھنجي حسين ڊڪشن ۽ انوکي اڻت سبب پنھنجي سحر ۾ جڪڙي رکڻ جي قوت رکن ٿيون.

مددي ڪتابن ۽ رسالن جا حوالا

  1. سومرو رفيق: ”سليم چنا جي ڪھاڻين جو جائزو“ (مضمون) ٽه ماهي اوسر 2 اونھارو، چيف ايڊيٽر: ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، اوسر پبليڪيشن، حيدرآباد، 1997ع
  2. حميد محمد شاهد: ”اردو افسانه صورت و معاني“ نيشنل بڪ فائونڊيشن، اسلام آباد، 2006ع
  3. آفاقي اقبال ڊاڪٽر: ”اردو افسانه ــ فن، هنر اور متني تجزيي“ فڪشن هائوس لاهور، 2012ع
  4. ساڳيو، ص 50
  5. ساڳيو، ص 40
  6. ساڳيو
  7. فھميده حسين ڊاڪٽر: ليکڪ: سراج، ”درد ڪھاڻيون“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع
  8. ميمڻ انيس: ”جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل!“ (تاثر) ”سنڌ جو ديومالائي ڪردار ــ سراج“، مرتب: تاج جويو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 2013ع
  9. سراج: ”اٺون ماڻهو“ نيو فيلڊس پبلڪيشن، حيدرآباد، 1985ع
  10. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر: ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع
  11. ميمڻ غفور ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“، شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2002ع
  12. مغل غلام نبي: ”سون جھڙو ماڻهو: سراج“ (مضمون) ”سنڌ جو ديومالائي ڪردار ــ سراج“، مرتب: تاج جويو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2013ع
  13. بروهي علي احمد: ”سياري جي هڪ رات“ (ڪتاب جو مھاڳ)، شھباز پبليڪيشن، حيدرآباد، 1958ع
  14. سراج: ”درد ڪھاڻيون“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع
  15. ساڳيو، ص 19
  16. ساڳيو، ص 21
  17. ساڳيو، ص 22
  18. ساڳيو، ص 23
  19. گيانچنداڻي سوڀو: ”سراج، منھنجو بھترين دوست“ (تاثر) ”سنڌ جو ديومالائي ڪردار ــ سراج“، مرتب: تاج جويو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2013ع
  20. سراج: ”درد ڪھاڻيون“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع
  21. ثميره زرين: ”مھراڻ جون ڇوليون“، پاڪستان پبليڪيشن حيدرآباد، 1962ع
  22. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“، اوسر پيڙهڪا اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2009ع
  23. ساڳيو، ص 154
  24. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر: ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع
  25. سراج: ”درد ڪھاڻيون“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع
  26. ساڳيو، ص 35-36
  27. ساڳيو، ص 24
  28. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر:”فن ۽ ڳُڻ ــ رفيق سومري جي ڪھاڻيڪاريءَ جو جائزو“
    (مضمون) ٽه ماهي ”اوسر 1“ چيف ايڊيٽر: ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، اوسر پبليڪيشن حيدرآباد، 1995ع
  29. جوڻيجو عبد الجبار ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (ٽئين ڀاڱا گڏ)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2003ع
  30. ساڳيو، ص 706
  31. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر: ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع
  32. آغا سليم: ”سنڌي ادب ۾ ڪي غلط روايتون“ (مضمون) ”آغا سليم ـ شخصيت ۽ فن“ مرتب: هڪڙو انور فگار ڊاڪٽر، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2019ع
  33. آفاقي اقبال ڊاڪٽر: ”اردو افسانه ــ فن، هنر اور متني تجزيي“ فڪشن هائوس لاهور، 2012ع
  34. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر: ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع
  35. سراج: ”درد ڪھاڻيون“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع
  36. سراج: ”اٺون ماڻهو“ نيو فيلڊس پبلڪيشن، حيدرآباد، 1985ع
  37. شيخ اياز: مھاڳ”درد ڪھاڻيون“ ليکڪ: سراج، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع
  38. ميمڻ غفور ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“، شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2002ع
  39. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“، اوسر پيڙهڪا اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2009ع
  40. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر: ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع
  41. آغا سليم: ”سنڌي ادب ۾ ڪي غلط روايتون“ (مضمون) ”آغا سليم ـ شخصيت ۽ فن“ مرتب: هڪڙو انور فگار ڊاڪٽر، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2019ع
  42. سراج: ”درد ڪھاڻيون“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع
  43. سومرو رفيق: ”سليم چنا جي ڪھاڻين جو جائزو“ (مضمون) ٽه ماهي اوسر 2 اونھارو، چيف ايڊيٽر: ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، اوسر پبليڪيشن، حيدرآباد، 1997ع
  44. فھميده حسين ڊاڪٽر: ليکڪ: سراج، ”درد ڪھاڻيون“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع
  45. سراج: ”درد ڪھاڻيون“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع
  46. سراج: ”اٺون ماڻهو“ نيو فيلڊس پبلڪيشن، حيدرآباد، 1985ع
  47. ساڳيو، ص 9
  48. ساڳيو، ص 18
  49. سراج: ”درد ڪھاڻيون“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع
  50. ساڳيو، ص 68
  51. ساڳيو، ص 72
  52. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر: ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع
  53. ساڳيو، ص 395
  54. سراج: ”اٺون ماڻهو“ نيو فيلڊس پبلڪيشن، حيدرآباد، 1985ع
91 ڀيرا پڙهيو ويو