ثميره زرين جي ڪهاڻين جو تحقيقي اڀياس
(The stories of Sumera Zareen a research based study)
ڊاڪٽر عائشه سريوال
Abstract
Sumera Zareen was born on feb: 22, 1944 in shikarpur Sindh. Her original name is Sakina awan. She also is knowing as first lady of Sindhi story. She started writing stories in very early age of ten to 12 years.
Three books of her stories has been published, including one book of compilation.
- Geet Unjayal Moran Ja (1971)
- Aaoun Ohaaee Marvi (1981)
- Roshan Chhanwro (1989)
Her stories are extracted from our society, the Literature, she inspired, was based on human rights.
“I am much more inspired from Hindi, Bengali and Russian Literature” these are her own words, which make clear to readers and critics to understand her school of thought, which of course, belong to the literature, created in the result of revolutions, fight for human rights and freedom expression. This kind of literat was very popular for last many decades in all over the world.
Literature for life, is main subject of her stories.
In this paper, the readers will meet with the review of her stories.
ثميره زرين جو اصل نالو سڪينه اعواڻ آهي. سندس جنم 22 فيبروري 1944 ۾ شڪارپور جي اعواڻ محلي محمد اعظم اعواڻ جي گهر ۾ ٿيو . ثميره کي سنڌي ادب جي خاتون اول ڪھاڻيڪاره پڻ سڏيو وڃي ٿو . ثميره زرين ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ ڪھاڻي لکڻ شروع ڪئي. سندس ٽي اصلوڪا مجموعا ۽ هڪ ترتيب ڏنل آهي. اصلوڪن مجموعن ۾ ”گيت اڃايل مورن جا“(1971)، ”آءٌ اهائي مارئي“(1981) ۽ ”روشن ڇانورو“ (1989 ) شامل آهن. سندس ترتيب ڏنل ڪھاڻين جو مجموعو ”مھراڻ جون ڇوليون“ 1962 ۾ ڇپيو . هن ۾ ماهوار ”نئين زندگي“ رسالي جي ڪھاڻين مان چونڊ ٿيل آهي . نصير مرزا موجب:
”ڏهن سالن جي ڄمار ۾ سندس پھرين ڪھاڻي ”اميد“ نئين زندگيءَ جھڙي معياري رسالي ۾ ڇپي . سنڌي ادب ۾ سندس نالو اميد جو ڪرڻو ثابت ٿيو، ۽ هن ٿوري وقت ۾ پنھنجو نالو وڏن ڪھاڻيڪارن ۾ ڳڻائي ادبي دنيا ۾ مشھوري ماڻي ورتي.“ (1 )
هيءَ اها ڪھاڻي هئي، جنھن ۾ هوءَ ڏهن سالن جي عمر ۾ الله سائين سان گفتگو ڪندي ڏسجي ٿي. ان عمر ۾ به سندس ذهن معروضي درد کي محسوس ڪري رهيو آهي. الله سائين سان مخاطب ٿي، پنھنجي درد ۽ ڏک جو ذڪر ڪرڻ، هڪ نئون انداز آهي. هوءَ لکي ٿي:
”زماني جي هر ٺوڪر کائڻ کان پوءِ تنھنجي حضور ۾ آيس، ۽ هر دفعي تو سھارو ڏنو. جيتوڻيڪ مون توکي نه ڏٺو آهي، پر هڪ غير مرئي احساس مونکي تنھنجي پڪارڻ تي مجبور ڪيو. جيتوڻيڪ دنيا جي هر ذري ۾ تون آهين. ڇا باغ، برگ، شجر ڇا ڪوهسار، آبشار ۽ بحر بر، تڏهن به منھنجي تشنه روح کي آرام نه آيو. مان توکي هميشه نمايان پسڻ چاهيو، پر اڃا تائين ڏسي نه سگهيس. جڏهن کان عالم فاني ۾ قدم رکيو، چارسُو محروميون مون لاءِ منتظر رهيون. هڪ تنھنجي بي پايان زندگيءَ جي خاردار راهن تي باهمت هلي رهي هيس ۽ هر دفعي تو منھنجي مدد ڪئي، ۽ هينئر به جڏهن منھنجي دور حيات ۾ سڀ کان ڪٺن راهه آئي، تڏهن تون مونکان پري ٿي وئين، يا مان دنياوي عيش ۾ گم ٿي توکان پري ٿيس، ۽ جڏهن وري توکي پڪاريم، تڏهن تو هينئر مونکي پنھنجي قريب نه ڪيو . مان بارها لڙڪ ڀريل نماڻين اکين سان تنھنجي اڳيان سربسجود ٿيس ۽ هر دفعي تو مونکي ٺڪرائي ڇڏيو . منھنجا لڙڪ بي اثر ٿي ويا. ڇا زندگيءَ جي ناهموار راهن تي تون مونکي تنھا ڇڏي ڏيندين! منھنجا ڪيل گناهه تنھنجي اڳيان ناقابل معافي آهن ڇا؟“ (2 )
هن ڪھاڻيءَ جي ٻولي ۽ خاص طور فارسي لفظن ۽ تجنيسن جو استعمال ٻڌائي ٿو، ته يقينن ان ۾ هن ڪنھن سينئر کان مدد ورتي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيترا ئي لفظ اهڙا آهن، جيڪي ڏهن سالن واري ٻار جي ذهن ۾ اچڻ ممڪن نه آهن. بھرحال ڪھاڻيءَ ۾ هوءَ الله تعالي سان ڳالهائيندي ڏسجي ٿي ۽ هن سماج جي دلفريب رنگن کان مايوس ٿي، پنھنجي رب ۾ اميد رکي ٿي. شايد اها ئي اها بي رنگي آهي، جنھن سبب اڳتي هلي هن جيڪو لکيو، ان ۾ سماج جون تلخيون شامل ٿيون. جيڪي ڪجهه هن مٿان گذريو ۽ جيڪو هن پنھنجي دور جي مظلوم عورت تي ٿيندي ڏٺو، ان کي رقم ڪيائين. سندس ڪھاڻين جا اڪثر هيرو ڪردار عورتون ئي آهن. هن مظلوم عورت کي زبان ڏني آهي، ۽ زماني جي حقيقتن تان پردو کنيو آهي. هن جون ڪھاڻيون فرضي نه آهن، پر سماج جي حقيقتن جو اولڙو آهن. هوءَ پاڻ چوي ٿي:
”مان ڪڏهن به فرضي يا سوچيل ڪھاڻي لکڻ جي فائدي ۾ ڪانه رهي آهيان. منھنجي هر ڪھاڻي ڪنھن نج ڪنھن حقيقي واقعي کان متاثر ٿي لکيل هوندي آهي.“ (3 )
ڪجهه ليکڪن سندس پھرين ڪھاڻي ”زندگي ڪيتري نه گران آهي“ ڄاڻائي آهي. ان ڪھاڻيءَ ۾ به هڪ ڏهن سالن جي ٻار دنيا جي حالتن کي پرکڻ ۽ محسوس ڪرڻ واري تجربي کي ڪھاڻيءَ جي شڪل ۾ پيش ڪيو اٿس . ثميره سماج جي مسئلن کي ننڍي عمر ۾ هڪ گھري نگاهه سان جاچڻ لڳي هئي، جنھن جو مثال سندس ڄاڻايل ڪھاڻي آهي.
انور فگار هڪڙي جي چوڻ موجب: ”’زندگي ڪيتري نه گران آهي‘، جي عنوان هيٺ افسانو ماهوار ’نئين زندگي‘ جي جنوري 1954 جي پرچي ۾ پڌرو ٿيو . ثميره جي ان پھرئين افساني جو عنوان ئي ان ڳالهه جو چٽو دليل آهي ته هو ننڍپڻ کان ئي زندگيءَ جي مختلف روپن ۽ رنگن کي جاچيندي آئي، ۽ سندس مشاهدي واري اک ڪڏهن به ٻوٽيل نه رهي. بلڪه هو پنھنجي کليل معصوم نيڻن سان هن دنيا جي هر سرهي ۽ ڪوماڻل زندگيءَ کي گھري نظر سان ڏسندي رهي ۽ نه صرف ان لاءِ سوچيندي هئي، پر سوچ جي ساگر جي وير چڙهڻ تي لکندي به رهي.“ (4)
”زندگي ڪيتري نه گران آهي“ ۾ پھرين نجمه ۽ سليم جي ننڍپڻ جي دوستي ڏيکاري وئي آهي. پوءِ جواني جي محبت جيڪا نه ملڻ جي ڪري سليم جي شادي ٻئي هنڌ ٿي وڃڻ جي ڪري، نجمه مايوس ٿي وڃي ٿي. سليم پنھنجي سوٽ سان ان ڪري شادي ڪري ٿو، جو کيس چاچي ننڍي هوندي کان پاليو ۽ پڙهايو هو بس ان احسان ۾ دٻجي سليم شادي ٿو ڪري، پر ان سان رهي نٿو سگهي ۽ ٻار ۽ زال کي ڇڏي هليو ٿو وڃي. نجمه بيمار ٿي وڃي اسپتال جي حوالي ٿئي ٿي. يعني اسان جو گُهٽيل ماڻهوءَ جي ڄمندي ئي سماج انساني احساسن سان کيڏڻ شروع ٿو ڪري ڇڏي. سماج جي رسمن جي ور چڙهيل ماڻهو ڪڏهن به پنھنجي زندگيءَ جون خوشيون ماڻي ناهي سگهندو. ائين ئي ان ڪھاڻيءَ جو ڪو به ڪردار خوش نه رهيو. سڀ پنھنجي پنھنجي حصي جو سور سھندي ڏيکاريا ويا آهن. پر ڪھاڻيءَ ۾ نجمه کي دردن ۾ پيڙيل ۽ وڌيڪ اذيت ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
”هينئر وٽس غمن کان سواءِ ڪجهه نه رهيو هو. ڪيتري نه بدنصيب هئي، جواني سان همڪنار ٿيندي ئي هن جون مسرتون ختم ٿي ويون. جڏهن پنجويھن سالن جي ٿي ته تڏهن هن بدنصيب لاءِ سلهه جھڙي بيماري به هنج کولي ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينھن گذارڻ لاءِ سلهه جي اسپتال ۾ داخل ڪئي وئي.“ (5)
ثميره زرين جي ڪھاڻين جو فڪر انساني المين مان جنم وٺي ٿو . هن کي جنھن ادب متاثر ڪيو هو، ان جو بنياد انسان جي حقن جي لاءِ ويڙهه هو. جنھن ادب تي دنيا جي آيل انقلابن جو اثر رهيو آهي. جيڪو ادب زندگيءَ جي ترجماني ڪري رهيو هو. هوءَ پاڻ چوي ٿي ته مونکي سڀني کان وڌيڪ هندي ، بنگالي ۽ روسي ادب متاثر ڪيو آهي. ترقي پسندن وانگر هوءَ ادب کي زندگيءَ جو ترجمان سمجهي ٿي. سندس خيال آهي ته اديب جو انداز منفرد هوندو آهي. هو جيڪو محسوس ڪري ٿو، ان ۾ پنھنجا جذبا ۽ خيال به پيش ڪري ٿو . ثميره لکي ٿي:
”مان ادب کي زندگيءَ جو ترجمان ٿي سمجهان، ۽ اديب زندگيءَ جون تمام حقيقتون ۽ روزمره جا واقعا ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو . پھرين انهن کان متاثر ٿئي ٿو، ۽ پوءِ انهي کي لکڻ وقت هن جا پنھنجا احساس به ان ۾ گڏجي، ان کي ادبي رنگ ٿا ڏين.“ (6)
ثميره جي اندر ۾ مظلوم عورت لاءِ همدردي هئي. هيءَ اهڙي ليکڪا هئي، جنھن عورت ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ چاهيو هو. هن معاشري جي عورت کي با تھذيب ڪري ڄاڻايو آهي. هن پنھنجي ڪھاڻين ۾ عورت جي زندگيءَ جو اهڙو درديلو عڪس چٽيو آهي، جيڪو پڙهندي ئي دلين ۾ گهر ڪري ٿو وڃي. ثميره وٽ بھادر عورت آهي ته گڏوگڏ وٽس ڪمزور، لوڙيندڙ ۽ برداشت ڪندڙ عورتن جون به ڪھاڻيون آهن. ثميره جي ڪھاڻين ۾ڏکڙن جو ڏاج، شمع ٻاريندي شب، آءٌ اها ئي مارئي، مومل جو ڏهاڳ وغيره ۾ مظلوم عورت جي حالتن جي عڪاسي انتھائي پُراثر نموني ملندي. سندس ڪھاڻي ايرکا ، سوري سزاوار ، ڇانوَ ۾ عورت جي خودمختياريءَ جي جهلڪ ملي ٿي. خود مختيار عورت سندس آئيڊيل آهي. سندس ڪھاڻين ۾ اسان کي عورت جا ٻئي روپ ڀرپور نموني نظر اچن ٿا. سندس لکڻ موجب:
”مان پنھنجي خيالن موجب عورتن جي لاءِ هميشه هڪ نئين راهه بڻائڻ جي خواهان آهيان. شايد ڪن آکاڻين ۾ به ان جو عڪس ڏنو هوندم.“ (7)
سندس ڪھاڻي ”مومل جو ڏهاڳ“ ۾ ڪنھن نياڻيءَ جي شاديءَ کي واپار ۽ بازار جو وکر ڪري پيش ڪيو ويو آهي. عورت کي خوبصورتي ۽ بدصورتيءَ جي پئمانن ۾ توريندي ڏيکاريو ويو آهي. ڪھاڻي ٻڌائي ٿي ته سونھن پسند زمانو خوبصورت عورت کي پسند ڪندو آهي ته سون جي اگهه ۾ ان جو سودو ٿي ويندو آهي، جيڪو مائٽن لاءِ خوشيءَ جو سبب بڻجي ٿو. بدصورت عورت مائٽن لاءِ ناسور بڻجي وڃي ٿي. ڇو ته ان کي زمانو وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي هوندو. ان جو سودو به زندگي ڀر ناهي ٿي سگهندو . ڪھاڻيءَ ۾ آهي ته:
”ڇوڪريءَ جي شادي هئي ڪين رنڊيءَ جو سودو! ڏيڻ جا ڊگها سلسلا.... وٺڻ جا ڊگها سلسلا ....شاديءَ جو مقدس فرض واپار جي وڏي ۾ وڏي جنس بڻجي پيو هو هنن وٽ ! ۽ عورت صدين جي پراڻي خيال موجب اڄ به چيز هئي، انسان نه هئي! ..... جيڪا ڪڏهن سونھن موجب وڏي قيمت تي وڪامجي مائٽن کي سونو ڪري ويندي هئي، ڪڏهن بدصورتي سبب نه وڪامجي زندگي ڀر جو ناسور بڻجي پوندي هئي.“ (8)
هن ڪھاڻيءَ جو هيرو اهڙين رسمن کان نفرت ٿو ڪري. هو اها سودي بازي پسند نه ٿو ڪري. ڇو ته هو اڄ جو نوجوان آهي، جنھن کي پراڻين ۽ فرسوده ريتن رسمن کان نفرت آهي. سماجي حقيقتن نگارن خود ڪٽنبي زندگيءَ کي به اهڙيءَ نظر سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنھن سان روايتن کان بغاوت محسوس ٿئي. شاديءَ لاءِ يا ڏاج جو معيار به ٻه اهڙا رويا آهن، جن کي مختلف طريقن سان ننديو ويو آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ به ڇوڪري کي سودي بازي نه ٿي وڻي. هن کي شادي نه پر شاديءَ جي نالي تي واپار ٿو لڳي. ان ڪري هو ان رشتي کي ٺڪرائي، ٻئي هنڌ شادي ٿو ڪري ڇڏي .
ڪھاڻي ”سوريءَ سزاوار“ ۾ اهڙيءَ عورت جو روپ ڏيکاريل آهي، جنھن کي زماني جو دستوري طريقو نه پر زندگي گذارڻ لاءِ نئين راهه کپي. هوءَ زماني ۾ هلندڙ عورتن سان زيادتين مان بيزار آهي. هو انهن عورتن وانگر به نٿي جيئڻ چاهي، جيڪي حق بخشائڻ کان پوءِ سڄي عمر ڀاڄائين جي ويھي غلامي ڪنديون آهن ۽ انهن جا طعنا سھندي پوڙهيون ٿي وينديون آهن . يا پنھنجن مڙسن کي ٻين عورتن جي مٿان موهن ٿيندي ڏسي، خاموش ويٺيون هونديون آهن يا مختلف بيمارين جو شڪار ٿي ڪنجهندي زندگي بسر ڪنديون آهن. کيس عورت جا اهي سڀ روپ پسند نه آهن . هو چاهي ٿي ته ڪا نئين راهه ڳولي .
”هن جي رڳ رڳ درد سان ڀرجي وئي. هن جي دل بي اختيار پڪاريو، هاءِ....هنن راهن تي ڪيئن هلبو ...؟ پٿر پير کڻي .....سيني جا سور کڻي ....ڪا نئين راهه ....ڪا نئين راهه ڳولڻي ئي پوندي ....اي زندگي تو لاءِ...“ (9 )
ثميره جي ڪھاڻي ”غيرت“ ۾ هڪ دولت جي گهمنڊ ۾ ورتل انا پرست وڏيري جي تصوير پيش ڪئي وئي آهي، جيڪو پنھنجيءَ انا ۾ پنھنجي ڌيءُ جي زندگي برباد ڪري ٿو ڇڏي . اميريءَ جي گهمنڊ ۾ نياڻيءَ کي ڌارين ۾ ڏيڻ بجاءِ پنھنجي نياڻي کي گهر ۾ ڀائرن جي مار موچڙي لاءِ ڇڏي ٿو ڏئي . .پر جڏهن ان وڏيري جي دولت پنھنجي عياش ڀاءُ جي چڪرن ۾ ختم ٿي وڃي ٿي ته وڏيرو هوندي پيٽ گذر لاءِ پريشان ٿي ٿو وڃي. هن تان اميريءَ جو نشو لھي وڃي ٿو ته کيس پنھنجي ڌيءُ کي پٽ هٿان مار کائيندي ڏسي افسوس کائي ٿو. پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ ڌارين ۾ ڏيڻ جوفيصلو ڪري ٿو، ۽ مجبوريءَ ۾ اها نياڻي پيرسن مرد سان پرڻائي ٿو ڇڏي، جنھن جا اڳ ۾ ئي ڪئين ڏوهٽا پوٽا هئا. هي اهو پيرسن هو ، جنھن پھرين پنھنجي پٽ لاءِ رشتو گهريو هو. هن ڪھاڻيءَ ۾ اصلاحي پھلو ضرور اجاگر ٿئي ٿو ۽ گهمنڊ جي ٽٽڻ سان، حقيقت پسند رويا جنم وٺن ٿا. هن ڪھاڻيءَ ۾ روايتي ڪلچر ۽ هلندڙ معاشرتي نظام کي ڌڪ لڳي ٿو.
ثميره جي ڪھاڻي ”وڏيري“ ۾ ڀنگين جي زندگيءَ ۾ جهاتي پاتل آهي، جنھن ۾ هڪ ڪردار نازو جي زندگيءَ کي چٽيو ويو آهي. نازو ڄمندي ئي سورن ۾ گذاريو هو . هڪ غريب هئي، ٻيو شڪل ۾ سادي هئڻ به ان جو گناهه هو. تنھن ڪري هن جي ماءُ کي هن جي رشتي جي پريشاني هئي. مجبور ٿي هن سندس شادي رحموءَ جهڙي نشائي سان ڪرائي. ايئن نازو پھرين ماءُ جي مار ۽ پوءِ رحمو جي مار کائيندي رهي ٿي.
”پھرين هوءَ ماءُ جي مارن تي هري وئي، پوءِ رحمو جي روز روز جي مارن کيس هَيري ڇڏيو. هاڻي ته مار به کاڌَي ۽ هوا وانگر سندس زندگيءَ جي ضرورتن ۾ شامل ٿي وئي هئي. کيس ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ زندگيءَ مان اهم چيز خارج ٿي وئي هجي.“(10)
هن ڪھاڻيءَ ۾ نازو جي ڪردار کي پھرين ڪمزور ڏيکاريو ويو آهي، پر نوڪري ملڻ کان پوءِ سماج جي مڪارين ۽ چالاڪين سان وڙهندي ۽ بغاوت ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ڀنگي قبيلي جي هڪ دلچسپ ڪھاڻي آهي، جنھن جي عورتن کي پنھنجي سماج سان هلندي، وڙهندي، وقت ۽ حالتن سان منھن ڏيندي ته ڪٿي ٺاهه ڪندي ڏيکاريو ويو آهي .
ثميره جي ڪھاڻي ”آءٌ اها ئي مارئي“ ورهاڱي سان شروع ٿئي ٿي، جنھن ۾ واڻين جو ڇڏيل سامان مسلمانن کڻي استمعال ڪرڻ شروع ڪيو:
”هو اڳئي دم ڪشي جو مريض هو ۽ کٽون به هيون ان واڻئي جون، جنھن جي جاءِ هن الاٽ ڪرائي هئي. سڄو ڪاٺ اهڙو مضبوظ هو جھڙو لوهه ، جيڪي هو واڻيو هندستان ويندي لاچار هتي ڇڏي ويو هو .“ (11)
هن ڪھاڻيءَ ۾ پھرين زال جي روپ ۾ هڪ بي وفا عورت جو ڪردار ۽ پوءِ نُنھن جي روپ ۾ هڪ بھادر ۽ وفادار عورت جي ڪردار جي ترجماني ڪئي وئي آهي، جيڪا محبت جي شادي ڪري ٿي. پوءِ مڙس جي نشائي ۽ جواري ٿي وڃڻ تي به سٺو ساٿ ڏئي ٿي. پنھنجي خالي گهر کي بلڪل جنت بڻائي ٿي ڇڏي . سندس چال چلت تي سھرو به بلڪل خوش آهي، ان ۾ هڪ سادي عورت جو بھادر روپ ڏيکاريو ويو آهي. هن ۾ عورت جي ڪردار جو مثبت پھلو ۽ سگهڙپائي ڏيکاري وئي آهي.
هن ڪھاڻيءَ ۾ پھرين هڪ عورت سان نفرت ڏيکاري وئي هئي، جيڪا پنھنجو گهر ۽ ٻار ڇڏي ڪنھن ٻئي مرد سان نڪري وئي، جنھن سبب سندس ٻارن جي سٺي پرورش ٿي نه سگهي. پوءِ جڏهن ننھن جي روپ ۾ هڪ عورت سيبتي مليس ته هڪ مرد جو عورت تي وري اعتبار بحال ٿي ويو. ان ڪري ايئن هن ۾ عورت جا ٻه روپ ڏيکاريا ويا آهن. هي ڪھاڻي ڪٿي مرد کي ته ڪٿي عورت کي هڪ جيترو قصور وار ٺھرائي ٿي .
ثميره زرين جي ڪھاڻي ”ڇانوَ“ ۾ هڪ بيواهه جي زندگيءَ کي چٽيو ويو آهي. بيواهه عورت سماج ۾ ڪيئن ٿي هلي، ڪھڙ ن مسئلن جو شڪار ٿي رهي، انهن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن کي ڏير کان وٺي هر رشتي کي بھادريءَ سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. هيءُ هڪ خوددار ۽ بھادر عورت آهي. ڏير مڙس جي تڏي تي چيو هو ته مان ڀاڄائيءَ سان نڪاح ڪندم. جڏهن هن عورت ٻڌو ته شاديءَ کان انڪار ڪري، پنھنجي ننڍڙي پٽ سميت پنھنجي ڀائٽي وٽ موٽي آئي. ڀائٽيو، پڦيءَ جو تمام گهڻو خيال ڪرڻ لڳو، پر سندس زال ان لاءِ ويڌن ڪري ڇڏي، ته مفت جا ٽُڪر ٿي ٽوڙي . نتيجي ۾ هن ڀائٽي جي مرضيءَ جي خلاف چوري مزدري شروع ڪئي. ان تي ڀائٽي کي خار لڳي، ته پڦي ويساهه گهاتي ڪئي آهي. زال سبب پڦي ۽ ڀائٽي ۾ ڪافي اختلاف ٿيڻ لڳا. پڦي پريشان رهڻ لڳي. زال جي چوڻ تي ڀائٽي پڦي جي ٻي شادي ڪرائي ڇڏي. ۽ ننڍڙو ٻار به ڀائٽي وٽ رهجي ويو. سماج جي هٿان هڪ مجبور عورت قربان ٿي، ٻئي گهر چُپ چاپ وئي هلي. جنھن کي ڀائٽي مَينھن جي عيوض وڪڻي ڇڏيو هو . انسان ڍور جي قيمت ۾ وڪامجي ويو. ثميره زرين عورتن لاءِ ته ضرور لکيو آهي، پر ثميره وٽ عورت ۾ سماج سان وڙهڻ جي طاقت گهٽ آهي. هن جي عورت سماج سان وڙهي ٿي، پر تمام جلد هار به مڃي وڃي ٿي. هيءُ ڪھاڻي به انهن مان هڪ آهي، جنھن ۾ پھرين پڦي جي خودداري تي ڀائٽيو به بيحد خوش هو، پر هن کي به پنھنجي زال جي ڪِر ڪِر ٿي ماريو . جيئن ڪھاڻي ۾ آهي ته:
”ڏاڏي منھنجي پڦي ته بيشڪ مڙس ماڻهو آهي. هن کي پراوَن گهرن جا ٿاٻا کائڻ جي ڪھڙي لوڙهه پئي آهي. مون پئي خيال ڪيو ته متان فتحان جي ڪِر ڪِر کان بِر ٿي پئي هجي، پر نه ، منھنجي پڦي سورهيه آهي . هو اهڙين رواجي ڳالهين کي ليکي ۾ به نه آڻيندي هوندي .“(12)
پڦي به بھادر تيسيتائين هئي، جيسين ڀائٽي جي طاقت گڏ هئي. جڏهن ڀائٽيو ئي هٿ کڻي ويو ته هو ڪمزور بڻجي وئي، ۽ چپ چاپ سماج جي رسمن جي ور چڙهي وئي.
ثميره جون ڪھاڻيون سماجي حقيقت نگاريءَ هيٺ گهٽ ملن ٿيون. هن جي ڪھاڻين تي حقيقت نگاري ۽ رومانويت جو رنگ حاوي آهي. تڏهن به ڪن ڪھاڻين ۾ باغيانه ۽ مزاحمتي رويا موجود آهن. اڪثر ڪھاڻيون رومانوي آهن . شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ته :
”ثميره جون ڪھاڻيون رومانوي مزاج رکن ٿيون. احساس، حسن ۽ ذوق جمال انهن جو بنيادي ۽ لازمي عنصر آهي.پلاٽ جيتوڻيڪ رومانوي تخيلات جي خول ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿو، پر ان جي پس پرده ڪن حقيقي مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي.“(13)
ثميره جون ڪھاڻيون حقيقت پسنديءَ تي ٻڌل آهن، جن ۾ غربت، عورت سان ٿيندڙ ڏاڍ، ڌيءُ پٽ ۾ نابرابري جھڙا موضوع ملن ٿا. ثميره سماج تي گھري نگاهه وجهندي، گهرو مسئلن کان وٺي سماجي مسئلن تائين، پنھنجي تجربي ۽ مشاهدي کي ظاهر ڪري ٿي. وٽس هر مسئلي جو عڪس چٽو ملي ٿو .
آغا سليم جي چوڻ موجب ته:”ثميره گهڻو ڪري زندگيءَ جي هر موضوع تي ڪھاڻي لکي آهي ۽ سندس ڪردار زندگيءَ جي هر طبقي جي نمائندگي ڪن ٿا .“ (14 )
رومانيت اهڙو عنصر آهي، جيڪو بغاوت جو محرڪ بڻجي ٿو. ثميره به وضاحت سان بيان ڪيو آهي ته جتي سندس ڪردارن رومانس ۾ دوکو کاڌو يا خوابن کي حاصل ڪرڻ چاهيو، ته اتي انهن بغاوت ڪئي آهي ۽ سماج جي جوڙيل نظام سان ٽڪر کاڌو آهي. ثميره جو اسلوب به رومانوي آهي. سندس ڪھاڻي ”لڙڪ ۽ مرڪ“ ۾ ڌيءُ پٽ جو فرق ڏيکاريل آهي، جيئن اسان جي سماج ۾ ڌيءُ کي گهٽ ۽ پٽ کي وڌيڪ لاڏ سان پاليو ويندو آهي. هيءَ ڪھاڻي ان تفريق خلاف بغاوت اڀاري ٿي. ”پنجن سالن کان پوءِ“ محبت تي ٻڌل ڪھاڻي آهي. هيءَ رومانوي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ محبت ڪندڙ ڇوڪري ان جي ڀاڄائي بڻجي وڃي ٿي ته اها ڳالهه هڪ ڪردار کان برداشت نٿي ٿئي، جنھن ڪري هو گهر ڇڏي هليو وڃي ٿو. ”پروس ٿيم پراڻ“ ۾ به سچي محبت ڏيکاري وئي آهي. ”زندگيءَ جي بازي“۾ بي جوڙ شاديءَ جو موضوع ملي ٿو. ”ٿوهر“ ڪھاڻي گهرو معاملن جي عڪاسي ڪري ٿي. ”رمندا بادل“ ڪھاڻي مٿئين طبقي جي عڪاسي ڪري ٿي. ”پاڇو“هڪ مظلوم پورهيت گهريلو عورت جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا غربت سبب بيماريون ڀوڳي ٿي. ائين ئي ثميره جون ڪھاڻيون سماج جي هر مسئلي جي عڪاسي ڪندي نظر اينديون. هن سماج ۾ رهي، پنھنجن تحريرن وسيلي سماجي اوڻاين تي بھترين ۽ ڀرپور تنقيد ڪئي آهي.
هن جي زندگي مختصر هئي، پر هن جي تحرير ڊگهي ڄمار واري آهي.
حوالا
- مرزا نصير، خاتون اول ڪھاڻيڪاره ثميره زرين (مرتب)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2018ع، ص 21
- زرين ثميره، خاتون اول ڪھاڻيڪاره ثميره زرين (مرتب: نصير مرزا)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2018ع، ص 66
- زرين ثميره، خاتون اول ڪھاڻيڪاره ثميره زرين (مرتب: نصير مرزا)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2018ع، ص 27
- هڪڙو،
- زرين ثميره، خاتون اول ڪھاڻيڪاره ثميره زرين (مرتب: نصير مرزا)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2018ع، ص 149
- ساڳيو، ص 27
- ساڳيو، ص 26
- ساڳيو، ص 26
- ساڳيو، ص 25
- ساڳيو، ص 89
- ساڳيو، ص 40
- ساڳيو، ص 180
- عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو 1982ع، ص 271
- سليم، آغا، روشنيءَ جي تلاش، ملير ادبي اڪيڊمي 1980ع، ص 4-5