لساني سامراجيت خلاف سنڌي ٻوليءَ جي مزاحمت
(The resistance of Sindhi language against linguistic Imperialism)

فضل الله انڍڙ

Abstract:

Linguistic imperialism is the practice of imposing a dominant language on speakers of other languages. This happens through colonization, economic power, or through multinational corporations.

The resistance of the Sindhi language against linguistic imperialism has evolved significantly over the pre-colonial, colonial and postcolonial eras, reflecting broader socio-political shifts in the region. During these periods, Sindhi faced significant challenges due to the imposition of foreign languages by colonial and national powers. However, there was a continuous struggle by Sindhi speakers, along with poets and writers to preserve their language, culture and identity.

This paper investigates historical context of colonialism, impact of British linguistic Imperialism and post-colonial linguistic imperialism, language politics, resistance movements and policies about Sindhi language and identity.

 

تعارف:

سامراجيت ۽ بيٺڪيت ۾ ٻولي هڪ انتھائي اهم اوزار طور ڪم ڪندي رهي آهي. سامراجي طاقتون رڳو فوجي يا معاشي طاقت سان نه، پر ٻوليءَ وسيلي ذهني، ثقافتي ۽ علمي تسلط قائم ڪنديون آهن. اوڀر وارن کي زير ڪرڻ لاءِ اولهه وارن جيڪو بيٺڪي منصوبو جوڙيو هو ان ۾ ٻوليءَ جو اهم ڪردار هو.

ايڊورڊ سعيد موجب، سامراج فقط فوج ۽ معيشت وسيلي نه پر ٻولي، علم ۽ ڪلامين (Discourses) وسيلي ذهني حڪمراني ڪئي. سامراجي ٻوليءَ اوڀر وارن کي جدا، ڪمتر ۽ محڪومي جي لائق بڻائڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي.

“Orientalism is a style of thoughts based upon an ontological and epistemological distinction made between ‘the Orient’ and ‘the Occident’(1)

ترجمو: اوڀرشناسي اهڙي سوچ جو هڪ انداز آهي، جيڪو اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ وجودي ۽ علمي فرق تي ٻڌل آهي.”

ايڊورڊ سعيد موجب، سامراجي ٻولي اوڀر کي عمل ۽ فڪر کان محروم ڏيکاريو.

“The Orient was not (and is not) a free subject of thought or actions. (2)

ترجمو: اوڀر کي اولهه وارن پنھنجي سامراجي سوچ سان پيش ڪيو، ان ۾ اوڀر وارن جي سوچ ۽ عمل کي شامل نه ڪيو ويو.  ” مطلب ته اوڀر سوچ جو موضوع هو پر سوچ جو مالڪ نه هو. اولهه وارن جيڪا ٻولي استعمال ڪئي يا ڪلاميه مرتب ڪيا  جن ۾ اوڀر کي پٺتي پيل، بي عقل ۽ جامد ڏيکاريو ويو.

لساني سامراجيت Linguistic Imperialism:

علمي لحاظ کان لساني استعماريت يا لساني سامراجيت (Linguistic Imperialism) هڪ اهڙو تصور آهي جيڪو سماجي لسانيات (Sociolinguistic) جي شاخ اطلاقي لسانيات  (Applied Linguistic) سان تعلق رکي ٿو. لساني سامراجيت ان نظريي کي بيان ڪري ٿي ته هڪ طاقتور ٻولي ٻين ٻولين تي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي طريقن سان اثر انداز ٿي تسلط قائم ڪري ٿي. جنھن ڪري مقامي ٻوليون پوئتي رهجي وڃن ٿيون ۽ مقبوض قومن جون ثقافتون ۽ سڃاڻپون ڪمزور ٿي، ختم ٿيڻ جي ڪناري تي پهچي وڃن  ٿيون.

”بني نوع انسان زبان ذريعي پنھنجن خيالن، خواهشن ۽ نظرين جو اظهار ڪندو آهي. زبان هڪ اهڙي اوزار وانگر آهي جنھن جي استعمال سان هڪڙي قوم ٻي قوم تي حاڪميت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي آهي ۽ جڏهن غلام قوم پنھنجي غلامي مان نجات حاصل ڪرڻ چاهيندي آهي تڏهن اها قوم ٻين ڳالهين مان ڇوٽڪاري سان گڏوگڏ آقائن يا حاڪمن جي زبان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.“ (3)

لساني سامراجيت جو نظريو رابرٽ فلپسن عام ڪيو. سندس ڪتاب
Linguistic Imperialism مشھور آهي. جيڪو 1992ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڇپيو. ان ۾ هن لساني سامراجيت جي باري ۾ لکيو آهي ته؛

“Linguistic imperialism is a sub-type of linguicism, which can be defined as the dominance of one language over others. (4)

ترجمو: لساني سامراجيت، لساني فرق يا امتياز جو هڪ ذيلي قسم آهي، جنھن جي وضاحت هيئن ڪري سگھجي ٿي ته هڪ ٻوليءَ جو ٻين ٻولين مٿان تسلط يا غلبو هجي.  

رابرٽ فلپسن لساني سامراجيت کي انگريزي ٻوليءَ جي تسلط طور پيش ڪيو آهي؛

“A working definition of English linguistic imperialism is that the dominance of English is asserted and maintained by the establishment and continuous reconstitution of structural and cultural inequalities between English and other languages.”(5)

فلپسن موجب؛ لساني سامراجيت ان کي چئجي ٿو، جنھن ۾ انگريزي جيڪا هڪ طاقتور ٻولي آهي اهڙي نموني مسلط ڪئي وڃي ٿي، جو ان جا ڳالهائيندڙ فائدي ۾ رهن ۽ ٻين ٻولين وارا پوئتي رهجي وڃن. ان طرح اهو بيٺڪي تسلط عالمي سطح تي اڻبرابري کي جنم ڏئي ٿو. فلپسن موجب؛ اهو ڪو اتفاقي عمل نه آهي پر اهو هڪ سوچيل سمجھيل منصوبي تحت ڪيو وڃي ٿو. دراصل اهو عالمي ادارن ۽ طاقتور ملڪن جي منشا تي سندن مفادن خاطر ڪيو وڃي ٿو.

فلپسن جي نظريي موجب انگريزي ٻوليءَ جي عالمي اجاره داري ڪو فائديمند عمل نه آهي، پر اها لساني سامراجيت آهي، جيڪا قومن ۽ ثقافتن جي وچ ۾ اڻبرابري کي مضبوط ڪري ٿي. سندس چوڻ آهي ته آمريڪا، برطانيه ۽ مغربي ملڪن انگريزي ٻوليءَ کي وڏي هوشياري سان فروغ ڏنو ته جيئن اهي پنھنجو سياسي ۽ ثقافتي تسط جاري رکي سگهن.

لساني سامراجيت جي باري ۾ ڊاڪٽر ناصر عباس نير لکي ٿو ته؛

”لسانی استعماریت کا سادہ مطلب کسی زبان کا ایسا غلبہ ہے جو دیگر زبانوں  کی پسپائی اور استحصال کی  شرط پر ہو۔ لسانی استعماریت میں ایک زبان سے وہ قوت وابستہ کی جاتی ہے جو دوسری زبانوں  کو طاقت اور انہیں سماجی عرصے میں حاصل مقام سے محروم کرتی چلی جاتی ہے۔“ (6)

سنڌ به برطانيه جي ڪالوني رهي آهي، ان ڪري سنڌي ٻولي به انگريزي ٻولي جي لساني سامراجيت جو شڪار رهي آهي. پاڪستان وجود ۾ اچڻ بعد ملڪ ۾ ٻوليون سياسي گھوٽالي جو سبب بڻيون. ان سلسلي ۾ ون يونٽ وارو دؤر اهم آهي. ان منصوبي ۾ ملڪ جي مختلف يونٽن/صوبن جي اصلي ٻولين  ۽ ثقافتن جي نفي ڪئي پئي وئي. ان دؤر ۾ ملڪ جي قديم ثقافتن ۽ ٻولين کي خطرا محسوس ٿيڻ لڳا. هن وقت به ملڪ نيوڪولونيل نظام جي تسلط هيٺ آهي ان ڪري سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي وڏا خطرا درپيش آهن. هن وقت به سنڌي ٻولي پنھنجي بچاءَ ۽ بحالي جي جنگ وڙهي رهي آهي.

لساني سامراجيت واري نظريي جي روشنيءَ ۾ ڏسنداسين ته بيٺڪي دؤر کان اڳ (Pre Colonial) بيٺڪي دؤر (Colonial) ۽ بيٺڪيت پڄاڻان (Post-colonial) ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ورثي ۽ حيثيت ۾ ڪهڙا تاريخي ڦيرا رونما ٿيا ۽ انهن حالتن سان سنڌي ٻولي ڪيئن مدمقابل ٿيندي رهي آهي.

سنڌ ۾لساني سامراجيت جو پسمنظر:

سنڌ تي تسلط جو باب تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي. برطانيه کان اڳ سنڌ ايرانين، يونانين، عربن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي قبضي هيٺ رهي چڪي آهي. اهو سلسلو تاريخ جي قبل مسيح زماني کان شروع ٿي برطانوي بيٺڪي دؤر 1843 کان 1947ع تائين ڦھليل آهي.ان ڪري سنڌي ٻولي يوناني، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين جي غلبي هيٺ رهي چڪي آهي.انهن مان بيٺڪيت کان اڳ واري دؤر ۾ قابضن جون عربي ۽ فارسي ٻوليون وڌيڪ اثر انداز ٿيون. هتي انهن ٻنهي ٻولين جي اثرن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

عربي ٻولي :

عربن جي دؤر ۾ سنڌ ۾سنڌي ۽ عربي ٻوليون چالو هيون پر تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي عربي هئي.

ان دؤر جي لساني اڀياس جي بنياد تي ڊاڪٽر بني بخش بلوچ لکيو آهي ته؛

”انهن حقيقتن مان ظاهر آهي ته سرزمين سنڌ ۾ نه صرف عربي جي اڀياس لاءِ درسگاهون هيون، مگر سنڌي بلڪ ”هند“ جي زبانن جي مطالعي لاءِ  به جوڳو بندوبست ٿيل هو. سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻنهي ٻولين کي وڏي اهميت هئي، ڇو ته عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻي سبب، ٻئي هڪٻئي جي ٻولي سمجھندا ۽ ڳالهائيندا هئا. سڀني عرب سياحن جو بيان آهي ته سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻولي ٻئي رائج هيون.، جنھن مان ثابت آهي ته عرب حڪومت سنڌي ٻولي کي وڏي اهميت ڏني، ۽ ان جي ترقي ۽ واڌاري جو باقائدي انتظام ڪيو.“(7)

 ان بيان جي برعڪس غلام محمد لاکي لکيو آهي ته:

”عرب دؤر ۾ حڪومت سنڌ لاءِ مڪمل تھذيبي، علمي ۽ ادبي تبديلي آندي. سنڌ ۾ ان پوري عرصي ۾ عربي زبان دفترن، مدرسن ۽ درسگاهن ۾، سرڪاري زبان جي حيثيت ۾ موجود رهي. هن ملڪ تي سومرن ٽن صدين (1350ع تائين) لاءِ راڄ ڪيو. هن دؤر ۾ به عربي زبان ڪورٽ ۽ تعليم جي ٻولي رهي. ان بعد سمن جي سلطنت قائم ٿي. هي بادشاهي اٽڪل روءِ ٻه صديون (1520ع تائين) برقرار رهي. هن دؤر ۾ فارسي زبان کي عربيءَ جي ڀيٽ ۾ اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ٿي. ليڪن ان دؤر جو ٺوس تاريخي ۽ علمي اڀياس ٻڌائي ٿو ته سمن جي دؤر ۾ عربي ٻولي، سرڪاري ۽ تعليمي زبان طور برقرار رهي.“(8)

ڊاڪٽر بني بخش بلوچ توڙي غلامحمد لاکي جي تحريرن موجب عربن جي دؤر کان ويندي سومرن ۽ سمن جي دؤر تائين عربي تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي رهي.

فارسي ٻولي:

 تاريخي مطالعن مان خبر پوي تي ته عربن کان به اڳ سنڌ ۾ فارسي ٻولي مروج هئي. سومرن ۽ سمن جي دؤر کان سنڌ ۾ فارسي ٻولي جي اثر و رسوخ جا حوالا ملن ٿا. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن قابضن جي ته مادري زبان فارسي هئي ان ڪري انهن دؤرن ۾ تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي فارسي ٿي وئي. ان باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش لکي ٿو ته:

”هيءُ دؤر سڄي هندستان ۾ فارسي زبان جي وسعت ۽ فوقيت وارو هو. هن دؤر ۾ فارسي جو ادبي، ثقافتي ۽ تحريري سرمايو پنھنجي عوج ۽ عروج کي پھتو.“ (9)

ان دؤر ۾ سنڌي ٻولي جي حيثيت جو جائزو پيش ڪندي مولائي شيدائي لکي ٿو ته؛

”اسان جي مادري مٺڙي سنڌي سلوڻي زبان بارها انقلاب ڏٺا. سندس هر صديءَ ۾ ڌارين ٻولين سان واسطو پيو. وري لطف اهو جو ڌاريون ٻوليون حڪومت جون زبانون ٿي رهيون. عرب آيا ته حڪومت جي دفتري زبان عربي هئي. تنهن کان پوءِ عيسوي 19 صديءَ تائين وطن مالوف تي پارسي ٻولي جي حڪومت قائم رهي.“ (10)

عربي ۽ فارسي ٻوليون سنڌ جي ثقافتي ۽ تعليمي ماحول ۽ زندگي ۾ اڄ به موجود آهن.

بيٺڪي دؤر ۾ سنڌ ۾ لساني سامراجيت:

مغربي قابضن جي منصوبي ۾ ”علم کي طاقت“ ۽ ”ٻولين کي هٿيار“ طور استعمال ڪيو ٿي ويو. ان نظريي کي ايڊورڊ سعيد پنھنجي ڪتاب ”اوڀر شناسي (Orientalism)“
ذريعي بي نقاب ڪيو.

هندستان جي تاريخ مغربي تسلط جي گواهه آهي. ان منصوبي ۾ ٻين مڙني معاملن سان گڏ لساني پاليسي اهميت جي حامل هئي، جنھن هندستان جي مجموعي سماجي ماحول تي ديرپا اثر مرتب ڪيا.

انگريزن مقامي زبانن تي هٿ رکيو. ان جاسبب سياسي ۽ مفاحمتي هئا. کين مقامي ٻولين سان ڪا محبت ڪونه هئي. هر علائقي جي سماج، تاريخ، ماحول، نفسيات، سوچ، فڪر، علم اب ۽ ماڻهن کي سمجهڻ ۽ انهن سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ ضروي هو ته انهن ٻولين جو مطالعو ڪيو وڃي. اوڀر مٿان حڪومت ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته مقامي زبانون سکن ۽ مقامي زبانن کي لاڳو ڪن ته جيئن نتيجا بھتر کان بهتر حاصل ڪري سگھجن. وقت ثابت ڪيو ته ان پاليسي ۾ هو ڪامياب رهيا.

سنڌ تي قبضي بعد جيڪا انگريزن جي لساني پاليسي هئي ان باري ۾ پروفيسر عبدالله مگسي لکيو آهي ته:

”انگريزن سنڌ اندر سنڌيءَ کي دفتري ۽ عدالتي زبان قرار ڏنو ۽ انگريزيءَ کي رياستي زبان (State Language) واري حيثيت ڏني. يعني ثانوي تعليم لاءِ انگريزي زبان کي رائج ڪيو ويو. انگريزي کي ننڍي کنڊ ۾ رائج ڪرڻ لاءِ لارڊ ميڪاؤلي چيو ته، ”انگريزي زبان حڪمرانن جي زبان آهي، انهيءَ ڪري ان کي ڪهڙي به نموني ملڪ ۾ نافذ ڪيو وڃي.“آخرڪار 1854ع ۾ سر چارلس ووڊ ملڪ ۾ انگريزي زبان کي رائج ڪرڻ لاءِ هڪ فرمان ڪڍيو، جنھن ۾ ابتدائي درجي کان يونيورسٽي جي سطح تائين تعليم جي هڪ همه گير اسڪيم يا خاڪو پيش ڪيو ويو. جنھن مطابق صوبن ۾ تعليم جو محڪمو قائم ڪرڻ ۽ اسڪالرشپن جون اسڪيمون ڏيڻ شامل هيون. انهيءَ مراسلي ۾ هن انگريزي زبان کي رائج ڪرڻ سان گڏ ڏيهي ٻولين کي پڻ همٿائڻ لاءِ چيو.“ (11)

توڙي جو انگريزن سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي سياسي مفادن خاطر نافذ ڪيو پر اهو عمل سنڌي ٻوليءَ جي ڀلن ڀاڳن طور نمودار ٿيو. ان نڪتي تي پروفيسر مگسي لکيو آهي ته:

”انگريزن سياسي چال هلندي سنڌي ٻولي کي رائج ڪري هتان جي عوام جي ڪاوڙيل نفسيات کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن سنڌي ٻولي کي سرڪاري آفيسن ۽ عدالتن ۾ رائج ڏسي عوام روحاني تسڪين وٺي ۽ انگريز بهادر جو احسانمند رهي.“ (12)

بيٺڪيت پڄاڻا دؤر ۾ سنڌ ۾ لساني سامراجيت:

پاڪستان ٺھڻ شرط شروعاتي سالن ۾ ئي ”قومي ٻولي“ گهوٽالي جي ابتدا ٿي. قائداعظم محمدعلي جناح اردو کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جي حق ۾ فيصلو ڪيو. ان جو پسمنظر بيٺڪي دؤر ۾ اردو ۽ هندي جي اختلافن واري سياسي صورتحال هئي. بيٺڪي دؤر ۾ مسلم ليگ مختلف قومن ۾ رابطي لاءِ اردو ٻولي کي رائج ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو. ورهاڱي بعد انتظاميه ڪجهه اهڙا انتظام ڪرڻ شروع ڪيا جنھن سان ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارن کي اعتراض هو. مثال طور بنگالي ٻولي ڳالهائيندڙن ان ڳالهه تي اعتراض ڪيو ته سندن ٻولي کي انتظامي معاملن مان ٻاهر ڪڍيو ويو ته سندن زندگي فوري طور تي مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويندي.

رياستي پاليسيءَ ۾ اردو ٻولي کي ”قومي يڪجهتي“ نالي هڪ تصور سان جوڙيو ٿي ويو. ان باري ۾ ڊاڪٽر ناظر محمود لکيو آهي ته:

”اوڀر بنگال (اڃا ان صوبي جو نالو بدلائي اوڀر پاڪستان نه ڪيو ويو هو) جي ڪجهه اسمبلي ميمبرن گھر ڪئي ته آئين ساز اسمبلي جو اجلاس ڍاڪا ۾ پڻ ڪوٺايو وڃي ۽ ميمبرن کي اسمبليءَ ۾ بنگالي ٻوليءَ ۾ پڻ تقرير ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. وزيراعظم لياقت علي خان انهيءَ رٿ جي شديد مخالفت ڪئي ۽ پنھنجي انهيءَ عزم کي ورجايو ته هو
”قومي يڪجهتيءَ“ خاطر رڳو اڙدو ٻولي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندو. انهيءَ فيصلي جو “قومي يڪجهتيءَ” تي ڏور رس اثر پوڻو هو.
”قومي يڪجهتيءَ“ جي تابوت ۾ هڪ وڌيڪ ڪوڪو اوڏيءَ مهل ٺوڪيو ويو جڏهن مارچ 1948ع ۾ جناح ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي سالياني جلسي ۾ تقرير ڪندي واضع ڪيو ته ملڪ ۾ فقط هڪ ئي قومي ٻولي يعني اڙدو هوندي ۽ ڪنھن ٻي ٻوليءَ کي قومي حيثيت ڏيڻ بابت ويچاريو ئي نه ويندو.“ (13) 

بنگالي ٻولي جي تحريڪ جي باقاعدي ابتدا 21 ۽ 22 فبروري 1952ع تي شروع ٿي. انهن ڏينهن تي بنگالين احتجاج ڪيا ته سرڪار قلم  144 نافذ ڪيو، پر احتجاج جاري رکيو ويو ان ڪري پوليس فائرنگ ڪري ڏني، جنھن ۾ ماڻهو مارجي ويا. ان بعد اها تحريڪ پوري بنگال۾ پکڙجي وئي. اهو جھڳڙو هميشه برقرا رهيو جيستائين بنگلاديش جدا نه ٿيو. مطلب ته ٻوليءَ جو مسئلو ملڪ جي نقشي کي بدلائڻ جو ڪردار به ادا ڪري چڪو آهي.

ڊاڪٽر طارق الرحمٰن جو ڪتاب ”Language and politics in Pakistan (1996)“
پاڪستان ۾ ٻولي، سڃاڻپ ۽ طاقت جي تعلق تي لکيل هڪ اهم تحقيق آهي.

پاڪستان ۾ رياستي  ٻولي پاليسيءَ جي باري ۾ طارق الرحمٰن لکيو آهي ته؛

“The language of the domains of power-administration, judiciary, military, education, and commerce etc-is still English, as it was under British rule before 1947. Urdu , however, is national language and is used most state schools, at the lower levels of administration, in the media, and in all the major cities of the country. It was not an indigenous language of the country until the Urdu-speaking immigrants from India, or Muhajirs call themselves, settled here. Pakistan has had many conflicts involving language.”(14)

ڊاڪٽر طارق رڳو هن ڪتاب ۾ ٻولي کي هڪ رابطي جي ذريعي طور نه پر سياسي ۽ بالادستي جي تناظر ۾ طاقت جي هٿيار طور ڏٺو آهي. هو لکي ٿو ته، پاڪستان ۾ انگريزي ٻولي طاقت ۽ اختيار جي علامت آهي. جڏهن ته اردو کي قومي ٻولي هجڻ باوجود گھڻو اختيار حاصل نه آهي. انگريزي ٻولي تعليم، عدالت، فوج، ۽ انتظاميه تي اجاراداري قائم ڪري چڪي آهي. ان ڪري پاڪستان ۾ سماجي اڻبرابري جنم ورتو آهي.

پاڪستان جي اشرفيه ۽ اقتدار ڌڻين اعليٰ معيار جا انگريزي ميڊيم اسڪول ۽ ادارا قائم ڪيا آهن. ان سبب پاڪستان جي تعليمي نظام طبقاتي فرق ۽ ٻوليءَ جي اجاراداري جي ڪري سماجي فرق پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

ڊاڪٽر طارق پاڪستان ۾ ٻولين جي طبقاتي درجي بندي ڪندي لکي ٿو ته:

“Language in Pakistan is a symbol of power hierarchy; English dominates Urdu, Urdu dominates the regional languages.(15)

ترجمو: پاڪستان ۾ ٻولين جي طبقاتي ورڇ طاقت جي بنياد تي ٿيل آهي. انگريزي ٻولي اردو تي حاوي آهي ۽ اردو مقامي ٻولين تي حاوي آهي.

پنجابي مادري ٻولي ڳالهائيندڙ گهڻن ماڻهن معاشي دٻاءَ سبب پنجابي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، خاص ڪري شھري ماڻهن جي نئين نسل پنھنجي ٻولي تبديل ڪري ڇڏي آهي. محققه ڊاڪٽر صبيحه منصور جي تحقيقي مطالعي جي نتيجن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته ادارن توڙي گهرن ۾  پنجابي ڳالهائيندڙ اردو ۽ انگريزي ڏانھن منتقل ٿي رهيا آهن. ان جا سبب بيان ڪندي لکي ٿي ته:

“Results of the study indicated ambivalent to negative attitudes of Panjabi and Panjabi-speaking community. The Panjabi student displayed an anti-integrative orientation, moving away from their own language groups. The study of Panjabi was rejected because it was seen as limited and of no use. Highly positive attitudes were displayed by all groups of Panjabi and Urdu-speaking students to Urdu and English. Urdu was seen as symbol of national identity and integration and English desired for its instrumental value in higher education and work.” (26)

ترجمو: مطالعي جي نتيجن ۾ پنجابي ٻوليءَ متعلق پنجابي ڳالهائيندڙ ماڻهن منفي روين جھڙي مبھم نشادهي ڪئي. پنجابي شاگردن پنھنجي ٻوليءَ ڏانهن يڪجهتي مخالف ۽ ان جي ڀيٽ ۾ انگريزي ۽ اردو ڏانهن وڌيڪ متوجه هئا. پنجابي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ ان ڪري رد ڪيو ٿي ويو، ڇو ته اهو محدود ۽ بي فائده سمجهيو پئي ويو. پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن جي مڙني گروپن اردو ۽ انگريزيءَ ڏانهن انتھائي مثبت روين جو مظاهرو پئي ڪيو.اردو کي قومي سڃاڻپ ۽ يڪجهتي جي علامت سمجهيو پئي ويو ۽ انگريزيءَ کي اعليٰ تعليم ۽ ڪم لاءِ اهم ۽ ضروري سمجهيو پئي ويو.

سنڌ ۾ باقاعدي اهڙي تحقيق  ته نه ٿي سگھي آهي جنھن ۾ جاچيو وڃي ته شاگردن ۽ ڪميونٽي جو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن رويو ڪهڙو آهي. باقي عام طور تي جديد دؤر جي معاشي دٻاء سبب ڏٺو پيو وڃي ته شھرن ۾ سنڌي ماڻهو پنھنجي ٻارن کي اردو ۽ انگريزي  ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهائڻ کي ترجيح ڏيئي رهيا آهن. پر ان عمل خلاف هڪ زبردست ردعمل به موجود آهي. عام سنڌي ماڻهو سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ جي حق ۾ سنجيده آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي لساني سامراجيت خلاف مزاحمت:

لساني سامراجيت خلاف مزاحمت وارو عنصر بيٺيڪت پڄاڻان مطالعي جو اهم تصور آهي. ان نڪتي کي ايڊورڊ سعيد پنھنجي ڪتاب Culture and Imperialism ۾ واضع ڪيو آهي. ايدورڊ سعيد چئي ٿو ته بيٺڪي تسلط خلاف ٻولي مزاحمت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي. جڏهن بيٺڪي ڪلاميه مسلط ڪيا وڃن ٿا ته اها حڪمراني آهي ۽ جڏهن مقبوض ۽ دٻايل قومون پنھنجون ڪهاڻيون پاڻ بيان ڪن ٿيون ته اها مزاحمت آهي. لکي ٿو ته؛

”The power to narrate, or to block other narratives from forming and emerging, is very important to culture and Imperialism, and constitutes one of the main connection between them. (27)

ايڊورڊ سعيد لکي ٿو ته؛ ”جڏهن بيٺڪي ٻولي تاريخ کي هڪ طرفو بڻائي ٿي ته مزاحمتي ٻولي تاريخ کي ٻيھر لکي ٿي.

“Resistance, far from being merely a reaction to imperialism, is an alternative way to receiving human history. (28)    

لسانيات ۾ ٻولين جو لساني مواد جي مٽاسٽا وارو پهلو گھڻو مثبت رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻوليون هڪٻئي کان لساني مواد وٺنديون ۽ ڏينديون رهنديون آهن. ان حالت کي لسانياتي مطالعن ۾لچڪدار ۽ صحت افزا پهلو طور سمجھيو ويندو آهي. پر ٻولين جي تسلط وارو زاويو هڪ ٻي طرف اشارو ڪري ٿو. لساني سامراجيت ۾ قابضن جي ٻولي محڪومن جي مادري ٻولين تي اهڙيءَ طرح مڙهي ويندي آهي جو اهي ٻوليون وڏي خطري ۾ پئجي وينديون آهن.

 جيئن سنڌ ۾ هڪ چوڻي مشھور هئي ته، ”فارسي گهوڙي چاڙهه سي“. سنڌي ٻوليءَ تي فارسي ٻوليءَ جي اهڙي بالادستي ڏسي شاه لطيف چيو:

جي تون فارسي سکئو، گولو توءِ غلام،

جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، سو ڪيئن چائي ڄام،

اڃئو تان آب گھري، بکئو تان طعام،

                             ايءُ عامن سندو عام، خاصن منجھان نه ٿئي. (19)

شاهه صاحب جو هيءُ بيت لساني استعماريت خلاف سنڌي ٻوليءَ ۾ مزاحمت جو وڏو ثبوت آهي.

ڪلهوڙن جي دؤر ۾ فارسي ۽ عربي ٻولين جي لساني استماريت خلاف اهم قدم سنڌي ٻوليءَ کي سنڌي عالمن پاران مدرسن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ هو. انهن عالمن ڪورس جا ڪتاب ”سنڌيون“ جي نالن سان ترتيب ڏنا. انهن عالمن ۾ مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءُالدين ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٺوي شامل آهن. ان مواد جي دستيابي جي بنياد تي اڳتي هلي انگريزن سنڌي ٻوليءَ لاءِ خط نسخ جي چونڊ ڪئي هئي.

سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ مٿان هن وقت انگريزي ۽ اردو جي بالادستي موجود آهي. ماهر سنڌي ٻولي لاءِ اهڙن خطرن جي نشادهي ڪري چڪا آهن. خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙهائڻ ۽ ڳالهائڻ تي پابندين جھڙيون شڪايتون ملنديون رهن ٿيون. ان جا سبب ملڪ جي مقتدر قوتن پاران مقامي ٻولين کي پوئتي ڌڪڻ ۽ اردوءَ ۽ انگريزي ٻوليءَ کي اهميت ڏيڻ آهي

عوامي آواز اخبار جي هڪ ڪالم ۾ لکيو ويو ته؛

”ٻيو ته ٺھيو پر سڪرنڊ جھڙي ننڍي شھر ۾ پڻ مادري ٻوليءَ کي ڇڏي ٻارن کي اردو ٻوليءَ ۾ سمجهايو ۽ سيکاريو ويندو آهي، ۽ سنڌ جي شھرن جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن ۽ انهن جي والدين کي زوريءَ اسڪول توڙي گهر ۾ اردو ڳالهائڻ لاءِ زور ڀريو وڃي ٿو.“ (20)

سنڌين کي پنھنجي ٻوليءَ جي وجود جي باري ۾ هميشه خطرا محسوس ٿيندا رهيا آهن. پاڪستان ۾ مڙني مادري ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي سجاڳي واري  تحريڪ هلندڙ آهي. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي طور نافذ ڪرڻ بعد سنڌ ۾ ”ٻولي“
فساد ٿيا.

سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي سڃاڻپ کي لاحق خطرن کي محسوس ڪندي  نارائڻ شيام چيو آهي:

الا ائين م ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

                    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. (21)

ڊاڪٽر طارق سنڌي ٻولي جي لساني استعماريت خلاف مزاحمت جي باري ۾ لکي ٿو ته؛

“In Sindh, Urdu became the symbol of state power, while Sindhi became the symbol of local resistance.(22)

ترجمو: سنڌ ۾ اردو رياست جي طاقت جي علامت آهي جڏهن ته سنڌي مقامي مزاحمت جي نشاني آهي.

نتيجو:

مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي تاريخ  ۾ بارها لساني سامراجيت سان مدمقابل رهي چڪي آهي. بيٺڪي د‍ؤر ۾ سنڌيءَ کي جديد دؤر سان هم آهنگ ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ ان جي علم ادب ۾ واڌارو ٿيو. آزادي بعد سنڌي ٻولي، اردو ۽ انگريزي جي لساني استعماريت جو شڪار رهي آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ ٻولين جي طبقاتي درجه بندي ڪجي ته پھرئين نمبر تي انگريزي، ٻئي نمبر تي اردو ۽ ٽيون نمبر سنڌي جو آهي. انگريزي سڀ کان طاقتور، اردو درمياني ۽ سنڌي ڪمزور طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي. درجه بندي جي اها صورتحال لساني استعماريت جي علامت آهي. 

حوالا:

  1. Edward, Said,Orientalism Penguin Classics, 2003, p.03
  2. Edward, Said,Orientalism Penguin Classics, 2003, p.04
  3. لاشاري، مبارڪ ”جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان“ موکي پبليڪيشن 2023ع، ص 89
  4. Phillipson, Robwert ‘’Linguistic Imperialism’’ Oxford University press 1992, p. 47
  5. Phillipson, Robwert ‘’Linguistic Imperialism’’ Oxford University press 1992, p. 47
  6. نیر، ناصر عباس، " مابعد نوآبادیات اردو کے تناظر میں" آکسفورڈ یونیورسٹی پریس 2013ء٬ ص 90
  7. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي 1999ع، ص 66-67
  8. لاکو، غلام محمد؛ ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ ملير ڪراچي، مارئي سماجي سنگت 1997ع، ص 310
  9. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي 1999ع، ص 242
  10. مولائي شيدائي، رحيمداد، ”تاريخ تمدن سنڌ“ ڄامشوري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1995ع، ص 525
  11. مگسي، پروفيسر عبدالله، ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2010ع، ص 197
  12. مگسي، پروفيسر عبدالله، ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2010ع، ص 199
  13. محمود، ڊاڪٽر ناظر، ”پاڪستان متبادل تاريخ“ پروگريسو ڪتاب پبلشرس ڪراچي 2021ع، ص 8-9
  14. Rahman, Tariq, ‘’ Language and Politics in Pakistan’’ Beaconhouse National Universty 1996.
  15. Mansoor, Sabiha ‘’ Punjabi, Urdu, English in Pakistan: A Sociolinguistic Study’’ Vanguard Books Pvt Ltd Lahor 1993, p xvi.
  16. Edward, Said, Culture and Imperialism Vintage Books 1994, p xiii
  17. Edward, Said, Culture and Imperialism Vintage Books 1994, p 215
  18. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ”شاهه جو رسالو“ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ 2009، ص 5
  19. شيام، نارائڻ، ” ڏات ۽ حيات“ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1997، ص 106
  20. راڄپر طارق 27 جون 2024 عوامي آواز. https://awamiawaz.pk/1210344.
  21. Rahman, Tariq, ‘’ Language and Politics in Pakistan’’ Beaconhouse National Universty 1996.
52 ڀيرا پڙهيو ويو