سنڌي ٻوليءَ ۾ پد (Syllable) جي حدبنديءَ جو تحقيقي جائزو
(A Study of Syllable’s Limitation in Sindhi Language)
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
Abstract
According to linguistic terminology, a 'syllable' refers to a group of combined sounds that is pronounced in a single burst while speaking. In other words, a syllable consists of a combination of consonant/s and vowel that are articulated together in one burst. For example, if we segment the word 'پاڻِي' (water) down, it divides into two parts (پا + ڻِي), which are pronounced together in one burst. Similarly, the word 'انب' (mango) divides into (اَن + بُ). Each of these parts can be referred to as a syllable. The limit of a syllable is based on a vowel. The pronunciation of a word also depends on the limitation of the syllable of a word. If the limit of syllable is not precise, the pronunciation of the word cannot be correct either.
Different languages have had various principles to segment the syllable of words. To identify the syllable of the Sindhi language, it is essential to consider the rules of the Sindhi language. There have been some disagreements among Sindhi language experts regarding the proper segmenting of a syllable. Professor Ali Nawaz Jatoi determines the syllable by omitting the final short vowel of Sindhi or foreign words in their Sindhi pronunciation. Dr. Ghulam Ali Alana, however, considers the consonant sounds within combined sounds of the same foreign words’ contrary to the general notion, to define the syllable. This indicates that there is a dissimilarity between the two scholars on determining the limits of a syllable, and both methods seem not entirely accurate. It is evident that there must be certain parameters to examine. evaluate and determine the syllables of word.
This paper presents a study that determines the limits of the syllable by considering the principles of Sindhi language
مسئلي جو بيان
لسانيات جي اعتبار کان چند بنيادي اصطلاحن/ terms ۾ مونجهارا محسوس ڪيا ويندا آهن. ان جو اهم سبب لاعلمي، لاپرواهي ۽ مناسب تنقيد جو نه هجڻ به آهي. مختلف ٻولين ۾ پد جي حد جا مختلف طور طريقا ٿين ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ پد جي سڃاڻ تڏهن ممڪن آهي، جڏهن وينجن (consonant) ۽ سُر (Vowel) جي درست ڄاڻ هوندي، ڇاڪاڻ ته سادي وصف موجب ’وينجن ۽ سُر‘ ملي هڪ پد جڙي ٿو. اهڙا پد ملي لفظ جي بيھڪ جوڙين ٿا. ياد رهي ته هتي اکرن جي ڳڻپ ڪانه ٿيندي، بلڪ آوازن کي ڏٺو ويندو. بنيادي شاگردن کي اکري هِجي(spelling) پڙهائڻ به پد جي درست حد جي سڃاڻ سان سلھاڙيل آهي. جنھن استاد اڳيان ’پد جي حد‘ واضح نه هوندي، اهو درست هِجي ۽ صورتخطيءَ جي رهنمائي به ٺيڪ نه ڪري سگهندو.
پد جي درست سڃاڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي آوازن (سرُ توڻي وينجن) جي ڄاڻ ته هجي ئي هجي، ليڪن گڏوگڏ ٻوليءَ ۾ گڏيل وينجن آوازن جي ڄاڻ ۽ ساڪن وينجن آوازن جي مڪمل ڄاڻ هجڻ گهرجي. اکري لحاظ کان اعراب، حرف علت ۽ جزم جي درست استعمال جي ڄاڻ هجي. ان کان پوءِ ئي پد جي درست حد معلوم ڪري، لفظ کي آسانيءَ سان هِجي ڪري سگهجي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي عالمن جي ڪيل ڪم کي ڏسجي ٿو ته ڪٿي ڪٿي خال به نظر اچن ٿا، مثال طور: پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي ڄاڻايل لفظن جي پد (syllable) واري ڇيد ۾ سنڌي ٻوليءَ نسبت گڏيل وينجن آواز ۽ آخري متحرڪ ۾ خال سامھون اچي ٿو، جيئن:
|
لفظ |
پد |
|
|
/مڪتب/ |
/مڪ + تب/ |
|
|
/مطلب/ |
/مط + لب/ |
|
|
/هَڪل/ |
/هَه + ڪل/ |
(1) |
پروفيسر جتوئيءَ جي علم لسان ۽ عرفان تي ته ڪو شڪ نه ٿو ڪري سگهجي، البت، سنڌي ٻوليءَ نسبت اختلاف رکي سگهجي ٿو. بيشڪ عربي، فارسي يا هندي/ اردوءَ ۾ ’مڪتب‘ جا ٻه پد ٿيندا، ليڪن سنڌي ٻوليءَ جو آخري وينجن متحرڪ هجڻ نسبت ’مَڪۡتَبُ‘ (مَڪۡ +تَ + بُ) ٿيندو، جنھن جا ٻن بدران ٽي پد ٿيندا، ساڳئي نموني
’مطلب‘ جا پڻ ٽي پد ٿيندا. ساڳئي نموني ’هَڪل‘ جو آخري وينجن ’ل‘ متحرڪ ٿيندو، ان نسبت ٻن بدران ٽي پد (هَه + ڪَ + لَ) ٿيندا.
پروفيسر جتوئي، سنڌي ٻوليءَ ۾ اچارجندڙ هر لفظ جي آخري وينجن کي ساڪن ڪري ٿو، جيڪو ٻوليءَ جي مزاج مطابق مناسب ناهي. هو لکي ٿو: ”عربيءَ ۾ /عِلم/ هڪپدو لفظ آهي، مگر سنڌي صوتيات موجب اهو ٻِپدو لفظ آهي ۽ اچار اٿس /عِلِم/. ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پدن جي سٽاء ۾ ٻولين جي صوتياتي مزاج کي وڏو دخل آهي. ٻين ٻولين تان اڌارا ورتل لفظ مادري زبان جي مزاج موجب تبديل ٿيندا آهن.“ (2)
بيشڪ پدن جي بيھڪ ۾ ٻولين جي مزاج جو وڏو دخل آهي. ’عِلم‘ بيشڪ عربي ٻوليءَ جي مزاج موجب هڪپدو لفظ آهي، ليڪن سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻِپدو نه بلڪ ٽِپدو لفظ ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته گهڻي ڀاڱي عربي لفظ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ واحد مذڪر جي صورت ۾، آخري متحرڪ ٿي، داخل ٿئي ٿو، جيئن: ’عِلِمُ‘
ساڳين لفظن ’علم، مڪتب ۽ مطلب‘ جو ڇيد وري جڏهن ڊاڪٽر غلام علي الانا وٽ ڏسجي ٿو ته ان ۾ وري گڏيل وينجن آوازن ۾ جزم جو مونجهارو سامھون اچي ٿو، جيئن:
|
عربيءَ ۾ صورت |
سنڌي ۾ صورت |
|
عِلۡم |
عِلۡمُ |
|
مَڪۡتَب |
مَڪۡتَبُ |
|
مَطۡلَب |
مَطۡلَبُ |
”مٿين لفظن ۾ ’ل‘، ’ڪ‘ ۽ ’ط‘ صورتن وارا آواز [لۡم]، [ڪۡت] ۽ [طۡل] گڏيل آوازن ۾ ساڪن آهن. سنڌيءَ جا استاد ۽ ماهر حالانڪ مٿيان لفظ ائين ئي لکندا آهن، جيئن مٿي ڏنل آهن، پر جزم جي اهميت ۽ استعمال کان غير واقفيت سبب، انھن لفظن جي ’هِجي‘ ۾ ’ساڪن وينجن‘ کي متحرڪ (syllabic) ڄاڻائيندا آهن. مثال طور، مٿين لفظن جي هِجي هيئن ڪندا آهن:
عِلمُ: عين زير اِ، لام زير لِ، ميم پيش مُ... عِلِمُ
سنڌيدان نه صرف عربي لفظن جي جزن ۽ پدن جي ’هِجي‘ کان اڻواقف رهيا آهن، پر خالص سنڌي گڏيل آوازن کي به غلط پدن ۾ ورهائي، انھن جي غلط هِجي ڪندا آهن.“ (3)
ڊاڪٽر الانا عربي لفظن جي سنڌي صورت موجب آخري وينجن متحرڪ ڪري ٿو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق آهي، ليڪن جڏهن ساڳين لفظن ۾ گڏيل وينجن آوازن جي بيھڪ ٻڌائي ٿو، سا بنھه نامناسب آهي. يعني جڏهن ڊاڪٽر الانا جي ڏسيل راهه موجب، ’مَڪتب‘ جي ’هِجي‘ (م زبر مَ، ڪ + ت زبر ڪۡتَ، ب پيش بُ = مَڪۡتَبُ) ڪجي ٿي ته اها بلڪل اڻ- ٺھڪندڙ ۽ غير علمي جوڙجڪ ٿيندي.
سنڌي ٻوليءَ جي مزاج موجب لفظن جي پدن جي بيھڪ ۾ جڏهن اهڙا معاملا سامھون اچن ٿا، ان صورت ۾ ٻوليءَ جي بنيادي اصولن کي سامھون رکڻ نھايت ضروري آهي.
اڀياس جا سوال
- پد (syllable) ڇا کي ٿو چئجي؟
- لفظ ۾ پد جي حد ڪيئن معلوم ڪري سگهجي ٿي؟
- پد جي حد معلوم ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جي ڪھڙن بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي؟
- لفظ جي هِجي ۾ پد جي حد کي سمجهڻ ڇو ضروري آهي؟
اڀياس جو عمل
ڳالھائڻ واري ٻوليءَ ۾ پيٽ واري جهليءَ (diaphragm) ذريعي هوا کي آوازي ڦڙڪن (vocal cards) ۽ وات جي عضون مان گذاري آواز ادا ڪيو ويندو آهي. اها هوا، جڏهن وات جي ڪنھن به عضوي وسيلي رڪاوٽ سان، آواز جي صورت ۾ ادا ٿيندي ته اها وينجن (consonant) سڏبي، پر جڏهن بنا رڪاوٽ جي ادا ڪبي ته ان کي سُر (vowel) چئبو.
ڳالهائجندڙ ٻوليءَ پٽاندر، آواز بنيادي طور اها هوا آهي، جيڪا پيٽ جي اندرين جهَليءَ وسيلي ساهه سان وات ۽ ڳلي جي عضون سان کڻجي ۽ ڇڏجي ٿي. دراصل، اهڙو آواز، جيڪو هڪ جهٽڪي سان اُچارجي ٿو، سو ’پد‘ (syllable) آهي، جنھن ۾ وينجن (consonant) ۽ سُر (vowel) شامل رهي ٿو. ان حوالي سان ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو، نئين ڄاول ٻار جي آوازن بابت ڄاڻائي ٿو:
”ٻار سڀ کان اڳ صوتي اشارا ٿو ڪري. صوتي اشارا (sound mimicry) اهي آواز آهن، جن لفظن جي بنيادي صورتن لاءِ بنياد جو ڪم ٿا ڏين. ٻار پھريائين اهي آواز ٿو پيدا ڪري، جن ۾ڳالھائڻ وارن عضون جو گهڻو ڪم ڪونھي. هن لاءِ ڪي نفسياتي سبب آهن. ڳالھائڻ وارن عضون جو استعمال ٻار جي حالت ۾ چڱو خاصو مشڪل آهي ۽ انسان سڀاويڪ طور تي سھل پسند آهي. پھريان آواز، جي ٻارن وٽان ٻڌڻ ۾ايندا، سي هوندا ’اون‘، ’اين‘ ۽ ’آ‘ وغيره. اهي آواز اهڙا آهن، جو انھن ۾چپن، زبان ۽ تارونءَ جو استعمال گهڻو ڪري ڪونه ٿو ٿئي. ان ڪري انھن آوازن کي اسان بنيادي آواز (fundamental syllables) ٿا سڏيون. هنن آوازن کي Pure syllables سڏبو آهي.“ (4)
ڊاڪٽر ٻوهيي جو ڄاڻايل ٻاراڻي بنيادي آوازن: ’اُون‘، ’اين‘، ’آ‘ وغيره کي بنيادي پد (fundamental syllables) ڪوٺڻ ۾، ان ڳالهه جي چٽائي آهي ته اهڙن آوازن ۾ ’وينجن ۽ سُر‘ شامل آهي. عام طور اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته ’آ، او، اُون يا اين وغيره‘ صرف سُر ئي هوندا آهن، ان جو سبب ته سُر/ vowel به اکري صورت م ايئن ئي لکبا آهن. پر جڏهن آوازن جي ڳڻپ ڪبي، ته ان ۾ ’الف‘ جو آواز هڪ وينجن/ consonant طور ڳڻيو ويندو آهي. ياد رهي ته متحرڪ الف/ همزي جو آواز وينجن طور Glottal stop سڏبو آهي، يعني ان آواز جي رڪاوٽ گلي ۾ئي ٿيندي آهي، جنھن سبب ان کي وينجن سمجهيو ويندو آهي.
مٿين بنيادي وضاحت پد جي بيھڪ سمجهڻ لاءِ نھايت مناسب آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ٽوڙ (segmenting) ۽ جوڙ (blending) ۾ پد جو ئي اهم ڪردار هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته لفظ کي اچار جي بنياد تي پھرين پدن ۾ ئي ٽوڙبو آهي، بعد ۾ ان کي آوازن ۾ ورهائبو آهي. ان لاءِ پد/ syllable جي بيھڪ کي سمجهڻ لاءِ ڪن ٻوليءَ جي معيارن (standards) کي سامھون رکڻ لازمي آهي. پد جي حد معلوم ڪرڻ لاءِ جيڪي ٻوليءَ جا ممڪن معيار لازمي هجڻ گهرجن، سي هيٺينءَ ريت آهن:
- پد ۽ ان جي حد (syllable and its limitation)
- وينجن ۽ سُر (consonant and vowel)
- گڏيل وينجن آواز (clustered sounds)
- لفظن جا آخري ساڪن وينجن (last vowelless consonant)
پد جي حد (syllable and its limitation)
پد/ syllable آوازن جو اهڙو جوڙ آهي، جنھن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه آواز ’وينجن ۽ سُر‘ ٿيندا آهن. ڪوبه آواز، جيڪو وات مان اچارجي ٿو، اهو پد جي صورت ۾ ئي ادا ٿيندو آهي. جڏهن به وات مان ڪو لفظ اچارجي ٿو ته ان کي جيڪڏهن ٻيھر ٽوڙي اچاربو، ته ان صورت ۾ لفظ جو هرهڪ ڀاڱو پد جي صورت ۾ نمايان رهندو، مثال طور:
- اُٺُ: اُ + ٺُ (ٻه پد)
- تِڏِ: تِ + ڏِ (ٻه پد)
- پاوا: پا + وا (ٻه پد)
- تِيلِي: تِي + لِي (ٻه پد)
- بُوٽُ: بُو + ٽُ (ٻه پد)
- پاڻِي: پا + ڻِي (ٻه پد)
- شِينھُن: شِينْ + هُنْ (ٻه پد)
- گهِنۡٽِي: گهِنۡ + ٽِي (ٻه پد)
- بَدَڪَ: بَ + دَ + ڪَ (ٽي پد)
يعني لفظ کي ٽوڙي، جهٽڪي سان اچارجڻ واري آوازي لھر کي ’پد‘ چئبو. ان ۾ صرف آواز کي ئي ڏسبو، اکرن ڏانھن توجهه نه ڏبو. لفظن ۾ اکر گهٽ- وڌ ٿيندا آهن، ان لاءِ اکرن جي ڳڻپ تي ڌيان نه ڏبو، البت هِجي ڪرڻ ۾ اکرن جو شمار ڪيو ويندو آهي. مٿي ’گهِنۡٽِي‘ لفظ ۾ ’گهِنۡ‘ هڪ جهٽڪي سان ادا ٿيندڙ اهڙي آوازي لھر آهي، جنھن ۾ ٻه وينجن اچن ٿا. ان صورت ۾ ان کي به ’پد‘ ۾ ئي شمار ڪبو.
پد بابت ڏنل مثالن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ’پد‘ هڪ سُر تي مشتمل هوندو آهي، جڏهن لفظ ۾ ٻيو سُر هوندو ته پوءِ ان کي ٻئي پد جو ڀانئبو. يعني پد جي حد اوستائين ٻڌبي، جيستائين سُر (vowel) جي حد هوندي. ٻيو وينجن الڳ سُر سان، الڳ پد شمار ٿيندو. هڪ پد ۾ هڪ سُر سان ٻه وينجن (consonants) به ٿي سگهن ٿا. واضح رهي ته ’پد جي حد‘ جو لاڳاپو ’سر جي حد‘ سان آهي.
وينجن ۽ سُر (consonant and vowel)
وينجن ۽ سُر ملي هڪ پد ٺاهيندا آهن. ان لاءِ ٻنھي جي ميلاپ کي نظر ۾ رکڻ لازمي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاونجاهه اکر آهن، جن ۾ ايڪونجاهه وينجن آهن- ياد رهي ته الف ۽ همزو، وينجن نسبت هڪ ئي آواز جي نمائندگي ڪندا آهن، البت، الف ڊگهي سُر طور به ڪم ايندو آهي، جنھن ڪري الف کي حرف علت ۾ شمار ڪبو آهي. سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾جيڪا ’ڪڪ پٽي‘ ڏنل آهي، ان ۾ هرهڪ جزي کي پد ۾ شمار ڪبو.
الف- بي جا آواز (ڪَڪ پٽي)
|
اَ |
آ |
اِ |
اِي |
اُ |
اُو |
اي |
اَي |
او |
اَو |
|
بَ |
با |
بِ |
بِي |
بُ |
بُو |
بي |
بَي |
بو |
بَو |
|
جَ |
جا |
جِ |
جِي |
جُ |
جُو |
جي |
جَي |
جو |
جَو |
|
جهَه |
جها |
جهِه |
جهِي |
جهُه |
جهُو |
جهي |
جهَي |
جهو |
جهَو |
|
دَ |
دا |
دِ |
دِي |
دُ |
دُو |
دي |
دَي |
دو |
دَو |
|
سَ |
سا |
سِ |
سِي |
سُ |
سُو |
سي |
سَي |
سو |
سَو |
|
لَ |
لا |
لِ |
لِي |
لُ |
لُو |
لي |
لَي |
لو |
لَو |
|
مَ |
ما |
مِ |
مِي |
مُ |
مُو |
مي |
مَي |
مو |
مَو |
|
ءَ |
ئا |
ءِ |
ئِي |
ءُ |
ئُو |
ئي |
ئَي |
ئو |
ئَو |
|
يَ |
يا |
يِ |
يِي |
يُ |
يُو |
يي |
يَي |
يو |
يَو |
نوٽ: ’الف‘ سان سلھاڙيل سُر آوازَ، الف سان ملي پد جوڙين ٿا، جڏهن ته لکت ۾ ڏيکارڻ لاءِ ڏهه صاف سُر آواز پڻ فرضي الف سان ڏيکاربا آهن، ان ۾ الف فرضي هوندو آهي، يعني ان جي حيثيت وينجن واري نه ٻَڌبي. جدول جي هرهڪ خاني ۾ ڏنل اعرابن يا حرف علت سان ڏنل اکر، پد شمار ڪيا ويندا آهن.
ڄاڻايل جدول صرف صاف سُرن سان ڏنل آهي، جڏهن ته ساڳئي نموني گهڻي سُرن سان به ٿيندي، جيئن:
الف- بي جا گهڻا آواز (ڪڪ پٽي)
|
اَنْ |
آنْ |
اِنْ |
اِينْ |
اُنْ |
اُونْ |
اينْ |
اَينْ |
اونْ |
اَونْ |
|
بَنْ |
بانْ |
بِنْ |
بِينْ |
بُنْ |
بُونْ |
بينْ |
بَينْ |
بونْ |
بَونْ |
|
جَنْ |
جانْ |
جِنْ |
جِينْ |
جُنْ |
جُونْ |
جينْ |
جَينْ |
جونْ |
جَونْ |
|
جهَنْ |
جهانْ |
جهِنْ |
جهِينْ |
جهُنْ |
جهُونْ |
جهينْ |
جهَينْ |
جهونْ |
جهَونْ |
|
دَنْ |
دانْ |
دِنْ |
دِينْ |
دُنْ |
دُونْ |
دينْ |
دَينْ |
دونْ |
دَونْ |
|
سَنْ |
سانْ |
سِنْ |
سِينْ |
سُنْ |
سُونْ |
سينْ |
سَينْ |
سونْ |
سَونْ |
|
لَنْ |
لانْ |
لِنْ |
لِينْ |
لُنْ |
لُونْ |
لينْ |
لَينْ |
لونْ |
لَونْ |
|
مَنْ |
مانْ |
مِنْ |
مِينْ |
مُنْ |
مُونْ |
مينْ |
مَينْ |
مونْ |
مَونْ |
|
ئَن |
ئانْ |
ئِن |
ئِينْ |
ئُن |
ئُونْ |
ئينْ |
ئَينْ |
ئونْ |
ئَونْ |
|
يَنْ |
يانْ |
يِنْ |
يِينْ |
يُنْ |
يُونْ |
يينْ |
يَينْ |
يونْ |
يَونْ |
جدول ۾ ڏنل آواز، سڀ جو سڀ پد (syllables) آهن. جڏهن به ڪنھن لفظ ۾ اهڙا پد شامل هوندا، انھن کي ٽوڙي ۽ جوڙي، اکري هِجي ڪري سگهبي. مثال طور:
|
لفظ |
پدن ۾ ڇيد |
لفظ جي هِجي |
|
اَکِ |
اَ ۽ کِ (ٻه پد) |
الف زبر ’اَ‘ + ک زير ’کِ‘= اَکِ |
|
اُٺُ |
اُ ۽ ٺُ (ٻه پد) |
الف پيش ’اُ‘ + ٺ پيش ’ٺُ‘= اُٺُ |
|
اَنبُ |
اَنْ ۽ بُ (ٻه پد) |
الف، نون زبر ’اَنْ‘ + ب پيش ’بُ‘= اَنبُ |
|
آنا |
آ ۽ نا (ٻه پد) |
الف مد ’آ‘ + ن، الف ’نا‘= آنا |
|
سِيٽِي |
سِي ۽ ٽِي (ٻه پد) |
س، ي زير ’سِي‘ + ٽ، ي زير ’ٽِي‘= سِيٽِي |
|
ريلَ |
ري ۽ لَ (ٻه پد) |
ر، ي ’ري‘ + ل زبر ’لَ‘= ريلَ |
|
بُوٽُ |
بُو ۽ ٽُ (ٻه پد) |
ب، و پيش ’بُو‘ + ٽ پيش ’ٽُ‘= بُوٽُ |
|
گهوڙو |
گهو ۽ ڙو (ٻه پد) |
گهه، و ’گهو‘ + ڙ، و ’ڙو‘= گهوڙو |
|
عَينَڪَ |
عَي، نَ ۽ ڪَ (ٽي پد) |
ع، ي زبر ’عَي‘ + ن زبر ’نَ‘ + ڪ زبر ’ڪَ‘= عَينَڪَ |
|
صابُڻُ |
صا، بُ ۽ ڻُ (ٽي پد) |
ص، الف ’صا‘+ ب پيش ’بُ‘ + ڻ پيش ’ڻُ‘= صابُڻُ |
|
چَنڊُ |
چَنْ ۽ ڊُ (ٻه پد) |
چ، ن زبر ’چَنْ‘ + ڊ پيش ’ڊُ‘ = چَنڊُ |
|
شِينھُن |
شِينْ ۽ هُن (ٻه پد) |
ش، ي، ن زير ’شِينْ‘ + هه ن پيش ’هُن‘ = شِينھُن |
|
لِيمون |
لِي ۽ مون (ٻه پد) |
ل، ي زير’لِي‘ + م، و، ن ’مون‘ = لِيمون |
|
چَونرِي |
چَونْ ۽ رِي (ٻه پد) |
چ، و، ن زبر ’چَونْ‘ + ر، ي زير ’رِي‘ = چَونرِي |
مٿي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب مان ڪجهه لفظ رکيا ويا، جنھن جو ’پد‘ آهر ڇيد ڪيو ويو. انھن پدن ۾ مختلف وينجنن سان ننڍو سُر (اعراب)، ڊگهو سُر (آ، او، اي وغيره)، ٻٽو سُر (اَو ۽ اَي) ۽ گهڻا ننڍا توڻي ڊگها سُر ڏيکاريا ويا آهن. لفظ کي پدن ۾ ٽوڙي، ان بعد پد کي هِجي ڪري ۽ پد ملائبا ته لفظ جو اچار سڌو ٿي بيھندو.
گڏيل وينجن آواز (clustered sounds)
سنڌي ٻوليءَ ۾ گڏيل آوازَ، ٻن وينجنن کي سڏبو آهي، جيڪي هڪ سُر (vowel) سان ملي، پد (syllable) جي صورت وٺندا آهن. گهڻي قدر لفظ جي اچار کي ڏسي، گڏيل وينجن آواز تصور ڪري سگهبا آهن. ان حالت ۾ ڪٿي ڪٿي لفظ سان رعايت به ڪري وٺبي آهي، جيئن: جهِرِڪِي. اهڙن لفظن ۾ اختلاف ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ’جهر‘
۾ ’ر‘ کي اعراب سان الڳ به ڪري سگهجي ٿو ته وري اچار نسبت، ’جهه‘ سان ’ر‘ ملائي، گڏيل آواز به وٺي سگهجي ٿو. اچار نسبت سنڌي ٻوليءَ ۾ ’جهِرڪِي‘ (جهه، ر زير جهِرۡ + ڪ، ي زير ڪِي) بيھي ٿو، پر جيڪڏهن ٻارن جي سھوليت لاءِ ’ر‘ کي زير واري اعراب ڏيئي بيھارجي ٿو ته به ان ۾ ڪو حرج ڪونھي. البت، جڏهن لفظ ’پھريون‘ هِجي ڪجي ٿو ته ان ۾ هڪ ته ’پَھه‘ وارو پد اهڙو آهي، جنھن ۾ رعايت ڪري، ’پ ۽ هه‘ کي الڳ الڳ (پ زبر پَ، هه زير هِه) به ڪري سگهجي ٿو ته وري گڏي (پ، هه زبر پَھۡه) به اچاري سگهجي ٿو؛ ليڪن، ’ر ۽ ي‘ کي اصولي طور الڳ الڳ ڪري نه اچاربو. اچار جي نسبت، ’پَھريون‘ ۾ ٻه پد آهن: ’پَھه+ ريون‘. هتي اهو نڪتو نھايت اهم آهي ته ’ر ۽ ي‘ وينجنَ، گڏيل آواز جو هڪ مثال آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ گڏيل وينجن آوازن جا ٻه نمونا آهن، جنھن ۾ هڪ ساڪن بيھندو آهي. لفظ ۾ ساڪن کي سمجهڻ نھايت اهم آهي، جيڪو ڪنھن لفظ ۾ساڪن ٿي، ٻئي سان گڏبو آهي. سنڌي صورتخطيءَ ۾ لسانياتي طور ساڪن آواز جا ٻه نمونا ٿين ٿا:
- ڪنھن گڏيل آواز جو اڳيون آواز
- ڪنھن گڏيل آواز جو پويون آواز (5)
يعني، سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽن آوازن (Cluster of sounds) جا ٻه قسم سامھون اچن ٿا:
- ديسي صورتخطيءَ جي نسبت ٻٽن آوازن ۾ ’پھريون ساڪن- ٻيو متحرڪ‘، جيئن:
- پيارُ (هن ۾ ’پ‘ کي ساڪن ڏيکارڻ لاءِ مجزوم ڪرڻو پوندو، جنھن جي جوڙ ۾ ’پ‘ ساڪن کي متحرڪ ’ي‘ سان ملائي [پيا] اچاربو. يعني ’پ‘ ساڪن، پوئين متحرڪ آواز ’يا‘ سان ملائبو.)
- ڏُکيو (هن ۾ ’ک‘ کي ساڪن ڏيکارڻ لاءِ مجزوم ڪرڻو پوندو، جنھن جي جوڙ ۾ ’ک‘ ساڪن کي متحرڪ ’ي‘ سان ملائي [کيو] اچاربو. يعني ’ک‘ ساڪن، پوئين متحرڪ آواز ’يو‘ سان ملائبو.)
- عربي- فارسي صورتخطيءَ جي نسبت ٻٽن آوازن ۾ ’پھريون متحرڪ- ٻيو ساڪن‘، جيئن:
- عِلۡمُ (هن ۾ ’ل‘ کي ساڪن ڏيکارڻ لاءِ مجزوم ڪيو ويو آهي، جنھن جو جوڙ ’ع‘
سان ملائي [عِلۡ] اچاربو. يعني ’ل‘ ساڪن، اڳئين متحرڪ آواز ’عِ‘ سان ملائبو. - گهِنۡٽي (هن ۾ ’ن‘ کي ساڪن ڏيکارڻ لاءِ مجزوم ڪيو ويو آهي، جنھن جو جوڙ ’گهه‘ سان ملائي [گهِنۡ] اچاربو. يعني ’ن‘ ساڪن، اڳئين متحرڪ آواز ’گِهه‘ سان ملائبو.) (6)
ديسي گڏيل وينجن آواز (پھريون ساڪن، ٻيون متحرڪ)
پھريون نمونو سنڌي ديسي گڏيل آوازن وارو ٿئي ٿو، جنھن ۾ پھريون وينجن آواز ساڪن رهي ٿو، جيئن: ’پيارُ‘، ’ڪياڙِي، پريمُ، ڪروڌُ وغيره. (ڌيان رهي ته ڄاڻايل لفظن جي پھريَن وينجن آوازن ’پ‘، ’ڪ‘، ’پ‘ ۽ ’ڪ‘ تي ڪابه اعراب نه ايندي، بلڪ اهي ساڪن رهندا ۽ ’ي‘ وينجن سان گڏجي گڏيل آواز جوڙيندا.)
لفظن جو پد (syllable) ۾ ڇيد
|
لفظ |
پدن ۾ ڇيد |
لفظ جي هِجي |
|
پيارُ |
پيا ۽ رُ (ٻه پد) |
پ، ي الف ’پيا‘ + ر پيش ’رُ‘= پيارُ |
|
ڪياڙِي |
ڪيا ۽ ڙِي (ٻه پد) |
ڪ، ي الف ’ڪيا‘ + ڙ، ي زير ’ڙِي‘= ڪياڙِي |
|
اَکيُون |
اَ ۽ کيُون |
الف زبر ’اَ‘ + ک، ي، و، ن پيش ’کيُون‘ = اَکيُون |
|
سُورۡهيُه |
سُورۡ ۽ هيُه |
س، و، ر پيش ’سُورۡ‘ + هه، ي پيش ’هيُه‘ = سُورۡهيُه |
|
پريمُ |
پر ۽ مُ (ٻه پد) |
پ، ر، ي ’پري‘ + م پيش ’مُ‘= پريمُ |
|
ڪروڌُ |
ڪرو ۽ ڌُ (ٻه پد) |
ڪ، ر، و ’ڪرو‘ + ڌ پيش ’ڌُ‘ = ڪروڌُ |
|
سِٽرَ |
سِ ۽ ٽرَ (ٻه پد) |
س زير ’سِ‘ + ٽ، ر زبر ’ٽرَ‘ = سِٽرَ |
مٿين لفظن جو، آوازن جي نسبت، هيٺين ريت ڇيد ڪري سگهجي ٿو:
لفظن جو آواز (sound)۾ ڇيد
|
لفظ |
آواز ۾ ڇيد |
آوازن جو وچور |
|
پيارُ |
پ + ي + آ، ر + اُ |
ٻه پد (پيا + رُ) پنج آواز: ٽي وينجن (پ، ي ۽ ر)، ٻه سُر (آ ۽ اُ) |
|
ڪياڙِي |
ڪ + ي + آ، ڙ + اِي |
ٻه پد (ڪيا + ڙِي) پنج آواز: ٽي وينجن (ڪ، ي ۽ ڙ)، ٻه سُر (آ ۽ اِي) |
|
اَکيُون |
ا+اَ، ک+ي+اُُون |
ٻه پد (اَ + کيُون) پنج آواز: ٽي وينجن (ا، ک ۽ ي)، ٻه سُر (اَ ۽ اُون) |
|
سُورۡهيُه |
س+ر+اُو، هه+ي+اُ |
ٻه پد (سُورۡ+ هيُه ) ڇھه آواز: چار وينجن (س، ر، هه ۽ ي)، ٻه سُر (اُو ۽ اُ) |
|
پريمُ |
پ+ر+اي، م+اُ |
ٻه پد (پري + مُ) پنج آواز: ٽي وينجن (پ، ر ۽ م)، ٻه سُر (اي ۽ اُ) |
|
ڪروڌُ |
ڪ+ر+او، ڌ+اُ |
ٻه پد (ڪرو + ڌُ) پنج آواز: ٽي وينجن (ڪ، ر ۽ ڌ)، ٻه سُر (او ۽ اُ) |
|
سِٽرَ |
س+اِ، ٽ+ ر+ اَ |
ٻه پد (سِ + ٽرَ) پنج آواز: ٽي وينجن (س، ٽ ۽ ر)، ٻه سُر (اِ ۽ اَ) |
هتي لفظ ’سُورۡهيُه‘ ۾ آوازن جي وضاحت ڪجي ته ’رهه‘ ڪو وسرڳ ڪونھي، بلڪ ’ر ۽ هه‘ الڳ ٿيندا ۽ ’ر‘ ساڪن حالت ۾ رهندو. جڏهن ته ان لفظ ۾ ’ي‘ وينجن اهڙو آواز آهي، جيڪو اڳئين وينجن آواز ’هه‘ کي، ساڪن حالت ۾، پاڻ سان ملائي پد ٺاهي ٿو. مٿين لفظن ۾ گڏيل وينجن آوازن ۾ ’ي ۽ ر‘ اهڙا وينجن آواز آهن، جيڪي پاڻ کان اڳ هوندڙ وينجن آواز کي پاڻ سان گڏي، بعد ۾ ڪنھن سُر سان پد جوڙين ٿا، جيئن: پيارُ- پريمُ وغيره. (ذهن تي هجي ته ’پ‘ تي ڪابه اعراب نه لڳندي)
عربي- فارسي ۽ ٻين ٻولين ۾ يڪسان گڏيل وينجن آواز (پھريون متحرڪ، ٻيون ساڪن)
ٻيون نمونو سڀني ٻولين ۾ يڪسان گڏيل وينجن آوازن وارو ٿئي ٿو، جنھن ۾ پھريون وينجن آواز متحرڪ رهي ٿو، جيڪو ٻئين ساڪن آواز سان ملندو، جيئن: ’مَطۡلَبُ‘،
’گهِنٽِي‘، ’جهِرۡڪِي‘، ’هَلۡڪو‘ وغيره. (ڌيان رهي ته ڄاڻايل لفظن جا پھريان وينجن آوازَ
’م‘، ’گهه‘، ’جهه‘ ۽ ’هه‘ متحرڪ رهندا، جڏهن ته انھن سان ملندڙ ’ط‘، ’ن‘، ’ر‘ ۽ ’ل‘ وينجن، ساڪن رهندا. اهو گڏيل آوازن جو نمونو عام آهي.)
لفظن جو پد (syllable) ۾ ڇيد
|
لفظ |
پدن ۾ ڇيد |
لفظ جي هِجي |
|
مَطۡلَبُ |
مَط، لَ ۽ بُ (ٽي پد) |
م، ط زبر ’مَطۡ‘ + ل زبر ’لَ‘ + ب پيش ’بُ‘ = مَطۡلَبُ |
|
گهِنۡٽِي |
گهِنۡ۽ ٽِي (ٻه پد) |
گهه، ن زير ’گهِنۡ‘ + ٽ، ي زير ’ٽِي‘= گهِنۡٽِي |
|
جهِرۡڪِي |
جهِرۡ ۽ ڪِي (ٻه پد) |
جهه، ر زير ’جهِرۡ‘ + ڪ، ي زير ’ڪِي‘ = جهِرۡڪِي |
|
هَلۡڪو |
هَلۡ ۽ ڪو (ٻه پد) |
هه، ل زبر ’هَلۡ‘ + ڪ، و ’ڪو‘ = هَلۡڪو |
مٿين لفظن جو، آوازن جي نسبت، هيٺينءَ ريت ڇيد ڪري سگهجي ٿو:
لفظن جو آواز (sound)۾ ڇيد
|
لفظ |
آواز ۾ ڇيد |
آوازن جو وچور |
|
مَطۡلَبُ |
م+ طۡ+اَ، ل+اَ، ب+اُ |
ٽي پد (مَطۡ + لَ + بُ) ست آواز: چار وينجن (م، ط، ل ۽ ب)، ٽي سُر (اَ، اَ۽ اُ) |
|
گهِنۡٽِي |
گهه+نۡ+اِ، ٽ+اِي |
ٻه پد (گهِنۡ+ ٽِي) پنج آواز: ٽي وينجن (گهه، ن ۽ ٽ)، ٻه سُر (اِ ۽ اِي) |
|
جهِرۡڪِي |
جهه+رۡ+اِ، ڪ+اِي |
ٻه پد (جهِرۡ+ ڪِي) پنج آواز: ٽي وينجن (جهه، ر ۽ ڪ)، ٻه سُر (اِ ۽ اِي) |
|
هَلۡڪو |
هه+لۡ+اَ، ڪ+او |
ٻه پد (هَلۡ+ ڪو) پنج آواز: ٽي وينجن (هه، ل ۽ ڪ)، ٻه سُر (اَ۽ او) |
سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ته اهڙا گڏيل آواز آهن، جن تي ڪو اختلاف ناهي؛ باقي ڪي گڏيل آواز اهڙا به آهن، جن کي سمجهائڻ لاءِ ڪافي جدوجھد جي ضرورت پوي ٿي.
جديد تحقيق موجب، اضافي وسرڳ طور ڳڻجندڙ ’ڙهه، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه‘، اصولي طور مفرد حيثيت ۾ وسرڳ آواز ناهن، بلڪ اهي پڻ مرڪب آواز/ گڏيل وينجن آواز آهن، جنھن ۾ ’هه‘ وينجن آواز الڳ سان متحرڪ رهي ٿو. ان جو اهم سبب ته ’ڙهه، لھه، مھه، نھه ۽ ڻھه‘ اهڙا مرڪب/ گڏيل آواز آهن، جيڪي هڪ جهٽڪي سان اچاري نه ٿا سگهجن. (7) ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، انھن گڏيل آوازن لاءِ ڄاڻائي ٿو: ”اهي حقيقت ۾ ٻن صوتين جو ميل(conjunct consonants) آهن.“ (8) ڊاڪٽر جيٽلي اهڙن گڏيل آوازن بابت وضاحت ڏيندي لکي ٿو: ”ڪن عالمن سنڌي وينجنن جي چارٽ ۾ هيٺ ڏنل وينجنَ به شامل ڪري ڇڏيا آهن. اهي سادن يا مفرد وينجن ’ڌوَني- تتن‘ جي چارٽ ۾ ڏيڻ نه گهرجن، ڇاڪاڻ ته اهي ٻه گڏيل وينجن آهن، جن جي پٺيان ايندڙ وينجن ’هه‘ علحدو آهي. ان جو اچار ’ک، جهه، ڦ، ڀ وغيره‘ وسرگي وينجنن ۾ زور سان نڪرندڙ ڦوڪ يا هوا واري اچار کان نرالو آهي. مھه، نھه، ڻھه، لھه، ڙهه.“ (9) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهڙن گڏيل آوازن کي ’هه‘ سان سميٽيل آواز ڪوٺي ٿو. (10)
سنڌي ٻاراڻي ڪتاب مان چند لفظ خيال خاطر رکجن ٿا: ڪلھو- ملھه- وڙهه- سنھو- پوڙهو- ماڻھو- چڙهه- ڳاڙهو- سوڙهو- پڙهون وغيره. ٻاراڻي ڪتاب ۾ اهڙن لفظن جي اعرابن ۾ به مسئلو اچي ٿو، جيڪو سلجهائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، جيئن: ’پَڙُهون‘ (ص: 43) ۽ ’پَڙهُون‘ (ص: 47). يعني اهو طئي نه ٿي سگهندو آهي ته اعراب ’ڙ‘ تي ڏجي يا ’هه‘ تي ايندي! اصل معاملو مسئلي کي سمجهڻ جو آهي. جڏهن ڪو اصول اڳيان نه ٿو رکجي ته پوءِ ڪٿي نه ڪٿي مسئلو ڪَرُ کڻي بيھي ٿو. جديد تحقيق موجب، اهي اضافي وسرڳ سڏجندڙ، وسرڳ جي پيراميٽر ۾ نه ٿا اچن. بلڪ، اهي ’گڏيل آواز آهن، جنھن ۾ ’هه‘ جو آواز الڳ سان متحرڪ رهي ٿو.
لفظن جو پد (syllable) ۾ ڇيد
|
لفظ |
پدن ۾ ڇيد |
لفظ جي هِجي |
|
ڪُلھو |
ڪُلۡ ۽ هو (ٻه پد) |
ڪ، ل پيش ’ڪُلۡ‘ + هه، و ’هو‘ = ڪُلھو |
|
مَلھَه |
مَلۡ۽ هَه (ٻه پد) |
م، ل زبر ’مَلۡ‘ + هه زبر ’هَه‘ = مَلھَه |
|
وِڙهُه |
وِڙۡ ۽ هُه (ٻه پد) |
و، ڙ زير ’وِڙۡ‘ + هه پيش ’هُه‘ = وِڙۡهُه |
|
سَنھو |
سَنۡ ۽ هو (ٻه پد) |
س، ن زبر ’سَنۡ‘ + هه، و ’هو‘ = سَنھو |
|
پوڙهو |
پوڙۡ ۽ هو (ٻه پد) |
پ، و، ڙ ’پوڙۡ‘ + هه، و ’هو‘ = پوڙۡھو |
|
ماڻھُو |
ماڻۡ ۽ هُو (ٻه پد) |
م، الف، ڻ ’ماڻۡ‘ + هه، و پيش ’هُو‘ = ماڻھُو |
|
چَڙهُه |
چَڙۡ ۽ هُه (ٻه پد) |
چ، ڙ زبر ’چَڙۡ‘ + هه پيش ’هُه‘ = چَڙۡهُه |
|
ڳاڙهو |
ڳاڙۡ ۽ هو (ٻه پد) |
ڳ، الف، ڙ ’ڳاڙۡ‘ + هه، و ’هو‘ = ڳاڙۡھو |
|
سوڙهو |
سوڙۡ ۽ هو (ٻه پد) |
س، و، ڙ ’سوڙۡ‘ + هه، و ’هو‘ = سوڙۡھو |
|
پَڙهُون |
پَڙۡ ۽ هُون (ٻه پد) |
پ، ڙ زبر ’پَڙۡ‘ + هه، و، ن پيش ’هُون‘ = پَـڙۡھُون |
مٿين لفظن جو، آوازن جي نسبت، هيٺين ريت ڇيد ڪري سگهجي ٿو:
لفظن جو آواز (sound)۾ ڇيد
|
لفظ |
آواز ۾ ڇيد |
آوازن جو وچور |
|
ڪُلھو |
ڪ+ لۡ+اُ، هه+او |
ٻه پد (ڪُلۡ + هو) پنج آواز: ٽي وينجن (ڪ، ل ۽ هه)، سُر (اُ ۽ او) |
|
مَلھَه |
م+لۡ+اَ، هه+اَ |
ٻه پد (مَلۡ+ هَه) پنج آواز: ٽي وينجن (م، ل ۽ هه)، ٻه سُر (اَ ۽ اَ) |
|
وِڙهُه |
و+ڙۡ+اِ، هه+اُ |
ٻه پد (وڙۡ+ هُه) پنج آواز: ٽي وينجن (و، ڙ ۽ هه)، ٻه سُر (اِ ۽ اُ) |
|
سَنھو |
س+نۡ+اَ، هه+او |
ٻه پد (سَنۡ+ هو) پنج آواز: ٽي وينجن (س، ن ۽ هه)، ٻه سُر (اَ ۽ او) |
|
پوڙهو |
پ+ڙ+او، هه+او |
ٻه پد (پوڙۡ+هو) پنج آواز: ٽي وينجن (پ، ڙ ۽ هه)، ٻه سُر (او ۽ او) |
|
ماڻھُو |
م+ڻ+آ، هه+اُو |
ٻه پد (ماڻۡ+هُو) پنج آواز: ٽي وينجن (م، ڻ ۽ هه)، ٻه سُر (آ ۽ اُو) |
|
چَڙهُه |
چ+ڙ+اَ، هه+اُ |
ٻه پد (چَڙۡ+هُه) پنج آواز: ٽي وينجن (چ، ڙ ۽ هه)، ٻه سُر (اَ ۽ اُ) |
|
ڳاڙهو |
ڳ+ڙ+آ، هه+او |
ٻه پد (ڳاڙۡ+هو) پنج آواز: ٽي وينجن (ڳ، ڙ ۽ هه)، ٻه سُر (آ ۽ او) |
|
سوڙهو |
س+ڙ+او، هه+او |
ٻه پد (سوڙۡ+هو) پنج آواز: ٽي وينجن (س، ڙ ۽ هه)، ٻه سُر (او ۽ او) |
|
پَڙهُون |
پ+ڙ+اَ، هه+اُون |
ٻه پد (پَڙۡ+هُون) پنج آواز: ٽي وينجن (پ، ڙ ۽ هه)، ٻه سُر (اَ ۽ اُون) |
مٿين لفظن جي عام هِجي ۽ آوازن جو ڇيد ڪري جاچيو ويو، جنھن ۾ ’ڙهه، لھه، مھه، نھه ۽ ڻھه‘، گڏيل آوازن کي ڏٺو ويو. اهڙا گڏيل آواز ’رهه ۽ وهه‘ به آهن، جيڪي پڻ ساڳئي جوڙ جا گڏيل آواز آهن. ٻه ٻه لفظ ’رهه ۽ وهه‘ جا پڻ خيال خاطر رکجن ٿا:
لفظن جو پد (syllable) ۾ ڇيد
|
لفظ |
پدن ۾ ڇيد |
لفظ جي هِجي |
|
وِرهائِڻُ |
وِرۡ، ها، ءِ ۽ ڻُ (چار پد) |
و، ر زير ’وِرۡ‘ + هه، الف ’ها‘ + همزو زير ’ءِ‘ + ڻ پيش ’ڻُ‘ = وِرهائِڻُ |
|
بِرهَمَڻُ |
بِرۡ، هَه، مَ ۽ ڻُ (چار پد) |
ب، ر زير ’بِر‘ + هه زبر ’هَه‘ + م زبر ’مَ‘ +ڻ پيش ’ڻُ‘ = بِرهَمَڻُ |
|
اَوهان |
اَوۡ ۽ هانْ (ٻه پد) |
الف، و زبر ’اَوۡ‘ + هه، الف، ن ’هان‘ = اَوهان |
|
سيوهَڻِ |
سيوۡ، هَه ۽ ڻِ (ٽي پد) |
س، ي، و ’سيوۡ‘ + هه زبر ’هَه‘ + ڻ زير ’ڻِ‘ = سيوۡهَڻِ |
لفظن جو آواز (sound)۾ ڇيد
|
لفظ |
آواز ۾ ڇيد |
آوازن جو وچور |
|
وِرهائِڻُ |
و+ر+اِ، هه+آ، ء +اِ، ڻ+اُ |
چار پد (وِرۡ + ها + ءِ + ڻُ) نوَ آواز: پنج وينجن (و، ر، هه، ء ۽ ڻ)، چار سُر (اِ، آ، اِ ۽ اُ) |
|
بِرهَمَڻُ |
ب+ر+اِ، هه+اَ، م+اَ، ڻ+اُ |
چار پد (بِرۡ+ هَه + مَ + ڻُ) نوَ آواز: پنج وينجن (ب، ر، هه، م ۽ ڻ)، چار سُر (اِ، اَ، اَ ۽ اُ) |
|
اَوهان |
ا+و+اَ، هه+آن |
ٻه پد (اَوۡ+ هان) پنج آواز: ٽي وينجن (ا، و ۽ هه)، ٻه سُر (اَ ۽ آن) |
|
سيوهَڻِ |
س+و+اي، هه+اَ، ڻ+اِ |
ٽي پد (سيوۡ+ هَه + ڻِ) ست آواز: چار وينجن (س، و، هه ۽ ڻ)، ٽي سُر (اي، اَ ۽ اِ) |
لفظن جا آخري ساڪن وينجن (last vowelless consonant)
سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾، ماقبل آخري (Second last) سُر جي اهميت مذڪر- مؤنث کان علاوه واحد- جمع ۾ به نوٽ ڪئي وئي آهي. عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو هر لفظ جو خاتمو متحرڪ وينجن سان ٿيندو آهي. ان تصور سبب ڪافي عالم اڪثر مغالطي ۾ رهندي، آخري ساڪن آوازن کي به متحرڪ بڻائيندي مختلف صورتون پيش ڪندا آهن.
ماقبل آخريءَ (Second last) جي حوالي سان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ڄاڻائي ٿو: ”مون کي پنجاهه کن سالن جي عمر جا اهڙا سنڌي مرد نظر آيا آهن، جيڪي عام ميڙن ۾ تقرير ڪندي، پنھنجي جنس ۾ مؤنث جي فعلن جو استعمال پيا ڪندا آهن؛ جيئن ته: مان ويندَس (مان ويندُس)، مان ڪندَس (مان ڪندُس). انبُ کاڌَم (انب کاڌُم)، پاڻي پيتَم (پاڻي پيتُم).“ (11)
ڊاڪٽر جيٽلي جو اصل خيال اهو آهي ته آخري وينجن کان اڳ، مذڪر- مؤنث جي اعراب لڳندي. هونئن مذڪر- مؤنث جو اندازو به سنڌي ٻوليءَ جي آخري وينجن
جي اعراب مان ٿيندو آهي، جيئن: ڇوڪَرُ- ڇوڪَرِ، ڪتابُ- کَٽَ وغيره. جڏهن مذڪر- مؤنث جي اعراب آخري وينجن کان اڳئين وينجن تي لڳي ته ان صورت ۾ آخري وينجن ساڪن رهندو. (12)
’م ۽ س‘ اهڙي ضميري پڇاڙي آهي، جنھن کان اڳ واري وينجن تي مذڪر- مؤنث واري اعراب لڳندي آهي، جيئن: لکندُم (مذڪر) ۽ لکندَم (مؤنث). ساڳئي نموني ’ن‘
ضميري پڇاڙي به اهڙي آهي، جنھن جي اڳ واري وينجن تي مذڪر- مؤنث واري اعراب ڪم ايندي آهي، جيئن: لکندُن (مذڪر) ۽ لکندَن (مؤنث).
جيئن مذڪر- مؤنث ۾ ڪم آندل ضميري پڇاڙيون (م ۽ س) ساڪن رهنديون آهن، تيئن حالت جريءَ واري صورت ۾ اسم سان جمع ۾ ڪم ايندڙ آخري ’نون‘ به ساڪن رهندو آهي، جيئن: ’ڪتابُ‘ ج ’ڪتابَ‘، حرف جر لڳڻ سبب ’ڪتابَن ۾‘ بيھي ٿو، هيٺ چند لفظ خيال خاطر ڏجن ٿا:
|
واحد |
جمع |
حالتن موجب جمع |
|
ڪٻٽُ |
ڪٻٽَ |
ڪٻٽَـ + نۡ |
|
دُڪانُ |
دُڪانَ |
دڪانَـ + نۡ |
|
ماڻھُو |
ماڻھُو |
ماڻھُـ (اُو > اُ) نۡ |
|
ڀِتِ |
ڀِتيُون |
ڀتيُـ (اُون > اُ) + نۡ |
(13)
سنڌي ٻوليءَ نسبت، آخري وينجن، سُر سان متحرڪ رهندو آهي، ان لاءِ ته آخري سُر واحد- جمع، مذڪر- مؤنث وغيره ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، ليڪن ان کان هٽي ڪري، چند آخري وينجن آواز ساڪن رهن ٿا، جيئن: ’م‘، ’س‘ ۽ ’ن‘. مٿي ڄاڻايل لفظن ۾ آخري وينجن ساڪن جو ڌيان ڌرڻو پوي ٿو. ياد رهي ته لازمي ناهي ته هر لفظ جي آخر ۾ ’م، س ۽ ن‘ سان هيءُ اصول لاڳو ڪيو وڃي، جيئن: نِمُ، مَلَمَ، گلاسُ، ڏِسُ، پَنُ، ڌَنُ وغيره.
پروفيسر علي نواز جتوئيءَ، پڻ ’س‘ کي ساڪن تصور ڪري پد جي بيھڪ بيھاري آهي، جيئن:
- سڏائينس = /سَ + ڏا + ئينس/
- چوارائيندوسانس = /چَ + وا + را + ئين + دو + سانس/ (14)
لفظن جو پد (syllable) ۾ ڇيد
|
لفظ |
پدن ۾ ڇيد |
لفظ جي هِجي |
|
لِکَندُم |
لِ، کَن ۽ دُم (ٽي پد) |
ل زير ’لِ‘ + ک، ن زبر ’کَنْ‘ د، م پيش ’دُم‘ = لَکَندُم |
|
کاڌُم |
کا ۽ ڌُم (ٻه پد) |
ک الف ’کا‘ + ڌ، م پيش ’ڌُم‘ = کاڌُم |
|
اِيندَس |
اِين ۽ دَس (ٻه پد) |
ا، ي، ن زير ’اِينْ‘ + د، س زبر ’دَس‘ = اِيندَس |
|
پِيئَندَس |
پِي، ئَن ۽ دَس (ٽي پد) |
پ، ي زير ’پِي‘ + ء، ن زبر ’ئَنْ‘ + د، س زبر ’دَس‘ = پِيئَندَس |
|
ڏِسَندُن |
ڏِ، سَن ۽ دُن (ٽي پد) |
ڏ زير ’ڏِ‘ + س، ن زبر ’سَنْ‘ + د، ن پيش ’دُن‘ = ڏِسَندُن |
|
وِيندَن |
وِين ۽ دَن (ٻه پد) |
و، ي، ن زير ’وِينْ‘ + د، ن زبر ’دَن‘ = وِيندَن |
مٿين لفظن جو، آوازن جي نسبت، هيٺين ريت ڇيد ڪري سگهجي ٿو:
لفظن جو آواز (sound)۾ ڇيد
|
لفظ |
آواز ۾ ڇيد |
آوازن جو وچور |
|
لِکَندُم |
ل+اِ، ک+اَن، د+مۡ+اُ |
ٽي پد (لِ + کَنْ + دُم) ست آواز: چار وينجن (ل،ک، د ۽ م)، ٽي سُر (اِ، اَن۽ اُ) |
|
کاڌُم |
ک+آ، ڌ+مۡ+اُ |
ٻه پد (کا+ ڌُم) پنج آواز: ٽي وينجن (ک، ڌ ۽ م)، ٻه سُر (آ ۽ اُ) |
|
اِيندَس |
ا+اِين، د+سۡ+اَ |
ٻه پد (اِينْ + دَس) پنج آواز: ٽي وينجن (ا، د ۽ س)، ٻه سُر (اِين ۽ اَ) |
|
پِيئندَس |
پ+اِي، ء+اَن، د+سۡ+اَ |
ٽي پد (پِي+ ئَنْ+ دَس) ست آواز: چار وينجن (پ، ء، د ۽ س)، ٽي سُر (اِي، اَن ۽ اَ) |
|
ڏِسَندُن |
ڏ+اِ، س+اَن، د+نۡ+اُ |
ٽي پد (ڏِ+ سَنْ+ دُن) ڇھه آواز: ٽي وينجن (ڏ، س، د ۽ ن)، ٻه سُر (اِ، اَن ۽ اُ) |
|
وِيندَن |
و+اِين، د+نۡ+اَ |
ٻه پد (وِينْ+ دَن) پنج آواز: ٽي وينجن (و، د ۽ ن)، ٻه سُر (اِين ۽ اَ) |
حاصل مطلب
ٻوليءَ ۾وينجن ۽ سُر/ گهڻن سُر جي ڄاڻ لازمي آهي، ڇوته، ’وينجن ۽ سُر‘ ملي هڪ پد جوڙي ٿو. پد، اهڙي آوازي لھر آهي، جيڪا لفظ کي ٽوڙڻ سان هڪ جهٽڪي ۾ ادا ٿيندي آهي، جيئن: ’اَ+کِ‘، ’پا+ڻِي‘ وغيره. لفظ ۾ پد جي حد، اصل ۾ سُر/ نڪوين سُر (vowel/ nasal vowel) جي حد هوندي آهي، پوءِ ان سان سلھاڙيل ڪڏهن هڪ وينجن آواز ٿيندو آهي، ته ڪڏهن ٻه وينجن آواز به ٿين ٿا، جيئن: ’گهِنۡ+ٽي‘، ’جهِرۡ+ڪِي‘ وغيره. بنيادي شاگردن کي اکري هِجي(spelling) پڙهائڻ به پد جي درست حد جي سڃاڻ سان سلھاڙيل آهي. پد جي حد کي سمجهڻ لاءِ ٻوليءَ جا چند بنيادي اصول ذهن ۾ رکڻ نھايت ضروري سمجهيا ويا آهن:
- لفظ کي ٽوڙڻ سان پھرين ’پد‘ ملندو آهي، بعد ۾ پد جا آواز (وينجن ۽ سُر) نوٽ ڪبا آهن، جيئن: اُٺُ (اُ+ٺُ) ٻه پد، اُ (ا+اُ)- ٺُ (ٺ+اُ) چار آواز.
- هرهڪ پد، هڪ سُر/ گهڻن سُر سان سلھاڙيل هوندو آهي، پوءِ ان ۾ وينجن جو تعداد هڪ يا ٻه ٿي سگهي ٿو، جيئن:
- جهِرڪِي (جهِرۡ+ڪِي) ٻه پد، جهِرۡ (جهه+رۡ+اِ)- ڪِي (ڪ+اِي) پنج آواز.
- شِينھُن (شِينْ ۽ هُن) ٻه پد، شِينْ (ش+اينْ)- هُن (هه+اُن) چار آواز.
- پد جي حد ته اچار سان ملي ٿي وڃي، ليڪن پوءِ به اهو ڌيان ڌرڻو هوندو آهي ته ان پد ۾ ڪھڙا گڏيل وينجن آواز آهن! سنڌي ٻوليءَ ۾ گڏيل آواز جا ٻه نمونا نوٽ ڪيل آهن:
- گڏيل وينجن آواز ۾ پھريون ساڪن- ٻيو متحرڪ، جيئن: ’پۡيارُ‘ (پۡيا +رُ)
- گڏيل وينجن آواز ۾ پھريون متحرڪ- ٻيو ساڪن، جيئن: ’عِلۡمُ‘ (عِلۡ+مُ)
- وڏي عرصي کان اسان جو استاد ۽ شاگرد اضافي وسرڳن ’ڙهه، لھه، مھه، نھه ۽ ڻھه‘ سبب، هِجي ۾ پريشان رهيا آهن. اصولي طور اهي وسرڳ نه پر گڏيل وينجن آواز آهن، ڇاڪاڻ ته اهي هڪ جهٽڪي سان اچاري نه ٿا سگهجن. ان لاءِ انھن جي ٽوڙ (segmenting) سمجهڻ نھايت ضروري آهي. چند مثال خيال خاطر رکجن ٿا:
- ڪُلھو (ڪُلۡ+هو) ٻه پد، ڪُلۡ (ڪ+ل+اُ)- هو (هه+او) پنج آواز
- ماڻھُو (ماڻۡ+هُو) ٻه پد، ماڻۡ (م+ڻ+آ)- هُو (هه+اُو) پنج آواز
- پوڙهو (پوڙۡ+هو) ٻه پد، پوڙۡ (پ+ڙ+او)- هو (هه+او) پنج آواز
- ضميري پڇاڙين وارا وينجن آواز ’م، س ۽ ن‘ گهڻي ڀاڱي ساڪن رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ واري وينجن تي مذڪر- مؤنث واري اعراب ڪم ايندي آهي، جيئن: لکندُم/ لکندَم، ويندُس/ ويندَس، ڏيندُن/ ڏيندَن وغيره. ان لاءِ آخري وينجن کي ساڪن سمجهيو ويندو، جيڪو اڳئين متحرڪ وينجن سان ملندو، جيئن:
- کاڌُم (کا+ڌُم) ٻه پد، کا (ک+آ)- ڌُم (ڌ+م+اُ) پنج آواز
حوالا/ ذريعا
- جتوئي، علي نواز، پروفيسر، علم لسان ۽ سنڌي زبان. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. 1996ع، ص 77.
- ساڳيو
- الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، سنڌي صورتخطي. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص 141.
- ٻوهيو، الھداد، ڊاڪٽر، ٻولي ۽ آواز. ’سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون، جلد III‘. مرتب: آزاد انور ڪانڌڙو. سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2008، ص: 19.
- جوکيو، الطاف، جزم جي درست استعمال جو مسئلو. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل. ايڊيٽر: تاج جويو. ج (3)، ش (3 ۽ 4)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2010ع، ص: 68- 90.
- جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر،گڏيل ٻٽي آواز ۾ ساڪن آواز جي ميلاپ جو معاملو. ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر: پروفيسر محمد سليم ميمڻ. ج (21)، ش: (2)، ڪراچي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي ڄامشورو، 2018ع، ص 51-62.
- جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر، سنڌي صورتخطيءَ ۾ ٻه اکري وسرڳن جو تحقيقي اڀياس. ’سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ اصلوڪي ڄاڻ ۽ ورثي جي ذريعي طور ٻولي‘، ٻين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس جا مقالا، مرتب: ڊاڪٽر اسحاق سميجو. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 2025ع، ص: 57- 74.
- جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جون مکيه خاصيتون. ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ٽماهي مھراڻ، گولڊن جوبلي نمبر. ج: 56 (ش: 2 ۽ 3)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ، 2006ع،
ص: 128- 132. - جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر، سنڌي ڌوني وگيان. دهلي: اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه، 2000ع، ص 53
- بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، مقدمو. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 1992ع، ص 15
- جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جون مکيه خاصيتون. ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ٽماهي مھراڻ، گولڊن جوبلي نمبر. ج: 56 (ش: 2 ۽ 3)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ، 2006ع،
ص: 23- 32. - جوکيو، الطاف، سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾آخري ۽ ماقبل آخري وينجن جي سُر جي اهميت ۽ آخري وينجن جي ساڪن هجڻ جو تصور. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل. ايڊيٽر: تاج جويو. ج (4)، ش (2)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2011ع، ص 42-95
- ساڳيو
- جتوئي، علي نواز، پروفيسر، علم لسان ۽ سنڌي زبان. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1996ع، ص 78