ايڊيٽوريل
’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جو تازو شمارو (جُون 2019ع) اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڀيري به اسان ڪوشش ڪري مختلف ليکڪن جا اهم مضمون هن شماري ۾ شامل ڪيا آهن، هن پرچي ۾ ’ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تحقيقي مقالي‘ تي برک ليکڪا ڊاڪٽر تھمينه مفتيءَ جو اڀياس؛ محترم عزيز ڪنگراڻيءَ جو ’سنڌي ٻوليءَ جون ويدڪ دور ۾ جڙون‘؛ ڊاڪٽر نواب ڪاڪا جو تحقيقي مقالو ’1942ع کان 1947ع تائين جديد سنڌي ڪھاڻي جا اهم مجموعا‘؛ ڊاڪٽر الطاف جوکيي جو ’مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي جو تحقيقي مضمون‘؛ شبير ڪنڀار جو ’سنڌي ڪمپوزنگ ۾ اکري شڪلين جا مونجهارا ۽ گهرجون‘؛ ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ جو ’ڪلا پرڪاش جي ناولن ۾ عورت ڪردارن جو جائزو‘؛ حَسِين مسرت جو ’سنڌي ناولن ۾ عورتن جي خودمختياري جو تصور‘؛ ان کان سواءِ خالد آزاد جو ’تحرير جي ايڊٽنگ جو فن ۽ ان جا اصول‘ ۽ رياضت ٻرڙي جو ’لغت ڪوش، لغت نامه فرهنگ ۽ قاموس اصلاحن جو تقابلي جائزو‘ ۽ ٻيا اهم تحقيقي مضمون اوهان جي آڏو آهن.
ٻوليءَ جا مختلف محرڪ ۽ حوالا آهن، ٻولي فقط گفتگو يا لکت جو ذريعو ئي نه آهي، پر ٻولي سماجي رابطن، ثقافت، تھذيب، لوڪ شاعري ۽ ادب جي ترجماني پڻ ڪري ٿي. ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ اضافو ان وقت ممڪن آهي، جڏهن اديب ۽ عالم ٻوليءَ جي نون ۽ مختلف پھلوئن تي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪري، پنھنجي ٻوليءَ جي ترقي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا. اسان جي اها وڌ کان وڌ ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي هن جرنل ۾ ٻوليءَ سان واسطو رکندڙ مضمونن، مقالن کي ترجيحي بنيادن تي شايع ڪريون، جنھن لاءِ اسان وقت به وقت عالمن، اديبن ۽ محققن کي گذارش ڪندا آيا آهيون ۽ اڳتي به اسان جون اهڙيون ڪوششون جاري رهنديون ان سان گڏوگڏ مختلف موضوعن جھڙوڪ: سنڌ جي تاريخ، ثقافت، سنڌو لکڻي يعني انڊس اسڪرپٽ، سنڌو ثقافت ۽ لوڪ ادب بابت تحقيقي مضمون شامل ڪريون. ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ تخليقي عمل ضروري آهي. سنڌ جو برک ڏاهو ۽ مفڪر علامه آءِ. آءِ قاضي سدائين چوندو هو ته: ’هر ٻي شيءِ وانگر ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌارو فطرت جي قانونن مطابق عمل ۾ اچي ٿو ۽ ان جي تباهي به فطرت جي قانون مطابق آهي. شين جي بقا جو دارومدار ان جي صلاحيت ۽ سالميت تي آهي. ڪنھن به شيءِ ۾ جيڪڏهن تخليق جي قوت باقي نه رهي آهي ته اُها زنده رهي نه ٿي سگهي!‘
يقيناً زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ادبي تخليقي عمل بنيادي حيثيت رکي ٿو، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ منفرد ادب/تحقيقي ادب تخليق ڪرڻ اسان جي، اديبن ۽ محققن جو بنيادي ڪم آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي ترقيءَ جا مرحلا طئي ڪرڻ ۾ هزارين ورهيه لڳا آهن. ٻه اڍائي سو ورهيه اڳي، سنڌ ۾ عالم، شاعر، گرامر جا ماهر ۽ لغت نويس موجود هئا، يعني هڪ شاندار ماضي سنڌ جي ميراث رهيو آهي.
انگريزي شاعر، مفڪر ۽ نقاد ٽي.ايس.ايليٽ مطابق ته ماضيءَ جي ورثي سان تعلق وسيلي حال جي شاعري، ادب ۽ فن جي قدر قيمت طئي ٿئي ٿي. جنھن کي هو جماليات جو اصول سڏي ٿو. ساڳيءَ ريت ماضيءَ ۾ ٿيل ٻوليءَ جي ڪم ۽ معيار کان اُتساهه وٺڻ بنا، اسان ٻوليءَ جي معيار ۾ بهتري ۽ ڪا نواڻ نه ٿا آڻي سگهون. سنڌي ٻوليءَ جا ماهر اديب ۽ اسڪالر پنھنجي ٻوليءَ جا رکوالا آهن ۽ سنڌ جو هي ادارو به ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ قائم ڪيو ويو آهي، ان مقصد ۾ سڀني جي ساٿ سان ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي.
اميد اٿم ته سنڌي ٻوليءَ جو هي تحقيقي جرنل، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ پنھنجو ڪردار نڀائيندو رهندو.
شبنم گل
ايڊيٽر