شيخ اياز جي ڪهاڻين ۾ ڪردار نگاريءَ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جو جائزو
(Characters of Shaikh Ayaz’s Stories A Critical Analysis )

هوش محمد ڀٽي
Abstract:

Shaikh Ayaz is the star that shines on an eminent place on the sky of Sindhi literature. Because of his diction, Sindhi literature was enriched with new terms, traits, and trends, and purity of language prevailed in Sindhi poetry.
Shaikh Ayaz possesses a peculiar style in presenting his poetry. This peculiarity pervades in his prose too. Shaikh Ayaz wrote 24 stories, that too in the early stages of his literary career. That’s why he is regarded as one of the initiating author of Sindhi stories.
Shaikh has made his mark in prose, as he has in poetry. Ayaz plied the pen, when Sindhi story was in its early days and only few authors were writing Sindhi stories. Characters of Shaikh Ayaz’s stories were hardworking, revolutionary, oppressed, loving, cool, rebellious, and had sprouted from the soil and society of Sindh.
This paper is a study of stories of Ayaz and characters thereof.

شيخ اياز سنڌي ادب جو اهو ستارو آهي، جيڪو ادبي افق تي نمايان مقام تي چمڪي ٿو. اياز جيڪو دڳ ورتو ۽ منزل تائين رسيو، اهو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ تمام گهڻو لاڀائتو هو.شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪو منفرد انداز اپنايو، اهو پنهنجي ٻوليءَ کي امر ڪرڻ لاءِ اهو نهايت ئي شاندار ثابت ٿيو آهي. اياز جي منفرد ڊڪشن سبب سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا، تشبيهون، محاوار ۽ استعارا متعارف ٿيا ۽ نج سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري جو رواج پيو.
شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾اعليٰ فڪر ۽ نئين انداز بيان جو مالڪ آهي، پر اها خوبي ۽ سندس نثر خاص ڪري ڪهاڻين ۾ به نظر اچي ٿي. هتي شيخ اياز جي ڪهاڻين ۾ ڪرداري نگاريءَ جو جائزو پيش ڪجي ٿو. اياز شاعريءَ جيان ڪهاڻين ۾ به پاڻ موکيو آهي. شيخ اياز جديد سنڌي ڪهاڻي جي شروعاتي دؤر ۾ قلم کنيو، ان وقت تمام گهٽ سنڌي ڪهاڻيڪار هئا. شيخ اياز جي شاعريءَ جو پاسو مضبوط هجڻ ڪري پڙهندڙن طرفان سندس ڪهاڻين ڏانهن ايترو ڌيان نه ڏنو ويو آهي، پر سندس ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي اوسر واري دور جون آهن.
ڊاڪٽر انور فگار مطابق: ”اياز جون ڪهاڻيون سنڌي ادب جو اڻ مٽ سرمايو آهن.اهي ڪهاڻيون هڪ ڀيرو ڇپجڻ کان پوءِ وري ٻيهر ڪونه ڇپيون. جو اها مڃتا حاصل ڪري سگهن ها يا ادبي تاريخ جي محققن ۽ نقادن آڏو مقام پائي سگهن ها.“(1)
نه ڄاڻ اهي ڪهڙا سبب آهن جو سندس ڪهاڻين ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو آهي، شايد ته پڙهندڙ سندس شاعريءَ جي سحر ۾ وڌيڪ مائل رهيا آهن. جئين جمال ابڙي، اياز جي ڪهاڻين بابت چئي ٿو ته ”سندس عظيم شاعريءَ جي ڪري، سندس افسانه نويسيءَ وارو پهلو، ماڻهن کان اوجهل رهيو. مون کي موجوده دؤر جي ڪهاڻي جو ابو سمجهيو يا سڏيو وڃي ٿو، حقيقت ۾ اهو سهرو به شيخ اياز تي آهي.“(2)
شيخ اياز جي ڪهاڻين جا ڪردار، سنڌ جي سماج جي عڪاسي ڪندڙ، سٻاجها، ڪي انقلابي، ڪي ڏتڙيل، ڪي سلجهيل، کلڻا، ڪي باغي ۽ محبت جا علم بردار آهن، ۽ سڀ ڪردار اسان جي سماج مان اسريل آهن. اياز جي ڪهاڻين ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو ڦهليل آهي. سندس ڪردار ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ آهن.
سندس چواڻي ”مان نه پاڪستاني آهيان، نه اکنڊ هندستاني، نه سماج جي سطحي رسم ۽ رواج جو پابند، نه انقلابي طبقي جي اجائي جوش سان شامل، نه ساهيت جي جهوني، يڪرنگي تصوير جو قائل، نه ڍونگي ترقي پسندن جي جنسي اگهاڙپ جو مشتاق.“ (3)
شيخ اياز ڪل 24 ڪهاڻيون لکيون، اهي به پنهنجي شروعاتي د‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‌‌‌ؤر ۾، جنهنڪري اياز سنڌي ڪهاڻيءَ جي بنيادي ڪهاڻيڪارن ۾ ليکيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ وري اياز ڪڏهن ڪهاڻيءَ لاءِ قلم نه کنيو.
شيخ اياز جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”جي تند برابر توريان“ جي نالي سان ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي سهيڙيو آهي ، جنهن ۾ايازجون سڀ ڪهاڻيون شامل آهن. ان ڪتاب ۾ جمال ابڙي، ستار پيرزادي ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم جا اياز جي ڪهاڻين تي رايا پڻ شامل آهن. اياز جي ڪهاڻين جا موضوع ۽ عنوانَ نرالا آهن. هتي سندس ڪهاڻين جي ڪردارن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
شانتا: دنيا جي هر سماج ۾ رهندڙ ماڻهو اهو سوچيندو آهي ته زندگيءَ ۾ تڪليفون، عذاب ۽ ذلتون نه هجن، برابري هجي ۽ زندگي شان سان گذري. اياز جي ڪهاڻي ”شانتا“ جو ڪردار به ڪجهه اهڙا ئي خواب ڏسي ٿو. شانتا ڪهاڻيءَ ۾ اياز جون ڏنل تشبيهون شاندار آهن، هن ڪهاڻيءَ ۾ اياز سماج جي حقيقت وائکي ڪئي آهي. شانتا هڪ وئشيا جو ڪردار آهي، جنهن کان سندس احساس جو اظهار ڪرايو اٿس. هوءَ رامون ڀنگيءَ سان ڀڄي وڃي شادي ڪرڻ جي خواهش ڪري ٿي، پر رامون روزانو کانئس مٺائي رڳو ان لاءِ ٿو وٺي ته سندس ٻار بکيا نه سمهن. هوءَ جڏهن کيس شاديءَ لاءِ چوي ٿي ته رامون کيس وراڻي ٿو ته ”پرماتما توکي سُکي رکي، مون کي زال آهي، ٻارآهن، جيڪي مٺائي کائي توکي آسيس ڪندا آهن... مون کي هڪ جهوپڙي آهي، جنهن ۾ نه بجلي، نه غسل خانو، نه غالچيا نه پلنگ، مان توکي ڪٿان پاليندس، ٻيو ته مون کي نيات وارا ڇا چوندا؟ رامون جا اهي لفظ ٻڌي هوءَ ڄڻ ڀُري پوي ٿي. سوچي ته هڪ ڀنگي به مون سان ڇوت ڇات پيو ڪري! مطلب ڪا وئشيا عزت جي زندگي به نه ٿي گذاري سگهي.
رفيق: شيخ اياز جي هيءَ ڪهاڻي انهن ڪامريڊن جي ڪهاڻي آهي، جن مان ڪجهه ڪردار اشتراڪيت ۽ ڪجهه سوشلسٽ نظريي جا آهن. پر سڀني ڪردارن جو مقصد هڪ ئي نظر اچي ٿو سماج ۾ تبديلي سک، شانتي، هڪجهڙائي برابري ۽ غريب طبقي جي لاءِ وڙهڻ وغيره. اياز هن ڪهاڻيءَ جي شروع ۾ ٻوليءَ جي صيغي جي غلطي ڪئي آهي لکي ٿو ته ”اڄ ڊاڪ مزدورن جو اسٽرائيڪ پورو ٿيو هو. ”اسٽرائيڪ لفظ جنهن جي معنيٰ هڙتال آهي، اهو سنڌيءَ ۾ مونث آهي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ مطابق: ”رفيق ـ ڪهاڻيءَ ۾ مزدورن جي اتحاد جو ذڪر آهي ۽ خود رفيق جو لفظ ڪامريڊ طور استعمال ڪيو ويو آهي. هندو مسلم اتحاد جو خاڪو به ان ۾ ڏسجي ٿو، جنهن جو نهايت ئي بي باڪ ۽ جرئتمندانه اظهار ڪيل آهي. ازنسواءِ سنڌي قوميت جي به هڪ معصوم شڪل نظر اچي ٿي. ائين لڳي ٿو ڄڻ هي ڪهاڻي صرف آدرشن ۽ نظرين لاءِ لکي آهي. ان ڪري ان جا فني پهلو جهڪا ٿي ويا آهن.“(4)
”رفيق“ ڪهاڻي عمده سوچ رکندڙ ڪردارن جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ نجمه ۽ موهن مکيه ڪردارآهن. ڪهاڻي ۾ ڪردارن کان ڪامريڊ لفظ جي جاءِ تي رفيق لفظ ڪتب آندو ويو آهي، جيڪو ڏاڍو سهڻو لڳي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ نجمه موهن کي چئي ٿي “آءُ ته تون مان به هلون هن فاقه ڪشيءَ ۽ عصمت فروشيءَ جي دنيا کان دور! هيءَ دنيا جتي کيت تي هاريءَ جو خون، پسيني جيان وهي رهيو آهي!هي دنيا جتي بازار ۾مزدورن جو گوشت وڪامي رهيو آهي! ان دنيا کان دور، محبت ۽ فراغت جي دنيا ۾، جتي هي ڏينهن رات جي جاکوڙ ۽ جفاڪشي نه هجي.زندگي ۾ايتري آمد رفت نه هجي، جتي چالاڪي نه هجي. هڪ مٺي مٺي ۽ ماٺي ماٺي دنيا ۾“.
هن ڪهاڻيءَ ۾ شيخ اياز جا ڪردار باغي ۽ خيالي سوچ رکندڙ لڳن ٿا ۽ اهڙي دنيا جو خاڪو جوڙين ٿا جيڪا ممڪن نه هجي، جتي انسانيت جو قتلام ۽ استحصال نه هجي. ڪهاڻيءَ ۾منظرڪشي سٺي ڪيل آهي. مرد ۽ عورت جي حسن کي عمده تشبيهن سان بيان ڪيو آهي. جئين نجمه جي حسن جي تعريف ڪندي موهن چئي ٿو ته “نجمه! تنهنجا اهي ڊگها وار، ڀنو زيتوني رنگ سنهڙا آلا چپ مون کان وسرندا.“ هيءَ ڪهاڻي اياز جي شروعاتي ڪهاڻين مان آهي پر پوءِ به سندس ڪهاڻيءَ ۾ فڪر، ٻوليءَ ۽ منظر ڪشي سان گڏ ڪردار پختا نظر اچن ٿا.
کِلڻي: هن ڪهاڻيءَ ۾ شيخ اياز لفظن ۽ جملن جو جادو رچايو آهي. کلڻيءَ جهڙا ڪردار اسان جي ٻهراڙيءَ واري سماج ۾کوڙ سارا ملندا. کلڻيءَ کي پڙهندي، پڙهندڙ کلڻ به لڳي ٿو ۽ کيس کلڻيءَ تي پيار به اچي ٿو ته ڪاوڙ به !!! کلڻيءَ جو اهو نازڪ احساسن وارو ڪردار آهي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ مطابق: ”البت سندس سڀني ڪهاڻين ۾ کلڻي فني نقطئه نگاهه کان بلڪل ڪامياب چئي سگهجي ٿي. جنهن ۾ هڪ عورت جي ڪردار جي عملن مان سندس نفسياتي رغبت کي عيان ڪيو ويو آهي.“(5)
هن ڪردار بابت ستار پيرزادو لکي ٿو: ”جنهن ڇوڪريءَ جي لڙڪن ۾ به ٽهڪ شامل هجن ۽ ٽهڪن ۾ لڙڪ ته ڪهڙو ڪافر آهي جيڪو اهڙي ڪردار تي اڪن ڇڪن نه ٿئي“. 6)
اياز جي تخليق ڪيل کلڻيءَ جو ڪردار سهڻي سيرت وارو ڪردار آهي جيڪو هر ڪنهن جي دل ۾گهر ڪري وڃي ٿو. پروفيسرمنگها رام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”هيءَ هڪ نهايت نفيس سيرت نگاري جي آکاڻي ۽ سنڌ ۾نڪتل اصلوڪين ڪهاڻين مان آخرين شاهڪار آهي.“7))
ڪارو رنگ: شيخ اياز جو مطالعو ۽ مشاهدو نهايت وسيع هو. جنهنڪري سندس قلم کڻڻ وقت لفظ اڏامندا وٽس اچي ويندا هئا. ائين ئي ”ڪارو رنگ“ ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو ڪردار کنيو ويو آهي اها عورت جيڪا پنهنجو رنگ ڪاروهجڻ جي ڪري احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهي. اسان جي سماج ۾ جئين ڀوري رنگت رکندڙ کي خوبصورت سمجهيو ويندوآهي. پر عورت جيڪا ايستائين احساس ڪمتري جو شڪار هوندي آهي، جيستائين ان کي ڪو چاهڻ وارو مرد نه ملندو آهي ۽ اياز به هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪاري رنگ جي عورت جي ڪردار کي پهريان اداس ۽ گُم سُم ڏيکاريو آهي. ٺهڪندڙ تشبيهون ڏيندي هن ڪاري رنگ کي به خوبصورت قرار ڏنو آهي. ان ڪاري رنگ جي عورت کي جڏهن ڪنهن جي چاهت ملي ٿي ته هوءِ نکري پوي ٿي. هتي به اياز جي اک جو ڪمال آهي جو هو لکي ٿو ته“سندس ڇاتي گهگهري مان ڄڻ ڦاٽي ٿي، سندس ڳل ڀرجي آيا هئا. کاديءَ جي ڪپڙن جي بدران کيس پٽ جي پنجابي ڊريس پئي هئي. هن مون کي ڏسي مرڪيو. سندس مرڪ ۾چالاڪي ۽ شرارت هئي. پهريون دفعو مون کي سندس ڪارو رنگ بد صورت لڳو هو. ڄڻ هوءِ ڏائڻ ٿي لڳي، ڪاري ڏائڻ!“
اسان جي سماج ۾ پيار ڪندڙ ڇوڪريءَ کي گهٽ نگاھه سان ڏٺو ويندو آهي، اياز به روايتي انداز ۾ ان کي ڏائڻ ڪوٺي ٿو.’سفيد وحشي‘ مجموعي ۾ اياز پنهنجي هن ڪهاڻي کي سرئيليسٽ ڪهاڻي به چيو آهي.
سهڻي سِير ۾: هن ڪهاڻيءَ ۾ سهڻيءَ جي ڪردار تي اياز قلم کنيو آهي، اسان جي سماج ۾ سهڻيءَ جي ڪردار کي، منفي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي. پر لطيف جيان اياز به پنهنجي شاعري ۾ سهڻي کي مثبت ۽ سورمي ڪري پيش ڪيو آهي. هن ڪهاڻي ۾ به اياز، ميهار ۽ سهڻي جي سنڌو جي سيرن ۾ ملڻ جي منظر کي چٽيو آهي. هي مختصر ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ ڪجھه دير لاءِ ته ماڻهواداس ٿي وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ اياز جي لفظن ۽ تشبيهن جي شهنشاهي قائم آهي.
نوران: هن ڪهاڻيءَ جا ٽي مکيه ڪردار آهن. نوران، عزيز ۽ رضيه. نوران، جيڪا ازدواجي زندگي جي شروع ۾ ئي مڙس جي محبت کان محروم ٿي وڃي ٿي ۽ هن کي دل گهريو دلبر به نه مليو. پوءِ جڏهن پنهنجي ڌيءَ رضيه کي عزيز جي ويجهو ڏسي ٿي ۽ انهن جي محبت ۽ ويجهڙائي ٿئي ٿي ته انساني فطرت جيان کيس اها ڳالھه کيس ڀانءِ نه ٿي پوي. پنهنجي ڌيءَ ۽ عزيز کي ڇڙٻون ڏيندي رهي ٿي. رضيه، عزيز ۽ نوران جهڙا ڪرداراسان جي سماج ۾ ڪافي آهن. اياز انهن جي فطرت ۽ طبعيت کان واقف ٿي جوڙيا آهن. انساني فطرت آهي. جڏهن انسان ڪجھه وڃائيندو آهي ته پوءِ ئي ان جو قدر ۽ اهميت سمجهندو آهي. هن ڪهاڻي ۾ به نوران ۽ رضيه جا ڪردار وڃائي ڪري خوب پڇتائين ٿا پر احساسن کان عاري نه آهن. هن ڪهاڻي ۾ ڪردارن جي ڪهاڻي ۾ عجيب ڪشمش ڏيکاري وئي آهي جڏهن عزيز، رضيه جي گهر به اچي ٿو ۽ نوران جيڪا رضيه جي ماءُ آهي، ان کي امي به چئي ٿو. پر رضيه جي شادي ڪٿي ٻئي هنڌ ٿيڻ، ڪنهن حد تائين هڪ سوال پيدا ڪري ٿي ته رضيه جو ايترو جلدي شادي لاءِ ها ڪري ٿي ۽ ڇو عزيز سان رابطو به نه ٿو ڪيو وڃي. انهن ڪجهه خامين باوجود ڪهاڻيءَ ۾ مڪالما ۽ تشبيهونءِ لفظن جو جاندار ۽ بهترين ڳانڍاپو آهي جئين ..“رضيه ٿڌو ساھه کڻي گذريل محبت تي قل پڙهي ڇڏيندي، نوران ساهي پٽي وري الحمد شروع ڪندي. هوءَ محبت کي لٽي ڇڏيندي، هي پٽي کيس ڏيکاريندي ته ”ڪوڙي ڪچ تي ماڻڪ پئي مٽين“.
پهريون ۽ پويون خط: دنيا ۾ اڪثر ڪوبه انسان پنهنجي حال مان خوش نه هوندو آهي، هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار نثار به پنهنجي حال مان خوش نه آهي.نثار نالي هڪ غريب ٽپاليءَ جي هيءَ ڪهاڻي ان جي ارمانن، حسرتن ۽ ڪجھ غير فطرتي خواهشن جي چؤگرد ڦري ٿي. جئين:“نثار سڄي عمر ڪنوارو رهيو ۽ سوچيندو هو ته بابو به ساڳيءَ طرح ڪنوارو رهيو هجي ها ته ڪهڙو نه چڱوٿئي ها!. “اياز هن ڪردار جي احساس محروميءَ ۽ بي چينيءَ کي بيان ڪيو آهي. حق ۽ سچ جي ڳالھه ڪندڙن کي ازل کان چٿيو ويندو آهي يا پوئتي ڪيو ويندو آهي. نثار سان ائين ٿئي ٿو جڏهن ٽپالين جي حق جي حاصلات جي اڳواڻي ڪري ٿو ۽ جدوجهد ڪري ٿو ته نوڪريءَ تان لاٿو وڃي ٿو ۽ انسان جڏهن مايوسي جي ڪيفيت ۾ ايندو آهي ته ٻه رستا وٺندو آهي هڪ پاڻ ختم ڪرڻ جو ٻيو نشي جو، نثار به نشو ڪري پاڻ کي گم ڪري ڇڏي ٿو.
ٻرو چڪي رَت: اياز هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ چور جي جي ڪردار کي چِٽيو آهي، جيڪو چوري ڪرڻ ته اچي ٿو پر چوريءَ بدران سندس دل چوري ٿي وڃي ٿي. شيخ اياز جي هيءَ هڪ ڪمزور ڪهاڻي چئي سگهجي ٿي. جنهن ۾حقيقت پڻو بلڪل گهٽ آهي. پر ڪي ڪهاڻيون خيالي ۽ افسانوي، حقيقت جي رنگ کان خالي به هونديون آهن. شيخ اياز هن ڪهاڻيءَ ۾ نثر جو بهترين استعمال ڪيو آهي پر ڪٿي مشاهدي جون، ڪٿي لفظن جون ڪجهھ ٽيڪنيڪي غلطيون به ڪيون آهن. جنهن ڪري ڪهاڻي بي مزي ٿي پئي آهي. جئين ايازلکي ٿو ته ”هُن ڪهاڙِي ڀت جي آڏو رکي، لوھ جي ڪِليءَ سان ڀت کوٽڻ شروع ڪئي.“ لوھ جي ڪليءَ جو هتي استعمال ڪنهن حد تائين ناموزون لڳي ٿو ڇو ته ڪِلي ته ننڍي ٿيندي آهي ۽ ڀت کي کوٽڻ لاءِ رنبي يا انبوئي جي ضرورت پوندي آهي. ٻئي هنڌ اياز لکي ٿو ته هن ڀت ۾ ماڻهو جي لنگهڻ جيترو ٻر ٺاهي آسمان ڏانهن ڏٺو. وهائو تي نظر ڪري هن سوچيو ته رات جو ٽيون پهر ٿيو آهي. هن ٽڪري ۾ غلطيون آهن هڪ ته اياز هن ۾ ’کاٽ‘ کي ٻر چيو آهي ۽ ٻيو وقت جي حوالي سان ڪهاڻيءَ ۾ تضاد آهي. وقت ائين جو چور چوري ڪرڻ اڪثر اڌ رات ۽ ٽئين پهر جي وچ تي نڪرندا آهن. هي چور به ٻئين پهر ۾ چوري ڪري رهيو هو ته پڪڙجي پوي ٿو ۽ پڪڙجڻ وقت به اهو ئي ٿيندو يا اڳتي هلي رات جو چوٿون پهر ٿيندو پر اياز اڳتي لکي ٿو ته: ”ٽئين کٽ تان اٿي چيو ته: ”ادي ڊيلان! هاڻي رات جو ٻيو پهر ٿيو آهي. ننڊ ته هونئن نه ايندي، تون راڻو ڳاءِ مان تڙو وڄايان ۽ ٻيا سڀ جهمر وجهن.“ هنن مڪالمن ۾ چٽو تضاد آهي ته چور ٽئين پهر ۾ چوري ڪري ٿو ۽ پڪڙجي ٿو. وري ٻئين پهر ۾ اهي عورتون ڪيئن ڳائن ٿيون جڏهن ته اهو اڳتي هلي وقت گذرڻ سان اسُر يا چوٿون پهر هجڻ گهرجي. ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي هڪ جاءِ تي جملو آهي ته ”چاڏي پيرن ۾جهلي هن مانڌاڻي ٿي هلايو.“ جڏهن ته صحيح جملو هئين ٿيندو ته ”چاڏي پيرن ۾جهلي هن مانڌاڻي پئي هلائي.“ هن ڪهاڻيءَ جا سڀ ڪردار ۽ مکيه ڪردار ڊيلان ۽ جانو ٻئي ٻروچ آهن ۽ ٻروچ مادي کي نر ۽ نر کي مادي چئي ويندا آهن، شايد ان جي ڪري اياز به ٻروچڪي لهجي ۾لکيو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ گهڻيون ڳالهيون حقيقت جي برعڪس ۽ تسليم ڪرڻ جهڙيون ناهن. جهڙيءَ طرح هڪ چور کي گهر جا مرد پڪڙي سوگهو ڪري پاڻ گهران نڪري وڃن ٿا، هڪ اڪيلي جوان ڇوڪري ۽ ننڍو ٻار، ڇڏي وڃن ٿا. هن ڪهاڻيءَ ۾ جانو، جيڪو ڊيلان جو مڌر مٺڙو آواز ٻڌي ان تي عاشق ٿي پوي ٿو. اها هڪ سوگهي ٿيل چور تي رحم ڪري کيس ماني کارائي ٿي ۽ واڇون اگهيس ٿي ته جانوءَ جا وارا نيارا ٿي وڃن ٿا! پر افسانن يا ڪهاڻين ۾ جيئن ته هٿرادو ۽ خيالي ڪردار هوندا آهن، شايد ڪهاڻي مڪمل ڪرڻ لاءِ اياز ائين ڪيو آهي.
هڪ شمع ٻه پروانا: اياز هن افساني ۾ هڪ حقيقي داستان سليم ۽ انارڪليءَ کي موضوع بڻايو آهي، شهزادي سليم، انارڪليءَ ۽ مهرالنساءِ جي هن ڪهاڻيءَ ۾ انارڪلي، شهزادي سليم جو بادشاھه جي اڳيان راز رکندي مري وڃي ٿي، توڙي جو هوءَ ڄاڻي ٿي ته شهزادو مهرالنساءَ سان پيار ڪري ٿو. اياز هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ مرد جو ٻن عورتن لاءِ پيار ۽ ٻن عورتن جو هڪ مرد تي فدا ٿيڻ جي ماحول کي حقيقي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
هي هاري!: هن ڪهاڻيءَ ۾اياز ٽن ڪردارن کي کنيو آهي. هڪڙو خوشحال ۽ سهڻي زال رکندڙ هاريءَ جو ڪردار، ٻيو شمن موچيءَ ۽ ٽيون وڏيري ڪريم بخش جو ڪردار. ساڙ ۽ حسد ته انسان جي فطرت ۾ هميشه کان رهيو آهي. سماج ۾ ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن سُکيي ماڻهو کي سهي نه سگهندا آهن. صالح هاري، جيڪو ٻهراڙيءَ جو عام قسم جو هاري آهي. هارپو ڪرڻ سان گڏ وڏيري جي اوطاق جي سار سنڀال ۽ صفائي سٿرائي رکي ٿو. شوق مان ڀلو ڏاند پاليو اٿس ۽ گهرواري به سهڻي اٿس. جنهن لاءِ اياز کانئس چورَائي ٿو ته: ”دنيا ۾ ٻن شين سان سر لڳندو هو. هڪ گهر واري ۽ ٻيو ڏاند سان. ڏاند ته نه هو، پکي هو پکي هو! جڏهن گوءِ ۾ ڀڄندو هو ته ڏهين ماڻهو ڏندين آڱريون ڏيندا هئا. واھه ڙي پکي! ڄڻ تارو ڏنو! هوا سان ڳالهيون ڪندو ويندو هو هوا سان!“
وڏيري ڪريم بخش ۽ شمن موچيءَ جهڙا ڪردار اڄ به اسان جي سماج ۾ موجود آهن. شمن موچي غريب هاريءَ کي وڏيري جي ماڻهن هٿان موچڙا به هڻائي ٿو ۽ ڏاند به چوري ڪرائي ٿو ۽ خوش خوش سماج ۾ هلي ٿو. اياز شمؤَ جي ڪردار ذريعي اِهو ڏيکاريو آهي ته سماج ۾اهڙا ڪردار گهڻائي آهن. صالح هاري جي پير جو مُرو ڀڄي پوڻ ڪري هو ڪمائڻ کان حلاق ٿي وڃي ٿو ته سندس زال پورهيو ڪري ٿي ۽ زيور کپائي کيس صحتياب ڪري ٿي پر ان جي دؤران هوءَ ۽ ايتري مجبور ٿي وڃي ٿي ۽ کٽي پوي ٿي جو وڏيريءَ اڳيان جهڪڻو پويس ٿو. صالح کي خبر پوي ٿي ته سندس ڏاند ڪنهن وٽ آهي ۽ پوءِ ان کي واپس آڻڻ ۾ ديرئي نٿو ڪري. پر شمو کي ته ساڙ پورو ڪرڻو آهي، کيس چٿر ڪري اوڙاپي ته چويس ٿو ”مال موٽائڻ وڏي ڳالھه نه آهي. ڇڙو ڪوئي زال موٽائي. پر ڪنهن ۾ غيرت به هجي، چوڏهين صدي آهي.“ ان تي صالح کيس وڙهي پوي ٿو، پر شمو کيس ان جاءِ تي وٺي وڃي ڏيکارڻ لاءِ زور ڀريس ٿو ته تنهنجي زال هن وقت به وڏيري وٽ هوندي ۽ صالح ڪهاڙيءَ کڻي اتي پهچڻ سان بنا سوچڻ جي پنهنجي حور جهڙي زال جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي ٿو ۽ اڃا وڏيري تي وار ڪري ئي ٿو ته شمو کيس مٿي ۾ ڌڪ هڻي ڪڍيس ٿو. پر صالح جهڙوڪردار جنهن جو سڀ ڪجھه هليو وڃي ٿو. شموءَ جي شيطانگيريءَ سبب هو موت جي ٻه واٽي تي پهچي ٿو.
جي تند برابر توريان: هي شيخ اياز جي فلسفياڻي انداز ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. منهنجي ذاتي راءِ موجب هن ڪهاڻيءَ ۾ اياز پنهنجي جهلڪ به ڏني آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ شاعر، جيڪو وڪيل به آهي، اياز ان جي پراڻين يادن جي دري کولي ٿو. غزاله ۽ شيام ۽ ان جي ڀيڻ شيلا هن ڪهاڻيءَ جا ڪردار آهن. جيڪي حالتن کان مجبور ٿي هڪ ٻئي کان جدا ٿين ٿا.
موهن ڪلپنا مطابق: شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي. ڪو شاعر جڏهن ڪنهن موضوع تي ڪهاڻي لکندو ته رڳو ان جو نثر ئي ڪهاڻي کي کڻي بيهندو.
”جي تند برابر توريان“ ڪهاڻي هڪ شاعر تي آڌاريل آهي، جيڪو سنڌي آهي، خوشي براءِ ادب ۽ ادب براءِ زندگيءَ جو حامي آهي. هن جي دعويٰ آهي ته جو انگريز اليئٽ نٿو پڙهي، اهو انگريز نٿو ٿي سگهي، ۽ جو شاهه لطيف نٿو پڙهي اهو سنڌي نٿو ٿي سگهي، چاهي ته ڪردار ويڪل ٿي سگهي ٿو، پر هو ڪا جوابداري کڻڻ نٿو چاهي. شمع سان محبت ٿو ڪري، شمع جي شادي هڪ شاهوڪار سان ٿيڻ جي رٿا آهي، سو غريب شاعر سان شادي ڪري، زندگي کي ڪيئن منهن ڏئي، بجاءِ ان جي اياز هن کي نمونيا جي بيماريءَ ۾ ماري ٿو ڇڏي. ٻئي غزالا سان عشق ٿو پچائي، ته انساني فطرت موجب کيس شمع ياد نٿي اچي. وري به ساڳيو مسئلو ته غزالا هن سان شادي تڏهن ڪندي جڏهن هو به ڪو ڪم ڌنڌو ڪندو. هوءَ هڪ دفعو پاڻ جتائي کيس ائين چوي ٿي: ”جي مان توکي وڌيڪ پياري آهيان، ته توکي شاعري ڇڏڻي پوندي“. جواب ۾ چويس ٿو ”شاباس !تون غلط سوچيو آهي ته مان توکي چونڊيندس.“
اهو ڪردار هڪ آدرشوادي آهي، پر شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ به ڦاسي، اهڙو ڪو سبب ڪهاڻي ۾ نه ڏيکاريو ويو آهي. يا ته ڪو انقلابي آدرش اٿس. جنهن سبب هو ڪنهن جي زندگيءَ جو جوکم نه ٿو کڻي. اهو به ڏيکاريو نه آهي. ان ڪري شاعر ڪنهن به قسم جي همدردي ڇڪي نٿو سگهي. گهر يا پائيدار اثر نٿو ڇڏي. اظهار خوبصورت آهي“(8)
اڄڪلھه ته اِهو غلط رجحان عام ٿي پيو آهي ته غم جي حالت ۾ شراب ۽ سگريٽ جو سهارو ورتو وڃي ته غم گهٽجي ٿو. تخليقار سماج ۾ ٿيندڙ براين ۽ بڇراين جي نشاندهي ڪري انهن کي برو چوندو آهي پر اياز پنهنجي ڪردار کان شراب نوشيءَ کي هڪ مثبت شيءَ طور پيش ڪري ٿو.
”هو غم کان نجات پائڻ لاءِ شراب پئيندو هو، پر شراب کيس ويتر غمگين ڪندو هو. هن هڪ ڀيري لکيو هو ته “جڏهن خدا ڪائنات خلقي ۽ خوشي ۽ غم پيدا ڪيو، تڏهن ٻنهي کي چيائين ته ”پنهنجا پنهنجا دوست چونڊيو. هن جو ايترو چوڻ، ۽ ساري مخلوق جو خوشيءَ سان ساٿ ڏيڻ .هر ڪو ئي وڃي خوشيءَ جي پاسي بيٺو ۽ ٻئي طرف غم ويچارو اڪيلو بيٺورهيو. خدا فيصلو ڪيو ته غم جي قسمت ۾تنهائي آهي. پوءِ جڏهن سڀئي مخلوق ٽڙڻ پکڙڻ لڳي تڏهن چوريءَ چوري ءَ شراب غم جي ويجهو آيو ۽ سس پس ڪري چيائين ته “تون غم نه ڪر، مان ظاهري طرح ته خوشي سان آهيان، پر دلي طرح توسان آهيان.اڄ هن جي زندگي جو شراب غم سان اهو قول نڀائي رهيو آهي.“(9)
افسانوي ادب جا ڪردار اهڙا هجڻ کپن جيڪي سماج ۾ ٿيندڙ برين عادتن کان نفرت ڪن، هن ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڪردار شمع آهي. جيڪو به سماج جي دقيانوسي رسمن ۾ جڪڙجي ختم ٿي وڃي ٿو. اياز جي هيءَ ڪهاڻي نثر، شاعري ۽ فلسفي جو مڪسچر آهي ۽ انتهائي شاندار تشبيهن، ڊائلاگن جي ادائگي اعلى درجي جي آهي.
چار ايڪڙ ٻني: شيخ اياز سنڌي نثر ۾ جهڙيءَ طرح سان تشبيهن جي نواڻ آندي ۽ ان ۾ جيڪا رواني آهي اها اياز جي لکيل ”چار ايڪڙ ٻني“ ڪهاڻي ۾ به نظر اچي ٿي.گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان وڏيرو اسان جي سماج ۾ جنهن طرح سان قابض رهندو آيو آهي. جنهن مان اڄ تائين اسين جند نه ڇڏائي سگهيا آهيون. اهڙن ڪردارن جو تسلسل اڄڪلهه اسان جي سنڌي ٽي.وي چينئلن تي به ڏيکاريو وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جا ڪردار به پنهنجي معاشي مسئلن ۾ جڪڙيل وڏيري جا محتاج آهن. شاهو، جيڪو وڏيري الله بخش جو هاري آهي. ان جي ٻني کيڙي ٿو ۽ هڪ رات ان جي چوڻ تي پاڻيءَ جي واري تي پنهنجي پٽن رمونءَ ۽ جانوءَ کي ساڻ ڪري ٻنيءَ تي وڃي ٿو. هن ڪهاڻي جا ڪردار پيٽ کان مجبور ٿي رت وهائڻ ۾ دير نٿا ڪن .شاهو ٻنيءَ تي خيالن ئي خيالن ۾يادون تازيون ڪري ٿو.
شاني، جنهن سان هو ڳجهه ڳوهه ۾ پريت جي ڏوريءَ ۾ ڳنڍيل هو ۽ ان جي خوبصورتي تي سوچي سندس جي جسم ۾سراٽيون اچي وڃن ٿيون، ان کي ڪئين ڪاري ڪري ماريو ويو ۽ پاڻ تان ڌڪ بچائي ويو پر سندس شانيءَ جا قاتل غائب ٿي ويا. وڏيري جي چوري تي نه وڃڻ لاءِ کيس جيڪو ڀوڳڻو پيو هئس اهو سوچيندي شاهو ٿوري اک پٽي ٿو ته جيڪا چوري مون ڪئي به نه هئي ته وڏيري جيڪي موچڙا کارايا ته اڃا تائين سنڌ سور ٿا ڪن، اڄ ان لاءِ سر جي بازي لڳائي رهيو آهيان. جڙيو ماڇي جنهن کيس پاڻي جا اوانڌا ڀڃي پاڻي پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن لاڙڻ جا دڙڪا ڏنا هئا اهو سندس پٽ رمونءَ جو جگري يار هو ۽ سندس ٻئي پٽ جانوءَ جي پريت جڙئي ماڇيءَ جي ڌيءَ سان هئي، پر وڏيري جي ان سڄي سازش ۾ هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿي وڃن ٿا. هن ڪهاڻي جا مظلوم ڪردار رمون جي بيمار ننڍڙي ڌيءَ ۽ جانوءَ جي محبوبه نازي آهن. جن جو ڪوبه ڏوھ نه آهي ته هڪ يتيم ۽ ٻئي پنهنجي ٿيڻ واري ور کان اڳ ئي بيواهه ٿي. پاڻي جي واري تي جڙئي ماڇي وارا آوانڌ ڀڃن ٿا ۽ رمون ۽ جانو حملو ڪن ٿا ۽ ڌرتي رت سان ڳاڙهي ٿئي ٿي ۽ سڀ ڪجھه ختم وڃي ٿو.
موهن ڪلپنا مطابق: ”شيخ اياز جي ڪهاڻي ’چار ايڪڙ ٻني‘ جو موضوع للڪاريندڙ آهي ته مظلوم هارين جي ٻن حلقن جي کيتي ۾ پاڻي ڪونهي. ۽ ٻئي چاهين ٿا ته سامهون واري ڪٽنب جي زمين مان آوندا ڀڃي واهه جو پاڻي پاڻ ڏانهن ڇڪيون. آوندا ڀڃڻ بدران هو هڪ ٻئي جا ڪنڌ ڪپيندا نظر اچن ٿا. پر ڪهاڻيءَ ۾ پيءُ توڙي پٽ جا عشق پاسيرا داستان، قدرت جا نظارا ۽ ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيون ان ريت کتل آهن، جو لڳي ٿو هڪ ناول کي مختصر ڪري، ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنهن سبب ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ويچارو ٻوساٽجي وڃي ٿو، انداز به ناصحانو آهي. شيخ ايازهڪ هنڌ ڏوکوئجي لکي ٿو: “هاءِ ڙي سنڌڙي، تو ۾ ڪيترا معصوم گناهه گار ماريا ويا آهن.“ (10)
”زمين چئي رهي هئي مان ڪنهن جي به نه آهيان، توهان سڀ منهنجا آهيو.گهڙي کان پوءِ توهان سڀني جا لاش منهنجي آغوش ۾ دفنائبا.“ اياز جي هن شاندار سٽن سان ڪهاڻي پوري ٿئي ٿي. اياز هن ڪهاڻي ۾ وڏيرڪي نظام، ڪارو ڪاري ۽ پاڻيءَ جي وارن تي ٿيندڙ مسئلن تي لکيو آهي.
رولو: بيانيانه انداز ۾ لکيل”رولو“ ڪهاڻيءَ جو ڪردار’رياض‘جيڪو هِتي هُتي رلندو رهي ٿو، ڪڏهن ڪلفٽن ته ڪڏهن عمر ڪوٽ پيو رُلندو وتي ٿو، اياز هن ڪهاڻيءَ ۾ به محبت جون برساتون ڪيون آهن. ڪهاڻي جو رولو ڪردار هڪ ڇوڪريءَ کي ڪلفٽن تي فقيراڻي حالت ۾ ڏسي ٿو ۽ ڪشش محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ اها ڇوڪري کيس ساڌ ٻيلي جي سنت وٽ به نظر اچي ٿي ۽ هن کي ياد ڪندي ته هن کيس ڪٿي ڏٺو آهي ته هوءَ هلي وڃي ٿي ۽ ڪهاڻي پوري ٿي وڃي ٿي.
شرابي: اهو مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته هڪ تخليقار کي اهڙي قسم جون ڳالهيون نه لکڻ گهرجن، جن سان سماج ۾ ڪنهن بري عادت کي هٿي ملي. ائين اياز جي هن ڪهاڻي’شرابي‘ به هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿي ته ”پئيندو هو ته جئيندو هو نه ته سندس زندگيءَ موت جئين خاموش هوندي هئي“.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ ’شرابي‘ ڪهاڻيءَ بابت لکي ٿو ته:” هيءَ مختلف نوعيت جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ ۽ موت، انسان ۽ دنيا بابت سوال اٿاريل آهن. هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار هڪ اڻ تڻ جو شڪار آهي، هو زندگيءَ جو جواز چاهي ٿو، ماڻهوءَ جو جوهر تلاش ڪري ٿو.(11)
هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار جيڪو عورت توڙي دنيا جي هر شيءَ کان نفرت ڪري سندس لڳاءَ جون ٻه شيون آهن هڪ شراب ٻيو پونگڙو. جيڪو هن کي گهر ۾ ئي ملي ٿو. ان پونگڙي سبب هو صحيح معنيٰ ۾ جيئڻ لڳي ٿو. شراب به گهٽائي ٿو. پر ان جو به ڪو خاص سبب نظر نٿو اچي پر اوچتو اهو پونگڙو شراب جي بوتل جي ڪاوَن ۾ لڳي مري وڃي ٿو ۽ جذبائيت جو به خاص اظهار نٿو ٿئي ڄڻ ته اڌوري ڪهاڻي محسوس ٿئي ٿي. ڪهاڻيءَ جا مڪالما بهترين آهن.
نظيران: هن ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪرادر نظيران آهي، جيڪا غفور سان پرڻجي اچي ٿي. هوءَ يتيم ۽ غفور جي س‍‍‌ؤٽ به آهي پر غفور هر وقت بنا جواز جي مٿس مارڪٽ تشدد ڪري ٿو ڇو جو پٺيان سندس ڪو اوهي واهي يا پڇا ڪرڻ وارو نه آهي ان باوجود به نظيران بي انتها پيار ڪريس ٿي ۽ راتيون جاڳي انتظار ڪري ٿي. غفور جيڪو اڪثر رات جو دير تائين وڏيري جي اوطاق تي ڀنگ پي، تاس کيڏي ٿو. پوءِ انهن جو احساس ۽ قدر جاڳندو آهي ائين جڏهن غفور عمر جا کوڙ باب ٽپي وڃي ٿو ۽ نظيران سندس سفر ۾ نٿي رهي ته هو تمام پڇتائي ٿو ۽ پشيمان ٿئي ٿو ته مان نظيران کي ڇو ماريندو هئم. اڄ جيڪر نظيران هجي ته نه ماريانس. پر گذري ويل وقت ڪنهن موٽايو آهي جو نظيران موٽي اچي. اياز هي ڪهاڻي به بيانيه طرز ۾ لکي آهي. اسان جي سماج ۾ نظيران جهڙا ڪردار اڄ به موجود آهن ۽ غفور جهڙا به. اياز ڪهاڻيءَ ۾ غفور کان پنهنجي غلطين تي پڇتاءُ ڪرائي ڄڻ ازالو ڪرائي ٿو، پر اهوئي غفور جيڪو شروع ۾ ناڪاري ڪردار ۽ ڪجهه عرصو بهتر ٿيڻ کان پوءِ انت ۾ عذرا جيڪا سندس گهر ۾ اچيس ٿي ان جي مٿي تي هٿ رکي هَوس ڀري نگاهن سان ڏسي ٿو ۽ ان جي پيءُ کان سڱ گهرڻ جو سوچي ٿو.
سفيد وحشي: هن ڪهاڻيءَ ۾ اياز ٻه مکيه ڪردار ڏنا آهن. هڪڙو صديق جو ٻيو گلان جو. صديق مهاڻو ۽ گلان به سپيون کپائڻ واري هڪ غريب مهاڻي جي ڌيءَ آهي. اياز جي هيءَ ڪهاڻي ورهاڱي کان اڳ جي معاشي، سماجي، سياسي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. صديق مهاڻو، جيڪو گلان کي چاهي ٿو ۽ ان سان شاديءَ رچائڻ جا خواب ڏسي ٿو ۽ ان وقت جي حڪمرانن جي ڪيل ظلمن کان واقف ٿي اندر ۾ بغاوت جا ٻج پوکي ٿو ۽ حڪمرانن خلاف نعري بازي ۽ تقريرون ٻڌي جڏهن گلان جي گهر کيس مڇيِءَ ڏيڻ لاءِ پهچي ٿو ته گورا انگريز فقط 10 روپين عيوض سندس لڄ لوئين ٿا. سندن من ۾ پيل نفرت /بغاوت اٻڙڪا کائي پوي ٿي ۽ ان ۾ هو خنجر ڪڍي گورن جو خاتمو ڪري ٿو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ مطابق: ’سفيد وحشي‘ آزاديءَ جي جدوجهد جي پسمنظر ۾ لکيل هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي. ان ۾ غلامي ۽ سرمائيداري خلاف گڏيل سڏيل احساس بيان ٿيل آهن. ليڪن تبليغي صورت بدران ان ۾ نهايت ئي فنڪارانه طور ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. جيتوڻيڪ واقعي تي گمان ٿئي ٿو، تاهم سادي سودي ڪردارنگاري ۽ منظرڪشي ڪهاڻيءَ ۾ جذبائيت پيدا ڪري ڇڏي آهي.” (12)
اياز جي هن ڪهاڻيءَ ۾ هر دؤر جي بک ۽ بدحالي جي سبب پيدا ٿيل خرابين وارن مسئلن ۽ خاص طرح سان انهيءَ دؤر جي سياسي هلچل ۽ عوام ۾ بغاوت جي تاريخ ملي ٿي.
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ’سفيد وحشي‘ بابت لکيو آهي ته: ”جنهن وقت مسلمانن ۽ هندن ۾ تفرقي پرست ۽ نفرت کي اڀاريو پئي ويو، ان وقت اياز ڪهاڻي’سفيد وحشي‘لکي عوام جي حقيقي دشمنن جي عڪاسي ڪئي. هن قومي ۽ عوامي جبر خلاف آواز اٿاريو، ڪهاڻي انگريزن خلاف نفرت جو اظهار آهي“(13)
واچ جا ڪانٽا: هيءَ ٻن هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ ڪردارن، نظير ۽ ايملي جي ڪهاڻي آهي. جيڪي گهٽ آمدني جي ڪري هڪ ٻئي جي محبتن ۾ گم هجن ٿا ۽ خوابن جي دنيا ۾ رڳو خواب ئي ڏسن ٿا پر ان خوابن جي دنيا جي ڪايا ئي پلٽجي وڃي ٿي. جڏهن نظير کي پنهنجي پيءُ جي مرڻ جي تار ملي ٿي، گهر جي ڀاتين جي پالڻ جي ذميواري مٿس اچي ٿي ته هو هجڻ نه هجڻ وارين ڪيفيتن ۾ هليو وڃي ٿو ۽ حادثي جو شڪار ٿئي ٿي. هن ڪهاڻي جو ڪلائمڪس ڪو خاص نه آهي. اياز جون گهڻيون ڪهاڻيون محبت جي پلاٽ تي ٻڌل آهن. انهن ۾ مذهبن ۽ نظرين جي ويڙهه گهٽ ڏسجي ٿي، جئين هن ڪهاڻيءَ ۾ به عيسائين ۽ مسلمان جي ملڻ جي آس آهي. شيخ اياز خود به سيڪيولر هو. ان ڪري ان جا ڪردار به سڪيولر سوچ رکندڙ آهن.
پاڙيسري: هيءَ ڪهاڻي به اياز جي لبرل ۽ وطن دوست سوچ جو پرتوو آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪردار سيٺ شامنداس، خانو حجم ۽ پيسو ماءُ مڪمل ڪردار آهن. ٽئي ڪردار پنهنجي وطن، ان جي ماڻهن ۽ امن سان پيار ڪندڙ آهن ۽ مذهبي مت ڀيت واري سوچ کان مٿانهون سوچن ٿا. اياز جي هيءَ ڪهاڻي هندو مسلمان فساد جي پس منظر ۾ لکيل آهي. ان کان پوءِ هندو مسلمانن جي ذهنيءَ ڪيفيت ٿئي ٿي ان کي بيان ڪيو آهي اياز جا ڪردار ڪو به اهڙو نفرت وارو جذبو نٿا رکن. هڪ اعليٰ آدرشي پاڙيسري وانگر هڪ ٻئي لاءِ محبت ۽ احترام جو آواز بلند ڪن ٿا. اياز جا ڪردار سيٺ شامنداس ۽ پيسو ماءُ جئين خانو کي چون ٿا ته ان جو ذهن جهونجهڙجي وڃي ٿو. سيٺ شامنداس کيس چئي ٿو ”مان جئيپور ۽ اڌيپور ۾ رهڻ بجاءَ سنڌي مسلمان ڀائرن کان مرڻ پسند ڪندس“ وري خانو جڏهن پيسو ماءُ کي مذاق ۾ چوي ٿو ته ”مان مسلم ليگي آهيان.“ پيسو ماءُ چويس ٿي ”تون کڻي لک مسلم ليگي هجين ته به اسان لاءِ اهوئي ڀائو خانو آهين. اسان کي ماريندين؟“ سنڌي، جن جو شيوو هميشه کان انسانيت رهيو آهي،ائين خانو جي سوچن ۽ ڪهاڻيءَ جو انت به ان سان ٿئي ٿو ’جيئي سنڌ‘ ته اهو ڀلا ڪنهن کي ڪئين ماريندو.
هي شاعر: اياز جي ان ڪردار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو شاعري ڪري ٿو ۽ سندس ڪتاب ڇپجي اچيس ٿو ۽ اهو پنهنجي محبوبه جي نالي ڪري ٿو. پر اها کيس ڇڏي ، گهڻي پئسي واري سان شادي ڪري ڇڏي ٿي. تضاد ته ڪائنات جو بنيادي جز آهي. انسان جيڪو ڪجهه ڪري ٿو ڀلي اهو ڪم ڀلو هجي يا خراب پر اهو کيس پسند نٿو اچيس. ائين اياز جي هن ڪهاڻي جو ڪردار خود ئي چوي ٿو “شعر شعر آهي ۽ چاندي چاندي.” ان کي پنهنجي شاعري کان نفرت ٿي وڃي ٿي. بک ۽ شاعري جي معنيٰ سمهجندي شاعر جو ڪردار منجهي پوي ٿو ۽ پنهنجي شاعريءَ جا سڀ پنا ڦاڙي اڇلي ڇڏي ٿو. سماج جي طبقاتي نظام تي جک اچنس ٿا. هو شاعريءَ کان به هٿ کڻي ٿو، ته اها ڪڏهن به تبديلي نٿي آڻي. اياز کي سماج مان بک، بدحالي ختم ڪرڻ/تبديل ڪرڻ جي تڙپ هئي. ان جا ترورا هن ڪردار ۾ به نظر اچن ٿا.
مسافر مڪراني: هن ڪهاڻيءَ ۾ اياز غريب سنڌي مڪرانن جي معاشي تڪليفن ۽ جفاڪشيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. مونو لاگ انداز ۾ لکيل هن ڪهاڻِي ۾ اياز مزدور مڪراني عورتن جي مزدوريءَ عيوض گهٽ اجوري تي افسرده آهي. مڪراني عورت جو هڪ ٻار جيڪو هن ڪهاڻيءَ جو هڪ معصوم ڪردار آهي. جيڪو ٻاتي ٻوليءَ ۾ چئي ٿو/ڳائي ٿو:
اوٺو وڏو امان جو،
تُرو وڏو ابا جو،
تئو وڏو امان جو،
ڇرو وڏو ابا جو،
پيٽ وڏو سيٺ جو،
پيٽ وڏو سيٺ جو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ مطابق: مسافر مڪراني ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٻار جي معصوم فطرت جي عڪاسي ڪيل آهي. جنهن جي ٻاراڻين شرارتن ۽ حرڪتن ۾ امنگ سمايل آهن، ليڪن افلاس ۽ بک جو راڪاس هن جي تمنائن جو پنوڙي ساهه ڪڍي ٿو ڇڏي. ٻار جي نفسيات کي سهڻي نموني ڇٽيو ويو آهي، مگر، پروپنگينڊا جي زوردار رنگ ڪهاڻيءَ جي فني پهلو جهڪو ڪري ڇڏيو آهي.” (14)
اياز جي اندر ۾ جيڪا شاعريءَ جي ديوي ويٺل هئي. اها کيس ڪهاڻيءَ ۾ به شاعريءَ ڪرائي ٿي. اها هڪ تخليقار جي تمام وڏي خوبي آهي. اياز هن ڪهاڻيءَ ۾ سرمائيدار نظام جي مخالفت ڪندي، سيٺين جي گودامن کي باهه ڏيئي، غريبن جي سکيو ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري آهي.
پنهل کان پوءِ: اياز جي خطن ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي محبوبه کي خطن لکي يادگيريون/ساروڻيون لکيون آهن. شيخ اياز خود ئي چيو آهي ته ڪي ڪهاڻيون خطن ۾ به لکجي وينديون آهن. پر اياز هن خطن واري ڪهاڻي جيڪا پيار/محبت جي جذبن جي/احساسن جي لفظن جي وسيلي جيڪا راند رچائي آهي. اها نرالي ۽ ڏاڍي خوبصورت آهي. شاعري به ڪئي اٿس جنهن جو مثال به موجوده ساهيته جي ڪهاڻين ۾ نه آهي/گهٽ آهي.
مشيرنامو: اياز جي هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻولي ڏاڍي دلنشين ۽ وڻندڙ آهي. ڪارو ڪاري جي موضوع تي لکيل هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙو ڪردار جيڪو پنهنجي زال کي ڪاري ڪري ماري ٿو ۽ وٽس اچي ٿو ته کيس سزا کان بچايو وڃي. اياز هن ڪهاڻيءَ ۾ منظرڪشي زبردست ڪئي آهي. اياز ڪاري ٿي ويل ان ناريءَ جي احساسن کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ کيس ضمير گوارا نه ٿو ڪري ته ڪنهن بي گناهه کي ڪاري ڪري، قتل ڪندڙ کي هو سزا کان بچائي ۽ آخر ۾ پاڻ ئي چئي ڏئي ٿو ته ”وڪالت منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.“
جمال ابڙي لکيو ته: ”منهنجون سڀ ڪهاڻيون ۽ اياز جي هڪڙي ’مشير نامو‘!! (15)

حوالا
1. هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر،”جي تند برابر توريان“، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 9، 1998ع.
2. هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر، ”جي تند برابر توريان“، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 10، 1998ع.
3. ساڳيو، صفحو، 11،
4. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، صفحو 302، سال 1982ع.
5. ساڳيو
6. هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر،”جي تند برابر توريان“، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 16، 1998ع.
7. ملڪاڻي، منگها رام، پروفيسر، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، زاب ادبي مرڪز حيدرآباد، صفحو، 52، 1998ع.
8. ڪلپنا، موهن، افسانوي ۽ فڪري ادب، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، صفحو 48، 2007ع.
9. ساڳيو
10. ڪلپنا، موهن، افسانوي ۽ فڪري ادب، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، صفحو 48، 2007ع.
11. ميمڻ، عبدالغفور، ”سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر“ (ٻيو ڇاپو)سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ص 142، 2017ع.
12. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، صفحو 304، سال 1982ع.
13. ميمڻ، عبدالغفور، ”سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر“ (ٻيو ڇاپو)سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، ص 141، 2017ع.
14. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، صفحو 304، سال 1982ع.
15. هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر،”جي تند برابر توريان“، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 10، 1998ع.

2400 ڀيرا پڙهيو ويو