سنڌي لکت ۽ ڪمپوزيشن ۾ وِسرڳن جي واھپي جا عيب ۽ انهن جا حل
(Limitations of Usage of Aspirated Letters and their Solutions)
شبير ڪنڀار
Abstract:
Sindhi language writing system is based on Arabic script, known as “Sindhi Arabic”. It has 52 letters in its alphabet. This was created in 1853 by an official team of the Government, then “Sir Bartle Freire” the commissioner of Sindh recognized Sindhi as the official language for the Sindh province in his governance
There are 10 Aspirated letters (ڀ، ڦ، ٿ، ٺ، ڇ، ڌ، ڍ، ک، جهه ۽ گهه) included in this alphabet. These letters have different ways of writing, i.e. 8 letters (ڀ، ڦ، ٿ، ٺ، ڇ، ڌ، ڍ، ک) have been made by the support of the dots and remaining 2 (جهه ۽ گهه) are compound letters, which have been made per international standard of aspiration. In fact, Sindhi language has 20 Aspirated letters, from which mentioned above 10 letters are part of the alphabet, but other 10 ( ) still need to be redefined per international standards.
The 2 (جهه ۽ گهه) standard aspirated letters are included in the Sindhi alphabet, but inadequate awareness about specific writing-shape of the aspirated letters, has created confusion (جھه ۽ گھه instead of جهه ۽ گهه). Therefore, mistakes are being made both in composing and in handwriting. Irony is that all this is yet to be noticed by the readers.
The middle (ـهه) shape of the alphabetic letter ’ھ‘is used to make an aspiration of the sound, and have two (ـھـه ۽ ـهه) styles. It is quite easy to understand the aspiration of the sound on behalf of its middle (ـهه) shape, because there are several words in Sindhi language, which have same spellings, and they are differentiated by the aspiration only, like as گهر means home and گِھَرُ means the kind of a sweet. In this connection, the paper is about the styles (Initial, Medial & Terminal) of ’ھ‘ in the aspiration and simple sounds for handwritings as well in digital compositions on the computing devices by the Sindhi keyboards (MB Sindhi, Multiling O, SwiftKey, etc.).
سنڌي ٻوليءَ جي موجوده الفابيٽ، سن 1853ع ۾ تنھن وقت جي انگريز سرڪار ھڪ حڪم نامي (نمبر 3221- 1853 تاريخ 30 مارچ 1853ع) تحت مسٽر بي ايڇ ايلس جي نگرانيءَ ۾ 2 پرڏيھي (انگريز) ۽ 8 ڏيھي (سنڌي، ھندو ۽ مسلمان) عالمن تي مشتمل، 10 رڪني ڪميٽيءَ کان جوڙائي، جنھن کي ٽن مھينن جو وقت ڏنو ويو ھو ، ان ڪميٽيءَ ۾ ھيٺيان عالم شامل ھئا( ). [1]
1. ڪيپٽن ڊيسٽين ولي
2. ڪيپٽن ايف جي گولڊ سمٿ
3. راءِ بھادر نارائڻ جڳناٿ (ڪراچي)
4. ديوان ننديرام سيوھاڻي (سيوھڻ)
5. ديوان اڌا رام ٿانور داس (حيدرآباد)
6. ديوان پرڀداس آنند رام (حيدرآباد)
7. ميان غلام حسين (ٺٽو)
8. قاضي غلام علي (ٺٽو)
9. ميان محمد (حيدرآباد)
10. ميران محمد شاھ (حيدرآباد)
نئين جوڙيل ھن 52 اکري الفابيٽ کي، سنڌي ٻوليءَ جي واحد لکتي سرشتي طور سنڌ صوبي ۾ لاڳو ڪيو ويو، اڳتي ھلي سنڌ جي تڏھوڪي ڪمشنر ’سر بارٽل فريئر‘ 29 آگسٽ 1857ع تي ھڪ پڌر نامو (ملڪي نمبر 100¬¬ــ1857) جاري ڪري صوبي ۾ رھندڙ سڀني ماڻهن چڱن، مٺن کي مخاطب ٿي پابند ڪيو ته اھي ڪنھن به قسم جي لکپڙه لاءِ ھن الفابيٽ کي ڪتب آڻين، اڻٽر حالتن ۾ جيڪر عربي يا فارسيءَ ۾ لکن تڏھن به انهي متن جو سنڌي وائيءَ (ھنن اکرن) ۾ ترجمو موڪلڻ پڻ ضروري ڪيو ويو ھو. مطلب ته سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سطح تي دفتري ٻوليءَ جي حيثيت ملي، جنھن کانپوءِ عام ۽ خاص ماڻهن ھن پاسي جوڳو ڌيان ڌريو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو واھپو سرڪاري توڙي عام ڪار ونھوار ۾ عام ٿي ويو. اُن تاريخي ڏينھن کي اسين، سنڌي ٻوليءَ جي قومي ۽ دفتري ٻوليءَ طور لاڳو ٿيڻ واري سڃاڻپ جي ڏھاڙي طور ملهائيندا آھيون.
ھن پڌرنامي سان ٻوليءَ جي خوب آبياري ٿي، ڊڪشنريون، گرامر، درسي ۽ ادبي ڪتاب ھن لپيءَ ۾ اچڻ لڳا، وقت سان گُهرجن پٽاندر ھن لکت تحت لفظن جون شڪليون (Spellings) مقرر ٿيون ۽ آھستي آھستي سُوڌ سنوار جو ڪم ويو مڪمل ٿيندو. تڏھن ڪنھن کي خيال ۽ گُمان ئي نه ھو ته اڳتي ھلي ڪمپيوٽر جھڙيون ذھين ڪَلون ايجاد ٿينديون، جيڪي سڀني شين جي ترقيءَ ۾ اڳ کان اڳريون ٿي وينديون ۽ موجود مروج وصفن کي ڦيرائي ماڳهين ڪي نيون تخليق ڪنديون ۽ ٻوليون ھڪ ٻئي کي ايتريون ته ويجهيون ٿي وينديون جو انهن جي بنيادي قاعدن جا ماڻ ماپا به گهڻو ڪري بين الاقوامي ٿي ويندو.
جائزو وٺڻ سان پروڙ پوي ٿي ته ھن الف-ب (الفابيٽ) ٺھڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي لفظِي گهاڙيٽن تي لاڳيتو ڌيان ڌريو ويو لکت (صورتخطي)، ھِجي، گرامر توڙي لفظن جي شڪلين ۾ مخارجي اکرن جي واھپي تي پڻ اک رکي وئي ۽ ان جي تشھير پڻ تمام گهڻي ڪئي وئي، جنھن سان ٻوليءَ جا لفظ، وسرڳن جي درست لکت سان پنھنجون معياري شڪليون وٺي ويا آھن ۽ مقرر ڪيل شڪل کان مٽيل لکت کي ھرھنڌ لکت (صورتخطيءَ) جي چُڪ مڃيو ويو. محترم فھميده حسين پڻ اھڙو اظھار ڪندي تاريخي ڪمن کي ھن طرح ورجائي ٿي ته:
”انهيءَ مسئلي کي 1888ع ۾ سرڪاري طور حل ڪرايو ويو ۽ سنڌ جي ايجوڪيشن انسپيڪٽر مسٽر جيڪب، اھڙن لفظن جا چارٽ ٺھرائي صورتون مقرر ڪرايون ۽ اھي اسڪولن ۾ ورھايا، پر اڃا به ڪي حل طلب ڳالهيون رھجي ويون، انهن لاءِ 1913ع ۾ سنڌي لٽريچر ڪميٽيءَ ٺھراءُ پاس ڪرائي ڪجهه ٻيا لفظ شامل ڪيا.“[2]
ايتري سُچيتائيءَ ھوندي به اڄ ڪلهه سنڌي ٻوليءَ جي وسرڳن سان ڏاڍو برو حال آھي، جائزو وٺڻ سان پتو پوي ٿو ته اسان قومي سطح تي، ھن پاسي الائي ڇو ڪن لاٽار کان ڪم ورتو آھي، جنھن جو ثبوت اھو آھي ته ڇاپي (Press) جي اخبارن، رسالن، درسي توڙي ادبي ڪتابن ۾ گهڻو تڻو اسان جا 2 معياري وسرڳ (جهه ۽ گهه) غلط (جھه ۽ گھه) لکيل ملن ٿا ۽ وساريل 12 وسرڳن جو ته ڪو اَتو پتو ئي ڪونهي، جڏھن ته وچ ۾ ايندڙ اَوِسرڳي ’ھ‘ پڻ’ ـھـ‘ بدران ’ـهـ‘ عام لکجي رھي آھي .
پراڻا ڪتاب شاھد آھن ته اوائل ۾ عام توڙي وسرڳي لکت تي جوڳو ڌيان ڌريو ويندو ھو، پر پوءِ ھوريان ھوريان لکت ۾ عيب ويا وڌندا. نموني لاءِ ھيءَ تصوير ڏسو، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ جي ڇپيل، ٻئي درجي جي اوائلي درسي ڪتاب جي صفحي 7 جي آھي، ھي ڪتاب ڊئريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن (مغربي پاڪستان) تيار ڪيو، جيڪو مشتاق احمد، خوش نويس ڪتابت (لکيو) ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي پريس مان شايع ڪيو ويو ، ڏنل تصوير ۾ لکت تي غور ڪريو ته ڪاتب کان ڪيڏي نه ذميواريءَ سان وسرڳي ۽ عام ’ھ‘ لکرائي وئي آھي:
اوائلي، جهوني ڪتاب [3] جي ھن تصوير ۾ ھٿ سان لکيل جي اکرن جي سونھن سوڀيا جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي؟ اھڙي ڏيک ويک سان گڏوگڏ انهي ٽڪري ۾ ڏسو ته ڪھڙيءَ نه مھارت سان ھُن (ڪاتب) ’ھ‘ کي وسرڳي توڙي عام لکت ۾ ڪتب آندو آھي. ڪتاب جي آخري پني تي جيڪو نوٽ) ( لڳل آھي، تنھن مان پتو پئي ٿو ته ابراھيم جويي جھڙي اڪابر جي سٿ جا ساٿاري (ھن ڪتاب جي سُوڌ سَنوار ۽ ٻين ڪمن ۾ ھٿ ھمراھي ذميوار) ڏاڍا خبردار ھئا، تنھنڪري ان جي لکت ڏاڍي چِٽي پِٽي ۽ سورَنهن آنا صحيح بيٺي آھي.
مٿين تصوير ۾ عام (اَوِسرڳي) ’ھ‘ وارن لفظن جي لکت ۾ ’ھي‘ جي شڪل بلڪل درست (ـھـ) آھي: پھريون، جھان، پنھنجيءَ، مھربان، ڏينھن، لھي.
ساڳيءَ تصوير ۾ وسرڳي آوازن ۾ پڻ هي جي شڪل بلڪل درست (ـهه) آھي: ٻاجهارو ۾ جهه، ماڻهن ۾ ڻهه، انهن ۾ نهه، سگهون ۾ گهه، پالها ۾ لهه.
اھو، ھو ”مُنڊيءَ تي ٽِڪ“ جھڙو سھڻو اسان جي سنڌي لکت ۾ وسرڳي ۽ اَوسرڳي، لکت جو معيار ۽ اڄ، اسان ڪٿي بيٺا آھيون؟
وسرڳي اڻڄاڻائي، ڪن ٽار، خرابي، يا چُڪ جو پيرو کڻڻ سان پتو پوي ٿو ته ھي مسئلو تڏھن کان شروع ٿيو، جڏھن کان سنڌي لکت ڪتابت (ھٿ لکت) مان نڪري، ڇاپي (Press) ڏانھن وئي ۽ ڪتاب، اخبارون، رسالا توڙي ٻيو مواد پريس وسيلي ڇپجڻ لڳو.
ھيٺ ڏنل تصوير، ڪاڪي ڀيرو مل مھرچند آڏواڻيءَ جي ناليري ڪتاب ”سنڌ جو سيلاني“ جي صفحي نمبر 146 جي آھي، جيڪو ”ڀارت واسي“ پريس، حيدرآباد ۾ سن 1923ع ۾ ڇپيو [4]. اوائلي پريس جي ھن ڇاپي کي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته سڄي لکت ۾ جتي ڪٿي وِسرڳي ھي (ـهه) ڪتب آندي وئي آھي ۽ وچ ۾ ڪم ايندڙ اَوِسرڳي ھي (ـھـ) جو نه رڳو ھن صفحي ۾ پر سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪو، اَتو پتو ڪونهي، ڄڻ پريس جي ڪمن ۾ ھيءَ ھي (ـھـ) ممنوع ھجي.
ھيءَ ٻي تصوير منگهارام اڌارام ملڪاڻيءَ جي جڳ مشھور ڪتاب ”پنج ننڍڙا ناٽڪ“جي صفحي نمبر 90 جي آھي [5]، جيڪو ”ڀارت پرنٽنگ پريس“، ڪراچيءَ مان سن 1937ع ۾ ڇپيو، ساڳيو حال ھن ڪتاب سان پڻ آھي، جنھن ۾ جتي ڪٿي وسرڳي ھي (ـهه) ڪتب آيل آھي) ( ۽ ساڳيءَ ريت سڄي ڪتاب ۾ وچ ۾ ڪتب ايندڙ اَوِسرڳي ’ھ‘ جو ڪو اتو پتو ئي ڪونهي، جنھن مان معلوم ٿو ٿئي ته اوائلي پريس جي ڪم ۾ ھن طرف ڪو جوڳو ڌيان نه ڌريو ويو، تنھنڪري ھيءَ چُڪ عوامي سطح تي قابلِ قبول بڻجي، عام ٿي وئي آھي ۽ ھاڻ اسان لکت ۾ ان کي اھڙي ته سولائيءَ سان ھضم ڪريو وڃون، ڄڻ ’ھ‘ جي وسرڳي توڙي عام (اَوِسرڳي)، سورنهن آنا درست لکت اھا ئي ھجي!
لکت جي ھيءَ خرابي اتي دنگ نٿي ڪري پر جيئن ئي پريس (ڇاپي) وارو ڪم ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ وسيلي ٿيڻ لڳو ، ته گڏوگڏ ھن (وِسرڳي مسئلي) جو ورجاءُ پڻ جيئن جو تيئن ٿيڻ لڳو، شروع کان ئي جيڪي ڪتاب ڪمپيوٽر وسيلي ڪمپوز ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ لڳا، تن سان پڻ ساڳي ڪار ٿيل ٿي ڏسجي ۽ اھو سلسو جيئن جو تيئن جاري ۽ ساري آھي. اھڙي سُڌ لھڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي، تازي (2016ع ۾) ڇپايل درجي ستين جي درسي ڪتاب جي صفحي 23 جي، ھيٺ ڏنل تصويري عڪس2 کي ساڳي نظر سان ڏسي ڀيٽ ڪجي ٿي. [6]
مٿئين سبقي متن ۾ ڪم آيل ’ھ‘ وارن سڀني لفظن ۾ ’ھ‘ جي واھپي تي ٿورو غور ڪري ڏسبو ته پروڙ پوندي ته ھتي سڄي لکت ۾ ’ھ‘ وسرڳي (ـهه) ڪتب آندل آھي،) ( جيڪي لفظ وسرڳي آواز نٿا رکن تن لاءِ پڻ وسرڳي ’ـهه‘ ڪتب آندي ويئي آھي، جنھن جو سبب آھي ڪمپوزنگ جو ’لطيفي‘ فونٽ، ڇاڪاڻ ته ان فونٽ ۾ اھڙي صلاحيت آھي ئي ڪانه ته وچ واري وسرڳي هي (ـهه) سان گڏ گهرج آھر عام هي (ـھه) پڻ ڏيکاري سگهي. ھاڻ ھتي ھڪ سوال ٿو پئدا ٿئي ته: جڏھن لطيفي فونٽ ۾ اھڙي صلاحيت ئي ڪانهي ته پوءِ اھڙيون گهرجون آخر ڪٿان ته پوريون ٿين؟ پر ٻوليءَ بابت اھڙا سوال اٿاري مسئلي کان لاتعلق ڪڏھن به ٿي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته مڃجي به کڻي ته مفت موجود فونٽن مان، ڪنھن به فونٽ ۾، لکت جون ھھڙيون گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناھي ته پوءِ ڇا اسان جي ادارن لاءِ ٻوليءَ جي گهرجن پٽاندر فونٽ جوڙائڻ ڏکي يا ناممڪن ڳالهه آھي؟
مسئلي جو ممڪن ۽ موجود حل:
هن مسئلي جو ممڪن ۽ موجود حل اھو آھي ته اسان ’لطيفي‘ فونٽ جي جاءِ تي ’ڀٽائي ستار‘MB Bhitai Sattar فونٽ ڪتب آڻيون، ڇاڪاڻ ته اھو (فونٽ) لکت جون ڄاڻايل گهرجون، ھر طرح پوريون ڪرڻ جي صلاحيت شروع کان وٺي رکي ٿو، اسان رڳو منجهس موجود اھڙي اھليت کان اڻڄاڻ رھيا آھيون.
وسارڻ نه کپي ته، درسي ڪتاب ئي ٻوليءَ جي نرسريءَ يا پھرئين ڏاڪي طور ڪم ڪري، اڄ جي ٻار کي سڀاڻي جي مستقبل لاءِ تيار ڪن ٿا، تنھنڪري ٻوليءَ جي مستقبل جو سڄو دارومدار درسي ڪتابن تي ئي ھوندو آھي، پوءِ جيڪڏھن اسان گهرون ته اسان جي ٻولي درست ٿئي، ته سڀ کان پھرين انهن درسي ڪتابن جي لکت کي درست ڪرڻ کپي.
ھن وقت ھلندڙ ڇاپي ڪمن مان ڇپيل اخبارن، رسالن، ڪتابن ۽ ٻئي مواد جي جائزي وٺڻ سان پروڙ پئي ٿي ته وسرڳن بابت خاص ڪري ۽ عام طور لکت ۾ ’ھ‘ جي واھپي کان يا ته اسان ماڳهين اڻڄاڻ ٿي ويا آھيون يا وري مرڳو منجهيل سُٽ سمجهي، اسان ان کي ’جيئن آھي جتي آھي‘ جي بنياد تي قبول ڪري ورتو آھي، پر ٻنهي صورتن ۾ مسئلو، پنھنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن بيٺو آھي، جيڪو ظاھر ظھور عام خلق لاءِ ڀلي کڻي پتڪڙو ۽ نظراندازيءَ لائق مسئلو ھجي، پر ٻوليءَ جي انجينيئرنگ جي حوالي سان ڊجيٽل ڪمپيوٽنگ ڊوائسز تي ڪم ڪندڙ (ڊوِلپَرس) توڙي انهن ڊوائسز کان ھٽي ڪاڳر ڪاريءَ تي ڪم ڪندڙ اسان جي ٻوليءَ جي لساني ماھرن لاءِ ڏاڍو ڳنڀير مسئلو آھي، جنھن کان اکٻوٽ ڪنھن به حالت ۾ ڪين جڳائي.
بنيادي طور ڏسجي ته ھڪ ئي وقت ٻه مسئلا آھن، جيڪي اڻڄاڻائيءَ ۾ ھڪ ٻئي کي وچڙائين پيون، جنھن مان ھڪڙو آھي ’ھ‘ جو عام ۽ ٻيو آھي وسرڳي واھپو. ڇاڪاڻ جو ٻنهي ۾ ’ھ‘ ٿي ڪتب اچي ۽ فرق رڳو ان جي وچين (ـھـ ۽ ـهه) شڪل تي مدار رکي ٿو، تنھنڪري مونجهارو پڻ رڳو انهي جي عام (ـھـ) ۽ وسرڳي (ـهه) لفظن ۾ گهربل درست شڪل جي ڪتب آڻڻ جو آھي.
مسئلي جي نزاڪت کي وڌيڪ وضاحت ۽ سولائيءَ سان سمجهڻ لاءِ چڱو آھي ته ڏيھي ۽ پرڏيھي، معروف ادارن/ماھرن پاران وسرڳن بابت مقرر ڪيل وصفن تي نظر وجهجي:
وسرڳ اکر (Aspirated letters):
انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا وسرڳن بابت لکي ٿي ته ”ھي اھڙا آواز آھن، جيڪي زوردا ھوا سان ادا ٿين ٿا، جنھن ۾ حرف صحيح (Consonant) سان گڏ ’h‘جو اچار شامل ھوندو آھي. سنسڪرت ۽ ھنديءَ ۾ جيڪي آواز ’b‘ (ب) ۽ ’d‘ (د/ڊ) تي ختم ٿين ٿا، سي وسرڳي ھوندا آھن، جن کي اُلٿو (Transliteration) ڪرڻ مھل ڀ ’bh‘ ۽ ’dh‘ ڍ ۾ مٽائبو آھي.“ [7]
وڪي وينڊ موجب ”آوازي ڳرائي (وسرڳائي) ڳالهائڻ دؤران، ڪن آوازن جي تيز ڦوڪدار ھوا سان ادئگيءَ کي سڏجي ٿو. وسرڳائي واھپو انگريزيءَ سان گڏوگڏ گهڻو ڪري ھندستاني، ڏکڻ ايشيائي، فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ پڻ عام جام آھي. وسرڳ ۽ اَوسرڳ ۾ فرق جانچڻ لاءِ پنھنجو ھٿ يا ٻرندڙ ميڻ بتي منھن جي سامهون ڪري وسرڳ چئبو ته وات مان زودار ھوا نڪرندي جيڪا ھٿ تي محسوس ڪري سگهجي ٿي، جڏھن ته ميڻ بتيءَ جي لاٽ پڻ ڦڙڪو ڪندي ۽ اَوسرڳ آواز مھل تکي ھوا محسوس نه ٿيندي ۽ نه وري ميڻ بتيءَ جي لاٽ ڦڙڪو ڪندي.“[8]
آن لائن سنڌي ڊڪشنري ’وسرڳي حرف‘ جي وصف ۾ لکي ٿي ” سنڌي الف-ب ۾ ڏهه حرف اهڙا آهن، جن کي وسرڳ حرف چيو وڃي ٿو. اهي مرڪب حرف آهن، جيڪي يا ته ”هه“ ملائڻ سان ٺھندا آهن. يا وري ٽٻڪن جي اضافي سان جوڙيا ويندا آهن. سنڌي الف-ب جي ترتيب ۾ وڌ ۾ وڌ تنقيد وسرڳ حرفن تي ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته بنا ڪنھن قاعدن جي حرف جوڙيا ويا آهن. اهي حرف هي آهن. ڀ ٿ، ٺ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ڦ، ک ۽ گهه هنن حرفن ۾ ڪن کي ”هه“ جوڙي ٺاهيو ويو آهي، ڪن کي چار ٽي يا ٻه نقطا ڏئي جوڙيو ويو آهي. “ [9]
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، وسرڳن بابت لکي ٿو ته ”وسرڳ ۽ اوسرڳ آواز ۾ فرق کي سولي نموني ان طرح سمجهي سگهجي ٿو ته ھٿ جي پٺيءَ کي چپن جي ويجهو جهلي ڪو به آواز اچاريو وڃي. ڪو آواز اپجڻ مھل ھٿ جي پٺيءَ تي ھوا جو ڦوڪو يا ان جي ڌوڪ محسوس ٿيندي ۽ ڪي آواز اپجڻ مھل اھا ڌوڪ محسوس نه ٿيندي. جن آواز اچارڻ مھل ھوا جو ڦوڪو محسوس ٿئي انهن کي ’وسرڳ‘ ۽ جن ۾ ڦوڪو محسوس نه ٿئي انهن کي ’اوسرڳ‘ سڏجي ٿو“.
وسرڳ آواز جا مثال: ]ڦ[، ]ٿ[ وغيره اوسرڳ آواز جا مثال: ]د[، ]ج[ وغيره“.[10]
مٿين وصفن جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته پروڙ پئي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جملي 20 وسرڳ آھن. جن مان مروج الفابيٽ ۾ جملي 10 وسرڳ اکر (ڀ، ڦ، ٿ، ٺ، ڇ، ڌ، ڍ، ک، جهه ۽ گهـ) شامل آھن، جڏھن ته ھيٺيان 10 وساريل آھن:
وسرڳ ادا ڪرڻ مھل بنيادي اکر (اَوسرڳ) کي ڳرو ڪرڻ لاءِ نڙيءَ مان هي (ـهه) ڦوڪ سان اھڙي نموني گڏبي آھي جو اھا پنھنجو وجود وڃائي اڳئين اکر ۾ زم ٿي سندس آواز کي بنهه ڳرو ڪري ڇڏيندي آھي، تڏھن اَوِسرڳ ڦرِي وِسرڳ ٿي ويندو آھي، جيئن ’ج‘ اَوسرڳ آھي پر ان جو جڏھن وسرڳ ٺاھبو ته ان سان نڙيءَ مان ھي (ـهه) ڦوڪ سان ملائبي جنھن سان ’جهه‘ وسرڳ ٺھي ويندو. انهيءَ اصول تحت سنڌي ٻوليءَ جا سڀئي وسرڳ جڙن ٿا. سنڌي الفابيٽ ۾ شامل 10 وسرڳن مان 8 وسرڳ (ڀ، ڦ، ٿ، ٺ، ڇ، ڌ، ڍ ۽ ک) بي اصول پنھنجي ڌار مفرد شڪلين ۾ ۽ رڳو ٻه وسرڳ (جهه ۽ گهـ) بين الاقوامي وسرڳي اصول تحت مرڪب شڪل ۾ جوڙي شامل ڪيل آھن. جڏھن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جملي 20 وِسرڳَ آھن، جن مان بي اصولي مفرد شڪل وارا 8 ۽ اصولي مرڪب شڪل وارا ٿيا 12، جن جي جوڙجڪ ھيٺيئن ريت بيھي ٿي:
وسرڳي اڻڄاڻائيءَ يا ھن پاسي جوڳو ڌيان نه ڌرڻ جي ڪري ھٿ لکت، توڙي ڪمپيوٽنگ ڊوائسز تي ڪمپوزنگ ڪرڻ مھل، ھنن 12 وسرڳن سان وڏي ويڌن ٿيندي رھي آھي. ھن وقت وسرڳن جي لکڻ جي قاعدي يا ڪنھن ھڪ شڪل مقرر ھجڻ بابت، چٽي وضاحت جي عوامي سطح تي جوڳي تشھير نه ٿيڻ جي ڪري، انھن جي لکڻ ۾ ھرڪو خودمختيار آھي، تنھنڪري سنڌ جي ساڃاھ وندن توڙي لائق فائق استادن ۾ اھڙن وسرڳي اکرن جي لکڻ ۽ ھجي ڪرڻ بابت اڻکٽ بحث ھلندڙ آھن. اڪثر ھٿ لکت توڙي ڊجيٽل پرنٽ ۾ ھھڙي (وسرڳي) لکت ۾ گهڻو تڻو، چُڪون ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنھن جو واحد سبب مسئلي کان اڻڄاڻائي آھي، ڇاڪاڻ ته ڄاڻُن لاءِ ھٿ لکت توڙي ڪمپيوٽر واري ڪمپوزيشن، ٻنهي ۾ اوائل کان ئي حل موجود رهيا آھن، پر اھڙو لڏو تمام ٿورو آھي، جيڪو لکت (صورتخطيءَ) جي ھن عيب واري پاسي سوچي ۽ ھن کي رڳو مسئلو ئي کڻي سمجهي. جڏھن، چُڪ کي چُڪ سمجهبو تڏھن ئي ان کي درست ڪرڻ ڏانھن ڌيان ويندو، پر اسان سان وسرڳي ڄاڻ نه ھجڻ جي ڪري ”ھڙئي رڍون ڪار ٻوٿيون“ واري ڪار لڳي پئي آھي. تنھنڪري وساريل وسرڳن کي ڇڏي، رڳو الفابيٽ ۾ شامل ٻن اصولي وسرڳن (جهه ۽ گهه) جي لکڻ ۾ پڻ اسان بريءَ طرح چُڪون ڪريو وڃون، جڏھن ته انهن کي ڪنھن به ڪمپيوٽنگ ڊوائسز وسيلي درست ڪري لکڻ جي ”ايم بي سنڌي“، ”ملٽيلنگ او“، ”سئفٽ“ ۽ ٻين ڪيبورڊن ۾ لکڻ ۽ ڏيھي توڙي پرڏيھي چونڊ فونٽن ۾ انهن کي درست ڏيکارڻ ۽ ڇاپڻ جي صلاحيت پڻ اڳ ئي موجود آھي.
سمجهڻ گهرجي ته سنڌي لکت لاءِ جملي 3 عدد ’ھ‘ کپن ٿيون، جيڪي يونيڪوڊ ڪنسورشيم پاران جاري ڪيل ڪوڊنگ واري چارٽ ۾ موجود آھن، رڳو انھن جي واھپي جي طريقي (ڪيبورڊ ۾ بٽڻ) جي خبر ھئڻ گهرجي. ھيٺين ٽيبل ۾ يونيڪوڊ ڪنسورشيم پاران جاري ڪيل معياري ڪوڊنگ موجب ’ھ‘ جون رجسٽرڊ شڪليون، انهن جي ڪوڊنگ ۽ لکڻ ۾ واھپو ڏنل آھي:
حاصل مطلب ته ڪمپوٽر تي لکڻ Composingوقت رڳو وِسرڳي ۽ عام ’ھ‘ جي بٽڻن کي ڌيان ۾ رکڻ جي گهرجي، جنھن کانپوءِ اسان جي ڪمپوزنگ جون چُڪون ختم ٿي وينديون ۽ آھستي آھستي وِسرڳن وارو معاملو پڻ حل ٿي ويندو. تنھنڪري مٿين ٽيبل جي روشنيءَ ۾ ’ھ‘ جي واھپي بابت ھيٺيان 3 اصول اھڙا آھن جن کي ھينئين سان ھنڍائڻ گهرجي:
1. پھرئين نمبر واري ’عربي ھي‘ لفظي لحاظ کان وسرڳي آھي، جيڪا رڳو عربي لفظن: الله، عليھ، وآلھ وغيره لکڻ لاءِ لفظي پڇاڙيءَ ۾ جڏھن ته وسرڳن لاءِ لفظن جي وچ ۾ ڪم اچي ٿي. گهربل شڪليون اٿس ( ـھ ۽ ـهه).
2. ٻئي نمبر واري ’عربي ھي دو چشمي‘ رڳو عام لکت وارن لفظن لاءِ ڪتب اچي ٿي، لکت/ڪمپوزيشن ۾ ھيءَ ’ھ‘ وڌ ۾ وڌ ڪتب ايندي آھي. گهربل شڪليون اٿس ’ـھـ ۽ ـھه‘.
3. ٽئي نمبر واري عربي گول ’ه‘ لفظن جي پُڇڙ ٺاھڻ توڙي لفظن جي آخر ۾ ڪم اچي ٿي ۽ ھن جي شروعاتي ۽ وچين شڪل رڳو ’اردو‘ ٻوليءَ لاءِ مخصوص ڪيل آھي. سنڌي لفظن لاءِ گهربل شڪل اٿس ’ـه‘.
نوٽ: فونٽ جوڙيندڙن کي پڻ، لکت ۾ واھپي توڙي يونيڪوڊ ڪنسورشيم جي جوڙيل قاعدن کي ڌيان ۾ رکي فونٽن ۾ ذميواريءَ ۽ خبرداريءَ سان گهربل ڪوڊنگ تي اکرن جون مقرر شڪليون رکڻ کپن نه ته مونجهارا ٿيندا.
يونيڪوڊ ڪنسورشيم پاران جاري ڪيل معياري ڪوڊنگ تحت ’ھ‘ جي ٽنهي نمونن ۽ سندس ڌار ڌار شڪلين کي ڌيان ۾ رکي، ھيٺ سلسليوار ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فونن ۾ سنڌي لکڻ لاءِ تمام وڌيڪ ڪتب ايندڙ ناليرن ڪيبورڊن ۾ ان جي عام ۽ وسرڳي لکت کي تصويرين وسيلي سمجهائجي ٿو:
1. M
• مائڪروسافٽ ونڊوز (ڊيسڪٽاپ ۽ ليپ ٽاپ) آپريٽنگ سسٽم ۾ لکڻ لاءِ
2.

3. . Multiling O Keyboard
• گوگل ائنڊرائڊ (سمارٽ فون) آپريٽنگ سسٽم ۾ لکڻ لاءِ
4. SwiftKey Keyboard

نوٽ: جئين ته مقصد رڳو لکڻ جو طريقو سمجهائڻ آھي، تنھنڪري اسان چئن ئي سمجهاڻين ۾ ساڳئي متن (Text) کي، گُهرج آھر ورجائينداسون.
1. ايم بي سنڌي ڪيبورڊ: (فونٽ ڀٽائي ستار ڪتب آڻڻ ضروي آھي)
جهه ۽ گهه مقرر ڪيبورڊ شارٽ ڪِيز سان لکجن.
1. عام لکت:
لفظ: ھھڙو، جھڙو، ڪھڙو، تھڙو، گھرو، منھنجو، تنھنجو، سنھنجو، مھرو، بھرو، قھر، ٻھر، لھرو، لھوارو، تھوار، اَلَھُه تَلَھُه، جُلِھَه وغيره.
مٿين ۽ اھڙن ٻين عام لفظن ۾ ڪوڊنگ چارٽ ۾ موجود 2 نمبر واري ’ھ‘ ڪتب اچي ٿي جنھن جي لکڻ مھل، ڪيبورڊ مان ’Shift+i ‘ وارا بٽڻ ڪتب آڻجن، ته لفظن جي لکت (صورتخطي) صحيح ٿي ويندي.
2. وسرڳي لکت:
لفظ: جهرڪي، جهڙ، اوجهڙ، گهيڙ، گهاٽ، گهر، گهوٽ، ڪلهو، سنهي، ٿلهو، مالهي، ٽالهي، چُلهه، سِلهه، سامهون، سمهڻ، سنهي، ٻنهي، ٽنهي، اونهون، ڪونهي، ٻانهي، ماڻهو وغيره
مٿين ۽ ٻين وسرڳن لکڻ لاءِ، ڪوڊنگ چارٽ موجب 1 نمبر واري ’ـهه‘ ڪتب اچي ٿي، جنھن کي لکڻ مھل، ڪيبورڊ مان ’h‘وارو بٽڻ ڪم آڻجي ته لفظن جي لکت صحيح ٿي ويندي.
مثال: ڪيبورڊ مان ڪو به اَوسرڳ (ج، گ، ل، ڻ، ن وغيره) لکي ان جي پويان وسرڳي ’ـهه‘ ملائڻي آھي، جنھن جو ڪيبورڊ ۾ بٽڻ ’h‘ تي رکيل آھي، جنھن سان وسرڳ جي لکت (صورتخطي) صحيح ٿي ويندي.جنھن سان ھيٺيان وسرڳ درست لکي سگهجن ٿا:
ج + ـهه = جهه (جهرڪي، جهنگ، جهيڙو، سمجهه وغيره)
گ + ـهه = گهه (گهر، گهوڙو، گهٽ، گهيڙ، گهاٽ، سگهو وغيره)
ل + ـهه = لهه (ڪلهو، ٿلهو، ٺلهو، ملهار، تلهار، ڦلهيار وغيره)
م + ـهه = مهه (آمهون سامهون، سمهڻ وغيره)
ن + ـهه = نهه (سنهون، ٻنهي، ٽنهي، اونهون، ٻانهي وغيره)
ڻ + ـهه = ڻهه (ماڻهو وغيره)
2. ايم بي سنڌي ايس ڪي 2.0 ڪيبورڊ:
ايم بي سنڌي ايس ڪي 2.0 ڪيبورڊ سان عام ۽ وسرڳي آوازن تي آڌاريل لفظ لکڻ) ( (سفارش ڪيل 24 فونٽن مان ڪو به ڪتب آڻڻ گهرجي).
جهه ۽ گهه مقرر ڪيبورڊ شارٽ ڪيز سان لکجن.

مٿين ۽ اھڙن ٻين عام لفظن لکڻ مھل جڏھن ’ھ‘ جو وارو اچي ته ان لاءِ، ڪيبورڊ مان ’h‘ وارو بٽڻ ڪتب آڻجي، ته لفظن جي لکت (صورتخطي) صحيح ٿي ويندي.

مٿين ۽ اھڙن ٻين وسرڳن لکڻ لاءِ، ڪيبورڊ مان ساڄي ھٿ واري ’Alt+h‘ بٽڻ تي رکيل ’ـهه‘ ڪتب آڻجي.
مثال: ڪيبورڊ مان ڪو به اَوسرڳ اکر (ج، گ، ل، ڻ، ن وغيره)
لکي ان جي پويان وسرڳي ھي (ـهه) ملائڻي آھي، جنھن جو ڪيبورڊ ۾ بٽڻ ’Alt+h‘ تي رکيل آھي، جنھن سان وسرڳ جي لکت (صورتخطي) صحيح ٿي ويندي.

نوٽ: وساريل وسرڳن مان چار اھڙا آھن، جن کي لکڻ لاءِ وسرڳي ھي (ـهه) جي لکڻ (ڪمپوزنگ جي ڏيک) جي گهرجن جو انداز ئي نرالو آھي، تنھنڪري ھيستائين موجود مڙني، ڏيھي ۽ پرڏيھي فونٽن ۾ انهن چئن وسرڳي آوازن تي آڌاريل لفظ صحيح طريقي سان لکڻ ممڪن ڪونهي. ان مسئلي جي نوعيت کي سمجهڻ کانپوءِ، مون پنھنجي 5 ٻوليائي فونٽ فئملي (اعلى ڪوڊنگ ۽ ڳوڙهيءَ لاجڪ تحت جوڙيل) ۾ گهربل اھليت پئدا ڪئي آھي، جنھن تحت انهي فونٽ ۾ چارئي وسرڳ صحيح ڏيکارڻ جي صلاحيت پئدا ٿي وئي آھي، ھيٺ انهيءَ فونٽ ۾ ڄاڻايل وسرڳن جو ڏيک ڏسو: [12]
ساڳيا وِسرڳ ڀٽائي ستار فونٽ ۾ ڏسو:
• ر + ـهه = رھ (ورهائڻ، پورهيو، گرهاڪ، ٻارهون، تيرهون)
• ڙ + ـهه = ڙھ (پڙهڻ، چڙهڻ، ڳوڙها، ڏاڙهون، ساڙهي)
• ڏ + ـهه = ڏھ (چوڏهون)
• و + ـهه = وھ (اوهان، اوهين)
سمارٽ فونن ۾ وسرڳي لکت:
جيئن ايم بي سنڌي ڪيبورڊ ۾ وسرڳي آوازن سان لکڻ جي صلاحيت موجود آھي بلڪل ساڳيءَ ريت سمارٽ فونن جي جڳ مشھور آپريٽنگ سسٽم ’گوگل ائنڊرائڊ‘ ۾ سنڌي لکڻ لاءِ ڪتب ايندڙ (ملٽيلنگ او ۽ سئفٽ ڪي) ڪيبورڊن، توڙي فونٽ (گوگل نوٽو) ۾ وسرڳ لکڻ جي صلاحيت موجود آھي، پر جيئن ته ڪَلون پاڻمرادو ڪم نه ڪنديون آھن، پر پنھنجي ھلائيندڙن جو حڪم نڀائينديون آھن، تنھنڪري جيڪڏھن اسان وسرڳ ۽ اَوسرڳ جي فرق کي سمجهي ٽائيپ ڪنداسون ته نتيجو سورنهن آنا صحيح نڪرندو.
3. ملٽيلنگ او ڪيبورڊ: (’گوگل نوٽو‘ فونٽ ڪتب آڻڻ ضروي آھي):
1. عام لکت:
لفظ: ھھڙو، جھڙو، ڪھڙو، تھڙو، گھرو، منھنجو، جُلِھَه، اَلھُه تَلَھُه وغيره
مٿين ۽ اھڙن ٻين اَوسرڳن لکڻ لاءِ، ڪيبورڊ جي وچين قطار واري بٽڻ تي موجود ’ھ‘ ڪتب آڻجي.
2. وسرڳي لکت:
لفظ: جهرڪي، جهڙ، اوجهڙ، گهيڙ، گهاٽ، گهر، گهوٽ وغيره
مٿين ۽ اھڙن ٻين وسرڳن ٺاھڻ لاءِ، ڪيبورڊ جي لانگ پريس واري بٽڻ تي موجود ’ـهه‘ ڪتب آڻجي.
3. ته، به، نه ۽ اکري پڇڙ جي لکت:
ته، به، نه ۽ اکري پڇڙ لکڻ لاءِ ڪيبورڊ جي ھيٺين قطار تي موجود گول ’ه‘ وارو بٽڻ ڪتب آڻجي.
4. سُئفٽ ڪِي ڪيبورڊ (’گوگل نوٽو‘ فونٽ ڪتب آڻڻ ضروي آھي):

مٿين ۽ اھڙن ٻين اَوسرڳن لکڻ لاءِ، ڪيبورڊ جي وچين قطار واري بٽڻ تي موجود ’ه‘ تي لانگ پريس ڪبو ته مٿان 2 عدد ٻيون ’ھ‘ پڌريون ٿينديون جنھن مان کٻي پاسي واري ’ھ‘ ڪتب آڻجي.

مٿين ۽ اھڙن ٻين وسرڳن لکڻ لاءِ، ڪيبورڊ جي وچين قطار ۾ موجود ’ه‘ڪتب آڻجي.
3. ته، به، نه ۽ اکري پڇڙ جي لکت:
ته، به، نه ۽ اکري پڇڙ لکڻ لاءِ وچين قطار واري بٽڻ تي موجود ’ه‘ تي لانگ پريس ڪبو ته مٿان 2 عدد ٻيون ’ھ‘ پڌريون ٿينديون جنھن مان ساڄي پاسي واري ’ه‘ ڪتب آڻجي.
بيان ڪيل سڀني ڪيبورڊن ۾ ’ھ‘ جي لکت وارن نمونن جي مٿين سمجهاڻيءَ موجب، ايم بي ڀٽائي ستار فونٽ ۾ چند وسرڳن جي لکت (صورتخطي) جي صحيح ۽ غلط ڀيٽ ڏسو:
نمبر غلط صحيح معنىٰ
1. اجھو اجهو ڀونگو، جهوپو، پناھ
2. جھڙ جهڙ ڪڪر، بادل
3. جھڪ جهڪ تمام تکو واءُ
4. جھيڙو جهيڙو ڦَڏو، جهڳڙو
5. جھونو جهونو پوڙھو، ڪراڙو
6. گھر گهر اجهو، ڀونگي
7. گِهرُ گِھَرُ جليبي (مٺائيءَ جو قسم)
8. گنگھر گنگهرُ تنگي، جنجل
9. سگھه سگهه طاقت
10. ٻانھي ٻانهي نوڪرياڻي، خدمتگار
11. ڪانھي ڪانهي ناھي، غير موجود
12. سنھي سنهي باريڪ، پتلي
13. ٿلھو ٿلهو متارو، سڀرو
14. ڪلھو ڪلهو انساني عضوو
15. ٺلھو ٺلهو خالي
16. ماڻھو ماڻهو انسان
17. سيڻھه سيڻهه سيڻاھ
18. سامھون سامهون اڳيان، روبرو
19. سمھڻ سمهڻ ننڊ ڪرڻ، آرام وٺڻ
20. ماڳھين ماڳهين مرڳو، موراھين
نتيجو:
ڪلون (ڪمپيوٽنگ ڊوائسز) ظاھر ته پاڻمرادو ڪم ڪن ٿيون، پر حقيقت ۾ انهن جي پويان جيڪا پروگرامنگ ڪم ڪري ٿي سا ڪنھن نه ڪنھن فرد جي جوڙيل ھوندي آھي، جيڪا گهرج آھر فرد جي بدران لاڳاپيل حڪم ڏيندي رھندي آھي ۽ عام لوڪ اھو سمجهندو آھي ته ڪم جھڙوڪر پاڻمرادو ٿين ٿا. تنھنڪري اسان (ڪمپيوٽر پروگرامر ۽ ٻوليدان) جڏھن مسئلن جي نزاڪت کي ڀليءَ ڀت سمجهنداسون ته انهن جا حل پڻ اھڙين ھٿ ھيٺ توڙي خودڪار مشينين جي پروگرامنگ ۾ گهرجن پٽاندر لاڳو ڪري سگهنداسين.
جڏھن سنڌي ٻولي ڊجيٽل آوازي سرشتي خاص ڪري لکت مان آواز (Text To Voice) ۾ داخل ٿيندي تڏھن، اسان جي لکت ۾ جيڪر وسرڳي ۽ اَوِسرڳي ’ھ‘ چٽي نه ھوندي ته پوءِ ڪمپيوٽنگ ڊوائسز لاءِ مونجهارو پئدا ٿيندو.
مٿئين بحث مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪوڊنگ پٽاندر ’ھ‘ جون ٽئي شڪليون سنڌي ٻوليءَ جي لکتي گهرجن جي پورائي لاءِ لازم ملزوم آھن، رڳو انهن جي واھپي جي جوڳي ڄاڻ ھئڻ کپي، جنھن جو قاعدو (وسرڳي ۽ اَوِسرڳي) ھيٺين ريت آھي:
عام لکت:
عام لکت ۾ ’ھ‘ يونيڪوڊ نمبر 06be جي سڌي شڪل (ھ) ڪتب آڻڻ گهرجي.
عام لکت ۾ وچ واري ’ھ‘:
عام لکت ۾ ’ھ‘ يونيڪوڊ نمبر 06be جي سڌي شڪل (ـھـ) ڪتب آڻڻ گهرجي.
وسرڳي لکت ۾ وچ واري ’ھ‘:
وسرڳي لکت ۾ ’ھ‘ يونيڪوڊ نمبر 0647 جي ٻه اکيائي وچ واري شڪل (ـهه) ڪتب آڻڻ گهرجي.
ته، به، نه ۽ اکرن جي پڇڙ لاءِ:
ته، به، نه ۽ ھھڙن ٻين لفظن جو پُڇڙ ٺاھڻ لاءِ گول ’ه‘ يونيڪوڊ نمبر 06c1 جو پڇڙ (ـه) ڪتب آڻڻ گهرجي.
حوالا
1. ملاح، مختيار احمد، “The development of Sindhi language and script under early English administration”، ڇاپو پھريون 2017ع، ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد“. صفحو 71.
2. ميمڻ، فھميده حسين، ڊاڪٽر”سنڌي ٻولي مختلف لساني پھلو“ ، ڇاپو پھريون 2012ع، ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد“. صفحو 93.
3. ’سنڌي ٻيو ڪتاب‘ڊئريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن (مغربي پاڪستان) جو نئون تيار ڪرايل، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ. صفحو 7.
4. آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند: ”سنڌ جو سيلاني“ڀارت واسي پريس، حيدرآباد سنڌ 1923ع، صفحو 146.
5. ملڪاڻي، منگهارام اڌرام: ”پنج ننڍڙا ناٽڪ“ڀارت پرنٽنگ پريس، ڪراچي سنڌ 1937ع، صفحو 90.
6. ’سنڌي ستون ڪتاب‘ڇاپو پھريون، 2016ع، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو، سنڌ. صفحو 23.
7. https://www.britannica.com/topic/aspirate
8. https://www.wikiwand.com/en/Aspirated_consonant
9. http://dic.sindhila.edu.pk
10. ٻرڙو ، محبت ،ڊاڪٽر، ”ٻول جو بُڻ“ (2007) ڏاھپ پبليڪيشن. صفحو 20 -23.
11. http://bhurgri.com
12. http://shabirkumbhar.blogspot.com