مادري ٻوليءَ جا فڪري محرڪ ۽ انهن جي اهميت
(Motives and importance of thought content in mother tongue )
شبنم گل
Abstract:
Language has many utilities; it is linked with social, cultural, and economic aspects, with especial emphasis on spiritual and psychological sides. Language is the axis of thinking and learning; and knowledge thereof is gained through environment and study. Mother tongue has its own importance in the modern era. Learning the mother language and seeking education in it causes mental development and spiritual awakening because language of the lullaby synchs with the soul. Similarly, a child grasps the guidelines given in the textbooks better in her or his first language. Closeness with the mother language cultivates self-confidence in a kid.
Language and culture are inseparable. Neglecting language causes culture to cave in. The canvas of culture contains science & technology, art, religion, ethics & law etc. Languages with strong economics aptitude rule the world; this includes English also as well. In the same way, Punjabis settled in Sindh for many years, and have businesses in different towns of Sindh, speak Sindhi fluently and clearly. Likewise, education of local language proves beneficial in their businesses.
In this paper, the importance of mother language is highlighted and its impact on the social, economical, psychological and spiritual aspects have been discussed.
ٻوليءَ جا مختلف ڪارج ٿين ٿا. ٻولي سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي حوالا رکي ٿي، جنهن ۾ نفسياتي ۽ روحاني پاسو ڀرپور آهي. ٻولي سوچ ۽ سکيا جو محور ٿئي ٿي، جنهن جي ڄاڻ ماحول ۽ مطالعي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. رابطي جو معيار به ٻوليءَ جي معيار سان لاڳو آهي. رابطا ان وقت فعال ٿين ٿا، جڏهن اجتماعي سوچ سگهاري آهي. فعال لفظ، واسطن کي مضبوط ڪن ٿا. ٻولي لفظن جو ميڙ آهي، لفظ، انفرادي طور تي پنهنجي اندر طاقت جو سرچشمو ٿين ٿا.هر لفظ وٽ تحرڪ موجود آهي، ڇو ته لفظ توانائي جومحرڪ ٿين ٿا. جيئن باهه جو لفظ اُچارڻ سان تپش جو احساس ٿئي ٿو. جڏهن ته لفظ پاڻي چوڻ سان سڪون ملي ٿو، پاڻيءَ جي خاصيت ۾ سڪون، يڪسوئي ۽ تبديلي شامل آهن. اهوئي سبب آهي ته روزمره زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ، منفي يا مثبت اثر رکن ٿا. عام طور تي نفسياتي ماهرن جو خيال آهي ته ماڻهو پنهنجي سوچ يا خيال وسيلي، پنهنجي حالتن کي پاڻ تخليق ڪري ٿو.
ٻولي انفرادي اظهار جو ذريعو به آهي ته اجتماعي سوچ جي نمائندگي پڻ ڪري ٿي. جديد دور ۾ ماءُ ٻوليءَ جي وڏي اهميت آهي، جنهن جي وضاحت ضروري ٿيو پوي، ٻوليءَ جا مختلف محرڪ ٿين ٿا. انهن گهڻ رخي محورن جو هتي ذڪر ڪرڻ سان، ٻوليءَ جي اهميت وڌيڪ نمايان ٿيندي، جيڪي هن ريت آهن:
ٻوليءَ جو سماجي ڪارج: سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد، جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿو ته اُها زبان، ان خطي جي سمورن پهلوئن جي ترجمان چئبي، سماجي نفسيات تي خطي جي طبعي حالتن ۽ ماحول جي تبديلين جو اثر پوي ٿو، محترمه تنوير جوڻيجو ان موضوع تي روشني وجهندي لکي ٿي:
”ڪنهن سماج ۾ طبعي ڦير گهير باعث ثقافتي تبديلي جنم وٺندي آهي، ڇاڪاڻ ته طبعي ماحول جي ڦيرڦار باعث ضرورتن ۾ به تبديلي ايندي آهي، جاگرافيائي ماحول مان مراد ڌرتي، آبهوا، بارشون، جبل، سمونڊ، جهنگلات، جانور ۽ معدنيات وغيره اچي وڃن ٿا، ڌرتي ڌٻڻ يا ٻوڏ اچڻ باعث سماج ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿئي ٿو“. (1)
اها حقيقت آهي ته موسمن جي تبديليءَ يا وسيلن جي اڻاٺ سبب، ماڻهو لڏپلاڻ ڪن ٿا، جنهن جي ڪري ٻوليءَ ۾ حالت پٽاندڙ لفظ وڌيڪ استعمال ٿيندا آهن. ٻين خطن جي ماڻهن جي ويجهو اچڻ سبب، ٻوليءَ ۾ نوان لفظ به پاڻمرادو شامل ٿي وڃن ٿا، ٻولي جيئن ته سماجي رابطي جو وسيلو آهي، جيڪا انساني اڌمن، مسئلن ۽ خوابن جي نمائندگي ڪري ٿي، جنهن جي دائري ۾ گفتگو، سوال، بحث مباحثا ۽ ڏکن سکن جي ونڊڻ جي گهرج وغيره اچي وڃن ٿا.
ٻهراڙي ۽ شهري سماج بنهه مختلف ٿين ٿا، جتي رهڻي ڪهڻي، ٻولي، ريتن رسمن، مزاج ۽ روَين ۾ به فرق ملي ٿو. ٻهراڙي، ٻوليءَ جي نج پڻي جو مرڪز ٿئي ٿي، جڏهن ته موجوده دور ۾ شهري ماڻهو، ٻوليءَ جي بگاڙ جو سبب بڻيو آهي. جتي شهري طور طريقن ۽ ضرورتن مطابق، ڌارين ٻولين جا لفظ ڪتب آندا ويندا آهن، ماڻهو گهڻو ڪري، تعليم يا روزگار خاطر شهرن جو رخ ڪندا آهن. سندن ٻار مختلف انگريزي ميڊيم جي اسڪولن ۾ پڙهڻ جي ڪري، ماءُ ٻوليءَ کان ڌار ٿي وڃن ٿا، ٻوليءَ جي بگاڙ يا ميسارجي وڃڻ جو خطرو به شهرن ۾ وڌيڪ محسوس ڪيو وڃي ٿو، اڄ به ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ گفتگؤَ ۾ لوڪ ڏاهپ جا حوالا ملندا. اهي پهاڪا، پروليون ۽ آکاڻيون نسل درنسل منتقل ٿينديون آهن، سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي شاهوڪار ٻولين ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته جنهن زبان ۾ لوڪ ادب يا ڏاهپ جو وسيع ذخيرو موجود آهي ان کي دنيا ۾ مڃتا حاصل ٿئي ٿي، لوڪ ادب ۾ آکاڻيون، قصا، داستان، بيت، ڏٺ، ڏوهيڙا، پروليون، پهاڪا، چوڻيون ۽ ڳجهارتون وغيره شامل آهن. عام تاثر اهو آهي ته ماضيءَ ۾ ڌارين جي اوچتي حملي سبب ماڻهو گفتگو ۾ ڏٺ، پرولي يا ڳجهارت جو استعمال ڪندا هئا، جيڪي ذهني مشقن جو بهترين ذريعو سمجهيون وڃن ٿيون، جنهن جي ڪري گذريل دور جو ماڻهو ذهني طور تي وڌيڪ سجاڳ ۽ فعال هو، سندس ذهني صحت ۽ يادگيري اڄ جي ماڻهن کان سرس هئي، ان حسياتي تحرڪ سبب، ان دور جو ماڻهو ذهني بيمارين جهڙوڪ ڊمينشيا ۽ الزائمر کان محفوظ هو. سگهڙن جون ڪچهريون، ميلا ملاکڙا ۽ سماجي ميل ميلاپ جي ڪري ان وقت جا ماڻهو ذهني ۽ روحاني طور تي وڌيڪ پختا هئا، گڏجي ويهڻ ۽ حال اورڻ سبب ذهن جو ٻوجهه هلڪو ٿيندو هو ته ٻئي پاسي سندن سوچ کي نوان رخ ملندا هئا.
آڳاٽي وقت ۾ عام طور تي ٻهراڙين ۾ آڌر ڀاءُ وقت سگهاري ٻولي استعمال ٿيندي هئي، اهي آجيان جا لفظ يا کيڪارڻ جا طريقا مثبت ۽ روشن جملن سان سينگاريل هوندا هيا، جن مان خلوص، محبت ۽ پنهنجائپ جو واس پيو ايندو هو، جيئن ميزبان چوندو هو ته، ”ڀلي آئين، جيءُ آئين، ڏي احوال خوش باش، جوڙ متارا، مال متاءُ، پاڙو اوڙو، وهنوار وڙو ڪيئن پيو هلي“، مهمان جواب ڏيندو هو ته ”سائين مهرباني، قرب، لک ٿورا، رب جا ڪرم ٺيڪ ٺاڪ خوش باش آهيون، پاڙو اوڙو، زورو متارو، ڀال ڀلايون، ڌڻي جي حڪم سان سڀ سرهايون“ اها حقيقت آهي ته انهن اُتساهه ڀرين جملن جي ڏي وٺ سبب، ماڻهو تازو توانا ٿي ويندا هئا. اڄ به ٻهراڙين ۾ ساڳيون روايتون آهن، پر اڳيون اُتساهه ۽ اڪير اڻلڀ ٿي آهي. پر اُتي گفتگو ۽ موقعي مهل سان پهاڪا اڄ به استعمال ٿين ٿا، جيڪي اڃان تائين شهرن ۾ به رائج آهن، جيئن، ”ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان“، ”پرائي دهلين احمق نچي“، ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن“، ”جيڏا اٺ تيڏا لوڏا“، جنهن گهر ۾ داڻا، تنهنجا چريا به سياڻا“، ”دل کوٽي ته عذر گهڻا“ وغيره. اهي پهاڪا ٻوليءَ کي سونهن سان گڏ اثرائتو بڻائين ٿا.
ٻولي سماجي قدرن جو به تعين ڪري ٿي، جنهن ۾ ڪچهريون، اوڀاريون لهواريون، ڊاڙون، غشا پتا، قصا ڪهاڻيون، ڀوڳ چرچا وغيره اچي وڃن ٿا. ٻوليءَ جا منفي مثبت پاسا هر سماج ۾ مروج آهن پر بنيادي طور ٻوليءَ جو سماجي ڪارج تعميري ۽ جوڙيندڙ ٿئي ٿو، جن ۾ احساس ونڊڻ ۽ آکاڻيون شامل آهن، جيڪي خاص طور تي ٻار جي ذهني اوسر ۾ اهم ڪارڪردگي ڏيکارين ٿيون. لوڪ آکاڻيون سوچ سمجهه سان گڏ، حڪمت عملي جوڙڻ سيکارين ٿيون، ان موضوع تي مغربي مفڪر هن ريت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿي:
”ڪهاڻي ٻڌندڙ ۽ ٻڌائيندڙ جي وچ ۾ جيڪو تعلق جڙي ٿو ان طريقه ڪار کي Neural coupling عصبي جوڙ سڏيو وڃي ٿو. ڪهاڻيون ذهن جو ڪيميائي عمل تبديل ڪن ٿيون، همدردي، احساس ۽ انسانيت جهڙا گڻ پيدا ڪن ٿيون ۽ يادگيري مضبوط ٿئي ٿي. آکاڻي ٻڌڻ دوران ان احساساتي ڳانڍاپي سبب ذهن ۾ Oxytocin نامي رطوبت جڙي ٿي. جيڪا انسان ۾ محبت، احساس، همدردي، يقين ۽ سماجي لاڙا وڌائي ٿي، انساني ذهن، يڪسوئي جي ڪيفيت ۾ گهٽ رهڻ سبب هلندي ڦرندي ويهه هزار جي تعداد تائين ڏينهن ڏٺي جي خوابن ۾ مشغول رهي ٿو“ (2)
اهو سچ آهي ته ان تصوراتي طاقت وسيلي، انسان خوابن کي حقيقت جو روپ ڏئي ٿو، ساڳئي تصور جي پختگي، ناممڪن کي ممڪن ۾ بدلائي ٿي ڇڏي.
لوڪ ڪهاڻين جي اهميت ۽ افاديت تي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پنهنجي ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ ۾ لکي ٿو:
”ڪهاڻين ۾ وندر جو ڪافي سامان مهيا آهي، پر هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪونه ڪو اخلاقي نڪتو ضرور لڪل آهي، جو سڌيءَ طرح نروار نه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان اهڙو اخلاقي ڌڪ نه لڳي ها، تنهن ڪري تمثيل ذريعي پکين، جيتن ۽ جانورن کان اخلاقي نڪتو نروار ڪرايو اٿن ته جيئن زود اثر پذير ٿئي، ٻي مکيه ڳالهه اها آهي ته ڪهاڻين جا ڪردار گهڻو ڪري ديو، راڪاس، جن، ڀوت، جادوگر، پريون، ڌوتيون ۽ ڏائڻيون وغيره آهن، تنهنڪري مٿن غالب پوڻ لاءِ به پوري همت کپي، انهيءَ ڪري جيڪي سورما ڏيکاريا ويا آهن، سي گهڻو ڪري انسان آهن،“ (3)
انهن ڪهاڻين جو مثبت پاسو اهو آهي ته ٻڌندڙ يا پڙهندڙ پنهنجو عڪس انهن سورمن ۾ ڏسي ٿو ۽ هن ۾ اخلاقي مٿڀرائي جو ڳڻ پيدا ٿئي ٿو.
ٻوليءَ جو ثقافتي رخ: ٻولي ۽ ثقافت هڪٻئي کان ڌار نه آهن. ٻولي نظرانداز ٿيڻ سان، ثقافت به ويڳاڻي ٿي پوي ٿي، ثقافت جي رنگارنگيءَ ۾ ٻولي، صنعت، سائنس، فن، قانون، مذهب حڪمت ۽ اخلاقيات وغيره شامل آهن. ثقافتي زندگيءَ جو مڪمل خاڪو آهي، جنهن ۾ رهڻي ڪهڻي، رجحان ۽ رويا پڻ اچي وڃن ٿا. ثقافتي تبديلي ماحول جي حالتن ثقافتي لاڳاپن ۽ جدت جي بدلجندڙ معيار سبب اچي ٿي، ٻولي جي سمجهه ۽ ويجهڙائي ثقافت ۽ تهذيبي ورثي کي جياري ٿي. جيڪي ٻارن جي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا. انهن تي انگريزي ثقافت جو وڌيڪ اثر پوي ٿو، هنن جو لباس، موسيقي، ادب، کاڌا ۽ رهڻي ڪهڻي به مغربي اثر هيٺ رهي ٿي. اهوئي خطرو محسوس ڪري، دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ سرڪاري زبان، نصابي سرگرمين ۽ روزمره جي استعمال طور مادري زبان رائج آهي. انهن ملڪن ۾ چين، جپان، فرانس، جرمني ۽ مشرقي يورپ جا ڪيترا ملڪ اچي وڃن ٿا. هر سماج کي ذهني ۽ روحاني طور تي فعال فرد گهرجن، جيڪي موثر تنظيمي ڪم جو حصو بڻجي سگهن، پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کان پري ماڻهو، ذهني طور تي ڇڙ وڇڙ ٿئي ٿو. چين جو مثال سامهون آهي، جن قديم ورثي ۽ لوڪ ڏاهپ مان ڀرپور فائدو ورتو آهي، ڪنفيوشس ۽ ٻين فلسفين، هڪ مڪمل نظام حيات ڏنو جيڪو کين ذهني ۽ روحاني طور سگهارو بڻائي ٿو. سندن سماجي رابطا به فعال آهن، ٻڌ ازم، جين مت، تاو ازم، جا سونهري اصول اڄ به سري لنڪا، تبت، چين، جپان، نيپال ۽ ٿائي لينڊ ۾ نظر اچن ٿا. اهي قومون گهڻيون مذهبي نه آهن، پر سندن معاشرا اڄ به مذهبي راهنمائن جي ٻُڌايل رستن تي هلن ٿا. اهي قومون پاڻ ۾ مادري ٻوليءَ ۾ ڳالهائين ٿيون، جيئن سندن نئون نسل به ٻوليءَ جي ورثي جي اهميت کان آگاهه رهي، پر سنڌي زبان ۾ لوڪ ڏاهپ، ادب ۽ شاعريءَ جو ڀرپور حصو هوندي به اسان ان کان لاڀ حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. اڄ سچل، سامي، شاهه عنايت يا شاهه ڀٽائي اسان لاءِ ذهني جاڳرتا بدران محض عظمت جا اهڃاڻ آهن، سندن ڪلام مان اسان عملي طور تي ڪو وڏو فائدو نه ورتو آهي، جڏهن ته سندن ٻولي ۽ فڪر بهترين مثال آهن. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ان حوالي سان لکي ٿو:
”ٻولي جي تخليقي رخ سان ڪنهن واقعي يا شيءِ جي اندر يعني ڪل کي ڳولهي سگهجي ٿو، انهي ڪري ئي انساني شعور هر قدم تي ٻه صورتون اختيار ڪري ٿو، هڪ تدريجي ارتقا جي صورت، جيڪا ٽڪراءَ کي دريافت ڪري ٿي ۽ ٻي جاکوڙ جي صورت جيڪا شيءِ جي اصليت ۽ سڃاڻپ تي قادر رهي ٿي“ (4)
اها حقيقت آهي ته قديم لوڪ ادب يا صوفي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي، زندگي جو نج پڻو ۽ تت ڳولهي آڻي سامهون بيهاري ٿي، انڪري اها جديديت جي به ضرورت آهي، تخليقي ٻولي ان وقت سگهاري ٿيندي، جڏهن ماضيءَ ۾ سرجيل ادب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي، ماضي جيڪو فن ۽ فڪر کي مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو.
ساڳيءَ ريت گهڻ ثقافتي سماج هئڻ ڪري، سنڌ ۾ مختلف نسلي گروهن جا ماڻهو رهن ٿا، انهن جي ٻولي، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت مختلف آهي، صوبي جي نمائنده زبان سنڌي آهي ان ڪري اها زبان فقط سنڌي ماڻهن تائين محدود آهي. سنڌ ۾ اردو، پنجابي، بلوچي، پٺاڻ ۽ ٻيون زبانون ڳالهائيندڙ قومون به آباد آهن. جن جي اظهار جو ذريعو اردو زبان آهي، قومي زبان هئڻ سبب اها ملڪ گير طور رابطي جي زبان آهي، ان ڪري سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي به مختلف قوميت جي ماڻهن سان اردو ۾ ڳالهائين ٿا، مختلف ثقافتن جي ويجهو اچڻ سان لباس، رهڻي ڪهڻي ۽ رسم رواجن به واضح تبديلي آئي آهي، اهڙيءَ ريت ٻولي به متاثر ٿي آهي، جنهن ۾ اردو ۽ انگريزي جا لفظ شامل ٿيا آهن، گلوبلائيزيشن جي اثر هيٺ سنڌي زبان ۾ انگريزيءَ جو استعمال جدت ۽ طبقاتي مٿڀرائي جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو.
ٻوليءَ جو اقتصادي پس منظر: جن ٻولين جو اقتصادي پس منظر مضبوط آهي، اُهي دنيا تي حڪمراني ڪن ٿيون جن ۾ انگريزي زبان به شامل آهي، جيڪا وڻج واپار ۽ اعليٰ طبقي جي ترجماني ڪري ٿي. جيئن سنڌ ۾ سالن کان رهندڙ پنجابي صاف سنڌي ڳالهائين ٿا، جن جا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪاروبار آهن، 1932ع ڌاري سکر بئراج ۽ بعد ۾ 1956ع دوران ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ وقت ٻنيون ڌارين آبادگارن ۾ ورهايون ويون، جن جي اڪثريت سنڌي ڳالهائي ٿي، ڪاروباري لحاظ کان ان خطي جي زبان سکڻ فائديمند ثابت ٿئي ٿي، جيئن سي پيڪ کانپوءِ پوري ملڪ ۾ چائنيز ٻولي جي سکيا جا ادارا کُلي ويا آهن، ان کان علاوه چائنا مختلف شعبن لاءِ شاگردن کي اسڪالر شپ جا سٺا موقعا به ڏنا آهن، پر اسان سنڌي ٻولي جي حوالي سان ڪي به تعليمي پروگرام يا نوڪرين جا سٺا موقعا نه ڏنا آهن. جنهن جي ڪري شاگردن کي دلچسپي محسوس نه ٿي ٿئي، ٻوليءَ سان لاڳاپيل هڪ سٺو مستقبل، شاگردن کي اهو مضمون کڻڻ لاءِ اتساهي ٿو، جيئن تائيوان جي ڇوڪري پي لنگ هانگ جيڪا هارورڊ يونيورسٽي مان Ethnomusicology ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهي آهي، هوءَ تحقيق دوران سنڌ ۾ رهي، جيڪا ڀٽائيءَ جو راڳ ڳائي ۽ تنبورو پڻ وڄائي ٿي. شاهه جي سُرن، موسيقي ۽ پيغام ۾ کيس خاص دلچسپي آهي، ساڳيءَ ريت سنڌ ۾ به اسڪالر شپ جا پروگرام ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. سنڌ جو فن فڪر ۽ صوفي ورثو شروع کان ئي سگهارو هو، جنهن جي ڪري مختلف دورن ۾ هتي غير ملڪي سياح آيا آهن، جن ۾ انگريزن هتي اچي ٻولي ۽ تاريخ تي خاص ڪم ڪيو. سنڌ ايندڙ چيني سياح هيونسانگ مطابق ”هتي جي زمين اناج اپائڻ لاءِ ڀلي ڏاڍي ڀلي آهي، هتي ڪپهه، جوئر ۽ ٻاجهري تمام گهڻي ٿئي ٿي، هتي سون، چاندي ۽ ٽامون گهڻو آهي“ (5)
سنڌ ۾ آباديءَ جي اڪثريت زراعت سان وابسته رهي. ڌارين قومن هتي اچي ڪاروبار ڪيا، سنڌ ۽ هند جي واپار ۽ پيداوار کي عربن جي نگاهه ۾ جيڪا اهميت حاصل هئي، ان جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته حضرت عمر رضه هڪ عرب سياح کان پڇيو ته ”هندوستان بابت تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“ ان تي هن ٽن مختصر فقرن ۾ جواب ڏنو ”سندس درياهه موتي آهن، سندس پهاڙ ياقوت آهن ۽ سندس وڻ عطر آهن“ (6)
تمام گهڻن وسيلن هئڻ جي باوجود، سنڌ جو خِطو گهڻي ترقي نه ڪري سگهيو، جنهن جو مکيه سبب وڻج واپار ڏانهن ماڻهن جو گهٽ لاڙو هو. ڪاروباري ذهينيت جون مالڪ قومون جلد تڪڙي ترقي ڪن ٿيون، سنڌ جي آبهوا معتدل ۽ آرام پهچائيندڙ آهي، جنهن جي ڪري عام ماڻهو سُست ۽ آرامده ماحُول ۾ رهندڙ ٿئي ٿو، جاگيرداري نظام ماڻهن کي پاڻ ڀرائي ڏانهن مائل ٿيڻ نه ڏنو آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي سياسي، لساني، معاشي ۽ امن و امان جا مسئلا آهن، جن جي ڪري سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ جي راهه ۾ ڪيتريون رڪاوٽون درپيش رهيون آهن. ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ مقبوليت ۾ مضبوط اقتصادي پس منظر جو وڏو حصو رهيو آهي، ان کان علاوه ٻولي کي بچائڻ، ٻوليءَ جي اوسر، ٻولي جي اهميت مڃرائڻ وغيره اهڙا موضوع آهن، جن تي هر دور ۾ گهٽ ڪم ٿيو آهي.
ٻوليءَ جو نفسياتي ۽ روحاني پاسو: ماءُ ٻولي سکڻ ۽ ان زبان ۾ شروعاتي علم پرائڻ سان ٻار جي ذهني ۽ روحاني اوسر ٿئي ٿي، ڇو ته هُو جنهن زبان ۾ لولي ٻڌي ٿو اُها ٻولي هن جي روح ۾ جذب ٿي وڃي ٿي، ساڳيءَ ريت ٻار، ماءُ ٻوليءَ ۾ درسي ڪتابن جو بنيادي خيال جلد سمجهي ٿو، ڇو ته نجي اسڪولن ۾ پڙهندڙ اڪثر ٻار سيڪنڊري ۽ هائر سطح تي پهچڻ جي باوجود، انگريزي زبان تي مڪمل عبور حاصل نه ٿا ڪري سگهن، ٻار، اُها ٻولي تڪڙي سکي ٿو، جيڪا گهر ۽ ٻاهرين ماحول ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، ڪيترائي سنڌي خاندان گهر ۾ انڪري انگريزي ٻولي ڳالهائين ٿا جيئن ٻار جلدي اُها زبان مڪمل طور تي سکي سگهي. ان ڪري اڪثر ٻار ٻولي جي مونجهاري سبب تعليمي ميدان ۾ گهربل نتيجا حاصل نه ٿو ڪري سگهي. اقوم متحده پاران به ٻارن لاءِ ابتدائي تعليم مادري زبان ۾ ڏيڻ جي ترغيب ڏئي وئي آهي، ڇو ته دنيا جي ڪيترين قومن، پنهنجي ٻارن کي ثقافت ۽ ادب کان پري ٿيندي ڏٺو.
ماءُ ٻوليءَ سان ويجهڙائي سبب ٻار ۾ خوداعتمادي جو احساس اُسري ٿو. جذباتي ۽ سماجي طور تي پنهنجائپ ۽ پاڻ ڀرائي زندگيءَ جو اخلاقي معيار مقرر ڪرڻ سان بهتر بڻائي ٿي. ماڻهو زبانون ڪيتريون ڇونه سکي پر هو سوچي ۽ خواب پڻ ماءُ ٻولي ۾ ڏسي ٿو.
ٻار جي سکيا جو Nonverbal language (خاموشي جي زبان) جيڪا اشارن، تاثرن ۽ احساس جي ٻولي آهي، جنهن کي باڊي ليئنگويج به سڏيو وڃي ٿو. ٻار Reflexes (جسماني چرپر) وسيلي بک، ننڊ، خوشي يا خوف جو اظهار ڪري ٿو، ٻار جي روئڻ سان خبر پوي ٿي ته کيس بک لڳي آهي يا ننڊ ٿي اچيس. ٻار جي سکيا جو عمل ماءُ جي گرڀ ۾ شروع ٿي وڃي ٿو، جڏهن ماءُ ڏک يا خوف محسوس ڪري ٿي ته ٻار جي چرپر جو انداز بدلجيو وڃي.
ٻولي ۽ ڇهاءُ اهميت رکن ٿا. شروعاتي ٽن سالن ۾ ٻار جي شخصيت جڙي راس ٿئي ٿي. انهن ٽن سالن ۾ ٻار محبت، نفرت، يقين، بي يقيني، خود اعتمادي، منفي يا مثبت سوچ سکي ٿو. اهي ابتدائي تاثر، سڄي زندگي هن جي شخصيت تي ڇانيل رهن ٿا. ماءُ ٻوليءَ ۾ ماحولياتي ۽ احساساتي ڄاڻ هن جي شخصيت جو رخ متعين ڪري ٿي، آمريڪي ليکڪا ڊبليو. ايس.ٽرنر پنهنجي ڪتاب “Natural Education” ۾ لکي ٿي ”مون ائين ٿي سمجهيو ته جيڪڏهن ومي کي پينگهي ۾ صحيح ڳالهائيڻ سيکاريم ته سڄي عُمر صحيح ڳالهائيندي، تنهنڪري ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان سُٺي ۽ سُٺي ٻولي ساڻس ڳالهائيندي هيس، ائين ورهين تائين کيس ڪو گرامر ڪونه سيکاريم پر هوءَ ڳالهائڻ يا لکڻ ۾ ڪا چُڪ نه ڪندي هئي“. هر برٽ اسپينسر لکي ٿو ته سٺ ورهين جي عمر تائين هن گرامر اصل ڪونه ڏٺو هو، پر پوءِ به انگريزي ۾ ڪتاب اهڙا لکيا اٿس جو ڪو ورلي لکي (7)
ابتدائي ٽن سالن دوران ٻار کي ماءُ ٻوليءَ ۾ لوڪ ڪهاڻيون ٻڌايون وڃن ته انهن جو اثر به ٻار جي ذهني اوسر تي پوي ٿو. هڪ ئي وقت ۾ ٻار ٻه يا ٽي زبانون سکي سگهي ٿو پر اهو وقت هن لاءِ مونجهاري وارو ثابت ٿيندو.
انگريزي زبان جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته اها زبان سٺي مستقبل جي ضمانت ٿئي ٿي. جيڪڏهن انگريزي زبان جو تعلق مادي ترقي سان آهي ته ماءُ ٻوليءَ جو واسطو ٻار جي روحاني اوسر سان ٿئي ٿو.
ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ ماحول ۽ ڪتاب اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. فطري ماحول مشاهدي ۽ تجربي لاءِ ضروري آهي ته ڪتاب تصوراتي سگهه ۾ واڌارو ڪري ٿو. روزمره جي گفتگو وسيلي خيال ۽ تصور سکي سگهجن ٿا ته ٻئي طرف مطالعي سان لفظن جي ذخيري ۽ ڄاڻ ۾ وسعت اچي ٿي. ٻڌڻ جو سڌو سنئون واسطو گفتگو جي فن سان آهي، جنهن کي Productive listening ’لاڀائتي ٻڌڻي‘ چيو وڃي ٿو. هڪ سٺو ٻڌندڙ، سٺي گفتگو جو فن ڄاڻي ٿو. بلڪل ائين مطالعي ذريعي لکڻ جي صلاحيت کي فروغ ملي ٿو. هڪ لحاظ کان لاڀائتي ٻڌڻي ۽ وسيع مطالعو گفتگو جو ڏانءُ عطا ڪن ٿا. مثبت، موثر ۽ دل کي ڇهندڙ ٻولي روح جو عڪس ٿئي ٿي، جنهن لاءِ يوناني مفڪر لنجائي نس جو چوڻ آهي ته ”اُتم ٻولي، ذهني مهانتا جو ثمر ٿئي ٿي“ خوبصورت لفظن ۽ خيالن لاءِ محرڪ به اتساهيندڙ هجن.
حوالا
1. جوڻيجو، تنوير،”ملڪ جي سياسي صورتحال باعث سنڌ ۾ سماجي، ثقافتي تبديلي ۽ سنڌي ادب“2014ع، ڇاپو اول، پاڪيزه پرنٽرس، حيدرآباد ص 41،
2. “Why story telling works: The science” keefe Alyssa Galerius. Source: internet.
3. سنديلو عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ ڇاپو پهريون سال 2016ع، پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرز، ڪراچي.
4. سنديلو غلام نبي، ڊاڪٽر مضمون، ”سچل جي شاعري ۾ مذهبي علامتون، ”سرمست“، 16 – 1990ع، پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور.
5. ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر، ”سنڌ سياحن جي نظر ۾“ ڇاپو پهريون، روشني پبليڪيشنز 2001ع، روشني ڪمپوزر، ڪنڊيارو سنڌ.
6. مخدوم ، امير احمد (مترجم) ڪتاب چچ نامو، سنڌي ادبي بورڊ، 2004، ص 172
7. “Natural Education” W.S. Stoner سنڌي ۾ ترجمو، ”ماءُ ٻارن کي ڪئين سڌاري“ سنڌيڪار: شيوارام، نرسنگهه داس ڦيرواڻي، ڇاپو ٻيو، مارچ 2013ع، ٿرديپ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام مٺي، ضلعو ٿرپارڪر، سنڌ.