شاهه عبداللطيف ڀٽائي: هالا ڪنڊي ۽ اتي رهندڙ سندس همعصر مشاهير
(Shah Adul Latif Bhittai, Halakandi and his contemporaries of Halakandi)

محمد حبيب سنائي
Abstract:

Halakandi (Old Hala) is the ancestral abode of forefathers of Shah Abdul Latif Bhitai (1689-1752), where his great grandfather Syed Mir Ali Shah was born and raised. Also, various other renowned Sufi saints and scholars including Makhdoom Ahmed Bhatti (d. 1527), Makhdoom Arabi Dayano (d.1572), Makhdoom Sarwar Nooh (1506-1590) et al. were born and lived in this town. (Qani, 1989, 377-391)
According to Dr N.A. Baloch, “Shah Latif, at his own behest, started his meaningful peregrinations and meetings from the same habitats and location where he had already been in the past along with his father. One of these journeys, on the northern side of the historic town of Old Hala (Halakandi) was near to Kotri which was first abode of Syeds. It was centre of scholars and Sufi saints.” (Dr Baloch, 2010, p 60).
In this essay, an attempt is made to profile his three contemporaries: 1) Makhdoom Ibrahim Bhatti (1664-1700), renowned for writing religious treatise in Sindhi in verse, as was the tradition during that time, 2) Makhdoom Abdul Raoof Bhatti (1682-1752), who was famous for writing Malood (Songs for the Prophet PBUH) and 3. Maee Thoriyani, locally known as pious and saint lady.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ (1689-1752) جو هالاڪنڊيءَ سان تعلق ۽ اتي رهندڙ سندس ٻن نامور ۽ هڪ نامعلوم سهيوڳي مشاهيرن جو تذڪرو ڪرڻ کان اڳ مناسب رهندو ته هالاڪنڊيءَ جو مختصر تعارف پيش ڪجي.
هالاڪنڊي هڪ قديم علمي ۽ روحاني مرڪز:
حيدرآباد جي اتر-اولهه ۾ سٺ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قومي شاهراهه جي کاٻي پاسي هڪ شهر ورسيل آهي، جنهن کي هٿ جي هنرن واري شهر ”هالا“ طور ڄاتو وڃي ٿو. مقامي طرح ان جو مڪمل نالو هالا نوان آهي، جيڪو (25.8168 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ اتر ۽ 68.4234 ڊگريون ڊگهائي ڦاڪ اوڀر) تي واقع آهي. هن شهر جي ڏکڻ-اولهه ۾ ٻن اڍائي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي، سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري هڪ ٻي وستي آباد آهي، جنهن کي هالا پراڻا (25.7932 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ اتر ۽ 68.3891 ڊگريون ڊگهائي ڦاڪ اوڀر) سڏيو وڃي ٿو.
هالا پراڻا، ماضيءَ جي هڪ قديم تاريخي ۽ نامي گرامي شهر هالا ڪنڊيءَ جو هڪ تسلسل يا نئون روپ آهي. هالاڪنڊي شهر جي جاءِ وقوع موجوده هالاپراڻا جي ڏکڻ اولهه ۾ چند ميل پرتي ٻڌائي وڃي ٿي، جتي هاڻي سنڌو درياهه وهي ٿو.
هالا ڪنڊيءَ جي قدامت جي حوالي سان نامور مؤرخ رحميداد مولائي شيدائيءَ لکيو آهي ته ”سنڌڙي سونهاريءَ جي جھونن شهرن مان موهن جي دڙي کان پوءِ ٻيون نمبر جھونو شهر هالا يا هالا ڪنڊي آهي. هي شهر مهاڀارت جي زماني ۾ وجود ۾ آيو. جڏهن سنڌ جي ٻن قومن جاٽن ۽ ميدن پاڻ ۾ صلح ڪري هستناپور جي حڪومت کي منظور ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جو وچولو حصو نهايت سرسبز ۽ شاداب هو. برهمڻ آباد، پٽالا، نيزون ڪافري، منصوره، بانيه، ٿري، اگھاماڻو، احمد آباد، شاهپور، جوڻ، فتح باغ، نصرپور، خدا آباد ، هالا ڪنڊي، خدا آباد اهي تختگاهه شهر وچولي پرڳڻي ۾ هئا. هالا ڪنڊي ۽ هالا (هالار) هندستان جي راجا هال جا يادگار آهن.“ (سنائي، 2009، ص37)
شيدائي صاحب کان پوءِ هالا ڪنڊي جي قدامت جو قائل هڪ ٻيو مورخ ۽ ليکڪ منور ارباب هالو آهي. ان صاحب پنهنجي اڻڇپيل ڪتاب Halakandi and Halas in Historical Perspective ۾، جنهن جا ڪجهه صفحا گوگل بڪس جي ويب سائيٽ تي رکيل آهن، هالن جي ابتدا واري باب ۾ هالا ڪنڊيءَ جي امڪاني قدامت تي مختلف رايا پيش ڪيا آهن.
سندس هڪڙو خيال اهو آهي ته ممڪن آهي ته حضرت عيسى عليه السلام جي زماني ۾ به هالا ڪنڊي جو وجود هجي، جتي بادشاهه هال جا ماڻهو رهندا هجن ۽ پاڻ کي هال، هالار يا هالا سڏائين هجن. (هالو، 2014ع، ص 15). ”اڳتي لکيل آهي ته 69 عيسوي ۾ هال نالي سان هڪ حاڪم آندرا ونش ۾ هو. چيو وڃي ٿو ته کيس مرڪزي سنڌ جو علائقو پسند هو، تنهن ڪري هن اتي هالا ڪنڊي ٺهرايو. سندس پونيرن واري سلطنت کي هالار سڏيو ويو، جنهن ۾ بنگال، ڪرناٽڪا (جتي اڃان توڻي هالا ڪنڊي نالي سان وستي آهي)، ڪشمير، گجرات ۽ سنڌ شامل هئا“. (هالو 2014، ص 38) هالي صاحب جو اندازو آهي ته شايد هال جي ماڻهن سنڌو درياهه جي ڪنڌي تي اهو شهر وسايو هجي، جنهن کي هالا ڪنڊي سڏيو ويو ۽ انهن ماڻهن پاڻ کي يا ٻين پاران کين هالا چوڻ شروع ڪيو هجي. (هالو، 2014، ص 38)
سندس ٻيو خيال اهو آهي ته ”جڏهن محمد بن قاسم هتي آيو ته ان زماني ۾ هالا قبيلي جي هڪ نک جات يا جت سان لاڳاپيل حڪمران چندررام سوستان يا سيستان (هاڻوڪي سيوهڻ) جو حاڪم هو. سندس رياست کي هالا ڪنڊي سڏيو ٿي ويو، جيڪا هن محمد بن قاسم هٿان وڃائي ڇڏي. ان بعد هو ڪجهه عرصو رلندو رهيو. وري هو سيوهڻ تي حملا آور ٿيو ۽ ان تي قبضو ڪيائين. جڏهن محمد بن قاسم کي خبر پئي ته هن ٻه هزار پيادا ۽ هزار سوار فوجي اماڻيا. هن دليري سان مقابلو ڪيو پر مارجي ويو“. (هالو، 2016، ص 15)
سندس ٽيون خيال اهو آهي ته ”هالا ڪنڊي جو وجود ڇهين صدي هجري يعني1203ع ڌاري هو“. (هالو، 2014، ص 42)
بهرحال سومرن جي دور ۾ هن وستي يا علائقي جي وجود ۾ هئڻ جا اڻ سڌا حوالا تاريخي ڪتابن ۾ ملن ٿا. مثال طور سنڌ جو نامور مورخ ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب Chronological Dictionary of Sindh ۾ سومرن واري باب ۾ لکيو آهي ته جڏهن سال 1092ع بمطابق 485 هجري ۾ دودو پهريون گذاري ويو ته هن جي ڀيڻ تاري پنهنجي صغير ڀاءُ سنگهار جي جاءِ تي حڪمران ٿي. هن ٻارهن سالن کان پوءِ 491 هجري يعني 1097ع ۾ اقتدار پنهنجي ڀاءُ سنگهار جي حوالي ڪيو. هي پڻ پنهنجي والد وانگيان بهادر حاڪم هو. هن پنهنجي حڪومت جو دائرو تاريخي معصومي موجب هالا ڪنڊيءَ تائين وڌايو. (پنهور، 1983، ص 229 ۽ 230)
ياد رهي ته سنگهار جي حڪمراني جو دور 1098ع کان 1106/07ع تائين رهيو. تنهڪري اسان اهو سمجهون ٿا ته ان دور ۾ به هالا ڪنڊيءَ جو وجود هو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب ”هڪ روايت تحت اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنگهار نالي هڪ سما سردار هالا ڪنڊيءَ کان وٺي ڏکڻ ۾ ڪڇ تائين پنهنجي حڪمرانيءَ جو دائرو وڌايو. اگر اها روايت درست آهي ته پوءِ هالا ڪنڊي، ٺٽي جي سما ڄامن جي اقتدار ۾ اچڻ (750 هجري) کان به اڳ اٺين صدي عيسويءَ ۾ مکيه وستي هئي. سنگهار يقينن انهن کان اڳ جو هو، ڇو ته هو ٺٽي جي ڄامن مان نه هو.“ (بلوچ، 2012، ص 245)
ٻئي پاسي، پنهور صاحب پنهنجي ٻئي ڪتاب An Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh ۾ جيڪي نقشا ڏنا آهن، انهن ۾ هو چوڏهين صدي جي شهرن ۾ هالا ڪنڊي جو ذڪر نٿو ڪري. البت باب 22 بعنوان Religion and Mysticism during Soomra Rule ۾ هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته اوليائن جو هڪ وڏو تعداد اندرون سنڌ جي مکيه جاين جهڙوڪ بوبڪ، نورائي، بڪيرا، نوتيار ۽ هالا ۾ موڪليو ۽ ورسايو ويو. (پنهور، 2003، ص187)
ان ساڳئي باب ۾ قديم وقت کان وٺي سنڌ اندر مکيه برادرين جي عام مذهبي مرڪزن واري فهرست ۾ هالا ڪنڊي جو اندراج 63 نمبر تي آهي. ان فهرست ۾ ڏنل اندراج موجب هن مرڪز ۾ نه صرف مسلمان اوليائن جا مقبرا آهن، پر ساڳئي وقت اهو تجارتي مرڪز به آهي. (پنهور، 2003، ص 194)
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ (صفحو 77) ۾ سمن جي دور ۾ جيڪي اهم علمي ۽ تعليمي مرڪز ڄاڻايا آهن، تن ۾ هالا ڪنڊي کي به شامل ڪيو آهي.
منهنجي ذاتي خيال ۾ هن واهڻ يا وستيءَ جو وجود ڪافي عرصو اڳ کان هو، پر هن کي ناموري سمن جي دور ۾ حاصل ٿي، ڇو ته تاريخي ڪتابن ۾ سمن جي دور (1522ع - 1351ع) کان هن شهر جو ڪافي ذڪر ملي ٿو. هن جو اوج ارغون، ترخان ۽ مغل دور ۾ ٿيو. ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ هي شهر درياهه جي حوالي ٿي ويو.
مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام جو هڪ باب (سورهون) هالاڪنڊي پرڳڻي جا ڳوٺ ۽ اتي جا بزرگ جي نالي سان تحرير ڪيو آهي.
(قانع، 1989، ص 377-391)
انهيءَ علمي ۽ تاريخي وستيءَ ۾ متعلوي ساداتن جو جد امجد سيد علي سنڌي، مخدوم عربي ڌيانو (وصال 980هجري)، مخدوم نوح، مخدوم احمد ڀٽي ۽ مخدوم محمد ڀٽي، شاهه عبداللطيف حسني، احسان فقير وغيره جهڙا مشاهير پيدا ٿيا، رهيا ۽ مدفون ٿيا.

شاهه لطيف ۽ هالاڪنڊي:
هالاڪنڊي، شاهه لطيف جي وڏڙن جو سنڌ اندر ابتدائي مسڪن رهيو آهي. شاهه لطيف جو جد امجد سيد حيدر هراتي جڏهن سنڌ ۾ وارد ٿيو ته اهو اچي هالاڪنڊي ۾ رهائش پذير ٿيو. هتي هن هالا برادري مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ سيد مير علي شاهه پيدا ٿيو، جنهن جو اولاد ئي متعلوي سادات طور سڃاتو وڃي ٿو. (سانگي، 1986، ص 15-17، مرزا قليچ، 1987، ص ص 10-12، گربخشاڻي، 2005، ص 13-14، ڊاڪٽر دائودپوٽو، 1977، ص 14-17 ۽ ڊاڪٽر بلوچ، 2000، ص 7-8)
شاهه صاحب جي ڪجهه پارکُن شاهه صاحب جي والده جو تعلق هالاڪنڊي جي نامور عالم ۽ بزرگ مخدوم عربي (وصال 1572ع) جي خاندان سان ڳنڍي، شاهه صاحب جو هڪ ٻيو سٻنڌ هالاڪنڊي سان جوڙيو. مرزا قليچ بيگ موجب شاهه جي والده مخدوم عربي ڌياني جي خاندان مان هئي. (قليچ، 1987، ص 13)
سانگي صاحب جي خيال ۾ سندس والده مخدوم عربي ڌيانه جي اولاد مان هئي. (سانگي، 1986، ص 55)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ موجب اها شاهه ڌياني جي نياڻي هئي. (گربخشاڻي، 2005، ص 15)
بهرحال ڊاڪٽر بلوچ انهي تعلق کي رد ڪري ٿو. هن جي خيال ۾ شاهه حبيب، سوئي قندر جي ڏيرن فقيرن مان شادي ڪئي، جيڪي پنهنجي وقت جا درويش هئا ۽ قندر فقير ڏيري جي پوين مان هئا. (ڊاڪٽر بلوچ 2000، ص 47)
جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو ته هالاڪنڊي سمن جي دور کان وٺي علمي ۽ روحاني مرڪز هو ۽ شاهه صاحب جي پاڙي ۾ هو. تنهن ڪري شاهه صاحب هتي ڪافي ڀيرا آيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي لفظن ۾ شاهه صاحب پنهنجي روحاني باليدگي لاءِ جن ماڳن ۽ مڪانن جا سير سفر ڪيا، تن ۾ پراڻا هالا جو قديم شهر به شامل آهي، جيڪو هن جي لکت موجب ڀٽ شاهه جي اتر پاسي ڪوٽڙي جي ڀر ۾ هو. ڀٽائي صاحب جي زماني ۾ اهو عالمن ۽ اوليائن جو مکيه مرڪز هو. (ڊاڪٽر بلوچ، 2010، ص 60)
شاهه صاحب جي زندگي ۽ احوال تي جيڪي اوائلي ڪتاب آهن، تن مان هڪ ڪتاب لطائف لطيفي آهي، جنهن کي مير عبدالحسين سانگي صاحب فارسي ۾ لکيو. انهيءَ ڪتاب جو ترجمو عبدالرسول قادري بلوچ ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ آيل ڪافي حڪايتن جو راوي، هالاپراڻا سان تعلق رکندڙ آخوند احمد ولد عبدالعليم ملان سانوڻي آهي. جيڪو سندس استاد هو.
سانگي صاحب ڪوٽڙي واري ڳوٺ کي هالاڪنڊي جي ويجھو ڄاڻائي ٿو، جتي مغل رهندڙ هئا ۽ جتان ڀٽائي صاحب شادي ڪئي. (سانگي، 1986، ص 38) هونئن به ڀٽ شاهه ۽ ڀرپاسي وارا علائقا هالاڪنڊي پرڳڻي جو حصو هئا. (قانع، 1989، ص )
سانگي صاحب هالاڪنڊيءَ جي ڪجهه عالمن ۽ بزرگن شاهه صاحب جي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي هڪ هڪڙي روايت اها لکي آهي ته ”چون ٿا ته پراڻن هالن ۾ هڪ زاهد ظاهري علم سان سينگاريل هو، مگر مفلس ۽ نادار هو، نه شام جو سامان موجود نه صبح جو. رزق جي ڪشادگي واسطي اولياء صاحب جي خدمت ۾ دعا لاءِ آيو. اولياءَ صاحب حجري ۾ هئا. پاڻ ٻاهر آيا. زاهد کان پڇيائون، مون ٻڌو آهي ته حضور جن جون چاليهه حديثون ياد ڪرڻ ضروري آهن. ان ڪري مون چار ياد ڪيون آهن. جيڪڏهن غلط هجن ته اصلاح ڪريو. زاهد ٻڌڻ لاءِ انتظار ڪرڻ لڳو. حضرت اولياءَ صاحب هڪ حديث بيان فرمائي. زاهد ان جي معنيٰ ۽ مطلب ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ دنيا جي مال گهرڻ جي خواهش جو ارادو ڇڏي ڏنائين. اولياء صاحب جي اڪسير جهڙي محبت تي اڪتفا ڪيائين.“ (سانگي، 1986، ص 123)
هڪ ٻي روايت موجب ”هڪ بزرگ ڀٽي قوم جو، ظاهري علم سان سينگاريل پراڻن هالن جو رهاڪو، سهروردي طريقي جو معتقد هو. هر سومر جو بلاناغي سوئي ڪندر جي اولياءَ جي زيارت تي ويندو هو. جو اتي شاهه لطيف جي ٻن ڀائرن جون قبرون آهن. ٻنهي جا نالا اولياءِ صاحب جا همنام هئا. ان واٽ تي لطيفي حجرو هو، جو اڃا تائين ڀٽ جي دامن ۾ اتر طرف ٺهيل آهي. اهو ڀٽي عالم ان گس کان لنگهندو هو، ان کي سندس شاگردن چيو ته هتي اولياءَ صاحب آهي، جو ڪمال جو صاحب آهي، سندس خيالي عنقا هڪ پرواز سان عالم مثال کان راز بي نياز جي ڪنگري تي پهچي ٿو. ان ڪري جڳائي ته ان جي خدمت ۾ هلي قدمبوسي جو شرف حاصل ڪجي. جڏهن ته اهو عالم غرور وارو ۽ معرفت کان دور هو. چيائين ته اڃا اها معنيٰ مون تي نه کلي آهي ته هي سيد حقيقي محبت ٿو رکي يا دنياوي سينگار جو طالبو آهي. ائين چئي سوئي ڪندر روانو ٿيو.
”انهن (استاد ۽ شاگردن) جي اها گفتگو اولياء صاحب کي معلوم ٿي ۽ پاڻ ڪن ماڻهن کي موڪليائون ته جڏهن اهو عالم واپس ٿئي ته مونکي خبر ڏين. انهن ماڻهن ائين ڪيو. جڏهن اولياء صاحب ان جي اچڻ جي خبر ٻڌي ته گس تي اچي بيٺا. جڏهن اهو بزرگ ويجهو آيو، تڏهن شاگردن اوليا صاحب کي ڏسي ان عالم کي ٻڌايو. ڀٽي بزرگ گهوڙي تان لهي قدمبوسي جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳو ۽ اولياء صاحب انهن ڏانهن اڳتي وڌيا ۽ ان کي فرمايائون ته جيڪا وک توڏانهن ٿو وڌايان، اها وک وڏي ثواب ۾ ڳڻجي ٿي ۽ تون جيڪو به قدم مون ڏانهن وڌائين ٿو اهو ڪفر جو سبب ٿئي ٿو. ان کان پوءِ ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کي مليا ۽ حجري ۾ ڪچهري ڪيائون. ڀٽي بزرگ عرض ڪيو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اوهان ڏانهن منهنجي وک کڻڻ گناه ۾ شامل پي ٿي ۽ اوهان جي هرقدم تي ثواب پي مليو. هن مشڪل سوال جو حل کولي ٻڌايو.
”اولياء صاحب فرمايو ته اوهان مون کي خوف ۽ اميد جي وچ تي تصور ڪري چيو ته خبر ڪانهي ته هي سيد حقيقي عاشق آهي يا مجازي؟ جڏهن توهان هتان سوئي ڪندر ويا ۽ وري جلدي واپس آيا ته هن ٿوڙي وقت ۾ اوهان تي اهو مسئلو نه کليو هوندو ته منهنجو احوال ڪهڙو آهي. ان ڪري مونڏانهن اچڻ جو اهو سلوڪ خوشامد ليکبو ۽ مون اوهان کي عالم سمجهي وک وڌائي _ ڀٽي بزرگ سر جهڪائي فڪر ۾ پئجي ويو ۽ هي مصرعه زبان تي آندائين:
مقصود من آن ست که مقصود تو باشد
”مطلب ته منهنجو مقصد به اهوئي آهي، جيڪو تنهنجو مقصود آهي. ان کانپوءِ اهو ڀٽي بزرگ اولياءِ صاحب جي معتقدن جي سنگت ۾ داخل ٿي ويو.“ (سانگي، 1986، ص 132 ۽ 133)
هڪ اڻڇپيل ۽ اڻ پوري ڪتاب بعنوان تاريخ قديم هالا (ص 143) ۾ سيد جلال شاهه جي ذڪر ۾ اها روايت به ڏني ويئي آهي ته هي صاحب شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو وڏو ڀاءُ هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس مزار وٽ اچي ويهندو هو ۽ سماع جو اهتمام ڪندو هو. بهرحال اها روايت وڌيڪ تحقيق جي متقاضي آهي.



هالاڪنڊيءَ ۾ رهندڙ شاهه صاحب جا همعصر مشاهير

مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي (1700ع - 1644ع)ۡ:
هيءُ صاحب مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (عاصيءَ) جو پيئتو ڀاءُ هو. هيءُ بزرگ صاحبِ شريعت ۽ ڪامل بزرگ هوندو هو.
محمد صديق ميمڻ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هن جي حوالي سان اهو لکيو ويو آهي ته ”ان زماني ۾ مذهبي مسئلا عربي ۽ پارسيءَ ۾ ئي هوندا هئا. سنڌيءَ ٻولي ۾ ڪرڻ جو چاهه ۽ ذوق سنڌي عالمن ۾ گهڻي قدر هو. مخدوم محمد ابراهيم به پراڻي سنڌي نظم ۾ هڪڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”محمد ابراهيم جي سنڌي“. مخدوم پنهنجي سنڌي ۾ فقط اهي ٽي سو پنجاه ضروري مسئلا لکيا آهن، جن جو ڄاڻڻ هر مسلمان لاءِ ضروري امر آهي.
”مخدوم محمد ابراهيم جي سنڌيءَ ۾ به سندس همعصر علمائن وانگر انهن جي تصنيفات وارو ڏوهيڙو ڪم آندل آهي. هن جي ڏوهيڙن جي ترتيب اهڙي رکيل آهي، جهڙي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ”زاد الفقير“ ڪتاب ۾. ڪي ڏوهيڙا ٻن مصرعن وارا ته ڪي ٽن، چئن وارا يا ان کان وڌيڪ مصراعن وارا آهن.“ (ميمڻ، 2014، ص 140)
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشوري جي لائبرريءَ ۾ پيل هڪ ڪتابچو، جنهن جا ابتدائي صفحا غائب هئا ۽ هٿ سان ان جو نالو ”هالا جا شاعر“ لکيل هو، ان جي صفحي 5 تي مخدوم ابراهيم ڀٽي جي سنڌي مان هيٺيون ٽڪرو ڏنل هو، جيڪو هتي درج ڪجي ٿو.

مفسد نماز جا ستاسي سکيج
ڀڃن جي نماز کي، سي پڻ هئين ۾ رکيج

هاڻي ٻجھه ٻٽيهه قول پهريان جي ڪن نماز تباهه
ڪلام ڪ سلام ڪ جواب جو ڪ اف ڪ آهه!
ڪ ”هيءِ“ حمده نه چئي پڄاڻا سمع الله

ڪ صبح جي نماز ۾ سج ڪنهين اڀريو
ڪ جمع جي نماز ۾ وقت وچين جو پيو
ڪ جت جمع جماعتي ٽي ڄڻا نت وضو ڪنهن ويو
جيسين پهرين رڪعت جو ڏنائون نه سجدو
ته ڀڳي نماز سڀني، شرط جو ساعت جو ويو.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌيون“ ۾ هن صاحب جي سنڌيءَ جي ان زماني جي ٻين سنڌي لکندڙن سان ڀيٽ ڪندي لکيو آهي ته هن جي سنڌي ۾”وزن جا ڏڌ، غير واضح ۽ مبهم سمجهاڻيون آهن.“ (جوڻيجو، 1970، ص 31)
مخدوم محمد صالح ڀٽي جي هٿ اکري شجري واري ڪتاب ۾ هن صاحب جي ولادت جي تاريخ 21 جمادي الاول 1054 هجري يعني 26 جولاءِ 1644ع، ۽ وفات جي تاريخ 15 رجب المرجب 1112هجري يعني 26 ڊسمبر، 1700ع لکي آهي.
مخدوم محمد ابراهيم جي سنڌيءَ وارو ڪتاب هن جي پونيرن وٽ ته نه آهي ۽ خبر نه آهي اهو خطي صورت ۾ ڪٿي آهي به يا نه. هن جي حوالي سان وڌيڪ احوال نه پيو ملي.
مخدوم عبدالرئوف بن محمد عمر ڀٽي (1682-1752):
مولودن جي صنف جو مؤجد سمجهيو ويندڙ جناب مخدوم عبدالرئوف عاصي ڀٽي صاحب هالا ڪنڊي (هالا پراڻا) ۾ سال 1682ع ۾ پيدا ٿيو. ياد رهي ته سندس خاندان سما دور کان بزرگ ۽ عالم پيدا ڪيا آهن.
مولانا دين محمد وفائي صاحب هن جي حوالي سان لکي ٿو ته ”هي سهروردي طريقي جو فقير، سنڌي شاعر ۽ عالم درويش هو. سموري زندگي فقط عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريائين ۽ پنهنجي وقت جي مشائخن ۾ وڏي عزت وارو هو. هن جون ڪرامتون شمار قطار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙو، سندس معتقد ۽ خدمتگذار هو. جنهن ڪري مخدوم صاحب جي اخراجات جو سمورو بار ميان صاحب تي هوندو هو.
”ميان عبدالرئوف جي کيتي تان ڍل نه وٺڻ جي باري ۾ هڪ خط ميان نور محمد (شاهه قلي) جي مهر سان اڄ تائين سندس خاندان ۾ موجود آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته ميان صاحب مخدوم صاحب سان تمام رعايت سان پيش ايندو هو. (وفائي، 1985، ڀ ٻ، ص 232)
مير علي شير قانع به اهو لکيو آهي ته ميان نورمحمد ڪلهوڙو، هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو، ۽ سندس اکر اکر جي تابعداريءَ واسطي دل و جان سان تيار رهندو هو. (قانع، 1989، ص 379).
شاهه صاحب کي زهر ڏيڻ وارو قصو:
مير عبدالحسين سانگيءَ (1851-1924) پنهنجي ڪتاب لطائف لطيفي ۾ حڪايت 26 ۾ پنهنجي اسي سالا استاد آخوند احمد، جيڪو هالا پراڻا جو رهواسي هو، کان ٻڌل روايت لکي آهي: ”ته پراڻن هالن جي ڀٽي قوم جا بزرگ ظاهري علم ۽ فضل سان سينگاريل هئا. حضرت اولياءَ صاحب (ڀٽائي) سان بدسلوڪي ٿي رکيائون ۽ هالن واري مخدوم جا موافق هئا. ... مخدوم مير پير پنج پڳيه جي صلاح سان مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هڪ عبا (پهراڻ) حضرت اولياء صاحبن ڏانهن سوکڙي طور موڪليو، جيڪو زهر آلود هو.“ (سانگي، 1986،ص 98)
ڊاڪٽر بلوچ انهيءَ روايت کي ضعيف ۽ غير معتبر قرار ڏيندي انهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾ لکيو ته ”مخدوم عبدالرئوف ڀٽي عاشق رسول ﷺ هو ۽ سندس جيڪو ڪلام جو ذخيرو اسان جي آڏو آهي، ان مان به ظاهر ٿئي ٿو ته هو ديني محبت جي جذبي سان اهڙو سرشار هو، جو ان کان هي ڪڌو ڪم ۽ اهڙي قسم جي عداوت رکڻ تصور ۾ به نٿي اچي.“ (سانگي، 1986، ص 5)
سانگي صاحب انهي ڪتاب ۾ حڪايت 11 جي نڪتي 10 ۾ انهيءَ ساڳئي قصي کي وري هن ريت لکيو آهي ته ”ڀٽي قوم جا بزرگ عالم هئا. مخدوم نوح جي گادي نشين جا متعقد هئا... اهو به چون ٿا ته ميان نورمحمد ڪلهوڙي سنڌ جي حاڪم جي اشاري تي به هلندا هئا. انهن اولياء حضرت کي زهر ڏنو. ان زهر جي اثر ڪري، اوليا صاحب کي زخم ٿي پيو ته ان تي ساٿر دوا طور استعمال ڪندا هئا ۽ ان کي ساٿر جي ناس به ڏيندا هئا.“ (سانگي، 1986، ص 50)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنهنجي هڪ مضمون بعنوان ”هالا جا مخدوم ۽ شاهه ڀٽائي“ ۾ سانگي، مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪتابن ۾ آندل مخدوم ۽ شاهه ڀٽائي مخالفت واري نڪتي تي لکندي ضمنن اهو لکيو آهي ته مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ اهو واقعو نه لکيو آهي، جڏهن ته هن اهو ڪتاب ڀٽائي صاحب جي وفات کان سورهن سالن بعد لکيو آهي ۽ هو ڀٽائي صاحب جو عقيدتمند به هو. (سنائي، 2009، 53)
مولودن جو نامور شاعر:
اسان وٽ عام طور تي اهو لکيو يا چيو ويندو آهي ته مولودن جي صنف جو موجد مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هو. پر ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ترتيب ڏنل مولودن واري ڪتاب جي مقدمي ۾ مخدوم عبدالرئوف جي حوالي سان لکي ٿو ته ”اڄ تائين عام طور ائين ڀانيو ويو آهي ته مخدوم عبدالرئوف ڀٽي مولودن جو مؤجد آهي، يا پهريون شاعر آهي، جنهن مولود چيا، جنهن جا مولود اسان کي ملن ٿا. اهو گمان صحيح نه آهي؛ تاريخي طور مولود تڏهن کان رائج ٿيا، جڏهن کان وايون يا ڪافيون رائج ٿيون، ۽ هڪ الڳ حيثيت ۾ پڻ مولود پنهنجي خاص مفهوم، الحان ۽ لئي سان يارهين صديءَ جي آخر ۾ رائج هئا.
”مخدوم عبدالرئوف ڀٽي پهريون شاعر هو، جنهن فقط مولود ئي مولود چيا. ظاهر آهي ته انهي وقت مولود ايترو ته عام مقبول هئا، جو بزرگ عبدالرئوف مولودن کي پنهنجو مخصوص موضوع بنايو. سندس انهي سموري توجهه جو سبب ٿيا. مخدوم عبدالرئوف پهريون آڳاٽو سنڌي شاعر آهي، جنهن گهڻي ۾ گهڻا مولود چيا. ٻن سون سالن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ کان بعد، هن وقت پڻ سندس چيل مولود ايترو ته عام رائج ۽ مشهور آهن، جو سڄا سارا اسي هٿ ٿي سگهيا، جي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.“ (بلوچ، 1961، ص 5-6)
ڊاڪٽر بلوچ هن جي مولودن تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته هو پهريون شاعر هو، جنهن مولودن جي عنوانن کي وسيع ڪيو. معنوي لحاظ سان، نبي ﷺ جي ولادت ۽ انسانذات جي سربلنديءَ لاءِ سندس پيغام مولود جو اصلي ۽ اصولي عنوان هو...... ان کان سواءِ نبي ﷺ جي خالص ساراهه ۽ ثنا، سندن لاءِ دلي محبت ۽ سچي سڪ، کانئن مهر ۽ شفاعت جي طلب ۽ اميد، سندن چئن يارن ۽ پنجنتن جي سڪ ۽ ساراه، نبي ﷺ جي مڙني محبن ۽ مشتاقن جي تعريف، مديني پهچي زيارت ڪرڻ جي دلي تمنا، حاجين جي حج وڃڻ جو ذڪر، نبي ﷺ جو ساٿ سان موٽڻ ۽ بيبي خديجه جو سڪ سان واجھائڻ، نبي ﷺ جي شادي، سندن هجرت ۽ سندن معراج، سندن وفات کي مولودن جي موضوع بنايو ويو. عنوانن جي انهيءَ انوکائي ۽ گهڻائي سببان، مولودن جي موضوع جو مرڪز سو نبي ﷺ جي ذات رهي، باقي ان جو دائرو ايترو ته وسيع ٿي ويو جو ان ۾ ڪيئين عنوان سمائجي ويا. نبي صعلم جي ذات کان ٻاهر، مخدوم عبدالرئوف ڌڻي تعاليٰ جي مناجات کي پڻ وائيءَ واري سانچي ۾ سموهيو ۽ سندس اهڙي هڪ وائي هن ڪتاب ۾ شامل آهي(ص 19، نمبر 41)“ (بلوچ، 1961، ص 7)
مقامي عالم ۽ مخدوم عبدالرئوف جي پونير مخدوم محمد صالح ڀٽي به هن صاحب جا مولود جمع ڪري انهن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ محمد صديق مسافر حوالي ڪيا. اهو مولودن جو مجموعو سندس وفات کان پوءِ هن جي پٽن مخدوم اشرف ۽ مخدوم محمد امين سال 1960ع ڌاري شايع ڪيو هو.
انهن صاحبن پنهنجي پيش لفظن ۾ لکيو آهي ته مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ مولود شريف ڪٺي ڪرڻ جو سعيو 1925 کان وٺي ڪيو. نه صرف ڪتابن مان، پر پوري سنڌ جي مولودين خاص هالا پراڻا جي درويش صفت مولودين حافظ حاجي محمد صالح ۽ نيڀائو فقير کان پڻ ڪيترو ڪلام هٿ لڳو. کين ساڍا ڇهه سو مولود وغيره مليا، جن کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم محمد صديق مسافر کي ڏنو ويو، جنهن 1937ع ۾ ان کي ڇنڊي ڇاڻي اهو ڪتاب ترتيب ڏنو. (ڀٽي، 1960، ص 2)
انهي ڪتاب جي تمهيد ۾ محمد صديق مسافر لکيو آهي ته صافي اڍائي سو کن مولود انهي ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. (ساڳيو، ص ب ۽ ت)
اهو ڪتاب ڇهن فصلن ۾ ورهايل آهي:
• فصل پهريون هڪ ٽپا مولود
• فصل ٻيو ڏيڍ ٽپا مولود
• فصل ٽيون ٻه ٽپا مولود
• فصل چوٿون موزون ڪلام
• فصل پنجون مداحون
• فصل ڇهون ڪافيون ۽ ڏوهيڙا
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ جي شاعري جي حوالي سان لکي ٿو ته ”روايتن موجب هن مولودن کان سواءِ مداحون، ڪافيون، وايون وغيره علم عروض جي اصول تي چيون آهن. ڪي مناقبا به چيا آهن. هڪڙو معجزو به چيو اٿس“. (جوڻيجو، 1970، ص 31)
ڊاڪٽر بلوچ هن جو هڪ مناقبو بعنوان ”مناقبو نبي ﷺ جو“: حضرت ابراهيم جي وفات وارو، پنهنجي ڪتاب مناقبا (1960) ۾ صفحي 68 کان 73 تائين ڏنو آهي.
وفائي صاحب موجب ”مخدوم عبدالرئوف ٻه دفعا حج ڪيو ۽ پوئين حج جي سفر ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات مدينه منوره ۾ بتاريخ 18 ربيع الآخر 1166هه مطابق 1752ع ۾ ٿي.“ (وفائي، 1985، ڀ ٻ، ص 232)
مائي ٿـورياڻي:
اڻڇپيل ڪتاب بعنوان تاريخ قديم هالا جي لکت موجب مائي ٿورياڻي ڪرامت واري ۽ اهل الله ٿي گذري آهي. ڪتاب جا ليکڪ وڏي عمر واري ڪنهن ماڻهو جي اها روايت لکن ٿا ته هيءَ مرحومه اصل ٿر جي هئي ۽ شاهه ڀٽائي جي وقت جي هئي. ڪن راوين جو چوڻ آهي ته هالن پراڻن جو هڪ ماڻهو شادي ڪري آيو. جنهنڪري مائي ٿورياڻي ان ماڻهو سان شادي ٿي اچڻ بعد سندس رهڻ هالن پراڻن ۾ ٿيو. ۽ اتيئي وفات ڪيائين. سندس تربت شاهه ديانه جي مقام ۾ آهي.“
(مولوي ۽ قاضي، ص 188)
انهيءَ ڪتاب ۾ شاهه ڀٽائي جي حوالي سان هڪ ڏند ڪٿائي نوع جو واقعو لکيو ويو آهي، جيڪو شاهه صاحب جي ٻين سوانحي ڪتابن ۾ ڏنل نه آهي. ان قصي موجب شاهه صاحب انهي محترمه جو مهمان ٿيو. شاهه صاحب جي مهماني لاءِ مائي صاحبه ڪرامت ذريعي مڇي گهرائي. پر اها شاهه صاحب کي ڳوهه نظر آئي، سو شاهه صاحب اها نه کاڌي، پر ڪنهن جاءِ تي اڇلائي ڇڏي. پر اتي سائو وڻ اڀري آيو. جنهن گنديءَ ۾ اها مڇي هئي سا رتجي ويئي، تنهنڪري اها شاهه صاحب پنهنجي نوڪرياڻي کي ڏني. نوڪرياڻي جڏهن ان رت کي چوسيو ته اڏامڻ لڳي. تنهن تي شاهه صاحب ان جو سبب پڇيو. نوڪرياڻي ٻڌايس ته ان گندي ۾ لڳل رت کي چوسڻ سان ائين ٿيو. چون ٿا ته شاهه صاحب واپس وريو ته ان مڇيءَ کي وري حاصل ڪريان، پر جتي اها مڇي اڇلائي اتي سائو وڻ بيٺل هو.
”مائي ٿورياڻي جي وفات کانپوءِ سندس تربت ڏٺي وئي آهي ته پاسيري ڪنڊائتي آهي. ڪافي ڀيرا سندس تربت اتر ۽ ڏکڻ طرف ٺهرائي وئي آهي ته ٻئي ڏينهن پاسيري ۽ ڪنڊائتي ٿي پيئي هوندي آهي. جا اڄ تائين ان صورت سان آهي. (مولوي ۽ قاضي، ص 188، 189)
حوالا
1. بيگ، مرزا قليچ. 1987. ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (ڇاپو پنجون).ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد.
2. سانگي، مير عبدالحسين. (1986ع) ”لطائف لطيفي“ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه.
3. دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر (1977). ”شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ڪلام“ (ٻيو ڇاپو). ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد.
4. گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند (2005) ”شاهه جو رسالو“ (ٽيئي جلد). روشني پبليڪيشن، حيدرآباد.
5. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش.(1961ع) ” مولود“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
6. وفائي، مولانا دين محمد. (1985ع). ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (جلد ٻيو). پهريون ڇاپو. سنڌي ادبي بورڊ. ڄامشورو.
7. Panhwar, M.H, 1983.” Chronological Dictionary of Sindh”. Jamshoro: Institute of Sindhology.
8. Panhwar, M. H, 2003. “An Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh” (1011-1351 AD). Karachi: Sommra National Council-Pakistan.
9. Halo, Munwar Arbab, 2014 & 2016. “Halakandi and Halas in Historical Perspective”. https://books.google.com.pk/books?isbn=131215067X
10. قانع، مير علي شير، (1989ع). ”تحفة الڪرام“ (سنڌي ترجمو)، ڇاپو ٽيون. سنڌي ادبي بورڊ. ڄامشورو.
11. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، (1996ع). ”شاهه عبداللطيف“ مهراڻ اڪيڊمي. شڪارپور.
12. Baloch, N.A., Dr. 2010. Life & Thought of Shah Abdul Latif Bhitai. Karachi: Culture Department.
13. Baloch, N.A, 2012. Sindh Studies Educational and Archeological. Hyderabad: Dr. NA Baloch Institute of Heritage Research.
14. ميمڻ، خانبهادر صديق.(2014ع). ”سنڌ جي ادبي تاريخ“مهراڻ اڪيڊمي. شڪارپور.
15. جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر (1970). ”سنڌيون“ انسٽيٽوٽ آو سنڌيالاجي. ڄامشورو
16. ڀٽي، مخدوم محمد صالح، مرتب. 1960. ”مولود شريف مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هالائي“ محمد يوسف برادرس حيدرآباد
17. سنائي، محمد حبيب. (2009.) ”هالا جا رنگ هزار“ مٽياري ڪتاب دوست پروگرام ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ، مٽياري. (ڏسو مولائي شيدائي: هالاڪنڊي (ص ص 37-43) ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: هالا جا مخدوم ۽ شاهه ڀٽائي (ص ص 47-57)
18. مولوي، محمود قريشي ۽ قاضي، شوڪت علي.”تاريخ قديم هالا“(اڻڇپيل).
899 ڀيرا پڙهيو ويو