ڊاڪٽر بلوچ جي جوڙيل- ”روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت“ تنقيدي ۽ تحقيقي اڀياس
(A critical & analytical study of “Roshni: Shah Je Kalam ji Lughat” compiled by Dr. N.A. Baloch)

ڊاڪٽر رياضت ٻُرڙو

Abstract:

Shah Abdul Lateef Bhitai [1689-1752] was a great classical poet of Sindhi language, whose poetry has deeply influenced Sindhi society since his times. The collection of his poetry, known as Shah Jo Risalo (Shah’s Message), is the most popular and commonly read book in Sindhi language. Since he composed his poetry almost three centuries ago; it is, therefore, necessary to explain his diction and the words in common use at that time for better understanding of modern reader. The first publication of ‘Shah Jo Risalo’ came out in 1866 by a German author and philologist Ernest Trump [1828-1885], who also wrote another important book Grammar of the Sindhi Language compared with the Sanskrit-Prakrit and the Cognate Indian Vernaculars in 1872.
After the first publication of Shah Jo Risalo, researchers, grammarians and lexicographers have written, and are still writing, many books and dictionaries to explain the poetry and lexis of Lateef. The most prominent among them are: Leelaram Watanmal, Bheroomal Maherchand Adwani, Mirza Qalich Beg, Dr. Hotchand Molchand Gurbakhshani, Dr. H.T. Sorely, Kalyan Adwani, Allama I.I. Qazi, Ghulam Mohammad Shahwani, Syed Najaf Ali Shah Kamtar Naqvi, Dr. A. Jabbar Junejo, Maamoor Yousifani, Dr. A Karim Sandilo, Dr. G.A Allana, Dr. Fahmida Hussain, Allama Ghulam Mustafa Qasimi, Allahdad Janjhi, Banho Khan Shaikh, Usman Ali Ansari, Memon Ghulam Mustafa Mushtaq, Jeem Aen Munghani, Mohammad Hussain Kashif, Ustad Lighari, Dr. Aftab Abro, Saleem Bhutto Latiefi, Allah Rakhyo Butt, Anwar Dingrai and particularly Dr. N.A Baloch.
Dr. N.A. Baloch [1917-2011] was an internationally recognized Sindhi author, researcher and lexicographer. He wrote a detailed study of poetry of Shah Lateef in 10 volumes including a dictionary, named Roshni: Shah Je Kalaam Jee Lughat (Enlightment: Dictionary of Poetry of Shah Lateef)
This paper looks at literary aspects of Roshni.
سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي، هڪ مفڪر شاعر طور اعلى مقام حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته سندس فڪري ۽ فني عظمت ’شاهه جي رسالي‘ ۾ هر لحاظ کان سانڍيل ۽ سمايل آهي، جنهن کي وقت جا محققَ پنهنجيءَ علمي، ادبي ۽ فڪري بصيرت موجب پڌرو ڪندا رهن ٿا. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾، نه رڳو سٺي زندگي گذارڻ جو فلسفو، پر منجهس بامقصد ۽ ڪارج ڀري زندگيءَ جا گُر پڻ ڏَسيل آهن، لطيف جي پيغام کي علمي طور سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ پرکڻ جو سلسلو، صحيح معنى ۾، ويهين صديءَ جي ابتدا کان شروع ٿيو. اها شاهه لطيف جي ڪلام جي اوچي اُڏام ئي آهي، جو ٽي سَو سال گذرڻ بعد به شاهه جو رسالو ماضيءَ جو حصو نه بڻيو آهي ۽ وقت جي قيد کان آجو بڻجي، امرتا ماڻي چڪو آهي. ڊاڪٽر احسان دانش، پنهنجي تحقيقي مقالي ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ ۾، لکي ٿو:
”هُو نه رڳو هڪ شاعر پر هڪ وڏو سماجي مفڪر به آهي. شاهه سائينءَ جِي جنهن سماج ۾ ذهني اوسر ٿي اهو هڪ زرعي ۽ جاگيرداري سماج هو ۽ ماڻهو ذهني ۽ روحاني طور غلام هئا. اهو سڄو دَور ڌارين جي يلغارن، حملن ۽ ارهه زوراين جو دور هو. حڪمران طبقو عيش پرستيءَ ۾ گم هو ته غريب عوام غربت، مجبوري ۽ محڪومي جي مصيبتن ۾ گرفتار، تنهنڪري ان دور ۾ هلندڙ اخلاقي قدر اهي ئي هئا، جيڪي صدين کان زرعي جاگيرداري سماجن ۾ رهندا پئي آيا ۽ سنڌ ۾ صدين کان رائج هئا. شاهه لطيف نه رڳو هڪ غير معمولي انسان هو پر هن پنهنجي فڪر ۽ فلسفي جي سهائيءَ سان ان اونداهي جاگيرداري سماج ۾ هڪ اهڙي مشعل وارو ڪم ڪيو، جنهن وسيلي سنڌي ماڻهوءَ کي هڪ سمت نصيب ٿي.“(1)
سنڌي ماڻهن سان گڏوگڏ ٻين قومن ۽ ٻولين جي هر ان محقق، اديب، مفڪر ۽ سڄاڻ ماڻهوءَ به شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي مان ڏاهپ جون سُرڪيون ڀريون آهن، جنهن تائين لطيفي ڏاهپ پهتي آهي.
ڏاهپ کي اظهار لاءِ ٻولي گهرجي ۽ ٻوليءَ کي لفظَ، پر لفظ به اُهي جن ۾ عام لغوي معنى ۽ مفهوم سان گڏوگڏ اصطلاحي معنائن جو اڻکُٽ خزانو به شامل هجي. شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جي باطن ۾ سمايل انهن سڀني لغوي ۽ اصطلاحي معنائن کي ڄاڻي ورتو هو، ان ڪري ئي هن پنهنجي دَور جي مروج درٻاري ٻولي فارسيءَ کي ڇڏي، سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجن اعلى خيالن جي اظهار لاءِ بهتر ڄاتو. سندس ان ’ٻوليءَ دوست‘ عمل سان، نه صرف سنڌي ٻوليءَ جون ڳجهيون خوبيون جَرڪي پيون، جيڪي فارسيءَ ٻوليءَ جي حاوي اثر سبب لَٽجي ويون هيون، پر شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي نئين انداز سان پيش ڪري، نيُن وياڪرڻي حالتن سان سلهاڙي، نين معنائن ۽ مفهومن سان رَچيل ڪري ڇڏيو. لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب:
”شاهه صاحب، جن جن خِطن جا سير سفر ڪيا، انهن مان هر خطي ۾ رائج مقامي لهجي، اُن لهجي جي خاص خاص لفظن، فقرن، اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن کي پنهنجي رسالي جي، مختلف سُرن ۾ محفوظ ڪيو... هن سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن، جهڙوڪ: اترادي، وچولي، لاڙي، ٿري، ڍاٽڪي، پارڪري، ماڃري، کارائي، منڇري، دريائي، ڪوهستان جي ڪاڇي واري لهجي کان سواءِ، لاسي، جدگالي ۽ فراقي لهجن کان سواءِ ميواڙي، مارواڙي، جيسلميري ۽ ڪڇي ٻولين جي لغوي خزاني کي به پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو. شاهه صاحب انهيءَ ساري لغوي خزاني کي سنواريو، سڌاريو، ان ۾ نواڻ آندي ۽ سنڌي زبان کي هر لحاظ کان وسيع، مائيدار ۽ شاهوڪار بڻايو.“(2)
”ان ئي حوالي سان ڊاڪٽر الانا وڌيڪ لکي ٿو، ”شاهه صاحب جو وڏو ڪمال هيءُ به آهي ته هن لوهارن، حڪيمن، طبيبن، ڪنڀارن ۽ ٻين هنرمندن جي ڪرتن ۽ ڌنڌن ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي استعمال کان سواءِ، مختلف خطن جي جاگرافيائي حالتن، انهن خطن جي نباتات ۽ ٻين علمن جا به ڪيترائي لفظ پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آڻي، سنڌي لغات ۾ لاثاني اضافو ڪيو.“(3)
شاهه لطيف جي ڪتب آندل ان گهڻ رُخي انداز واريءَ ۽ ثقافتي طور رچيل ٻوليءَ جي محاورن، ترڪيبن، لفظن، فُقرن ۽ انهن جي لغوي توڙي اصطلاحي معنائن ۽ مفهومن کي سمجهڻ ۽ نحوي جوڙجڪن جي اڀياس لاءِ، ٻوليءَ جي ماهرن ۽ شاهه لطيف جي شارحن سميت لغت نويس به ڪوششون ڪندا رهيا آهن، جن ۾ ليلارام وطڻمل لالواڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمد شاهواڻي، سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ محمد اسماعيل، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر فهميده حسين، ٻانهو خان شيخ، علامه غلام مصطفى قاسمي، الهداد جنجهي، عثمان علي انصاري، ميمڻ غلام مصطفى مشتاق، ج.ع. منگهاڻي، محمد حسين ڪاشف، استاد لغاري، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، سليم ڀٽو لطيفي، الهه رکيو ٻُٽ، انور ڏنگڙائي، محمد هنڱورجو، وغيره شامل آهن. جڏهن ته انهن لطيف شناسن جا نالا ته اڻ ڳڻيا آهن، جن شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان لکيو آهي يا شاهه جي رسالي جا انتخاب جوڙيا آهن. انهن شارحن، ٻوليءَ جي ماهرن ۽ لغت نويسن نه صرف ’شاهه جي رسالن‘ ۾ اهنجن لفظن جون معنائون درج ڪيون، پر ڌار لغتون به جوڙيون، ته جيئن جامع ۽ مفصل نموني رسالي ۾ شامل لفظن جي معنائن، مفهومن ۽ سمجهاڻين کي ڄاڻي سگهجي.
لغتن (Dictionaries) جي حوالي سان ڏسجي، ته سنڌيءَ کان انگريزيءَ ۾ پهرين لطيفي لغت ليلارام وطڻمل لالواڻيءَ جي جوڙيل آهي جيڪا 1890ع ۾ ڇپيل سندس انگريزي ڪتاب ” The Life, Religion, and Poetry of Shah Latif: The Greatest Poet of Sind“ جي ٻئي جلد طور آيل آهي، جڏهن ته سنڌيءَ کان سنڌيءَ ۾، ’شاهه جي رسالي‘ جي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ ڌار لغتن جوڙڻ جو سلسلو ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي جوڙيل ”غريب اللغات“ سان شروع ٿيو، جنهن ۾ ”شاهه جي رسالي“ جي پهرين ٽن سُرن ــــــ ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ کنڀات ــــــ جي اهنجن لفظن جون معنائون ڏنل هيون، جنهن کان پوءِ ’رسالي جي لغتن‘ لکجڻ ۽ ڇپجڻ جو سلسلو شروع ٿيو. هيٺ لطيفي لغتن ۽ لطيفي ٻوليءَ بابت ڇپيل ڪتابن جي فهرست پيش ڪجي ٿي:
1. ’غريب اللغات‘، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، پهريون ڇاپو 1906ع.
2. ’لغات لطيفي‘، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ. ڇاپو ٽيون، 1994ع. پهريون ڇاپو 1914ع.
3. ’ٻاروچي ٻولي‘، سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو. ڇاپو پهريون ڊسمبر 1984ع.
4. ’شاهه جو رسالو (ڏکين لفظن جي معنى الف-ب وار)‘ (جلد-2)، غلام مصطفى مشتاق ميمڻ، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، ڇاپو پهريون آگسٽ 2000ع.
5. ’روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ. ڇاپو نئون [ٻيو]، 2014ع ۽ ڇاپو ٽيون 2017ع. پهريون ڇاپو 2002ع.
6. ’ڇپر ڪين ڏي‘، ج.ع منگهاڻي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي. ڇاپو پهريون 2002ع.
7. ’سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت‘، ڊاڪٽر فهميده حسين، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي. ڇاپو پهريون ڊسمبر 2004ع.
8. ’شاهه لطيف جي ٻولي: تحقيقي جائزو‘، ج.ع منگهاڻي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، ڇاپو پهريون اپريل 2006ع.
9. ’هٿ جا هنر‘ (شاهه جي رسالي جي موضوعاتي لغت: جلد پهريون)، الهه رکيو ٻُٽ ۽ سليم ڀٽو لطيفي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، ڇاپو پهريون 2008ع.
10. ’شاهه جي رسالي جي سُڄاڻي‘ (ٻه جُلد)، محمد حسين ڪاشف، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ. ڇاپو پهريون 2011ع.
11. ’ڀٽائي ڊڪشنري‘، انور ڏنگڙائي، انڊس ڪلچرل اينڊ لٽرري آرگنائيزيشن، لاڙڪاڻو، ڇاپو پهريون نومبر 2014ع.
’ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت‘ کان سواءِ ڪتابن ۽ لغتن جي مٿِين فهرست، ان ڳالهه جي چٽي نشاندهي ڪري ٿي، ته لطيفي ٻوليءَ تي تحقيقي ڪم انفرادي طور ئي سرانجام ڏنو ويو آهي، ان ڪري ان ۾ ضرور ڪي نه ڪي جهول به رهجي ويا آهن. ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۽ ايڊيٽنگ هيٺ ڇپيل ’ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت‘ ۾، جيئن نالي مان به پڌرو آهي، ته اها فقط شاهه جي رسالي جي لغت ناهي، پر ان ۾ ٻين به ڪلاسيڪل شاعرن قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري، ميين شاهه عنات، خليفي نبي بخش لغاري، خواجه محمد زمان لنواري واري، سچل سرمست، ڀائي چين راءِ سامي، لطف الله قادريءَ ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪلامن ۾ شامل لفظن جون داخلائون آهن. ان ڪري ان لغت کي صرف لطيفي لغت جي سلسلي ۾ آڻي نه ٿو سگهجي. هن لغت جي هڪ خوبي هيءَ به آهي، ته ان جي تحقيقي سَٿ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، طارق عزيز انب گوپانگ، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، عبدالعزيز خاصخيلي، شاهده دوست محمد، ياسر قاضي ۽ نصرالله ناصر جا نالا شامل آهن، جڏهن ته نظرثاني شيخ محمد اسماعيل جي ڪيل آهي.
مٿيُن لغتن ۽ لطيفي ٻوليءَ جي ڪتابن منجهان، ٻن لغتن ’غريب اللغات‘ ۽ ’لغاتِ لطيفي‘ بابت، راقم جو لکيل تجزياتي مقالو ’ڪينجهر‘ تحقيقي جرنل ۾، ڊسمبر 2017ع ۾، ڇپجي چڪو آهي. افسوس، ته ان جي ڇپائيءَ ۾ ڪي غلطيون رهجي ويون آهن.
هيٺ، لطيفي لغتن ۾ شامل هڪ اهم لغت ’روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت‘ جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس پيش ڪجي ٿو.
روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت:
هيءَ لطيف سائينءَ جي ڪلام جي وڏي ۾ وڏي ڇپيل لغت آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 2002ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد طرفان ۽ ٻيو [نئون] ڇاپو 2014ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ حڪومت طرفان ڇپيو. تازو هن لغت جو ٽيون ڇاپو ڊسمبر 2017ع ۾ ڇپيو آهي. هيءَ لغت سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق، لوڪ ادب، لطيفيات ۽ لغت جي ماهر ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جوڙيل آهي. ’روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت‘ جو هيءُ مطالعو، 2014ع واري ڇاپي تان ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ٽيون ڇاپو، هيءُ مقالو لکجي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڇپيو آهي.
هِن لغات جي پهرين ۽ وڏي انفراديت هيءَ آهي، ته اها الف-بي وار ترتيب سان، ’الف‘ کان ’يي‘ تائين جوڙيل پهرين لطيفي لغت آهي، جنهن ۾، اڳ جوڙيل لطيفي لغتن وانگر، سُر وار معنائون درج ناهن، ۽ ٻِي انفراديت اها آهي ته اها ٻئي ڪنهن شارح طرفان شاهه جي مرتب ٿيل رسالي بدران، اُن ’شاهه جي رسالو ــــ شاهه جو ڪلام‘ [1999ع] جي لغت آهي، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاران ئي تحقيق ڪري مرتب ڪيل ۽ ڇپرايل آهي. ان لغت جي نوعيت بابت، ’روشني‘ جي ’مهاڳ‘ ۾، ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو، ”شاهه جي ڪلام جي هيءَ ’ڪلاسيڪي اصطلاحي سنڌيءَ‘ جي پهرين معياري لغت آهي“(4). ممڪن آهي ته بلوچ صاحب، ان ڪري به، پنهنجيءَ جوڙيل لغت کي، پاڻ ئي معياري ڪوٺيو هجي، جو ان کان اڳ ان قسم جي مفصل ڪا لغت ڇپجي پڌري نه ٿي هئي. مثال طور، لطيف سائينءَ جي لغت تي تسلسل سان ڪم ڪندڙ ۽ ’ٻاروچي ٻولي‘ [1984ع] جي نالي سان ’الف‘ سان شروع ٿيندڙ لفظن جِي لطيفي لغت لکندڙ؛ سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقويءَ، 1972ع ۾، لکيو: ”شاهه جي رسالي جي ڪا به مستند لغت، اڃا تائين منظرِ عام تي ڪا نه آئي آهي. لغت جي نه هئڻ سبب رسالي جي معنى جي پيچيدگين کي پروڙڻ مشڪل ٿيو پوي، تنهنڪري عام پڙهيل ماڻهن جي رسالي سان دلچسپي ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندي پئي وڃي“(5). ”تنهن کان سواءِ، 1994ع ۾، ڊاڪٽر نواز علي شوق؛ ’لغات لطيفي‘ جي ٽئين ڇاپي جي ’پيش لفظ‘ ۾ لکيو: ’مُني صديءَ کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر افسوس جو اسان اڃا سوڌو شاهه صاحب جي رسالي جي ٻي ڪا لغات تيار ڪري ڪو نه سگهيا آهيون‘(6). بهرحال، هڪ ڳالهه پَڪي آهي، ته ’روشني‘ لطيف سائينءَ جي ڪلام جي هڪ وڏي لغت آهي، جيڪا ڊبل ڪرائون ماپ ۾، 568 صفحن تي مشتمل آهي، جـنهن ۾ ابتدائي 6-صفحا، مهاڳ 4-صفحا، ٻن ڪالمن ۾ ورڇيل داخلائن جا 557-صفحا ۽ هڪ صفحو فهرست جو شامل آهي. هن لغت ۾ ’جُملي جن حرفن، لفظن، اصطلاحن، فقرن يا سٽن جون معنائون لکيون ويون آهن، تن جو تعداد سترهن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي“(7). داخلائن جو اهو وڏو تعداد، هن لغت جي ٽِين انفراديت آهي.
لغت نويسي هڪ مسلسل عمل ۽ سدائين اڳتي وڌندي رهڻ جو نالو آهي. ڀيرومل مهرچند جي ’غريب اللغات‘ [1906ع] ۽ مرزا قليچ بيگ جي ’لغات لطيفي‘ [1914ع] ’شاهه جي رسالي‘ جي اهنجن لفظن جي معنائن جون ابتدائي لغتون هيون، جيڪي ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ڇپيون، جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾، لغت نويسيءَ جي اڃا ابتدائي اوسر ٿي رهي هئي. اهي ڪوششون ان وقت جي لحاظ کان ساراهه جوڳيون هيون، پر جڏهن هيءَ لطيفي لغت ”روشني“ ايڪيهين صديءَ ۾، 100 سالن جي وڏي وقت کان پوءِ ڇپي، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت نويسي ابتدائي دَور منجهان گذري، پنهنجا بنياد پڪا پختا ڪري چڪي آهي ۽ موجوده وقت جي لحاظ کان، پهرينءَ نظر ۾، ساراهه جوڳي ڪوشش آهي، جنهن ۾، ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب، ”ڏکين توڙي سولن لفظن جي معنى کي زيرِ غور آندو ويو آهي: نه فقط لفظن پر اصطلاحن توڙي شاهه جي ٻوليءَ جي ’معنوي حرفن‘ جي معنى واضح ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ رسالي جي بيتن ۽ واين ۾ انهن لفظن، اصطلاحن ۽ حرفن جي استعمال وارن فقرن ۽ سٽن جي معنى پڻ لکي وئي آهي. اهڙيءَ طرح هن لغت ۾ شاهه جي بيتن ۽ واين مان گهڻي ۾ گهڻن لفظن، حرفن ۽ اصطلاحن جي معنى شامل آهي‘(8). ڏکين سان گڏ سولن لفظن جي معنائن کي لطيفي لغت جو حصو بڻائڻ، ’روشني‘ جي چوٿين انفراديت آهي.
ڊاڪٽر بلوچ ’شاهه جي رسالي بابت تحقيقي رٿا‘ تحت لطيف سائينءَ جي ڪلام تي ستن جُلدن ۾ تفصيلي ۽ تقابلي طور ڇنڊڇاڻ ڪئي، اٺين ۽ نائين گڏيل جُلد [1999ع] ۾ پنهنجي پاران مرتب ڪيل لطيف سائينءَ جو ’پنهنجو‘ ڪلام ۽ ڏهين جُلد [1996ع] ۾، رسالي ۾ شامل ٿي ويل ’ڌاريو‘ ڪلام پيش ڪيو، جنهن کان پوءِ، لطيف سائينءَ جي ڪلام جي لغت کي، نوَن جُلدن ۾ ڪيل تحقيق جي آڌار تي، معنائن کي ٻيهر نظر مان ڪڍي، سهيڙيو ۽ سنواريو: ”شاهه جي رسالي بابت تحقيقي رٿا، ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڏهن جلدن ۾ پوري ٿي، جن مان پهرين نوَن جلدن ۾ شاهه جي پنهنجي ڪلام جي بيتن ۽ واين جي لفظي توڙي اصطلاحي معنى تفصيل سان سمجهائي وئي. ان بعد اهو محسوس ڪيو ويو ته نوَن ئي جلدن ۾ سمجهايل معنائون هڪ جداگانه جلد ۾ آڻجن ته جيئن اهو تحقيقي مطالعي لاءِ وڌيڪ مفيد ثابت ٿئي. ان مقصد خاطر، اڳين جلدن واري سڄي مواد تي نئين سر غور ڪري، ضروري ترميمن ۽ اضافن سان اهو به هن لغت ۾ آندو ويو آهي“(9). اهڙو ’مستند متن‘ جو حوالو، مهاڳ جي صفحي ٽئين تي پڻ ڏنل آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي ان بيان مان چِٽو آهي، ته ’روشني‘ ۾ ڏهين جُلد ۾ شامل ’ڌارِي شاعريءَ‘ جي لفظن جو اندراج ڪونهي، جنهن ۾ ’سر ڪيڏارو‘ به شامل آهي.
هيٺ ’روشني‘ جو مختصر مطالعو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ حوالي طور، اِن لغت منجهان صفحا نمبر ننڍي ڏنگيءَ ۾ (ص اکر ۽ صفحي نمبر سان) ڏنل آهن.
(1) هِن لغت ۾، ڊاڪٽر بلوچ طرفان مروج ڪيل الف-بي جي پَٽيءَ موجب لفظن وغيره جون داخلائون ڪيل آهن، جن ۾ ’پ‘ بدران، ’ف‘ کان پوءِ ’ڦ‘ آيل آهي.
(2) لغت ۾، نصابي ۽ لغوي معنائن ۽ اشتقاقي مفهومن بدران اصطلاحي مفهوم کي اهميت ڏني وئي آهي(10). مفهوم سمجهائڻ جي اهڙي ڪوشش سٺي نظر اچي ٿي، پر اهي مفهومَ پوريءَ ريت تڏهن سمجهه ۾ ايندا جڏهن بيتن ۽ واين سان ملائي پڙهبا.
(3) عام لغتن ۽ شاعريءَ جي لغتن ۾، لفظن ۽ فقرن جي داخلائن جي ترتيب ۾ ڪجهه نه ڪجهه فرق رکيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ ڪي گهڻ-لفظي فقرا يا شعرِي سٽون پڻ معنوي طور سمجهائڻيون پونديون آهن، جن جي معنى لغوي هجڻ بدران اصطلاحي هوندي آهي. اهڙن اصطلاحي معنى وارن فقرن ۽ سٽن جي ترتيب اُن بنيادي داخلا واري لفظ هيٺ رکي ويندي آهي، جنهن مان اهو نڪتل يا صادر ٿيل هجي، ته جيئن سڄيءَ معنى کي صحيح طرح سمجهي سگهجي. ان صورت ۾، ضروري بڻجي ٿو پوي ته لغت جي استعمال ڪندڙ کي مصدرن جي بنيادي ڄاڻ هجي، ته ڪهڙو لفظ ڪهڙي لفظ مان صادر ٿيل آهي يا ٿي سگهي ٿو، ته جيئن واسطيدار لفظ، فقرو يا سِٽ ڳولي سگهي. البت، اهو لازمي نه آهي ته لغت استعمال ڪندڙ اهڙي صرفِي ڄاڻ رکندو به هجي. ’روشني‘ ۾ پڻ ٻئِي ترتيبي طريقا گڏوگڏ ڪتب آندا ويا آهن، جنهن سان ڪٿي سهنجائي، ته ڪٿي اهنجائي پيدا ٿي پئي آهي، يعني ڪي لفظ سولائيءَ سان ملي وڃن ٿا، ته ڪي ڳولڻ لاءِ سڄي صفحي کي جاچڻو پوي ٿو. ’روشني‘ جي ترتيب بابت ’مهاڳ‘ ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو، ”[الف] شامل حرفن، لفظن، اصطلاحن، فقرن ۽ سٽن کي ’جامع سنڌي لغات‘ واري ساڳي الف-ب جي پٽيءَ مطابق ترتيب ڏيئي رکيو ويو آهي. [ب] فقرن ۽ سٽن جي ترتيب پهرئين لفظ جي لحاظ سان قائم ڪئي وئي آهي، ۽ ان ترتيب ۾ [ٻ] مصدرن کي اڳ ۾ رکيو ويو آهي ته جيئن انهن سان نسبت وارن انوکن لفظن جي معنى سولائيءَ سان سمجهائي ۽ سمجهي سگهجي“(11). مٿين حوالي ۾، [الف]، [ب] ۽ [ٻ] هيٺِ جيڪي لفظ ليڪيل آهن، اهي هِن مقالي نويس طرفان نشانبر ڪيل آهن. فقرن ۽ سٽن بابت ٽي ڳالهيون ڪيون ويون آهن: [الف] ”الف-ب جي پٽيءَ مطابق“؛ جنهن ۾ ترتيب جون ڪجهه غلطيون رهجي ويون آهن، [ب] ”فقرن ۽ سٽن جي ترتيب پهرئين لفظ سان قائم ڪيل“؛ جنهن ۾ تمام گهڻيون غلطيون آهن، ۽ [ٻ] ”مصدرن کي اڳ ۾ رکڻ“؛ جنهن سان لفظ کي سنئون سڌو ڳولڻ ۾ وڏي ڏکيائي ٿئي ٿي. انهن ٽنهي جي وضاحت اڳتي ايندي. لغت جي ترتيب ۾، بهترين ۾ بهترين ترتيبي اصول الف-بي وار آهي، پوءِ اهو حرف هجي، لفظ هجي، فقرو هجي يا سِٽ، البت فقري يا سٽ کي ان داخلا جي ذيلي داخلا طور رکي سگهجي ٿو، جنهن منجهان اها ’صادر‘ ٿيل هجي. مصدرُ ظاهر آهي ته لفظ جو ئي ٿيندو، جيڪو جيڪڏهن اڳ ۾ رکبو، ته پوءِ لغت ۾ مصدور لفظ جي جڳهه لازمي طور متاثر ٿيندي. مثال طور، هڪ لفظ آهي ”تڙ“(ص: 69)، اِن جي داخلا هيٺ پهرين فقري ’اِنَ تڙاءُ‘(ص: 69) ۽ ٻئي فقري ’اتانگهه تڙين‘(ص: 70) جي ترتيبَ پهرئين لفظ ’اِن‘ يا ’اتانگهه‘ جي لحاظ کان ته نه ٿِي، جيئن ڊاڪٽر بلوچَ [ب] هيٺ ليڪيل سٽن ۾ ڄاڻايو آهي، البت ’تڙاءُ‘ ۽ ’تڙين‘ چئي سگهجن ٿا. بهتر هو ته پهرين فقري جي داخلا ڏيڻ بدران؛ ’اِنَ‘ جي معنى الڳ ’هيءُ، هيءَ‘ وغيره پنهنجيءَ جڳهه تي ڏئي؛ لکجي ها ’ضمير اشارو قريب‘ ۽ ’تڙاءُ‘ جي ذيلي داخلا ’تڙ‘ هيٺ درج ڪجي ها، ته [ب] اصول جي پاسداري ٿئي ها. ”روشني“ ۾ ’اِن‘ ته الڳ داخل آهي، پر ’تڙاءُ‘ ناهي، جنهن کي ڳولڻ لاءِ ’تڙ‘ مصدر هيٺ سڀ داخلائون جاچڻيون پونديون. ساڳيءَ ريت، ٻئي فقري منجهان ’اتانگهه‘(ص: 10) جي الڳ داخلا پنهنجيءَ جڳهه تي صحيح رکيل آهي، جيتوڻيڪ ان جون معنائون گهٽِ ڏنل آهن، ۽ ’تڙين‘(ص: 70) معنى ’تڙن تي‘ به صحيح ڏنل آهي، ته ان صورت ۾ ٻئي نمبر فقري ’اتانگهه تڙين‘ جي داخلا رکڻ جي گهرج ئي ڪا نه هئي، صرف ’تڙين‘ جي ذيلي داخلا رکجي ها. ان کان سواءِ ’اتانگهه‘ جي بنيادي داخلا ۾ وري ’اتانگهه تڙ‘ به ڏنل آهي، پوءِ ته اها ذيلي داخلا به ’تڙ‘ مصدر هيٺ ڪرڻ گهرجي ها. جيتوڻيڪ ’اتانگهه تڙ‘ جي اها داخلا اضافي آهي. اهڙا مثال، اضافي داخلائن سميت، سڄيءَ لغت ۾ هنڌين ماڳين پکڙيل آهن. [ٻ] تحت ڄاڻايل مصدر سان داخلا تي پڻ سوچڻ گهرجي. مثال طور، ’پروڙڻ‘(ص: 110) مصدر جي سري هيٺ شامل ذيلي داخلائن ۾ ’پروڙج پچار‘ شامل آهي. ڄاڻايل اصول تحت ذيلي داخلا صرف ’پروڙج‘ جي هجڻ گهرجي ها جڏهن ته ’پچار‘ جي الڳ داخلا هجڻ گهرجي، جيئن لغت ۾ شامل آهي. ٻيو ته، لغت منجهه ’پچار‘ جي داخلا ’پچ‘ ۽ ’پچڻ‘ جي وچ ۾ اچڻ گهرجي، پر اها داخلا، سوا ڪالم کان وڌيڪ ڊيگهه ۽ پنجن داخلائن بعد ڪيل آهي. ان حالت ۾ اهو ممڪن ناهي، ته جنهن ماڻهوءَ کي ’پچار‘ جي معنى گهربل هجي اهو سولائيءَ سان معنى لهي وٺي. هڪ ٻيو مثال وٺون ٿا، جيڪو ’جو = جيڪو‘(ص: 145) داخلا جو آهي. ان جون ذيلي داخلائون هن ترتيب سان ڏنل آهن: ’جو ٻَڌو ٻن ڳالهِئين‘، ’جو اباڻنِ اڏيو‘، ’جو تو ڏِيڻ ڏياچ بانئيو‘، ’جو ڏِنو اُنِ ڏُهِي‘، ’جو ڏينهاڻي ٿو ڏئي‘، ’جو پرين منجهه پساهه‘، ’جو ڄر ڄيري ڇڏِي‘، ’جو تو چارڻ ڪِئو پنڌ‘، ’جو ڪَنين سُئومِ‘، ۽ ’جو نه جياري‘. انهن ذيلي داخلائن جي ترتيب الف-بي وار ڪيل ناهي. جڏهن ته ڪجهه بنيادي داخلائن ۾ به ڪي گهٽ وڌايون موجود آهن، جهڙوڪ: ’آٽجڻ‘ کان اڳ ’آٽنِ‘ اچي ويو آهي(ص: 1)، ’ڏِيو‘(ص: 212) ٻه صفحا اڳ ۾ اچي ويو آهي، يا ’پهِي‘ جي ٻن داخلائن جي وچ ۾ ’پهِيَڙا‘ اچي ويو آهي(ص: 126-127). ’ڪارايل‘ کان اڳ ۾ ’ڪارو‘ جون 3-داخلائون درج آهن(ص: 327).
(4) لغت ۾، بنيادي داخلا کان پوءِ، ننڍي ڏنگيءَ منجهه بيت ۽ وائي جو حوالو ڏنل آهي، جنهن سان معلوم ٿئي ٿو ته اهو لفظ لطيف سائينءَ ڪهڙي سُر ۽ بيت يا وائيءَ ۾ ڪتب آندو آهي. اهڙا حوالا گهڻي مدد ڪندڙ آهن، پر سڀ جو سڀ اهڙا حوالا اندراج هيٺ، مختلف داخلائن ۾، نه به اچي سگهيا آهن. مثال طور، ’آب‘(ص: 1) جي ذيلي داخلا ۾، ’آبَ اُڇَلَ (مارئي 8/27)‘ لکيل آهي، يعني مارئي جي اٺين داستان جو ستاويهون نمبر بيت. وري، ’اُڇل‘(ص: 16) جي ذيلي داخلا ’جي اچنِ آب اُڇلَ (سامونڊي 1/17)‘ درج آهي، ته پوءِ اهو ذيلي اندراج به ’آب‘ جي ذيلي اندراج هيٺ اچڻ گهرجي ها.
(5) هن لغت جي مهاڳ ۾، حرفن جون معنائون درج ڪرڻ بابت ٻڌائڻ تي گهڻو ئي زور ڏنل آهي. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو:
”شاهه جي بيتن ۽ واين ۾ ڪافي ’معنوي حرف‘ استعمال ٿيل آهن، جن جي نوعيت کي سمجهڻ لاءِ وضاحت ضروري آهي. انهن مان ڪي جيتوڻيڪ ڇوٽا مفرد حرف (مثلاً ته، نه، ڪ) آهن، پر جملن جي معنى تي اثرانداز ٿين ٿا. انهن جي ڀيٽ ۾، ڪي لفظ به ڇوٽا آهن جيئن ته جِمَ (متان)، ڪُـﮧ (ڇو، ڇا)، مُل (وٽ) وغيره، پر جملي ۾ انهن جو مطلب لفظي معنى تائين محدود آهي“(12).
حرفَ ’ڇوٽا‘ ۽ ان جي ضد ۾ ’لمبا/بڙا‘ ته نه ٿيندا آهن. اصل ۾ ته اهي هڪ ۽ ٻَه اکرِي بامعنى لفظ آهن. بهرحال، ’ڇوٽا مفرد حرف‘ ۽ ’ڇوٽا لفظ‘ ته ڀيرومل مهرچند ۽ مرزا قليچ بيگ به پنهنجين لغتن ۾ شامل ڪيا آهن ۽ انهن جون معنائون به ڏنيون آهن.
(6) لغت ۾، ڪن معنائن پٺيان ننڍي ڏنگيءَ اندر سمجهاڻيءَ جون اضافي وضاحتون ڪيل آهن، جيڪي ڪافي مددگار ۽ لغت جي افاديت کي وڌائيندڙ آهن.
(7) ڪي مصدر داخلا کان رهجي به ويا آهن، جهڙوڪ: ’آتَشِي اوڙاهه‘(ص: 1) ۾ آيل ’آتشي‘ لفظ جو ’آتش‘. ان کان سواءِ، هن لغت جي طريقيڪار موجب، ’آتشي اوڙاهه‘ جي داخلا؛ ’آتش‘ جي ذيلي داخلا بڻجڻ گهرجي ها.
(8) لغت ۾ ڪن ٿورن واحد لفظن جا جمع ۽ جمع لفظن جا واحد ڄاڻايا ويا آهن. اهي؛ اهڙين سڀني داخلائن جا هجڻ گهرجن ها جيڪي واحد يا جمع طور، لطيف سائين ڪتب آنديون آهن، نه ته به؛ ڪتب آندل جمع لفظن جا واحد ضرور ڄاڻائڻ گهرجن ها.
(9) لغت ۾، مفهوم جي وضاحت خاطر، اڪثر لفظن جا ضد به ڏنا ويا آهن، جيڪا بهتر ڳالهه آهي.
(10) لغت ۾، اُچارن کي درست رکڻ خاطر، زير، زبر ۽ پيش جو گهڻو ئي استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪا ’لطيفي لغت‘ جي لحاظ کان تمام سٺي ۽ لازمي ڳالهه آهي. ان ۾ پروفنگ جي لحاظ کان احتياط جي گهرج هئي، جنهن ڪري ڪٿي ڪٿي سهو به ٿي وئي آهي، جهڙوڪ: ’آتڻُ‘ بدران ’آتڻِ‘(ص: 1)، ’آڇڻُ‘ بدران ’آڇڻِ‘(ص: 2). ٻين نشانين ۾، جزم ۽ شد جون نشانيون نه ڏنيون ويون آهن، جيڪا هڪ اهم کوٽ آهي. ڪن هنڌن تي، ننڍي ڏنگيءَ ۾ ’شد‘ لکيو ويو آهي جيڪو ڏاڍو عجيب ٿو لڳي، جهڙوڪ: ’اِن (نون تي شد) = تحقيق‘(ص: 28). ان جي ذيلي داخلائن مان هڪَ ۾ ’انَ‘، نون تي زبر ڏنل آهي ۽ ٻِي داخلا ڪنهن به نشانيءَ کان سواءِ ڇڏيل آهي، جيڪي غلط آهن.
(11) ڪيترائي فقرا اضافي ڏنل آهن، جن ۾ شامل لفظ، درحقيقت، الڳ الڳ داخلا جا مستحق هئا، جن مان ڪن لفظن جي الڳ داخلا ڏنل آهي، ته ڪن جي رهجي ويل يا نظر انداز ڪيل آهي. مثال طور، [1] ’آسائُو = آس ڪندڙ، اميد ڪندڙ، چاهيندڙ‘(ص: 4) درج آهي، ته ان جي هيٺان ’آسائو آئِيو‘ جي گهرج نه هئي. [2] ’آسرَ = اميدَ‘(ص: 4) جي بنيادي داخلا ڪيل آهي، ته ان جي ذيلي داخلا ۾ ’آسرَ ڀرِي = آسري ڀري، اميد ڀري‘ درج آهي، جنهن جي گهرج نه هئي، ان بدران ’آسر‘ جي معنى ۾ ’آسرو‘ وڌائن گهرجي ها. [3] ’آڳـﮧُ = اڳواڻ. آڌارُ، وسيلو، ڀرجهلو‘(ص: 5) ڏنل آهي، ته ذيلي داخلا هيٺ ’آڳـﮧ ٿيندو = اڳواڻ ٿيندو، ڀرجهلو ٿيندو‘ جي ضرورت نه هئي. [4] ’آءُ = اچُ‘(ص: 6) جي ذيلي داخلا ۾ ’آءُ پرين = اي منهنجا پرين، تون آءُ‘ اضافي آهي، ڇاڪاڻ ته ’پرين‘ جي الڳ داخلا ڪيل آهي. ’آءُ پرين‘ جي معنى ۾ ’اي منهنجا پرين‘ جو پڻ اضافو ڪيل آهي.
(12) لغت ۾، ڪيتريون ئي الڳ داخلائون رهجي ويل آهن، جهڙوڪ: آتشي، آءِ، ادورائون، اُجارئو، اجهاڻو، آجا (هِن بنيادي داخلا هيٺ؛ ذيلي داخلا ’آجا اوڏَ ٿئا‘ رکجي ها، جيڪا بنيادي داخلا تحت درج ڪيل آهي(ص: 1))، لنگهئا، ’اڀرئو‘، ’آس‘، ’افسوساءُ‘ يا ’سسئي‘. ايتري قدر جو ڊاڪٽر بلوچ جي جوڙيل ’مستند رسالي‘ ۾ شامل سُرن منجهان؛ ’ڪلياڻ‘، ’يمن [ڪلياڻ]‘، ’کنڀات‘، ’سريراڳ‘، ’بلاول‘، ’پرڀاتي‘، ’ڏهر‘، ’آبري‘، ’ڪوهياري‘ (ڪوهيار، ڪوهيارو = پنهون‘ (ص: 362) درج آهي)، ’حسيني‘، ’ڪاموڏ‘، ’سورٺ‘ (’سورٺَ وَرَ = سورٺ جا ورَ‘(ص: 290) درج آهي)، ’رپ‘، ’رامڪلي‘، ’آسا‘، ’مارئي‘ (’ماروئڙِي = ويچاري ماروئي‘(ص: 427) درج آهي)، ۽ ’سنهڻي‘ [سهڻي] جي معنى به ڏنل ناهي.
(13) لغت ۾، ڪن معنائن ۾ پنهنجي طرفان اضافو آندل آهي، جهڙوڪ: ’آتشِي اوڙاهه‘ ۾ ’آتشي هوس وارو اوڙاهه‘(ص: 1) لکيل آهي، ان ۾ ’هوس وارو‘ اضافي آهي. ’آريءَ جو اَهُکُ‘ ۾ ’پنهنجي پياري پنهونءَ (آريءَ) جو ڏک‘(ص: 3) لکيل آهي، ان ۾ ’پنهنجي پياري‘ اضافي آهي. ان اندراج مٿان ’آرِي = پنهون‘ به درج آهي، ان لحاظ کان ’آريءَ جو اهک‘ جي معنى ’پنهونءَ جو ڏک‘ ٿيڻ گهرجي. آن داخلا جي هيٺان ٻي داخلا ’آرِياڻيان‘ جي معنى وري ’آريءَ جي پٽ پُنهون کان‘ ڏنل آهي، پوءِ ته ان جي معنى ’پنهونءَ جي پٽ پنهونءَ کان‘ ٿيڻ گهرجي!
(14) اڪثر ڪري داخلائن جون ضرورت موجب ٻه يا ٻن کان وڌيڪ معنائون ۽ سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن، جنهن سان لفظ وغيره کي سمجهڻ ۾ سهولت ٿئي ٿي. البت ڪيترين ئي معنائن ۾ اهڙا لفظ به آيل آهن جن جي معنى ڏسڻ جي ڌار ضرورت پوي ٿي، پر انهن جو لغت ۾ اندراج ڪيل ڪونهي، جهڙوڪ: ’آڇاڙا‘ ۾ ’اوسانب‘(ص: 1)، ’آر‘ ۾ ’پلٽ‘ ۽ ’آراڻ‘ ۾ ’وڻندَ‘(ص: 2). ان سان معنى اڻپوري ٿي پوي ٿي.
(15) ڪجهه معنائن ۾ ساڳي ئي داخلا وارو لفظ ورجايل آهي، جنهنڪري ان جي معنى پڌري نه ٿي ٿئي، جهڙوڪ: ’آتشي‘ ۾ ’آتشي هوس وارو اوڙاهه‘(ص: 1)، ’آتڻ اورانگهي وئا‘ ۾ ’منهنجو آتڻ اورانگهي (ٽپي) هليا وئا‘(ص: 1)، ’ڪَتائڻ‘ ۾ ’سُٽ ڪتائڻ‘(ص: 335)، ’آجائي ٿئي‘ ۾ ’آزادي ٿئي‘(ص: 1) (اِن داخلا ۾ ’ٿئي‘ جي گهرج نه هئي، صرف ’آجائي = آزادي‘ ڪافي هو)، ’آديس ڪرڻ‘ ۾ ’چيلي جو گروءَ کي آديس ڪرڻ‘(ص: 2)، ’آڏت اڀرئو‘ ۾ ’اڀريو‘(ص: 2)، ’آڏ وڏائي‘ ۾ ’وڏائي‘(ص: 3)، يا ’پنهوارن پَهِي‘ ۾ ’پهي‘(ص: 126).
(16) ڪن بنيادي داخلائن ۾ معنائون اڻپوريون آهن، جهڙوڪ: ’ڪتمِ = (ٻوليءَ جو اڳيون محاورو) ڪَتِيمِ‘(ص: 335). ’ڪتم‘ جي معنى درج ڪانهي.
(17) ڪجهه ڌارين لفظن جي اصل ٻولي به ڄاڻايل آهي، جيڪا ان لحاظ کان سٺي ڳالهه آهي ته ان سان سُڌ پوي ٿي ته ڪهڙين ٻولين جا لفظ لطيف سائينءَ ڪتب آندا آهن، جهڙوڪ: ’آچامُ (فارسي لفظ ’آماچ‘ يا ’آماج‘ ۾ اُچار جي تبديل) = نشان جنهن کي تير هڻجن‘(ص: 1)، ’آخوند = (ف. خواندن = پڙهڻ)(ص: 2)، ’انوا = 1. (عربي. ’نوءُ، جمع ’انوا‘) 2. انواع (عربي. نوعُ، جمع انواع)(ص: 31)، ’ايذ = (بلوچڪي)(ص: 40)، ’بِدِه‘ (ف) = ڏي. ’برخيز (ف) = اُٿي‘(ص: 43)، ’برو‘، ’بُرون‘ ۽ ’بُرون ڦذا‘(ص: 43)، ’روءِ = (فارسي. رُو = منهن)(ص: 234)، يا ’ڪُلال = (ف. گلال)(ص: 347).
(18) ڊاڪٽر بلوچ ڪن لفظن جي صورتخطي بدلائي آهي، جيڪي منجهائيندڙ آهن. جهڙوڪ: ’سهڻي‘ جِي ’سنهڻي‘، ’ننڊ‘ جِي ’ننڊر‘، ’سامونڊي‘ جي ’سامونڊري‘، ’ڊپ‘ جي ’ڊرپ‘، ’ڊاک‘ جي ’ڊراک‘، ’چنڊ‘ جي ’چنڊر‘ وغيره. مطلب ته جن به لفظن ۾ ’ڊ‘ سان ’ر‘ جو مرڪب آواز، خاص ڪري اتر طرف اچاريو ويندو آهي، اهي ”روشني“ ۾ ڊاڪٽر بلوچَ ’ڊر‘ ڪري لکيا آهن.
(19) ڪن لفظن جون ٻه صورتخطيون هلندڙ آهن، ته اهي پڻ درج ڪيون ويون آهن، جهڙوڪ: ’آلوڙِئو، آلوڙِيو‘(ص: 5)، ’آهيري، آهري، آنهيري، آنهِري‘(ص: 6)، ’اَتُ، انت‘(ص: 10)، ’اُڌمِئا، اڌميا‘(ص: 18)، ’سنڪو، سَئنڪو‘(ص: 284)، ۽ ’سئين، سنئين‘(ص: 285).
ٽن لطيفي لغتن جي معنائن جو ڀيٽاڀيٽي جائزو:
هيءُ عنوان، هڪ وڏي تحقيقي مقالي جو گهرجائو آهي. هتي، نموني (sample) طور، ’غريب اللغات‘، ’لغاتِ لطيفي‘ ۽ ’روشني‘ جي ڪجهه لفظن ۽ فقرن جي معنائن کي پيش ڪجي ٿو. ننڍين ڏنگين ۾ ڏنل صفحي نمبر، لاڳاپيل لغتن جا آهن.
(1) اعلى: ’غريب اللغات‘ ۾، ’اعلى = وڏو (ضد ادنى)‘(ص: 1)، ’لغات لطيفي‘ ۾، ’اعلى = وڏو، مٿاهون‘(ص: 1)، ۽ ’روشني‘ ۾، ’اعلى = مڙني کان مٿاهون‘ لکيل آهي(ص: 21). ’اعلى‘ صفتي لفظ آهي، جنهن بابت معلوم ٿئي ٿو، ته: [1] ’غريب اللغات‘ ۽ ’لغات لطيفي‘ ۾ لغوي يا عام معنائون ڏنل آهن، جڏهن ته ’روشني‘ ۾ اصطلاحي طور معنى کي مٿڀرو ڪيو ويو آهي يعني ’جنهن کان وڌيڪ مٿاهون ڪجهه به نه آهي‘. [2] ”غريب اللغات“ ۾ ضد به ڄاڻايل آهي جيڪو ٻين ٻنهي لغتن ۾ ڪونهي. [3] ”لغات لطيفي“ ۾ ٻه معنائون ڏنل آهن، جڏهن ته رهيل ٻن لغتن ۾ هڪ ئي معنى ڄاڻايل آهي.
(2) وحدتان: ’غريب اللغات‘ ۾، ’وحد تان = وحدت يا هڪڙائيءَ مان‘ درج آهي(ص: 5). ’لغات لطيفي‘ ۾، اهو لفظ داخل ڪونهي، البت ’وحدت = هيڪڙائي. ڪثرت جو ضد‘ ڄاڻايل آهي(ص: 15). ’روشني‘ ۾، ’وحد تان = وحدت مان‘ لکيل آهي(ص: 503). يعني: [1] ’غريب اللغات‘ ۽ ’روشني‘ ۾ ساڳي معنى لکيل آهي، البت ’غريب اللغات ۾ ٻِي به معنى ڏنل آهي. جڏهن ته ’لغات لطيفي‘ ۾ داخلا رهجي ويل آهي. [2] ’لغات لطيفي‘ ۾ ’وحدت‘ جي معنى ۽ ضد به ڄاڻايل آهي. ’روشني‘ ۾ ’وحدت‘ جون ٽي سمجهاڻيون درج آهن: ’اللھ جي هيڪڙائي، هيڪڙائي، هيڪڙائي حق، طالب ۽ مطلوب جي ملي هڪ ٿيڻ واري وحدت‘(ص:503). البت، ’غريب اللغات‘ ۾، الڳ داخلا بدران ’وحدت ويا‘ جي معنى منجهه ننڍي ڏنگيءَ ۾ ’وحدت = هڪڙائي‘ لکيل آهي(ص:4). [3] ’وحدتان‘ کي ’غريب اللغات‘ ۽ ’روشني‘ ۾ ’وحد تان‘ ڪري لکيل آهي، جيڪو درست ناهي، ڇاڪاڻ ته ’وحدتان‘ هڪ لفظ آهي.
(3) ناڙون نهاري: ”غريب اللغات“ ۾ ’ناڙون نهاري = نبضون ڏسي‘(ص: 19)، ’لغات لطيفي‘ ۾ ’نارون = نبضون، ناڙيون‘(ص: 41)، ۽ ’روشني‘ ۾ ٻه داخلائون آهن: هڪَ، ’نارَ (جمع) نارُون = نبضون‘، ۽ ٻِي ذيلي داخلا، ’نِهاري نارون = نبضون ڏسي‘(ص: 472). يعني: [1] لفظ جي صورتخطيءَ تي اختلاف آهي. ”غريب اللغات“ ۾ ’ناڙون‘، ”لغات لطيفي“ ۾ ’نارون‘ ۽ ’ناڙيون‘ ٻئِي، ۽ ”روشني“ ۾ ’نارون‘ لکيل آهي. [2] معنائن ۾ ڪو اختلاف ڪونهي. [3]لغات لطيفي“ ۾ فقري بدران لفظ جي معنى درج آهي. [4] ”روشني“ ۾ بنيادي داخلا ۾ لفظ واحد لکيل آهي ۽ معنى جمع ۾ ڏنل آهي، جڏهن ته ذيلي داخلا ۾ غريب اللغات“ جي معنى ورجايل آهي. [5] ”روشني“ ۾ واحد ۽ جمع ڄاڻايل آهن، جيڪي باقي ٻن لغتن ۾ ڪونهن.
(4) وَاللھُ مَعَ الصّابرِين: ’غريب اللغات ۾، ’واللھ معه الصابرين = ۽ ڌڻي ساڻ آهي صبر وارن (قرآن 2)‘ لکيل آهي(ص: 47). ’لغات لطيفي‘ ۾، ’وَاللھُ مَعَ الصّابرِين = قرآن (2 سوره) مان- يعني الله صبر ڪندڙن سان شامل آهي(ص: 42). ’روشني‘ ۾، اها داخلا ڪانهي. يعني: [1] ”غريب اللغات“ ۽ ’لغات لطيفي‘ جي معنائن ۾فرق ڪونهي. [2] ڊاڪٽر بلوچ انهن لفظن واري بيت کي پنهنجي مستند رسالي ۾ شامل ناهي ڪيو، ان ڪري ’روشني‘ ۾ ان داخلا کي شامل ڪيل ناهي. ’روشني‘ ۾ ’واللھُ‘ لفظ سان شروع ٿيندڙ هڪڙي ئي داخلا آهي‘(ص: 494)، جيڪا ٻِي آهي. [3] ”غريب اللغات“ ۽ ”لغات لطيفي“ ۾ وضاحت ڪيل آهي، ته اهو ڪلام قرآن مان ڪٿان ورتل آهي.
معنائن جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو، ته اهڙي مفصل تقابلي اڀياس جي وڏي ضرورت آهي، ته جيئن لطيفي فهم کي سمجهڻ ڏانهن وک وڌائي سگهجي.

نتيجو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جوڙيل ’روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت‘ لطيفي لغتن ۾ اهم ۽ بنيادي جڳهه والاري ٿي. جيئن ته لغتن ۾ وقت بوقت واڌارن سڌارن جي گنجائش موجود هوندي آهي، تنهنڪري هِن لغت تي ڪنهن عالم ۽ لغت نويس کان نظرثاني ڪرائي وڃي، ته جيئن جيڪي ٿوريون ٿڪيون گهٽ وڌايون هِن لغت جو حصو بڻجي ويون آهن، تن کي سنواري سگهجي. اهو پڻ اهم آهي، ته هن لغت ۾ سر ڪيڏاري جي لغت به شامل ٿيڻ گهرجي. ان کان سواءِ اڳ ڇپيل مڙني ’شاهه جي رسالن‘ ۽ ’لطيفي لغتن‘ جا سولا ۽ ڏکيا لفظ ۽ گهڻ رُخيون معنائون پڻ ’روشني‘ جو حصو بڻائڻ گهرجن، ته جيئن هيءَ لغت جامعيت ماڻي سگهي. ’روشني‘ جو ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان ڇپرايل ’نئون‘ [ٻيو] ڇاپو تمام سادي ڪاڳر تي ڇپيل آهي ۽ ڇپائيءَ جو معيار پڻ تمام گهٽ آهي، گڏوگڏ منجهس پروف جون چُڪون پڻ آهن. انهن مڙني مامرن کي نئين ڇاپي ۾ ضرور صحيح ڪرڻ گهرجي، ته جيئن هيءَ لغت ’لطيفي لغتن‘ ۾ مستند حيثيت اختيار ڪري سگهي.

حوالا

(1) دانش، احسان، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، پهريون ڇاپو 2016ع، ص: 37.
(2) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”انساني، نفسياتي ڪيفيتن، جذبن ۽ احساسن جو ترجمان شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، پهريون ڇاپو مئي 2014ع، ص: 212.
(3) ساڳيو. ص: 213.
(4) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت“ (تحقيق ۽ ترتيب)، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، نئون [ٻيو] ڇاپو 2014ع، مهاڳ جو پهريون صفحو
(5) نقوي، نجف علي شاهه ”ڪمتر“، سيد، ’(سر کنڀات جي) لغت‘ (مضمون)، ڪتاب: ”سر کنڀات جو مطالعو“، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پهريون ڇاپو مارچ 1972ع، ص: 93.
(6) شوق، نواز علي، ڊاڪٽر، ’پيش لفظ‘، ”لغات لطيفي“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، ٽيون ڇاپو 1994ع، ص: 6.
(7) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت“، مهاڳ جو ٽيون صفحو.
(8) ساڳيو. ٽيون صفحو.
(9) ساڳيو. پهريون صفحو.
(10) ساڳيو. ٻيو صفحو.
(11) ساڳيو. ٻيو صفحو.
(12) ساڳيو. ٻيو صفحو.
930 ڀيرا پڙهيو ويو