زمان مضارع ۽ واحد متڪلم ۾ ساڳي پڇاڙيءَ جو اڀياس
(A Study of coexisting suffix in Aorist tense and First person singular)
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
Abstract:
In every language, there are ways to shorten the sentences. In Sindhi language, pronominal suffixes are the main source for this purpose. Some studies on this issue can be found, but there is a serious insufficiency when it comes to scientific or linguistic discourse. Such is the case in the problem of last vowel-less sound of ‘meem’(م) and ‘seen’ (س)and didactical mark of second last consonant of sound relating to feminine and masculine. Recently, Qazi Ali Raza has worked on flash fiction/ short-short story of Abbass Korejo’s ‘Maan Dodo Ahyan’ focusing on the correct use of pronominal suffixes ‘meem’ and ‘seen’. In Sindhi Grammar, ‘meem’ and ‘seen’ suffixes are commonly used, but suffixes which are associated with verbs are not recognized and researched scholastically. Such is the case when a famous scholar disapproved the first person pronoun in the words ‘Wanjan and Ahyan’ and made a point that it contains only Aorist (Muazriu) tense. Through study, it has proved that the words ‘Wanjan’ or ‘Ahyan’ contain both Aorist tense and pronominal suffix simultaneously. Therefore, ‘meem’ and ‘seen’ can be supposed ‘Marked’. Whereas, due to presence of pronominal suffix and Aorist tense in pronominal verb ‘achan’ can be called Unmarked because when we use such a verb word in a sentence, we use a subject necessarily (in the instance of Maan Achaan?).
In this paper, a principle Study of Pronominal verb (Aorist tense and pronominal suffix) is brought forward and discussed.
اڀياس جو پس منظر:
دنيا ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون انهن ۾ پنھنجون نراليون خوبيون آهن، خاص طور تي پنھنجي بيان کي مختصر طور پيش ڪرڻ جو ڍنگ، سڀني ٻولين ۾ آهي. ان لحاظ کان ڪنھن به ٻوليءَ کي گهٽ يا وڌ چوڻ غير علمي عمل ٿي وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي جملن ۾ اختصار ڪرڻ واري خوبيءَ ۾ ضميري پڇاڙين جو وڏو ڪردار آهي.
عنوان کي ڏسندي ’ضميري پڇاڙين‘ جو هڪ وڏو ميدان نظر اچي ٿو، جنھن تي باضابطه يا تحقيقي اصولن موجب ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي. رڳو ’فعل ۽ ضميري پڇاڙين جي ميلاپ‘ جو اڀياس ڪجي ته هوند ٿيسز جيترو ڪم ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته ضميري پڇاڙيون صرف ’م ۽ س‘ ناهن، پر ٻيون به ڪافي ٿي وڃن ٿيون جيڪي واضح ٿي نه ٿيون بيھن. ان موضوع تي لسانياتي حوالي سان ڪم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي گهرج آهي. تحقيق، ڪتاب لکڻ يا وضاحتي اسم يڪجا ڪرڻ کي نه چئبو آهي، پر اڻ ڇھيل معاملن/ مسئلن کي کوٽي نتيجي ڪڍڻ کي چئبو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي خوبين ۽ ان جي معاملن تي تحقيقي ڪم ان سبب به اڳتي نه وڌيو آهي جو اسان وٽ تحقيق وارو ماحول جڙي نه سگهيو آهي.
بيشڪ هر ماڻهو ٻوليءَ جي مالڪي رکي ٿو، هر ماڻهو ٻوليءَ جا بنيادي اسم پڙهي پرجهي وڏو ٿيو آهي؛ پر هر ماڻهو، هر شعبي جي باريڪ جزن تي مھارت رکي، اهو ممڪن ڪونهي! ڪم ٿيل هوندس ’فلاڻي جي شاعريءَ ۾ فلاڻو فڪر/ ڪردار‘ يا وري ’فلاڻي جي ڪيل ڪم جو تحقيقي جائزو‘ وغيره پر اهو لسانيات جي هر پاسي جي دعوى پڻ ڪندو! اهڙن روين سنڌ جي علمي ادارن کي وهاري ڇڏيو آهي، سنڌ جي نوجوان نسل ۾ ڪم ڪرڻ جي اتساهه کي رنڊايو آهي.
هڪ اهم علمي شخصيت هڪ هنڌ ائين فرمايو ته ’آهيان ۽ وڃان، مضارع آهي، ان ۾ ضميري پڇاڙي شامل ڪونهي.‘ ان جي اهڙي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪنھن حد تي وزن ضرور آهي، پر جنھن پاسي ڏانھن اشارو ڪجي ٿو، ان معاملي ۾ اِها ڳالهه کٽل آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين جي جن پاسن تي ڪم ٿيڻ گهربو هو، سو نه ٿي سگهيو آهي ۽ افسوس اهو به ته، ان تي جيترو به علمي ڪم ٿيو آهي اهو اسان جي پرنٽ ميڊيا تائين مڃتا ماڻي نه چڪو آهي؛ مثلاً: ضميري پڇاڙين ’م‘ ۽ ’س‘ جو درست استعمال يا ضميري پڇاڙين جي حالت ۾ آخري ساڪن هجڻ جو تصور وغيره.
جڏهن ضميري پڇاڙين ’م‘ ۽ ’س‘ جو اڀياس ڪجي ٿو ته ان جو گهڻو تڻو ڳنڍ فعل سان رهي ٿو؛ حالانڪ، ڄاڻايل پڇاڙين جو ڳنڍ ’اسم‘ ۽ ’حرف جر‘ سان به نوٽ ڪيل آهي. هتي صرف فعل جي هڪ جز مضارع سان، ڳنڍ جي نسبت صرف ضمير متڪلم جو اڀياس ڪيو ويندو. هن کان اڳ ’م‘ ۽ ’س‘ جي پاسن تي ڪم ڪيو ويو آهي، جنھن لاءِ ڏسو راقم جو لکيل مقالو ’سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙي ’م‘ ۽ ’س‘ جو تنقيدي اڀياس“. (جوکيو، 2016: 81- 106)
ويجهڙ ۾ علي رضا قاضيءَ ’فليش فڪشن‘ ۾ ضميري پڇاڙين جي درست استعمال جي نسبت هڪ مقالو ’فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جو ڪارج‘ لکيو، جنھن جو مرڪز صرف ’م‘ ۽ ’س‘ تي هيو. علي رضا قاضيءَ جو ڪم بيشڪ ڪارائتو لڳو پر ضميري پڇاڙين جو هڪ اهم پاسو کانئس به رهجي ويو. ان اهڙي پاسي کي جانچي نمايان ڪرڻ لاءِ علي رضا قاضيءَ جي چونڊيل ’عباس ڪوريجي‘ جي فليش فڪشن/ مختصر- مختصر ڪھاڻي: ’مان دودو آهيان‘ کي ئي ٻيھر کڻجي ٿو. (قاضي، 2017: 77- 90)
1.1. هڪ مختصر- مختصر ڪھاڻيءَ جو ڇيد
عباس ڪوريجي جي فليش فڪشن: ‘مان دودو آهيان’ ۾ ضميري پڇاڙين جو استعمال
روپا ماڙيءَ جو رستو پڇائيندي پڇائيندي رڻ ۾ وڃي نڪتو هوس، پري کان سائي رنگ جو مقبرو نظر پئي آيو. ڊگهي ڪلراٺي ڪچي رستي سان نه ماڻهو نه پاڇو، رڙهندو وڃي ويجهو پھتم. مقبرو دودي جي ارڏائپ جيان ڪنڌ مٿي ڪيو بيٺل هو. منھنجي خيالن ۾ جڙيل روپا ماڙيءَ جي محل وارو تصور ڀري ڀورا ڀورا ٿي ويو جڏهن مقبري جي پٺئين پاسي رڳو ڦٽل ۽ ڊٺل آثار نظر آيا.
مقبري جو دروازو کولي اندر گهڙي پيم، وڏي اُڀي شانائتي قبر محسوس پئي ڪرايو ته ڪنھن دلير ۽ سورهيه مڙس کي ٻکي رکيو اٿس. قبر جي ڀرسان اچي عقيدت وچان هٿ لاهڻ مس چاهيو ته ڪڙڪيدار آواز ڇرڪائي وڌو.
”متان هٿ لاٿو اٿئي!“
پوئتي نهاريو ڪوبه نه هيو، اڳيان نظر ڦيرائي به ڪو نظر نه آيو، ڊوڙي دروازي تي آيس، ٻاهر به ڪوئي نه هو. حيران رهجي ويم ته ڪنھن جو آواز هو.
”ڪير آهين!؟ ۽ ڪيئن ڀلجي هيڏي آيو آهين؟“
ٻيھر ڇرڪندي پوئتي نھاريو، محسوس ٿيم ته آواز قبر جي ڀر مان پئي آيو. گهٻرائيندي تعارف ڪرايم،
”ڌرتيءَ جو خادم آهيان، ڌرتيءَ جي هن سورهيه پٽ جي حاضري ڀرڻ آيو آهيان.“
”واپس هليو وڃ.....!!“
”ڇو واپس وڃان...؟؟ ۽ توهان ڪير پيا ڳالهايو؟“
”مان دودو آهيان!!!“
منھنجا تاڪ لڳي ويا، حيرت ۽ همت کي گڏي چيم:
”منھنجي لاءِ فخر جھڙي ڳالهه آهي ته توهان مون سان مخاطب ٿيا آهيو!“
”مون ستل ذهن ۽ ضميرن واري قوم جو فخر ٿيڻ نه چاهيو هو، اها قوم جيڪا پنھنجي سورهين کي رڻ ۾ رکي ڇڏي، آئون ان قوم جو سورهيه پٽ سڏرائڻ نٿو چاهيان..... هتان واپس هليو وڃ!“
”دودا...! يار ائين نه ڪر!“
”توکي چيم ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو مري چڪو آهي، آئون هاڻي فقط سومرن جو پير آهيان.“
هن مختصر- مختصر ڪھاڻيءَ ۾ لفظن جو ڪل تعداد 289 بيھي ٿو. جنھن مان فعلن ۾ امڪاني ضميري پڇاڙين جا جز ڳولهڻ لاءِ فعلي صورت وارا لفظ سامهون رکجن ٿا:
1. پڇائيندي (اسم حاليه، مصدر: پڇائڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
2. وڃي نڪتو هوس (مرڪب فعل، مصدر: وڃي نڪرڻ مان) اصولي طور ’س‘ ضمير غائب لاءِ ڪم اچڻ گهرجي، جڏهن ته ڪھاڻيءَ ۾ ضمير متڪلّم لاءِ ڪم آندل آهي.
3. نظر پئي آيو (مرڪب فعل، مصدر: نظر اچڻ مان) ضمير غائب جي صورت
4. رڙهندو وڃي (ماضي معطوفي، مصدر: رڙهي وڃڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
5. پھتم (فعل، مصدر پھچڻ مان) + ’م‘ ضمير متڪلم جي پڇاڙي
(سنڌي ٻوليءَ ۾ ’م‘ ڪڏهن به ضمير غائب لاءِ ڪم نه آيو آهي، جڏهن ته ’س‘ ۾ اها لچڪ رهي ٿي جو ڪڏهن ’ضمير متڪلم لاءِ ته ڪڏهن ضمير غائب لاءِ! اصولي طور معياري ٻوليءَ پٽاندر ’س‘ ضمير غائب لاءِ ڪم اچڻ گهرجي.)
6. ڪنڌ مٿي ڪيو (محاورو، مصدر: ڪنڌ مٿي ڪرڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
7. بيٺل هو (مرڪب فعل، مصدر: بيٺو هجڻ مان) ضمير غائب جي صورت
8. ڀري ڀورا ڀورا ٿي ويو (فعل/ اصطلاح، مصدر: ڀُري ڀوررا ڀورا ٿيڻ مان) ضمير غائب جي صورت
9. نظر آيا (مرڪب فعل، مصدر: نظر اچڻ) ضمير غائب جي صورت
10. کولي (فعل، مصدر: کولڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
11. گهڙي پيم (مرڪب فعل، مصدر: گهڙي پوڻ مان) ضمير متڪلم جي پڇاڙي
12. محسوس پئي ڪرايو (مرڪب فعل، مصدر: محسوس ڪرائڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
13. ٻکي رکيو اٿس (مرڪب فعل، مصدر: ٻکي رکڻ مان) ضمير غائب جي پڇاڙي
14. هٿ لاهڻ (مصدر: هٿ لائڻ؛ هتي هٿ لاهڻ جي صورتخطي مناسب ناهي) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
15. چاهيو (فعل، مصدر: چاهڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
16. ڇرڪائي وڌو (مرڪب فعل، مصدر: ڇرڪائي وجهڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
17. هٿ لاٿو اٿئي (مرڪب فعل، مصدر: هٿ لائڻ مان؛ هتي پڻ صورتخطي مناسب ناهي، لائڻ جو ماضي لاتو ٿيندو) ضمير حاضر جي صورت
18. نهاريو (فعل، مصدر: نهارڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
19. هيو (فعل/ مددي فعل، مصدر: هجڻ مان) ضمير غائب جي صورت
20. نظر ڦيرائي (مرڪب فعل، مصدر: نظر ڦيرائڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
21. نظر نه آيو (مرڪب فعل، نظر اچڻ : مرڪب فعل) ضمير غائب جي صورت
22. آيس (فعل، مصدر: اچڻ مان) ضمير غائب جي صورت
23. رهجي ويم (مرڪب فعل، مصدر: رهجي وڃڻ مان) ضمير متڪلم جي صورت
24. هو (فعل/ مددي فعل، مصدر: هجڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
25. آهين (فعل/ مددي فعل، مصدر: هجڻ مان) ضمير حاضر جي صورت
26. آيو آهين (مرڪب فعل، مصدر: اچي وڃڻ مان؛ هتي ’آهين‘ ضمير حاضر جي پڇاڙي ٿي بيٺو آهي، جنھن سبب مونجهارو ٿئي ٿو ته ’آيو آهين‘ مصدر اچي وڃڻ مان وٺجي، اچي چڪڻ مان وٺجي يا اچي رهڻ مان وٺجي؟)
27. نهاريو (فعل، مصدر: نهارڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
28. محسوس ٿيم (مرڪب فعل، مصدر: محسوس ٿيڻ مان) ضمير متڪلم جي پڇاڙي
29. پئي آيو (مرڪب فعل، مصدر: پيو اچڻ مان) ضمير غائب جي پڇاڙي
30. تعارف ڪرايم (مرڪب فعل، مصدر: تعارف ڪرائڻ مان) ضمير متڪلم جي پڇاڙي
31. آهيان (فعل، مصدر هجڻ مان) ضمير متڪلم جي صورت
32. حاضري ڀرڻ آيو آهيان (مرڪب فعل/ اصطلاح، مصدر: حاضري ڀرڻ لاءِ اچڻ) ضمير متڪلم جي پڇاڙي
33. هليو وڃ (مرڪب فعل، مصدر: هليو وڃڻ مان) ضمير حاضر جي پڇاڙي
34. وڃان (فعل مضارع، مصدر: وڃڻ مان) هتي ’وڃان‘ متڪلم جي صورت ۾ آهي
35. پيا ڳالهايو (مرڪب فعل، مصدر: پيو ڳالهائڻ مان) ضمير حاضر جي پڇاڙي
36. آهيان (فعل، مصدر هجڻ مان) ضمير متڪلم جي صورت
37. تاڪ لڳي ويا (مرڪب فعل/ اصطلاح، مصدر: تاڪ لڳي وڃڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
38. چيم (فعل، مصدر: چوڻ مان) ضمير متڪلم جي پڇاڙي
39. آهي (فعل/ مددي فعل، مصدر: هجڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
40. مخاطب ٿيا آهيو (مرڪب فعل، مصدر: مخاطب ٿيڻ مان) ضمير حاضر جي صورت
41. ستل (اسم مفعول؛ مصدر: سمهڻ مان) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
42. فخر ٿيڻ (مصدر) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
43. چاهيو هو (فعل، مصدر: چاهڻ + مددي فعل) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
44. رکي ڇڏي (مرڪب فعل، مصدر: رکي ڇڏڻ) ضمير جي لحاظ کان هن ۾ لچڪ رهي ٿي.
45. نٿو چاهيان (مددي فعل + فعل، مصدر چاهڻ مان) ضمير متڪلم جي صورت
46. هليو وڃ (مرڪب فعل، مصدر: هليو وڃڻ مان) ضمير حاضر جي صورت
47. ڪر (فعل، مصدر: ڪرڻ مان) ضمير حاضر جي صورت
48. چيم (فعل، مصدر: چوڻ مان) ضمير متڪلم پڇاڙي
49. واپس وڃ (مرڪب فعل، مصدر: واپس وڃڻ مان) ضمير حاضر جي صورت
50. ٻڌائي ڇڏ (مرڪب فعل، مصدر: ٻڌائي ڇڏڻ مان) ضمير حاضر جي صورت
51. مري چڪو آهي (مرڪب فعل، مصدر: مري چُڪڻ مان) ضمير غائب جي صورت
52. آهيان (فعل، مصدر هجڻ مان) ضمير متڪلم صورت
مٿين لفظن ۾ مصدرَ ۽ ان مان جڙيل امر/ فعلَ، مددي فعل، مرڪب فعل، اصطلاحَ، محاورا، اسم حاليه ۽ اسم مفعول جا لفظ شامل آهن. انهن مان جيڪڏهن صرف اهڙا فعل ڪڍجن ٿا جن ۾ امڪاني طور ضميري پڇاڙيون شامل هجن ته اهڙن لفظن جو تعداد 34 ٿي وڃي ٿو.
هن مختصر- مختصر ڪھاڻيءَ ۾ ضميري پڇاڙين جي ڇنڊڇاڻ مان هيٺيان نڪتا اخذ ٿين ٿا:
ڪن فعلي صورت وارن لفظن ۾ لچڪ ٿئي ٿي؛ جيئن: ’ڪنڌ مٿي کنيو‘. هن ۾ اهڙو فعل آهي جيڪو ضمير متڪلم، حاضر ۽ غائب سان لڳي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ ضمير خالص جي خيال کان اڳ واري جملي جي جز يا فاعل سان سلهاڙبس.
ڪن ۾ لچڪ جو امڪان ڪونهي؛ جيئن: ’حاضري ڀرڻ آيو آهيان‘ هن ۾ فعل جي اهڙي صورت آهي جيڪا صرف متڪلم لاءِ ڪم اچي ٿي؛ ساڳئي وقت ’نظر پئي آيو/ آيا‘ ۾ اهڙو فعل آهي جيڪو صرف ضمير غائب جي صورت ئي ڏَسي ٿو.
معياري سنڌي ٻوليءَ پٽاندر ’م‘ متڪلم لاءِ ۽ ’س‘ ضمير غائب لاءِ ڪم اچي ٿو؛ جڏهن ته ڄاڻايل ڪھاڻيءَ ۾ لچڪ نظر آئي آهي.
وضاحت: ’ڪنڌ مٿي کنيو‘ وارو فعلي فقرو اهڙو آهي، جيڪو ’ضمير متڪلم، حاضر ۽ غائب‘ جي فاعل سان به جوڙي سگهجي ٿو؛ مثلاً: ’مون/ اسان ڪنڌ مٿي کنيو‘، تو ڪنڌ مٿي کنيو‘ ۽ ’هن/ هنن ڪنڌ مٿي کنيو‘. پر ڪي فقرا اهڙا ٿين ٿا، جن سان ٻيا ضمير فعلي صورت ۾ نه ٿا لڳائي سگهجن؛ جيئن: ’حاضري ڀرڻ آيو آهيان‘، اهو صرف متڪلم لاءِ ئي ڪم اچي سگهي ٿو. ٻوليءَ جي اهڙن مقرر ٿيل دائرن آڌار هن اڀياس لاءِ هيٺيان سوال طئي ڪجن ٿا:
اڀياسي سوال:
ڇا معياري سنڌي ٻوليءَ پٽاندر ضميري پڇاڙين ’م‘ ۽ ’س‘ ۾ لچڪ قابل قبول آهي؟
ڇا امري صورت وارا لفظ ضمير حاضر کان سواءِ متڪلم ۽ غائب لاءِ به تصور ڪري سگهجن ٿا؟
ڇا مددي فعل ’آهيان‘ کي ڪنھن به انداز سان ضمير حاضر يا غائب لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو؟
ڇا ’بيٺل هو‘ کي ضمير غائب کان سواءِ متڪلم يا حاضر لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو؟
ڇا ’آيو آهين‘ کي ضمير حاضر کان سواءِ متڪلم يا غائب لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو؟
اڀياس جو عمل:
مٿئين پس منظر ۽ سوالن مان اها ڳالهه نروار ٿئي ٿي ته فعل سان سلهاڙيل ضميري پڇاڙيون ٻن قسمن جون ٿين ٿيون، هڪڙيون: واضح (Marked) ، ٻيون: غير واضح (Unmarked)
• واضح ۾ ’م‘ ۽ ’س‘ سامهون اچن ٿيون
• غير واضح ۾ فعل سان سلهاڙيل اهڙيون ضميري پڇاڙيون ٿين ٿيون، جيڪي مخصوص ضمير خالص کان علاوه ساڳئي وقت امر/ فعل/ زمان جون پڇاڙيون پڻ آهن.
صرفيات (Morphology) جي لحاظ کان ’چاهيان‘ لفظ ’چاهه + مان‘ مان جڙيو آهي. اهڙي صورت ۾ ڄاڻايل لفظ ’امر + متڪلم‘ ملي مضارع جي حالت ۾ ڪم اچي ٿو. هن صورت ۾ مضارع سان گڏ ضمير متصل جي پڇاڙي (م/ س) نه ٿي لڳي، بلڪ عام طور ان سان ضمير منفصل لڳايو ويندو آهي، جنھن سبب ان کي غير واضح (Unmarked) ضميري پڇاڙيءَ جو نالو ڏئي سگهجي ٿو.
ياد رهي ته زمان مضارع مان مراد اهڙو زمان جنھن ۾ زمان حال ۽ مستقبل جو امتزاج هجي؛ يعني اهڙو فعلي لفظ جنھن سان زمان حال ۽ مستقبل جو وقت لاڳو ڪري سگهجي. ساڳئي وقت ’آن‘ مضارع جي پڇاڙي پڻ ڪوٺجي ٿي. آنجھاني ڀيرومل آڏواڻي پڻ اهڙي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته: ”اهڙو زمان جنھن مان هلندڙ توڙي ايندڙ وقت جي معنى نڪري ٿي، تنھن کي زمان مضارع چئبو آهي.“ (ڀيرومل، 1985: 127) مضارع جوڙڻ جي واٽ ۾ ’آن‘ پڇاڙيءَ بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”ماريان (= مار + آن)- هتي به ’آن‘ پڇاڙي گڏجي ٿي.“ (ڀيرومل، 1985: 128)
واضح (Marked)ضميري پڇاڙين ’م‘ ۽ ’س‘ بابت:
سنڌي ٻوليءَ جي معياري لهجي (Standard Dialect) موجب ’م‘ متڪلم واحد ۽ ’س‘ غائب واحد ضمير طور ڪم آڻڻ گهرجي، اهڙي راءِ ڊاڪٽر ٽرمپ (ٽرمپ، 2011: 163) ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم (هدايت، 1995: 53- 54) جي حوالن مان به واضح ملي ٿي؛ پر جتي ’ضمير متڪلم‘ طور ’س‘ جو استعمال ٿئي ٿو، ان هنڌ ٻوليءَ جي نسبت مونجهارو سامهون اچي ٿو، ان سبب نثر توڻي نظم ۾ ’ضمير منفصل‘ (مان/ آئون) جو استعمال انتھائي ضروري آهي.
اها ڳالهه ڌيان ۾ آندي وئي آهي ته مذڪوره ضميري پڇاڙين مان ’م‘ متڪلم واحد جو استعمال پختيءَ طرح فاعل کي واضح ڪري ٿو، جنھن صورت ۾ هڪ لفظ به جملي جي صورت ۾ بيھي ٿو، جيئن: ’لکيُم‘ (مون ڪجهه لکيو). پر جڏهن هڪ لفظ ’لکيُس‘ چئبو يا لکبو ته مراد ٿيندي: ’هُن، هن ڏانھن ڪجهه لکيو‘. جنھن صورت ۾ ’لکيُس‘ کان متڪلم وارو ڪم وٺڻو آهي، ان صورت ۾ واضح صورت ۾ فاعل/ ضمير جو استعمال ڪندي ’مون لکيُس‘ (مون، هن ڏانھن ڪجهه لکيو) جو استعمال ڪرڻو پوندو. جنھن مان واضح ٿئي ٿو ته ’س‘ ضمير غائب واحد جي پڇاڙي آهي. (جوکيو، 2016: 81- 106)
ڏنل ڪھاڻيءَ موجب منڍ جي ئي ٻن جملن (روپا ماڙيءَ جو رستو پڇائيندي پڇائيندي رڻ ۾ وڃي نڪتو هوس، پري کان سائي رنگ جو مقبرو نظر پئي آيو. ڊگهي ڪلراٺي ڪچي رستي سان نه ماڻهو نه پاڇو، رڙهندو وڃي ويجهو پھتم) ۾ ضمير متڪلم لاءِ ’م‘ ۽ ’س‘ جو گاڏڙ استعمال ٿيل آهي. ان سبب معياري ٻولي ۽ ان جي معيارن (Standards) پٽاندر، ڪم آندل ضميري پڇاڙين کي غير مناسب سمجهيو وڃي ٿو.
غير واضح (Unmarked) ضميري پڇاڙين بابت:
فعل سان سلهاڙيل واضح ضميري پڇاڙين ۾ ’م‘ ۽ ’س‘ شامل ٿين ٿيون؛ جڏهن ته غير واضح ۾ مختلف پڇاڙيون سامهون اچن ٿيون، جن تي باضابطه ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. هيٺ اهڙي اکيڙ پيش ڪجي ٿي:
• غير واضح ضميري پڇاڙيون
o ضمير متڪلم صورت ۾: آهيان (متڪلم صورت ۾ ‘آن’ جي پڇاڙي ضمير متڪلم جي نمائندگي ڪري ٿي.)
o ضمير حاضر صورت ۾: وڃُ، ڪرِ، ڇڏِ وغيره (امري صورت ۾ مخاطب، ضمير حاضر کي ٿبو آهي. اهڙي صورت ۾ آخري زير يا پيش غير واضح ضمير حاضر جي نمائندگي ڪري پيو)
ان حوالي سان ڀيرومل آڏواڻي هڪ هنڌ اشاري لاءِ لکي ٿو ته: ” اشارو- اچُ معنى تون اچ. اهڙيءَ طرح امر سڀاويڪ طرح حاضر ماڻهوءَ (ضمير حاضر) سان لاڳو ٿئي ٿو. (ڀيرومل، 1985: 104)
o ضمير غائب صورت ۾: ڳالهايو (غائب صورت ۾ ‘او’ جي پڇاڙي ڳنڍي ويندي آهي، ٻي صورت ۾ ضمير جو استعمال گهربل هوندو آهي)
هتي غير واضح ضميري پڇاڙين تي هڪ نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته جيئن هڪ اڻ ڇهيل عنوان تي اڳتي تحقيق ٿي سگهي.
فعل ۽ ضمير جي گڏيل روپ ۾ غير واضح (Unmarked) ضميري پڇاڙين بابت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ڄاڻائي ٿو ته: ” ’اڃا‘ لفظ ۾ آخر ۾ ’ن‘ لکڻ جي ضرورت ناهي. اچارن جي عادت موجب ’ڃ‘ جي اڳيان ۽ پٺيان ايندڙ سرُ ’اَ ۽ آ‘ ٻيئي پاڻمرادو گُهڻي اچار وارا ٿي ويندا آهن. پر ’وڃان‘ ۽ ’مڃان‘ ۾ آخر ۾ / ن/ لکڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهو زمان مضارع، متڪلم، عدد واحد جي پڇاڙيءَ جو حصو آهي. ساڳيءَ طرح ’هو وڻي ٿو‘، هتي ’وڻي‘ جي آخر ۾ / ن/ نه لکبو، پر ’تون وڻين ٿو‘ جملي ۾ ’وڻين‘ فعل ۾ / ن/ لکڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ’اين‘ پڇاڙي (Suffix) جو حصو آهي (وڻ + اين = وڻين). انهن مثالن مان ظاهر آهي ته اسان کي لفظن جي صورتخطي يا املا جا قاعدا ٺاهڻ وقت سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيھڪ جو به گهڻو خيال رکڻ گهرجي.“ (جيٽلي، 1999: 195)
ڊاڪٽر جيٽلي، صورتخطيءَ جي قاعدن جوڙڻ لاءِ وياڪرڻي بيھڪ تي ڌيان ڏيڻ جي تاڪيد ڪئي آهي؛ پاڻ جيڪي مثال ڏنا اٿس، ان ۾ ’وڃان‘ لاءِ اهو ئي ڄاڻايو اٿائين ته ’اهو زمان مضارع، متڪلم، عدد واحد جي پڇاڙيءَ جو حصو آهي‘. يعني اها ’آن‘ جي پڇاڙي جتي زمان مضارع جي نمائندگي ٿي ڪري، سا ساڳئي وقت ’ضمير متڪلم واحد‘ جي پڻ پڇاڙي آهي. ان ڪارڻ ’وڃان‘ لفظ لاءِ رڳو اهو چوَڻ ته ’اهو صرف ’زمان مضارع‘ آهي ۽ ان ۾ ضميري پڇاڙي ڪانهي‘، غير علمي رويو ٿي وڃي ٿو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا اهڙين ضميري پڇاڙين کي ’ضمير متصل‘ ڪوٺيندي ڪجهه مثال ڏنا آهن. بيشڪ متصل مان مراد ئي آهي، ڳنڍيل، گڏيل. يعني اهڙيون نشانيون جيڪي فعل سان ڳنڍيل آهن. صاحب موصوف لکي ٿو ته: ”متصل ضمير يا ضميري پڇاڙيون ڇا آهن ۽ انهن جو استعمال ڪيئن ۽ ڪھڙو آهي، انهن سڀني ڳالهين جي سمجهڻ لاءِ پھرين هيٺ ڏنل جملا پڙهو:
هٿ ۾ ڪتاب اٿم.
پُٽُم ڪالهه آيو آهي.
پُٽُس ڪراچيءَ ويو آهي.
ڌِيڻَس ڊاڪٽرياڻي آهي.
کيس هڪ ڳالهه ٻڌايمَ.
ڇا کپيئِي؟
چيومانس ته هليو وڃي.
چوانس ٿو ته سڀاڻي اچي.
سڀاڻي کين خط لکندس.
ڇا آندو اٿوَ.
ڇا خريد ڪيو اٿَن.
چاچُم ڪالهه آيو هو.
هڪ ڳالهه ٻُڌايانوَ ٿو.
چؤ ته ڇا ڏيانءِ.
ٻاهر ڪو سڏيوَ ٿو.
مٿي ڏنل جملن ۾ ليڪ ڏنل لفظ، توجه طلب آهن. اهي لفظ هي آهن:’اَٿم‘، ’پُٽم‘، ’پُٽس‘، ’ڌيڻَس‘، ’کيس‘، ’ٻُڌايَمِ‘، ’کپيئي‘، ’چيومانس‘، ’کپن‘، ’اٿوَ‘، ’اٿنِ‘، ’چاچُم‘، ’ٻُڌايانوَ‘، ’ڏيانءِ‘ ۽ ’سڏيوَ‘. انهن لفظن سان ’ـم‘، ’ـس‘، ’ـئِي‘ ’ـنِ‘، ’ـوَ‘ ۽ ’ءِ‘ وغيره ضميري پڇاڙيون ملايون ويون آهن، جيڪي اسمن، ضميرن، فعلن ۽ حرف جر سان ملايون وئيون آهن. اهڙين ضميري پڇاڙين يا ضميري نشانين کي ’ضمير متصل‘ چئبو آهي.“ (الانا، 2010: ص 299 - 300)
ڄاڻايل جملن جا مثال اهڙا آهن جن ۾ ضميرن جي استعمال بجاءِ ’ضميري پڇاڙيون‘ ڪم آندل آهن. ڊاڪٽر الانا جيڪي ضميري پڇاڙيون ڄاڻايون آهن، سي ٻن گروهن ۾ رکي سگهجن ٿيون:
• هڪ گروهه ۾ ’س‘ ۽ ’م‘ پڇاڙيون اچي وڃن ٿيون، جيڪي اسمن، ضميرن، حرف جر ۽ فعلن سان ملائي سگهبيون آهن.
• ۽ ٻئي گروه ۾ ’ئِي، نِ، وَ ۽ ءِ‘ اچي وڃن ٿيون، جيڪي پڻ ٻين لفظن کان علاوه فعلن سان پڻ ڳنڍجن ٿيون.
وصف: ڊاڪٽر الانا جي ڄاڻايل مثالن مان اها وصف اخذ ٿئي ٿي ته: ’اهڙا جملا جن ۾ ضمير جو استعمال نه هوندي به جملو ضمير جي نسبت درست ڏسُ ڏئي ته ان کي ’ضميري پڇاڙي‘ چئجي.
واحد بخش شيخ صاحب ’ضمير متصل‘ يا ’ضميري پڇاڙين‘ نسبت لکي ٿو ته: ”اصل فعل کي شخصي پڇاڙين گڏڻ سان زمان مضارع ٺھندو آهي. وضاحت يا تاڪيد لاءِ مضارع جي اڳيان ضمير منفصل استعمال ٿيندو آهي، ورنه عام حالت ۾ شخصي پڇاڙيون ڪم آڻبيون آهن. مضارع جي مطلق صورت ۾ مذڪر يا مؤنث جو فرق نه هوندو آهي، مثلاً:
واحد مذڪر ۽ مؤنث جمع مذڪر ۽ مؤنث
متڪلم پڙهان (مان پڙهان) پڙهون (اسان پڙهون)
حاضر پڙهين (تون پڙهين) پڙهو (توهان پڙهو)
غائب پڙهي (هو يا هوءَ پڙهي) پڙهن (هو يا اهي پڙهن)
(واحد، 1989: 2)
واحد بخش شيخ جي مضارع بابت خيال بھتر آهي، پر هتي ڳالهه جو ڳر اهو ته اهو مضارع ضمير خالص جي لحاظ کان ڪنھن طرف ٿو وڃي؟
جڏهن ’پڙهان‘ لفظ استعمال ٿئي ٿو ته بيشڪ اهو ’زمان حال‘ ۽ ’زمان مستقبل‘ جو گڏيل روپ آهي، جنھن سبب مضارع ڪوٺجي ٿو. اها به ڳالهه سامهون آئي ته اهڙا بنيادي فعلي لفظ ’مؤنث‘ يا ’مذڪر‘ ٻنهي سان لاڳو ٿيندا ۽ لفظ ۾ ڦيرو نه ٿو اچي.
هتي اهو ڏسڻو آهي ته ’پڙهان‘ لفظ، مضارع جي حالت ۾ صرف ’ضمير متڪلم‘ لاءِ ڪم اچي ٿو يا ٻئي ڪنھن (حاضر ۽ غائب) سان به لڳي سگهي ٿو؟
هي موضوع جيئن ته ڪافي ڊگهو آهي ۽ پي.ايڇ.ڊي سطح جو آهي، ان ڪارڻ صرف زمان مضارع/ حال ۽ ضمير متڪلم جي پڇاڙيءَ تائين محدود رکجي ٿو.
ڏٺو وڃي ته ’زمان مضارع‘ جي جڏهن ڳالهه ڪجي ٿي ته واحد بخش شيخ صاحب جو ڄاڻايل لفظ ’پڙهين‘ به مونجهارو ڪري ٿو. يعني اهو گمان رهي ٿو ته ’ان کي مضارع سمجهجي يا نه؟‘ گڏوگڏ اهو به واضح ٿئي ٿو ته انهن لفظن سان ’ٿو/ ٿي‘ جھڙا مددي فعل ملائبا ته زمان حال مطلق ڏانھن ويندا. اهڙي مونجهاري تحت ’مضارع‘ تي الڳ سان ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. البت، صاحب موصوف جي مضارع ۾ ضميري پڇاڙين جي وضاحت ساراه جوڳي آهي.
هيٺ غير واضح ضميري پڇاڙين جي حوالي سان ڊاڪٽر الانا جي چند جملن جو ڇيد ڪجي ٿو:
• چوانس ٿو ته سڀاڻي اچي.
• هڪ ڳالهه ٻُڌايانوَ ٿو.
• چؤ ته ڇا ڏيانءِ.
• ٻاهر ڪو سڏيوَ ٿو.
مٿيان جملا اهڙا آهن جن ۾ زمان مضارع/ حال جا لفظ ملن ٿا، جن جو هيٺين ريت ڇيد ڪري سگهجي ٿو.
لفظ ڇيد
چوانس چوان (مان چوان) + س (ضمير غائب، واحد)
ٻڌايانوَ ٻڌايان (مان ٻڌايان) + وَ (ضمير حاضر، جمع)
ڏيانءِ ڏيان (مان ڏيان) + ءِ (ضمير حاضر، واحد)
سڏيوَ سڏي (هو يا هوءَ سڏي) + وَ (ضمير حاضر، جمع)
الانا صاحب جي ڄاڻايل مثالن مان چند جملن ۾ ضميري پڇاڙين نسبت هيٺيان نڪتا ملن ٿا:
مضارع لفظ ’چوان‘ صرف ضمير متڪلم جي صورت ۾ ئي ڪم ايندو آهي. جملي ۾ ڪم آندل لفظ جي نوعيت مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته ’ضمير منفصل‘ (مان/ آئون) کان سواءِ ئي جملو درست مفھوم ڏئي پيو.
’چوانس‘ (مان هن کي چوان) ۾ ’س‘ ضميري پڇاڙي ’ضمير غائب‘ لاءِ ئي سمجهڻ گهرجي، ان صورت ۾ ’س‘ کان ’ضمير متڪلم‘ وارو ڪم وٺڻ معياري ناهي.
ٻيا لفظ ’ٻڌايان‘، ’ڏيان‘ متڪلم صورت ۾ ئي رکيا ويا آهن، جن ۾ ’ضمير منفصل‘ (مان/ آئون) جي گهرج نه هجڻ سبب، ڪم آندل ڪونهي.
لفظ ’سڏي‘ جو تعلق ضمير غائب سان ئي آهي. (’اي‘ پڇاڙيءَ بجاءِ ’اِين‘ ڳنڍبي ته ضمير حاضر جي مراد ڏيندو)
’ءِ‘ پڇاڙي ’ضمير حاضر، واحد‘ ۽ ’وَ‘ پڇاڙي ’ضمير حاضر، جمع‘ جي مراد ڏئي ٿي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ واحد بخش شيخ جي ڄاڻايل مثالن مان هيٺيون ڳالهيون واضح ٿين ٿيون:
جنھن صورت ۾ واحد لاءِ ’م‘ ۽ ’س‘ واضح ضميري پڇاڙي لڳي ٿي ان صورت ۾ ضمير منفصل نه لڳائڻ سان به مراد واضح رهي ٿي؛ اهڙي حالت ۾ اهڙيون ضميري پڇاڙيون لڳائڻ اختياري آهي.
جنھن صورت ۾ مضارع سان غير واضح ضميري پڇاڙي بيھي ٿي ان حالت ۾ ضمير منفصل لڳائڻ بھتر ڄاتو ويو آهي.
مضارع ۽ ضمير متڪلم جي پڇاڙيءَ ۾ هڪجھڙائپ:
مٿين اکيڙ مان اهو معلوم ٿيو ته جڏهن لفظ ’پڙهان/ چوان/ وڃان/ اچان‘ کي ڏسجي ٿو ته هن لفظ جا ٻه پاسا سامهون اچن ٿا:
1. ’آن‘ زمان مضارع جي پڇاڙي
2. ’آن‘ متڪلم واحد جي ضميري پڇاڙي
اهڙيءَ حالت ۾ رڳو اهو ڪونه چئي سگهبو ته ڄاڻايل لفظ ’پڙهان‘ رڳو ’مضارع‘ آهي؛ پر ان ۾ اها ڳالهه به شامل ڪري سگهجي ٿي ته اها ’ضمير متڪلم‘ جي پڇاڙي پڻ آهي. يعني مضارع ٺاهڻ لاءِ بيشڪ ’آن‘ جي پڇاڙي لڳي ٿي، پر ان جو ڪردار ’متڪلم‘ وارو به آهي.
صرفيات جي روشنيءَ ۾ زمان مضارع ۽ ضمير متڪلم جي غير واضح پڇاڙي:
هتي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ’ڇا ’آن‘ جو پروس جزو رڳو ’مضارع‘ بڻائڻ لاءِ ڪم اچي ٿو؟‘ جواب اهو ئي ملندو ته ’نه، بلڪل نه!‘ مضارع بڻائڻ لاءِ ٻيون به پڇاڙيون ڪم اچن ٿيون. اهڙي صورت ۾ اها ڳالهه چوَڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته اهڙين پڇاڙين جو ٻٽو ڪردار ٿئي ٿو.
صرفيات (Morphology) موجب لفظ ’پڙهان‘ جا ٻه جزا (آزاد ۽ پروَس) بيھن ٿا؛
هڪ: پڙهه (آزاد/ Independent جزو)
ٻيو: آن (پروَس/ Dependent جزو)
’پڙهه‘ (ڙهه، ساڪن وسرڳ) لفظ، ’پڙُهه‘ امر مان ورتل آهي ۽ ’آن‘ (ڊگهو گهُڻو سُر) لفظ، ’مان‘ متڪلم مان ورتل آهي.
هتي خيال اهو به سامهون اچي ٿو ته مبادا ’آن‘ پڇاڙي ’آءٌ/ آئون‘ مان ورتل هجي! پر جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ’آخري سُر‘ جي اچار تي وڌيڪ توجه ڏيڻ جي خاصيت رهندي آئي آهي، ان ڪارڻ ’آن‘ پروَس پڇاڙيءَ جو بنياد ’آئون‘ مان نه، بلڪ ’مان‘ متڪلم مان لڳي ٿو، جنھن جو ’م‘ حذف ٿيو آهي، ائين جيئن ’ڪنڀر/ ڪنڀار‘ اصل ۾ ’ڪنڀ + ڪار‘ آهي، پر سَنڌيءَ (Assimilation) موجب ’ڪ‘ حذف ٿي ’آر/ اَر‘ پڇاڙي بيٺي آهي؛ جنھن مان ’ڪنڀار‘ ۽ وري ’ڪنڀر‘ ڪم اچي ٿو. ياد رهي ته اهڙي صورت ۾ آخري آواز حذف نه ٿيندا آهن. هن اکيڙ مان اها به ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته معياري ٻوليءَ موجب متڪلم واحد لاءِ ’مان‘ جي لفظ جو استعمال مناسب آهي.
حاصل مطلب ته ’م ۽ س‘ کان علاوه به ضميري پڇاڙيون ٿين ٿيون، جيڪي ڪنھن ’امر/ فعل‘ سان ملي ڪنھن ضمير خالص کي نمايان ڪن ٿيون. ڊاڪٽر الانا جو ڄاڻايل مثال (چؤ ته ڇا ڏيانءِ) به ان ڳالهه جي شاهدي ٿو ڏئي ته مضارع: ’ڏيان‘ ۾ ضمير متڪلم موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو صاحب موصوف ڄاڻايل مثالي جملي ۾ منفصل ضمير متڪلم (مان/ آئون) استعمال نه ڪيو آهي.
جيئن ته هي موضوع تمام ڊيگهارو آهي ان ڪارڻ هڪ حالت فاعليءَ جي، مثال ’پڙهان/ ڏيان‘ تي ئي اڪتفا ڪجي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته واحد متڪلم جي لاڳاپي واري فارميٽ جا لفظ ’ڏيانءِ، ڏيانوَ، ڏيانس، ڏياننِ/ ڏيانِ‘ ڪافي ٿي وڃن ٿا، جنھن تي الڳ سان ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي.
نتيجو:
عباس ڪوريجي جي هڪ مختصر- مختصر ڪھاڻيءَ تي ضميري پڇاڙين جي حوالي سان قاضي علي رضا جي ڪيل ڪم جو ٻيھر جائزو ورتو ويو. قاضي صاحب جو ضميري پڇاڙين ’م ۽ س‘ تي ڪم بھتر هيو، پر کانئس هڪ پاسو ان خيال کان به رهجي ويو جو ان جي معيارن تي ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي. هتي صرف زمان مضارع ۽ ضمير متڪلم جي جوڙ جو اڀياس ڪيو ويو آهي، جنھن جا هيٺيان نڪتا نروار ٿين ٿا:
• زمان مضارع مان مراد اهڙو زمان، جنھن ۾ زمان حال ۽ مستقبل جو امتزاج هجي؛
• ضميري پڇاڙين مان مراد اهڙيون پڇاڙيون، جيڪي ڪنھن فعلي لفظ ۾ ڪا لچڪ نه رکنديون هجن؛ يعني اهڙا جملا جن ۾ ضمير جو استعمال نه هوندي به جملو ضمير جي نسبت درست ڏس ڏئي.
• ڪن فعلي صورت وارن لفظن ۾ لچڪ ٿئي ٿي، جيئن: ’ڪنڌ مٿي کنيو‘. هن ۾ اهڙو فعل آهي جيڪو ضمير متڪلم، حاضر ۽ غائب سان لڳي سگهي ٿو.
• ڪن ۾ لچڪ جو امڪان ڪونهي؛ جيئن: ’حاضري ڀرڻ آيو آهيان‘ هن ۾ فعل جي اهڙي صورت آهي، جيڪا صرف متڪلم لاءِ ڪم اچي ٿي؛ ساڳئي وقت ’نظر پئي آيو/ آيا‘ ۾ اهڙو فعل آهي جيڪو صرف ضمير غائب جي صورت ئي ڏَسي ٿو.
• معياري سنڌي ٻوليءَ پٽاندر ’م‘ متڪلم لاءِ ۽ ’س‘ ضمير غائب لاءِ ڪم اچي ٿو، جڏهن ته ڄاڻايل ڪھاڻيءَ ۾ لچڪ نظر آئي.
• صرفيات (Morphology) جي لحاظ کان ’چاهيان‘ لفظ ’چاهه + مان‘ منجهان جڙيو آهي. اهڙي صورت ۾ ڄاڻايل لفظ ’امر + متڪلم‘ ملي مضارع جي حالت ۾ ڪم اچي ٿو. هن صورت ۾ مضارع سان گڏ ضمير متصل جي پڇاڙي (م/ س) نه ٿي لڳي، بلڪ عام طور ان سان ضمير منفصل لڳايو ويندو آهي، جنھن سبب ان کي غير واضح (Unmarked) ضميري پڇاڙيءَ جو نالو ڏئي سگهجي ٿو.
• واضح ضميري پڇاڙين ۾ ’م‘ ۽ ’س‘ کي ئي شامل ڪبو؛ جنھن صورت ۾ ’س‘ کان متڪلم جو ڪم ورتو وڃي ٿو، ان صورت ۾ ’مان/ آئون‘ ضمير خالص لڳايو ويندو آهي، اهڙي حالت ۾ ان انداز کي غير واضح ضميري پڇاڙيءَ ۾ شمار ڪري سگهبو.
• غير واضح ضميري پڇاڙين ۾ ’ئِي، نِ، وَ ۽ ءِ‘ وغيره ڳڻي سگهجن ٿيون.
• ڊاڪٽر الانا ۽ واحد بخش شيخ جي ڄاڻايل مضارع جي مثالن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ’ڏيان‘ لفظ ’ڏي (امر) + مان (متڪلم)‘ مان جڙيل آهي. جنھن حالت ۾ اهو صرف ’متڪلم‘ طور ئي ڪم اچي ٿو، ان لاءِ ان چوَڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته اهڙي قسم جي مضارع ۾ غير واضح ضميري پڇاڙي متڪلم موجود آهي. ’غير واضح‘ (Unmarked) جو اصطلاح ان سبب ٿو ڪم آڻجي جو اهڙي صورت واري لفظ سبب ضمير منفصل (مان/ آئون) جو استعمال پڻ ڪيو ويندو آهي.
• آهيان، وڃان، ڏيان، پڙهان، لکان وغيره جي لفظن ۾ زمان مضارع ۽ ضمير متڪلم جي پڇاڙي ساڳي رهي ٿي.
حوالا
1. آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند [1925] 1985 ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
2. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2010) ”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“ حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
3. ٽرمپ، ارنيسٽ، ڊاڪٽر (2011) ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ مترجم: امجد سراج ميمڻ. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي
4. جوکيو، ڊاڪٽر الطاف (2016) ’سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙي ‘م’ ۽ ‘س’ جو تنقيدي اڀياس‘ ڪلاچي، تحقيقي جرنل، ايڊيٽر: پروفيسر سليم ميمڻ. ڪراچي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي. 2016ع. ص: 81- 106.
5. جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999) ”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ دهلي: اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه.
6. شيخ، واحد بخش (1989) ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو“ ڀاڱو ٻيو- ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
7. قاضي، علي رضا (2017) ’فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جو ڪارج‘ سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل. ايڊيٽر: پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ. جلد: 10، شمارو: 1. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
8. هدايت پريم، ڊاڪٽر (1995) ”اترادي ٻولي“ حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.