سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون خدمتون
(Contribution of Dr. Nabi Bakhsh Khan Balouch for the Sindhi Language Authority)
پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ
Abstract:
Meritorious services of Dr. Nabi Bakhsh Khan Balouch occupy an important part of the record of the Sindhi Language Authority right from its inception to making it stand on strong footing. After Sindh Government decided to establish the Sindhi Language Authority, Dr. Balouch was offered to be its founder Chairman. He accepted the offer and laid foundations for building and strengthening the institution.
The Authority was established for three things, i.e. Teaching, Promotion, and Promulgation of the Sindhi language. What Dr. Balouch did, to achieve these objectives, has been briefly depicted in this paper.
Dr. Balouch strongly believed that learning Sindhi effectively had everything to do with teaching it at the primary level. To this end, strategies were formulated and tangible results were achieved, e.g. seminars for teachers and publishing important books etc. He ensured that untiring work not only starts but continues for preserving and growing the educational, linguistic, and practical aspects of the extremely important asset – the Sindhi Language.
Dr. Balouch focused on three important things about correct usage of the language:
(a) Use of correct language in the textbooks (b) Use of Sindhi in the official correspondence (c) Availability of Sindhi dictionaries, encyclopedia’s, and reference material for correct usage of the language in the right form.
Dr. Balouch charted out a comprehensive plan to conduct a quality research on the diversity and richness of the current Sindhi language considering its accents, literary terms, and words used in different areas. Due to this, study of the Sindhi language started on twelve geographical territories inside and outside of Sindh.
At that time, the thing that required immediate attention was the usage of Sindhi for official correspondence and in the official recordkeeping. Dr. Balouch presented the case of the Sindhi language impressively and strongly by proving that the Sindhi was the approved official language so much so the rules and regulations thereof were also available.
Because of hardwork of Dr. Balouch in the right direction to achieve aims and objectives of the Sindhi Language Authority, the Institution is there as an exemplary organization.
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداي جي قيام ۽ پوءِ ان کي پختن بنيادن تي بيهارڻ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون خدمتون رڪارڊ جو حصو آهن.
حڪومت سنڌ طرفان سنڌي ٻوليءَ لاءِ اٿارٽيءَ جي قيام واري فيصلي کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي اٿارٽيءَ جو باني چيئرمئن ٿيڻ جي آڇ ڏني وئي.
” سنڌ حڪومت طرفان مارچ 1990 ۾ کيس هن اداري جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. کائنس پڇڻ کانسواءِ اها مقرري ٿي ۽ چيف منسٽر ڄام صادق علي هڪ پبلڪ ميٽنگ ۾ ان جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن رک رکان يا انڪار بدران، ڊاڪٽر صاحب اها ذميواري قبولي، جو ان ۾ کيس سنڌي بوليءَ جي ترقي لاءِ عملي طور ڪم ڪرڻ واري سندس خواب جو تعبير نظر آيو“ (1)
حڪومتي آڇ قبول ڪندي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب اٿارٽيءَ جا بنيادي مول متا ٺاهي، مختلف سڄاڻ ڌرين سان صلاحون ڪيون ۽ ان جو پهريون بنيادي خاڪو تيار ڪيو. هن خاڪي جي تياريءَ ۾ نئين قائم ڪيل بورڊ آف گورنرس جا ميمبر به پيش پيش رهيا. اداري جا مقصد ۽ جوڙجڪ مڪمل ٿيڻ بعد بورڊ آف گورنرس انهن کي پاس ڪيو، جنهن ۾ 13 مک نقطا شامل ڪيا ويا، جن تي اٿارٽيءَ جا ڪم محور رکن ٿا ۽ اڄ تائين اهي رهنما اصول طور مڃيا وڃن ٿا.
” هي ادارو 1991ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ، سکيا ۽ ان جي استعمال جي مقصدن هيٺ، پاڪستان جي 1973 واري آئين جي قلم 251 (3) جي روشنيءَ ۾ ، سنڌ اسيمبليءَ جي ائڪٽ (1990) موجب قائم ٿيو. سنڌ اسيمبليءَ مان اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق علي خان جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ترميمي ائڪٽ (1990) متفقه راءِ سان پاس ٿيو، جنهن بعد 1991 ۾ اٿارٽيءَ جي قيام جو باقائده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان جو پهريون باني چيئرمئن مقرر ٿيو.“ (2)
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري لاءِ شروعاتي ڏينهن ۾ انتظامي مسئلا وڌيڪ هئا. اڄ جيڪو هڪ ٺهيل ٺڪيل ادارو ڏسجي ٿو، اهو ڊاڪٽر بلوچ جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي. شروعاتي ڏينهن ۾ اداري جو نه ته ڪو عملو هو نه ڪا بلڊنگ، عارضي طور پهرين علامه آءِ. آءِ قاضي چيئر ۾ اٿارٽيءَ جو ڪم هلايو ويو ۽ لکپڙهه لاءِ به اتي موجود عملي مدد ڪئي. علمي ڪمن ۾ شيخ محمد اسماعيل ٻانهه ٻيلي رهيا.
بعد ۾ سنڌ ميوزم جي عمارت اندر اٿارٽيءَ جي آفيس قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ ننڍو هال جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ بطور چيئرمئن پاڻ ويهندا هئا ۽ ان ئي ننڍي هال ۾ ڪمپوزنگ سيڪشن قائم ڪيو ويو ۽ ساڳئي هال کي هڪ وڏي ٽيبل لڳائي ڪميٽي روم بنايو ويو. عارضي طور شروع ۾ سنڌ ميوزم ثقافت کاتي، جو عملو، ان وقت جي سيڪريٽري ثقافت جناب عبدالحميد آخوند صاحب مدد طور ڏنو، جنهن لکپڙهه جي ڪمن ۾ مدد پئي ڪئي، پوءِ مراد علي مرزا کي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جيڪو 8x8 فٽ جي ننڍڙي ڪوٺڙي ۾ سيڪريٽري طور ڪم ڪندو هو. ننڍي ورانڊي ۾ اڪائونٽس آفيسر ۽ ٻيا ٻه ملازم ويهي پنهنجو ڪم ڪندا هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ايامڪاريءَ دوران صرف 8 ماڻهو ڀرتي ڪيا. بعد ۾ ڪجهه نوان شعبا قائم ڪيا ويا، اڄ اهو ترقي ڪندي هڪ متحرڪ اداري جي صورت 100۾ موجود آهي، هن اداري ۾ هن وقت 100 جي لڳ ڀڳ ملازم آهن. بلوچ صاحب جي ايامڪاريءَ ۾ تڏهوڪي وزيراعليٰ کان 10 ملين (سيڊ مني) بنيادي مالي سيڙپ لاءِ ورتي وئي ته جيئن ادارو مالي طور پاڻ وهيڻو ٿي سگهي ۽ ڊاڪٽر صاحب ذاتي ڪوششون وٺي 8 ملين الڳ جاري ڪمن لاءِ منظور ڪرايا ۽ ريگيولر گرانٽ 15 لک روپيا مقرر ٿي.
بورڊ آف گورنرس جي سرڪاري ميمبرن جي چونڊ هڪ اهم مسئلو هو، ڇو جو اٿارٽيءَ کي پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ اهڙن سرڪاري ميمبرن جو سهڪار وٺڻ ضروري هو. بلوچ صاحب جي اڳيان مختلف تجويزون آيون، پر ڊاڪٽر بلوچ پنجن سرڪاري ميمبرن کي هن اٿارٽيءَ جو مستقل ميمبر ضروري ڄاتو، جن ۾ چيئرمئن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حڪومت سنڌ، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو، حڪومت سنڌ، سيڪريٽري ناڻو کاتو، حڪومت سنڌ، سيڪريٽري تعليم حڪومت سنڌ ۽ سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ.
ٻيو وڏو مسئلو اٿارٽيءَ جي مستقل عمارت جو هو. هن لاءِ به مختلف تجويزون ۽ رايا سامهون آيا. پر آخرڪار ثقافت کاتي جي زمين جيڪا ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا لائبريريءَ سان لاڳو هئي، اتي مستقل بلڊنگ جي قيام جو فيصلو ٿيو، هڪ ايڪڙ زمين اٿارٽيءَ حوالي ڪئي وئي. ڊاڪٽر بلوچ ان جي PC-1 منظور ڪرائي بنيادي نقشو پاڻ تيار ڪرايو، جيڪو بعد ۾ سرڪاري طور ٿوري ردوبدل سان حتمي طور منظور ٿيو.
”سرڪار طرفان تيار ڪرايل نقشي موجب فيبروري 1994 ۾ ڪامپليڪس جي پيڙهه جون چيهون کوٽيون ويون ۽ ان وقت جي وزيراعليٰ سنڌ، سيد عبدالله شاهه هن تقريب جو افتتاح ڪيو“ (3)
بلوچ صاحب 10 ملين گرانٽ بلڊنگ لاءِ جدا منظور ڪرائي ۽ تڏهوڪي وزيراعليٰ کي دعوت ڏئي گهرائي، تعميراتي ڪم جو افتتاح ڪرايو.
هي ادارو ٽن خاص مقصدن لاءِ قائم ٿيو هو: (1) سنڌي ٻوليءَ جي سکيا(Teaching of Sindhi)، (2) سنڌي ٻوليءَ جو فروغ (Promotion of Sindhi)، (3) سنڌي ٻوليءَ جو استعمال (Use of Sindhi). انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو علمي ڪم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪيو هو. تنهن تي مختصر طور تي روشني وجهجي ٿي:
1- سنڌي ٻوليءَ جي سکيا:
ڊاڪٽر بلوچ جو اهو ايمان هو ته سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جا بنياد پرائمري سطح تي ئي مضبوط ڪري سگهجن ٿا. ٻارڙن کي ٻولي سيکارڻ ۽ ذهن نشين ڪرائڻ جو پهريون بنيادي مرحلو، اسان جا سنڌي اسڪول آهن. ”سنڌي اسڪولن جي استادن ۾ وڏي صلاحيت آهي، پر ضروري آهي ته ساڻن گڏجي ڪم ڪجي، سندن حيثيت ۽ اهميت کي تسليم ڪجي ۽ کين عزت ۽ مان وارو ڪجي.“ (4) اداري طرفان ترجيحي طور تي، هڪ ڀرپور رٿا هيٺ ضلعي- وار ۽ ڊويزن- وار تربيتي گڏجاڻين (سيمينارن) جو انتظام ڪيو ويو، ته جيئن تجربيڪار سنڌي پڙهائيندڙ استادن توڙي انتظامي سربراهن سان گڏجي ويهي ٻارڙن کي سنڌي سيکارڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي مسئلن کي سمجهجي ۽ انهن کي حل ڪرڻ تي سوچجي. ” ان لاءِ ڊاڪٽر صاحب ٻوليءَ جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌي پرائمري اسڪولن جي استادن ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ هڪ اتساهي اعلان سڀني تائين پهچايو ته ”سنڌي اسڪول سنڌي ٻوليءَ جا قلعا آهن ۽ سنڌي استاد انهن جا محافظ“ (5)
تعليم کاتي جي تعاون سان خيرپور، سکر، حيدرآباد، بدين، مٺي، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ ست سيمينار ڪرايا ويا ۽ سڄي ڪراچي ڊويزن لاءِ اٺون سيمينار ڪيو ويو. اندازاً اڍائي هزار کن استاد ۽ منتظم انهن تربيتي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيا.25 استادن تعليمي مسئلن بابت مقالا پڙهيا ۽ پنهنجا رايا ڏنا، جن کي اداري طرفان خاص سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. اڳتي لاءِ 25- اهڙا استاد پرکيا ويا، جيڪي ٻئي مرحلي تي سب ڊويزنل سطح تي ۽ ٽئين مرحلي تي تعلقي جي سطح تي اڳواڻي ڪرڻ ۾ مددگار ٿين ها. ان وقت اٿارٽيءَ ۾ پروگرام شعبي لاءِ ڪي به الڳ ماڻهو مقرر نه هئا. ڊاڪٽر بلوچ 8 ڄڻن تي مشتمل محدود عملي جي مدد سان اهو سڄو ڪم ڪيو.
2-سنڌي ٻوليءَ جو فروغ:
سنڌي ٻوليءَ جي علمي، تعليمي ۽ لساني سرمايي ۾ وڌاري لاءِ مختلف موضوعن تي ڪم شروع ڪيا ويا ۽ ڪي اهم رٿائون عمل ۾ آنديون ويون ۽ ڪتاب شايع ڪيا ويا. سنڌي ٻوليءَ جي تحريري ۽ تاريخي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ، سنڌي ٻولي ۽ ان جي لغات جو تحقيقي مطالعو ڪرڻ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ڪتاب شايع ڪرڻ، ماضي ۾ سنڌ جي عالمن جي سنڌي ۾ ڪيل تحقيقي ڪارنامن کي مطالعي هيٺ آڻڻ، اعليٰ علمي ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما ڪرڻ، ٻارن جي پڙهڻ پڙهائڻ لاءِ مواد مهيا ڪرڻ ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي کي متعارف ڪرائڻ ۽ اڳتي وٺي وڃڻ. انهن موضوعن بابت ڪيل ڪم تي هيٺ مختصر طور روشني وجهجي ٿي:
1. سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ۽ تحريري تاريخ جو تحقيقي مطالعو پورو ڪري هڪ مثالي ڪتاب ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي جو مطالعو“ شايع ڪيو ويو.
2. اڻيتاليهن موضوعن تي منظوم ڪيل سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ڪتابي ذخيرو جيڪو سورهين سترهين صدي عيسوي ۾ لکيو ويو ۽ -1067هه (57-1656ع) ۾ اتاريو ويو، ان جي مشڪل قلمي عبارتن کي پڙهي سمجهي ايڊٽ ڪيو ويو ۽ اصلوڪو سڄي مواد سان گڏ شايع ڪرايو ويو.
3. تاريخي طور ڪتاب ”ابو الحسن جي سنڌي“ جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ”ريڊر“ (درسي ڪتاب) آهي، جنهن مان سنڌي الف-بي جي تاريخ روشن ٿئي ٿي، تنهن جو صحيح متن(ٽيڪسٽ) موجود نه هو. بلوچ صاحب اداري طرفان ،ڪتاب جو آڳاٽن قلمي نسخن سان ڀيٽيل مستند متن شايع ڪرايو.
4. ”ابوالحسن جي سنڌي“ کان پوءِ ٻيو نمبر آڳاٽو سنڌي ريڊر ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي“ آهي، جنهن جو ناياب بمبئي ڇاپو ڳولهي هٿ ڪري ان جو عڪس ڇاپيو ويو.
مٿيان چارئي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جا تاريخي دستاويز آهن، جن جي اشاعت سان ٻوليءَ جي تاريخي اهميت توڙي علمي حيثيت تسليم ٿئي ٿي.
• خود سنڌي ٻوليءَ جي موجوده وسعت ۽ جدا جدا ڀاڱن ۾ رائج مقامي سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جي تحقيق لاءِ ڊاڪٽر بلوچ پاران هڪ جامع رٿا عمل ۾ آندي وئي. جنهن هيٺ سنڌ ۽ سنڌ سان لاڳو ٻارهن جاگرافيائي علائقن مان هر علائقي جي لهجي جو مطالعو شروع ڪيو ويو، جن مان ”سبيءَ جي ٻولي“، ”ماٿيلي، اوٻاوڙي جي ٻولي“، ”شڪارپور جي ٻولي “، ”ماڃر- ڪڪرالي جي ٻولي“ ۽ ”ٿر جي ٻولي“ شايع ڪرايا ويا.
• ماحول توڙي معاشي زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳو اڄ به سنڌيءَ جا هزارين لفظ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهن لفظن کي ڳولي يڪجاءِ ڪرڻ لاءِ هڪ رٿا عمل ۾ آندي. ان مطابق انهن اهم ۽ انوکن لفظن کي ٻن ڀاڱن هيٺ جمع ڪرڻ ۽ سمجهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. هڪ طرف ڌنڌي پيشي وارن، ڪاسبين ۽ ڪاريگرن جي لغات يعني لفظي ۽ اصطلاحي ذخيري کي سمجهڻ ۽ سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، جن ۾ لوهار ،ڪنڀار، واڍا ،موچي، ڪوري، کٽي ،سونارا، کوهارا، باٺارا، ٺاٺارا، ڪاشيگر، ڪمانگر، ٻيڙياتا ۽ ميربحر اچي وڃن ٿا. ٻئي طرف جنس وار سنڌي لغات جي مطالعي لاءِ جاندارن (مڇي، پکي، گهوڙا، اٺ وغيره) توڙي نباتات ۽ غير جاندارن (گاهه، ٻوڙا۽ وڻ، کاڄ ۽ طعام، ڳهه ۽ ويس، بيماريون علاج وغيره)، جي نالن ۽ انهن سان لاڳو ٻين لفظن اصطلاحن بابت تحقيق شروع ڪئي وئي. پهرين مرحلي تي ”سنڌ جي مٺي ۽ کاري جي مڇي“ تي الڳ الڳ ڪتاب تيار ڪري ڇپرايا ويا.
سنڌي ٻوليءَ جي اندروني مطالعي(لفظي سٽاءَ ۽ صورتخطي، صوتيات،گرامر) لاءِ هڪ خاص رٿا جوڙي وئي، نئين ڪم سان گڏ اڳ شايع ٿيل تحقيق ٻيهر ڇپرائي وئي. ان سلسلي جا ٻه ڪتاب ”سنڌي آوازن جا تبادلا“ (شيخ محمد سومار) ۽ ”سنڌي صورتخطي“ (ڊاڪٽر الانا) جن جا پويان ڇاپا ختم ٿي ويا هئا، سي ٻيهر شايع ڪيا ويا.
• سنڌي ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ڪتابن جي اشاعت:هن سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي استادن سان گڏجاڻيون ڪري مشورا ڪيا ويا آهن ته جيئن مختلف سائنسي موضوعن تي معياري ڪتاب لکي سگهجن، شروعاتي طور تي ننڍن ننڍن ڪتابن جي لکائڻ ۽ شايع ڪرڻ توڙي ڪن اڳ ڇپيل ۽ کپي ويل ڪتابن کي ٻيهر ڇاپائڻ جو انتظام ڪيو ويو. مقصد اهو هو ته مختلف سائنسي ۽ سماجي علمن ۾ ڪي نوان لفظ ۽ اصطلاح سنڌي ۾ گهڙي سگهجن، جيڪي اڳتي هلي سنڌي لغات جو حصو بڻجن. هن سلسلي جا ڇهه ڪتاب شايع ڪرايا ويا، جن ۾ (مڪينيڪل انجنيئرنگ) تي ”موٽر گاڏي ۽ ان جا پرزا“ (زولاجي) تي حياتيات ۽ جاندار (ميڊيڪل) اسان جون اکيون، جاندار ۽ (باٽني) تي ٻوٽن جي واڌ ويجهه ۽ (ڪاسمولاجي) تي سائنسي اسرار شامل آهن. ڪي اڳ ڇپيل سائنسي ڪتاب ٻيهر ڇپرايا ويا، جن ۾ ڪوريئڙو، ماکيءَ جي مک ۽ ماڪوڙي شامل هئا.
• اڳين سنڌي عالمن جي علمي ۽ تحقيقي سرمايي مان ٻه ڪتاب چونڊي شايع ڪيا ويا، جيڪي ٻن خاص علمن، فقھ ۽ فن قرائت سان تعلق رکن ٿا. سنڌ ۾ فقـﮣ جي تاريخ وارو ڪتاب سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل ڊاڪٽري مقالي”سنڌي ٻوليءَ ۾ فقهي تحقيق جو ارتقا“ جو تت هو. قرآن شريف جي قرائت بابت قاعدن وارو ڪتاب ”قواعد القرآن“ هڪ ناياب علمي ڪتاب هو، جيڪو قاري عبدالرحمان ٻه سئو سال اڳ سنڌي ۾ منظوم ڪيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي وقت ۾ سنڌي ۾ ترجمن جي شروعات به ڪئي وئي ۽ مخدوم جعفر بوبڪائي جي 16- صدي عيسوي ۾ تعليم بابت لکيل ڪتاب”نهج العلم“ کي فارسي مان ترجمو ڪري شايع ڪيو ويو. تعليم ۽ تعليمي طريقن بابت سڄي هندستان ۾ هيءُ پهريون ڪتاب هو، جيڪو سنڌ جي وڏي استاد ۽ عالم لکيو. ان کانسواءِ به بلوچ صاحب جي ايامڪاري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نوان سلسلا سروع ڪيا ويا. ” سنڌي ٻوليءَ جي فروغ ۽ اديبن ۾ اتساهه ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ لک روپين جا انعام ڏنا ويا. 1992 جي شروع کان ”سنڌي ٻوليء“ جي نالي سان ٽه ماهي خبرنامو جاري ڪيو ويو، جنهن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، استعمال ۽ فروغ جي مسئلن کي سامهون آندو ويو“ (6)
3- ٻوليءَ جو استعمال:
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻوليءَ جي استعمال جي سلسلي ۾ ترجيحي بنيادن تي ٽن ضرورتن طرف توجهه ڏنو:
(الف) درسي ڪتابن ۾ صحيح ٻوليءَ جو استعمال،(ب)سرڪاري لکپڙهه ۽ رڪارڊ ۾ سنڌيءَ جو استعمال، ۽ (ج) سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جي صحيح صورت ۽ استعمال لاءِ لغتون (ڊڪشنريون)، انسائيڪلوپيڊيا ۽ ٻيو حوالاجاتي مواد.
(الف) فوري توجهه سنڌي ٻوليءَ ۾ درسي ڪتابن جي صحيح ڇاپن طرف ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ ”سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ“ جي سهڪار سان هڪ اعليٰ صلاحڪار ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ان ڪميٽيءَ جو سربراهه محترم محمد ابراهيم جويو هو، مقصد اهو هو ته هر درسي ڪتاب ۾ ڇاپي جي غلطين کي جانچي، انهن جي درستي لاءِ هدايتون مرتب ڪجن. ”سنڌي پرائمري“، ”سنڌي پهرين ڪتاب“ کان وٺي پنجين درجي تائين جي سنڌي ڪتابن ۾ ڇاپي جي غلطين جا تفصيل ٽيڪسٽ بورڊ ڏانهن موڪليا ويا ته جيئن ايندڙ ڇاپن ۾ درستيون ڪيون وڃن.
(ب) ٻيو فوري طور تي توجهه طلب مسئلو سرڪاري لکپڙهه ۽ رڪارڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ته (1)سنڌي سنڌ صوبي جي تسليم ٿيل سرڪاري زبان آهي ۽ ان سلسلي ۾ قاعده قانون به موجود آهن. 1947ع کان اڳ ڪهڙي صورتحال هئي ۽ هاڻي ڪهڙيون ڪوتاهيون آهن، جن کي ختم ڪجي، ان لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب طرفان سرڪاري شعبن جي سربراهن سان گڏجاڻيون شروع ڪيو ويون ته جيئن مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائي سگهجي. هن سلسلي ۾ سنڌ بورڊ آف روينيو جي سربراهه سان گڏجاڻين مان اميد افزا نتيجا نڪتا. (2) سرڪاري رڪارڊ ۾ سنڌي جي استعمال واري صورتحال جو مطالعو شروع ڪيو ويو ۽ سڀ کان پهريائين اهڙن قانونن (Acts) ۽ ٻين قاعدن جو تفصيل تيار ڪيو ويو، جن جا 1853ع کان وٺي سرڪاري طور تي سنڌي ۾ ترجما ٿيا، نه فقط سنڌ صوبائي ائڪٽس بلڪه مرڪزي برطانوي هند سرڪار جي ائڪٽس کي به نظر ۾ رکيو ويو. ان سلسلي ۾ سنه1873ع ۾ هند سرڪار جي”انڊين ڪانٽريڪٽ ايڪٽ“ جو سنڌي ترجمو هٿ ڪيو ويو ۽ ان کي هڪ دستاويزي شاهدي طور ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ان جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ۾ ترجمو ڪيل قاعدن قانونن جو تفصيل تاريخ وار ڏنو. هي وڏي محنت وارو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ پورو ڪيو. (3) ڪي نهايت اهم مروج قاعدا قانون جيڪي اڃان تائين سنڌي ۾ ترجمو نه ٿيا آهن، ڊاڪٽر صاحب انهن قانوني ڪتابن جا سنڌي ترجما ڪرائڻ تي توجهه ڏنو. اهو ڪم جيتوڻيڪ حڪومت جي جدا جدا کاتن جو هو، پر دير بدران سوير واري احساس هيٺ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان فوري طور تي اها ڪوشش شروع ڪئي ته حڪومت جي کاتن جي سربراهن جي تعاون سان ڪن اهم قانونن جا سنڌي ترجما ڪيا وڃن. شروعات”سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ1967ع“ سان ڪئي وئي، جنهن جي ڄاڻ سنڌ جي ننڍي توڙي وڏي کاتيدار لاءِ ضروري هئي ۽ ساڳي وقت اهو قانون روينيو جي ٽريننگ اسڪول ۾ تپيدارن کي پڙهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو ۽ گڏوگڏ ’محمدن لا‘ جو ترجمو به ڪرايو ويو.
(ج) ٽيون فوري طور تي توجهه طلب مسئلو، ضروري گهربل لغاتن جي مهيا ڪرڻ جو هو. هن سلسلي ۾ لغتن جي تياري ۽ ڇپائيءَ جي رٿا عمل ۾ آندي وئي. انهن مان هڪڙي ’هڪ جُلدي‘ سنڌي- سنڌي لغت تيار ڪرائي وئي، جيڪا بعد ۾ ڇپي. اها لغت تعليمي ادارن، سرڪاري آفيسن ۽ ابلاغي ذريعن جي روز مرهه واري ضرورت پوري ڪرڻ ۾ اڄ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي.
• ٻارن جي پڙهڻ پڙهائڻ جي سلسلي ۾ توجهه سنڌي اسڪولن جي استادن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ سندن صلاحيتن کان ڪم وٺڻ طرف رهيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سڄي سنڌ جي چونڊ استادن سان سندن علائقن ۾ وڃي ملاقاتون ڪيون ۽ عملي طور پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ نصاب جي حوالي سان مشڪلاتون معلوم ڪيون. تجربيڪار استاد گهڻي حد تائين انهي راءِ جا هئا ته پهريان ٻه بنيادي درسي ڪتاب، ٻاراڻو ۽ پهريون، وڌيڪ معياري ۽ مفيد هجڻ گهرجن. انهيءَ سلسلي ۾ تجربيڪار استادن طرفان مثالي ٻاراڻن ڪتابن کي شايع ۽ ٻارن جي پڙهڻ لاءِ ننڍڙا دلچسپ ڪتابڙا تيار ڪرڻ جي رٿا کي مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو، بلوچ صاحب سڄاڻ استادن جي راءِ کي اهميت ڏيندي هي ڪم هٿ ۾ کنيو. ان سلسلي جو پهريون مثالي ’ٻاراڻو ڪتاب‘ تيار ڪري ڇپرايو ويو.
ان وقت ۾ هيءُ نئون ادارو هو ۽ هڪ نئين اداري کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت انتظامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ لڳي ٿو. بلوچ صاحب هن اداري ذريعي سنڌي سماج ۾ ذهني ۽ طبعي ترقي آڻڻ ۽ سنڌي ٻولي کي نئين شعور جي علمي ۽ عوامي هلچل وارو روپ وٺائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هي ادارو جن ٽن خاص مقصدن لاءِ قائم ٿيو هو، ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ بلوچ صاحب خاطر خواهه ڪم ڪيو ۽ اڄ هي ادارو هڪ مثالي اداري طور اسان جي سامهون آهي.
حوالا
1. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر ” ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“ (1998)، لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين. ص.136
2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ستون (2013) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ص.502
3. ساڳيو، ص. 503
4. بلوچ، ارشد (مرتب) ”ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا“ (2015) ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ . ص224
5. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر ” ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“ (1998)، لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين. ص.137
6. ساڳيو، ص 139