لاڙ ۾ سرجيل آتم ڪٿائون: هڪ تعارف
(Autobiographical Literature sprung from Larr)
يوسف سنڌي
Abstract:
Territorial Larr, geographically, consists of Districts Badin, Tando Muhammad Khan, Thatta & Sujawal of the Province Sindh. People of Larr possess a unique identity not only in their customs, congregations of marriage & death, and conventions, praxes and parties, traditions and taboos; but the peculiarity of their language is also well established in terms of idioms, figures of speech, and literary terms.
Larr area has not only been important from cultural and civilizational standpoints but from historical perspective as well. Personalities of this region have played important role right from pre-historic periods. This includes people from every walk of life, e.g. politics, literature, fine arts, and education etc. Many of these have recorded their experiences by writing life stories or bios.
Autobiographies, memoirs, profiles, and stories contributed by quite a few of these people occupy a valuable place in the history of Sindhi literature.
In this paper, autobiographies contributed by following personalities have been discussed: Muhammad Siddiq Musafir, Peer Aali Shah, Raees Kareem Bakhsh Nizamani, Gul Chang, Dr. Abdul Jabbar Junejo, Faqeer Abdul Alastee, Abdul Hayee Paleejo, Shams Jafrani, Dr. Ghulam Hussain Shah, Ghulam Hussain Rangrez, Abdur Rasheed Gabol Sakraee, Khadim Talpur, Syed Aalam Shah, Yousuf Sindhi, and Ahsan Ali Jokhio.
سنڌ جو لاڙ وارو ڀاڱو، جيڪو جاگرافيائي طور تي بدين، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ سجاول ضلعن تي مشتمل آهي، ان خطي جي پنهنجي رهڻي ڪهڻي، اُٿي ويٺي، کاڌي پيتي، رڌ پچاءُ، شادي غميءَ جي ريتن ۽ رسمن، تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ به الڳ نظر ايندي، نه رڳو اهو پر لاڙ ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي به پنهنجي چوڻين، پهاڪن ۽ اصطلاحن جي حوالي سان منفرد سڃاڻپ رکي ٿي. هِتان جا ماڻهو ، مهمان نواز، قربائتا ۽ پنهنجي سڀاءَ ۾ سادا نظر ايندا.
لاڙ جو خطو نه رڳو تهذيبي ۽ ثقافتي، پر تاريخي طور به اهميت وارو رهيو آهي. ڪنهن دؤر ۾ هن خطي جي ننڍي کنڊ ۾ وڏي سياسي اهميت هئي جيڪو ٻاهرين حملن جو شڪار به رهيو. اُنهن ٻاهرين حملن، خاص ڪري لشڪر دهليءَ جي هلائن جي پسمنظر ۾ هن خطي ۾ ڪيترين ئي روايتن، لوڪ شاعري، لوڪ داستانن ۽ سورهيائيءَ وارن قصن جنم ورتو. سومرن جي دؤر ۾ علاؤالدين جي سنڌ تي حملي، دودي سومري جي شهادت، ٻاگهي ٻائيءَ جي دليري، چنيسر جي بزدلي ۽ ان جي پسمنظر ۾ ڀاڳو ڀان ۽ ٻين شاعرن جي شاعري هن خطي جو املهه ورثو آهي. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي هلائن، دولهه دريا خان ۽ شاهه عنايت جي شهادت ۽ سندس صوفياڻي فڪر هن خطي تي ڪافي اثر ڇڏيا. پنهنجي جاگرافيائي، تاريخي، تهذيبي، ثقافتي، تعليمي خدمتن ۽ ادبي ورثي ۾ لاڙ جو خطو سنڌ جي ٻين جاگرافيائي خطن کان ڪنهن به حوالي سان گهٽ نه آهي.
اهڙيءَ طرح لاڙ جي هن خطي ۾ جنم وٺندڙ شخصيتن، پراچين سمئه کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن ۾ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ شخصيتون اچي وڃن ٿيون، جن ۾ سياستدان، اديب، شاعر، فنون لطيفه ۽ تعليم سان وابسته شخصيتون شامل آهن. انهن مان ڪيترين ئي شخصيتن پنهنجون آتم ڪهاڻيون ۽ يادگيريون وغيره لکي پنهنجي دؤر جي ڪيترن ئي واقعن کي رڪارڊ تي آندو. اڄ جيڪو ڪجهه لکيو وڃي ٿو، اِهو سُڀاڻي ماخذ طور ڪم ايندو. انهن شخصيتن پاران لکيل آتم ڪهاڻيون، سوانح عمريون، خاڪا، تذڪره ۽ پروفائيل سنڌي ادب جي تاريخ جو اهم حِصو آهن. سوانحي ادب ۾ شامل اهي سڀ لکڻيون تاريخ جي زمري ۾ ئي اچن ٿيون. ايمرسن چواڻي ”جنهن کي خاص طرح تاريخ چئجي، اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. سڄي تاريخ سوانحي روايت آهي“. ان سلسلي ۾ مولانا ابوالڪلام جي ڪتاب ”India wins freedom“ جي اردو ترجمي جي پهرين ڇاپي تي لکيل ذيلي عنوان ”تاريخ جو آپ بيتي ڀي هي“ (1) سڄي ڳالهه کي چٽو ڪري ٿي ڇڏي.
سوانح/تذڪري جي تاريخ تمام پراڻي آهي، دُنيا جي جن به پراڻين تهذيبن جي کوٽائي ٿي آهي ۽ انهن مان جيڪي شيون مليون آهن، تن ۾ پٿر جي سِرن تي، قبرن ۽ تُربتن تي بادشاهن وغيره جي ڪارنامن بابت تذڪره لکيل آهن. مصر جي اهرامن جي اندرين ديوارن تي جيڪي لکتون آهن، اُهي سوانح نگاري يا تذڪره نگاريءَ جا شروعاتي نمونا چئي سگهجن ٿا. دراصل باضابطه سوانح عمريون لکڻ جو رواج يهودين وٽ ملي ٿو. هنن سڀ کان پهرين پنهنجي نبين ۽ ولين جي زندگيءَ جون حالتون گڏ ڪيون. انهن کانپوءِ رومين ۾ اهو رواج پيو، پاتو ۽ جديد تحقيق موجب سڀ کان پهرين سوانح عمري ٻي عيسوي صديءَ ۾ پلوٽارڪ لکي، اها هر لحاظ کان شاندار ۽ بلند پايي جي آهي. (2)
سيد مظهر جميل پنهنجي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ ۾ سوانحي ادب جو جوڙ جڪي عنصر هيٺين ريت ڏسيو آهي:
سوانح عمري Biography
خودنوشت سوانح عمري/ آتم ڪهاڻي Autobiography
گڏيل سوانح عمريون/ تذڪره Chronicle Biographies
سوانحي خاڪا/ سوانحي مضمون Biographical Sketch/Biographical Articles
يادگيريون Memoirs
روزنامچه / ڊائري Diaries
رپورتاز Reportage
سفرنامه Travelogue (3)
سنڌ ۾ سوانح عمري يا تذڪري لکڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ”مير علي شير قانع، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ٻين عالمن جي فارسي، عربي ۽ سنڌي ڪتابن ۾ شخصيتن جي سوانح جا اهڃاڻ مِلن ٿا. عالمن سيرت تي ڪتاب لکيا، مير علي شير قانع، ’مقالات شعراء‘ ۾ شاعرن جون سوانح عمريون لکيون (4)
هِتي اِها به وضاحت ڪبي ته آپ بيتي، آتم ڪهاڻي، سوانح عمري، پروفائيل ۽ خاڪي ۾ ٿورو فرق آهي، سوانح عمري جنهن کي انگريزي ۾ بايوگرافي چيو وڃي ٿو، اها هڪ ليکڪ، ٻئي ڪنهن شخصيت جي باري ۾ کوجنا ڪري، ماخذ هٿ ڪري، ان جي زندگيءَ جو خاڪو جوڙي ٿو. مثال طور اسٽينلي وولپرٽ جي قائداعظم محمد علي جناح جي باري ۾ لکيل ”جناح ٽو پاڪستان“ يا سنڌيءَ ۾ عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي لکيل جناح جي بايوگرافي ”ساٿ ڌڻي سرواڻ“ وغيره؛ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جون لکيل محمد سومار شيخ، شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ تنوير عباسيءَ جون سوانح عمريون؛ پروفيسر عبدالله ملاح جي رسول بخش پليجي جي لکيل سوانح عمري ”ڌرتي تي آڪاس“ ۽ شهيد فاضل راهي جي لکيل سوانح ”جنهن دنگ ڀڳا ديوارن جا“؛ يوسف سنڌيءَ جون لکيل فقير عبدالغفور الستي ۽ قاسم پٿر جون سوانح عمريون ”الستي من مستي“ ۽ ”چڱو قاسم موڪلاڻي ڪونهي“ سليم جمالي جي ڄام ساقيءَ جي سوانح ”ضمير جو قيدي“ وغيره پر جيڪا پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني بيان ڪجي يا لکجي ٿي ان کي آتم ڪهاڻي چئجي ٿو. آتم ڪٿا يا خودنوشت، هي نثري صنف سوانح حيات جو ٻيو هڪ قدم اڳتي ۽ نئون روپ آهي. پنهنجي سڄي آتم ڪهاڻي لکڻ لاءِ دل گردو کپي، اِها افسانو/ ڪهاڻي نه ٿي وڃي، پر سچن احوالن تي مبني هجي، منجهس تر جيتري به ملاوٽ نه هجي ۽ لڪَ ته بنهه نه ڪجي، آتم ڪهاڻي لکڻ جي لاءِ هڪ محرڪ جذبو هوندو آهي ڪڏهن ڪي لکڻ وارا جوانيءَ واري دؤر ۾ ئي لکندا آهن. اڪثر ماڻهو وڏي عمر ٿيڻ بعد پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندا آهن اهي سوچيندا آهن ته سندن زندگيءَ جو هيترو دؤر گذري آيو، ان دوران جيڪي مشاهدا ٿيا، اهي لکجن ته ماڻهن کي پنهنجي ٻالڪپڻ کان وٺي جواني ۽ پيريءَ جي حالتن کان واقف ڪجي، جيڪڏهن ڪي غلطيون ٿيون آهن ته اهي دور ڪجن. آتم ڪهاڻي انسان جي اندر جا سڀ راز کولي ٿي، اُهي ڪجهه جو هو اصل هر ڪنهن اڳيان بيان نه ڪري، سڀ آتم ڪهاڻي ۾ بيان ڪري ٿو: پر ڪو ڪو....! (5)
مٿين مختصر جائزي کانپوءِ سنڌ جي لاڙ خطي جي جن سياستدانن، اديبن ۽ قومي ڪارڪنن پنهنجون آتم ڪهاڻيون لکيون، انهن جو سرسري طور ذڪر ڪجي ٿو، منهنجي گڏ ڪيل معلومات موجب لاڙ خطي ۾ سرجيل آتم ڪهاڻين جو وچور هن ريت آهي:
1. منازل مسافر – محمد صديق مسافر (1952)
2. منهنجي ماضيءَ جا چند ورق – پير عالي شاهه (1975)
3. ڪيئي ڪتاب – رئيس ڪريم بخش نظاماڻي (1982-1981ع)
4. پنهنجي پچار – گل چانگ (1989ع)
5. ديپڪ ۽ ملهار – ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
6. مجاز – ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (2005ع)
7. ٻنڌڻ ٻاروچن جا – فقير عبدالغفور الستي (2007ع)
8. پيهي جا پاڻ ۾ - پرويز (2010)
9. اسان پنڌ پرين ڏي – عبدالحئي پليجو (2010ع)
10. ڪيڏي نه مختصر زندگي- عبدالحئي پليجو (2015)
11. ڪتيم سڀ ڄمار- شمس جعفراڻي (2015ع)
12. منهنجون يادگيريون – ڊاڪٽر غلام حسين شاهه (2008)
13. چيتاڙي چيام – انجنيئر الهه اوڀايو خشڪ (2016ع)
14. خانه بدوش روح جي ڪٿا – غلام حسين رنگريز (2016)
15. جيڪي مون ڏِٺو ۽ ٻڌو- عبدالرشيد گبول ساڪرائي (2016ع)
16. تاريخ منهنجي وقت جي – خادم ٽالپر (2016ع)
17. ماڻڪ چوڻو جن جو – سيد عالم شاهه
18. اقرار به انڪار به – يوسف سنڌي (2016ع)
19. سفر زندگيءَ جو – احسان علي احسان جوکيو
هتي ذڪر ڪيل آتم ڪهاڻين مان ڪن جو هڪ مختصر جائزو ۽ تعارف پيش ڪجي ٿو.
منازل مسافر: محمد صديق مسافر هڪ غريب ۽ غلام گهراڻي جو شيدي ٻار هو، پر هن پنهنجي محنت، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان تعليمي ۽ ادبي ميدان ۾ جيڪا منزل ماڻي اهڙو مثال گهٽ ٿو ملي، محمد صديق مسافر پنهنجي آتم ڪهاڻي ”منازل مسافر“ جي نالي سان لکي، جيڪا سندس ڪتاب ”ڪليات مسافر“ ۾ شامل آهي. منازل مسافر ۾ محمد صديق مسافر پنهنجي زندگيءَ جون منزلون ڏاڪي به ڏاڪي مختصر پر جامع انداز ۾ لِکيون آهن ۽ پنهنجي زندگيءَ جي ڪيترن ئي اهم واقعن کي رڪارڊ تي آندو آهي. ان سلسلي ۾ مسافر، مرحوم مير غلام جي ڪيترن ئي اهم واقعن کي رڪارڊ تي آندو آهي. ان سلسلي ۾ مسافر، مرحوم مير غلام محمد ٽالپر جون پنهنجي ڳوٺ ۽ ضلعي وارن لاءِ ڪيل تعليمي خدمتون قلمبند ڪري هڪ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. مير غلام محمد ٽالپر هڪ وڏو جاگيردار هو، پر هن تعليم جي حوالي سان جيڪا لاٽ ٻاري، اها وسارڻ جهڙي نه آهي، اڄ به ٽنڊي باگي ۾ ”مير غلام محمد ٽالپر هاءِ اسڪول“ سندس تعليمي خدمت جي طور ياد آهي ۽ سنڌ جي اڄوڪن وڏيرن، رئيسن، پيرن ۽ ميرن لاءِ هڪ مثال آهي.
مير غلام محمد خان ٽالپر، مرحيات محمد صديق مسافر کي ڳوٺ ۾ ٻارن کي انگريزي پاڙهڻ جي لاءِ سرڪاري نوڪريءَ تان موڪل وٺرائي استاد مقرر ڪيو ۽ مير صاحب، مسافر جي پاڙي ۾ ئي هڪ جاءِ مسواڙ تي ورتي ۽ ڪاٺ جون نيون بئنچون به ٺهرايون، ميز ڪرسيون پنهنجي بنگلي تان کڻي ڏنائين ۽ اُن کان سواءِ ٻئي سامان سڙي وٺڻ لاءِ مسافر مرحوم کي پئسا ڏِنائين، اهو اسڪول جيڪو پهرين جنوري 1920ع کان شروع ٿيو. اُن ۾ پهرين پنج شاگرد داخل ٿيا. اُنهن شاگردن جي ڪتابن ۽ کاڌي پيتي جو خرچ مير صاحب ڏيندو هو، ائين هوريان هوريان شاگردن جو تعداد وڌندو ويو، جڏهن پندرنهن سورنهن پرديسي شاگرد اچي گڏيا ته مير صاحب اسڪول جي ڀرسان هڪ ٻي وڏي جاءِ بورڊنگ (رهائش) جي لاءِ ٺهرائي ڏِني ۽ هڪ بورچي رکي ڏنائين ۽ بورڊنگ هائوس جي سيڌي سامان لاءِ مودي به رکي ڏنائين. مرحوم مسافر لکي ٿو ته: ”مير صاحب جو وقت بوقت اهوئي چوڻ هوندو هو ته خرچ منهنجو، محنت ۽ ايمانداري تنهنجي، ڪڏهن به دِل سُسست نه ڪج“. (6)
پوءِ جڏهن اسڪول ۾ ٻارن جو تعداد وڌيو ته هڪ ٻئي استاد کي به مدد واسطي مقرر ڪيو ويو، ايئن اِهو اسڪول مچندو وڌندو ويو ۽ پوءِ هڪ ڀيري جڏهن سنڌ جو ڪمشنر، ريو صاحب، گشت ڪندي ٽنڊي باگي ۾ منزل انداز ٿيو ته خانبهادر مير صاحب کيس اهو اسڪول به ڏيکاريو، ڪمشنر صاحب کي اسڪول جي ڪارڪردگي ڏاڍي وڻي ۽ هن واکان ۾ وزيٽر نوٽ ۾ تعريف لکي. ان موقعي تي خانبهادر، ڪمشنر صاحب جي اڳيان ٽي گذارشون رکيون ته اسڪول رجسٽرڊ ٿئي، ماستر محمد صديق گورنمينٽ سرونٽ آهي، ان جي سروس باقاعده سان اسڪول لاءِ لينٽ ٿي ملي ۽ آئون خاص رقم تعليم کاتي ۾ ايڊومينٽ طور رکان، ان ايڊومينٽ جي منافعي مان ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ هلائي.
مير صاحب جون ٽيئي گذارشون منظور ڪيون ويون ۽ مير صاحب ان دؤر ۾ اڍائي لک رپيا اينڊومينٽ فنڊ ۾ رکيا ۽ پوءِ ان رقم جي منافعي مان اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ هلندو رهيو. ان وقت يعني 22-1921ع ۾ اڍائي لک روپين جو ڪاٿو اڄ جي اڍائي ڪروڙن کان به وڌيڪ هو. منهنجي خيال ۾ اها رقم اڄ به اسڪول جي اينڊومينٽ فنڊ ۾ موجود آهي. اڳتي هلي اهو اسڪول اپگريڊ ٿي هاءِ اسڪول بڻيو ۽ سرڪار پاران ان جي بلڊنگ به ٺهي. خانبهادر مير صاحب اسڪول تي نالو ”لارينس مدرسو“ ۽ بورڊنگ هائوس جو نالو ”گبسن بورڊنگ هائوس“ رکيو، لارينس ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو ڪمشنر هو ۽ گبسن ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر هو ۽ ٻيئي مير صاحب جا دوست هئا، اڳتي هلي مير غلام محمد ٽالپر جي جهان ڇڏڻ کان پوءِ اسڪول جو نالو بدلائي ”مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول“ رکيو ويو، جيڪو هڪ سٺو فيصلو هو.
مرحوم محمد صديق مسافر جي آتم ڪهاڻي ”منازل مسافر“ جي ڇهين منزل ان اسڪول جي برپا ٿيڻ ۽ ان لاءِ مير صاحب جي ڪوششن جي داستان تي ٻڌل آهي. ”منازل مسافر“ ڪافي اڳ ڇپيو هو ۽ هاڻي ڪن اسڪولن جي لائبررين ۾ ته موجود آهي پر مارڪيٽ ۾ موجود ڪونهي. جيڪڏهن سنڌ جو ڪو پبلشر اهو ڪتاب ٻيهر ڇپائي ته اسان جو نئون نسل ان زماني جي سماجي حالتن کان واقف ٿي پوندو.
محمد صديق مسافر جي زندگي به اُتساهه جو سبب آهي سندس وڏا زنجيار (جيڪو هاڻي آفريقا کنڊ جي زمبيا ۾ شامل آهي) مان غلام ٿي آيا. پهرين هو ٺٽي ۾ غلام ٿي رهيا ۽ پوءِ آزاد ٿي ٽنڊي باگي ۾ اچي رهيا، مرحوم محمد صديق مسافر پڙهيو ته هن نه رڳو علم ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي، پر شيدي برادريءَ ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ ان جي اصلاح ۽ بهبود جي لاءِ پڻ وڏي جاکوڙ ڪئي. پر مٿس شيدي برادريءَ جي پَٽيل جي پَڳ به هئي، مرحوم مسافر سٺ کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا، جيڪي ڪيترن ئي موضوعن تي آهن ۽ اُنهن مان ڪي ته ٻيهر به ڇپيا آهن. سندس هڪ ڪتاب ”شيدين جي غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ ڪرشما“ ته منهنجي پسند جي ڪتابن مان آهي ۽ اُن ڪتاب کي آئون آمريڪي شيدي ليکڪ اليڪس هيلي جي ڪتاب ”روٽس“ سان ڀيٽيندو آهيان، سندس هن آتم ڪهاڻيءَ کي پاڻ آمريڪي سماج سڌارڪ شيدي اڳواڻ بڪر واشنگٽن جي آتم ڪهاڻي ”غلامي مان ٿئي چاڙهو“ سان پڻ ڀيٽي سگهون ٿا، جنهن جو مٿئين نالي سان مرزا قليچ بيگ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جي آتم ڪهاڻين واري باب ۾ هن آتم ڪهاڻيءَ جو ذڪر نه ڪيو آهي، پر سنڌيءَ ۾ ڇپيل آتم ڪهاڻين جو ڪوبه تذڪرو ”منزل مسافر“ جي ذڪر کانسواءِ اڻ پورو چئبو.
ورهاڱي کان اڳ سنڌيءَ ۾ پهرين لکيل آتم ڪهاڻي ميرزا قليچ بيگ جي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ آهي، جيڪا هن 1923ع ۾ لکي هئي ۽ پهريون ڀيرو 1968ع ڇپي. قيام پاڪستان کان پوءِ لکيل آتم ڪهاڻين ۾ ”منازل مسافر“ 1952ع ۾ ڇپي. سر فهرست آهي.
منهنجي ماضيءَ جا چند ورق (1975ع):
پير عالي شاهه جيلانيءَ جي آتم ڪهاڻي ”منهنجي ماضيءَ جا چند ورق“ 1975ع ۾ ڇپي، اها پاڻ مرحوم محمد سومار شيخ جي زور ڀرڻ تي کيس لکرائڻ شروع ڪئي، پر اڻ پوري ئي رهي. ”پير صاحب (علي شاهه جيلاني) لاڙ جي هڪ وڏي شاعر ڀاوَن علي شاهه ساقي جو فرزند هو. لاڙ ۾ پير صاحب عالي شاهه جي پيري مريدي ۽ لڳ لاڳاپن سبب گهڻو اثر هو. هيءَ هڪ سياسي آتم ڪهاڻي به سڏي سگهجي ٿي. جنهن ۾ پير صاحب پنهنجي سياسي زندگيءَ ۽ اليڪشن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. پير صاحب ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ ۽ هڪ ڀيرو مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو (7)
پير عالي شاهه جي هن آتم ڪهاڻي ۾ پير صاحب جو ان وقت بدين ۾ مقرر ٿيل مختيارڪار حيدر خش جتوئي سان يارهينءَ جي هڪ ميلي منعقد ڪرڻ دوران ٿيل بدمزگي ۽ غلط فهميءَ جو ذڪر به ملي ٿو، جيڪا بدمزگي مختيار ڪار جي نائڪ جي غلط بيانيءَ سبب ٿي. ان ڪري پير صاحب جي گرفتاري جا وارنٽ به ڪڍيا ويا. پر پوءِ حيدرآباد جي ڪليڪٽر، ايس پي ۽ چڱن مڙسن جي وچ ۾ پوڻ معاملو ختم ٿيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هڪ دلچسپ ڳالهه بيان ڪندي لکيو آهي ته : ”آڪٽوبر 1966ع ۾ جڏهن آءٌ چين مان تعليم مڪمل ڪري موٽيس ته ساڻس ملڻ ويس، ڪي سوکڙيون به ڏنم ته حال احوال به ورتائون، آخر ۾ پڇيائون ته چين ۾ پير آهن؟ مون عرض ڪيو ته جي پير اُتي هجن ها ته هي جيڪي ترقيءَ جون ڳالهيون ڪيون اٿم، سي ڪوڙ هجن ها، مرڪي چيائين: تنهن جي معنيٰ ته پير ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ بڻيل آهن“ (8)
ڪيئي ڪتاب:
مون کي جيڪڏهن هڪ سئو عظيم سنڌي ڪتابن جي فهرست ٺاهڻ جو چيو وڃي ته آئون رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي آتم ڪهاڻي ”ڪيئي ڪتاب“ کي پهريَن ويهن ڪتابن ۾ رکان. ڪيئي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيو هو، پهريون ڀاڱو 1981ع ۾ ٻيو 1982ع ۾ اڳتي هلي ٻيئي جلد هڪ ڪتاب جي صورت ۾ به ڇپيا. ڪيئي ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو به اچڻو هو، جنهن بابت رئيس مرحوم ٻئي ڀاڱي جي ابتدا ۾ دل جون ڳالهيون لکيون آهن، پهرين ڀاڱي جي اختتام بعد ٻئي ڀاڱي جي مضمونن جي لسٽ قارئين ڪرام جي ملاحظي خاطر اڳواٽ عرض رکيل هئي، پر جيئن ته ٻيو ڀاڱو ختم ٿي ويو، تنهنڪري انهيءَ مان ڪجهه مضمون ڪڍي ٽئين ڀاڱي لاءِ محفوظ ڪيا ويا، جيڪي ٻين نون مضمونن سان گڏ ٽئين ڀاڱي ۾ اچي رهيا آهن. (9)
ٻئي جلد جي آخر ۾ فهرست مضامين ”ڪيئي ڪتاب“ ڀاڱو ٽيون جي عنوان هيٺ اهڙن 78 مضمونن جي فهرست به ڏنل آهي، جيڪي ٽئين ڀاڱي ۾ اچڻا هئا. پر افسوس جو ڪيئي ڪتاب جو ٽيون جلد ڇپجي نه سگهيو، خبر ڪونهي ته اهو سندس پونئيرن وٽ محفوظ آهي به يا نه. سيد مظهر جميل ”جديد سنڌي ادب“ ۾ لکي ٿو:
”ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي آتم ڪهاڻي جي هڪ خوبي اها به آهي ته هن پاڻ پنهنجي زماني جي ثقافتي سرگرمين، ميلن ملاکڙن، راڳ ويراڳ جي محفلن ۾ عوامي جلسن جي احوال سان گڏ هڪ اهڙو رنگا رنگي لينڊ اسڪيپ پينٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا سڀ ثقافتي رنگ لهرائيندا ۽ سڀئي تهذيبي نقش نظر اچن ٿا. پاڻ ميلن ملاکڙن جا دلچسپ قصا به ٻڌائي ٿو ته راڳ رنگ جي محفلن جي جهلڪ به پسائي ٿو. سياست جي ميدانن ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ انهن ۾ شامل ڪردارن سان به ملاقات ڪرائي ٿو ته صوفين فقيرن جا حال احوال به سڻائي ٿو ۽ گڏوگڏ پنهنجي دور جي نامور ماڻهن سان به تعارف ڪرائيندو هلي ٿو (10)
”جيتوڻيڪ رئيس ڪريم بخش عام معنيٰ ۾ ڪو اديب يا نثر نگار نه هو، پر هن پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ کي اهڙي ته سادي سودي ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيو آهي جو سندس اهوئي انداز بهترين اسلوب بنجي وڃي ٿو. ننڍن ننڍن جملن ۾ هن دلچسپ قصن ڪهاڻين ۽ واقعن جي ايتري ته گلڪاري ڪئي آهي جو منظر نامي ۾ ڪٿي به بي رنگي جو احساس نٿو ٿئي. (11)
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هڪ حساس ۽ نرم دل جو مالڪ هو. پاڻ پنهنجي ڀر پاسي جي عام ماڻهن کي ڏکارو ڏسي به ڏکوئجي پوندو هو. خود رئيس مرحوم جو ٻاروتڻ، ٻالڪپڻو، جذباتي ۽ نفسياتي خلفشار، ڇڪتاڻ ۽ شديد قسم جي تشنج جو شڪار رهيو، جنهن جو اثر سندس شخصيت، فڪر ۽ روين تي پيا ۽ اهي ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ هنڌ هنڌ تي اڀريل نظر اچن ٿا، رئيس صاحب جو والد پنهنجي علائقي جو وڏيرو ۽ رئيس هو. رئيس صاحب جي والده سان سندس ٽين شادي هئي، پنهنجن ناناڻن جو ذڪر ڪندي پاڻ لکي ٿو ته: سندس ناناڻا لاڏائو هئا، سندس امڙ جو نالو ڄامزادي هو، پر کيس راڻي چئي سڏيو ويندو هو ۽ اهوئي نالو مشهور ٿي ويو. جڏهن سندس امڙ کي سندس پيءُ ڇڏي ڏنو ته رئيس صاحب جي پرورش سندس ويڳي ماءُ ڪئي، جنهن سان رئيس صاحب جي ايتري ئي محبت ۽ احترام هو، جيترو پنهنجي سڳي ماءُ سان. ٻاروتڻ ۽ ننڍپڻ جي انهن يادن سڄي عمر رئيس صاحب جي پُٺ نه ڇڏي، جنهن جو اظهار سندس آتم ڪهاڻي ۾ ٿئي ٿو (12)
’ڪيئي ڪتاب‘ آتم ڪٿا پنهنجي موضوع ۽ انداز بيان جي حوالي سان سڀني کان منفرد ۽ ڌار مقام رکي ٿي، ٻن جلدن تي ٻڌل ”ڪيئي ڪتاب“ زندگي جي وسيع ڪئنواس تي ٻڌل آهي. ”ڪيئي ڪتاب“ خود هڪ الڳ مقالي يا ٿيسز جو موضوع بنجي سگهي ٿو. هن مختصر مقالي ۾ ان جو فقط تعارف ئي پيش ڪري سگهجي ٿو، ڪيئي ڪتاب سنڌ جي سوانحي ادب ۾ لينڊ مارڪ جي حيثيت رکي ٿو (13)
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 31 ڊسمبر 1982ع تي وفات ڪئي. هن صوفي منش جي وفات پڻ عجيب ڪيفيت واري عالم ۾ ٿي. 31 ڊسمبر 1982ع تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ثقافتي ونگ پاران ڳوٺ سڌار سال جي سلسلي ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾ رئيس کي خاص مهمان طور گهرايو ويو، ان موقعي تي موج ۽ مستيءَ ۾ اچي محفل وارن کي بار بار چوندو رهيو: اڄ جي رات کانپوءِ نئون سال شروع ٿيندو. جيڪڏهن آئون مري ويس ته ڇٽس نه ته سڄو سال پنهنجو آهي“ (14)
پنهنجي پچار:
هيءَ هڪ سچار هاري ۽ سياسي ڪارڪن گل چانگ جي آتم ڪهاڻي آهي. گل چانگ، عوامي تحريڪ جو ڪارڪن هو، کيس آڪٽوبر 1979ع ۾ بدين ضلع جي ڳوٺ راهوڪيءَ ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا ۾ گرفتار ڪري هڪ سال قيد ۽ پندرهن ڦٽڪن جي سزا ڏني ويئي، جيل ۾ ساڻس گڏ مرحوم فاضل راهو ۽ ٻيا سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ گڏ هئا، انهيءَ سزا جو ذڪر ڪندي گل چانگ لکي ٿو:
”ان ڏينهن (17 آڪٽوبر) تي تي مٺي مهيري ۽ مون کي حيدرآباد سينٽرل جيل مان بدين وٺي آيا، جتي اسان ۽ ٽن ٻين جملي پنجن ڄڻن کي بدين شهر ۾ قاضيا واهه جي ڪپ تي بدين جي شهر ۾ پڙهو ڏيئي ڏهه هزار کن ماڻهو گڏ ڪري انهن جي وچ ۾ سر عام ڦٽڪا هنيا ويا. (15)
گل چانگ اهو ڪتاب 26 مئي 1982ع تي لکي پورو ڪيو ۽ 1989ع ۾ محمد ابراهيم جويي جي مهاڳ سان ڇپيو. ڪتاب لکڻ جو سبب بيان ڪندي گل چانگ لکي ٿو: ”ڦٽڪن لڳڻ جي ٿورن ڏينهن کان پوءِ ۽ آئون بنهه ڊهي پيس، اسپتال موڪلي منهنجو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، رپورٽ ۾ مون کي ٽي بي جو مريض قرار ڏنو ويو. اندر جيل ۾ جڏهن اسپتال کان واپس پهتس ته دوستن صلاح ڏني ته ”تون پنهنجي آتم ڪهاڻي لک، آئون هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو مون ڪڏهن لکيو نه، صرف هڪ ٻه درجا پڙهيا، پر دوستن چيو ته لک! جيڪا حقيقت آهي اها لک! پوءِ مون لکڻ شروع ڪيئي جو لکبو هو، سو پڙهبو هو، ان جو دوست تنقيدي جائزو وٺندا هئا. اهڙي طرح 1977ع جي دور جا واقعا مون جيل ۾ لکيا (16)
گل چانگ 3 آگسٽ 1980ع ۾ جيل مان آزاد ٿيو ۽ ان کانپوءِ جو احوال مئي 1982ع تائين جيل کان ٻاهر اچي لکيائين. گل چانگ جي هيءَ آتم ڪهاڻي ”پنهنجي پچار“ هڪ غريب ۽ سياسي ورڪر جي زندگي جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي غريبي هارپ تي وڏيرن جي زمين ڪرڻ، ڪمدارن ۽ ڪاراون جي بدمعاشين، پوءِ هاري ورڪرن سان رابطي، عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ، جهر جهنگ وڃي ڪم ڪرڻ جون وارتائون بيان ڪري ٿو. ماضيءَ ۾ اسان جيڪي مشهور روسي ناول امڙِ، چراغ جلتارها، جب کيت جاگي، پهاڙون ڪي بيٽي، قافلا شهيدون ڪا، دارو رسن ڪي آزمائش جهڙا ناول پڙهي روسي جي ”آڪٽوبر انقلاب“ کي داد ۽ تحسين ڏيندا هئاسين، گل چانگ جي هيءَ سچي پچي آتم ڪهاڻي ڄڻ ته انهن جو تسلسل ٿي لڳي.
ٻنڌڻ ٻاروچن جا:
فقير عبدالغفور الستي، جيڪو گذريل صدي جي ستر واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد مان ”ملير ڊائجسٽ“ جي نالي سان ماهوار رسالو شايع ڪندو هو ۽ وري نوي واري ڏهاڪي ۾ ضلعي ٺٽي ۽ هاڻوڪي سجاول ضلعي ۾ الست تنظيم قائم ڪري ٻهراڙين جي سنڌي نياڻين کي پڙهائڻ لاءِ اسڪول کوليائين ۽ تعلقه لاءِ جاڳرتا مهم هلايائين اِن کانسواءِ هن شاهه جي رسالي جي چونڊ بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو پهريون ڀيرو ”1986ع ۾ سليشيل سن رائيزام فرام سنڌ“ جي نالي سان ڇپيو. فقير الستيءَ پنهنجي آتم ڪهاڻي سندس زندگي جي شروعات 54 سالن (1931-1984ع) جو احاطو ٿي ڪري. ان جي ٻولي ايڏي دل پذير ۽ اسلوب ايترو ته دلڪش آهي جو پڙهندڙ ان جي مَنڊ ۾ منڊ جيو وڃي، ڪتاب جي ڏهين باب جي پڄاڻي ڪندي الستي لکي ٿو: ”هي حياتي جو پهريون سفر اسڪولي تعليم ۽ دنيا ئي تربيت جو اُتي اچي پورو ٿيو، ٻيو ان کان پوءِ شروع ٿيندو 1973ع تائين هلي ختم ٿيندو، جيڪو ئي ڪتاب ۾ ايندو، قسطن ۾، هيءُ ڪهاڻي ان ڪري ضروري هئي، جو حياتي ايتري ڊگهي ته ڪانهي، هن وقت 69 سالن جي آهي، پر حڪايت ڊگهي آهي، جنهن ۾ عجيب و غريب تجربا هٿ مٿي کنيو بيٺا آهن، ته اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، انهن تجربن مان هڪڙا علمي آهن ۽ ٻيا عملي، وري بدن ۽ رت به هڪڙو مشرقي اٿم ته ٻيو مغربي. ناناڻن جو مغربي ته ڏاڏاڻن جو مشرقي، وري ’ڪا ڌرتتي ماءُ، ڪا ڄر سندي سڄڻين‘ اٿم، لطيف وانگي سو ٻنهي ڄيرن ۾ هلڻ ۽ واجهائڻ به واجب ٿي پيو آهي، هاڻي ڏيو منهن قلم ته پنا ڪارا ڪري ڇڏيندا تيسين سسئي وانگر ”سڀ رڱيندس رت سين، ڪيچان وري پو، مادر مٿان مون ڪانگ روئندا ڪڏهين“، جيستائين موت نه آيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٻيا ڪتاب هن کان پوءِ ايندا.(17)
افسوس جو وڏي ڄمار ۽ ضعيفيءَ سبب پاڻ ڪتاب جا وڌيڪ ٻه ڀاڱا لکي نه سگهيو نه ته هيءَ آتم ڪهاڻي ”ڪيئي ڪتاب“ جي حيثيت اختيار ڪري وڃي ها.
پيهي جان پاڻ ۾:
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ مترجم پرويز پنهنجي آتم ڪهاڻي، ”پيهي جان پاڻ ۾“ جي نالي سان لکي. هن ڪتاب ۾ پرويز پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي، پنهنجي تعليمي، ادبي ۽ سياسي سفر جي ڪٿا پيرائتي نموني لکي آهي. پرويز فڪري ۽ سياسي طور تي محترم رسول بخش پليجي ۽ شهيد فاضل راهو سان لاڳاپيل هئڻ سبب سندن سياسي سفر جو ساٿي رهيو آهي، هن ڪتاب ۾ ميرپور بٺوري تعلقي ۽ ڀر پاسي هلندڙ سياسي ۽ هاري جدوجهد جو احوال پڻ ملي ٿو. جيڪو نه رڳو سياسي تحريڪن جو رڪارڊ آهي، پر اها به خبر پوي ٿي ته ڪيئن نه ماڻهن پنهنجي وطن سنڌ ۽ قوم جي قسمت بدلائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، پرويز پنهنجي هن آتم ڪهاڻي ۾ انهن ڪيترن سياسي ڪارڪنن جي ڪٿا پڻ بيان ڪئي آهي، جيڪي اهڙين جدوجهدن جا گمنام سپاهي رهيا آهن، جيڪڏهن هي ڪتاب نه لکجي ها ته انهن گمنام سپاهين جي قربانين جو ڪٿي، ذڪر به نه هجي ها، پرويز جي هيءَ آتم ڪهاڻي سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ هاري هلچل جو هڪ اهم باب آهي.
اسان پنڌ پرين ڏي ۽ ڪيڏي نه مختصر زندگي:
عبدالحئي پليجو بنيادي طرح سفرنامه نويس آهي، سندس هيستائين ٻارهن سفرناما ڇپجي چڪا آهن، ’اسان پنڌ پرين ڏي‘ سندس آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون ڀاڱو ۽ ”ڪيڏي نه مختصر زندگي“ ٻيو ڀاڱو آهي. ان کانسواءِ سندس ڪتاب ’سنڌي شاگرد سياست‘ کي به سندس آتم ڪهاڻي/ يادگيرين جو حصو چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي دور جي سياست جو سربستو احوال ڏنو آهي. هن آتم ڪهاڻي جي ٻنهي ڀاڱن جي هڪ خاصيت اها به آهي ته ليکڪ انهيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۽ ملڪ جي سياست ۽ آتم ڪهاڻيءَ سان وابسته ٻين ڳالهين جي باري ۾ به ڄاڻ ڏيندو ٿو وڃي، اسان ”پنڌ پرين ڏي“ ۾ عبدالحئي جي ننڍپڻ کان وٺي مئٽرڪ تائين جو احوال ڏنل آهي ۽ ”ڪيڏي نه مختصر زندگي“ ۾ مئٽرڪ کان وٺي 1970 تائين جو احوال شامل آهي، مٿين ٻن ڀاڱن کانسواءِ ليکڪ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جا وڌيڪ ڀاڱا لکڻ جو ارادو به رکي ٿو.
ڪتيم سڀ ڄمار:
شمس جعفراڻي، سجاول جي هڪ غريب استاد جو فرزند هو، جيڪو محنت ڪري پڙهيو ۽ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، مختلف سرڪاري عهدن تي رهيو ۽ 2010ع ۾ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري جي حيثت سان رٽائرڊ ڪيائين، ڪجهه وقت پوءِ اتي ئي صلاحڪار جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ فيبروري 2011ع ۾ کاتي کان الڳ ٿيو. محترم سسئي پليجو جي ثقافت کاتي واري وزارت جي ڪارڪردگي جي پويان محترم شمس جعفراڻيءَ جي محنتن جو وڏو دخل هو، سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ، کاتي ۾ آيل ٻيا سيڪريٽري روايتي ڪامورا هئڻ سبب ايترو سرگرم رهي نه سگهيا، شمس جعفراڻي جي ماضيءَ ۾ اطلاعات کاتي ۾ رهڻ ۽ ان کان اڳ ’مهراڻ‘ اخبار ۾ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ سبب لکڻ ۽ پڙهڻ سان سندس واسطو رهيو هو. هن پنهنجي هيءَ آتم ڪهاڻي 2013ع جي ڊسمبر مهيني ۾ لکي پوري ڪئي، جيڪا پوءِ 2015ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي، ويهن بابن تي مشتمل هي ڪتاب هڪ اهم دستاويز چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ڪتاب ۾ خانگي حال احوال گهٽ آهي، پر سرڪاري حيثيت سان مختلف عهدن تي رهڻ ۽ ان دوران پيش آيل واقعن وغيره جو سٺو احاطو ڪري ٿو، ڪتاب ۾ ڪيترين ئي اهم شخصيتن بابت پڻ ڪيترائي حال احوال موجود آهن، جن بابت ليکڪ لکي ٿو: ”ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل سياسي واقعن تي تبصرا ۽ تجزيا ۽ مختلف شخصيتن بابت رايا منهنجي ذاتي مشاهدي ۽ تجربي تي ٻڌل آهن، ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل اڪثر واقعن کي مون پنهنجي يادگيرين جي بنياد تي قلمبند ڪيو آهي، جن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪن پهلوئن کان تصحيح جي ضرورت هجي (20)
ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر رهڻ دوران اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو، اڳوڻي صدر فاروق احمد لغاري جي ضلع ۾ آمد، مير مرتضيٰ ڀٽي جي قتل ۽ سندس تدفين دوران پيش آيل صورتحال جو پڻ احوال قلمبند ڪيل آهي.
چيتاري چيام:
انجنيئر الهه اوڀايو خشڪ عام طور ڪو ليکڪ يا لکندڙ ڪونهي، البت ادب دوست آهي، ڪڏهن ڪڏهن سندس ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مضمون اخبارن ۾ ڇپندو رهيو آهي، شاگرديءَ واري زماني ۾، شاگرد سياست ۾ سرگرم رهيو ۽ جيل به ويو، پاڻ آبپاشي کاتي ۾ سرويئير کان وٺي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر تائين نوڪري ڪيائين ۽ سيپٽمبر 2009ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. ان سڄي عرصي دوران پاڻ قومي تحريڪ ۽ انهن جي اڳواڻن سان ويجهو رهيو ۽ ڪنهن قومپرست جماعت ۾ شامل نه هئڻ جي باوجود به پس پرده رهي، پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، جنهن جون جهلڪيون سندس هن ڪتاب ۾ نظر اچن ٿيون. پاڻ قومپرست اڳواڻن خاص ڪري عبدالواحد آريسر ۽ قاسم پٿر جي ويجهو رهيو ۽ هن کان اڳ سندس قاسم پٿر تي ترتيب ڏنل ڪتاب ”گوندر گس پرين جو“ 2013ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.
الهه اوڀائي خشڪ پنهنجي هيءَ آتم ڪهاڻي پنهنجي هڪ دوست جي چوڻ تي لکي، ڪتاب ۾ پنهنجي ڳوٺ ڪٽنب، شروعاتي تعليم، شاگرد جدوجهد، قومي تحريڪ جي ڪن واقعن ۽ پهلوئن وغيره جي ذڪر سان گڏ، سندس ڪجهه لکيل مضمون ۽ خط پڻ شامل ڪيا ويا آهن. ’چيتاري چيام‘ سادي سودي اسلوب ۾ نهايت دلچسپ پيرائي ۾ لکيل آهي. پر ان جو ڪئنواس ڏاڍو مختصر آهي، ليکڪ چاهي ها ته ان جو ڪئنواس وسيع ڪري سگهيو ٿي، هن ڪتاب ۾ قومي تحريڪ جي حوالي سان ڪجهه اهم واقعا به رڪارڊ تي آندل آهن.
جيئن مٿي لکيو اٿم ته انجنيئر الهه اوڀائي خشڪ جي ڪن قومپرست اڳواڻن سان گهڻي ويجهڙائپ رهي هئي، تنهنڪري پاڻ انهن جي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهه دلچسپ ڳالهيون به لکيون اٿس، جيئن هڪ هنڌ مرحوم عبدالواحد آريسر جي باري ۾ لکي ٿو: ”آريسر غربت جي حالت ۾ سياست ڪري اهو ثابت ڪيو ته بنا پئسن جي به سياست ڪري سگهجي ٿي، جمن دربدر جيڪو آريسر جو ڳوٺائي ۽ پراڻو ساٿي آهي، انهيءَ هڪ واقعو ٻڌايو هو ته هو ۽ آريسر ڪنهن سياسي پروگرام ۾ ويا ۽ واپسي تي هنن وٽ ڀاڙي جا پئسا نه هئڻ ڪري ڪنڊيڪٽر کين بس مان لاهي ڇڏيو، جمن دربدر جيڪو سٺو ڳائيندڙ به آهي، آريسر صاحب کي وٺي ويجهي هوٽل تي ويٺا، اتي جمن پاڻ کي ڳائڻو ظاهر ڪري ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن داد ۾ ان کي پئسا ڏنا، ائين هو ڀاڙي جا پئسا هٿ ڪري ڳوٺ پهتا“ (19)
خانه بدوش روح جي ڪٿا:
غلام حسين رنگريز جي سڃاڻپ هڪ شاعر ۽ نثر نويس واري رهي آهي، ”خانه بدوش روح جي ڪٿا“ سندس آتم ڪهاڻي جو پهريون ڀاڱو آهي، جنهن ۾ 45 بابن يا عنوانن تحت پنهنجون يادگيريون لکيون اٿس، ته انهن ۾ پنهنجي جنم، ڪٽنب پسمنظر، ميرپور بٺوري جي يادن کانسواءِ سنڌ جي ماضي قريب جي قومي ۽ ادبي تحريڪن جو اکين ڏٺو احوال، سائين جي . ايم سيد سان گهاريل گهڙين، سائين جي. ايم سيد تي ٿيل قاتلاڻي حملي، ٻوليءَ واري تڪرار، قومپرستي جي سزا، پيئڻ کائڻ جي محفلن، پنهنجي جيل وڃڻ جي احوال وغيره سميت ڪيترائي احوال اوريل آهن. اصل ۾ هيءَ آتم ڪهاڻي پهرين روزاني ”عوامي آواز“ جي هفتيوار سنڌي مئگزين ۾ 85 قسطن ۾ ڇپي، جنهن کان پوءِ 45 قسطن تي ٻڌل پهريون ڀاڱو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جڏهن ته اڃا رهيل چاليهه قسطن جو بچيل مواد ٻي ڀاڱي ۾ اچڻو آهي، پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ جي حوالي سان ليکڪ لکي ٿو: ”ڪيتري وقت کان ڪي دوست احباب عبدالحئي پليجو، اياز جاني (مرحوم)، غوث پيرزادو ۽ ٻيا اصرار ڪندا رهيا آهن ته آءٌ پنهنجون ساروڻيون سهيڙي آتم ڪٿا ضرور لکان هر وار سوچي لکڻ جي سگهه نه ساري، ڪم هٿ ۾ نه کڻندو آهيان، سوچيندو آهيان ته منهنجي زندگي ۾ رکيو ئي ڇا آهي، جو آتم ڪٿا لکان؟ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته لڇمڻ ڪومل جهڙو ڏانءَ ڪٿان آڻيان، جو ”وهي کاتي جا پنا“ لکي پڙهندڙن کي موهي سگهان، يا ڪي انتهائي ياد گار لمحا رڪارڊ تي آڻي، انهن کي تاريخ جو حصو بنائي سگهان. منهنجي زندگي ته ڪجهه شڪسته داستانن ۽ ڪجهه پريشان تذڪرن کان سواءِ ٻيو آهي ئي ڇا؟ (20)
خانه بدوش روح جي ڪٿا جو اسلوب ڪٿي ڪٿي ناصحانه به ٿيو وڃي، ته ڪٿي ڪن حوالن مان تجويزون به ڏنل آهن. جيئن عنوان ”پاڪستان جو الميو“ ۾ استادن جو تذڪرو ڪندي کين پاڻ ۾ گُڻ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي ناصحانه نُڪتا ۽ صلاحون ڏئي ٿو (ص 245) يا هڪ ٻي عنوان ”ٻه آئيڊيل“ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي حوالي سان لکندي سندس نالي سان قائم ٿيندڙ ٽرانسليشن بيورو جو ذڪر ڪندي ڪي تجويزون ڏيئي ٿو ته جيئن انهن تي غور فڪر ڪري عمل ڪيو وڃي (ص 213)
تاريخ منهنجي وقت جي:
خادم ٽالپر هڪ سڄاڻ فرد باشعور استاد، سياسي ورڪر ۽ آدرشي انسان رهيو آهي، جيڪو سماج کي بدلائڻ لاءِ عملي توڙي فڪري ميدان ۾ سرگرم رهيو آهي. ”تاريخ منهنجي وقت جي“ سندس آتم ڪهاڻي جو پهريون ڀاڱو آهي، جيڪو 1945ع يعني سندس جنم کان وٺي 2000ع تائين جي واقعاتي ڊائري آهي، جنهن ۾ 1945ع کان وٺي هر سال جي اهم ملڪي توڙي غير ملڪي واقعن کي بيان ڪيو ويو آهي. سندس سندس آتم ڪهاڻي لکڻ جو هي انداز منفرد ۽ نرالو ضرور آهي پر هن ڪتاب کي پاڻ مڪمل طور تي آتم ڪهاڻي چئي نٿا سگهون، جيتوڻيڪ ڪتاب ۾ لکيڪ جي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ جون ڪي جهلڪيون پڻ موجود آهن. البت پاڻ هن ڪتاب کي سال وار واقعن جي ڄاڻ واري ڊائري ضرور چئي سگهون ٿا، جنهن ڳالهه جو خود ليکڪ به هنن لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد رڳو منهنجي آتم ڪٿا لکڻ نه پر منهنجي زندگي جي پوري اڌ صدي ۾ سياسي، سماجي، علمي، اخلاقي، معاشي، نفساتي، سائنسي ۽ ثقافتي طرح ڇا ڇا ٿي گذريو، ان جو سنڌي يا اڻ سڌي طرح هن علائقي جي عوام تي ڪهڙو اثر ٿيو، ان جو داستان آهي، ان جي سڄي تاريخ آهي، ٻين جي سوانح پڙهڻ سان پنهنجي سوانح سڌارن، ٻين جي غلطين مان سکڻ ۽ ٻين جي چڱاين کي اڳتي وڌائڻ جو هڪ تصور، هڪ امنگ ۽ هڪ فڪر پيدا ٿئي ٿو (21)
ماڻڪ چوڻو جن جو:
سيد عالم شاهه بنيادي طرح سياسي ورڪر آهي، سنڌ جي قومپرست سياست ۽ هاري هلچل ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. پاڻ 1942ع ۾ جنم ورتائين. 1975ع ۾ سنڌ جو قومپرست جماعت ”سنڌي عوامي تحريڪ“ جي ترجمان رسالي ”تحريڪ“ جو ايڊيٽر ٿيو ۽ تحريڪ رسالي جي هڪ ڪيس ۾ ٻه سال سزا به ڪاٽيائين.
سيد عالم شاهه وقت به وقت مختلف رسالن ۾ پنهنجي زندگي ۽ ساٿين بابت ليک لکيا، جيڪي سڀ گڏ 2009ع ۾ ”ماڻڪ چوڻو جن جو“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا ويا. ڪتاب سندس ڊائري جي ورقن کانسواءِ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن بابت سندس لکيل ڪجهه مضمون به شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جو مهاڳ محترم اياز لطيف پليجي لکيو آهي.
پنهنجي ننڍپڻ جي يادن کي سهيڙيندي سيد عالم شاهه پنهنجي هڪ مضمون ”منهنجي هٿان منهنجو ڀاءُ ڪيئن شهيد ٿيو“ ۾ پنهنجي هٿان اتفاقي طور تي بندوق ڇٽڻ جو واقعو ۽ پنهنجي ڀاءُ ”ڇٽن شاهه جي شهادت جو واقعو“ به لکيو آهي پاڻ لکي ٿو:
”اسان جيئن ئي گهر وياسين ته گهر ۾ پهر ئي ڪانه هئي. مال لاءِ مٽرن جي ول پيل هئي. اسان ٻئي ڀائر مٽرن جي ول مان ڦريون پٽي کائڻ لڳاسين، ڀرسان ئي واڻ واري کٽ رکيل هئي. جنهن تي صديق ماڇي ڪمدار جي بندوق ڀري رکي هئي. آئون اها عجيب شئي ڏسي کٽ ڏانهن وڌي ويس. ان کي کڻڻ جي ڪوشش ڪيم ته ڪانگ ٽان ٽان ڪري اڏامڻ لڳا. سٽ ڏيئي کٽ تان ڀريل بندوق کنيم. بندوق جو ڪُنڊو واڻ ۾ ڦاٿل هو ۽ سٽ ڏيئي کنڻ ڪري بندوق هلي ويئي. وڏو ٺڪاءُ ٿيو... بندوق جو ڀريل بارود سامهون ويٺل منهنجي ڀاءُ کي لڳو ۽ سيد ڇٽن شاهه ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. آئون حراس ۽ خوف کان بي هوش ٿي ڪري پيس، مون کي ڪابه خبر نه رهي ته ڇا ٿيو؟ (22)
سيد ڇٽن شاهه جي ان اتفاقي شهادت جو سيد عالم شاهه جي والد سيد علي مير شاهه تي ڪهڙو اثر ٿيو، ان جو ذڪر ڪندي سيد عالم شاهه لکي ٿو: ”چوندا آهن ته وقت سڀ وساريو ڇڏي، پر بابا انهيءَ ڏينهن کان جيئن ڪارا ڪپڙا پاتا، تيئن وري زندگي جي آخر تائين ڪڏهن به ڪاري ڪپڙي کانسواءِ ٻيو ڪو رنگين ڪپڙو نه پاتائين. انهيءَ ڏينهن بابا جي تاج ڪمپني جي تاج نالي بندوق جيڪا ليسن واري آهي، جا بابا کانپوءِ منهنجي ليسن تي آئي، اها بندوق جيئن ڪپڙن ۾ ويڙهي صندوق ۾ بند ڪري رکي آهي اڃا ٻاهر نه ڪي آهي. هاڻ ته زنگجي سڙي ويئي آهي. باقي ليسن هر سال نئون ڪرائيندا آهيون (23)
مٿي بيان ڪيل آتم ڪٿائن جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته لاڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ پنهنجي آتم ڪٿائن ۾ هڪ منفرد انداز بيان رکن ٿا.
حوالا
1. ڪاشميري، سورش، ”ابوالڪلام آزاد“، چٽان پبليڪيشن لاهور.
2. سنڌي يوسف، ”پسي تنهنجي تجلي“ (تذڪره)، سچائي اشاعت گهر، دوڙ، 2003ع
3. جوڻيجو ڊاڪٽر عبدالجبار ، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (ڀاڱو ٽيون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2006ع
4. سيد مظهر جميل، جديد سنڌي ادب (اردو)، اکادمي بازيافت 2004ع
5. ايضاً
6. مسافر محمد صديق، ”ڪليات مسافر“، آر. ايڇ احمد ايند برادرس، 1952ع
7. جوڻيجو ڊاڪٽر عبدالجبار، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2006ع
8. ايضاً
9. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، ”ڪيئي ڪتاب“ (جلد ٻيو)، ڪيئي ڪتاب پبليڪيشن ماتلي
10. سيد مظهر جميل، جديد سندهي ادب، اڪادمي ادبيات.
11. ايضاً
12. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو
13. آزاد قاضي، ”آيو تڙ تماچي“، جي. ايم. سيد فائونڊيشن 2003ع
14. گل چانگ، ”پنهنجي پچار“، سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي 1989ع
15. ايضاً
16. الستي عبدالغفور، ”ٻنڌڻ ٻاروچن جا“، سچائي اشاعت گهر دڙو، 2007ع.
17. جعفراڻي شمس، ”ڪتيم سڀ ڄمار“، پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي، 2016ع
18. انجنيئر الهه اوڀايو خشڪ، ”چيتاري چيام“، پيپڪاڪ پبلشرس اينڊ پبلشر، ڪراچي 2016ع
19. رنگريز غلام حسين، ”خانه بدوش روح جي ڪٿا“، ڪراڙ پبليڪيشن، ٽنڊو محمد خان 2016ع
20. ٽالپر خادم، ”تاريخ منهنجي وقت جي“، شمشير الحيدري اڪيڊمي بدين، 2016ع،
21. سيد عالم شاهه، ”ماڻڪ چوڻو جن جو“، ڊاڪٽر قاضي غفار پبليڪيشن حيدرآباد 2009ع.
22. ساڳيو.
23. ساڳيو.