خط نويسيءَ جي صنف: پرنٽ کان ڊجيٽل دنيا تائين
(The Journey of the Epistolary Genre: Print to Digital World)

محمد راشد شر

The epistolary genre serves as a fundamental mode of human expression and thought transmission. Historically, this literary form reflected emotions, social relationships and evolving cultural circumstances. Different categories, including personal, literary, formal and informal letters evolved to meet specific societal demands. In particular literary letters provided a unique medium for expressing inner sentiments and establishing new literary standards. In Sindhi literature, writers and poets adopted letters to convey intellectual, ideological and creative tendencies. Published collections and magazine entries now serve as a documentary heritage of Sindhi cultural history. While traditional handwritten letters have declined due to technological evolution, the core spirit of the genre persists. Modern media such as email, social media and blogs represent new manifestations of this traditions. Research highlighted that the genre has not disappeared but has transformed its scope and medium. The artistic and social significance of the epistolary form endures in the digital age. Therefore, letter writing should be viewed as an evolving journey rather than a relic of the past.

Keywords: Epistolary Genre, Sindhi Literature, Literary Correspondence, Technological Evolution, Digital Communication, Cultural Heritage.      

 

ادب جي سمورين صنفن جون فني گهرجون الڳ الڳ ۽ هڪٻئي کان گهڻو مختلف آهن، ادب کي جن بنيادي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي انهن کي نثر ۽ نظم جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. نثر ۾ ٻين صنفن سان گڏ خط نويسيءَ جي صنف به ادب جي اهم صنفن ۾ شمار ٿئي ٿي. خط جي جديد لغوي معنيٰ آهي :لکت، لکائي ۽ لکت جو نمونو. جامع سنڌي لغات ۾ خط جي وصف هن ريت ملي ٿي؛

”خَطُ ج خَطَ: ذ،]ع، خط=هن ليڪو پاتو، هن لکيو[ ليڪو، ليڪ، ريکا، لکت لکڻي، تحرير، چٺي، رُقعو، نامو، رسم الخط، صورتخطي، دستاويز وغيره“ (1)

خط نويسيءَ مان مراد اهڙو پيغام، جيڪي والدين، ڀائرن، گهر ڀاتين، چاچن، مامن، عزيزن، دوستن، عالمن، اديبن، استادن، شاگردن ۽ ٻين وڏين شخصيتن ڏانھن لکيو وڃي. جڏهن رابطه ڪاريءَ جا جديد طريقا ايجاد نه ٿيا هئا ته ماڻهو هڪٻئي جي حال احوال ۽ خبر چار لاءِ هڪ ٻئي کي گهڻو خطن جي ذريعي آگاهه ڪندا هئا. ادبي خطن ۾ وري ليکڪن جي بحث جو دائرو دانشوراڻو هوندو آهي، جنھن ۾ هڪ ليکڪ ٻي ليکڪ سان مخاطب ٿي ساڻس زندگيءَ جا حال احوال اورڻ سان گڏ زندگيءَ جي ٻين به ڪيترن ئي پھلوئن تي گفتگو ڪندو آهي. هن جديد دور جي مختلف جديد ايجادن ذريعي به هن وقت خط شوق سان لکيا ۽ پڙهيا وڃن ٿا. ادب جي هيءَ صنف انڪري به اهم ۽ دلچسپيءَ لائق آهي جو هن صنف ۾ مختلف نامور اديبن جي زندگيءَ جي حال احوال ۽ سرگرمين کي هڪٻئي سان ونڊ ڪيو ويندو آهي، جنھن کي پڙهڻ سان ان شخصيت جي زندگيءَ جي مختلف سرگرمين مان واقف ٿي ساڻس خط جي گفتگو پڙهي ڄڻ اڌ ملاقات ڪري وٺبي آهي.

خط نويسيءَ جو آغاز

پوري انساني تاريخ ۾ جهڙي طرح ادب جو آغاز هڪ روايتي انداز ۾ ٿيو آهي، جو وڌ کان وڌ اسان کي جيڪي ادبي حوالا ملن ٿا انهن جي اڪثريت حيرت انگيز روايتن تي مبني آهي، اهڙي طرح خط نويسيءَ جو آغاز به توڙي جو ڪن جڳهن تي ادبي روايتن جو ته تسلسل آهي پر خط جون اهي سڀ روايتون ۽ حوالا ڏاڍا دلچسپ هجڻ سان گڏوگڏ گهڻو ڪري حقيقت تي به مبني آهن.

 اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته خط جي ابتدا ان وقت ٿي چڪي هئي جڏهن اڃا مس قلم، پنو ايجاد نه ٿيو هيو، ان وقت خط هڪ نياپي جي روپ ۾ قاصد، يا ڪنھن فرد کي ڊوڙائي هڪ فرد ٻي فرد تائين پنھنجو نياپو پھچائيندو هيو، هي دور خط نويسيءَ جو ابتدائي دور هجڻ سان گڏوگڏ پنھنجي جوهر ۾ ڏاڍي دلچسپي جو ضامن به هيو. خط نويسيءَ جي ارتقائي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته ماضيءَ ۾ خط محدود حڪمرانن جي ملڪيت هوندا هئا، ڇو ته ماضيءَ ۾ خط جي رسائي خرچ، ٽپال عام ماڻهوءَ جي پھچ کان گهڻو هوندا هئا.

”اڳي خط عام ماڻهو نه لکندا هئا، پيغام پھچائڻ جو خرچ ئي ايڏو وڏو هو جو اميرن، جاگيردارن ۽ حڪمرانن کانسواءِ ٻئي لاءِ اهو بار کڻڻ ڏکيو هو.“ (2)

جڏهن انساني تاريخ جو آغاز ٿيو ۽ ماڻهن هڪٻئي سان سماجي ناتا جوڙي هڪٻئي ڏانھن پيغام پھچايا تڏهن کان نياپي جي صورت ۾ خط نويسيءَ جو آغاز ٿيو، ايئن اڳتي هلي پٿرن، وڻن جي پنن ۽ وڻن جي ڪاٺ تي لکڻ جو رواج پيو ۽ خط پنھنجي ترقيءَ ڏانھن ڊوڙ پاتي. خط نويسيءَ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان خطن جي آغاز بابت مختلف ۽ منفرد زباني حوالا ملن ٿا. اهڙن حوالن مان هڪ زباني حوالو دنيا جي قديم مورخ هيلنڪس جو آهي جنھن جو چوڻ آهي ته: دنيا جو پھريون خط 500 ق م ۾ لکيو ويو، اهو خط لکندڙ فارس جي هڪ راڻي هئي، سندس خط نويسيءَ جي حوالي سان اڪثر محقق متفق آهن ته هو دنيا جي پھرين خط لکندڙ /پھرين خط نويس هئي. پوري دنيا جي عالمي ادب ۾ خط نويسيءَ جي صنف جو تاريخي مطالعو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته هر ادب ۾ خط جي تاريخ بابت مختلف رايا ڏنا ويا آهن. ادبي تاريخن ۾ دنيا جي پھرين خط بابت ڪا هڪ حتمي راءِ ناهي ملي سگهي. اڪثر مذهبي محقق پنھنجن دليلن سان ان ڳالهه تي زور ڀرين ٿا ته انساني تاريخ ۾ خط جا سڀ کان آڳاٽا حوالا قرآن شريف ۾ ملن ٿا. خطن جي موضوع تي تحقيق ڪندڙ سنڌي محقق ڊاڪٽر ڪليم لاشاري لکي ٿو ته ؛

”خط نگاريءَ جي ابتدا سلطنت روم جي سايي ۾ ٿي آهي. ممڪن آهي تھذيب جي ٻين مرڪزن ۾ به ان کي فروغ مليو هجي، جنھن جي ڪا ثابتي ڪونه ٿي ملي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته، يونان ۾ هي شغل نه عوام ۾ پذيرائي حاصل ڪري سگهيو، نه ئي خاص ۾ مقبول ٿي سگهيو.“(3) 

پراڻي زماني ۾ خط پھچائڻ جو ذريعو قاصد هوندا هئا، جيڪي خطن جي تاريخ جي هڪ دلچسپ دور جو حصو هئا.

”ڪو دور هو جڏهن پرينءَ سندي پيار جي پيغام لاءِ کنياتي جو اوسيئڙو ڪبو هو. ان دور ۾ کنياتي ڪانگل جو اچڻ ڄڻ پرينءَ جي حال احوال جو ذريعو هوندو هو ۽ کنياتي جي خطن، نياپن ۽ پيغامن کي آڻڻ ۽ نيئڻ کي ڪيترن ئي شاعرن موضوع سُخن بنايو.“ (4)

خطن جي ارتقائي دور يعنيٰ قاصدن واري زماني ۾ ماڻهو جن قاصدن جي ذريعي خط موڪليندا هئا، تن کي رستي ۾ ڦريو، زخمي يا قتل به ڪيو ويندو هو. پوءِ گهڻي عرصي تائين ٽپال رڳو حڪومتن، فوجين ۽ بادشاهن جي سرپرستيءَ ۾ رهي.

خط جي صنف جا بنيادي ٻه قسم آهن، جن ۾ هڪ رسمي خط ۽ ٻيا غير رسمي خط اچي وڃن ٿا. ان کانسواءِ به خطن جا ٻيا به ڪيترائي قسم آهن، پر خطن جا بنيادي ۽ اهم قسم اهي ٻه ئي آهن.

”خط عام رواجي به ٿيندا آهن، ته خاص ۽ غير روايتي به، شايد ورلي ڪو ماڻهو هوندو، جنھن جو خطن سان واهپو نه رهيو هوندو. هر ماڻهوءَ جو خطن سان ڪنھن نه ڪنھن ريت نينهن ۽ ناتو رهيو آهي.“ (5)

رسمي ۽ غير رسمي خطن جي وچ ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته رسمي خط پيشيور طور تي ڪنھن کي خطاب ڪن ٿا، ۽ غير رسمي خط ڪنھن کي ذاتي طريقي سان خطاب ڪن ٿا. رسمي خط هڪ مخصوص گهاڙيٽي جي پيروي ڪندا آهن، جڏهن ته غير رسمي خط ڪنھن به شڪل جي پيروي ڪري سگهن ٿا. هڪ رسمي خط جو هڪ مثال ڪو نوڪري ڪندڙ ملازم پنھنجي پيشي سان وابسطه اعليٰ عملدار ڏانھن هڪ استعيفيٰ خط لکندو آهي، ساڳئي خط ۾ استعيفيٰ جو سبب به بيان ڪندو آهي. عام طور تي گهڻو ڪري هن قسم جا خط نجي خانگي ادارن جا ملازم لکندا آهن. غير رسمي خط ذاتي خط آهن جيڪي توهان جي دوستن يا ڪٽنب کي توهان جي زندگي ۾ ڇا ٿيڻ جي باري ۾ ڄاڻڻ ۽ توهان جي حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ لاءِ لکيا ويندا آهن، غير رسمي خط عام طور تي خاندان جي ڀاتي، هڪ ويجهي واقفيت، يا دوست ڏانھن لکيا ويندا آهن. غير رسمي خط ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي سليس ۽ ذاتي هوندي آهي. رسمي خط اڪثر ڪري اعليٰ عملدارن ۽ واپارين طرفان لکيل هوندا آهن. غير رسمي خط (Informal Letters) اھي خط آھن جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ضابطن سان لکيا ويندا آھن. غير رسمي خط ذاتي خط آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته انهن کي رسمي خطن جي مقابلي ۾ ضابطي جي نگراني جي ضرورت ناهي. غير رسمي خط گهڻو ڪري حاصل ڪندڙ جي مائٽن، دوستن، ساٿين وغيره طرفان لکيل آهن. غير رسمي خط لکڻ جو مقصد سماجيات ۽ معلومات جي مٽاسٽا آهي. غير رسمي ۽ رسمي خط وڌيڪ ذيلي ڀاڱن ۾ ورهايل هوندا آهن. خطن جي بنيادي قسمن يعنيٰ رسمي ۽ غير رسمي خطن جي وصف ۽ فرق ڄاڻڻ کانپوءِ اسان کي خطن جي ڪجهه ٻين اهڙن اهم قسمن کي سمجهڻو پوندو جن جو استعمال خطن جي حوالي سان اهم هوندو آهي. خطن جي اهڙن قسمن جو بيان هيٺ ڪجي ٿو.

رسمي خط

هي اهي خط آهن جيڪي هڪ خاص نموني ۽ رسم الخط جي پيروي ڪندا آهن. ڪنھن به قسم جو ڪاروباري خط يا اختيارين ڏانھن خط هن ڏنل درجي ۾ اچي وڃي ٿو. هن قسم جا خط ڌنڌي ۾ اجتماعي طور تي ڪنھن کي خطاب ڪندي نظر اچن ٿا.

دعوت

هن قسم جا خط شادي جي تقريبن، ڪاروباري گڏجاڻين، ثقافتي گڏجاڻين يا گهر جي خانداني گڏجاڻين ۾ گڏجڻ بابت دعوت جا خط لکي دعوت ناما ڏنا ويندا آهن. دعوت جا خط خاص ڪري واسطيدار، دوستن ۽ ڪٽنب جي حصيدار فردن ڏانھن لکي موڪليا ويندا آهن. ھن قسم جي خطن جو بنيادي مقصد آھي مھمانن جي تعداد کي ترتيب ڏيڻ لاءِ تقريب جي تاريخ کان اڳ انهن کي ڪوٺ ڏئي رٿيل تقريب ۾ شامل ٿيڻ بابت آگاهي ڏيڻ.

ڪاروباري خط

هن قسم جا خط ڪاروباري نمائندن جي وچ ۾ لکيا ويندا آهن، ڪاروباري خط عام طور تي واپاري ڏي وٺ جي معلومات تي مشتمل هوندا آهن. هن قسم جا خط يعنيٰ ڪاروباري خط رسمي خطن جي ذمري ۾ اچن ٿا، جيڪي ڪاروباري گراهڪن، ملازمن ۽ ٻين واپارين جي وچ ۾ پيشه ورانه خط و ڪتابت لاءِ استعمال ٿين ٿا. ماضي کان وٺي هيل تائين هن قسم جي خطن جي پڻ ڏاڍي اهميت رهي آهي جو ماضيءَ ۾ ٽپال جي دور کان وٺي اڄ ڏينھن تائين فيسبڪ، واٽسپ، اي ميل ذريعي هن قسم جي خطن لکڻ جو رواج اڃا جيئن جو تيئن جاري آهي.

دفتري / آفيشل يا سرڪاري خط

هن قسم جا خط دفترن سان وابسطه ملازمن کي سندن نوڪري ۽ جنھن ادارن ۾ هو ڪم ڪندا آهن ان بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ لکيا ويندا آهن. هن قسم جي خطن ۾ جتي خانگي دفترن سان وابسطه لک پڙهه ۽ پنھنجي اداري بابت اداري جي فردن کان معلومات ڏني ۽ ورتي ويندي آهي اتي اڪثر ڪري هن قسم جا خط سرڪاري معلومات تي مشتمل هوندا آهن، جيئن ته ؛ ضابطا، سرگرميون، حقيقتون، انگ اکر ۽ طريقا وغيره سرڪاري ۽ دفتري خطن جو بنيادي موضوع هوندا آهن. اعليٰ عملدار ٻين شاخن ۽ آفيسن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ ھن قسم جي خط و ڪتابت استعمال ڪندا آھن. سرڪاري خط مقرر ڪيل قاعدن، ضابطن، شڪل ۽ انداز جي پيروي ڪندا آهن.

سماجي خط

هن قسم جا خط ذاتي سماجي لاڳاپن يعنيٰ هڪٻئي جي ڏکن، خوشين زندگيءَ جي ڪيفيتن سان وابسطه هوندا آهن. هن قسم جا خط ڪنھن خاص تقريب جي موقعي تي لکيل ذاتي خط کي سماجي خط به چئبو آهي. مبارڪن جو خط، تعزيتي خط، دعوت نامو وغيره سڀ سماجي خطن جو حصو آهن.

اشتهاري خط يا اطلاع نامو

هي اطلاع تي ٻڌل اهڙي قسم جو هڪ خط هوندو آهي جيڪي ماڻهن جي اجتماعي گروه تائين پيغام کڻي نئين ۽ منفرد معلومات ڏئي گهڻو ڪري يا حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي يا وري ڏک، خوشي واري ڪيفيت تاري ڪري ڇڏيندو آهي.

روزگار جا خط

ملازمت جي عمل جي حوالي سان ڪنھن سرڪاري يا خانگي اداري طرفان روزگار لاءِ درخواست ڏيندڙ ملازم ڏي موڪليل اهڙو خط جنھن ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ ڪم بابت مختصرن معلومات ڏئي سندس ڪم ڪرڻ جي جڳهه ۽ پگهار وغيره ٻڌائي خط ذريعي ڪم ڪرڻ جي آغاز جي دعوت ڏني ويندي آهي، ان کان علاوه روزگار جي خطن ۾ نوڪريءَ جي ترقي بابت به مختلف مرحلن سان خط لکيا ويندا آهن.

استعيفيٰ جا خط

استعيفيٰ جا خط به هڪ قسم جا رسمي خط پڻ آهن، جيڪي توهان جي موجوده ملازمت مان توهان جي روانگي جي تصديق ڪن ٿا. هن قسم جي خطن ۾ ڪنھن به جڳهه تي ڪنھن به قسم جو ڪم ڪندڙ فرد جي ڏنل استعيفيٰ بابت پنھنجي شعبي سان وابسطه ڪنھن اڳواڻ کي ڄاڻ ڏين ٿا.

غير رسمي خط

غير رسمي خط اهي ذاتي خط آهن جيڪي ڪنھن به مقرر نموني جي پيروي ڪرڻ کان آزاد ۽ خود مختيار پڻ آهن. غير رسمي خط خاص طور تي ذاتي معلومات تي هڪ گفتگو جي روپ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. غير رسمي خط عام طور تي دوستن، واقفڪارن، مائٽن وغيره ڏانھن لکيا ويندا آهن.

ادبي خط

هن قسم جا خط غير رسمي خطن جي ذمري ۾ اچن ٿا جيڪي خطن کي عام رسمي معنيٰ مان ڪڍي ادب جي هڪ حقيقي صنف طور متعارف ڪرائن ٿا. ادبي خط اهڙا تخليقي خط هوندا آهن جيڪي خاص ڪري پڙهيل لکيل اديب پنھنجي واقفيت وارن ڏانھن لکندا آهن، هن خطن ۾ هر لکندڙ ادبي ٻولي ۽ خوبصورت استعارن ۽ تشبيھن جو استعمال ڪري خطن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائيندا آهن.

ذاتي خط

هن قسم جي خطن ۾ پنهنجي واسطيدارن، دوستن يا مٽ مائٽن کي ذاتي نوعيت جي ڄڻ ڏني ويندي آهي.

سنڌي ادب ۾ خط نويسي

سنڌي ٻولي ادب ۽ سماج جو مطالعو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته سنڌي ادب ۾ خطن لکڻ ۽ پڙهڻ جو رواج ايترو پراڻو آهي جيترو سنڌي سماج جو سماجي شعور پراڻو ۽ سنڌي ادب جو آڳاٽو ذخيرو قديم آهي، ڇو ته پوري انساني تاريخ ۾ ماڻهن جي سماجي رابطن جو ذريعو اڪثر ڪري خط ئي رهيو آهي دنيا جي مختلف قسم جي ماڻهن جو هڪٻئي سان تعلق، سماجي ناتا، واپار ۽ ٻي ڪار وهنوار لاءِ خط ئي هڪ موثر ذريعو هوندا هئا پر ان ارتقائي خطن جي سلسلي جو ڪو به ماخذ انڪري به ناهي ملي سگهيو جو انهن خطن کي ميڙڻ، سھيڙڻ ۾ ان وقت ڪنھن به فرد جي دلچسپي نه هوندي هئي. سنڌي ادب ۾ لکيل خطن جي مطالعو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته جهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي ابتدائي لکت تي فارسي ٻوليءَ جو اثر رهيو آهي ايئن خط جي صنف جي فن ۽ اسلوب تي به فارسي ٻوليءَ جو اثر ٿو ڏسجي.

”ابتدائي سنڌي خط نگاريءَ جي فن، اسلوب ۽ انداز تي فارسي خط نگاريءَ جو هر حوالي کان گهرو ۽ نمايان اثر نظر اچي ٿو.“ (6)

فارسيءَ جي اثر هيٺ جيڪي ابتدائي خطن جا مجموعا لکيا ويا انهن ۾ مولوي هدايت الله جو ”هدايت الانشاءِ“ 1984ع، شمس الدين بلبل جي خطن جو مجموعو،
”بهار عشق“ 1989ع پڻ شامل آهن. فارسيءَ کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ خط نگاريءَ جي حوالي سان انگريزي ٻوليءَ جي اثر جو به وڏو دخل رهيو آهي، ڇو ته جڏهن کان سنڌ جي سر زمين تي انگريز قابض ٿيا ان وقت هن جهڙي طرح سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪري انگريزي ادب جي ذريعي سنڌي ادب جي ٻين ڪيترن ئي صنفن ۾ اضافو ڪيو ايئن سنڌي خطن تي انگريزي ادب سٺو اثر وڌو جيڪي خاص ڪري انگريزي خطن جي ترجمن جي روپ ۾ هيو. انگريزي ادب جي اثر جي ڏس ۾ مھاتما گانڌي جا خط هڪ زندہ مثال آهن جن کي 1945ع ۾ ديپ چند تلوڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان کانسواءِ جواهر لعل نهرو جا مشهور خط جيڪي سنڌي ۾ مختلف ترجما نگارن مختلف وقتن تي ترجمو ڪيا آهن، اهي خط انگريزي ادب مان سنڌي ادب ۾ پھچي سنڌي خط نويسي ۾ هڪ سٺي واڌ ڪرڻ جو سبب بڻيا آهن. تاريخي حوالي سان با قاعدہ سنڌي ادب ۾ خط نويسيءَ جو جيڪو آغاز ٿيو سنڌي اديبن جيڪي هڪٻئي ڏانھن خط لکيا اهي ورهاڱي کان گهڻو اڳ جا لکيل آهن، پر انهن خطن کي ڪتابي صورت ۾ سموهي ميڙي شايع ڪرڻ جو رواج ورهاڱي کانپوءِ ٿو ڏسجي جو سنڌي ادب ۾ خط نويسيءَ جو پھريون ڪتاب ”سير ۽ سفر“ آهي جيڪي پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جو سفر دوران خطن جي صورت ۾ لکيل احوال آهي، خط نويسيءَ جي ان مڪمل پھرين ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1962ع ۾ شايع ٿيو، سنڌي ادب ۾ با ضابطه خط نويسيءَ جي تاريخ جو هڪ مڪمل ۽ پھريون ڪتاب آهي. هي ڪتاب سنڌ جي تعليمي ماهر پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جو سنڌي ادب ۾ ابتدائي خطن واري حيثيت رکندڙ اهو ڪتاب آهي، جنھن ۾ 1953ع ڌاري شامل خط مصنف آمريڪا جي تعليمي دوري وقت سنڌ جي مختلف تعليمي ماهرن ڏانھن لکيا هئا، اهي خط ان وقت جي مشهور سنڌي اخبار الوحيد ۾ قسط وار ڇپيا ۽ بعد ۾ انهن خطن کي تعليمي ماهر احسان بدوي سھيڙي سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيا هئا ۽ سنڌي ادبي بورڊ وارن ان کي پھريون ڀيرو 1962ع شايع ڪرايو هيو. پروفيسر غلام مصطفيٰ جي هنن خطن جو موضوع تعليم ۽ تربيت آهي سندس هي خط پڙهي تعليمي ادارن ۾ موجود استادن ۽ شاگردن کي سٺي رهنمائي ملي ٿي. هن ڪتاب ۾ 26 خط شامل آهن، هن ڪتاب ۾ موجود پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جا هي خط سفرنامي جي صنف جي هوبهو آهن جن ۾ سندس يورپ ۽ آمريڪا جي سفر جو احوال پڻ ڏنل آهي. 19 جنوري کان 19 جولاءِ 1953ع تائين شاھ صاحب يورپ ۽ آمريڪا جي سترهن ملڪن جو سير ڪيو. جنھن جو احوال الوحيد اخبار جي 14 فيبروري کان 19 آگسٽ 1953ع جي روزاني اشاعت ۾ شايع ٿيندو رهيو. خطن تي آڌاريل هي ڪتاب سنڌي ادب جي شروعاتي خطن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان پھريائين 1962ع ۾، ٻيو دفعو 1973ع ۾ ۽ ٽيون دفعو 2006ع ۾ ڇپرايو، هن خطن واري سفرنامي جي ترتيب ۾ احسان بدوي مدد ڪئي.

سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي خط نويسيءَ جي ترقي

جتي هن جديد ترقي يافته دور دنيا جي سمورن لقائن کي تبديل ڪري دنيا جو ماضيءَ وارو نقشو تبديل ڪري اڳ کان گهڻو مختلف ڪري ڇڏيو آهي ساڳئي طرح ادبي دنيا ۾ ادب جي صنفن کي به گهڻو مختلف ۽ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته دنيا هر نئين ڏينھن انفرادي توڙي اجتماعي مصروفيتن جي گهيري ۾ سوڙهي ٿيندي وڃي ٿي، ماڻهن وٽ طويل شيون پڙهڻ، لکڻ ۽ ڏسڻ لاءِ وقت ئي ناهي، ماضيءَ ۾ جتي طويل فلمون، ڊراما، ڪھاڻيون، ناول لکيا، پڙهيا ۽ ڏٺا ويندا هئا ان جڳهه تي اڄ مختصر مختصر ڪھاڻيون، ناوليٽ، فلمز، ڊراما لکيا، پڙهيا ۽ ڏٺا وڃن ٿا. جديد ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ جهڙي طرح ادب جي سمورين صنفن تي پنھنجا اثر ڇڏيا آهن، ساڳئي طرح خط جي صنف تي پنھنجا گهرا اثر ڇڏي ادب جي هن محبوب ترين صنف کي به گهڻو تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن جديد دور ۾ سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي جيڪي خط جي ترقي ٿي آهي ان جو ذڪر هتي ڪنداسين.

پيجر

پيجر هڪ اليڪٽرانڪ پيغام رسائڻ واري (Electronic Messaging Device) هئي، جيڪا خاص طور تي 20 صدي جي آخري ڏهاڪن ۾ وڏي پئماني تي استعمال ٿيندي رهي. ان کي ڪڏهن ڪڏهن بيپر (Beepers) به سڏيو ويندو هو. پيجر جو بنيادي مقصد ننڍا پيغام يا ڪال نوٽيفڪيشن موڪلڻ ۽ حاصل ڪرڻ هوندو هيو. پيجر هڪ وائرليس سگنل ذريعي مرڪزي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل هوندو هيو. جڏهن ڪو موڪليندڙ پيغام موڪليندو هو، ته اهو مرڪزي نظام ذريعي مخصوص وصول ڪندڙ جي پيجر تي پھچندو هو. پيغام اڪثر ڪري صرف عددي (Numeric) هوندا هئا، جيڪي فون نمبر يا ڪوڊ طور ظاهر ٿيندا هئا. بعد ۾ ڪجهه ماڊلز ۾ لکت (Textual Messages) پڙهڻ جي سھولت ٿي. پيجر خط نويسي جيان هڪ محدود ۽ مخصوص پيغام رسائيءَ جو ذريعو هو. جيئن خط ۾ صرف اهم ڳالهه لکجي ٿي، تيئن پيجر ۾ به صرف مختصر ۽ لازمي پيغام موڪليا ويندا هئا. اهو پڻ غير هم وقتي (Asynchronous) رابطي جو ذريعو هو، يعني پيغام موڪلڻ ۽ پڙهڻ هڪ ئي وقت ٿيڻ ضروري نه هو. 1980ع ۽ 1990ع ۾ پيجر تمام گهڻو مشهور ٿيو، خاص ڪري جڏهن موبائل فون اڃا عام نه هئا. 21 صدي جي شروعات ۾ موبائل فون ۽ SMS سروس جي اچڻ سان پيجر جو استعمال تيزيءَ سان گهٽجي ويو ۽ تقريبن ختم ٿي ويو.

فيڪس

فيڪس مشينون 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ آفيس جي ماحول ۾ هر هنڌ موجود هيون، پر هن وقت انٽرنيٽ تي ٻڌل ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ ئي ميل ۽ ورلڊ وائڊ ويب ذريعي آهستي آهستي ختم ٿي چڪيون آهن. فيڪس مشينون هن وقت به خاص طور تي پريسن، طبي انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ مشهور آهن. فيڪس ڪڏهن ڪڏهن ٽيلي ڪاپينگ يا ٽيلي فيڪس سڏيو ويندو آهي. هن مشين ۾ اسڪين ٿيل ۽ پرنٽ ٿيل مواد (ٻنهي ٽيڪسٽ ۽ تصويرون) جي ٽيليفونڪ ٽرانسميشن آهي، عام طور تي پرنٽر يا ٻي آئوٽ پٽ ڊوائيس سان ڳنڍيل ٽيليفون نمبر تي. اصل دستاويز هڪ فيڪس مشين (يا ٽيلي ڪاپيئر) سان اسڪين ڪيو ويو آهي، جيڪو مواد (ٽيڪسٽ يا تصويرن) کي هڪ واحد مقرر ٿيل گرافڪ تصوير جي طور تي پروسيس ڪري ٿو، ان کي بٽ ميپ ۾ تبديل ڪري ٿو، ۽ پوءِ ان کي ٽيليفون سسٽم ذريعي آڊيو جي صورت ۾ منتقل ڪري ٿو. فيڪس مشين خط نويسي جي صنف سان ان حوالي سان مشابھت رکي ٿي جو اها به تحرير کي هڪ هنڌان ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ جو ذريعو آهي. جيئن خط ۾ تحرير هٿ سان لکي ڪري موڪلي ويندي هئي، تيئن فيڪس ۾ به هڪ دستاويز جي اصل تصوير کي ٻي جاءِ تي منتقلي ممڪن ٿيندي آهي. فيڪس مشين خط جي شخصي نوعيت، رسمي لھجي ۽ تحرير جي اصل شڪل کي برقرار رکندي آهي، جيڪا روايتي خط نويسيءَ جو اهم خاصو آهي. ان سان گڏ، فيڪس ذريعي پيغام موڪلڻ جو عمل به هڪ خاص دفتري ترتيب ۽ ضابطن هيٺ ٿيندو آهي، جيڪو خط نويسي جي روايت سان جڙيل آهي. ان ڪري، فيڪس مشين کي خط نويسي جي فني توسيع طور ڏسي سگهجي ٿو جيڪا ٽيڪنالاجي جي ترقي سان وجود ۾ آئي.

ايس ايم ايس

ايس ايم ايس، شارٽ ميسيج سروس/ مختصر پيغام سروس جو مخفف آهي. ايس ايم ايس جو مطلب آهي مختصر پيغام جيڪو گهڻو طويل نه هجي، هي 160 اکرن تائين صرف ٽيڪسٽ پيغام موڪلڻ جو هڪ طريقو آهي. خط يا نياپي جي جديد ترقيءَ ۾ ايس ايم ايس جو ڪردار ڏاڍو اهم آهي. جڏهن اڃا فيسبڪ، واٽسپ، اي ميل ۽ ٻين جديد نياپن جي رسائي جو وجود ڪون پيو هيو تڏهن نياپي پھچائڻ جي نون رواجن ۾ ايس ايم ايس هڪ بنيادي ذريعو هيو. سوشل ميڊيا جي آغاز ۾ خط نويسيءَ جو هي جديد سائنسي ترقي يافته ذريعو هيو جو عام موبائل ذريعي ڳالھائڻ سان گڏ هڪ خاموش ۽ مختصر نياپو لکت جي صورت ۾ موڪليو ويندو هيو. 

شارٽ ميسيج

ميسيج ايس ايم ايس، يا مختصر پيغام سروس، ٽيڪسٽ پيغام جو هڪ روپ آهي جيڪو هڪ ڊوائيس کان ٻئي ڏانھن موڪلبو آهي. ميسيج مختلف ذريعن سان موڪلي سگهجي ٿو ۽ ايس ايم ايس بغير انٽرنيٽ جي موڪلبو آهي. يعنيٰ هر SMS هڪ ميسيج هوندو آهي، پر هر ميسيج لازمي SMS ناهي. ايس ايم ايس صرف ٽيڪسٽ، ٽيليڪام نيٽورڪ تي عام طور تي 160 اکرن تائين هوندو آهي، ميسيج عام لفظ جيڪو ٽيڪسٽ، تصوير، وڊيو، آڊيو ۽ ٻين قسمن جي پيغامن تي لاڳو ٿئي ٿو، انٽرنيٽ سان يا بغير انٽرنيٽ ٻنهي صورتن ۾ موڪلي سگهجي ٿو. ميسيج به نياپي، پيغام يعنيٰ خط جي صنف جو جديد نمونو آهي، انڪري ميسيج کي خط جي صنف جي جديد ترقيءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿو.

اِي ميل

اي ميل (اليڪٽرانڪ ميل) هڪ صارف کان انٽرنيٽ ذريعي هڪ يا وڌيڪ وصول ڪندڙن کي پيغامن جي بدلي آهي. اليڪٽرانڪ ميل ماڻهن جي وچ ۾ اليڪٽرڪ ڊوائيسز استعمال ڪندي پيغامن جي تبادلي جو هڪ طريقو آهي. اهڙيءَ طرح ئي ميل کي اليڪٽرانڪ ورزن جي طور تي تصور ڪيو ويو، يا ميل جو هم منصب، هڪ وقت ۾، جڏهن ميل جو مطلب صرف جسماني ميل هو. اليڪٽرانڪ ميل انٽرنيٽ جي سڀ کان وڏي پيماني تي استعمال ڪيل خدمتن مان هڪ آهي. هي خدمت هڪ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ کي اجازت ڏئي ٿي ته هو فارميٽ ٿيل طريقي سان پيغام موڪلي سگهي ٿو (ميل) دنيا جي ڪنھن به حصي ۾ ٻئي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ کي. ميل ۾ پيغام نه رڳو متن تي مشتمل آهي، پر ان ۾ تصويرون، آڊيو ۽ وڊيوز ڊيٽا پڻ شامل آهن. هڪ ئي ميل پتو هڪ ئي ميل باڪس جي سڃاڻپ ڪري ٿو جنھن ۾ پيغام پھچائي رهيا آهن. جڏهن ته شروعاتي ميسيجنگ سسٽم ايڊريسنگ لاءِ مختلف فارميٽ استعمال ڪندا هئا، هاڻ ئي ميل ايڊريس مخصوص قاعدن جي هڪ سيٽ تي عمل ڪن ٿا. هڪ ئي ميل پيغام هڪ متن آهي، عام طور تي مختصر ۽ غير رسمي، جيڪو ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ، ٽيبليٽ يا موبائل فون تي موڪليو يا وصول ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته اي ميل پيغام عام طور تي سادي ٽيڪسٽ پيغام آهن، منسلڪات (جهڙوڪ تصويري فائل ۽ اسپريڊ شيٽ) شامل ٿي سگهن ٿيون. هڪ ئي ميل پيغام هڪ ئي وقت ڪيترن ئي وصول ڪندڙن ڏانھن موڪلي سگهجي ٿو. اي ميل جديد ٽيڪنالاجي جي اها صنف آهي جيڪا روايتي خط نويسيءَ جي صورت، ترتيب ۽ لھجي جي خصوصيتن کي گهڻي ڀاڱي پاڻ ۾ سموئي ٿي. جيئن خط ۾ مخاطب لاءِ تعظيم، تمھيد، تفصيل ۽ انجام جو خيال رکيو ويندو هو، ايئن اي ميل ۾ به اهڙيءَ ترتيب سان پيغام لکيو ويندو آهي. ان ۾ مضمون، مخاطب جو نالو، سلامي ۽ آخر ۾ موڪليندڙ جو نالو لکڻ جي روايت رواجي آهي، جيڪا خط نويسيءَ جي صنف سان مشابھت رکي ٿي. اي ميل ذريعي نه رڳو رسمي ۽ غير رسمي رابطن کي اڳتي وڌايو وڃي ٿو، پر ان ۾ تحرير جي سنجيدگي ۽ اخلاقي انداز به خط جي روايتن کي جاري رکندي نظر اچي ٿو. انهيءَ سبب ئي ميل کي خط نويسيءَ جي جديد، برقي توسيع چئي سگهجي ٿو.

واٽس ايپ

واٽس ايپ جو بنياد برائن ايڪٽن ۽ جان ڪوم پاران رکيو ويو، جن اڳ ۾ ياهو تي 20 سال گڏ گذاريا هئا. واٽس ايپ 2014ع ۾ فيس بڪ ۾ شامل ڪئي وئي، پر اڳتي هلي هڪ الڳ ايپ طور ڪم ڪرڻ جاري ڪيو ليزر فوڪس سان هڪ ميسيجنگ سروس ٺاهڻ تي جيڪا تيز ۽ قابل اعتماد طريقي سان ڪم ڪري ٿي. برائن ايڪٽن ۽ جان ڪوم 2009ع ۾ واٽس ايپ قائم ڪيو جڏهن هنن ياهو مان نوڪري ڇڏي ڏني. شروعاتي ڪھاڻي شروع ٿي جڏهن انهن پنھنجي نوڪري ڇڏي دنيا جي چوڌاري سفر ڪرڻ لاءِ پر جلد ئي، انهن جي بچت ٻڏڻ شروع ٿي وئي، ۽ انهن کي فيس بوڪ تي نوڪري لاءِ درخواست ڏيڻي هئي، جيڪا پڻ رٿابندي مطابق ڪم نه ڪيو. اهي ڪافي مايوس ٿي ويا، پر اها ناڪامي کين نئين زندگيءَ جو سفر شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واٽس ايپ جي ذريعي ٿيندڙ پيغام رسائي به خط نويسيءَ جي صنف سان ڪيترن ئي پاسن کان مشابھت رکي ٿي. جيئن خط ۾ مخاطب کي سڌو مخاطب ڪري، ترتيب سان ڳالهه پيش ڪئي ويندي آهي، ايئن واٽس ايپ پيغام به اڪثر سلام، حال احوال ۽ مقصد جي وضاحت سان لکيا ويندا آهن. واٽس ايپ تي موڪليل ڊگها پيغام، خاص طور تي آڊيو يا ڊاڪيومينٽس سان گڏ، خط جي مفھومن کي برقي صورت ۾ پيش ڪن ٿا. ان کان علاوه، واٽس ايپ تي ذاتي، جذباتي، يا رسمي نوعيت جا پيغام موڪلڻ جو انداز به خط جي روايتن جي تسلسل وانگر آهي. ان ڪري واٽس ايپ کي خط نويسيءَ جي هڪ مختصر، تيز رفتار ۽ ڊجيٽل شڪل طور ڏسي سگهجي ٿو.

اخبار

 پوري عالمي ادب ۾ خط نويسيءَ جي صنف جي ارتقا ۾ جتي خط کي سوشل ميڊيا گهڻو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ايئن ئي پرنٽ ميڊيا خاص ڪري رسالن ۽ اخبارن ۾ به خط کي اڄ ڏينھن تائين نھايت ئي دلچسپي سان لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. اخبارن ۾ لکجندڙ خط علامتي ۽ اجتماعي ٿين ٿا جن جو موضوع اڪثر ڪري سياست ۽ سماج هجي ٿو. اخبارن ۾ لکجندڙ خطن جي موضوعن جو گهڻو مرڪزي خيال سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جا مسئلا ۽ حڪمرانن تي تنقيد هوندو آهي. اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خط سڀ کان پھريان خط لکندڙ ليکڪ اخبار جي ايديٽر ڏانھن لکندو آهي، جيڪي خطن جي گهري نظر ثاني ڪري پوءِ ئي اخبار ۾ عوام اڳيان شايع ڪندو آهي، ڇو ته جنھن قسم جا خط ايڊيٽر کي ملندا آهن اهي اڪثر ڪري جذبات نگاري ۽ تنقيد نگاريءَ تي مبني هوندا آهن. اخبارن ۾ اڪثر ڪري جن قسمن جا خط لکيا وڃن ٿا انهن ۾ ڪرپشن جي رڪاوٽ، سرڪاري شڪايتون، تعليمي سرشتي جي خرابي، سياسي ۽ غير سياسي تنظيمن تي تنقيد، حڪومت تي تنقيد، آگاهي، تربيتي، علمي ۽ ادبي خط پڻ اچي وڃن ٿا. اخبار ۾ ڇپجندڙ پڙهندڙن جا خط، ادارتي تحريرون، يا راءِ وارين تحريرن ۾ خط نويسيءَ جي ڪيترن ئي فني ۽ اسلوبِي خصوصيتن جو اظھار ٿيندو آهي. جيئن روايتي خط ۾ مخاطب کي سڌو خطاب، مسئلي جي وضاحت، ۽ اختتامي دعا يا اميد جو اظھار ٿيندو آهي، ايئن اخبار ۾ ڇپجندڙ خطن ۾ به اهي سڀ پھلو موجود هوندا آهن. اهڙن خطن ۾ ذاتي اظھار، معاشرتي مسئلن جي نشاندهي، ۽ اخلاقي اپيلون پڻ ملن ٿيون، جيڪي خط نويسيءَ جي مضمون ۽ مقصد سان سڌيءَ ريت لاڳاپيل آهن. اخبار ان لحاظ سان خط نويسيءَ جي صنف کي عوامي سطح تي راءِ جي اظھار ۽ سماجي لاڳاپن جي ذريعي اڳتي وڌائي ٿي. تنھنڪري اخبار، خاص طور خط پڙهندڙن جا ڪالم، خط نويسي جي روايت جي جديد ۽ اجتماعي صورت طور شمار ڪري سگهجن ٿا.

رسالا

پرنٽ ميڊيا جي دنيا ۾ اخبار کانپوءِ رسالو پرنٽ ميڊيا جو هڪ پُر اثر ۽ سگهارو روپ آهي. اخبار جيئن رسالن ۾ به لکڻ جا ساڳيا موضوع رکيا ويندا آهن پر فرق صرف اهو هوندو آهي ته اخبار جي ڀيٽ ۾ رسالن جي شايع ٿيڻ جو وقت مخصوص پڻ هوندو آهي يعنيٰ ڪجهه رسالن ساليانا، ڇهه ماهي، ٽہ ماهي، ماهوار يا هفتيوار به هوندا آهن. رسالن ۾ شايع ٿيندڙ خط پڙهندڙن جا يا خط ايڊيٽر ڏانھن جهڙيون تحريرون، روايتي خط نويسيءَ جي صنف کي پرنٽ ميڊيا جي ذريعي زندہ رکڻ جو ڪم ڪن ٿيون. اهڙن خطن ۾ شخصي احساس، معاشرتي مسئلا، يا ادبي راءِ هڪ منظم انداز سان پيش ڪئي ويندي آهي، جيڪا روايتي خط جي ساخت (سلام، تمھيد، مواد، ۽ انجام) سان گهڻي مشابھت رکي ٿي. رسالن جا اهي خط نه رڳو فرد جي اظھار جو ذريعو آهن، پر پڙهندڙ ۽ ايڊيٽر يا ليکڪ جي وچ ۾ فڪري رابطي جو وسيلو بڻجن ٿا. ان کانسواءِ، اهڙا خط گهڻو ڪري هڪ مخصوص ادبي انداز ۾ لکيا ويندا آهن، جيڪي خط نويسيءَ جي فني خوبين کي برقرار رکندا آهن. ان لحاظ سان، رسالا خط نويسيءَ جي صنف کي ادبي ۽ فڪري سطح تي پرنٽ ميڊيا جي دنيا ۾ زنده رکڻ جو اهم وسيلو آهن.

نتيجو:

خط نويسيءَ جي صنف انساني اظھار، رابطي، ۽ فڪر جي منتقليءَ جي هڪ بنيادي ۽ تاريخي صورت رهي آهي، جنھن وقت، حالتن ۽ ٽيڪنالاجي جي ارتقا سان پاڻ کي نون روپن ۾ پيش ڪيو آهي. مقالي جي شروعاتي حصي ۾ جڏهن خط نويسيءَ جي ابتدا تي نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته ادب جي هي صنف صرف رابطي جو ذريعو نه پر انساني جذبن، احساسن ۽ سماجي لاڳاپن جي عڪاسي جو وسيلو پڻ رهي آهي. خط جا مختلف قسم، جيئن ذاتي، ادبي، رسمي ۽ غير رسمي خط، نه صرف وقت جي ضرورتن موجب ترتيب ڏنل رهيا، پر هر صنف سماج جي ڪنھن نه ڪنھن شعبي سان لاڳاپيل جذباتي ۽ عملي تقاضائن کي پورو ڪندي رهي. انهن مان خاص طور تي ادبي خطن ته نه رڳو فرد جي داخلي احساسن جي عڪاسي ڪئي، پر ادبي معيارن کي به نئون رخ ڏنو. سنڌي ادب ۾ خط نويسيءَ جو جائزو وٺڻ سان اها حقيقت سامھون اچي ٿي ته سنڌي ليکڪن، شاعرن، ۽ دانشورن پنھنجي دور ۾ خط کي هڪ ادبي اظھار جي صنف طور اختيار ڪيو، جنھن ۾ خطن جي ذريعي نه فقط ذاتي لاڳاپا نڀايا ويا، پر فڪري، نظرياتي ۽ تخليقي لاڙا پڻ منتقل ٿيا. خاص طور تي رسالن، ڪتابن، ۽ مجموعن ۾ شامل ٿيل خطن جي ذريعي سنڌي ادب جي تاريخي، ثقافتي ۽ علمي ورثي جي دستاويزي شڪل سامھون آئي. اڄ جي دور ۾ جڏهن پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا جو وڌندڙ اثر آهي، تڏهن خط نويسيءَ جي روايتي صورتن ۾ گهٽتائي ته آئي آهي، پر ان جي بنيادي جوهر، اسلوب، ۽ فني خوبيون نون ميڊيا ذريعن جهڙوڪ اي ميل، واٽس ايپ، سوشل ميڊيا پيغام، ۽ آن لائين فورمن ۾ ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ برقرار رهي آهي. سوشل ميڊيا تي لکيل ڊگها ذاتي يا ادبي پيغام، پڙهندڙن جا خط، يا بلاگز، خط جي صنف جي نئين شڪلين وانگر ئي ڏسي سگهجن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جو انداز، رفتار، ۽ لھجو جديد دور جي تقاضائن مطابق تبديل ٿيو آهي. تحقيقي بنيادن تي اها ڳالهه يقيني طور چئي سگهجي ٿي ته خط نويسيءَ جي صنف جو سفر رڳو زوال جو شڪار نه ٿيو آهي، پر ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ هن صنف به پنھنجو روپ، وسعت، ۽ وسيلو تبديل ڪيو آهي. اڄ جي دنيا ۾ به خط نويسيءَ جي فني، ادبي ۽ سماجي اهميت برقرار آهي، پر ان جي اظھار جا ذريعا نوان ٿي چڪا آهن. تنھنڪري خط نويسيءَ کي صرف ماضي جي صنف سمجهڻ بدران، ان جي ارتقائي سفر کي سمجهڻ، ۽ جديد شڪلين کي ان جي تسلسل طور تسليم ڪرڻ لازمي آهي.

حوالا:

  • بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: نئين جامع سنڌي لغات،جلد-2،سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدر آباد، 2005ع، ص 853.
  • لاشاري، ڪليم:خطن جو سوانحي مطالعو، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي. 1994ع، ص 17.
  • لطيف، ڊاڪٽر فياض، مون سان منھنجا سپرين:ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن. 2021ع، ص 21.
  • سھتو، سارنگ، دوست وراڪو دل سين:دڙو، سچائي اشاعت گهر. 2013ع، ص 9.
  • لطيف، ڊاڪٽر فياض، مون سان منھنجا سپرين:ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن. 2021ع، ص 12.
  • ساڳيو، ص 45.
37 ڀيرا پڙهيو ويو