سنڌي ٻولي ائڪٽ 1972ع: پس منظر ۽ پيش منظر
( Sindhi Language Act: Background and Perspective)
پروفيسر اعجاز احمد قريشي
Abstract
In 1953 the British administration designated Sindhi as the official language of Sindh and the primary medium of instruction. This status remained intact until 1947. However, subsequent policy shifts significantly undermined the historical position of the language. Between 1948 and 1950 numerous Sindhi-medium schools in Karachi and Hyderabad were converted to Urdu-medium instructions. In 1956 Sindhi was abolished as an examination medium at the University of Karachi. Furthermore, the 1959 Education Commission report proposed restricting Sindhi instruction to the primary level. This triggered widespread public protests, forcing the central government to withdraw the decision. Similar marginalization occurred in 1969 when the government excluded Sindhi from voter registration list. The sparked further hunger strikes and demonstrations. A significant legislative turning point occurred on July 7, 1972 with the passage of the Sindhi Language Teaching, Promotion and use Act. This bill mandated Sindhi instruction in all provincial educational institutions and led to the establishment of the Sindhi Language Authority in 1990. This study evaluates contemporary measure to enforce Sindhi language use in government office, private sectors and digital media. It further provides strategic recommendations for integrating modern science and technology into the Sindhi linguistic framework.
Keywords: Sindhi Language Policy, Language Rights, Educational History, Sindhi Language Authority, Linguistic Activism, Official Language Act 1972, Medium of Instruction.
سنڌي ٻولي سنڌو ماٿريءَ جي موجوده خطي اندر مھين جي دڙي واري دؤر کان وٺي ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر تائين سنڌي ٻولي جيتوڻيڪ مختلف لکتن (Script) جي صورت ۾ لکي پڙهي ويندي هئي، پر ان جي ڳالھه ٻولهه جو سرشتو لڳ ڀڳ ساڳيو پئي رهيو، اهو ئي سبب هو جو عربن جي دؤر ۾ سنڌ جي عالمن جي هاڪ ڏيهان ڏيهه رهي، سومرن ۽ سمن جي دؤر ۾ ڳاهن جي ڳالهين وسيلي حالتن ۽ واقعن جي منظر ڪشي ڪئي وئي، قاضي قادن، شاهه ڪريم بلڙيءَ واري ۽ شاهه لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ عوامي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ٿيندي رهي.
ننڍي کنڊ جي تڏهوڪين حالتن کي ڏسجي ٿو ته سنڌ پنھنجي جاگرافيائي بيھڪ ۽ وسيلن سبب ڌارين ڪاهن ۽ حملن سبب داخلي توڙي خارجي طور عدم استحڪام ۽ ڇڪتاڻ جو شڪار هئي جنھن ڪري سنڌ جا حڪمران سنڌي ٻوليءَ جي تعليم، تدريس، سرڪاري لکپڙهه تي جوڳو ڌيان ڏيڻ کان قاصر پئي رهيا. 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي بعد صورتحال بلڪل تبديل ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته انگريزن تيستائين لڳ ڀڳ سڄي ننڍي کنڊ تي قبضو ڪري ورتو هو، تنھنڪري ان دؤر ۾ سنڌ پنھنجي داخلي انتظامي مسئلن کي منھن ڏيڻ جي حوالي سان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اطمينان جوڳي صورتحال ۾ هئي.
انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ تاريخي اهميت کي محسوس ڪندي وڏي غور ويچار بعد 29 آگسٽ 1857ع تي سنڌيءَ کي سنڌ جي سرڪاري لکپڙهه، تعليم ۽ تدريس جي زبان قرار ڏنو. جيتوڻيڪ لکت (Script) تي اختلاف رهيا پر ٻوليءَ جي سوال تي ڪي به ٻه رايا نه هئا، جنھنڪري اڪثريت پاران عربي لکت جي قبوليت سبب اقليتي مخالفتون به وقت سان گڏ ماٺيون ٿي ويون. سرڪاري حڪمنامن تحت سنڌي ٻوليءَ کي زندگيءَ جي هر شعبي جي ڪارونهوار ۾ رواج هيٺ آندو ويو، جهڙوڪ؛
- سنڌ ۾ نوڪريءَ جي خواهشمند يورپي ڪامورن ۽ سندن ترقين کي سنڌيءَ ۾ لازمي امتحان پاس ڪرڻ سان مشروط ڪيو ويو.
- انگريزيءَ سان گڏ سنڌي اسڪول به کوليا ويا جن ۾ پڙهائڻ لاءِ سنڌي نصاب تيار ڪري شايع ڪيو ويو.
- عدالت، روينيو، پوليس، تعليم، آبپاشي، ڪسٽم، ميونسپل، صحت، ريلوي، ٽپال، ڪوآپريٽو سوسائٽين ۽ ٻين شعبن ۾ لکپڙه توڙي ڳالهه ٻولهه جو ذريعو سنڌي ٻولي قرار ڏني وئي ۽ ان تي عمل پڻ باقاعدگيءَ سان ڪيو ويندو هو.
- سرڪاري عمارتن ۽ دفترن جهڙوڪ ريلوي اسٽيشنن وغيره جا نالا سنڌيءَ ۾ لکيا ويندا هئا.
- ليٿوگراف، پريس ۽ ٽائيپ رائيٽر سنڌي الفابيٽ مطابق تيار ڪيا ويا، جنھنڪري سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۽ ڇپائيءَ ۾ ترقي اچڻ لڳي.
1847ع کان 1936ع تائين انتظامي طور جيتوڻيڪ سنڌ بمبئي سان ڳنڍيل رهي جنھن دوران سنڌ جو انتظام ڪمشنر جي ماتحت هلندو هو، پر پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي نفاذ جي صورتحال ۾ ڪابه ڦير ڦار عمل ۾ نه آندي وئي. 1936ع کان سنڌ هڪ جدا صوبو بڻي ته سنڌي ٻولي اڃا به ترقيءَ جا ڏاڪا طئي ڪندي اڳتي وڌندي رهي. ايستائين جو 1940ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ کي امتحاني ذريعو تسليم ڪيو ويو.
پر بدقسمتيءَ سان 1947ع کانپوءِ مختلف وقتن تي ڪجهه اهڙا منفي قدم کنيا ويا، جنھنڪري سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي، تدريسي ۽ سرڪاري دفتري حيثيت متاثر ٿيندي رهي. انهن واقعن ۽ حالتن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
- 27 نومبر 1947ع تي قائد اعظم محمد علي جناح جي حڪم مطابق ”پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، جنھن ۾ ٺھراءُ منظور ڪيو ويو ته: ”اردو کي ثانوي لازمي زبان طور پڙهايو وڃي ۽ تعليمي ذريعي جي سوال کي صوبن جي مرضيءَ تي ڇڏيو وڃي، ته هو پاڻ پنھنجين ضرورتن پٽاندڙ ان جي انتخاب جو فيصلو ڪن.“ (1)
- 1948ع کان 1950ع وچ ۾ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي تمام گهڻن سنڌي ميڊيم اسڪولن کي اردو ميڊيم اسڪولن ۾ تبديل ڪيو ويو.
- 10 مارچ 1953ع تي سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ جي ميمبر محترم جي ايم سيد اسيمبليءَ جي قاعدي 166 تحت اسپيڪر صاحب آڏو هڪ درخواست پيش ڪئي، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي تاريخي اهميت کي واضح ڪندي اهو مطالبو ڪيو ته: ”ثقافت جي جوڙجڪ ۽ شاهوڪاريءَ لاءِ واحد بنيادي عنصر ٻولي هئڻ ڪري اسان جو فرض پنھنجي ٻوليءَ جي خدمت تي زور ڀري ٿو. انهيءَ مقصد لاءِ هي مانوارو ايوان جيڪي اهميت جوڳا مستقل اپاءَ وٺي سگهي ٿو. انهن ۾ فوري طور هتي ۽ هينئر اسيمبليءَ جي واحد ٻوليءَ طور سنڌيءَ کي اختيار ڪيو وڃي. هن مانواري ايوان جو اهو هڪڙو قدم يڪدم اسان جي وطن جي سموري سماجي، سياسي، ثقافتي، تعليمي ۽ انتظامي جوڙجڪ ۾ اهڙن ٻين عملن/قدمن جو سلسلو شروع ڪندو، جنھن سان ٿوري وقت اندر اسان جي ٻولي اهو ڪجهه ماڻي وٺندي، جنهن کي گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ هن ٻين ٻولين جي دٻاءَ ۾ وڃايو هو.“ (2)
- 9 اپريل 1955ع تي سنڌ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ پاران منظور ڪيل هڪ ٺھراءَ، جنھن ۾ چيو ويو ته سنڌي کي لازمي ۽ اڙدو کي اختياري مضمون قرار ڏنو وڃي کي سنڌ يونيورسٽي سينيٽ رد ڪري ڇڏيو.(3)
- 1956ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي طرفان سنڌيءَ کي امتحاني ٻوليءَ جي حقن کان محروم ڪرڻ جا حڪم ناماجاري ڪيا ويا ته ان ناانصافيءَ واري فيصلي خلاف ڪراچيءَ جي ٽن هزارن کان وڌيڪ سنڌي شاگردن 9 سيپٽمبر 1956ع تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ٻاهران سخت احتجاج ڪيو.(4)
- آڪٽوبر 1958ع ۾ ملڪ ۾ پھريون مارشل لا لاڳو ڪيو ويو، جنھن بعد مشهور ڪاموري محمد شريف جي سربراهي هيٺ هڪ ڪميشن جوڙي وئي، جنھن پنھنجي رپورٽ 1960ع ۾ پيش ڪئي، جنھن ۾ چيو ويو ته: ”ٻين ملڪن ۾ ڪيل باضابطه تجربا ڏيکارين ٿا ته جتي گهڻيون زبانون ڳالھايون وڃن ٿيون، اتي بھترين تعليمي نتيجا ۽ قومي زبان جو مڪمل فھم تڏهن ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن شاگرد جي مادري زبان پنجين درجي تائين تعليمي ذريعو، ۽ قومي زبان ٽئين درجي کان هڪ اڀياسي مضمون هجي؛ ۽ ڇهين درجي ۾ قومي زبان مادري زبان جي جاءِ ڀريندي، تعليمي ذريعو بنجي: اسين انهيءَ نظريي سان اتفاق ڪريون ٿا، ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ جي سفارش ڪريون ٿا. ان جو مطلب هي ٿيندو ته پشاور ۾ پھرين پنجن درجن تائين تعليمي ذريعو پشتو زبان رهندي، پر هڪ اڀياسي مضمون طور ٽئين درجي کان اردو زبان متعارف ڪرائي ويندي، ساڳيءَ طرح سنڌي، جيئن هينئر آهي، تعليم ذريعو رهندي پر ٽئين درجي کان هڪ لازمي اڀياسي مضمون طور اردو متعارف ڪرائي ويندي. ٽئين درجي کان ڇهين درجي تائين، اردو جي سکيا لاءِ ٽائيم ٽيبل ۾ اردوءَ کي ڪافي وقت ڏنو وڃي، ته جيئن ان کي ڇهين درجي کان اثرائتي نموني ۾ تعليم جو ذريعو بنائي سگهجي.“(5) ان سان گڏ ڪميشن پاران سنڌ ۾ سنڌي فائنل وارو اڳوڻو تعليمي سرشتو ختم ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ هلندڙ لازمي پرائمري تعليم وارو سرشتو پڻ ختم ڪيو ويو، انهن فيصلن جا پڻ سنڌ جي تعليم تي نھايت هاڃيڪار اثر مرتب ٿيا.
- شريف ڪميشن جي مٿي ڄاڻايل ناانصافيءَ واري ٺھراءَ خلاف سموري سنڌ جي عوام توڙي خواص تمام وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جهڙوڪ:
(الف) سنڌي اديبن ۽ عالمن 12 فيبروري 1960ع تي ”سنڌي زبان سوسائٽي“
قائم ڪئي جنھن پاران عرضداشت 1 آگسٽ 1960ع تي حيدرآباد ۾ پاڪستان جي تعليمي وزير حبيب الرحمان کي پيش ڪئي وئي.
(ب) سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌي ٻوليءَ کي ’ذريعه تعليم‘ قرار ڏيڻ لاءِ عوام کان صحيحن وٺڻ جي هڪ مھم شروع ڪئي وئي، جنھن مطابق اٽڪل 22 هزار 500 ماڻهن کان صحيحون ورتيون ويون، ان جو اسڪرول رڪارڊ اڄ به سنڌالاجي، ڄامشوري ۾ محفوظ آهي.
(ٻ) هڪ پوسٽ ڪارڊ ڇپرايو ويو جيڪو صدر پاڪستان ڏانهن هڪ درخواست تي مشتمل هو، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي اهميت کي واضح ڪيو ويو هو، اهي وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ صدر پاڪستان جي ايڊريس تي موڪليا ويا.
(پ) قومي اسيمبليءَ جي سنڌي ميمبرن صدر پاڪستان ڏانهن 2 آڪٽوبر 1962ع تي هڪ يادداشت موڪلي جنھن ۾ چيو ويو ته: ”سنڌي سڀني علاقائي زبانن کان وڌيڪ ترقي يافته زبان آهي، جنھن کي پنھنجو شاندار تاريخي ۽ ثقافتي ورثو آهي. هن وٽ پنھنجو رسم الخط، پنھنجي الف-ب، ۽ پنھنجو ادب آهي، ۽ موجوده علمي طور ترقي يافته زماني جي نون لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. سنڌي زبان گذريل اڍائي سؤ سالن کان وڌيڪ عرصي تائين پرائمري ۽ ثانوي سطح تائين تعليمي ذريعو، گذريل نوي سالن کان ثانوي تعليم جي مٿين درجن تائين تعليمي ۽ امتحاني ذريعو، ۽ گذريل ويهن سالن کان بي.اي. تائين امتحاني ذريعو رهندي آئي آهي. اسين، ان ڪري، حڪومت کان تقاضا ٿا ڪريون ته تعليمي ڪميشن جي مذڪوره سفارشن تي ترت نظرثاني ڪئي وڃي، ۽ سنڌي زبان کي اصل درجو ڏيئي، سنڌ جي شاگردن ۽ عوامي حلقي جو معقول ۽ جائز مطالبو قبول ڪيو وڃي.“(6)
(ٽ) سنڌي ادبي سنگت پنھنجي 23 سيپٽمبر 1962ع واري اجلاس ۾ ۽ بزم طالب المولى سيپٽمبر 1962ع واري پنھنجي اجلاس ۾ تعليمي ڪميشن جي ٺھراءُ کي رد ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت جي بحاليءَ جي گهر ڪئي. اهڙي ريت سنڌي ادبي بورڊ پڻ اهڙي طرز جو هڪ ٺھراءُ منظور ڪيو. (7)
- مٿي ڄاڻايل جدوجهد نيٺ رنگ لاتو ۽ وزارت تعليم حڪومت پاڪستان پاران 14 آڪٽوبر 1962ع تي هڪ پريس نوٽ هيٺينءَ ريت جاري ڪيو ويو: ”تعليمي ڪميشن اڙدو ۽ بنگاليءَ جي واڌاري لاءِ ڪي تجويزون ڏنيون هيون ته جيئن انهن کي، ڏاڪي بڏاڪي ترقي ڏياري، اعلى تعليم جو ذريعو بنايو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾، ڪميشن اڳوڻيءَ سنڌ جي ايراضيءَ ۾ ذريعه تعليم متعلق ڪي سفارشون ڪيون هيون. اهي سفارشون، تعليمي سال 1964-1965ع کان، ڇهينءَ جماعت ۾ عمل ۾ اچڻيون هيون، ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سالن ۾ مٿين جماعتن ۾ ڏاڪي بڏاڪي عمل ۾ اچن ها. حڪومت هاڻي صورتحال جو نئين سر جائزو ورتو آهي، ۽ فيصلو ڪيو آهي ته سنڌيءَ جي باري ۾ اڳين حيثيت قائم رکي وڃي. سنڌي، جيئن هن کان اڳ هو، انهن ادارن ۾ ذريعي تعليم رهندي، جن ۾ اڳ هئي. ساڳيءَ ريت، اڙدو انهن ادارن ۾ ذريعي تعليم رهندي، جن ۾ اڳ هئي. اهي شاگرد جي سنڌيءَ کي ذريعي تعليم استعمال ڪندا، تن کي پرائمري تعليم جي چوٿينءَ جماعت کان اڙدو لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سيکارڻ متعلق صورتحال اڳي وانگر قائم رهندي. 1960-1961ع کان وٺي عمل ۾ ايندڙ نئين تعليم اسڪيم موجب، سنڌي ڇهين کان ٻارهين درجي (انٽر) تائين انهن ادارن ۾ لازمي مضمون رهي آهي، جن ۾ ذريعي تعليم سنڌي آهي: اها حيثيت نه بدلبي. انهيءَ نئين اسڪيم موجب، اڙدو ڇهينءَ کان ٻارهينءَ جماعت تائين لازمي مضمون آهي: اِها حيثيت به نه بدلبي.“ (8)
- سنڌي عوام پاران 9 نومبر 1962 تي يوم سنڌي زبان ملهايو ويو. هن ڏينھن تي سنڌي اديبن ۽ استادن هڪ عهد نامو پڙهي سنڌي ٻولي سان پنھنجو وچن ۽ ثبوت ڏنو. اهو عهد نامو هيٺين ريت هيو:
- اسين عهد ٿا ڪريون ته اڄ کان وٺي هر وقت ۽ هر هنڌ سنڌي ڳالهائينداسون.
- اسين عهد ٿا ڪريون ته هميشه سنڌي اخبارون، رسالا ۽ سنڌي ڪتاب خريد ڪنداسين.
- اسين عهد ٿا ڪريون ته پنھنجي گهرن ۾ سدائين سنڌي ٻولي قائم رکنداسين.
- اسين عهد ٿا ڪريون ته هر هنڌ هميشه تن، من ۽ ڌن سان ٻولي قائم رکنداسين.
- اسان عهد ٿا ڪريون ته سنڌي ٻولي جي سرڪاري حيثيت ضرورت تسليم ڪرائينداسين.
- جولاءِ 1969ع ۾ وزارت تعليم حڪومت پاڪستان پاران ”نئين تعليمي پاليسيءَ لاءِ تجويزون“ شايع ڪيون ويون، جن ۾ اڙدو کي سنڌيءَ سميت مقامي ٻولين مٿان برتري اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، سنڌي شاگرد اڳواڻن محترم يوسف لغاري ۽ محترم يوسف ٽالپر پاران انهن جو تنقيدي جائزو وٺي جوابي طور انگريزي ۾ هڪ ميمورنڊم تيار ڪيو ويو، جنھن تي 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کان صحيحون وٺي حڪومت پاڪستان جي تعليمي وزارت ڏانهن 12 آگسٽ 1969ع تي روانو ڪيو ويو.
- 1969ع جي وچ ڌاري جڏهن مرڪزي سرڪار ايندڙ عام چونڊن جي ووٽرن جي فھرستن کي فقط اردو ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان ناانصافي تي ٻڌل فيصلي خلاف سنڌي شاگردن لالا عبدالقادر جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪيمپس (حيدرآباد) ۾ 7 نومبر 1969ع کان بک هڙتال شروع ڪئي. سڄي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پڻ يڪجهتي طور بک هڙتالن جو سلسلو هلندو رهيو، 14 نومبر تي عظيم سنڌي اڳواڻن قاضي فيض محمد ۽ ڪامريڊ غلا م محمد لغاري پڻ شاگردن سان گڏ بک هڙتال تي ويٺا، 17 نومبر جي رات انهن مٿان انتظاميه پاران حملو ڪري کين سخت زخمي حالت ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل اماڻيو ويو، 18 نومبر 1969ع تي محترمه اختر بلوچ ۽ ٻيون سنڌي نياڻيون بک هڙتال تي ويٺيون جن کي پڻ جيل اماڻيو ويو. آخر ڪار 28 نومبر 1969ع تي يحى خان ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ ووٽر لسٽن جي سنڌي ۾ شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
- ڊسمبر 1970ع ۾ پير حسام الدين راشديءَ ۽ ٻين اديبن جي ڪوششن سان حيدرآباد سيڪنڊري بورڊ ۽ سنڌ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ پاران هڪ ٺھراءُ منظور ڪري سنڌي ٻولي کي ذريعي تعليم بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ان تي ڪراچي جي اردو پريس نھايت منفي پروپيگنڊا شروع ڪري ڏني، انهن ان عمل کي اردو جي خاتمي سان تشبيھه ڏيئي عوام جي جذبن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ هئي. پنجابي پختون مھاجر اتحاد جي اڳواڻ نواب مظفر هڪ بيان ۾ کليل ڌمڪي ڏني ته بورڊ پنھنجو فيصلو هڪدم بدلائي نه ته ان جي رد عمل طور سنگين نتيجا نڪرڻ وارا آهن. فيبروري 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي ڪن شرپسندن باهه ڏني، جنھن سان ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا سڙي ويا، جنھن ڪري سنڌي علم ۽ ادب جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. فيبروري 1971ع جي مختلف تاريخن تي ”سنڌي ٻولي جو ڏينھن“ سڄي سنڌ ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.
- 14 فيبروري 1971ع تي حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ سنڌ جي ناميارن سياسي اڳواڻن، عالمن، اديبن، سياسي ڪارڪنن، شاعرن، صحافين، استادن، شاگردن، هارين ۽ مزدورن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ متفق طور سنڌي کي پاڪستان جي قومي زبان ۽ سنڌ جي سرڪاري ۽ دفتري زبان طور بحال ڪرڻ جو ٺھراءُ منظور ڪيو ويو.
- 18 فيبروري 1971ع تي ميرپورخاص ۾ سنڌي شاگردن تي حملو ڪيو ويو جنھن ۾ هڪ سنڌي شاگرد عبدالله درس سخت زخمي ٿي پيو.(9)
- 17 جولاءِ 1972ع تي سنڌ صوبائي اسيمبلي پاران هڪ ائڪٽ ”سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال“ ائڪٽ 1972ع منظور ڪيو ويو جنھن ۾ ڄاڻايو ويو:
”جيئن ته اسلامي جمھوريه پاڪستان جي عبوري دستور جي آرٽيڪل 267 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قومي زبانن جي حيثيت کي نقصان پھچائڻ کان سواءِ صوبائي مقننه، قانون جي ذريعي، هڪ قومي ٻولي سان گڏ، هڪ صوبائي ٻولي جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ اپاءَ تجويز ڪري سگهي ٿي، ۽ جيئن ته سنڌي ٻولي سرڪاري کاتن ۽ آفيسن ۾ استعمال ٿي رهي آهي، ۽ جيئن ته سنڌي ٻولي تعليمي ادارن ۾ پڙهائي لاءِ لازمي مضمون هئي پر ان کي مارشل لا اختياري وارن جي زباني حڪم تي ختم ڪيو ويو هو، ۽ جيئن ته اها صوبي جي فطري آرزو ۽ خواهش آهي ته سنڌي ٻولي جي سکيا ۽ استعمال کي ترقي ڏني وڃي، تنھنڪري هيٺيون قانون ٺاهيو پيو وڃي:
مختصر عنوان، شروعات ۽ حد:
- هن ائڪٽ کي (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ائڪٽ 1972ع
چيو ويندو. - اهو هڪدم عمل ۾ ايندو ۽ پوري سنڌ صوبي سان لاڳو ٿيندو.
تشريح:
- هن ائڪٽ ۾، جيستائين ڪوئي ٻيو مطلب نه نڪرندو هجي، هيٺين لفظن جي اها ئي معنى سمجهي ويندي جيڪا هر هڪ لاءِ ڄاڻائي وئي آهي:
(الف) ”اسيمبلي“ معنى صوبائي اسيمبلي سنڌ.
(ب) ”حڪومت“ معنى سنڌ جي حڪومت.
(ج) ”حڪومت جو کاتو“ معنىٰ حڪومت جو ڪوئي کاتو ۽ انهيءَ ۾ ڪوئي خودمختيار ادارو، لوڪل ڪائونسل يا لوڪل اٿارٽي به شامل سمجهيا ويندا.
(د) ”ادارو“ معنى اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي يا ڪوئي ٻيو تعليمي ادارو.
صوبائي ٻولي:
- سنڌي کي سنڌ صوبي جي صوبائي ٻوليءَ جي طور تي استعمال ڪيو ويندو.
سنڌي جي سکيا:
- اهڙن سڀني ادارن ۾، جن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم ڏني پئي وڃي، سنڌي ۽ اردو کي لازمي مضمونن جي حيثيت هوندي.
- لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سنڌي جي شروعات هيٺين سطح يعني چوٿين ڪلاس کان عمل ۾ آندي ويندي ۽ درجي بدرجي جيئن مقرر ڪيو وڃي، مٿين درجن ۾ 12 ڪلاس تائين رائج ڪئي ويندي.
سنڌي جو واڌارو:
- سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ثقافتي ترقي لاءِ حڪومت اڪيڊميون ۽ بورڊ ٺاهي سگهي ٿي.
سنڌي جو استعمال:
- حڪومت آئين جي فقرن جي دائري اندر رهندي آفيسن ۽ سرڪاري کاتن ۾، جن ۾ عدالتون ۽ اسيمبلي شامل آهن، سنڌي ٻوليءَ جي درجي بدرجي استعمال لاءِ انتظام ڪري سگهي ٿي.
قاعدي ٺاهڻ جو اختيار:
- هن ائڪٽ جي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت قاعدا ٺاهي سگهي ٿي.
- مٿين عام اختيارن کي نقصان پھچائڻ کانسواءِ، اهڙا قاعدا خاص طرح سان هيٺين مقصدن لاءِ ٺاهي سگهجن ٿا:
(الف) سنڌي ٻولي کي، درجه بدرجه، پڙهائي لاءِ لازمي مضمون جي طور تي رائج ڪرڻ.
(ب) اڪيڊمين ۽ بورڊن جو ٺاهڻ ۽ انهن جو عمل ۾ آڻڻ ۽ انهن جي اختيارن ۽ ڪمن جي وضاحت ڪرڻ.
(ج) آفيسن ۽ سرڪاري کاتن، اسيمبلي، عدالتن ۽ ادارن وغيره ۾ سنڌي زبان جو درجه بدرجه استعمال.
بحڪم
اسپيڪر
صوبائي اسيمبلي سنڌ
جمال الدين ابڙو،
سيڪريٽري، صوبائي اسيمبلي سنڌ
- 22 جولاءِ 1972ع تي قانون کاتي حڪومت سنڌ پاران هڪ آرڊيننس جاري ڪري مٿي ڄاڻايل ائڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي. جنھن جو متن هيٺين ريت هو:
سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ائڪٽ (اطلاق) آرڊيننس، 1972ع:
سنڌ آرڊيننس يارهون بابت سال 1972ع
سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ائڪٽ 1972ع جي اطلاق جي سلسلي ۾ ڪجهه فقره وضع ڪرڻ لاءِ هڪ آرڊيننس.
مھاڳ:
جيئن ته اسلامي جمھوريه پاڪستان جي عبوري دستور جي آرٽيڪل 267 جي فقره (2) ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قومي ٻولين جي حيثيت کي نقصان پھچائڻ کانسواءِ، صوبائي مقننه قانون جي ذريعي، هڪ قومي ٻولي سان گڏ، هڪ صوبائي ٻولي جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ اپاءُ تجويز ڪري سگهي ٿي، ۽ جيئن ته اردو هڪ قومي ٻولي آهي ۽ ان کي ڳالهائڻ وارا ڪافي ماڻهو موجود آهن.
۽ جيئن ته بغرض وضاحت ۽ گمانن کي دور ڪرڻ لاءِ اهو ضروري تصور پيو ڪيو وڃي ته سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ائڪٽ 1972ع (ائڪٽ ٻيو بابت سال 1972ع)، جنھن جو حوالو هن بعد مذڪوره ائڪٽ جي طور تي ڏنو ويندو، تنھن جي اطلاق جي سلسلي ۾ ڪجهه فقره وضع ڪيا وڃن.
۽ جيئن ته هن وقت صوبائي اسيمبلي سنڌ جو اجلاس ڪونه ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جي گورنر کي انهيءَ ڳالهه جو اطمينان آهي ته اهڙيون حالتون موجود آهن جن سببان ترت قدم کڻڻ ضروري آهي.
هاڻي، تنھنڪري، انهن اختيارن کي، جيڪي کيس اسلامي جمھوريه پاڪستان جي عبوري دستور جي آرٽيڪل 135 جي فقره (1) هيٺ حاصل آهن، استعمال ڪندي سنڌ جو گورنر هيٺيون آرڊيننس نافذ ڪري رهيو آهي.
1-مختصر عنوان، شروعات ۽ حد:
- هن آرڊيننس کي سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ائڪٽ، (اطلاق) آرڊيننس، 1972ع چيو ويندو.
- هي سنڌ جي سڄي صوبي سان لاڳو ٿيندو.
- هي هڪدم عمل ۾ ايندو.
2-زبان جي بنياد تي ڪنھن فرق جو نه هجڻ:
مذڪوره ائڪٽ جي فقرن جي باوجود هن آرڊيننس جي شروعات کان ٻارنهن سالن جي عرصي تائين:
(الف) ڪنھن به شخص سان، جيڪو ٻي صورت ۾ سول نوڪري، يا سنڌ صوبي جي معاملن جي بجا آوري سان متعلق ڪنھن سول آسامي تي تقرر يا ترقي جو اهل هوندو، فقط انڪري فرق نه رکيو ويندو جو هن کي سنڌي يا اردو ٻولي جي ڄاڻ ڪونهي.
(ب) ڪنھن به شخص کي، جيڪو هن آرڊيننس جي نافذ ٿيڻ کان هڪدم ماڳ، سول نوڪري ڪري رهيو هو يا سنڌ صوبي جي معاملن جي بجا آوري سان متعلق ڪنھن سول آسامي تي ڪم ڪري رهيو هو، فقط انڪري نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو جو هن کي سنڌي يا اردو ٻولي جي ڄاڻ ڪونهي.
3- اردو جي خلاف فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ ائڪٽ جو اطلاق:
مذڪوره ائڪٽ کي اهڙي ريت عمل ۾ آندو ويندو. جيئن اردوءَ جي استعمال کي ڪوئي نقصان نه پھچي.
16 جولاءِ. 1972ع ڪراچي
مير رسول بخش خان ٽالپر
گورنر سنڌ
بي. جي. اين. قاضي
سيڪريٽري قانون کاتو، حڪومت، سنڌ
پيش منظر: سنڌي ٻولي ائڪٽ ۽ آرڊيننس تي عمل
سنڌي ٻولي ائڪٽ ۽ آرڊيننس 1972ع موجب درجه بدرجه سنڌي ٻولي کي سنڌ جي ڪاروهنوار ۽ تعليم کاتي اندر اهڙي طرح رائج ۽ لاڳو ڪرڻو هو، جيئن سڄي سنڌ ۾ پرائمري کان سيڪنڊري ڪلاسن تائين سنڌي ڳالهائيندڙ آسان اردو ۽ اردو ڳالهائيندڙ آسان سنڌي پڙهن جيئن سڄي سنڌ جي اردو ۽ سنڌي آبادي ۾ ويجهڙائي ۽ ذهني هم آهنگي پيدا ٿئي، پر اها هڪ نھايت افسوسناڪ حقيقت آهي ته 1972ع کان هينئر تائين ان سلسلي ۾ ڪراچي جي انتظاميه پرائمري ۽ مئٽرڪ کان مٿي، ڄاڻايل ائڪٽ ۽ آرڊيننس تي عمل درآمد ۾ رڪاوٽ پئي بڻيل رهي آهي. 1984ع ۽ 1997ع ۾ سنڌ تعليم کاتي پاران ان سلسلي ۾ حڪم ناما پڻ جاري ڪيا ويا پر صورتحال ساڳي رهي. نه رڳو اهو، پر بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ڪراچي پاران 2001ع ۾ سنڌي شاگردن کي انٽر ۾ سنڌي مضمون پڙهڻ کان روڪڻ خاطر اها پاليسي جوڙي وئي ته رڳو اهو سنڌي شاگرد يارهين ڪلاس ۾ آسان اردو ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي مضمون پڙهي سگهي ٿو جنھن ميٽرڪ ۾ آسان سنڌي مضمون بدران نارمل سنڌي مضمون پڙهيو هوندو. جڏهن ته ڪراچي جي تمام ٿورن اسڪولن ۾ نارمل سنڌي مضمون پڙهائڻ جو بندوبست ٿيل آهي، تنھنڪري اهو جواز سراسر تعصب ۽ بدنيتي تي ٻڌل هو. اهڙي صورتحال کي ڏسندي 6 فيبروري 2003ع تي ڪراچي جي سنڌي استادن پروفيسر گل محمد سولنگي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، پروفيسر منظور کهڙو، پروفيسر پروين شهاب، پروفيسر عبدالستار خاصخيلي ۽ ٻين پاران يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن ۾ آسان سنڌي سبجيڪٽ کي لاڳو ڪرڻ خاطر ”سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي“ جو بنياد وڌو ويو. سوسائٽي پاران گهر ڪئي وئي ته آئين ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ٿيل رٿ مطابق يارهين درجي تي رکيل آسان سنڌي جو پرچو هن سال (2003) کان ئي شروع ڪيو وڃي، ٻئي ٺھراءَ ۾ انٽرميڊيئيٽ ايجوڪيشن بورڊ پاران سنڌي نصاب ڪميٽي جي فيصلن کي اورانگهڻ جي نندا ڪئي وئي. (10)
2004ع ۾ سنڌ اسيمبلي پاران سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي پڙهائڻ جو بل پاس ڪيو ويو، جنھن تحت 16 جولاءِ 2005ع تي سنڌ جي گورنر عشرت العباد سنڌ جي تعليم کاتي ڏانهن هڪ ليٽر جي ايس/(5) 2005/4 (ايس او-3) 869 تحت حڪم جاري ڪيو ته يارهين درجي ۾ سنڌ جي سمورين ڪاليجن ۾ غير سنڌين لاءِ آسان سنڌي ۽ سنڌين لاءِ آسان اردو کي لازمي سبجيڪٽ طور پڙهايو وڃي. اها ئي هدايت سنڌ سڄي جي انٽرميڊيٽ بورڊن کي ڪئي وئي جيئن ساليانو امتحان مقرر وقت تي ٿي سگهي، گورنر جي حڪم کانپوءِ سنڌ جي سمورن انٽرميڊيٽ بورڊن ته ان تي عملدار آمد شروع ڪيو پر ڪراچي جي انٽرميڊيٽ بورڊ ان تي عمل درآمد ڪرڻ کان انڪار ڪيو. نه رڳو اهو پر اِي ڊي او ڪاليجز رئيس علوي وزير تعليم ڊاڪٽر حميده کهڙو جي حڪم جي کليل مخالفت ڪئي.(11)
16 جولاءِ کان 31 جولاءِ 2005ع تي حيدرآباد پريس ڪلب آڏو پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي اڳواڻي ۾ سپلا تنظيم پاران ان سلسلي ۾ بک هڙتال پڻ ڪئي وئي هئي.(12) ان کان پوءِ به سنڌ جي عالمن، اديبن، استادن، شاگردن ۽ عوام پاران سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي تعيلم ۽ تدريس توڙي سرڪاري کاتن ۾ لک پڙهه جي حوالي سان سنڌي ٻولي کي پنھنجو گهربل تاريخي ۽ آئيني مقام ۽ مرتبو موٽائي ڏيڻ جي حوالي سان منظور ٿيل تاريخي قانون سنڌي ٻولي ائڪٽ 1972ع تي مڪمل طور عمل درآمد لاءِ آواز اٿاريو وڃي ٿو. پر هي هڪ نھايت افسوسناڪ حقيقت آهي ته سنڌ سرڪار پاران ان سلسلي ۾ زباني جمع خرچ ۽ سياسي بيانن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه عملي قدم نٿو کنيو وڃي.
حوالا
- ٽه ماهي مھراڻ، ڏهه ساله خاص نمبر، حصو ٻيون، 1955-1965ع. ص-98
- سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل، جنوري مارچ 2009ع، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد،
ص 18-17. - روزانه امروز ڪراچي 11 اپريل 1955ع.
- ٽه ماهي مھراڻ، حوالو ساڳيو، ص 101.
- ٽه ماهي مھراڻ، حوالو ساڳيو، ص 92-91.
- ساڳيو حوالو، ص 118.
- حوالو ساڳيو، ص120-118.
- ساڳيو حوالو، ص 123.
- روزانه عبرت حيدرآباد، 19 فيبروري 1971ع.
- رسالو“نئين آس” ڪراچي، سيپٽمبر-آڪٽوبر 2020ع.
- پندرنهن وار افيئر مئگزين، 10 کان 15 نومبر 2005ع، ص 33.
- پروفيسر لياقت عزيز جو مضمون، روزاني ڪاوش 3 جون 2008ع.