’سنڌي ٻاراڻو ڪتاب‘ ۾ اعراب جي درستيءَ جو معاملو
(The issue of Correctness of Diacritics in the Sindhi Primer Book)
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
In Arabic-Sindhi orthography, the application of diacritical marks (اعراب) is a very difficult task. This study argues that accurate diacritization depends fundamentally on a precise understanding of syllable boundaries. To establish these boundaries, three factors are essential: the consonant-vowel structure, the arrangement of consonant clusters, and the nature of word-final vowels. By reflecting on these three points, a study was conducted on the diacritics given in a Sindhi children’s book, in which several mistakes were noted. Regarding diacritics, the major gaps were observed in the book, like the diacritics of the digraph consonant sounds ‘جهہ’ and ‘گهہ’ are not consistent. The additional digraph “ڙهہ” also shows inconsistency in diacritics. In consonant clusters combined with “ي” the first consonant is shown with diacritic mark, instead of vowels. In imperative verbs (fi‘l amr), the final diacritic has not been carefully applied. In plural forms, the final “ن” has been marked with diacritic mark, whereas it should be vowels. The ‘clandestine ـه’ (مختفي ه) functions in diacritics, but its application is inconsistent. Additionally, the study highlights neglect in the orthography of singular masculine demonstrative pronouns. By referencing established linguistic standards, this paper provides a principled framework for the correct application of diacritics in Sindhi text.
Keywords: Sindhi Orthography, Diacritics (Aeraab), Syllabic Structure, Consonant Clusters, Phonology, Arabic-Sindhi Script, Morpho-phonemics
درسي ڪتابن جي صورتخطيءَ ۾، بنيادي درجن جی شاگردن لاءِ ’اعراب‘ جو وڏو ڌيان رکيو ويندو آهي، اهو ان لاءِ ته ان ۾ ڪٿي به ڪوتاهي رهجي وئي ته بنيادي درجي جي شاگردن جي ذهنن ۾ پيريءَ تائين اهڙي کوٽ رهندي ايندي. درسي ڪتابن جي اعراب تي درسي ڪتابن جا ايڊيٽر ۽ جائزه ڪاميٽيءَ جا معزز ميمبر، بيشڪ وڏو ڌيان ڏيندا هوندا، پر ادارن کي اهڙي ڪم لاءِ نھايت ذميوار ۽ موضوع تي دسترس رکندڙ فردن کان ڪم وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو هڪ ئي وقت سڀني شعبن ۾ ماهر ڪونه ٿو ٿي سگهي، جنھن سبب مواد ۾ ڪوتاهيون يا خاميون رهجي وڃن ٿيون. اڳ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي حوالي سان ’وينجن هه‘۽ ’وسرڳي ـهـ ‘ تي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪجهه مقالا لکيا ويا، پراڻن درسي ڪتابن جا حوالا ڏنا ويا، هاڻي درسي ڪتابن جي صورتخطيءَ ۾ ’وينجن هه‘۽ ’وسرڳي ـهـ‘ جا اکر سنواريا ويا آهن، جيڪا سٺي ڳالهه آهي.
لفظ کي آواز جي بنياد تي ٽوڙڻ سان پھريون پد (syllable) ملندو آهي، ان بعد پدن کي مختلف آوازن (phonemes) ۾ ٽوڙي، آوازن جو ڪاٿو ڪبو آهي. لفظ جي هِجي به تڏهن مناسب بيھندي، جڏهن لفظ ۾ ’پد جي حد‘ کي سمجهبو آهي. پد جي حد سمجهڻ بعد لفظ کي هِجي ڪرڻ ۽ پرائمريءَ جي ٻار لاءِ، لفظ کي اعراب ڏيڻ نھايت ضروري ڄاتو ويو آهي. سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي پدن واري اعراب کي ڏسجي ٿو ته چند هنڌن تي ڪي مونجهارا سامھون اچن ٿا. يعني بغير ڪنھن اصول جي، ڌُڪي تي اعراب ڏني وئي آهي، جيئن:
- ٻه اکري (digraph)وسرڳ آوازن ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ جِي اعراب يڪسان ڪونھي، جيئن:
- سَمجهَه (جهه مان ’ﻬ‘ تي اعراب- ص: 47)
- جِهرِڪِي (جهه مان ’ج‘ تي اعراب- ص: 39)
- اُگهُه (گهه مان ’ﻬ‘ تي اعراب ص: 30)
- گِهنڊُ (گهه مان ’گ‘ تي اعراب- ص: 42)
- اضافي ڄاڻايل وسرڳ ’ڙهه‘ جي اعراب ۾ به يڪسانيت ناهي، جيئن:
- پَڙُهون (ڙهه مان ’ڙ‘ تي اعراب- ص: 43)
- پَڙهُون (ڙهه مان ’هه‘ تي اعراب- ص: 47)
- ’ي‘ سان سميٽيل وينجن آوازن ۾ پھريون متحرڪ ڏيکاريو ويو آهي، جيئن:
- پِيارِ (’پيـ‘ گڏيل وينجن آواز- ص: 35)
- اُڀِرِيو (’ريـ‘ گڏيل وينجن آواز- ص: 42)
- اَنبِڙِيُون (’ڙيـ‘ گڏيل وينجن آواز- ص: 45 )
- فعل ’امر‘ ۾ آخري اعراب جو احتياط نه ڪيو ويو آهي، جيئن:
- ٿي (فعل امر ۾ آخري پيش واري اعراب ناهي- ص: 28)
- ڍَڪ (فعل امر ۾ آخري زير واري اعراب ناهي- ص: 30)
- جمع صيغي ۾ آخري ’ن‘ متحرڪ ڄاڻايو ويو آهي، جيئن:
- آهِنِ (اچار نسبت، آخري ’ن‘ ساڪن ٿيندو- ص: 20)
- ’مختفي ـه‘ اعراب جو ڪم ڪندي آهي، پر ان ۾ به يڪسانيت ناهي، جيئن:
- ظُلُمُ نَه ڪَر. (هتي ’مختفي ـه‘ هوندي ’نَه‘ تي زبر آهي- ص: 36)
- پُڄُ ته سَھِي. (هن جملي ۾ ’مختفي ـه‘ سبب ’ته‘ تي زبر ناهي. ص: 35)
- ڳالِهه تَه ٻُڌُ. (هن جملي ۾’مختفي ـه‘ هوندي، ’تَه‘ تي زبر آهي. ص: 43)
- ضمير اشاري ۾ واحد- مذڪر تي ڌيان نه ڌريو ويو آهي، جيئن:
- هي ثَمَرُ آهي. (واحد صيغي ۾ ’هيءُ‘ لکبو- ص: 37)
- هي ڪُلھو آهي. (واحد صيغي ۾ ’هيءُ‘ لکڻ گهرجي- ص: 43)
اهي معاملا ته کڻي ننڍا آهن، ليڪن اصولي طور بحث هيٺ آڻڻ جھڙا ضرور آهن ۽ غور طلب آهن. جيستائين، اعراب ڏيڻ لاءِ بنيادي اصولن کي سامھون نه ٿو رکيو وڃي ته پوءِ اهو مسئلو مستقل رهندو. هن معاملي جِي صورتخطيءَ جي جائزي وٺڻ جو احاطو هيٺين سوالن تي رکيو ويو آهي:
جائزي جا سوال
- اکرن تي اعراب ڏيڻ لاءِ ڪھڙن اصولن کي سامھون رکڻ گهرجي؟
- ٻه اکري وسرڳن ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ مان ڪھڙي اکر تي اعراب ڏيڻ گهرجي؟
- ’ڙهه، لھه، مھه، نھه، ڻھه‘ مان ڪھڙن اکرن تي اعراب ايندي؟
- ڇا ’ي‘ سان سميٽيل گڏيل وينجن آواز مان اڳ وارو ساڪن رهندو؟
- لفظن جي آخري اعراب جو ڌيان رکڻ ڪيترو ضروري آهي؟
جائزي جو عمل
اعراب ڏيڻ جا اصول
اصولي طور اعراب ڏيڻ يا ڏسڻ لاءِ، ’پد جي حد‘ جو تصور، ڌيان ۾ رکڻ تمام ضروري آهي، ان لاءِ هيٺين نڪتن تي غور هجڻ گهرجي:
- وينجن ۽ سُر (consonant and vowel)جي ميلاپ سان بيھندڙ صورتخطي
- گڏيل وينجن آوازن (clustered sounds)جي بيھڪ
- لفظن جي آخري ساڪن وينجن (last vowelless consonant)جو تصور
هتي اعراب مان مراد ’زير، زبر ۽ پيش‘ آهي، جيڪا ڇوٽن سُرن(short vowels) نسبت سڏجي ٿي؛ ان کان سواءِ اهڙي اعراب ڊگهن سُرن (long vowels) تي به ڪم آندي ويندي آهي. اکرن تي اعراب ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته ’پد جي حد‘ جي ڄاڻ هجي. ’پد جي حد‘ (limitation of syllable) واري ڄاڻ کان سواءِ اعراب ڏيڻ ۾ ڪوتاهي رهندي. پد جي حد، ڇوٽن سُرن (short vowels) سان، ڊگهن سُرن (long vowels) سان، دُهرن سُرن (diphthongs) سان ۽ انھن جي نڪوين سُرن سان معلوم ڪري وٺبي آهي. ان کان سواءِ ’گڏيل آواز‘ (cluster sounds) جي سمجهه لازمي آهي، جن ۾ گهٽ ۾گهٽ ٻه گڏيل وينجن آواز (consonants) هوندا آهن، تن ۾ هڪ ساڪن رهندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ساڪن آوازن جا وري ٻه رخ ٿيندا آهن: هڪ، ’پيارُ‘ ۽ ’پريمُ‘ ۾ ترتيبوار ’پيـ‘ (بلوچ، 1992: 15- 16)، (بلوچ، 1983: 259- 263) ۽ ’پر‘ (الانا، 1993: : 144- 145) گڏيل وينجن آواز آهن، انھن ٻنھي لفظن ۾ پھريان ’پ‘ ساڪن رهندا آهن؛ ٻيو، ’گهِنٽِي‘ (الانا، 1993: 149) ۽ ’هَلڪو‘ (جتوئي، 1996: 77) ۾ ترتيبوار ’گهِنـ‘ ۽ ’هَل‘ گڏيل وينجن آهن، ان ۾ ٻيان وينجن آواز ’ن ۽ ل‘ ساڪن رهندا. هتي اهو نڪتو اهم آهي ته ’ر‘ ۽ ’ي‘ ٻه اهڙا سگهارا وينجن آواز آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي پاڻ کان اڳ ايندڙ وينجن آوازن کي ساڪن صورت ۾ ملائيندا آهن.
وينجن ۽ سُر سان بيھندڙ پد جي اعراب
سنڌي ٻوليءَ توڻي صورتخطيءَ نسبت، آئيويٽا ۾ ٻاوَنجاهه اکر، ايڪوَنجاهه وينجن آواز (الف ۽ همزو، صورتخطيءَ نسبت، هڪٻئي جا نعم البدل) آهن، تن کان سواءِ ڏهه صاف سُر آواز ۽ اوترائي انھن جا نڪوان سُر آواز ٿين ٿا، جيئن:
عربي- سنڌي آئيويٽا (alphabet)
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز
س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي.
- سنڌي ٻوليءَ جا صاف ۽ نڪوان (گهڻان) سُر(simple vowels and nasal vowels)
|
صاف سُر |
اَ |
آ |
اِ |
اِي |
اُ |
اُو |
اي |
اَي |
او |
اَو |
|
نڪوان سُر |
اَنْ |
آنْ |
اِنْ |
اِينْ |
اُنْ |
اُونْ |
اينْ |
اَينْ |
اونْ |
اَونْ |
صورتخطيءَ پٽاندر پڙهڻ يا لکڻ جو سڌو سادو طريقو اهو آهي ته وينجن آواز کي سُر آواز سان ملائبو ته پد جي صورت بيھندي ۽ پوءِ پد ملائي، لفظ بيھاربو. هيٺ لفظ جو ڇيد ۽ هِجي خيال خاطر رکجي ٿي:
- لفظ جو پد، آواز ۽ رواجي هِجي(syllable, sounds and pronunciation)
|
لفظ |
پد |
آوازَ |
رواجي هِجي |
|
اَکِ |
اَ + کِ |
ا + اَ، ک + اِ |
الف زبر ’اَ‘ + ک زير ’کِ‘ |
|
اُٺُ |
اُ + ٺُ |
ا + اُ، ٺ + اُ |
الف پيش ’اُ‘ + ٺ پيش ’ٺُ‘ |
|
اَنبُ |
اَنْـ + ـبُ |
ا + اَنْ، ب + اُ |
الف، نون زبر ’اَنْ‘ + ب پيش ’بُ‘ |
|
آنا |
آ + نا |
ا + آ، ن + آ |
الف مد ’آ‘ + ن الف ’نا‘ |
|
تِيلِي |
تِيـ + ـلِي |
ت + اِي، ل + اِي |
ت، ي زير ’تِي‘ + ل، ي زير ’لِي‘ |
|
صُوفُ |
صُو + فُ |
ص + اُو، ف + اُ |
ص، و پيش ’صُو‘ + ف پيش ’فُ‘ |
|
چولو |
چو + لو |
چ + او، ل + او |
چ، و ’چو‘ + ل، و ’لو‘ |
|
مَيزَ |
مَيـ+ ـزَ |
م + اَي، ز + اَ |
م، ي زبر ’مَي‘ + ز زبر ’زَ‘ |
|
شِينھُن |
شِينْـ + هُنْ |
ش + اِينْ، هه + اُنْ |
ش، ي، ن زير ’شِينْ‘ + هه ن پيش ’هُنْ‘ |
|
لِيمون |
لِيـ + مون |
ل + اِي، م + اونْ |
ل، ي زير’لِي‘ + م، و، ن ’مونْ‘ |
|
چَونرِي |
چَونْـ + ـرِي |
چ + اَونْ، ر + اِي |
چ، و، ن زبر ’چَونْ‘ + ر، ي زير ’رِي‘ |
نوٽ: ياد رهي ته اکر ۽ آواز جي ڳڻپ ۾ فرق ٿيندو آهي. آوازن واري ڪالم ۾ پھريون اکر وينجن آواز ۽ ٻيون سُر آواز واڌوءَ جي نشانيءَ سان ملايو ويو آهي. جدول ۾ جيڪي به لفظ ڏنا ويا آهن، سي سڀ جو سڀ ٻن پدن ۽ چئن آوازن تي مشتمل آهن. انھن پدن ۾ مختلف وينجنن سان ڇوٽو سُر (اعراب)، ڊگهو سُر (آ، او، اي وغيره)، دهرو سُر (اَو ۽ اَي) ۽ نڪوان ڇوٽا توڻي ڊگها سُر (اَنْ، اُنْ، اونْ وغيره) ڏيکاريا ويا آهن. لفظ کي پدن ۾ ٽوڙي، ان بعد پد کي هِجي ڪري ۽ ملائبا ته لفظ جو اچار سڌو ٿي بيھندو. هتي، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب مان سڌن سادن پدن جي اعراب جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
- حاجِي راضِي ٿِي. (ص: 28)
ڄاڻايل جملو ’حاجِي راضِي ٿِي.‘ ۾ ايئن پيو لڳي ته ’ٿِي‘ ڄڻ ته ’مددي فعل‘ طور، مؤنث صورت ۾ زمان ماضيءَ جو جملو ’راضِي ٿِي‘ هجي! ليڪن ايئن ڪونھي، بلڪ ’ٿِي‘ لفظ ’امر- فعل‘ آهي، جنھن جي آخر ۾ امر جي اهم نشاني ’آخري پيش‘ لڳائڻ جي گهرج آهي، جيڪو آخري وينجن تي لڳندو آهي. جيئن ته ’ٿِي‘ ۾ آخري وينجن ڪونھي، ان صورت ۾ اضافي وينجن، همزي سان گڏ پيش ’ءُ‘ جو پد لڳندو ۽ صورتخطي ’ٿِيءُ‘ بيھندي. يعني جملو سڌو ٿيندو: ’حاجي راضِي ٿِيءُ‘.
’ٿيءُ‘ فعل ۾ آخري ’ءُ‘ متحرڪ رکڻ ان لاءِ به بيحد ضروري آهي ته جن لھجن ۾ ’آخري وينجن ساڪن‘ رکڻ جي ڪار آهي، انھن جي ’آخري متحرڪ هجڻ‘ واري مشق بھتر رهندي.
- وَکرُ وَٺُ. (ص: 29)
لفظ ’وَکرُ‘ ۾ ’ک‘ تي اعراب ڏنل ناهي، جيڪا امڪاني طور ’ساڪن‘ سمجهي ويندي، جڏهن ته ’ک‘ تي زبر اچڻ گهرجي. ان جي صورتخطي ٿيندي: ’وَکَرُ وَٺُ.‘
- وَڳو ڍَڪ. (ص: 30)
هتي امر ’ڍَڪ‘ آيل آهي، جنھن ۾ آخري وينجن کي ساڪن رکيو ويو آهي. ان لفظ جي آخر ۾ امر جي نشاني ’آخري زير‘ لڳائڻ جي گهرج آهي. ٻي صورت ۾، بنيادي شاگردن پاران اهو لفظ الڳ الڳ معنادار لفظ ’ڍَڪُ يا ڍَڪَ‘ ڪري به پڙهيو ويندو.
- بَصَرُ پوکِ. (30)
مٿئين جملي ۾ ’بَصَرُ‘ واحد ڏنل آهي. ان ۾ ڪا چُڪ ته ناهي، البت، پوکڻ جي نسبت ’بَصَرَ‘ جمع جي صورت ۾ ڏجي ها، ته وڌيڪ مناسب لڳي ها.
- ظُلُمُ نَه ڪَر. (ص: 36)
مٿئين جملي ۾ ’ڪَر‘ ڄاڻايل آهي، جنھن جو آخري وينجن، امر جي نشاني ’آخري زير‘ سان، متحرڪ ٿيڻ گهرجي. اها مشق بنيادي شاگردن لاءِ نھايت اهم آهي، ٻي صورت ۾ آخري اعراب جي بي حسي عام ٿي ويندي. حالانڪ ص: 31 تي ’حَجُ ڪَرِ.‘ واري جملي ۾ ’ڪَرِ‘ جي آخري زير واضح طور ڏنل به آهي.
- هِي ثَمَرُ آهي. (ص: 37)
هتي ’هِي‘ ضمير اشارو جمع جي صورت ۾ آهي، جڏهن ته ’ثمرُ‘ واحد- مذڪر آهي، ان لاءِ اتي واحد- مذڪر جي نشاني ’آخري پيش‘ ڏيڻ گهرجي، جيڪو آخري وينجن نه هجڻ جي صورت ۾ همزي سان (ءُ) ڪم ايندو. اتي ٻن پدن وارو لفظ ’هِيءُ‘ ڪم آڻڻ گهرجي ۽ جملي جي صورتخطي بيھندي: ’هِيءُ ثَمَرُ آهي.‘
- پَنَ جو ذَرو. (ص: 41)
لفظ ’پَنَ‘ ۾ آخري زبر، ’زبر اضافت‘ آهي، جنھن سبب حرف اضافت: ’جو‘ لفظ لڳائڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي. (جوکيو، 2015: 81- 102) ’پَنَ ذَرو‘ مان مراد ئي آهي، ’پَنَ جو ذَرو‘؛ ان ڪارڻ ’پَنَ جو ذَرو‘ مان ’جو‘ وارو اضافي لفظ هٽائڻ گهرجي.
- هي ڪُلهو آهي. (ص: 43)
هتي ’هي‘ لفظ ضمير اشارو جمع آهي، جڏهن ته ’ڪُلھو‘ لفظ واحد- مذڪر صورت ۾ آهي، ان ڪارڻ ’هيءُ‘ لفظ ڪم آڻڻ گهرجي.
- سَويرَ اُٿ. (ص: 43)
هتي ’اُٿ‘ امر- فعل آهي، جنھن ۾ امر جي اهم نشاني ’آخري پيش‘ ڏيڻ گهرجي. اهڙي درستيءَ سان جملي جي صورتخطي بيھندي: ’سَويرَ اُٿُ.‘
- نامَاچارِي (47)
لفظ ’ناماچارِي‘ ۾ چار پد (نا+ما+چا+رِي) آهن. هن لفظ ۾ ٻيون پد ’ما‘ تي زبر به ڏنل آهي، جيڪا اصولي طور نه ڏيڻ گهرجي. ’ما‘ پد ۾ ٻه آواز ’م+آ‘ آهن. ’ما‘ ۾ ’زبر‘ ڪنھن به پيراميٽر پٽاندر نامناسب آهي. ان لاءِ ان جي درست صورتخطي (ناماچارِي) رکندي، ’مَا‘ واري زبر هٽائڻ گهرجي.
- جهه،گهه ۽ ’مختفي ه‘ جي اعراب
سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’هه‘ جو اکر پنجن روپن ۾ ڪم آندو ويو آهي، جيئن: هه، ﻬ، ه، ـہ ۽ ـه. (جوکيو، 2008: 72- 92) ياد رهي ته ’هه‘ وينجن صورت ۾ ڪم آندو ويندو آهي؛ جڏهن ته ’ ـه‘ صرف ۽ صرف ٻن وسرڳن ’جهه ۽ گهه‘ ۾ ڪم آڻڻ گهرجي. باقي ’مختفي ه‘ جا ٽي منفصل ۽ متّصل روپ (ه، ـہ ۽ ـه) صورتخطيءَ ۾ ڪم آندا ويندا آهن.
- جهه ۽ گهه جي اعراب
عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ شامل ڏهن وسرڳن مان ٻه ’جهه ۽ گهه‘ اهڙا وسرڳ آواز آهن، جيڪي ٻه اکري (digraph) شڪل ۾ لکيا ويندا آهن. پراڻا استاد انھن اکرن تي وڏو ڌيان ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ٿورو اڳئين دور ۾ درسي ڪتابن جي صورتخطي مناسب رهِي، جيڪا ڪاتبن کان لکرائي ويندي هئي. (ڏسو، سنڌي پھريون ڪتاب- 1956 ۽ 1970) اهي وسرڳ آواز اهڙا آهن، جيڪي هڪ جهٽڪي سان ادا ٿيندا آهن، ليڪن لکڻ ۾ ٻن اکرن کان مدد ورتي ويندي آهي. هنن وسرڳ آوازن جو مخرج ساڳيو ترتيبوار ’ج ۽ گ‘ وارو ئي آهي، ليڪن ادائگيءَ مھل، انھن ۾، اضافي طور ڦڦڙن جي ڌوڪ شامل هوندي آهي. ڪن ٻولين يا لھجن جي مزاج ۾ ان جي ادائگي نالي ماتر يا ’نه جي برابر‘ ٿيندي آهي. انھن اکرن جي بيھڪ ميين ابوالحسن ٺٽويءَ جي ترتيب ڏنل آئيويٽا (1700ع ڌاري) کان به اڳ جي ڪاتبن پاران ڏنل رهي، جنھن سبب اها بيھڪ انگريزي دور ۾ به بحال رکي وئي.
هي ٻئي، ٻٽا اکر، 1935ع واري اکري شڪل- وار آئيويٽا (الانا، 2005: 210) ۾ گڏ رکيل هيا، ان لاءِ ته انھن اکرن (جهه ۽ گهه) جي پڇاڙي هڪجھڙي آهي. گڏو گڏ وري ’هه‘ جو اکر ڏنل هيو، ان ڪارڻ ته جيئن شاگردن اڳيان اکرن جي لکت جو تصور واضح رهي. ان بعد جڏهن ڪمپازيٽرن وارو، شيھي جي ڌات تي اکرن جي ڪمپوزنگ جو دور آيو ته ان ۾ اهڙن اکرن جو خيال نه رکيو ويو. وري جڏهن ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جو جديد دور آيو ته به ان ۾ اهو خيال نه رکيو ويو، ان جو اهم سبب ته اسان جي عالمن/ استادن جي اهڙي راهه جوڙيل نه هئي. البت، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي 1999ع ڌاري، اهڙي سڌاري لاءِ هڪ مضمون لکيو، جيڪو ٽماهي مھراڻ ۾ شايع ٿيو. مضمون ته ڇپيو، پر ان جو حشر اهوئي ٿيو، جيڪو اسان وٽ عام ٿيندو رهيو. (جيٽلي، 1999: 89- 127) راقم پاران ’جهه ۽ گهه‘وسرڳن جي صورتخطي سنوارڻ لاءِ هڪ مقالو (جوکيو، 2008: 72- 92) لکيو ويو، جنھن گهڻي وقت بعد وڃي، هڻي هنڌ ڪيو ۽ چند ڪتابن توڻي درسي ڪتابن ۾ سڌارو آندو ويو.
هتي درسي ڪتابن جي حوالي سان، سنڌي آئيويٽا ۾ موجود ٻه اکري (digraph) وسرڳن ’جهه ۽ گهه‘ جي اعراب جو اهم معاملو آڏو اچي ٿو. يعني سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن لکت ۾ ٻه اکري آهي ته ’جهه يا گهه‘ جي اعراب ’ج يا گ‘ تي اچي يا ’وسرڳي ﻬ‘ تي اچي؟
’جهه ۽ گهه‘ جي اعراب نسبت ٽي اصولي نڪتا ويچار هيٺ آڻجن ٿا:
- ڪمپيوٽنگ ڪمپوزنگ جي اصول مطابق جڏهن ’جهه‘ يا ’گهه‘ کي اسڪرين تي آڻبو آهي ته ان لاءِ ’شفٽ + جٖييا جِي‘ (shift + J or G) لڳائي، هڪ ڌڪ سان ڪمپوز ڪبو آهي يا لکڻ گهرجي. جنھن صورت ۾ هڪ ڌڪ سان ’جهه‘ يا ’گهه‘ جو گڏيل اکر، بٽڻن ذريعي آڻجي ٿو ته اعراب ان کان پوءِ ئي ڏبي آهي، جيڪا اصولي طور ’وسرڳي ﻬ‘ جي هيٺان بيھڻ کپي، جيئن: سَمجهَه- جهِرڪِي- اُگهُه- گهِنڊُ وغيره.
- هونئن به جڏهن ڪنھن اکر تي اعراب ايندي آهي ته ان جي حد اتي ئي ختم ٿي وڃي ٿي؛ البت، ڊگها سُر يا نڪوان ڊگها سُر ان سان ڳنڍيل رهندا. اصولي طور، جِهرڪيءَ جي ’جِهر‘ واري پد مان ’جِهه‘ جي ’ج‘ تي زير ڏبي، ته پوءِ ’وسرڳي ﻬ‘ کي ڇا سمجهڻ گهرجي؟ ڇا اها ’وسرڳي ﻬ‘ ساڪن سمجهڻ گهرجي؟ ڇا ان جو شمار سُرن يا نڪوين سُرن ۾ٿيندو؟ جڏهن اهي سوال ان سان لاڳو نه ٿا ٿين ته ان صورت ۾ ’ج‘ تي زير ڏيڻ سان ان جي حد، ختم ٿي وڃي ٿي. ياد رکڻ گهرجي ته ’وسرڳي ﻬ‘ مڪمل اکر ناهي، بلڪ اڌ اکر آهي، جيڪو ’ج يا گ‘ سان ملي، مڪمل اکر جي صورت وٺي ٿو. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ’ج‘ کي ڇڏي، ’وسرڳي ﻬ‘ تي زير ڏبي ته پڙهندڙ ٻار، ’ج‘ کي اڪيلو نه سمجهندو، بلڪ ’ﻬ‘ سان گڏ سمجهي، پوءِ زير پڙهندو.
- وينجن (consonant)۽ سُر (vowel) ملائڻ سان پد (syllable) بيھي ٿو. ان خيال کان جڏهن ’جهه ۽ گهه‘ سان ’آ، اي، اِي، اَي، او، اُو، اَو‘ سُر ملائبا ته پوري اکر کان پوءِ بيھندا، جيئن:
|
جهه سان ڊگهي سُر جو ميلاپ |
گهه سان ڊگهي سُر جو ميلاپ |
|
جهـ + آ = جها |
گهـ + آ = گها |
|
جهـ + اي = جهي |
گهـ + اي = گهي |
|
جهـ + اِي = جهِي |
گهـ + اِي = گهِي |
|
جهـ + اَي = جهَي |
گهـ + اَي = گهَي |
|
جهـ + او = جهو |
گهـ + او = گهو |
|
جهـ + اُو = جهُو |
گهـ + اُو = گهُو |
|
جهـ + اَو = جهَو |
گهـ + اَو = گهَو |
هتي ان نڪتي تي غور ڪجي ته ’جهه‘ کي جڏهن ’اِي‘ سان ملائبو ته ايئن ڪونه ٿيندو ته ’اِي‘سان ملائڻ وقت ’اِي‘ واري زير، وسرڳي ’ﻬ‘ کان ٽپائي، ’ج‘ يا ’گ‘ تي کڻي وڃجي! ياد رهي ته ڄاڻايل سُرن ۾ ’الف‘ فرضي هوندو آهي، جنھن کي هٽائي، ڪوبه اکر ملايو ويندو آهي، جڏهن ته ان ’ڊگهي سُر‘ جي اعراب پنھنجو هنڌ نه مٽائيندي. هيٺ ٻيھر ڏسي سگهجي ٿو:
|
وينجن اکرن سان ڊگهي سُر جو ميلاپ |
وسرڳ اکرن سان ڊگهي سُر جو ميلاپ |
|
ب + اِي = بِي |
جهـ + اِي = جهِي |
|
ج + اِي = جِي |
گهـ + اِي = گهِي |
’اِي‘ ڊگهي سُر سان ’جهه‘ ملائبو ته اها ڳالھه ڌيان ۾ رهي ته ’اِي‘ ۾ الف فرضي آهي، جيڪو هٽائي، ان جي بدران گهربل اکر ڏبو. جڏهن ’اِي‘ جو الف هٽائبو ته اهو هنڌ خالي رهندو، جيئن: ’- ِي‘، هاڻي خالي هنڌ تي ’جهه‘ اکر رکبو ته ’جهِي‘ بيھندو. اهڙي وضاحت جي بنياد تي ٻه اکري ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ جي اکرن مان ’ـهـ‘ تي اعراب ڏيڻ جي راءِ رکجي ٿي. سنڌي ٻاراڻي ڪتاب مان ’هه، جهه ۽ گهه‘ جي اعراب جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
- گَهرَ- گهرِ هَلُ (29)
مٿي ’گهر‘ لفظ ٻه ڀيرا آيل آهي، هڪ جمع جي صورت ۾، ٻئي ۾ حرف جر واري آخري زير شامل آهي. پھرئين ’گَهرَ‘ ۾ ’گ‘ تي زبر آهي، جيڪا ’وسرڳي ﻬ‘ تي هجڻ گهرجي. جڏهن ته ٻئي لفظ جي ’گهه‘ تي اعراب ڪانھي، جيڪا پڻ ’وسرڳي ﻬ‘ تي ڏيڻ گهرجي.
هيءُ ’گهرِ هَلُ‘ وارو جملو هوبھو ٻه ڀيرا (ص: 29 ۽ 33 تي) ڪم آندو ويو آهي. اهڙو جملو هڪ ڀيرو ئي ڪافي ٿيندو. جيئن ته ص: 33 تي مُڪالمي جي صورت ۾ ڏنل آهي، ان لاءِ ص: 29 تان هن جملي کي هٽايو وڃي، يا ان جي بدران ڪو ٻيو ضروري جملو ڏيڻ گهرجي.
- بُتُ اُگهُه. (ص: 30)
- هتي وري ’اُگهُه‘ ۾ پيش ’وسرڳي ﻬ‘ تي آيل آهي، جيڪو مناسب آهي.
- گهرِ هَلُ. (ص: 33)
- مٿي ’گهرِ‘ جي ’گهه‘ تي اعراب ڏنل ناهي. ’گهرِ‘ جي ’وسرڳي ﻬ‘ تي زبر ڏيڻ گهرجي.
- هيءُ جملو هوبھو اڳي به آيل آهي، ان لاءِ هن صفحي تي رکندي، ص: 29 واري ساڳئي جملي کي هٽايو وڃي، يا تبديل ڪيو وڃي.
- هيءَ جِهرِڪِي آهي. (ص: 39)
- هتي ’جِهه‘ مان ’ج‘ هيٺان زير آهي، جيڪا ’وسرڳي ﻬ‘ هيٺان ڏيڻ گهرجي.
- گِهنڊُ (ص: 42)
- هتي لفظ ’گِهنڊُ‘ ۾ ’گ‘ تي زير ڏنل آهي، جيڪا هڪ ڌڪ سان ٽائيپنگ سبب، يا ’اِ‘ سُر ملائڻ سان، ’وسرڳي ﻬ‘ هيٺان بيھندي.
- رَاندِ ڪَندي ٿا عِلمُ پِرايُون، عِلمُ پِرايُون، سَمجهَه وَڌايُون. (ص: 47)
- هتي ’سَمجهَه‘ لفظ ۾ ’جهه‘ جي اعراب درست آهي، جيڪا پڻ اتفاقي اچي وئي آهي.
’مختفي ه‘ جي اعراب
مختفي لفظ فاعلي صورت ۾، مصدر ’اِخفاء‘ مان ورتل آهي، اِخفاء جي معنى آهي لڪائڻ، ڳجهو رکڻ. لفظ ’مختَفي‘ جي معنى بيھندي ’لڪائيندڙ‘. ’هه مختفي‘ مان مراد ’هه‘ جو اهو روپ جيڪو ’هه‘ جو آواز لڪائيندڙ هجي. فارسي، سنڌي يا اردو صورتخطيءَ ۾ ’مختفي ه‘ جو اهو ئي ڪردار رهيو آهي، جيڪو سُر (vowel) جو آهي، جيئن: موجوده، وغيره، هميشہ، آمنه، صفيه وغيره.
اردو اِملا واري نستعليق خط ۾ ’مختفي ه‘ جا ٻه روپ (ه ۽ ـه) ڪم آندا ويندا آهن، جڏهن ته سنڌي صورتخطيءَ واري نسخ خط ۾’مختفي هه‘ جا ٽي روپ (ه، ـہ ۽ ـه) سامھون اچن ٿا. (جوکيو، 2018: 176 الف) ’به‘، ’ته‘، ’نه‘، ‘ٻه‘ وغيره اهڙا لفظ آهن، جن جي آخر ۾ ’مختفي ه‘ آيل آهي؛ تنھن کان سواءِ اهڙن لفظن کي بصري لفظ (sight word) پڻ چئبو آهي ته جيئن هِجي ڪرڻ جي گهرج پيش نه اچي. ان لاءِ اهڙن لفظن تي ڪابه اعراب نه ڏيڻ گهرجي. سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ اهڙن ’مختفي ه‘ وارن بصري لفظن جو جائزو وٺجي ٿو:
- دَرَ وَٽِ نَه بِيھُه. (ص: 29)
هتي ’نَه‘ کي زبر آيل آهي، جڏهن ته ’نه‘ ۾ ’مختفي ه‘ ڪم آيل آهي، جنھن جو ڪردار ئي اعراب وارو ٿيندو آهي. ان کان سواءِ اهو ’بصري لفظ‘ (sight word) واري حيثيت پڻ رکي ٿو، گهرج نه هجڻ واري صورت ۾ ’نه‘ واري زبر هٽائڻ گهرجي.
- لَڪُڻُ نَه هَڻُ. (ص: 30)
مٿئين جملي ۾ پڻ ’نَه‘ کي زبر آيل آهي، جيڪا هٽائڻ گهرجي.
- صابُو وَڻُ نَه وَڍِ. (ص: 34)
هتي به ’نَه‘ جي زبر جي گهرج پيش نه ٿي اچي، جيڪا هٽائڻ گهرجي.
- پُڄُ ته سَھِي. (ص: 35)
مٿئين جملي ۾ ’ته‘ تي ڪابه اعراب ناهي، جيڪا صورتخطيءَ نسبت مناسب آهي.
- طوطي جو پَرُ نَه پَٽِ. طوطي کي نَه مارِ. ظلم نَه ڪَر. (ص: 36)
مٿين ٽنھي جملن ۾ ’نَه‘ کي زبر آيل آهي، جيڪا، آخري ’مختفي ه‘ هجڻ سبب، نه ڏيڻ وڌيڪ مناسب رهندو.
- گَڏَهُه خَچَرَ جيڏو نَه آهي. گَڏَهُه گهوڙي جَھِڙو نَه آهي. (ص: 40)
مٿين ٻنھي جملن ۾ ’نه‘ کي زبر آيل آهي، جن جي آخر ۾ ’مختفي ه‘ هجڻ ۽ بصري لفظ هجڻ سبب، ’زبر‘ جي گهرج نه ٿي پوي، ان لاءِ ’نه‘ تان زبرون هٽائڻ گهرجن.
- اَچو تَه سَبَقُ پَڙُهون. ڳالِهه تَه ٻُڌُ. (ص: 43)
مٿين ٻن جملن ۾ ’ته‘ تي زبر ڪم آندي ويئي آهي. ان بصري لفظ ۾ ’مختفي ه‘ آيل آهي، ان لاءِ انھن لفظن تان زبر هٽائڻ گهرجي.
تبصرو: ’پُڄُ ته سَھِي.‘ ۾ ’ته‘ تي اعراب ڪانھي، جڏهن ته ’ اَچو تَه سَبَقُ پَڙُهون‘ ۾ اعراب ڏني وئي آهي. يعني ’ته‘ جي اعراب ۾ يڪسانيت نه هجڻ سبب، سوال کڙو ٿئي ٿو. ’به‘، ’ته‘، ’نه‘ ۽ ‘ٻه‘، صورتخطيءَ نسبت ننڍي ۾ ننڍو روپ آهي، جن کي ڪابه اعراب نه ڏني ويندي آهي. سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ’نه‘ جو استعمال اٺ ڀيرا آيو آهي، جڏهن ته ’ته‘ جو استعمال ٽي ڀيرا ٿيو آهي. باقي ’به‘ ۽ ’ٻه‘ وارا لفظ، ڪٿي به ڪم نه آندا ويا آهن، تن جي استعمال جي راءِ رکجي ٿي.
گڏيل وينجن آوازن (clustered sounds) جي اعراب
لسانيات ۾ گڏيل آوازَ، ٻن گڏيل وينجنن کي سڏبو آهي، جيڪي هڪ سُر (vowel) سان ملي، پد (syllable) جي صورت وٺندا آهن. گهڻي ڀاڱي، لفظ جي اچار کي ڏسي، گڏيل وينجن آواز تصور ڪري سگهبا آهن. ڪن لفظن ۾ لھجاتي فرق سبب، اعراب ۾ لچڪ به رکي وٺبي آهي؛ ليڪن ڪي ڳالھيون اصولي ٿينديون آهن، جن کي ڌيان ۾ رکڻ وڌيڪ بھتر هوندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ گڏيل وينجن آوازن جا ٻه نمونا آهن، جنھن ۾ هڪ وينجن ساڪن بيھندو آهي. لفظ ۾ ساڪن کي سمجهڻ نھايت اهم آهي، جيڪو ڪنھن لفظ ۾ساڪن صورت ۾ ٻئي سان گڏبو آهي. سنڌي صورتخطيءَ ۾ لسانياتي طور ٻن گڏيل وينجنن ۾ هڪ ساڪن آواز جا ٻه نمونا ٿين ٿا:
- ڪنھن گڏيل آواز جو اڳيون آواز
- ڪنھن گڏيل آواز جو پويون آواز (جوکيو، 2010: 68- 90)
يعني، سنڌي ٻوليءَ ۾ گڏيل آوازن (Cluster of sounds) جا ٻه نمونا سامھون اچن ٿا:
- ديسي اچارن نسبت ٻٽن آوازن ۾ ’پھريون ساڪن- ٻيو متحرڪ‘، جيئن:
- پـْيارُ(هن ۾ ’پ‘ کي ساڪن ڏيکارڻ لاءِ مجزوم ڪرڻو پوندو، جنھن جي جوڙ ۾ ’پ‘ ساڪن کي متحرڪ ’ي‘ وينجن سان ملائي [پيا] اچاربو. يعني ’پ‘ ساڪن، ايندڙ متحرڪ آواز ’يا‘ سان ملائبو.)
- عربي- فارسي صورتخطيءَ جي نسبت ٻٽن آوازن ۾ ’پھريون متحرڪ- ٻيو ساڪن‘، جيئن:
- عِلْمُ(هن ۾ ’ل‘ کي ساڪن ڏيکارڻ لاءِ مجزوم ڪيو ويو آهي، جنھن جو جوڙ ’ع‘ سان ملائي [عِلْ] اچاربو. (جوکيو، 2018: 51- 62 ب)
ديسي گڏيل وينجن آواز (پھريون ساڪن، ٻيون متحرڪ)
پھريون نمونو سنڌي ديسي گڏيل آوازن وارو ٿئي ٿو، جنھن ۾ پھريون وينجن آواز ساڪن رهي ٿو، جيئن: ’پيارُ‘، ’ڪياڙِي، پريمُ، ڪروڌُ وغيره. (ڌيان رهي ته ڄاڻايل لفظن جي پھريَن وينجن آوازن ’پ‘، ’ڪ‘، ’پ‘ ۽ ’ڪ‘ تي ڪابه اعراب نه ايندي، بلڪ اهي ساڪن صورت ۾ ’ي‘ وينجن سان گڏجي گڏيل آواز جوڙيندا.)
لفظن جو پد (syllable) ۾ ڇيد
|
لفظ |
پدن ۾ ڇيد |
لفظ جي هِجي |
|
پيارُ |
پيا ۽ رُ (ٻه پد) |
پ، ي الف ’پيا‘ + ر پيش ’رُ‘= پيارُ |
|
اَکيُون |
اَ ۽ کيُون |
الف زبر ’اَ‘ + ک، ي، و، ن پيش ’کيُون‘ = اَکيُون |
|
سُورْهيُه |
سُورْ ۽ هيُه |
س، و، ر پيش ’سُورْ‘ + هه، ي پيش ’هيُه‘ = سُورْهيُه |
|
پريمُ |
پري ۽ مُ (ٻه پد) |
پ، ر، ي ’پري‘ + م پيش ’مُ‘= پريمُ |
|
ڪروڌُ |
ڪرو ۽ ڌُ (ٻه پد) |
ڪ، ر، و ’ڪرو‘ + ڌ پيش ’ڌُ‘ = ڪروڌُ |
|
سِٽرَ |
سِ ۽ ٽرَ (ٻه پد) |
س زير ’سِ‘ + ٽ، ر زبر ’ٽرَ‘ = سِٽرَ |
وضاحت: لفظ ’سِٽرَ‘ اصل عربي لفظ ’سطر‘ مان ورتل آهي، جنھن جي سنڌي صورت ’سِٽرَ‘ ئي ٿيڻ گهرجي. لاڙي ٻوليءَ جي ماهرن ان کي ’اترادي ۽ وچولي‘ جو گڏيل آواز ’ٽر‘ سمجهي، صورتخطيءَ کي ’سِٽَ‘ ڪري ڄاڻائيندا آهن. حالانڪ، لفظ ’سطر‘ پٽاندر، ان لفظ جي سنڌي صورتخطي ’سِٽرَ‘ ٿيڻ گهرجي. ياد رهي ته ’سِٽرَ‘ ۾ ’ٽر‘ جو گڏيل آواز، اترادي ۽ وچولي واري /ٽر/ صوتيي وارو ناهي، بلڪ الڳ معاملي ۾ اچي ٿو.
هتي لفظ ’سُورْهيُه‘ ۾ آوازن جي وضاحت ڪجي ته ’رهه‘ ڪو وسرڳ ڪونھي، بلڪ ’ر ۽ هه‘ الڳ ٿيندا ۽ ’ر‘ ساڪن حالت ۾ رهندو. جڏهن ته ان لفظ ۾ ’ي‘ وينجن اهڙو آواز آهي، جيڪو اڳئين وينجن آواز ’هه‘ کي، ساڪن حالت ۾، پاڻ سان ملائي پد ٺاهي ٿو. دراصل، مٿين لفظن ۾ گڏيل وينجن آوازن ۾ ’ي ۽ ر‘ اهڙا وينجن آواز آهن، جيڪي پاڻ کان اڳ هوندڙ وينجن آواز کي پاڻ سان گڏي، ڪنھن سُر سان پد جوڙين ٿا، جيئن: پيارُ- پريمُ وغيره. (ذهن تي هجي ته ’پ‘ تي ڪابه اعراب نه لڳندي)
عربي- فارسي ۽ ٻين ٻولين ۾ يڪسان گڏيل وينجن آواز (پھريون متحرڪ، ٻيون ساڪن)
ٻيون نمونو سڀني ٻولين ۾ يڪسان گڏيل وينجن آوازن وارو ٿئي ٿو، جنھن ۾ پھريون وينجن آواز متحرڪ رهي ٿو، جيڪو ٻئين ساڪن آواز سان ملندو، جيئن: ’مَطْلَبُ‘، ’گهِنْٽِي‘، ’جهِرْڪِي‘، ’هَلْڪو‘ وغيره. (ڌيان رهي ته ڄاڻايل لفظن جا پھريان وينجن آوازَ ’م‘، ’گهه‘، ’جهه‘ ۽ ’هه‘ متحرڪ رهندا، جڏهن ته انھن کان پوءِ ايندڙ ’ط‘، ’ن‘، ’ر‘ ۽ ’ل‘ وينجن، ساڪن رهندا. اهو گڏيل آوازن جو نمونو عام آهي.)
لفظن جو پد (syllable) ۾ ڇيد
|
لفظ |
پدن ۾ ڇيد |
لفظ جي هِجي |
|
مَطْلَبُ |
مَط، لَ ۽ بُ (ٽي پد) |
م، ط زبر ’مَطْ‘ + ل زبر ’لَ‘ + ب پيش ’بُ‘ |
|
گهِنْٽِي |
گهِنْ۽ ٽِي (ٻه پد) |
گهه، ن زير ’گهِنْ‘ + ٽ، ي زير ’ٽِي‘ |
|
جهِرْڪِي |
جهِرْ ۽ ڪِي (ٻه پد) |
جهه، ر زير ’جهِرْ‘ + ڪ، ي زير ’ڪِي‘ |
|
هَلْڪو |
هَلْ ۽ ڪو (ٻه پد) |
هه، ل زبر ’هَلْ‘ + ڪ، و ’ڪو‘ |
سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ته اهڙا گڏيل آواز آهن، جن تي ڪو اختلاف ناهي؛ باقي ڪي گڏيل آواز اهڙا به آهن، جن کي سمجهائڻ لاءِ ڪافي جدوجھد جي ضرورت پوي ٿي. اسان اصولي تحقيق به رکبي آهي ته اهي ان کي ذاتي راءِ جو نالو ڏيئي، نظرانداز ڪندا آهن.
جديد تحقيق موجب، اضافي وسرڳ طور ڳڻجندڙ ’ڙهه، لھه، مھه، نھه ۽ ڻھه‘، اصولي طور مفرد حيثيت ۾ وسرڳ آواز ناهن، بلڪ انھن ۾ پڻ گڏيل وينجن آواز آهن، جنھن ۾ ’هه‘ وينجن آواز الڳ سان متحرڪ رهي ٿو. ان جو اهم سبب ته ’ڙهه، لھه، مھه، نھه ۽ ڻھه‘ اهڙا مرڪب/ گڏيل آواز آهن، جيڪي هڪ جهٽڪي سان اچاري نه ٿا سگهجن. (جوکيو، 2025: 57- 74) ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، انھن گڏيل آوازن لاءِ ڄاڻائي ٿو: ”اهي حقيقت ۾ ٻن صوتين جو ميل(conjunct consonants) آهن.“ (جيٽلي، 2006: 128- 132) ڊاڪٽر جيٽلي اهڙن گڏيل آوازن بابت وضاحت ڏيندي لکي ٿو: ”ڪن عالمن سنڌي وينجنن جي چارٽ ۾ هيٺ ڏنل وينجنَ به شامل ڪري ڇڏيا آهن. اهي سادن يا مفرد وينجن ’ڌوَني- تتن‘ جي چارٽ ۾ ڏيڻ نه گهرجن، ڇاڪاڻ ته اهي ٻه گڏيل وينجن آهن، جن جي پٺيان ايندڙ وينجن ’هه‘ علحدو آهي. ان جو اچار ’ک، جهه، ڦ، ڀ وغيره‘ وسرگي وينجنن ۾ زور سان نڪرندڙ ڦوڪ يا هوا واري اچار کان نرالو آهي. مھه، نھه، ڻھه، لھه، ڙهه.“ (جيٽلي، 2000: 53) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهڙن گڏيل آوازن کي ’هه‘ سان سميٽيل آواز ڪوٺي ٿو. (بلوچ، 1992: 15)
سنڌي ٻاراڻي ڪتاب مان چند لفظ خيال خاطر رکجن ٿا: ڪلھو- ملھه- وڙهه- سنھو- پوڙهو- ماڻھو- چڙهه- ڳاڙهو- سوڙهو- پڙهون وغيره. ٻاراڻي ڪتاب ۾ اهڙن لفظن جي اعراب ۾ به مسئلو اچي ٿو، جيڪو سلجهائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، جيئن: ’پَڙُهون‘ (ص: 43) ۽ ’پَڙهُون‘ (ص: 47). يعني اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته اعراب ’ڙ‘ تي ڏجي يا ’هه‘ تي ايندي! ساڳئي لفظ جي صورتخطيءَ ۾ اختلاف هجڻ سبب، اصل معاملو، مسئلي کي سمجهڻ جو آهي. پر افسوس جو هتي اهو ئي راڳ آلاپيو ويندو آهي ته ’بس وڏڙن جو ڪم ٿيل آهي، هلڻ ڏيو!‘ جڏهن ڪو اصول اڳيان نه ٿو رکجي ته پوءِ ڪٿي نه ڪٿي مسئلو ڪَرُ کڻي بيھي ٿو. سائنسي تحقيق موجب، اهي اضافي وسرڳ سڏجندڙ، وسرڳ جي پيراميٽر ۾ نه ٿا اچن؛ بلڪ، انھن ۾ ’گڏيل وينجن آواز آهن، جنھن ۾ ’هه‘ جو آواز الڳ سان متحرڪ رهي ٿو.
|
لفظ |
پد |
آوازَ |
هِجي |
|
ڪُلھو |
ڪُلْ ۽ هو |
ڪ+ لْ+اُ، هه+او |
ڪ، ل پيش ’ڪُلْ‘ + هه، و ’هو‘ = ڪُلْھو |
|
مَلھَه |
مَلْ۽ هَه |
م+لْ+اَ، هه+اَ |
م، ل زبر ’مَلْ‘ + هه زبر ’هَه‘ = مَلْھَه |
|
ماڻھُو |
ماڻْ ۽ هُو |
م+ڻ+آ، هه+اُو |
م، الف، ڻ ’ماڻْ‘ + هه، و پيش ’هُو‘ = ماڻْھُو |
|
پَڙهُون |
پَڙْ ۽ هُون |
پ+ڙ+اَ، هه+اُون |
پ، ڙ زبر ’پَڙْ‘ + هه، و، ن پيش ’هُون‘ = پَڙْھُون |
دراصل، ’ر‘ ۽ ’ي‘ اهڙا وينجن آواز آهن، جيڪي پاڻ کان اڳ هوندڙ وينجن آواز کي گهڻي ڀاڱي، ساڪن صورت ۾ گڏيندا آهن. (الانا، 1993: : 144- 145) ان کان علاوه اضافي وسرڳ آواز: ’ڙهه، لھه، مھه، نھه ۽ ڻھه‘ پڻ گڏيل آواز جو نمونو آهن، جن ۾ ’هه‘ الڳ سان متحرڪ رهي ٿي. ان پيراميٽر هيٺ، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي اعراب جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
- پاڻِي پِيارِ. (ص: 35)
امري فعل ’پيارِ‘ ۾ ’پيـ‘ (پ+ي) ديسي گڏيل وينجن آهن. ان ڪارڻ ’پ‘ ساڪن رهندو، جيڪو ’ي‘ سان ملي، متحرڪ ٿيندو. ان جي صورتخطي بيھندي: ’پيارِ‘.
- هيءَ جِهرِڪِي آهي. (ص: 39)
هتي اچار نسبت، ’جهِرْ‘ گڏيل وينجن آواز آهي، جنھن ۾ ’ر‘ جو آواز ساڪن ٿيندو. ان لاءِ ’ر‘ هيٺان زير هٽائڻ گهرجي.
- گَڏَهُه گهوڙي جَھِڙو نَه آهي. (ص: 40)
مٿئين جملي ۾ اچار جي نسبت ’جَھڙو‘ ۾ ’هه‘ جو آواز ساڪن بيھي ٿو ۽ ’جَھهْ‘ گڏيل وينجن آواز (cluster sounds) آهن. ان لاءِ ’هه‘ کي ڏنل زير هٽائڻ گهرجي.
- چَنڊُ اُڀِرِيو آهي. (ص: 42)
هتي لفظ ’اُڀِرِيو‘ ۾ ’ي‘ هڪ اهڙو وينجن آواز آهي، جيڪو پاڻ کان اڳ واري آواز کي ساڪن صورت ۾ گڏائيندو آهي، ان خيال کان ’ر ۽ ي‘ گڏيل آواز آهن. اهڙي صورت ۾ ’ر‘ جو اکر ساڪن رهندو. ياد رهي ته ’اُڀريو‘ لفظ ۾ ٻه پد ’اُڀۡ + ريو‘ آهن. ان ڪارڻ ’ر‘ جي هيٺان زير کي هٽائڻ گهرجي.
- هي ڪُلهو آهي. (ص: 43)
هتي ’ڪُلھو‘ جي اعراب درست آهي، رڳو ’هه‘ وينجن ڪم آڻڻ گهرجي. لفظ ’ڪُلھو‘ ۾ ’ل‘ ساڪن رهندو ۽ ’ڪُلْ‘ گڏيل وينجن آهي. ان جملي جي مناسب صورتخطي رهندي: ’هيءُ ڪُلھو آهي.‘
- مَلَهه وِڙُهه. (ص: 43)
هتي ’مَلَهه‘ ۽ ’وِڙُهه‘ ۾ اصولي طور متحرڪ ’هه‘ وينجن رهندي. اهڙي صورت ۾ ترتيبوار ’ل‘ ۽ ’ڙ‘ ساڪن رهندا. درستي ڪرڻ سان ’مَلھَه وِڙهُه‘ جي صورتخطي مناسب رهندي.
- سَنِهي ڇوڪِرِي. (ص: 43)
- هتي ’سَنِهي‘ ۾ ’هه‘ وينجن ۽ ’ن‘ جو اکر ساڪن رهندو، جيڪو ان کان اڳ واري اکر ’س‘ سان گڏيل وينجن آواز(سَنْ) آهي. ان لفظ جي صورتخطي ’سَنھِي‘ رهندي.
- ان کان سواءِ ’ڇوڪرِي‘ ۾ ’ڪر‘ گڏيل آواز آهن، جيڪي ’اِي‘ ڊگهي سُر سان متحرڪ ٿين ٿا. ان ڪارڻ ’ڪ‘ هيٺان آيل زير کي هٽائڻ گهرجي. ان لفظ جي صورتخطي بيھندي: ’ڇوڪرِي‘. ياد رهي ته امڪاني ’زير‘ وارو وينجن آواز، ’ر‘ سان گڏجي ويندو آهي، جيئن: ڇوڪرِي، جڏهن ته ’زبر‘ وارو وينجن آواز ’ر‘ سان ڇڄي بيھندو آهي، جيئن: ڇوڪَرُ.
- سَويرَ سُمھه. (ص: 43)
هتي ’سُمھه‘ ۾ ’هه‘ وينجن آهي، جيڪا متحرڪ رهندي ۽ ’سُمْ‘ گڏيل وينجن آواز آهي. ان لحاظ کان ان جي صورتخطي ’سُمھُه‘ رهندي.
- پوڙهو ماڻُهو. (ص: 43)
’پوڙهو‘ لفظ جي صورتخطي ٺيڪ آهي، ليڪن اها ڳالھه سمجهڻ گهرجي ته ’ڙ‘ جو اکر ساڪن رهندو ۽ ’هه‘ وينجن متحرڪ ڄاتو ويندو. جڏهن ته ’پوڙْ‘،’او‘ سُر سان، ’پ ۽ ڙ‘ گڏيل وينجن آواز آهن. البت، ’ماڻهُو‘ ۾ ’هه‘ وينجن سان ’اُو‘ سُر جو ميلاپ رهي ٿو. هن لفظ ۾ ’ماڻْ‘ گڏيل وينجن آوازَ آهن. هتي ’ماڻھُو‘ جي صورتخطي رهڻ گهرجي.
- اَچو تَه سَبَقُ پَڙُهون. گهوڙي تي چَڙُهه. ڳالِهه تَه ٻُڌُ. ڳاڙها گُلَ ڏِسُ. اَدو ڪالَهه آيو. رَستو سوڙهو آهي. (ص: 43)
هن سبق ۾ ’پَڙهُون‘، ’چَڙهُه‘ ’ڳالھِه‘، ’ڳاڙها‘، ’ڪالهَه‘، ’سوڙهو‘ لفظن جي صورتخطي مناسب رهندي. انھن لفظن ۾ ترتيبوار ’پَڙْ‘، ’چَـڙْ‘، ’ڳالْ‘، ’ڳاڙْ‘، ’ڪالْ‘ ۽ ’سوڙْ‘ گڏيل آواز آهن. ڪتاب ۾ ’ڳاڙها‘ ۽ ’سوڙهو‘ جي صورتخطي ته ٺيڪ ڏنل آهي، ليڪن ان جي پدن بابت واضح هجڻ گهرجي، ته انھن لفظن ۾ ’ڙ‘ جو اکر ساڪن رهندو.
- ڏاڙُهون تُنھِنجا آهِنِ. اَنبِڙِيُون مُنھِنجُون آهِنِ. ڦَرِيُون تُنھِنجُون آهِنِ. (ص: 45)
’ڏاڙهون‘ ۾ ’ڙ‘ ساڪن هجڻ ۽ ’هه‘ وينجن هجڻ سبب ان جي صورتخطي ’ڏاڙهُون‘ بيھندي. ساڳئي سبق ۾ ’اَنبِڙِيُون‘ ۽ ’ڦَرِيُون‘ ۾ ’ي‘ وينجن سبب ان کان اڳ وارا اکر ’ڙ‘ ۽ ’ر‘ ساڪن رهندا. درست صورتخطي ’اَنبِڙيُون‘ ۽ ’ڦَريُون‘بيھندي. يعني هن سبق ۾ ’ڏاڙهُون‘، ’اَنبِڙيُون‘ ۽ ’ڦَريُون‘ لفظن جي صورتخطي مناسب رهندي.
- مُنـ -تُنـ - هِنـ - ڙُهون - ڙِيُون - يُون- (ص: 45)
هن صفحي تي مٿيان گڏيل آواز ڏيکاريل آهن. دراصل، انھن ۾ ’ مُنـ - تُنـ - هِنـ - يُون‘ نڪوين سُرن سان پد آهن. جڏهن ته ’ڙُهون‘ ۽ ’ڙِيُون‘ جي ڇيد موجب ’ڙ‘ اکر ساڪن رهندو. ’ڙهُون‘ ۾ ’ڙ‘ پاڻ کان اڳ واري وينجن سان ملندو ۽ ’هُون‘ الڳ سان پد آهي ۽ ’ڙيُون‘ وري ’ڙيـ‘ سان گڏيل وينجن آواز رهندو ۽ ’ڙيُون‘ پورو پد آهي. اصولي طور ’هُون‘ ۽ ’ڙيُون‘ پد ڪري ڏيڻ گهربو هيو. جيڪڏهن اهي ئي اکري جوڙ ڏيڻا آهن ته ٻنھي لفظن ۾ ’ڙ‘ کي ساڪن رکڻ گهرجي.
- هَاڻِ پَڙَهڻَ جِي ڪَرِيُون تَيارِي، ديسَ جِي ٿِيندِي نامَاچارِي. (ص: 47)
هڪ ته هتي ’پَڙَهڻَ‘ لفظ ۾ ’ڙ‘ ساڪن ۽ ’پَڙ‘ گڏيل وينجن آوازَ سمجڻ گهرجي، ان لاءِ صورتخطي بيھندي: ’پَڙهَڻَ‘.
ٻيو ته لفظ ’ڪَرِيُون‘ ۾ ’ر‘ جو آواز يا اکر ساڪن ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ’ريـ‘ گڏيل وينجن آواز آهن، جنھن سبب ’ر‘ هيٺان زير کي هٽائڻ گهرجي.
ٽيو ته ’تَيارِي‘ لفظ عام طور ’تيارِي‘ ڪري اچاريو ويندو آهي، البت اهڙا لفظ شاعريءَ يا لھجاتي فرق سبب، نظر انداز ٿي سگهن ٿا. ان صورت ۾ ’ت‘ زبر سان متحرڪ هجڻ سبب، ’ي‘ سان گڏيل وينجن آواز نه ٿيندو؛ جيڪڏهن معياري لھجي پٽاندر لفظ جو اچار ۽ صورتخطي وٺڻي آهي ته پوءِ ’ت‘ تي ڪابه اعراب نه ايندي ۽ صورتخطي بيھندي: ’تيارِي‘.
- لَفظَ پَڙهُون ٿا سَوَلا سَوَ لا، گِيتَ سِکُون ٿا مِٺِڙا مِٺِڙا. (ص: 47)
’پَڙهُون‘ جي صورتخطي درست آهي، جيڪا اتفاقي بيھي وئي آهي. اصل ڳالھه آهي، ذهن ۾ هڪ اصول متعين ڪرڻ جي! ڇو ته اڳ ص: 43 تي لفظ ’پڙهون‘ جي وري ’ڙ‘ کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، جيڪو مناسب ناهي.
- رَاندِ ڪَندي ٿا عِلمُ پِرايُون، عِلمُ پِرايُون، سَمجهَه وَڌايُون. (ص: 47)
هتي ’پِرايُون‘ لفظ ٻه ڀيرا ڪم آيو آهي. ڄاڻايل لفظ ۾ پھريون پد ’پرا‘ آهي، جنھن ۾ ’پ ۽ ر‘ گڏيل وينجن آهن. ان لاءِ ’پ‘ کي ڏنل زير هٽائڻ گهرجي.
- چَنڊُ- گِهنڊُ. (ص: 42)
ڄاڻايل لفظ، نڪوين ڇوٽن سُرن جا مثال ڪري ڏنا ويا آهن. ’چَنڊُ ۽ گهِنڊُ‘ لفظن ۾، ’ڊ‘ ۽ ’ن‘ قريب مخرج سبب، ’ن‘ نڪوون ڇوٽو سُرُ ناهي، بلڪ ’نون ساڪن‘ جو مثال آهي. ايئن جيئن سنت ۽ ڪنٺ ۾ آهي. (جوکيو، 2014: 66- 80) انھن لفظن ۾ ’چَنْ ۽ ’گهِنْ‘ گڏيل وينجن آواز آهن. ان لاءِ اهڙن لفظن جي بدران نڪوين ڇوٽن سُرن جا سادا مثال ڏيڻ گهرجن، جيئن: چَنگُ، کَنڀُ، اِنجِڻِ وغيره.
(ياد رهي ته مثالن ۾ اهڙا لفظ ڏيڻا هوندا آهن، جن جي ڪا ظاهري شڪل هجي ۽ ٻار ڏسي سمجهي سگهي.)
لفظن جا آخري ساڪن وينجن (last vowelless consonant)
سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾، ماقبل آخري (Second last) سُر جي اهميت مذڪر- مؤنث کان علاوه واحد- جمع ۾ به نوٽ ڪئي وئي آهي. عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي هر لفظ جو خاتمو متحرڪ وينجن سان ٿيندو آهي. ان رٽيَل تصور سبب ڪافي عالم اڪثر مغالطي ۾ رهندي، آخري ساڪن آوازن کي به متحرڪ بڻائيندي، مختلف بي تُڪيون صورتخطيون پيش ڪندا آهن.
ماقبل آخري وينجن (Second last consonant) جي حوالي سان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ڄاڻائي ٿو: ”مون کي پنجاهه کن سالن جي عمر جا اهڙا سنڌي مرد نظر آيا آهن، جيڪي عام ميڙن ۾ تقرير ڪندي، پنھنجي جنس ۾ مؤنث جي فعلن جو استعمال پيا ڪندا آهن؛ جيئن ته: مان ويندَس (مان ويندُس)، مان ڪندَس (مان ڪندُس). انبُ کاڌَم (انب کاڌُم)، پاڻي پيتَم (پاڻي پيتُم).“ (جيٽلي، 2009: 23- 32)
ڊاڪٽر جيٽلي جو اصل خيال اهو آهي ته آخري وينجن کان اڳ، مذڪر- مؤنث جي اعراب لڳندي. هونئن مذڪر- مؤنث جو اندازو به سنڌي ٻوليءَ جي آخري وينجن جي اعراب مان ٿيندو آهي، جيئن: ڇوڪَرُ- ڇوڪَرِ، ڪتابُ- کَٽَ وغيره. جڏهن مذڪر- مؤنث جي اعراب آخري وينجن کان اڳئين وينجن تي لڳي ته ان صورت ۾ آخري وينجن ساڪن رهندو.
جيئن مذڪر- مؤنث ۾ ڪم آندل ضميري پڇاڙيون (م ۽ س) ساڪن رهنديون آهن، تيئن حالت جريءَ واري صورت ۾ اسم سان جمع ۾ ڪم ايندڙ آخري ’نون‘ به ساڪن رهندو آهي، جيئن: ’ڪتابُ‘ ج ’ڪتابَ‘، حرف جر لڳڻ سبب ’ڪتابَن ۾‘ بيھي ٿو، هيٺ چند لفظ خيال خاطر ڏجن ٿا:
|
واحد |
جمع |
حالتن موجب جمع |
|
ڪٻٽُ |
ڪٻٽَ |
ڪٻٽَـ + نْ |
|
دُڪانُ |
دُڪانَ |
دڪانَـ + نْ |
|
ماڻھُو |
ماڻھُو |
ماڻھـ (اُو > اُ) نْ |
|
ڀِتِ |
ڀِتيُون |
ڀتيُـ (اُون > اُ) + نْ |
(جوکيو، 2011: 42- 95)
يعني سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ آخري ’م، س ۽ ن‘ وينجن، گهڻي ڀاڱي، ضميري پڇاڙين جي نسبت، ساڪن رهن ٿا. اهڙي صورت ۾ اهي وينجن آواز، اڳ واري وينجن سان ملي، گڏيل آواز جوڙين ٿا، جيئن: انبُ کاڌُم (ڌُم- گڏيل آواز)، مانِي کاڌَم (ڌَم- گڏيل آواز)، مان ويندُس (دُس- گڏيل آواز)، مان ويندَس (دَس- گڏيل آواز)، هو ويندُن (دُن- گڏيل آواز)، هوءَ ويندَن (دَن- گڏيل آواز) وغيره. ياد رهي ته لازمي ناهي ته هر لفظ جي آخر ۾ ’م، س ۽ ن‘ سان هيءُ اصول لاڳو ڪيو وڃي، جيئن: نِمُ، مَلَمَ، گلاسُ، ڏِسُ، پَنُ، ڌَنُ وغيره وارن لفظن جو آخري وينجن متحرڪ رهندو.
دراصل، گڏيل وينجن آوازن کي سامھون رکي اعراب جو استعمال ڪرڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو، ٻي صورت ۾ اعراب جو استعمال وائڙو ٿي ويندو. گڏيل آوازن ۾ آخري ساڪن جو تصور سامھون رکي، هيٺين لفظن جي اعراب جي درستي ڪجي ٿي:
- هِي آنا آهِنِ. هِي پاوا آهِنِ. هي گابا آهِنِ. (سبق ٻيو- ص: 20)
هتي ٽي ڀيرا ’آهِنِ‘ ڪم آندل آهي، جنھن ۾ ’هِنْ‘ گڏيل وينجن آواز آهي. ان لاءِ ’ن‘ کي ساڪن رکندي، ان جي زير هٽائڻ گهرجي.
- هِي بُوٽَ آهِنِ. هِي صُوفَ آهِنِ. هِي تُوتَ آهِنِ. (ص: 24)
هتي پڻ ’آهِنِ‘ ٽي ڀيرا ڪم آيو آهي. ’آهِن‘ ۾ ’هِنْ‘ گڏيل وينجن آواز ۽ ’ن‘ ساڪن آهي، ان لاءِ ’ن‘ جي زير هٽائڻ گهرجي.
- هِي پيرَ آهِنِ. (ص: 25)
’آهِنِ‘ مان آخري ’ن‘ جي زير هٽائڻ گهرجي.
- هِي هَٿَ آهِنِ. هِي مَٽَ آهِنِ. هي دَرَ آهِنِ. (ص: 29)
هن صفحي تي ٽي ڀيرا ’آهِنِ‘ آيل آهي، جنھن ۾ ’ن‘ ساڪن رکڻ لاءِ، زير هٽائڻ گهرجي.
- هِي قَلَمَ آهِنِ. هِي خَچَرَ آهِنِ. هِي حَجَمَ آهِنِ. (ص: 31)
هن صفحي تي پڻ ٽي ڀيرا ’آهِنِ‘ آيل آهي، جنھن ۾ ’ن‘ ساڪن رکڻ لاءِ، زير هٽائڻ گهرجي.
- هِي کارا آهِنِ. هِي ڳانا آهِنِ. هِي رازا آهِنِ. (ص: 32)
هن صفحي تي پڻ ٽي ڀيرا ’آهِنِ‘ آيل آهي، جنھن ۾ ’ن‘ ساڪن رکڻ لاءِ، زير هٽائڻ گهرجي.
- هِي سِڱَ آهِنِ. (ص: 34)
هتي ’آهِنِ‘ جي زير هٽائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ’هِنْ‘ گڏيل وينجن آواز ۾ ’ن‘ ساڪن رهندو.
- هِي لَغَڙَ آهِنِ. (ص: 32)
مٿئين جملي ۾ ’آهِنِ‘ جو ’ن‘ ساڪن رکڻ لاءِ زير هٽائڻ گهرجي.
- صُوفَ مُنھِنجا آهِنِ. ڏاڙُهون تُنھِنجا آهِنِ. اَنبِڙِيُون مُنھِنجُون آهِنِ. ڦَرِيُون تُنھِنجُون آهِنِ. (ص: 45)
هن سبق ۾ ’آهِنِ‘ چار ڀيرا ڪم آيو آهي. ان آخري ’ن‘ کي ساڪن رکڻ لاءِ ان تي آيل اعراب هٽائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ’هِنۡ‘ گڏيل وينجن آواز پٽاندر هڪ پد آهي.
نتيجو/ حاصل مطلب
عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’اعراب ڏيڻ‘ نھايت نازڪ معاملو آهي. بنيادي طور جيستائين ’پد جي حد‘ جو تعيّن، ذهن نشين نه ٿيندو، تيستائين اعراب ڏيڻ ۾ ڪوتاهيون رهنديون. ’پد جي حد‘ متعيّن ڪرڻ لاءِ هيٺيان نڪتا اهم آهن:
- وينجن ۽ سُر (consonant and vowel)جي ميلاپ سان بيھندڙ صورتخطي
- گڏيل وينجن آوازن (clustered sounds)جي بيھڪ
- لفظن جي آخري ساڪن وينجن (last vowelless consonant)جو تصور
مٿين ٽنھي نڪتن تي ڌيان ڌريندي، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ڏنل اعرابن جو اڀياس ڪيو ويو، جنھن مان پنجھتر (75) چُڪُون نوٽ ڪيون ويون. هيٺ ٿلھي ليکي، سامھون آيل خال ڏجن ٿا:
- امر- فعل جي آخري اعراب تي، معياري ٻوليءَ نسبت، ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن: حاجي راضي ٿِي (ٿيءُ). سَويرَ اُٿ (اُٿُ). وَڳو ڍَڪ (ڍَڪِ). ظُلُم نه ڪَر (ڪَرِ).
- واحد- مذڪر لاءِ ضمير اشاري جي درست صورت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن: هِي (هيءُ) ثَمَرُ آهي. هي (هِيءُ) ڪُلھو آهي.
- ڊگهي سُر ’آ‘ سان زبر جو استعمال نه ٿيڻ گهرجي، جيئن: نامَاچارِي (ناماچارِي)
- ٻه اکري ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ وسرڳن جي اعراب ’وسرڳي ﻬ‘ تي اچڻ گهرجي، جيئن: جِهرڪِي (جهِرڪِي)- سَمجهَه (سَمجهَه)، اُگهُه (اُگهُه)- گِهنڊُ (گهِنڊُ)
- صورتخطيءَ ۾ ’مختفي ه‘ وارن بصري لفظن تي اعراب جي گهرج نه ٿي رهي، جيئن: نَه (نه)- تَه (ته)
- گڏيل وينجن آوازن ۾ هڪ آواز/ اکر ساڪن هوندو آهي، جيئن: اُڀِرِيو (اُڀِريو)- اَنبِڙِيُون (اَنبِڙيُون)- ڦَرِيُون (ڦَريُون)- پِرايُون (پرايُون) وغيره.
- ڪُلهو (ڪُلھو)- مَلَهه وِڙُهه (مَلھَه وِڙهُه)- سَنِهي (سَنھِي)- سُمھه (سُمھُه)- پوڙهو ماڻُهو (پوڙهو ماڻھُو)- پَڙَهڻَ (پَڙهَڻَ) وغيره.
- گڏيل وينجن آوازن ۾ آخري ساڪن به ٿيندو آهي، جيئن: آهِنِ (آهِن) وغيره.
- بنيادي شاگردن کي نظر ۾ رکندي، نون گهُڻي جي ’ڪَڪ پٽي‘ ڏيڻ گهرجي ۽ ’نُون گهُڻي‘ جي اکر کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪنھن اضافي اعراب جو تعين ٿيڻ گهرجي، جيئن: اَنْبُ- ڏانْد- مينْھِن وغيره.
سفارش
- سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي اعراب کي، سنڌي ٻوليءَ جي اصولن پٽاندر سڌاريو وڃي.
- سُرن سان ڏنل ڪَڪ پٽيءَ ۾ ’نون گهُڻي‘ جي ڪڪ پٽِيءَ کي به شامل ڪيو وڃي.
- صورتخطيءَ ۾ ’نون گهُڻي‘ ۽ ’نون وينجن‘ ۾ فرق رکڻ لاءِ ’نون گهُڻي‘ مٿان ننڍڙي گولڙي (اوائلي جزم جي نشانيءَ جھڙي) ڪم آندي وڃي، جيئن: شِينْھُنْ(جوکيو، 2015: 22- 31)
- ’مختفي ه‘ نسبت، بصري لفظ ’به‘ کي به، ڪنھن سبق ۾ شامل ڪيو وڃي.
- اختياريءَ وارن کي گذارش ته اعراب جي درستيءَ لاءِ ’پد جي حد‘ تي ورڪشاپ ڪرايو وڃي، جنھن ۾ درسي ڪتابن جا ليکڪ، ايڊيٽر ۽ صوبائي جائزه ڪاميٽيءَ جا ميمبر شامل هجن.
حوالا/ ذريعا
- الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2005)- سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
- تعليم کاتو، اولھه پاڪستان (اپريل 1970) سنڌي پـﻫـريون ڪتاب. جوڙيندڙ: محمد ابراهيم جويو. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
- تعليم کاتو، سنڌ سرڪار (نومبر- 1956) سنڌي پـﻫـريون ڪتاب. ڪراچي- سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ.
- جوکيو، الطاف (2011) سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾آخري ۽ ماقبل آخري وينجن جي سُر جي اهميت ۽ آخري وينجن جي ساڪن هجڻ جو تصور. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل.ايڊيٽر: تاج جويو. ج (4)، ش (2)، ص: 42- 95. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
- جوکيو، الطاف حسين (2008) سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن جي حقيقت. ايڊيٽر: ڊاڪٽر فھميده حسين. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل. ج (1)، ش (1)، ص: 72- 92. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
- جوکيو، الطاف حسين (2014) نون وينجن ساڪن (قريب مخرج- آوازن ۽ جمع جي گرداني صورت سبب) جو معاملو. ڪارونجهر تحقيقي جرنل، ايڊيٽر: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو. ج (6)، ش (10)، ص: 66- 80. ڪراچي: وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، عبدالحق ڪيمپس.
- جوکيو، الطاف حسين (2015) سنڌي ٻوليءَ ۾ حرف اضافت بدران ڪم ايندڙ ’سُر اضافت‘ جو اڀياس. ڪلاچي تحقيقي جرنل. ايڊيٽر: پروفيسر سليم ميمڻ. ج (18)، ش: (1)، ص: 81- 102. ڪراچي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
- جوکيو، الطاف حسين (2015) سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ نون گهُڻي جو مونجهارو. ٽماهي مھراڻ. ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ. ج (65)، نمبر 2 ۽ 3، 2015. ص: 22- 31. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
- جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2016) عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
- جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2018 الف) عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
- جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2018 ب) گڏيل ٻٽي آواز ۾ ساڪن آواز جي ميلاپ جو معاملو. ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر: پروفيسر محمد سليم ميمڻ. ج (21)، ش: (2)، ص: 51- 62. ڪراچي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
- جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999) انگريزن جي دؤر ۾ عربي- سنڌي لکاوٽ. ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ٽماهي مـﻫـراڻ. ج: 49 (4). ص: 89- 128. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
- جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (2000) سنڌي ڌوني وگيان. دهلي: اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه.
- سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ (2024ع) سنڌي ٻاراڻو ڪتاب- پھرئين ڪِلاس لاءِ- ڇاپو: پھريون. ڇپيندڙ: پيرامائونٽ پرنٽنگ پريس، ڪراچي.