حمل فقير لغاريءَ جي سنڌي ۽ سرائيڪي شاعريءَ جو مطالعو
(Study of Hamal Faqeer Laghari’s Sindhi & Siraeki Poetry)
ڊاڪٽر فياض لطيف
Hamal Faqeer is not only a well-known Sufi poet of Sindhi as well as siraeki languages but he is esteemed for his simple diction, deep spiritual feelings, and missive of love and humanity. His poetry reflects strong devotion to God and love for the spiritual guide. He expressed his inner emotions in the language of common people that’s why he is known the poet of people. His poetry has a musical rhythm, often sung in Sufi jamborees. He used local cultural symbols and examples from daily life in his poetry, so his poetry became popular among masses. The core Themes of his Poetry are Love, life and longing.
Hamal Faqeer focused his all attentions on divine love. Like many other Sufi poets of Sindh, such as Shah, Sachal and Sami, he believed that the only spiritual guide shows the right path and self-Purification in life. His poetry promotes peace, brotherhood, and equality among all people without any cult and conflict of religion, colour, and cast.
In Sindhi poetry, he not only owns all the Sufi tradition of Sindh, but preserves all indigenous treasure in his poetry. In Siraiki poetry, he possessed strong emotion, spiritual longing and poetic softness. Both languages assisted him spread his message across the borders.
Hamal Faqeer’s poetry is imperative because, it keeps the tradition of Sufi melody that made his poetry imperative and alive. Hamal’s Sindhi and Siraiki poetry imparts love, faith, humility, and unity. His humble yet powerful words continue to inspire not only people of his home land and Pakistan but all over the world. His poetry is alive and remained relevant today because it presents not only incarnate colours of life but life itself seems breathing in his poetry.
Keywords: Hamal Faqeer, Sufi poetry, Siraeki language, Siraeki Poetry.
شاعري ڪنهن به قوم جي تهذيب، تمدن، تاريخ، مزاج، فڪري شعور ۽ ثقافت جو نه رڳو سگهارو حوالو هوندي آهي، پر اُها ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ جي ترقي ۽ بقا جي ضامن به هوندي آهي. اُهو ئي سبب آهي، جو دنيا ۾ جڏهن به غاصبن، جابرن ۽ استحصالين ڪنهن قوم جي ڌرتيءَ تي قابض ٿيڻ چاهيو آهي، تڏهن اُنهن ملڪي سرحدن تي قبضي سان گڏوگڏ ان قوم جي ٻولي، تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ ادبي اثاثي کي پڻ پنهنجي قبضي ۽ ضبط هيٺ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. ڇو ته رڳو ڌَنُ ۽ پئسا ئي دولت نه هوندا آهن، پر قومن جا اصل اثاثا، انهن جون تهذيبون، ثقافتون ۽ ٻوليون پڻ هونديون آهن. جيڪڏهن مال، ملڪيت ۽ دولت لُٽجي ۽ ڦرجي به وڃي، ته اها وري به ورائي ۽ ڪمائي سگهجي ٿي، پر لُٽيل ۽ ڦُريل قومي اَثاثا ٻيهر موٽائي ۽ حاصل ڪري نه ٿا سگهجن. انهيءَ ڪري ئي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب کي قومن جي شناخت جو حقيقي حوالو ۽ اَملهه اثاثو تصور ڪيو ويندو آهي.
”اسان جي سنڌي ٻولي به، هر دور ۾ ڌارين هَلاڪن، (۽ چنگيزن) جي هٿن ۾ چيٿاڙبي ۽ چيڀاٽبي رهي آهي، پر ان جا شاعر، هر دور ۾ اُن جي سونهن ۽ وجود کي بچائيندا آيا آهن. مُغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾، شاهه لطيف، سرڪار ۽ درٻار جي زبان فارسيءَ کي ٿُڏي، سنڌي ڳوٺاڻن جي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي بچائي ورتو. ميرن ۽ انگريزن جي دور ۾ سچل سرمست، خليفي نبي بخش، حمل فقير ۽ ٻين عوامي شاعرن جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو سَتُ ۽ سيل قائم رکيو“. (1)
ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جي سَرواڻن قاضي قادن، شاهه ڪريم، خواجه محمد زمان، لطف الله قادري، ميين شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ ۾، جيڪي بي بها فني ۽ فڪري روايتون مِلن ٿيون، اُهي ايتريون ته ڪامل، جليل القدر ۽ حيات بخش آهن، جو صديون گذرڻ باوجود انهن جي جامعيت ۽ جِدت قائم ۽ دائم آهي. اُها جِهيڻي ۽ جَهڪي ٿيڻ بجاءِ ٻِيڻي ۽ ٻَهوڻي ٿي آهي. اُن جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته، انهن جون پاڙون نه فقط ڌرتيءَ جي پاتال ۾ پيوَست آهن، پر انهن روايتن جورنگ ۽ روح پنهنجي ڏيهه واسين جي جيوت ۽ جياپي سان سلهاڙيل آهي ۽ اُهي سندن زندگيءَ جون ترجمان آهن.
حمل فقير لغاري به ڄاڻايل روايتن جو، نه صرف امين شاعر آهي، پر هُن پڻ پنهنجن پيشروئن وانگر پنهنجي شاعريءَ جو خمير پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي مُرڪن ۽ لُڙڪن مان ڳوهيو آهي، انهيءَ ڪري هُن جي شاعريءَ ۾ مِٽيءَ جي مَهڪ، فطرت جا مظهر، محبوبن جا ماڻا، عاشقن جا اوسيئڙا ۽ آزيون نيازيون به آهن ته، پرينءَ جا رَنج ۽ رُساما، ۽ وَصل جون راحتون ۽ چاهتون به آهن. سچ ته هُن جي شاعري سگهاري تخليقي تصور ۽ تخيل سان گڏوگڏ جيئرن جاڳندن انسانن جي جذبن، احساسن ۽ عوامي امنگن جي زندهه تصوير آهي، جنهن ۾ انيڪ فطري رنگ، سهسين فڪري رعنايون ۽ احساساتي نُدرتون آهن.
آيا ڙي آيا! مُحب منهنجا سُپرين،
سوال هِن سِڪايل جا، کڻي آگي اَگهايا،
اُهي نيڻنِ نارَ ٺَري پيا، جي ڏُکن ڏُکايا،
مولے مِلايا، حمل! هاڻ حَبيبَ مون.
(ڪُلياتِ حمل، 1953ع، ص180)
حمل جي پيدائش، پروَرش ۽ تعليم
”حمل خان جا وڏا، سيرڪاڻي لغاري، ٽالپرن جي حڪومت جي اَوائل ۾، ديري غازي خان مان لَڏي اچي خيرپور رياست ۾ ويٺا ۽ اُتي پنهنجو هڪ ڳوٺ، ’مير خان لغاري‘ نالي ٻَڌائون. جتي حمل تقريباَ 1225 هه، 1809ع ڌاري محمد رحيم لغاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو“ (2).
معاشي طور سندس تعلق مسڪين ۽ پورهيت گهراڻي سان هو، جنهن جو گذر سفر گهڻو ڪري ’آڻين ۽ چاڙهين، ڏُٿ ڏيهاڙي‘ جي مصداق هو. انهيءَ ڪري پنهنجي دور جي سخي مرد ۽ سبزل ڪوٽ جي نواب ميان سعيد خان، ننڍپڻ ۾ ئي حمل کي اَپنائي، نه رڳو پاڻ وٽ رَهايو، پر اولاد وانگر سندس تعليم ۽ تربيت جو انتظام پڻ ڪيو. حمل ننڍپڻ کان ئي سُلڇڻي سُڀاءُ وارو ۽ محنتي ٻار هو، اُن ڪري وقت جي رواج موجب، نه صرف ديني حوالي سان عربي ۾ درس پِرايائين، پر سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ پڻ سُٺي تعليم حاصل ڪيائين.
اُن سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’ڪُلياتِ حمل‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو:
”حمل هڪ ذهين، سنجيدو ۽ صُلح پسند شخص هو. هو طبعاَ رَلڻو مِلڻو ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو. حاضر جوابي، خوش طبعي، ۽ نڪته سنجي سندس طبع جا فطري جُزا هئا. سنڌ ۾ گهڻو گُهميو هو ۽ اڪثر خاندانن ۽ عوام سان سندس ڪافي ڏِيٺ وِيٺ هئي. پنهنجي انهيءَ سير ۽ سفر مان گهڻو ڪجهه پِرايائين ۽ پَروڙيائين...فارسي شعر جي مطالعي جو به کيس چڱو خاصو ذوق هو، پنهنجي بياض ۾ چَپي چَپي، جيڪي فارسي اِشعار مُنتخب ڪري لِکيا اَٿس، تن مان سندس فارسي شعر جي ڄاڻ ۽ مطالعي جو قدري اندازو لڳائي سگهجي ٿو“(3).
حمل فقير کي توڙي جو فارسيءَ تي سُٺي دسترس حاصل هئي، پر پوءِ به هُن پنهنجي قومي زبان کي اهميت ڏني، ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ اوپرن ۽ ڌارين لفظن جي واهپي بدران پنهنجي ڌرتيءَ جي سنڌي ٻوليءَ جا سليس ۽ سَرل لفظ استعمال ڪرڻ سان گڏ، پنهنجي اَمڙ جي سرائيڪي زبان کي پڻ پنهنجي شاعريءَ جي اظهار جو ذريعو بڻايو.
پکين وانگر حمل جي وڏڙن ۾ به لڏپلاڻ جي هيرَ پيل هئي، سو ملتان کان خيرپور مِيرس ۽ اُتان وري داڻي پاڻيءَ جي تلاش ۾ سڪرنڊ ڏانهن سفر جو سانباهو ڪيائون. نواب سعيد خان جي نينگر ميان مير خان کي ميرن پاران تعلقي سڪرنڊ ۾ جاگير ملي، جنهن ڪري هُن خيرپور مِيرس کي الوداع ڪري، اچي اُتي رهائش اختيار ڪئي ۽ حمل فقير جي ڪُٽنب کي به لَڏائي اچي، حمل جي جنم ڀومي واري ساڳي نالي ’مير خان لغاري‘ ڳوٺ لڳ آباد هڪ وستي ’محمود خان لغاري‘ ۾ رَهايائين. جتي حمل پنهنجو هڪ مدرسو قائم ڪري، نوابن جي ٻارن سان گڏ پَسگردائيءَ جي ڳوٺن جي طالبِ عِلمن کي ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ۽ سندن درس ۽ تدريس جو اُهو سلسلو ساري حياتي جاري ۽ ساري رهيو. حمل پنهنجي وقت جو، نه رڳو اعليٰ پايي جو شاعر هو، پر هڪ بهترين مُدرس ۽ گهڻ ڄاڻو استاد هو، جنهن درس ۽ تدريس جو ڪم ڪنهن وڏي بلڊنگ ۾ نه، پر هڪ ڪَنڊيءَ جي وڻ هيٺان شروع ڪيو، جيڪا اڄ به اُتي موجود آهي. چيو وڃي ٿو ته سندس پاڙهڻ جو انداز ايترو سليس، سُپڪ، اثرائتو ۽ پيار وارو هو، جو نه فقط اوڙي پاڙي ۽ پسگردائيءَ جي ڳوٺن جا ٻار وٽس اچي درس پِرائيندا هئا، پر ڏورانهن علائقن مان شاگرد ڪَهي اچي کائنس عِلمَ جو فيض حاصل ڪندا هئا. رئيس مير خان لغاريءَ جو فرزند بختيار خان لغاري، جيڪو حمل فقير جو شاگرد هو، سو سندس وڏو مداح ۽ قدردان هو. اُن هميشه نه صرف پنهنجي استاد جي وڏي تعظيم ۽ معاشي سهائتا ڪئي، پر سندس مدرسي جي پڻ هر طرح پَرگهور ۽ واهر ڪئي. جنهن ڪري حمل فقير جي هيءَ درس گاهه، نه فقط فقير جي حياتي تائين وَسيل ۽ آباد رهي، پر اُن کان پوءِ به قاضي الهداد عباسي ۽ ٻين ڪيترن مُعلمن حمل جي ٻاريل انهيءَ علمي شمع کي روشن رکيو.
حمل فقير گوشانشين ۽ ڪُنڊ وَسائي ويهڻ وارو ماڻهو نه هو، پر متحرڪ، عملي ۽ سيلاني انسان هو. جنهن ڪري هُن جي سڃاڻ، نه رڳو سنڌ جي پَٽن، پَڊن، پَهاڙن، وَسندين، واهڻن ۽ ويرانن سان هئي، پر سندس شناسائي هڪ ئي وقت سنڌ جي ڪيترين ئي معروف شخصيتن توڙي غيرمعروف عاشقن ۽ عُشاقن سان به هئي. سَبزل ڪوٽ جي نوابن کان سواءِ حمل جي مِير صاحبن، خاص ڪري مِير علي مراد خان ٽالپور سان به چڱي نيازمندي هئي. جنهن سندس صلاحيت، قابليت ۽ فقيري سُڀاءُ کي ڏِسي، اعزازيي طور پهريان ’روزينو‘ يعني روزاني بنياد تي روپين جي ادائگي ۽ پوءِ ’ڇهه ماهي‘ مقرر ڪئي، جيڪا مستقل پينشن طور کيس گهر ويٺي ملندي هئي.
حمل فقير جا لاڳاپا جن الله لوڪ ماڻهن، حاڪمن ۽ قلمڪارن سان رهيا، انهن ۾ ڪِنگريءَ جا پير پاڳارا ۽ لواريءَ جا لال سَرفهرست آهن. پيري مريديءَ جي لحاظ کان خواجه محمد حَسن نقشبندي لواريءَ واري جو مُريد ۽ مُعتقد هو. جنهن جي ثَنا ۾ چيل ڪيترائي شعر سندس ڪُليات ۾ موجود آهن. ڪنهن زرخيز زمين وانگر پيدائشي طرح حمل جو اندر ته سرسبز ۽ سائو هو، پر تعليم، تربيت، ماحول، حالتن، مشاهدي ۽ تجربن ويتر اُن ۾ رنگ نِکاريا ۽ حمل تخليقي ۽ فڪري طرح پنهنجي وقت جو نِشانبر ۽ ناموَر شاعر ٿي اُڀريو. جنهن جي شاعريءَ جي هُڳاءَ، نه فقط پنهنجي دور جي ماڻهن جون دليون موهيون، پر اڄ به هُن جي شعر ۾ اُها شيرني ۽ تازگي آهي، جو سندس ٻول ٻُڌڻ سان ماڻهوءَ جو من پاڻمرادو واڙيءَ ڦُل وانگر ٻَهڪي ۽ مَهڪي پوي ٿو.
حمل فقير جو ادب ۽ شاعريءَ ڏانهن لاڙو
”حمل ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ سليم الطبع ڇوڪرو هو. تعليم ويتر سندس ذهن ۽ ذڪاوت کي کوليو ۽ فارسي (سنڌي، اردو، سرائيڪي، هندي ۽ عربي) شعر سان روشناس ڪرايو. ٻئي طرف شاعريءَ جي ڏات خود حمل جي گهر ۾ موجود هئي. سندس والد رحيم خان هڪ نڪته سنج ۽ خوش طبع شخص هو ۽ گاهي بَگاهي پنهنجن اَنوکن خيالن کي سنڌي شعر ۾ نهايت دلچسپ نموني ۾ ادا ڪندو هو.“(4) انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته، شاعريءَ جو ذوق کيس والد کان وِرثي ۾ مِليو. فطري طور ڏات وٽس موجود هئي ۽ ڏانءُ هُن پنهنجي مطالعي، مشاهدي، تجربي ۽ استادن جي رهبريءَ مان پُرجهيو ۽ پِرايو. نتيجي طور اڳتي هلي هو سنڌ جو اهڙو مقبول ۽ عوامي شاعر ٿي اُڀريو، جنهن جي شاعريءَ جو پڙاڏو، نه صرف سنڌ جي واهڻ ۽ وستين ۾ گونجڻ لڳو، پر محفلن ۽ مَڪتبن ۾ به سندس شعر جي سارَ پَچار جا ذڪرَ فڪرَ ٿيڻ لڳا.
حمل ابتدا ۾ تفريحي ۽ مزاحيه قِسم جو شعر لکيو. سندس موقعي جي مناسبت سان لِکيل ۽ ظرافت جي نَمڪينيءَ سان ڀرپور اُنهيءَ شاعريءَ ۾ هڪ طرف سندس صاف گوئي، بي باڪي ۽ کرائيءَ جي خبر پوي ٿي، ته ٻي طرف اُن ۾ سماج جي ڪيترن پهلوئن ۽ پاسن تي علامتي طرح طنز ۽ تنقيد جو احساس پڻ ملي ٿو. اڳتي هَلي هُن پنهنجي شاعريءَ ۾، نه صرف رومانوي روح ڀريو، پر اُن ۾ سماجي مسئلن ۽ صوفياڻي رَمزن جي اهڙي اثرائتي نموني اُپٽار ڪئي، جو ڪيترن ئي همعصر توڙي پوءِ جي ٽهيءَ جي شاعرن، نه رڳو سندس اسلوب، انداز ۽ اظهار کي وڏي پاٻوهه سان اَپنايو، پر سندس خيال، فڪر ۽ تخيلي اُڏام جو به تتبع ڪيو.
حمل فقير کي في البديه يعني ٺهه پَهه ۽ اُتي جو اُتي، موقعي جي مناسبت سان شعر جوڙڻ ۽ چوڻ تي به وڏي مَهارت ۽ دسترس حاصل هئي. ٻيا شاعر مَحفلن ۽ مُشاعرن ۾ جتي لِکيل شعر پيش ڪندا هئا، اُتي حمل مِليل طرح تي اهڙا ڪمال جا في البديه شعر جوڙي، حاضرين، ناظرين ۽ سامعين اڳيان پيش ڪندو هو، جو اُهي ٻُڌي، نه فقط حيران ۽ پريشان ٿيندا هئا، پر کيس خوب دل گُهريو دادا به ڏيندا هئا. اُن ڳالهه مان واضح ٿئي ٿو ته، حمل فقير جي شاعراڻي ۽ تخليقي دنيا، نه فقط گوناگون ۽ وِشال هئي، پر هو احساساتي طرح به ڏاتار ۽ تخليقي شاعر هو. اُهو ئي سسب آهي، جو هِن وقت سنڌ ۾ سندس ڪلام، نه رڳو ڪيترن ئي ماڻهن کي بَرزبان ياد آهي، پر انيڪ فنڪار آهن، جيڪي هُن جي ڪلام کي مِيلن ۽ مَجلسن ۾ ڳائي، ماڻهن جا روح رِيجهائن ۽ دليون گَرمائين ٿا. حمل فقير اُنهن خوشنصيب شاعرن منجهان آهي، جنهن جي شاعريءَ کي، نه صرف بيشمار راڳين ڳايو ۽ پارکن پُرجهيو آهي، پر سندس شاعري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪورس طور پڻ پڙهائي وڃي ٿي، ۽ سماج ۾ اُهڙي مڃتا هڪ سِرجڻهار لاءِ معراج سمان هوندي آهي.
حمل فقير، جنهن دور ۾ پيدا ٿيو، اُهو عِلمَ، ادب، خاص ڪري شاعريءَ جي قدرداني ۽ وُقعت جو دور هو، توڙي جو مِيرن جي دور ۾، سنڌ سياسي ۽ معاشي طرح ايتري مَضبوط ۽ مُستحڪم نه هئي، پر سندن طبيعت باذوق هئڻ ڪري، ان دور ۾ آرٽ ۽ ادب چڱو اُسريو ۽ اُڀريو ۽ هنن اُن جي ڀرپور سهائتا ۽ سَرپرستي ڪئي. انهيءَ ڪري، نه فقط خيرپور رياست ۾ مُشاعرن جون محفلون عروج تي رهيون، پر پوري سنڌ ۾ ادب ۽ شاعري وڏي پذيرائي حاصل ڪئي ۽ حمل انهيءَ شاعراڻي ماحول ۾ پَليو، نِپنو ۽ وڏو ٿيو، تنهن ڪري شاعري هُن جي تربيت ۽ تعليم جو حصو رهڻ سان گڏوگڏ، هُن جي روح جي راحت ۽ اڪيلائيءَ جو ڏَڍُ ۽ آٿت رهي.
حمل جو شاعريءَ ۾ باضابطه طور، ڪو استاد هجڻ لاءِ ڪا مُستند گواهي ته ڪونه ٿي مِلي، سواءِ اُن جي ته سندس والد به شاعر هو، جنهن شايد کيس شاعريءَ جي سِکيا ڏني هجي، جنهن لاءِ به ڪا ٺوس گواهي موجود هجڻ بدران فقط قِياس آرائيون مِلن ٿيون، پر حمل جي شاعريءَ جي گهري مطالعي مان سُڌ پوي ٿي ته، هُن جي شاعريءَ تي ٻين ڪيترن شاعرن جي اثر سان گڏوگڏ پنهنجن ٻن همعصر سِرجڻهارن مولوي لُطف علي، جيڪو بهاولپور رياست جو رهائشي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ جو شاندار شاعر هو ۽ سنڌ ڄائي، سنڌي ۽ سرائيڪي جي سگهاري شاعر خليفي نبي بخش لغاريءَ جي فن ۽ فڪر جا چِٽا اثر آهن. اُنهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته، ”اُهي ٻه بزرگ (شاعر) ڪنهن حد تائين حمل جا ڄڻ حقيقي استاد هئا“ (5).
حمل سرائيڪي زبان جي قادرالڪلام ۽ مايه ناز شاعر مولوي لطف علي کان تمام گهڻو مَرغوب ۽ مُتاثر نظر اچي ٿو. لُطف علي سرائيڪي وَسيب جي بهاولپور رياست جو معروف ڪوي ۽ حمل فقير جو همعصر هو. هُن جي وجهه شُهرت لوڪ داستان ’سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال‘ جي قصي کي سحرانگيز انداز ۾ منظوم ڪرڻ ته آهي ئي، پر سرائيڪي زبان ۾ هُن جنهن انوکي احساس ۽ نرالي نوع ۾ ٻِٽا ڏوهيڙا/ چار تُڪا بيت سِرجيا آهن، اُهي سچ ته کيس نه رڳو سرائيڪي زبان جو نرالو شاعر ثابت ڪن ٿا، پر هڪ تخليقي ۽ باڪمال آرٽسٽ هجڻ جي گواهي پڻ پيش ڪن ٿا. حمل فقير ڪيترن ئي حوالن کان لُطف علي کان، نه صرف اُتساهه حاصل ڪيو آهي، پر هُن جي شاعراڻي تخيل جا گِهرا اثر پڻ قبول ڪيا آهن. هيٺ نموني طور سندس شاعريءَ مان هڪ، ٻه مثال پيش ڪجن ٿا. لُطف علي، محبوب جي حُسن ۽ جمال جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ هِن ريت ڪري ٿو:
نَين سياهه سَربجن دي هِن، سهجئون مَست مدام ڏُوهين،
مِينت، مِرگهت، ڇوڙ بَحر بَر، چَمن تِيڏي اقدام ڏُوهين،
دارا تِـين سُلطان سِڪندر، دَرِ دِي خاص غُلام ڏُوهين.
(ڪُلياتِ حمل، 1953ع،ص23)
ساڳي خيال ۽ جمال کي حمل، پنهنجن سِٽن ۾ هِن طرح اوري ۽ اظهاري ٿو:
ناز ڀريي دِي نَين سدائين، مِي بِن هِن مَستان ڏُوهين،
جادو، جلوه دار جنگاور، سَرڪش هِن سُلطان ڏُوهين،
’نادر‘ تِين ’بهرام‘ بهادر، دَرِ دِي هِن دَربان ڏُوهين.
(ڪُلياتِ حمل، 1953ع، ص23)
پنهنجي هڪ ٻي بيت ۾ لُطف علي پنهنجي مَجازي محبوب جي اَدائن جي، نه صرف تعريف ڪري ٿو، پر سِٽن ۾ اندروني قافين جو اهڙو مُترنم جهان جوڙي ٿو، جو ائين ٿو لڳي، ڄڻ لفظ ڪنهن لهر جي بَتيلي تي تَرندا ۽ رقص ڪندا هجن.
مِيرا دِلدار، مُوهن مَنٺار، يگانه يار، نهين بيمار،
سدا سڀمار، ڪري بادشاهيان.
اکين پُر رنگ، دَروني دَنگ، ڪُهن اَڙٻنگ،
ڪَرن نِت جنگ، سدا سِر سنگ، گهتَن سِر واهيان،
لُطف دِي ڳل، زُلف دِي وَل، پووَن پَل پَل،
نه رهيئي ڪَل، سڄڻ اَڻ ٽل، ڇُريان ڀرواهيان.
(ڪُلياتِ حمل، 1953ع، ص25)
حمل فقير، لُطف علي جي مٿين شعر جو تتبع هِن طرح ڪيو آهي:
مِيرا دِلدار، مِٺا منٺار، آوي غمخوار،
سَٽان ڪم ڪار، وِيکان مُک يار دا.
وِکالي ڇَم، جَڏان جنهن دَم، وَڃن سڀ غم،
جي کولي خَم، زُلف دِي تار دا.
اکين پرنُور، سدا مَخمُور، گَهتينديان گهور،
ڪَرن دُک دُور، بِرهه بيمار دا.
(ڪُلياتِ حمل، 1953ع، ص25)
سرائيڪي شاعريءَ ۾ لُطف عليءَ کان سواءِ حمل فقير، جنهن ٻي سُخنوَر ۽ صاحبِ ڪلام شاعر کان گهڻو مَرغوب ڀاسجي ٿو، اُهو خليفو نبي بّخش لغاري آهي. هي ٻئي بزرگ ۽ باڪمال شاعر جهڙوڪر حمل جا، شاعراڻي رَند ۽ پنڌ ۾ حقيقي سونهَان آهن. خليفو نبي بخش، حمل فقير جو، نه فقط ذات ڀائي ۽ لغاري قبيلي جي ساڳي نُک ’سيرڪاڻي‘ مان هو، پر مِٽي مائٽي جي لحاظ کان به سندس عزيز ۽ مائٽ هو. ازنسواءِ فڪري حوالي سان سندس جهڙوڪر رهبر ۽ راهرو به هو.
نبي بخش لغاري، پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو خليفو ۽ سرائيڪي سان گڏ سنڌي زبان جو لاثاني شاعر هو. خليفي نبي بخش جي سرائيڪي شاعري مجموعي طرح حسين ۽ بيحد متاثر ڪندڙ آهي، پر هُن مشهور لوڪ داستان
’سَسئي پُنهون‘ ۾ جهڙيءَ ريت پنهنجي اظهار جا تخليقي جوهر ڏيکاريا آهن، اُهي پَسي ۽ پُرجهي، کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. سرائيڪيءَ ۾ اُن لوڪ قصي تي ٻين شاعرن به تخليقي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر خليفي سچ پچ اُن داستان کي اهڙو احساساتي ۽ ڪيفيتي عروج بخشيو آهي، جو اُن کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهوءَ کي سسئيءَ جا پنهونءَ لاءِ ڪيل پنڌ ۽ ان خاطر ڀوڳيل ڀوڳنائون پنهنجون محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون ۽ هڪ لمحي لاءِ انسان پاڻ کي سَسئيءَ سان روحاني طور اُنهن پهاڙي پنڌن ۾ رولاڪيون ڪندي ۽ پنهنجو پاڻ کي تلاش ڪندي محسوس ڪري ٿو.
حمل پڻ پنهنجي محبوب شاعر خليفي نبي بخش جي پوئواري ڪندي، سرائيڪيءَ ۾ سَسئيءَ تي چار بيت لِکيا آهن، جڏهن ته هُن سنڌيءَ ۾، ’سُر سَسئي پُنهون‘ تي تفصيلي ۽ چڱي بَرجستائي سان لِکيو آهي، جيڪو ٻن فصلن تي مُحيط آهي. جنهن ۾ 44 بيت ۽ 4 ڪافيون آهن، مَزي جي ڳالهه اُها آهي ته، اُنهن بيتن ۽ ڪافين تي خليفي جي اثر بدران شاهه لطيف جي فڪر ۽ فن جا وڌيڪ ۽ واضح اَثرَ مِلن ٿا.
البته خليفي نبي بخش جي لِکيل، ’هير رانجهي‘ جي منظوم داستان جو اثر حمل جي سِرجيل ’هير رانجهي‘ تي نمايان نظر اچي ٿو. جنهن کي حمل جي ڪُليات ۾ چڱيءَ ريت پڙهي ۽ پرکي سگهجي ٿو. اُن کان سواءِ حمل جي مَجازي ۽ رومانوي شاعريءَ تي به خليفي جي شاعريءَ جا انيڪ اثر جهلڪندا مِلن ٿا. جن مان نموني طور ’ڪَڻي مان خَرار پرکڻ مُترادف‘ هڪ مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو، خليفي جو هيءُ شعر مُلاحظه ڪريو:
”محبوب ڏٺو سي خوب، دليين تي دَام گهتي دُردانا: يار يَگانا،
ڇُٽڪيا شوق شڪار شتابي، چَا ترڪش تير ڪمانا: ڪَر بَهانا،
مَن اَساڏا محبت دِي وِچ، مَحو ڪِيتس مَردانا: هي شُڪرانا،
دوست دلييندا، تنهن در آوي، جنهن تي راز رَبانا: بي بيانا،
ڳَل ’قاسم‘ دِي آڻِ گهتيوني، ڳُنڌ زُلف دا ڳانا: دَست نشانا“.
(ڪُليات حمل، 1953ع، ص32)
حمل جي هيٺين سِٽن ۾، انسان جي داخلي ۽ رومانوي ڪيفيتن جي جيئري جاڳندي تصوير کان سواءِ، ساڳي خليفي نبي بخش واري رومانوي ۽ جمالياتي رنگيني پڻ جهلڪي ٿي. ساڳي ئي ٻوليءَ جي ڪماليت، لهجي جو مِٺاس، تاثر جي تازگي ۽ خيال جي حُسناڪي نظر اچي ٿي. انهن ٻنهي شعرن ۾ محبوب ۽ دلبر جي عاشقن سان جور ۽ جفا جو، نه رڳو ساڳيو مذڪور ملي ٿو، پر ساڳي لهرن جهڙي رڌم ۽ ٻِٽن قافين جي موهيندڙ مماثلت ۽ يڪتائي به محسوس ٿئي ٿي.
دلبر يار دِلاسي ڏي ڏي، ڪِيتُئي مَن مَستانا: دوست ديوانا،
رات ڏينهان آرام نهين، جِيُون ٻاجهه شَمع پَروانا: ڦِري حيرانا،
تَيڏي دوست! دِلاسي ٻاجهون، مُلڪ ڏِٺُم وِيرانا: سخت زمانا،
نالِ اَسا ڏي پال اُهو، جو ڪِيتُئي سُخن سَچانا: ڇوڙ بَهانا،
اِين تيڏي بيپرواهي دا، زَن مَرد مَريندي طَعنا: لوڪ بيگانا،
حمل دِي ڪا حُج نهين، ڪِيا ڪُجهه ٻولي ٻانها: تون درجانا.
(ڪُليات حمل، 1953ع، ص281)
حمل فقير نه فقط پنهنجن پيشرو ۽ همعصر شاعرن کان متاثر رهيو آهي، پر هُن پنهنجي دور توڙي پوءِ جي دور جي انيڪ شاعرن تي گِهرا اثر پڻ ڇڏيا آهن. حمل پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي محبوب جي سياهه زلفن کي سُتل ڪاري نانگن سان ڀيٽ ڏيندي چوي ٿو ته، اُهي پرينءَ جا وڏا گهاٽا ڪارا وار، ڪاريهر نانگ وانگي ڇَپِ هڻي، ايئن سُتل ڪونه آهن، پر اُهي عاشق جي تاڙ ۾ آهن ته، جيئن اُن کي سولائيءَ سان شڪار ڪري سگهن. نانگ جي ڏنگيل تي مَنتر ۽ ٽوڻا ڦيڻا ته اثر ڪري سگهن ٿا، پر ڳُتيل ۽ ڪارن وارن جي واسينگن جي کاڌل جو علاج محال آهي.
زلف دراز ميڏي دلبر دي، نانگ سَيهَه هِن سُتي،
کاوَڻ ڪِيتي پَئي ڇَهه مارِي، پيچ گهَتِي مُنهن اُتي،
هڪ کاڌي، ٻي وَل وَل کَاڄن، مَنڊر پڙهڻ جي مُتي،
شابس حمل! آکِ تِنهان، هٿ پاءِ جِنهِان ٻَهه ڳُتي.
(ڪُليات حمل، 1953ع، ص36)
ساڳيءَ ريت محبوب جي سياهه ۽ سُھڻن وارن کي زهريلي وسيھر نانگ سان ڀيٽ ڏيندي، حمل جي ڄاڻايل خيال کي سندس هڪ همعصر شاعر عرضي فقير هِن ريت بيان ڪري ٿو:
زُلف سَياهه سڄڻ دي سُهڻي، جون آکِيان بشيهر ٻُوٽي،
دَم دَم دَور حُسن ڪُون ڳُوڙهي، ڪيا هُل چِه هَوايان ٽونٽي،
هڪ جو سبب سُهڻي دي سيني وِچ، جون باغان دي وِچ گونٽي،
هر هڪ نازڪ ناز سڄڻ دا، جو ڏِيکان سو ڏونٽي،
اِتلي دام دِلين ڪُون عرضي!، ڪَون هووي جو ڇُوٽي!
(ڪُليات حمل، 1953ع، ص36)
حمل فقير جو هڪ ٻيو همعصر ڪوي نور محمد، حمل جي مٿين شعر جو تتبع ڪندي، پنهنجي سڄڻ جي سياهه ۽ سهڻن وارن جو تذڪرو ۽ تعريف هِن انداز سان ڪري ٿو:
زُلف سَياهه سڄڻ دي سُهڻي، پيچ پَشِيهَر پاوَن: نِينهن نڀاوَن!
ميل هٿين ڪر کيل تِنهان وِچ، تيل ڦُليل لَڳاوَن: مُشڪ مِلاوَن!
شان ڪَنون ڏي شان شمع، رُخ ڪانَ ڪَمان لڳاوَن: جوش جَڳاوَن!
ٿِيوَن مار تيار ڏَنگڻ، جنهن وار سينگار تي ڌاوَن: جوڙ ڳُنڌاوَن!
دامُ گهَتن، آرام ڀنن، وَل عاشق آڻ ڦَساوَن: هوش کَساوَن!
تِل گهڙِي وِچ دِل ٻَڌِن، سي رلمل رمز رَلاوَن: کِل اَلاوَن!
نور محمد! نِـي ڪَر جيڪر هِيڪرَ ڪُول ٻِلهاوَن: آپ ڀُلاوَن!
(ڪُليات حمل، 1953ع، ص36)
حمل فقير جي شاعريءَ جو اندازِ بيان، احساس، اظهار، تاثر ۽ لفظي سِٽاءُ اهڙو ته عام فهم ۽ موهيندڙ آهي، جو پڙهيل توڙي اَڻ پڙهيل اُن کي سولائيءَ سان نه رڳو سمجهي سگهي ٿو، پر اُن جي رَسُ ۽ رنگينيءَ مان خوب لطف اندوز به ٿي سگهي ٿو. حمل جي شاعريءَ ۾ ڪمال جي جِدت ۽ سَلاست ته آهي ئي، پر موضوعي وسعت سان گڏ، بي ساخته خيال جي اُڇل ۽ فڪري نُدرت ۽ انفراديت به واهه جي آهي! اُهو ئي سبب آهي، جو هُن جو ڪلام هر مڪتبه فڪر جي ماڻهوءَ کي موهي ۽ وٽس يڪسان مقبوليت رکي ٿو.
حمل جي سرائيڪي شاعري
حمل فقير هڪ ئي وقت، سنڌي، سرائيڪي ۽ هندي/ ريخته ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي. هُن سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾، نه رڳو جهجهي شاعري ڪئي، پر اُها فڪري توڙي احساساتي معيار جي لحاظ کان پڻ هر وجهه حسين ۽ متاثر ڪندڙ آهي۔ سندس سرائيڪي ڪلام جي گونج سنڌ جون سيمائون اُڪري، پنجاب، مُلتان ۽ هندستان تائين پهتي آهي. سرائيڪي هُن جي مادري زبان ۽ سنڌي سندس جنم ۽ پيار ڀوميءَ جي ٻولي آهي، تنهن ڪري ٻنهي ٻولين سان، نه رڳو سندس اٿاهه اُنس ۽ عشق آهي، پر اُنهن تي کيس وڏي دسترس به حاصل آهي. هُن جي ٻنهي ٻولين، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ ڪيل شاعريءَ ۾، ايترو ڪمال جو رَسُ ۽ رنگ آهي، جو اُهو طئي ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿو ته، حمل ڄاڻايل ٻولين مان، ڪهڙي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ روح ۽ راحت جا رنگ اوتيا آهن؟ پر ايترو ضرور چئبو ته، هُن جي سرائيڪي شاعريءَ ۾، ماءُ جي لولي جو ساءُ ۽ مِٺاس آهي، جڏهن ته سنڌي شاعريءَ ۾ محبوب جي ادائن ۽ عاشق جي صدائن جهڙو سوز ۽ گداز محسوس ٿئي ٿو۔ سندس سرائيڪي شاعريءَ ۾ جتي زندگيءَ جا فطري ۽ رومانوي رنگ پنهنجي پوري احساساتي تاثريت ۽ تازگيءَ سان محسوس ٿين ٿا، اُتي توحيد ۽ تصوف جون فڪري رعنايون به هِن انداز سان مِلن ٿيون:
ڪَر ڪُجهه ياد خدا ڪون بندا! ڇوڙ دنيا دا ڪوڙا ڌنڌا،
حرص هوا دا تاڻ نه تندا، نيڪ بدي دا سمجهين سنڌا،
ڪڍ اندر دا ڊوهه دغل، ڪَر گِهن ڪُجهه تون نيڪ عمل،
اِيها عمر نه آسئي وَلِ!
عُمر وڃايئي سڀ اَجائي، ڪائي نه ڪيتئي ڪارِ سَجائي،
حق دا حق نه هڪ بجائي، پڙهين نمازان لوڪ لڄائي،
دل وِچ خطري خيال خَلل، ڪَر گِهن ڪُجهه تون نيڪ عمل،
اِيها عمر نه آسئي وَلِ!
(ڪُليات حمل، 1953ع، ص194)
حمل وٽ نه رڳو ڪمال جي جمالياتي حِس آهي، پر وٽس تخيل ۽ تفڪر جي دنيا به نرالي ۽ نهايت وشال آهي. هو ڪنهن به خيال ۽ احساس کي لفظن ۾ فقط اوري ۽ اظهاري نه ٿو، پر اُن ۾ ڪيفيتن جو روح ڀري، اهڙيءَ ريت پيش ڪري ٿو، جو اُن جو پورو تاثر ۽ تاثير پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ تائين پهچي، اُن کي موهي مطيع ڪري ڇڏي ٿو. هو ٻوليءَ جو شاهه ڪاريگر ۽ وينجهار ته آهي، پر هُن وٽ پنهنجي لوڪ ڏاهپ، سماجي روايتن، تاريخي پسمنظر ۽ ثقافتي سچائين جو ادراڪ ۽ احساس به آهي، جنهن کي هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ انتهائي سليقي ۽ سيبتائيءَ سان هِن ريت سمائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي:
پل پل ياد پياري ديان هِن، مَيڪُون مَست مَقالان،
سوز سَنڀالان.
ڪوٺيان تي چڙهه ڪانگ اُڏيندِي، ڦِر ڦِر پَئيندِي ڦالان،
وَل وَل ڀَالان.
درد اندوهه اندر دي، جي وَت ڪَڍ مَئين ڏُک ڏِکالان،
ڏونگر ڏالان.
حمل! هِمِ اُميد اِيها، جو نال سَڄڻ گڏ جالان،
تين ڏُک ٽالان.
(ڪُليات حمل، 1953ع، ص301)
حمل جي شاعري پڙهندي، ڪٿي به اوپرائپ جو احساس نه ٿو ٿئي، پر پنهنجن ڏٺل وائٺل، ماڻيل ۽ محسوس ڪيل ڪيترين ئي سچائين ۽ سُندرتائن سان ٻيهر ملاقاتي ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو. جنهن ۾ عجيب سُرور ۽ سُڪون سان گڏ، هڪ وڻندڙ درد جي دلبري ۽ پنهنجي دلڪشي آهي، جيڪا ڪڏهن ماڻهوءَ کي حال مان کڻي ماضيءَ جي مزارن تائين رَسائي ٿي، ته ڪڏهن وري ماضيءَ مان مستقبل جي اَڻ ڏٺي ڏَسائن ڏانهن اُڏائي، خيالن جي انوکي مسافت ڪرائي ٿي.
”حمل فقير موضوع جي لحاظ سان موافق ٻولي، صحيح ۽ ٺهڪندڙ محاورا، تشبيهون ۽ استعارا استعمال ڪيا آهن... سندس سرائيڪي ڪلام ۾ سوز گداز، ميٺاج ۽ موسيقيت سمايل آهي. سرائيڪي حمل جي اَباڻي زبان آهي، ۽ سندس ڪلام جو تمام گهڻو حصو انهيءَ ٻوليءَ جي دامن ۾ ملي ٿو....سندس سرائيڪي ڪلام ڪنهن به صورت ۾ قصور جي بُلا شاهه ۽ مِٺڻ ڪوٽ جي غلام فريد کان گهٽ نه آهي.“ (6).
مٿي ذڪر ڪيل نُڪتن، خاص ڪري سندس تُز ٻولي، موزون محاورن، تشبيهن ۽ استعارن جي استعمال جي حوالي سان، سندس هِيٺيون هڪ شعر ئي ڪافي آهي، جيڪو عملي ثبوت طور پيش ڪري سگهجي ٿو. جنهن ۾ سرائيڪي زبان جي ميٺاج، موسيقيت ۽ سِٽن ۾ موجود اندروني قافين جي ڪمال هنرمندي سان ڪيل جوڙجڪ ۽ سڀاويڪ رديف جو سونهندڙ سِٽاءُ، نه رڳو حمل جي شاهه ڪاريگريءَ کي ظاهر ڪري ٿو، پرهُن جي نج نبار ڪوتاڪار ۽ ڏاتار هجڻ جي گواهي به ڏئي ٿو:
”ماهه مِثل محبوب ڏٺو سي، سُهڻا نال سبب دي، ٿوري رب دي،
ٻانهان ٻَڌ ڪَر عرض ڪيتوسي، نال نياز ادب دي، ٿوري رب دي،
تڏ مِهر ڀَريي کَڙ مُرڪ اَلايا، نالي نال عجب دي، ٿوري رب دي،
حمل ڪُون ڀِي حُب وِچون چا، طَلبئي نال طلب دي، ٿوري رب دي“.
(ڪُليات حمل، 1953ع، ص263)
حمل جي سرائيڪي شاعريءَ ۾، تجنيس حرفيءَ جو استعمال به حسين پيرايئي ۾ مِلي ٿو.
لوڪ وِچُون وَڃ جهوڪ، ماهي نال لايُس عشق اَڻانگا،
آڌِيان راتِين نَديان تَردِي، ويکي تار نه تانگها،
نَا ڪوئي گهَٽ نه گهيڙ ڪِٿاهُون، نَا ڪوئي لَڪ نه لانگها،
حمل! هِير هَميشان ويندِي، ساهه سِرون چا سَانگا.
(ڪُليات حمل، 1953ع، ص249)
حمل وٽ شاعراڻو تخليقي وَکر يڪ رنگو نه، پر گهڻ رنگو آهي. هُو جتي پنهنجي شاعريءَ ۾ مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪري ٿو، اُتي اُسلوب ۽ اظهار جي حوالي سان پڻ پنهنجن خيالن کي مختلف پيرايئي ۾ پيش ڪري ٿو. هُن جي شاعريءَ ۾ سُگھڙاڻو انداز به دل لُڀائيندڙ آهي.
دلبر آکيا هڪ ڏهاڙي: ”آءُ ٻَھون گَڏ اوري،“
آکيم: ”گهوري سائين، گهوري.“
”جيِندي ڦير مُلاقي ٿِيوسي، مَن الَه دي ٿوري،“
آکيم: ”گهوري سائين، گهوري!“
”حال حمل! مَعلوم تيڏا هِم، ڪِيا ڪُجهه ڄاڻَنِ پوري؟“
آکيم: ”گهوري سائين، گهوري!“
(ڪُليات حمل، 1953ع، ص304)
اهو ئي سبب آهي جو، ”حمل جي سرائيڪي ڪلام جي سهڻي طرز ڄڻ هر سگهڙ کي شاعريءَ تي آماده ڪيو ۽، نه صرف سنڌ جي شاعرن ۽ سُگهڙن سندس تتبع ڪيو، پر ويندي کاري ۽ لسٻيلي تائين سندس شعر مشهور ٿي ويو“(7). هُن جي شاعريءَ جي مشهوري ۽ عوامي مقبوليت جو هڪ سبب اهو به هو ته، هُن خيال ۽ ڪردارن کان وٺي، ٻوليءَ جي استعمال تائين، نه فقط مقامي انداز پنهنجايو، پر سلاست ۾ ڪمال جي جدت اوتي، پنهنجي شاعريءَ کي ماڻهن جي دلين جو ترجمان بڻائي پيش ڪيو.
حمل جي سنڌي شاعري
ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن ۾، ڏسجي ته عوامي سطح تي، جن شاعرن کي ڀٽائي ۽ سچل سرمست کان پوءِ، تمام گهڻي مقبوليت ۽ پذيرائي ملي، جنهن جو ڪلام، زبان زد عام ٿيڻ سان گڏ، نه رڳو سيني به سيني ماڻهن تائين منتقل ٿيو، پر سندس شاعريءَ کي راڳين جي اڪثريت ڳائي، سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين رَسايو، اهو حمل فقير ئي آهي.
حمل فقير جو شاعريءَ جي سفر ۾، پنڌ ۽ پيچرو ته انفرادي ۽ پنهنجو آهي، پر فڪري، احساساتي ۽ تخليقي طرح اُن تي سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا به ڪيترائي اثر نمايان نظر اچن ٿا. ان سلسلي ۾ نموني طور هڪ ٻه مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا.
لطيف سائين فرمايو آهي ته:
جَڏهان ڪَر ٿِيامِ، ساڃاءِ سُپيرِيَنِ سِين،
تَڏهان ڪَر تِرَ جيترو، ويلَ نه وِسريام،
اَندرِ رُوح رَهيامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.
......
حَقِيقتَ هِنَ حَال جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان ذَرِي،
لڳي ماٺِ مِرُن کي، ڏُونگرَ پوَنِ ڏَرِي،
وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اُوڀڙُ اُڀري ڪِينَڪِي.
(شاهه)
لطيف جي مٿين ٻنهي بيتن جو فڪري ۽ احساساتي روح، حمل پنهنجن هيٺين بيتن ۾ هِن ريت اوتيو ۽ اظهاريو آهي:
جَڏهان ڪر جانِي، مُون کي مُنهن ڏيکاريو،
وَرِي وِسرِي ڪِينڪِي، اُها پرينءَ پيشانِي،
پَسَي هوت ”حمل“ چوي، ٿِي هِينئڙي حَيرانِي،
اِها نقش نِشانِي، رهِي آهي رُوح ۾.
......
”حمل“ پنهنجي حال جِي، ڳالهه ڪري ڪِيهِي!
سُورن مون سان سُپرين! جانب ڪئي جِيهِي،
سارِي ڳالهه سُڻايان، تو کي ڀي تِيهِي،
ته مون سان گڏ وِيهِي، روئين هُوند رَتُ ڦُڙا.
(حمل فقير)
حمل فقير نه رڳو ڪلاسيڪل صنفن بيت ۽ وائين ۾، لوڪ داستانن کي شاهه صاحب وانگر ڳايو آهي، پر لطيف جي سُروار ترتيب جو تتبع به ڪيو آهي. توڙي جو شاهه جي رسالي جي ڀيٽ ۾، حمل فقير جو سُروار ڪلام تمام ٿورو آهي.ايتري تائين جو ’سُر مومل راڻو‘ فقط هڪ بيت تي محيط آهي، پر مجموعي طرح هُن جي مِڙني سُرن تي لطيف جي لُغت کان وٺي اسلوب، آهنگ، ترنم ۽ احساس تائين جا رنگ واضح نموني نظر اچن ٿا.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ان حوالي سان لِکي ٿو:”شاهه جي رسالي جي انداز تي حمل جو ڪلام آهي. انهيءَ طرز تي حمل نه رڳو پنهنجا جذبا ظاهر ڪيا آهن، پر رسالي جو اثر وٽس موجود آهي. حمل سنڌيءَ ۾ سسئي، مارئي، سهڻي، راڻي، سارنگ، ڪانگل ۽ بروي ۾ بيت ۽ وايون چيون آهن“ (8)، جن تي گهڻو ڪري شاهه سائينءَ جو موضوعي، لغوي، لساني، فڪري ۽ فني رنگ غالب آهي.
اُنهن صنفن کان سواءِ حمل فقير سنڌيءَ ۾ مَدحون، معجزا، مناقب، بيت، ٽيهه اکريون، سي حَرفيون، هُنر، ڏَهس نامه ۽ ڪافيون به ڳچ انگ ۾ سِرجيون آهن، جن ۾ نه رڳو هُن جو پنهنجو وَن ۽ واس آهي، پر ٻولي، ترڪيبن، استعارن، تشبيهن ۽ ڪردارنگاريءَ کان وٺي، احساس ۽ تجسيم نگاريءَ تائين هُن جو پنهنجو انفرادي ۽ تخليقي انداز ۽ احساس موجود آهي.
حمل جي سنڌي شاعري لفظي طرح جيتري سليس، سادي ۽ عام فهم آهي، اوتري ئي اُن ۾فڪر جي ڳوڙهائي، خيال جي خوبصورتي ۽ احساس جي گهرائي اوتيل آهي، جيڪا پڙهندڙ توڙي سُڻندڙ جي دل تي هَلڪي دَستڪ ڏئي، سندس سُرت ۽ ساڃاهه ۾ احساساتي تحرڪ پيدا ڪري ٿي.
مون کي ماءُ! مجازَ، ڇِني تان ڇِيتيون ڪيو،
آيَل! ڪم نه اُڄهي، نه ڪا نفل نمازَ،
حمل! حَبيبن جي، رَمز ڇُپايم رازَ،
اَلستي آوازَ، منهنجو چِتُ چَريو ڪيو.
(ڪُلياتِ حمل، 1953ع، ص172)
حمل هڪ اهڙو عارف ۽ عُشاق شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾، عوامي ۽ عارفاڻي رنگ کان سواءِ رومانوي، ناصحاڻو، مزاحمتي ۽ فلسفياڻو فڪر ملي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو، هُن جي شاعريءَ کي، نه صرف پنهنجائي ۽ پيار ڪري ٿو، پر اُن منجهان پنهنجي دل جي سڪون جو سامان سوجهي، اطمينان ۽ آٿت جو احساس به حاصل ڪري ٿو. هُن جي شاعري هڪ طرف عوامي اُمنگن ۽ احساسن جي ترجماني ڪري ٿي، ته ٻي طرف اها طبقاتي اوچ نيچ ۽ ڌرمي تفرقي بازيءَ کان آجي ۽ آزاد آهي. انهيءَ ڪري اُن ۾ موجود صوفياڻي رمزيت ماڻهوءَ کي نه رڳو داخلي آنند بخشي ٿي، پر هر قِسم جي ’احساسِ اَبتري ۽ ڪَمتري‘ جي نفسياتي بيمارين مان نجات ڏياري، ’جو ئي آهيان، سو ئي آهيان‘ جو هيٺين طرح حقيقي درس به سمجهائي ٿي:
صوفيءَ جو نا مذهب ڪو، صوفي آهي مذهب سو،
ناهيان سُني، ناهيان شيعو، صوفي صاف، نه ڄاڻان ٻيو،
مُلڪ سَڀوئي منهنجي جاءِ، حق جا ذات، سا هر جاءِ،
دين، دنيا کان جو هٿ ڌوئي، حق سان واصل سو ئي هوئي.
(ڪُلياتِ حمل، 1953ع، ص126)
حمل فقير جي شاعري پنهنجي سادي سُڀاءَ، عوامي انداز، سليس اظهار، سُپڪ ٻولي، رسيلي بيان، روان ترنم، موضوعاتي گوناگوني ۽ فڪري گهرائي سبب، هڪ ئي وقت نه فقط پڙهيل ڳڙهيل کي سمجهه ۾ اچي ٿي، پر عام توڙي اَڻ پڙهيل ۽ ٻهراڙيءَ جي هاري، ناري، پورهيت، پهنوار ۽ ڌراڙ جي من جي ترجماني ڪري، کيس موهي ۽ متاثر به ڪري ٿي ۽ اُها ئي عوامي شاعريءَ جي وڏي خوبي ۽ خوبصورتي هوندي آهي. حمل جي سنڌي شاعريءَ ۾، ڄاڻايل خوبيون ۽ خوبصورتيون موجود مِلن ٿيون.
موهيس مَخمورن، نيڻن ناز پرينِ جي،
اندر منجهه عجيبن جا، ٿا پَلِ پَلِ پُورَ پَوَنِ،
حَمل چئي، هيءَ دِلڙي سَنگائي سُورن،
گهايَسِ جن گهُورَنِ، تن گهُورَنِ تان گهوري وڃان.
(ڪُلياتِ حمل، 1953ع، ص172)
عوامي شاعر جي هڪ سُڃاڻ اها به هوندي آهي ته، اهو عام فهم انداز ۾ ماڻهن جي ڏکن سُکن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سُهڻي سَليقي ۽ متاثر ڪندڙ پيرايي ۾ پيش ڪندو آهي، ڇو ته سچا ۽ نج پج احساس ۽ اُمنگ عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ ئي اظهاري سگهبا آهن. عام ماڻهن جي احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندڙ شاعر جو ڪلام ئي عوام جي دلين تي دَستڪ ڏئي، انهن جي اندر ۾ پيهي، سالن تائين سندن سُرت ۽ ساڃاهه کي بيدار ۽ بي قرار رکي سگهندو آهي.
حمل فقير بلا شبهه سنڌ جو اُهو يگانو، عامي، عوامي ۽ سُگهڙ صفت تخليقڪار آهي، جنهن جي شاعريءَ جي فڪري اُڏام، اَروڪ ترنم ۽ احساساتي تازگي هڪ طرف ماڻهن جون دليون خوب ڌڙڪائي ۽ ڀَڙڪائي ’مِي رَقصم‘ بڻايون آهن ته، ٻي طرف هُن جي شاعريءَ ۾ موجود فني نزاڪتن ۽ نفاستن، ماڻهن جا من موهي مطيع ڪيا آهن. سندس شاعريءَ ۾ اندروني قافين جي ڪمال سٽاءَ سان گڏ تجنيس تام جو ڪثرت سان استعمال، مٿان وري اُن ۾ معنوي ۽ احساساتي حُسناڪي پَسي، هينئون حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو. نموني طورسندس هڪ هيءُ شعر ئي ملاحظه ڪريو:
مان سام آهيان، مان سامَ آهيان، جا ڪامَ ڪري ڪم خامَ مِيان!
مان طعام اُهي ماتامَ کايان، ماتامَ ڀايان هي طعامَ مِيان!
آجام ڪيون، آجام ڪرين، اي ڄام! ڪهڙا آجامَ مِيان!
تون مام ڏئين، سا مامَ مڃيان، اي ڄام! لوئيءَ هَٿُ لامَ مِيان!
تون دام وجهيو ٿو دامَ ڏَسين، جئن عام ڀائين، تئن آنۡ مَ مِيان!
’حمل‘ چئي هيءَ هامَ مِيان!، ٿو هام مَڃين نا هِيڪڙي.
(ڪُلياتِ حمل، 1953ع، ص155)
حمل جي مٿين ڇهه سِٽي شعر ۾، هڪ ئي وقت گهڻ رُخيون خوبيون ۽ خوبصورتيون نظر اچن ٿيون. ترنم ۽ تجنيس جي لحاظ کان ڏسبو ته، اُن ۾ نه رڳو درياهي لهرن جهڙي رواني آهي، پر اُن سان گڏوگڏ انهيءَ ۾ لفظي سٽاءَ، اندروني قافين، تز ٻولي، سُپڪ رديف، صوتي سُندرتائن، معنوي گهرائين ۽ فڪري وسعتن جو هڪ وڏو جهان موجود آهي، جنهن جي پرک ۽ ڪٿ ڪرڻ کان پوءِ ئي شعر مان لطف ماڻي ۽ اُن مان حقيقي طرح مَحظوظ ٿي سگهجي ٿو.
شعر جي پوري سٽاءَ ۾ تجنيس تام طور استعمال ٿيل لفظ، جنهن ۾ پهرين سِٽَ ۾ ’سام‘، ٻي ۾ ’ماتام‘، چوٿين ۾ ’مام‘، پنجين ۾ ’دام‘ ۽ ڇهين ۾ ’هام‘ لفظَ ٻه ٻه ڀيرا، جڏهن ته ٽين سِٽَ ۾ ’آجام‘ لفظ ٽي دفعا ڪَتب آيو آهي، اُنهن لفظن جي ڀاڃ ۽ کول سان ئي سموري شعر جو معنوي، فڪري ۽ احساساتي حُسن نِکري نروار ٿي سگهي ٿو.
پهرين سٽ ۾ ٻه ڀيرا ڪم آيل ’سام‘ لفظ جو ڇيد ڪرڻ کان پوءِ سُڌ پوي ٿي ته، هڪ ’سَامَ‘ معنى پَناهه، اَمانت، ٻيو ’سَا + مَ‘ معنى اُها نه، يعني مارئي، عمر کي چتاءُ ڏيندي چوي ٿي ته، آءٌ ڪنهن جي امانت آهيان، مان اُها نه آهيان، جيڪا ڪنهن لالچ ۾ اچي ڪو ڪوجهو ڪم ڪري. اهڙيءَ ريت ٻي سِٽَ ۾ ’ماتام‘ _ ما (مان)، + تا (ته) + مَ (نه)، ’ماتام‘ (ماتم، اَلم، اهنج). مطلب تنهنجا آڇيل اهي طعام مون لاءِ وڏي عذاب ۽ اذيت وانگر آهن، تنهن ڪري آءٌ اهي ڪڏهن به نه کائينديس. ٽين سِٽَ ۾، ’آجام‘ معنى قول، واعدو، اقرار. مارئي، عمر کي ميار ڏيندي آکي ٿي ته، تو مون کي آزاد ڪرڻ ۽ ملير ڇڏڻ جا ڪيئي واعدا ڪيا آهن، پر پاڙيو هڪ به ناهي. انهيءَ ڪري تنهنجن ڪوڙن اقرارن تي مون کي هاڻي ڪوئي اعتبار نه رهيو آهي. ’مَامَ‘ معنى راز، ڳُجهه، اشارو. ٻيو ’مَامَ‘ (مَا + مَ)، مان، نه. اي عمر ڄام! تون جيڪا مون کي آڇ آڇين ٿو، اُها مون کي قطعي قبول نه آهي. ’دام‘ معنى ڦندو، ڄار، ڪوڙڪي. ٻيو ’دَامُ‘ (مُلهُه، قيمت) يعني عمر تون مون کي سادي ۽ عام سمجهي، پنهنجي مڪاري ۽ چالاڪيءَ سان، جنهن ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائين پيو، آءٌ ان ۾ ڦاسڻ واري ڪونه آهيان. اهڙي ريت آخري سِٽَ ۾ ’هام‘ لفظ جي معنى دعوى، دم ۽ لاف آهي، جنهن ۾ عمر کي مارئي ياد ڏياريندي چوي ٿي ته، تو پنهنجي عادل ۽ انصاف پسند هجڻ جون ڪيتريون دعوائون ڪيون ۽ هامون هنيون آهن، پر هِن وقت تائين تو پوري ته، هڪ به نه ڪئي آهي، انهيءَ ڪري تون ڪنهن به طور قابل اعتبار ڪونه آهين.
مٿئين بيت جي لفظي ڀاڃ ۽ معنوي وضاحت کان پوءِ هڪ طرف ان جو سمورو مفهوم کُلي سامهون اچي ٿو، ته ٻي طرف اُن جو لساني ۽ فڪري رَسُ چَس پنهنجي پوري جمالياتي جوهر ۽ جوت سان عيان ٿئي ٿو، جنهن کي پَسي، حمل فقير جي سُگهڙاڻي سُرتِ ۽ شاعراڻي ڏات کي جَسُ ۽ داد ڏيڻو پوي ٿو.
نتيجو:
حمل جي شاعري، نه فقط فڪري جدت ۽ احساساتي جماليات جي لحاظ کان موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي، پر اُن ۾ ڪمال جو رومانوي رنگ، صوفياڻي رمزيت، عوامي لب و لهجو، لغت جو جهجهو ذخيرو، لسانياتي نُدرتون، فڪري گوناگونيت ۽ خاص ڪري تجنيسن جي حوالي سان پڻ هڪ الڳ حسين جهان موجود ملي ٿو۔ ٿورن لفظن ۾ حمل فقير جي سنڌي ۽ سرائيڪي شاعري، نه رڳو اظهار ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان رَسيلي، فڪري ۽ احساساتي طرح پرتاثير آهي، پر اُها خيال، ترنم، تخيل ۽ معنوي حوالي کان پڻ هر وجهه حسين ۽ متاثر ڪندڙ آهي.
حوالا
- جويو، تاج، ”باهيون بيراڳين جون“، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، سنڌ، 1991ع، ص74.
- بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (مرتب) ”ڪُليات حمل“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، پهريون ڇاپو 1953ع، ص2.
- ايضا، ص15.
- ايضا، ص19.
- ايضا، 22.
- ڀَٽي، حافظ، عزيزالله، مضمون: ”حمل فقير، سوانح ۽ پيغام“، حمل فقير ڪتابي سلسلوــ 4، حمل فقير ڪلچرل ڪميٽي، نواب شاهه، 1997ع، ص48.
- بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (مرتب) ”ڪُليات حمل“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، پهريون ڇاپو 1953ع، ص49.
- جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ ـ جلد ٻيو“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي،2005ع، ص90.