سنڌي ٻوليءَ جي تدريس ۾ ٻولي سکيا جي چڪاس جو تنقيدي اڀياس
(A critical analysis of Language Learning Assessment in Sindhi Language Teaching.)
محمد پنھل چاڪراڻي
اڳ ۾ ٿيل ڪم جو جائزو (Literature review)
سنڌي ٻوليءَ جي چڪاس جي طريقن تي اھڙي نوعيت جو ڪو تحقيقي مواد نٿو ملي، پر هن ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، وياڪرڻ ۽ ٻين مختلف رخن سميت اردو ڳالهائيندڙن لاءِ درسي ڪتاب لکيا ويا آهن انهن مان موضوع سان جزوي واسطو رکندڙ مواد جو تجزيو پيش ڪجي ٿو.
سنڌي ٻولي جي سکيا (سي ٽي ڪلاسن لاءِ): شمس الدين عرساڻي.سال-1986ع
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ 1986ع ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي سکيا“ جي نالي سان ھي ڪتاب لکيو، جيڪو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استاد جي تربيتي (سي ٽي) ڪورس لاءِ ھو. ھن ڪتاب ۾ مادري ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ جي تدريس بابت انتھائي ڪارائتي مواد کي شامل ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ خاص ڪري مادري ٻولي ۽ نصاب جي ڳانڍاپي کي سامھون رکندي ٻوليءَ جي مھارتن ۽ استاد لاءِ سنڌي تدريس لاءِ سبقي خاڪن کي شامل ڪيو ويو آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته ھي ڪتاب اسي واري ڏھاڪي جو سنڌي تدريس ۾ بھترين ڪتاب لکيل آھي پر ھن جديد دور ۾ ھن ڪتاب جا نوان ايڊيشن نه ڇپجڻ ۽ ان ۾ جديد دور جي تقاضا مطابق واڌارا سڌارا نه ٿيڻ سبب ھي ناياب ڪتاب رڳو ڪجهه ڪتب خانن ۾ موجود ھوندو آھي.
سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ( پي ٽي سي ڪلاسن لاءِ). 1990ع
سنڌ جي تعليم کاتي پاران 1990ع ۾ استادن جي تربيتي ڪورس (پي ٽي سي) جي ڪلاس لاءِ ھي ڪتاب لکيل آھي. ھن ڪتاب کي لکڻ جو ڪم ته مڪمل طور نصاب جي صوبائي ڪميٽيءَ ڪيو آھي پر ان جو مکيه ليکڪ سيد شير شاھ ۽ گڏ ڊاڪٽر عبدالجبار مغل جو به نالو، جڏهن ته ايڊيٽر ۾ محمد ابراھيم جويو ڄاڻايل آهي.
ھي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آھي پھرئين حصي ۾ سنڌي ٻارھين درجي جي ڪتاب کي شامل ڪيو ويو آھي پر ٻئين حصي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي ڪتاب جيان سنڌي ٻولي جي سکيا بابت لکيل آھي، جنھن ۾ ٻوليءَ جي مھارتن سان گڏ خاص ڪري گرامر ۽ استادن لاءِ سبقي خاڪن کي پڻ تمام سٺي نموني سمجهايل آھي. ھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي مادري ٻولي طور تدريس لاءِ اڄ به ڪارائتو آھي، پر افسوس جو ھن ڪتاب جا به سوڌ سنوار سان نوان ڇاپا ڪونه آيا.
ھن موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن بابت سنڌيءَ ۾ صفا مواد گهٽ مليو آھي. تنھن ھوندي به سڌي، توڙي اڻ سڌيءَ طرح ھنن ڪتابن تحقيق ۾ راھ ھموار ڪئي آھي، پر ھنن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي چڪاس جي طريقن جو تجزيو ناهي ڪيو ويو.
نظرياتي فريم ورڪ (Theoretical Framework)
|
سنڌي چڪاس سان لاڳاپو |
مرڪزي خيال |
نظريو / ماڊل |
|
سنڌي ۾،ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ جي چڪاس کي وڌائڻ |
ٻولي سکيا کي گفتگو، رابطي ۽ عملي زندگي جي ڪارج تي زور |
رابطي ڪار ٻولي سکيا (Communicative Language Teaching- CLT) |
|
SLOs ۽ سوالن جي سطح طئي ڪرڻ |
ڄاڻ، سمجهڻ، عمل، تنقيد، تحقيق ۽ تخليق تي ٻڌل چڪاس جا درجا |
بلومس ٽيڪسونومي (Bloom's Taxonomy) |
تحقيق جو طريقيڪار (Methodology)
تحقيق ڪنھن به موضوع يا مسئلي بابت مونجھارن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ انهيءَ جي درست نتيجن(Results) جو هڪ سائنسي علم آهي، جنھن ۾ سائنسي اصولن تحت فني تجزيو ۽ تنقيد ٻئي هڪ ئي وقت عمل پذير هوندا آهن. هر محقق پنھنجي تحقيقي ڪم جي جانچ ۽ ڪَٿَ لاءِ موضوع جي نوعيت آهر تحقيقي طريقن جو استعمال ڪندو آهي.
هن مقالي ۾ جيئن ته سنڌيءَ ٻولي جي چڪاس کي پرکيو ويو آھي، ان لاءِ معياري تحقيقي طريقي (Qualitative Research) کي ڪتب آڻي سگهجي ٿو. جنھن تحت معياري تحقيقي طريقي (Qualitative Research) موجب اڳ ۾ ٿيل تحقيق، نصاب، درسي ڪتابن، وسيلي معياري مواد جي پرک ڪئي وئي آھي. ساڳئي وقت سکر ۽ خيرپور جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن مان شاگردن، استادن ۽ انتظاميا کان انٽريو وٺي، امتحاني نتيجن جو جائزو ورتو ويو آھي. انهيءَ ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي چڪاس جي طريقن جو جائزو وٺي انھن بابت رٿابندي ڪرڻ لاءِ نيتجا ڪڍي، سفارشون ڏنيون ويون آھن.
تحقيق جا ذريعا (Resources of Research)
سنڌي ٻولي جي چڪاس جي طريقن لاءِ مواد حاصل ڪرڻ (Data Collection) لاءِ مواد جي لاءِ ڪتب خانا (libraries) تحقيقي ڪتاب، لسانيات جا ابتدائي ۽ جزوي ڪتاب، تحقيقي رسالا (جرنل)، اخبارون ۽ ادبي رسالا، نصاب (Curriculum) ۽ سرگرمين ۽ امتحاني ڪارڪردگي (Assessment) جي نتيجن سان گڏ تربيتي (Training) ورڪشاپ جي ڪارڪردگي کي شامل ڪيو آھي.
سنڌي ٻوليءَ جو نصاب
سنڌي درسي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي 2009ع واري قومي نصاب ۽ 2018ع جي صوبائي نصاب جي سنواريل صورت آهر ئي ترتيب ڏنا ويا آھن.انھن نصابن موجب ڪنھن به ٻوليءَ کي سکڻ لاءِ بنيادي چار مھارتون (ٻڌڻ جي مھارت،ڳالهائڻ جي مھارت، پڙهڻ جي مھارت ۽ لکڻ جي مھارت) هونديون آهن، پر اسان جي قومي/ صوبائي نصاب ۾ ڪجهه ٻيون مھارتون(تقرير، تخليقي لکت، زبان شناسي (گرامر)، پسنديدگي، ۽ تنقيد ۽ زندگيءَ جون لساني مھارتون) پڻ شامل ڪيون ويون آهن. جن کي ملائي نَو مھارتون ٿين ٿيون.
ٻولي سکڻ جون بنيادي مھارتون (language learning Skills Essential)
ٻولي سکڻ جون چار بنيادي مھارتون آهن جيڪي انسان کي موثر انداز ۾ حاصل ڪرڻ، سمجهڻ، ۽ سکڻ واري ٻولي استعمال ڪرڻ جي قابل بڻائين ٿيون. جنھن جي وسعت ۾ انسان کانسواءِ به سموري فطرت جو اظھار آهي، جنھن ۾ سڃاڻپ لاءِ نالو، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ آواز، پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ اکر کان ويندي لفظ، فقرو، جملو، ڪھاڻي، مضمون ۽ نثر توڙي نظم سميت ڪمپيوٽر ۽ سائنس جو پورو ارتقائي سفر شامل آهي. ٻوليءَ سان ئي سماج ۽ تھذيب جي جوڙ، قوم ۽ رياست جو تصور جڙي ٿو. اھڙي طرح ھر ٻار کي پنھنجي ماحول ۽ سماجي دستور سان ھلندي تدريس مھيا ٿئي ٿي، انھي دوران ٻوليءَ سکيا جي بنيادي مھارتن ( ٻڌڻ، ڳالھائڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ ) کي سگهارو ڪري ٿو. ٻوليءَ سکيا جون مھارتون ڪنھن به ٻوليءَ جي سکيا جي عمل ۾ رواني حاصل ڪرڻ لاءِ اھم آھن (Richards & Schmidt, 2010).
سکيا جي چڪاس جو روايتي طريقو
سنڌي ٻوليءَ جو نصاب مڪمل طور تي ٻوليءَ جي مھارت تي مشتمل آھي، پر سنڌيءَ جا درسي ڪتاب سکيا سان حاصلات (SLOs) سان مطابقت نٿا رکن، ان ڪري اھي ٻولي سيکارڻ بجاءِ گهڻو تڻو اسلاميات، سماجيات، تاريخ ۽ پاڪستان جي اڀياس جي ڄاڻ سان ڀرپور آھن. ڪنھن به تعليمي نصاب ۾ جائزو نهايت اهم ھوندو. جيستائين شاگردن جي سکيا جي پرک نه ڪبي تيستائين تعليم جا سٺا نتيجا نه نڪري سگهندا. 2019ع جي سنڌي جي صوبائي نصاب ۾ چڪاس لاءِ ڌار سکيا جا نتيجا(SLOs) ڏنل آھن. جڏھن ٿيا ئي سکيا جا نتيجا ته اُھي جائزي کان سواءِ ڪيئن حاصل ٿيندا؟ پر اسان جي نصاب ۾ سڀئي سرگرميون رڳو ياد ڪرڻ جون آھن جڏھن ته سوال گهٽ ۾ گهٽ بلومس ٽيڪسونومي (Bloom's Taxonomy) جي اصولن تحت ٽن بنيادي سطحن جا هجڻ گهرجن جيئن: ڄاڻ وارا سوال (Knowledge Based)، سمجهه وارا سوال (Understanding Based)۽ عمل وارا سوال (Application Based) انهي ڪري سبق جي سوالن کي اهڙيءَ ريت ترتيب ڏجي ۽ وري اهڙيءَ طرح بناوٽ جي لحاظ کان سوال ٽن قسمن جا هوندا آهن.گهڻ چونڊائتا سوال(MCQs)، مختصر سوال (CRQs) ۽وضاحتي سوال(ERQs) مٿين ٽنھي اصولن انھن جي وسيلي سکيا جي نتيجن(SLOs) جي چڪاس ممڪن بڻجي سگهي ٿي. اھڙيءَ طرح درسي ڪتابن ۾ چڪاس لاءِ رڳو استادن کي ھدايتون ڏيڻ بجاءِ اھڙيون سرگرميون ڏنيون وڃن جنھن سان شاگرد پاڻ کي پاڻ ئي چڪاس ڪري سگهن.
ٻولي سکيا جا ڏاڪا
نصاب سازي: (Curriculum Development)
نصاب سازي هڪ پيچيده عمل آهي، جيڪو تعليمي مقصدن کي نظر ۾ رکندي شاگردن لاءِ سکيا جي بھترين رٿابندي مھيا ڪري ٿو. مثال طور: اسان جي ملڪ پاڪستان يا ارڙهين ترميم کان پوءِ سنڌ صوبي کي پنھنجي تعليمي نظام ۾ نصاب سازيءَ جو عمل قومي تعليمي پاليسين، ثقافتي حيثيت ۽ جديد سکيا جي تقاضائن مطابق طئي ڪرڻو ھوندو آھي. اهو عمل مختلف مرحلن تي مشتمل آهي، جن ۾ مواد جي چونڊ، ترتيب، تدريسي طريقن جي جوڙجڪ ۽ جائزي جو عمل شامل آھي.
سکيا جا مقصد (Learning Objectives):
سکيا جا مقصد (Learning Objectives) يا شاگردن جي سکيا جا نتيجا (SLOs - Student Learning Outcomes) ھي اُهي خاص مھارتون يا صلاحيتون آهن، جيڪي شاگرد ڪنھن سبق، مضمون، يا تعليمي ڪورس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ حاصل ڪندا آهن. اھي تعليم جو بنيادي مقصد واضح ڪرڻ ۽ استاد، شاگردن
۽ پاليسي ٺاهيندڙن لاءِ رٿابندي مھيا ڪن ٿا. اهي اڪثر بنجامن بلوم
(Benjamin Bloom) ۽ سندس ساٿين طرفان 1956ع ۾ تيار ڪيل تعليمي هدفن جي درجا بنديءَ آھر ٺاھيا ويندا آهن، جيڪي شاگردن جي سکيا جي سطحن کي واضح ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آھن. ھن جا ٽي مکيه حصا (Domains) آهن، جن ۾ ڄاڻ/سمجهه(Cognitive)، مھارتون (Psychomotor) ۽ رويو (Affective) شامل آھن ۽ ھر ھڪ جا ھيٺيان وڌيڪ حصا ٿين ٿا.
|
رويو (Affective Domain) |
مھارتون (Psychomotor Domain) |
ڄاڻ (Domain Cognitive) |
|
قبوليت (Receiving) |
مشاهدو (Perception) |
يادگيري (Remembering) |
|
ردعمل (Responding) |
تياري (Set) |
سمجهه (Understanding) |
|
قدر ڏيڻ (Valuing) |
رواجي حرڪتون (Guided Response) |
عمل (Applying) |
|
تنظيم (Organizing) |
مھارتن جو اظھار (Mechanism) |
تجزيو (Analyzing) |
|
اخلاقيات (Characterization b) |
پيچيده ڪارروائي (Complex Overt Response) |
ترڪيب (Evaluating) |
|
بنا سوچ جي عمل ڪرڻ (Adaptation) |
تخليق (Creating) |
مواد جي ترتيب (Material Organization):
مواد جي چونڊ ۽ ترتيب ۾ اڪثر درسي ڪتاب شامل هوندا آهن، جنھن ۾ سکيا جا مقصد ۽ انھن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻارن جي سطح، عمر ۽ نفسيات سان گڏ انھن جي ثقافتي، سماجي، قومي ۽ بين الاقوامي معيار موجب نصاب ۾ ڏنل هدايتن مطابق مواد ترتيب ڏنو ويندو آهي، جنھن ۾ مختلف سبقن يا بابن جي شڪل ڏيڻ کان پوءِ، انھن کي شاگردن جي دلچسپي ۽ تجربن تي مخصوص سرگرميون ڏئي ترتيب سان سيکاريو ويندو آهي.
سکيا جا تجربا: (Learning Experiences)
سکيا جا تجربا، نصاب جو سڀ کان اهم حصو آهن، ڇو ته اهي تدريس ۽ سکيا جي عمل کي اڳتي وڌائن ٿا. اسان وٽ روايتي طريقا رائج آھن جنھن ۾ استاد مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. جهڙوڪ ليڪچر ۽ يادگيريءَ تي ٻڌل تدريس. پر دنيا ۾ ھي جديد تدريسي طريقا رائج آهن، جن ۾ تحقيقي سکيا (Inquiry-Based Learning)، گروهي سکيا (Collaborative Learning)، مسئلا سلجهائڻ واري سکيا (Problem-Based Learning)، آنلائن سکيا (E-learning)، وڌايل حقيقت (Augmented Reality)، ۽ گڏيل سکيا (Blended Learning) شامل آهن.
جائزو يا چڪاس (Assessment):
چڪاس تعليمي نظام جو اهم مرحلو آهي، جنھن ۾ سموري سکيا جا نتيجا ظاهر ٿيندا آهن. جنھن ۾ نصاب سازي، سکيا جا مقصد، مواد جي ترتيب ۽ سکيا جو طريقو سميت سڀني مرحلن جو نچوڙ آهي. جنھن کان پوءِ خبر پوندي آهي ته سکيا ڪيتري ۽ ڪيئن ٿي آھي. جائزي جا ھيٺيان قسم آھن:
- تشخيصي جائزو(Diagnostic Assessment): تدريس کان اڳ شاگردن جو جائزو وٺڻ.
- سکيا دوران جائزو(Formative Assessment):سکيا ڏيڻ دوران شاگردن کان مختصر سوال ڪرڻ يا ڪو ھدف ڏئي ان جو جائزو وٺڻ.
- سکيا کان پوءِ جائزو(Summative Assessment):سکيا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ شاگردن جو سالياني يا ماھوار يا ڪنھن به مقرر وقت ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ
ٻوليءَ جي سکيا جا اهم نظريا ۽ طريقا
بي. ايف. اسڪيئنر جو ٻوليءَ جي حصول نظريو (B.F. Skinner's theory of language acquisition)، جيڪو سندس لکيل ”زباني رويي“
(- Verbal Behavior1957) ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ٻولي سکيا کي سمجهڻ لاءِ ھن رَويَن جي ڄاڻُو (behaviorist) واري نڪته نظر سان ڏٺو آهي. ”ٻولي سکيا ماحولياتي عنصرن ذريعي ممڪن بڻجي ٿي. ماحول اهڙن محرڪن کي فراهم ڪري ٿو، جيڪي ٻوليءَ جي رد عمل کي اُڀارين ٿا. جيڪڏهن هڪ والدين ’هيلو‘ چوي ٿو ۽ ٻار ساڳيو ورجائي ٿو“ (Skinner, 1957). مثال طور هڪ ٻار، جيڪو پنھنجي مادري ٻولي والدين ۽ گهر جي ماحول ۾ سکندو آھي ڪنھن اسڪول مان نه. ائين هڪ مھاجر نئين ملڪ جي ٻولي جتي اهو رهندو ۽ ڪم ڪندو اتان جي وھنوار مان سکي ويندو آھي.
اتي ئي نوم چومسڪيءَ ( Noam Chomsky ) جي نظريي جو ھي تصور بي.ايف اسڪنر جو نظريو (B.F Skinner Theory) جي رويي (Behaviorism) جي نظريي جي رد ۾ پيش ڪيو. ھن موجب: ”ٻار ڄمڻ کان پوءِ پنھنجي ماحول ۾ موجوده ٻوليءَ کي خودبخود سکي ٿو، جيڪو ان جي دماغ جي فطرتي صلاحيتن جي بنياد تي آهي. اهو مشاهدو ڪيترو ئي عجيب لڳي، پر ٻار جو ٻولي سکڻ جو عمل فطري آهي. شروعاتي عمر ۾، ٻار جو دماغ انهن ٻولين جا بنيادي اصول ۽ جزا ڄاڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ ان کي رسمي تعليم نه ٿي ڏني وڃي“(Chomsky, 1965). انھيءَ جي وڌيڪ وضاحت لاءِ ھن ٻولي جي حصول جو اوزا ر(Language Acquisition Device - LAD) ۽ آفاقي گرامر(Universal Grammar) کي بحث ھيٺ آندو.
وياڪرڻي-ترجماتي طريقو (Grammar-Translation Method)
وياڪرڻي-ترجماتي طريقو اصل ۾ لاطيني ۽ يوناني جهڙين قديم ٻولين جي سيکارڻ لاءِ ڪتب ايندو ھو، جنھن ۾ سمورو ڌيان ادبي مواد کي پڙھي سمجهڻ تي لڳايو ويندو ھو. هن طريقي ۾ وياڪرڻ (گرامر) جي اصولن ۽ لفظن جي ياد ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو آهي، جنھن جي ذريعي سڌي سنئين ترجمي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ”هن طريقي جو اصل مقصد پڙهڻ ۽ لکڻ جي مھارتن کي وڌيڪ اھميت ڏيڻ آهي، جڏهن ته ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي مھارتن کي گهڻو نظرانداز ڪيو ويندو آهي، جنھن سان سکيا وٺندڙ جي صلاحيت روزمره جي زندگيءَ ۾ ٻوليءَ جي استعمال لاءِ محدود ٿي وڃي ٿي“ (Richards & Rodgers, 2001).
سڌو طريقو / فطري طريقو (Direct Method / Natural Method)
سڌو طريقو، جنھن کي فطري طريقو(Natural Method) به سڏيو وڃي ٿو، جنھن ۾ ڪنھن به ٻولي سکڻ لاءِ پوريءَ طرح انھي ٻولي جي ماحول کي قبول ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو آھي. هي طريقو،” مادري ٻولي سکڻ جي فطري طريقي وانگر هن طريقي ۾ تعليم مڪمل طور تي ان ٻوليءَ ۾ ڏيڻ گهرجي جيڪا سيکارڻ چاھيون ٿا، جنھن ۾ بغير ڪنھن ترجمي جي، ۽ گرامر کي غير سڌيءَ طرح سيکاريو ويندو آهي“(Richards & Rodgers, 2001).
رابطي ڪار ٻولي تدريس (Communicative Language Teaching - CLT)
1970ع ۾ روايتي طريقن جهڙوڪ وياڪرڻي-ترجماتي (Grammar-Translation) ۽ آڊيو-لنگوئل (Audio-Lingual) طريقن جي محدود ھجڻ جي ڪري، اڪثر حقيقي زندگيءَ جي رابطي ڪاري لاءِ سکيا وٺندڙن کي ٻولي سيکارڻ ۾ ناڪام ٿي ويندا هئا. رابطي ڪاري ٻولي تدريس (CLT) جو مقصد سکيا وٺندڙن کي حقيقي زندگيءَ جي حالتن ۾ مؤثر ۽ روانيءَ سان ڳالهائڻ جي صلاحيت کي ھٿي ڏيڻ آهي.”رابطاڪاري ٻولي تدريس(CLT) ٻولي سکيا جي طريقي ۾ مادري ٻوليNative Language) ) توڙي ڪنھن ۾ ٻوليءَ جي سکيا وقت انھيءَ ٻولي کي حقيقي حالتن يعني روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ڪرڻ ۽ ٻوليءَ جي چئني مھارتن بنيادي مھارتن: ٻڌڻ، ڳالهالڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ کي اھميت ڏني ويندي آھي. هي طريقو يادگيريءَ بدران معنيٰ خيز گفتگوءَ کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏئي ٿو (Larsen-Freeman, 2000) “.
ٻولي سکيا جي چڪاس جا جزا
سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ( پي ٽي سي ڪلاسن لاءِ: 1990ع) ڪتاب جي ايڊيٽر محمد ابراھيم جويي سنڌي سکيا ٻوليءَ جي چڪاس کي ھيٺين جزن ۾ ورھايو آھي.
|
لکڻ جي مھارت |
پڙھڻ جي مھارت |
ڳالھائڻ جي مھارت |
ٻڌڻ جي مھارت |
جزو |
|
صوتي (الف ب) جي ڄاڻ |
صوتي ڄاڻ |
اُچار |
ضرورت |
1 |
|
صرفيات |
صوتيات |
لفظي ذخيرو |
ڌيان |
2 |
|
لفظي ذخيرو |
لفظي ذخيرو |
وياڪرڻ |
دلچسپي |
3 |
|
نحويات |
نحويات |
رواني |
حافظو |
4 |
|
سمجهہ |
سمجهہ |
سمجهہ |
سمجهہ |
5 |
تحقيق جا نتيجا (Results / Findings)
- تحقيق مان ظاهر ٿيو آھي ته سنڌي ٻوليءَ جي چڪاس اڃا تائين يادگيريءَ تي ٻڌل سالياني امتحانن (Summative Assessment) تائين محدود آھي، جن ۾ مھارتن جي حقيقي پرک ممڪن نٿي ٿئي.
- پڙهڻ ۽ لکڻ تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته ٻڌڻ۽ ڳالهائڻ جهڙيون رابطي واريون مھارتون عملي طور چڪاس جو حصو ناهن، جيڪا رابطي ڪار ٻولي تدريس (CLT) جي اصولن جي ابتڙ آھي.
- استادن ۾، ٻوليءَ سکيا جي مھارتن تي ٻڌل سوال ترتيب ڏيڻ، ۽ تعميري موٽ (Feedback) ڏيڻ بابت ڄاڻ محدود آھي.
- سنڌيءَ جا درسي ڪتاب معيارينصاب موجب شاگردن جي سکيا حاصلات (SLOs) سان مڪمل هم آهنگ ناهن، جنھن سبب چڪاس ۽ سکيا جي وچ ۾ تفاوت پيدا ٿئي ٿو.
حڪمتِ عمليون ۽ حل (Strategies & Solutions)
- سنڌي ٻوليءَ لاءِ خاص ڪري آوازي سڃاڻپ (Speech Recognition) ۽ خودڪار مارڪنگ سسٽم تيار ڪيا وڃن، جيڪي رابطي ڪاري صلاحيتن (Communicative Competence) تي ٻڌل فريم ورڪ ۾ ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙ هڻ ۽ لکڻ يعني ٻولي سکيا جي چئني مھارتن کي پرکي سگهن.
- سنڌي ٻوليءَ جي امتحانن ۾اي مارڪنگ (E-Marking) ۽ آنلائين چڪاس (Online Assessment) متعارف ڪرائي وڃي، جنھن سان شفافيت، معيار ۽ وقت جي بچت ممڪن بڻجي سگهي ٿي.
- عالمي معيار جيان (TOEFL/IELTS) سنڌي ٻوليءَ لاءِ ھڪ معياري، مھارتن تي ٻڌل ٽيسٽ تيار ڪئي وڃي، جيڪا قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي معياري سنڌي لئنگئيج ٽيسٽ جي تياري طور قبوليت ماڻي.
- استادن جي تربيت ڪرڻ ۽ يونيورسٽين جي سنڌي شعبن ۾ سنڌي ٻوليءَجي تدريس ( SLT) جي ڪورس جو بنيادي تعارف آڻڻ.
- سنڌي ٻوليءَ جي تدريس ۾ ٻولي سکيا جي چڪاس جي اوزارن ۽ ڊجيٽل مواد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ثقافتي، ادبي ۽ تاريخي حوالن کي شامل ڪيو وڃي، جيئن ٽيڪنالاجيءَجي اوسر سان گڏ سنڌي آوازن ۽ لفظن جي سڃاڻپ به محفوظ رهي.
حوالا
- جويو، محمد ابراهيم،(ايڊيٽر). (1990). سنڌي ٻوليءَ جي سکيا (پي ٽي سي ڪلاسن لاءِ). حيدرآباد.
- عرساڻي، محمد شمس الدين،(1986). سنڌي ٻولي جي سکيا (سي ٽي ڪلاسن لاءِ). حيدرآباد.
- Bai, Y., & Wang, L. (2023). Artificial Intelligence in Language Testing: Trends and Challenges. Language Testing Asia. Springer.
- Bloom, B. S. (1956). Taxonomy of Educational Objectives. New York: Longman.
- Brown, H. D. (2004). Language Assessment: Principles and Classroom Practices. Pearson Education.
- Brown, H. D., & Abeywickrama, P. (2019). Language Assessment: Principles and Classroom Practices. Pearson Education
- Chomsky, N. (1959). A review of B.F. Skinner's Verbal Behavior. Language.
- Chomsky, N. (1965). Aspects of the Theory of Syntax. MIT Press.
- Creswell, J. W. (2018). Educational Research: Planning, Conducting, and Evaluating Quantitative and Qualitative Research. Pearson.
- Farooq et al., (2019). Classroom assessment literacy and practices of teacher educators in Pakistan. Global Social Sciences Review,
- Heaton, J. B. (1990). Classroom Testing and Evaluation. Longman.
- Joyo, H., & Shah, A. (2012). Sindhi Language Teaching Practices. Jamshoro: Sindh University Press.
- McNamara, T. (2000). Language Testing. Oxford University Press.
- Richards, J. C., & Rodgers, T. S. (2001). Approaches and Methods in Language Teaching. Cambridge University Press.
- Richards, J. C., & Schmidt, R. (2010). Longman Dictionary of Language Teaching and Applied Linguistics. Pearson.