سچل سرمست جي سُر سورٺ ۾ آيل علامتن جو اڀياس
( An Analysis of the Symbols in Sachal Sarmast’s Sur Sorath)

ڊاڪٽر انور پرديسي

This Research examines the literary and intellectual contributions of Sachal Sarmast during the Kalhora and Talpur eras. Although he lived across both periods, he is primarily recognized as the definitive poet of the Talpur regime. This era was marked by the fragmentation of Sindh’s political unity and burgeoning resistance against foreign subjugation. Consequently Sachal’s poetry serves as a vital medium for resistance and the protection of Sindhi cultural identity. A central focus of this study is Sachal’s mastery of symbolism. While traditional scholarship often attributes the origins of the symbolist movement to seventeenth century Europe or the Syrian poet Al-Mutanabbi, this paper argues that symbolism is deeply rooted in classical Sindhi poetry. Long before the European movement, Sindhi poets utilized semi-historical folk narratives from the Soomro era to convey complex messages. Sachal Sarmast successfully integrated these indigenous symbols into his work. By analysing specific verses from Sur Sorath this study demonstrates how Sachal used symbolism not merely for decoration, but as a tool for social awareness and intellectual liberation.

 

Keywords: Sachal Sarmast, Sur Sorath, Sindhi Clasical Poetry, Talpur Era, Social Resistance, Social Realism.     

 

حضرت سچل سرمست جي ولادت ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ ٿي ۽ انھيءَ دؤر ۾ ئي سندس علمي، ادبي ۽ فڪري اڏاوت به ٿي، پر کيس ٽالپر دؤر جو شاعر ليکيو ويندو آهي. ٽالپرن جي حڪومت جو سڄو عرصو سندس اکين اڳيان گذريو. هن سنڌ جي وحدت کي حصن ۾ ورهائجندي به ڏٺو ته پنھنجي ڌرتيءَ کي غلاميءَ واري ڄار ۾ ڦاسجندي پڻ ڏٺو. سندس شاعريءَ جو گهڻو حصو مزاحمتي فڪر سان مالا مال آهي. سچل سرمست سنڌ مٿان حملن ۽ سنڌيءَ ماڻھن سان ٿيل ظلم جو اکين ڏٺو شاهد آهي. شايد انھيءَ ڪري ئي سندس ڪلام ۾ سرمستيءَ وارو فڪر نمايان نظر اچي ٿو. سچل سرمست جي جنھن به سُر کي پڙهو ان کان سواءِ سندس شاعري سنڌي ٻوليءَ جي صنعتن سان به سينگاريل آهي. انھن صنعتن منجهان علامت (Symbol) به هڪ آهي. علامتون شاعريءَ جي سينگار وارو ڪم به ڪنديون آهن ته انهن ذريعي پيغام رسائي به ڳجهي ۽ رمز واري انداز ۾ ڪئي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن ڳجهي انداز واري پيغام رسانيءَ کي پنھنجين تخليقن جو موضوع سُخن گهڻو بڻايو آهي، جنھن سان هر ايندڙ خطري کان پنھنجي سماج کي آگاهي ڏني آهي. اهي خطرا داخلي هجن يا خارجي، انھن انسان کي باخبر رکڻ لاءِ شاعرن علامت جي اظھار وارو رستو اختيار ڪيو آهي. انھيءَ ڳجهه ۾ هنن جيڪي به تخليقون ڪيون آهن، اهي سماج جي بھتري ۽ بھبود لاءِ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. حالانڪِ شاعريءَ ۾ علامتي تحريڪ جي شروعات يورپ کان چئي وڃي ٿي پر غور سان تاريخ کي پڙهبو ته ان تحريڪ جو آغاز به حقيقي معنى ۾ سنڌي شاعريءَ کان ٿيو آهي. اسان جي ادب ۾ نيم ڪلاسيڪل قصا ئي دراصل ان علامتي تحريڪ جي شروعات ليکيا وڃن ٿا. ڪن محققن جو خيال آهي ته شام جو شاعراحمد بن حسين “المُتنبي” پھريون شاعر آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ علامتن جو اظھار ملي ٿو ته ڪي وري ان خيال جا آهن ته سويڊن برگ يا سينٽ مارٽن علامت نگاريءَ جي تحريڪ يا شاعريءَ جا باني آهن. انھن جو دؤر 1688ع کان پوءِ جو ملي ٿو. البته شام وارو شاعر المتنبي انھن کان اڳ جو شاعر آهي. هاڻي جڏهن اسان پنھنجي سنڌي شاعريءَ جو پاسو ورايون ٿا ته اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن جي تخليقن ۾ اڳ ئي علامتون موجود آهن. سومرن جي صاحبيءَ کان وٺي سما دؤر ۾ اسان جا جيڪي به شاعر ٿي گذريا آهن، انھن جي شاعريءَ ۾ علامتن واري تخليق موجود آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب اسان جا نيم تاريخي قصا آهن، جن جي اوٽ ۾ رمزيت واري شاعريءَ جو آغاز ٿيو آهي. انھن قصن جو گهڻو تعداد سومرن جي دؤر جو آهي. سچل سرمست به پنھنجي شاعريءَ ۾ علامت نگاريءَ واري صنعت جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي. انھن سُرن مان سُر سورٺ به هڪ آهي.

سُر سورٺ جو تاريخي پسمنظر

هي قصو ڏهين صديءَ جي وچ ڌاري جو معلوم ٿئي ٿو. هي اهو دؤرآهي، جڏهن سنڌ جي سرزمين تي عربن جي حڪمرانيءَ جا آخري ڏهاڙا هُئا. سنڌ ۽ هند جي محققن مطابق، ٿوريءَ ڦير گهير سان هن قصي جو علاقائي پسگردائي ذري گھٽ ساڳي آهي. هن قصي جي پسمنظر جهونا ڳڙهه وارو علائقو آهي، جيڪو ان وقت سنڌ جي سرزمين سان ڳنڍيل هو. ڪنھن وقت جهونا ڳڙهه جي بادشاهه جي حڪومت امر ڪوٽ تائين هُئي، پوءِ وقت ۽ حالتن ڦيرو کاڌو ته سنڌ جون جاگرافيائي حدون مسلسل ڌارين جي حملن ڪري سوڙهيون ٿينديون ويون. هن سُر کي اسان جي عظيم شاعرن پنھنجي ڪلام جو موضوع بڻائي تاريخ ۾ امرڪري ڇڏيو. قاضي قادن کان وٺي شاهه لطيف ۽ سچل سرمست تائين هن سُر کي مانائتي انداز ۾ ڳايو ويو آهي. هن سُر سان واسطو رکندڙ هر ڪردار جي تاريخي حيثيت حقيقي انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي لکي ٿو ته: ”سورٺ وارو علائقو ۽ سؤراشٽر(ڪاٺياواڙ ۽ گجرات) هڪ ئي آهن. سُر سورٺ جي ڪردارن جي ڪھاڻي جهونا ڳڙهه کان کنڀات جي وچ ۾ گهمي ٿي، جنھن جون مختلف روايتون، سڄي سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ گونجن ٿيون. قديم سوراشٽر جنھن ۾ راڄ ڪوٽ، ڄام ننگر، سماننگر، ڌنڌڪا، سُريندڙ ننگر، ولڀ پور(جتي سومناٿ مندر آهي، جنھن تي محمود غزنوي حملو ڪيو هو) اُمريلا، ڀاوَنگر، پليتاڻا، جهوناڳڙهه ۽ ٻيا ڪيترائي شھر ۽ علائقا اچي وڃن ٿا. اهو علائقو سنڌ ملڪ سان ڳنڍيو رهيو هو. سُر سورٺ جي ڪھاڻي هن ئي علائقي جي آهي.“ (1) 

تاريخ جي ورقن کي پٿلائڻ کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪو زمانو هو، جو جهونا ڳڙهه جي ڌرتيءَ جا ناتا رشتا اسان جي سنڌ ملڪ سان هئا. ثقافتي، تھذيبي ۽ تمدني حوالي سان تمام گهڻيون هڪجھڙايون ۽ ويجھڙايون رهيون آهن، جيڪي صدين پڄاڻا اڄ تائين هلنديون اچن ٿيون. اسان جي امر ڪوٽ وارو علائقو، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگر پارڪر ۽ چولستان تائين موجوده ٻولي ۽ ثقافت توڙي تمدني هڪجھڙايون ذري گھٽ جهونا ڳڙهه، راجستان ۽ گجرات واري علائقن سان ملندڙ جلندڙ آهن.

راءِ ڏياچ، چوڙا سمون خاندان مان هو، جو سنڌ پرڳڻي تي انھن جي خاندان جي مختلف وقتن تي سوين سال حاڪمي رهي. راءِ ڏياچ جي بادشاهي جهونا ڳڙهه واري وسيع علائقي تي هئي. جهونا ڳڙهه وارو قلعو به راءِ ڏياچ جو ٺھرايل آهي. سورٺ سندس راڻي هئي، جيڪا سونھن، سوڀيا ۽ عقل ۾ ٻين راڻين کان سرس هئي. ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي راءِ ڏياچ قصي جو تاريخي پسمنظر هن طرح بيان ڪيو آهي:  ”راءِگرهرپوءِ کي راءِ گورارو به چوندا هئا. هو اصل سنڌ جي سمن مان هو. سنڌ ۾ جڏهن راءِ گهراڻي جو راڄ هو، تڏهن به سنڌ ۾ سما هئا، جن مان ڪي ڪاٺياواڙ ڏي ڪاهي ويا ۽ اتي وڃي پنھنجو ڌاڪو ڄمايائون. انھن سمن مان ”چُور“ نالي هڪ راجا ٿي گذريو آهي، ان جي اولاد مان مٿيون راءِگرهرپوءِ هو، جنھن جهونا ڳڙهه وارو قلعو جوڙايو. سنه 982ع ۾ هن چالاڻو ڪيو ته جهونا ڳڙهه جي گاديءَ تي ”راءِ ڪنواٽ“ ويٺو. پوءِ ان جو پٽ ”راءِ دياس“ سن 1003ع ۾ گادي نشين ٿيو. انھن سڀني سمن کي سندن وڏي ڏاڏي
”چُور“ جي نالي پٺيان ”چُور سما راجبوت“ سڏين ٿا. اسان جو سنڌي ڀاءُ ”راءِ دياس“
جنھن کي اسين عام طرح  ”راءِ ڏياچ“سڏيندا آهيون، سو هڪ اعلى درجي جو انسان هو. راجائي رڳو ست سال ماڻيائين، باقي سورهيائي سخا ۽ سخن جي سچائي ڪري اهڙو نالو ڪڍيائين، جو سڄيءَ سنڌ توڙي ڪڇ ڀڄ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ اڄ تائين ماڻھو سندس ڳڻ پيا ڳائن.“ (2)

 ٻيجل، راءِ ڏياچ وٽ انھي شھر جهونا ڳڙهه ۾ ئي سِر جو سوالي ٿي آيو هو. جتي راءِ ڏياچ حڪمراني ڪندو هو. راءِ ڏياچ کي هڪ ڀيڻ هئي، جنھن کي ڪو به اولاد نه هو. هن جي ڀيڻ هڪ ڏينھن ڪنھن فقير کي صدا ڪئي: اي! الله جا ٻانھا منھنجي حق ۾ بارگاههِ الاهي ۾ دعا گهر ته مون کي اولاد عطا ڪري. ان درويش چيس ته توکي هڪ پُٽ ٿيندو، پر اهو تنھن جي ڀاءُ جو سِر وٺندو. اها ڳالهه ٻڌي راءِ ڏياچ جي ڀيڻ ڏکاري ٿي پئي. ٺيڪ نون مھينن کان پوءِ پٽ پيدا ٿيس، جنھن کي ان وقت کڻي صندوق ۾ بند ڪري درياءُ جي حوالي ڪيائين. اها صندوق لڙهندي لڙهندي وڃي راجا انيراءِ جي ملڪ ۾ پھتي، اتي هڪ چارڻ ( مڱڻهار) ۽ ان جي زال کي اها صندوق هٿ آئي، هو بي اولاد هُئا. ٻار کي کڻي لاڏ ڪوڏ سان پاليائون ۽ سندس نالو ٻيجل رکيائونس.

ٻار اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو، ٻيجل جيئن وڏو ۽ سمجهه جھڙو ٿيو ته هو جهنگ ۾ مال چارڻ لڳو. هڪ دفعي مال چاريندي. هن جي ڪنن تي ساز جو مڌر آواز گونجڻ لڳو، جان نظر ڪري ڏٺائين ته هڪ وڻ تي ڪنھن جانور جا سڪل آنڊا ٽنگيل هئا، جن مان هوا لڳڻ سبب مٺڙو آواز نڪري رهيو هئو. آواز اهڙو ته مٺو ۽ من موهيندڙ هو، جو پکي پکڻ سڀ هڪ جاءِ گڏ ٿي اهو آواز ٻڌن پيا. چون ٿا ته اهي آنڊا هڪ هرڻ جا هُئا، جنھن کي هڪ فقير ماري اتي ٽنگي ڇڏيا ۽ اتي ڪيترن ڏينھن کان پئي سڪي ويا ۽ انھن منجھان سريلا ۽ سوز ڀريا آلاپ نڪرڻ شروع ٿيا. ٻيجل انھن آنڊن مان ٽڪر ڪپي کڻي پنھنجي چنگ تي چاڙهيو. جڏهن ٻيجل چنگ وڄائيندو هو ته جهنگ جا جانور ۽ پکي گڏ ٿي ويندا هئا ۽ ٻيجل به روز ٻه ٽي حلال جانور شڪار ڪري، اچي مٽن مائٽن کي کارائيندو هو. اهڙيءَ طرح سان ٻيجل جي ساز جو آواز سڄي علائقي ۾ مشھور ٿي ويو هو. قدرت جا به کيل نرالا آهن، جنھن وقت ٻيجل ڄائو هو ان وقت راجا انيراءِ کي ڌيءَ ڄائي هُئي، جيڪا انيراءِ جي سٺھين نمبر ڌيءَ هُئي (ڪجهه جاين تي ايڪھٺين لکيل آهي) ڪاوڙ منجھان راجا انيراءِ به پنھنجي معصوم ڌيءَ کي صندوق ۾ بند ڪري درياءُ ۾ لوڙهائي ڇڏيو. اتفاق سان اها صندوق لڙهندي وڃي راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ پھتي. اتان جي هڪڙي غريب شخص رتني نالي ڪنڀار کي اها صندوق هٿ آئي. جئين رتني اها صندوق کولي ته ان منجھان هڪ معصوم ۽ گلن جھڙي نياڻي تي نظر پيس، هو بيحد خوش ٿيو، ڇاڪاڻ جو ڪو به اولاد نه هيس ۽ ننڍڙي گلن جھڙي ڇوڪريءَ جو نالو سورٺ رکيائون. سورٺ جڏهن جوڀن جي ڏاڪي تي پير رکيا ته سونھن ۽ سوڀيا ۾ هن جو ڪو به مٽ ڪونه هو. هن جي حُسن جي هاڪ سڄي ملڪ ۾ مشھور ٿي وئي. حُسن جي اهڙي هاڪ ٻڌي راجا انيراءِ رتني کان سورٺ جو سنڱ گهريو. کيس اها سُڌ ئي نه هُئي ته سورٺ سندس ئي ڌيءَ آهي. راءِ ڏياچ جي جڏهن سورٺ جي ڄڃ تي نظر پئي ته حقيقت معلوم ڪيائين ته هيءَ نياڻي ته انيراءِ جي نياڻي آهي. سو رتني کي گهرائي مٿس گهڻي ملامت ڪيائين ۽ سورٺ کي پنھنجي حويلي ۾ پناهه ڏنائين ۽ بعد ۾ سورٺ سان پاڻ شادي ڪيائين. جڏهن ان ڳالهه جي راجا انيراءِ کي خبر پئي ته هن کي تمام وڏي ڪاوڙ لڳي. سو سپاهه تيار ڪري، جهوناڳڙهه جي راجا راءِ ڏياچ تي حملو ڪيائين، پر ٻارنھن مھينن تائين گهيرو ڪرڻ کان پوءِ به انيراءِ کي ڪاميابي نصيب نه ٿي ۽ شڪست خورده ٿي، پنھنجي ملڪ واپس وريو. پنھنجي ملڪ ۾ پڙهو ڏياريائين ته جيڪو شخص راءِ ڏياچ جو سر وڍي کڻي ايندو، ان کي هيرا جواهر سان ڀريل هي ٿال ڏنو ويندو پر ان کان به وڌيڪ انعام ۽ اڪرام ڏنا ويندا. ٻيجل جي غير موجودگيءَ ۾ هن جي زال اهو انعام ورتو ۽ واعدو ڪيائين ته هن جو مڙس راءِ ڏياچ جو سر وڍي ايندو. گهرواري جي مڪر ۾ مجبور ٿي ٻيجل به پنھنجي سرندي کي سينگاري جهوناڳڙهه جو رخ ڪيو. راءِ ڏياچ جي محل ڀر سان پھچي هن به سرندي جي تند تنواري. سندس سرندي جي تنوار(آواز) راجا جي دل کي موهي وڌو. ٻيجلڱڻهار) کي چيائين، جيڪو گُهرڻو اٿي گُهر، ٻيجل ٻانھون ٻڌي راجا ڏياچ کي عرض ڪيو ته قبله مون کي انعام نه کپن. اوهان زندگيءَ ۾ ڪنھن سان ننھن (انڪار) ڪونه ڪئي آهي. سو مون کي تنھنجو سِر کپي. راجا به دير ئي نه ڪئي، پنھنجو سر وڍي ٻيجل کي ڏنائين ۽ پاڻ امر ٿي ويو. ماڻھو پنھنجن واعدن ۽ وچنن کي پوري ڪرڻ لاءِ طرحين طرحين قربانيون ڏين ٿا پرهي اهڙي قرباني آهي، جو ڪنھن، ڪنھن سخي انسان جي حصي ۾ ٿي اچي. اڄ تائين اهڙي قرباني انساني سماج ۾ نه ڏٺي وئي آهي، جو سرندي جي تارن تي سرمستي منجھان سِر نچندا ڪڏندا اچن. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو لکي ٿو ته: ”سماع جي سلسلي ۾ اسان وٽ ڪافي روايتون موجود آهن، جن کي سمجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سماع نه صرف انسان تي ظاهري طرح اثر انداز ٿئي ٿو، پر روحاني طور تي به اندر ۾ وڏا ڇيهه وجهي ٿو. ان ڪري ئي صوفياءِ ڪرام آڏو موسيقي ۽ سماع جي حيثيت مڪروه ناهي.“ (3)

ٻيجل راجا راءِ ڏياچ جو سِر، ساز جي عيوض وڍي کڻي اچي انيراءِ جي حضور ۾ پيش ڪيو. انيراءِ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ٻيجل کي چيائين ته توکي حيف هجي، ٿوري لالچ ڪري، اهڙي سخي سردار جو سر وڍي آيو آهين. منھنجين اکين اڳيان ٽري وڃ ۽ منھنجي ملڪ مان به نڪري وڃ. اها ڳالهه ٻڌي ٻيجل پنھنجو هوش وڃائي ويٺو ۽ پنھنجي ملڪ وريو پر اتي به هن کي هرڪوئي حقارت جي نگاهن سان ڏسي رهيو هو. آخر ڪار لاچار ۽ بيوس ٿي جهونا ڳڙهه پھتو. ڇا ڏسي ته راءِ ڏياچ جي گهر واري سورٺ، باهه جو آڙاهه ٻارائي ان ۾ پاڻ اڇلايو. ڇاڪاڻ جو ان وقت اها رسم عام هئي ته جنھن عورت جو مڙس مري وڃي ته اها عورت به پاڻ جلائي ڇڏيندي هئي. ان رسم کي چکيا سڏيندا آهن. اهو سڄو لقاءُ ٻيجل اکين سان پئي ڏٺو ته هڪ سخي ۽ رحمدل بادشاهه جو ساز تي سِر وٺي مون به ڪو چڱو ڪم نه ڪيو آهي. کيس وڏو پڇتاءُ ٿيو، سو بنا دير کڻي ٻيجل به ان باهه جي آڙاهه ۾ پاڻ کي اڇليو. ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته:“هن سر ۾ هي تمثيل رکيل آهي. راءِ ڏياچ مان مراد آهي اهو سعادت مند طالب، جو مرشد جي صرف اشاري تي، پنھنجو سر لاهي ٿو ڏئي. مرشد به کيس ڳجها راز ٿو ٻڌائي ۽ پاڻ سان هڪ ڪري ٿو ڇڏي. ٻيجل حقيقت ۾ ”مرشد ڪامل “جي معنى ۾ آيو. هو خلوت ۾ راءِ ڏياچ جي اڳيان ”واڄو ولاتي” ٿو وڄائي. اهو ساز اندر جو ساز آهي. جنھن جا آلاپ دنيا جي مڙني سازن جي آوازن کان وڌيڪ مٺا ۽ موهيندڙ آهن. راءِ ڏياچ جي اندر ۾ هڪ عجيب روشني ٿي چمڪي ”خيمي ۾ کنگهار جي، چانڊوڻا چمڪن” اهڙي طرح مرشد ڪامل طلب جي قلب ۾ روحاني نور ٿو جاڳائي ۽ پنھنجي مريد کي هميشه واري حياتي بخشي، کيس سرفراز ڪري ٿو. طالب نفس کي نابود ڪري مرشد ۾ فنا ٿو کائي. نفس مئو ته سک ٿيو،“سورٺ مئي، ته سک، ٿيو خيما کنيا کنگهار
اتي سورٺ کي نفس جي معنى ۾ وٺڻ گهرجي.(4)

سورٺ جي ڪھاڻي علامتي نوعيت جي آهي. سچل سائين ڄاتو پئي ته سنڌ جو ڪھڙو لوڪ ادب شاعريءَ ۾ قلمبند ٿيڻ جي لائق آهي. جيئن ته راءِ ڏياچ ساز ۽ آواز جو عاشق ۽ سخي ۽ سورهيه هيو. انيراءِ سندس پڪو ويري ۽ راءِ ڏياچ جي مٿين خاصيت جي ڄاڻ رکندڙ حاڪم هو. هن کيس اهڙين چڱاين مان غلط فائدو وٺڻ لاءِ ٻيجل جھڙي ماهر سرندي نواز کي سندس سِر وٺڻ تي مامور ڪيو ۽ عيوضي ۾ کيس وڏا انعام اڪرام ڏيڻ جي آڇ ڪئي. انيراءِ جي اهڙي انتخاب بابت سچل سائين فرمائي ٿو.

سخي سُر سورٺ ۾، سِر جي آهي صدا،

ٻي نه منجهه مدعا، هو سدا سوالي سِر جو . (5)

تنوير عباسي لکي ٿو ته : ”هن بيت ۾ سِر جي طلب ڪندڙ مڱڻهار ڏانھن اشارو آهي. اهو سوالي (مڱڻهار) هڪ علامت جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿو. اهو هڪڙو ئي فنڪار آهي ٻيجل، جيڪو تاج (ڇٽ) پٽن تي هڻندو ٿو رهي. “جيڪو وري وري ٿو اچي ۽ اهو ئي صحيح معنى ۾ فنڪار آهي. جنھن آڏو تاج، تخت يا حڪومتون ڪا به معنى نه ٿيون رکن.“ (6)

مٿين شعر ۾ سچل سرمست علامتي انداز ۾ هن قصي کي بيان ڪيو آهي،ڇاڪاڻ جو ٻيجل موقعي پرست ۽ راڳ جو وڏو ڄاڻو نه هو. هن صرف سرندي جي تار جي مهارت هئڻ ڪري، ان فن کي پنھنجي لالچ ۽ دغا لاءِ استعمال ڪيو. سچل سرمست هن سر جي اوٽ وٺي، جيڪي علامتون بيان ڪيون آهن. انھن جو هڪ فڪري لاڳاپو اسان جي سماج سان به آهي ته دغا ۽ دوکي ڪرڻ سان سماج ۾ بھتري ڪانه ايندي، بلڪ سماج پست حاليءَ طرف وڌنڌو ويندو. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو به ان ئي پسمنظر کي وڌيڪ اجاگر ڪندي لکي ٿو: ”جيئن ٻيجل انيراءِ جي اشاري تي پنھنجين فني صلاحيتن سان راءِ ڏياچ جي تخت کي اونڌو ڪري ڇڏيو، انڪري هي انيراءِ ظالم قوت ۽ ظلمت جو اهڃاڻ ٿي اڀريو آهي. ڏياچ پاڪائي ۽ سخاوت جي سمبل ۾ آيو آهي. سورٺ اهڙو تصور وٺي آئي آهي جيڪا ڏياچ جھڙن ڪردارن جي حفاظت لاءِ ساڻن گڏ گڏ رهندي آهي ۽ ٻيجل اهڙو ماهر فنڪار آهي، جيڪو پنھنجو فن ٽڪن تي وڪڻي، انساني بھتريءَ بجاءِ تخريبي سرگرمين ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. هتي ٻيجل جو ڪردار عام مڱڻهار، ڳائڻي ۽ سرندي نواز کان مٿي هڪ خاص اهڃاڻ (Symbol) بڻجي پيو آهي.“ (7)

جڏهن ته پروفيسر غلام محمد شاهواڻي هن سُر بابت رقمطراز آهي: ”هن سُر ۾ راءِ ڏياچ اهو مراد وند مريد آهي، جو مرشد جي چوڻ تي تن من ۽ ڌن سندس قدمن تان قربان ڪري ٿو، بلڪ سِر ڏيڻ کان به گريز نه ٿو ڪري، نفس مطمئني جڏهن اماره نفس جي ذريعي مرشد کي مال متاع آڇي ٿو ته هن کي سر ڏيڻ جي ماهيت معلوم نه هئڻ ڪري خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڪھڙو ويل وهايان ٿو. هو اڃان ”هئڻ“ جي مڪان هجڻ ڪري، اهو نه ٿو معلوم ڪري ته مريد جو روح اصل ڏي تاڻي رهيو آهي. ٻيجل جي تند مان ”الست بربکم قالو بلى“ جو آواز نڪري ٿو ته ڏياچ جي ڏيل ۾ ٿرٿلو مچي ٿو ۽ هو مرشد ۾ محو ٿي لا اله الا الله“ جي ڪاتيءَ سان ڪپار ۾ ڪرٽ وجهيفنا في الله“ ٿئي ٿو، يعني صفات کي فنا ڪري ذات ۾ لئي ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ذات جڏهن ذات سان ملي هڪ ٿئي ٿي، تڏهن صفتون سڀ گم ٿي وڃن ٿيون.“ (8)

ساڻس اختلاف رکندي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو لکي ٿو ته: ”هتي پروفيسر شاهاڻي ٻه اختلافي ڳالھيون ڪيون آهن. هڪ هنڌ سورٺ کي نفس مطمئنه چوي ٿو پر ٻي جاءِ تي چوي ٿو ته نفس مطمئنه جڏهن اماره نفس جي ذريعي مرشد (ٻيجل) کي مال متاع آڇي ٿو تڏهن اسان کي معلوم نه ٿو ٿئي ته محترم شاهواڻي هن جاءِ تي ڇو سورٺ (نفس مطمئنه ) کان ڪامل مرشد (ٻيجل) کي مال متاع جھڙي ڪڌي ڪم ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ نفس اماره جو سھارو وٺندي ڏيکاريو آهي؟ جڏهن ته نفس مطمئنه انھن حالتن کان مٿي واري حالت آهي.“ (9)

هتي هيءَ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته جيڪڏهن سورٺ نفس مطمئنه جي علامت آهي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن ٿيندو جو پنھنجي مرشد (ٻيجل) کي لالچ ڏيئي، ريھي ريبي، مال متاع ڏيڻ جي ترغيب ڏيندو؟ اهڙو ڪم ته نفس اماره ڪري سگهي ٿو. هتي جيڪڏهن شاهواڻي صاحب جو مقصد اهو آهي ته سورٺ نفس مطمئنه جي علامت آهي ته پوءِ راءِ ڏياچ جي حالت ته سورٺ کان هڪ درجو مٿي واري علامت قدسيه نفس واري ٿيندي. ڊاڪٽر سڌايو لکي ٿو ته: “هي دنيا نفوس قدسيه کان به خالي ناهي. اهڙا نفس هر آواز کي محبوب حقيقيءَ جي صدا سمجهندا آهن. راءِ ڏياچ اهڙن ئي نفسن مان هڪ هو. موسيقيءَ جو مزو اهڙا نفس جھڙيءَ ريت حاصل ڪن ٿاتن جو پتو کين ئي آهي. موسيقيءَ جو آواز ڪنن رستي دل تائين پھچي ٿو. پر اهو لطف هر ڪا دل حاصل ڪري نه ٿي سگهي.“ (10)

پاڻ خالق پوش آدميءَ جو ڍڪي،

آدميءَ جي نام سان آيو هتي،

پنھنجي آڱر سان وڄائين ستار،

راڳ سان مون کي ڪيائين بيقرار. “ (11)

هن دنيا ۾ اهڙن قرباني ڏيندڙن نفسن جي ڪمي ڪانھي. اهي اهڙا نفس آهن، جيڪي، غريب، بي پھچ ۽ لاچار ماڻھن جا سماجي سطح تي سھارو بڻجي پوندا آهن. راءِ ڏياچ به هڪ اهڙي علامت طور تاريخ ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. جنھن آڏو سِر مال ۽ حڪومت ڪا حيثيت نه ٿا رکن. اهڙا انسان هر دؤر ۾ايندا رهن ٿا. سچل سائين اهڙيون سچايون بيان ڪرڻ لاءِ سُر سورٺ جي ڪردارن کي اهڃاڻي حيثيت بخشي، علامتي انداز ۾ اسان کي سخاوت ۽ قربانيءَ جا گس اهڙا ڏسيا آهن، جن تي هلي اسان پنھنجي سماج ۾ ڪي آدرشي انسان پيدا ڪري سگهون ٿا، جيڪي مال متاع سان گڏ سر به قربان ڪري، پنھنجي قوم کي خوشحال بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. سچل سرمست جي نظر ۾ اهي آدرشي انسان پنھنجي ملڪ ۽ ڌرتيءَ لاءِ ڇپر ڇانءُ جي حيثيت رکن ٿا.

سورٺ: سخاوت ۽ قربانيءَ جي علامت

سخي سر سورٺ ۾، سر جي اچي صدا،

ٻي نه منجهه مدعا، هو سدا سوالي سرجو. (12)

مٿين شعر ۾ سورٺ سخاوت ۽ قربانيءَ جي علامت آهي. جڏهن ٻيجل کي راءِ ڏياچ جي سِر جي بدلي ۾ ٻيجل سِر جي سوال کان نه مڙي نه مڙيو ته سڀني راڻين به ٻيجل اڳيان پلؤ رکيو ته اسان جي ور جي بدلي سڄو جهونا ڳڙهه وٺ پر راءِ ڏياچ جو سِر نه وٺ ! پر ٻيجل جي سُر ۽ ساز ۾ ٻي ڪابه مدعا ڪانه هئي. هن کي ته ان سخي نيڪ دل بادشاهه جو سر کپندو هو، جيڪو پوءِ خوشيءَ سان راءِ ڏياچ ڏنو.

تاريخ ۾ اهو پھريون ڀيرو ڏٺو ويو آهي ته ڪنھن بادشاهه ساز جي سُر تي پنھنجو سِر ڏنو آهي. حالانڪ موسيقيڪار (مڱڻھار) ٻيجل لالچ واري علامت ۾ نروار ٿيو آهي. پنھنجي فن جي بدلي ڪنھن سخي ۽ نيڪ دل بادشاهه جو سِر وٺڻو ڪو نه هو پر لالچ هڪ اهڙي بُري بلا آهي، جو ويڙها ويران ڪري ڇڏي ٿي. پوءِ باقي پوئتي ويراني ئي ويراني رهجي وڃي ٿي. اها ويراني سماج ۾ مايوسيءَ جو سبب بڻجي ٿي، ڇا ڪاڻ جو هڪڙي سخي بادشاهه ۽ قوم اڏيندڙ جي سِر وٺڻ کان پوءِ جيڪا حالت قوم جي ٿيندي آهي ان جو خال ڀرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پوءِ اهو سماج صدين تائين ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾  گذاريندو آهي.

تند: سِر گهرڻ جي علامت

آهي سدائين سورٺ جي، سُر ۾ سر جو سوال،

تند نه تنواري هڏهين، مايا مڏيون مال،

وحدت جو وصال، سدا سورٺ سُر ۾.(13)

راءِ ڏياچ ٻيجل کي تند جي آواز عيوض پنھنجي سر جي بدلي ڪيترائي انعام ۽ اڪرام آڇيا پر ٻيجل کي صرف راجا راءِ ڏياچ جو سر کپندو هو، ڇاڪاڻ جو هن جي زال جو حڪم هو، جيڪا نفس (لالچ) جي انڌير ننگريءَ ۾ ايتري ته گم ٿي چڪي هئي، جو هن کي راجا راءِ ڏياچ جي اهميت جي خبر ئي ڪانه هئي. هن کي صرف هيرا جواهر ئي نظر ۾ پئي آيا. هن شعر ۾ تند سر گهرڻ جي علامت آهي. حق جو طالب دنيا جي خواهشن کي ترڪ ڪري وحدت جو وصال ماڻيندو آهي. هن جي سامھون مايا مڏيون مال ڪابه قيمت نه ٿيون رکن. هو ته پنھنجي حقيقي مالڪ سان ملڻ لاءِ پنھنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. راجا راءِ ڏياچ پنھنجو سر تند تي گهوري ڇڏيو ۽ پنھنجي محبوب سان وڃي مليو. حق سان حق ٿي امر ٿي ويو. سچل سرمست به اسان کي وطن جي خاطر قربان ٿيڻ جو درس ڏئي ٿو. ڌرتي تي سر قربان ڪرڻ وارا هميشه زندهه رهندا آهن. غلام ۽ غدار جي تاريخ جي ورقن ۾ ڪٿي به نالو نشان ناهي هوندو.

انيراءِ: دغا، ظلم ۽ ظلمت جو اهڃاڻ

 سورٺ ور(راءِ ڏياچ ): سخي ۽ سر ڏيندڙ جي علامت

اصل انيراءِ جو، سورٺ ور سان وير،
دغا رکي دل ۾، من ۾ رکيائين مير،
ڪينو رکي ڪونه ڪنھن، گرناري گنير،

غازي ناهي غير، هر ڪنھن سان هڪ جھڙو.(14)

هن شعر ۾ سچل سرمست انيراءِ کي دغا ۽ سورٺ ور (راءِ ڏياچ )کي سخي ۽ سر ڏيندڙ جي علامت طور کنيو آهي ته ڪيئن نه دل ۾ دغا رکي ظاهر ۾ سٺو بڻجي ماڻھو ماڻھو کي دغا ڏي ٿو. دين ۾ اهڙي ماڻھو کي منافق سڏيو ويو آهي. ڀٽائي سائين اهڙي ماڻھو کيمنھن ۾ موسى اندر ۾ ابليس” سان تعبير ڪيو آهي. سچل سرمست هن بيت ۾ راءِ ڏياچ کي سخي ۽ دل جو صاف ڪري پيش ڪيو آهي، جنھن جي دل ۾ ڪنھن لاءِ غير نه آهي پر حقيقت ۾ اهڙا ماڻھو ٺڳجي ويندا آهن. انيراءِ کي اهڙو دغا باز ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪو موسيقي جي آڙ ۾ بادشاهه جو سر حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هنن سٽن ۾ سچل سرمست دوست نما دشمن جي چالاڪين کان واقف ڪري ٿو. سورٺ ور جي سخاوت ۽ سچائي کي سچل سرمست هن بيت ۾ اڃان به واضح ڪيو آهي ۽ سُر سِر وٺڻ جي علامت ۽ سِر ڪنھن آفاقي سخاوت ۽ سچائي جي علامت آهي.

سُر: سِر وٺڻ جي علامت

 سِر: ڪنھن آفاقي سخاوت ۽ سچائيءَ جي علامت

سُر سنواريو سِر کي، سِرَ سنواريو سُر،

جو آهي سورٺ وَرُ، سو ڏيڻ کان ڪٿي رهي.“ (15)

مٿين شعر۾ سُر سِر وٺڻ جي علامت ۽ سِر ڪنھن آفاقي سخاوت ۽ سچائي جي علامت آهي. سُر جي صدا تي راءِ ڏياچ ٻيجل سان مخاطب ٿي چوي ٿو ته اي مڱڻا!تون ته هڪ سِر گُهري رهيو آهين پر تنھنجي تند جي سُرَ تي سوين سِرَ قربان آهن. عنايت بلوچ لکي ٿو: “منھنجي ڪپار جي قيمت تنھنجي تند جي تنوار جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ته ناهي. سو سِرُ لاهيندي لڄ ٿي ٿئيم ته منھنجي سِرَ جو سودو تنھنجي سُرَ آڏو تمام گھٽ ۽ خسيس آهي........ پر اي منگتا! توکي وري به جس هجي، جو مون کان تو اهو ڪجهه گهريو آهي، جيڪو مون وٽ موجود آهي، جنھن کي تند جي تنوار تي قربان ڪرڻ مون لاءِ سؤلو ۽ مانائتو آهي؛ پر جي ڪا اهڙي شيءِ مون کان گهرين ها، جيڪا مون وٽ نه هجي ها ۽ توکي آڇي نه سگهان ها ته هوند نه رڳو مون کي ندامت ٿئي ها، پر سڀني ڏاتارن جي سخا کي هميشه واسطي ٽڪو لڳي وڃي ها.“ (16)

سلطنت: سِر جي علامت

ڀانءِ ويھي ڀنيءَ تو، تندڙي تنواري،

ماري وري منگتا، تو جندڙي جياري،

گهر ته ڏيانءِ ڏوليون، موتين مَهاري،

پرهه جو تو پريم جي، پڪڙي پياري،

مافا وٺ هي موتين، جڙاءُ جواهري،

سلطنت ساري، سالڪ تو صدقي ڪيان“.(17)

هن بيت ۾ سلطنت سِر ( عظيم قرباني) ڏيڻ جي علامت آهي. هوئين ته سڄو شعر هڪ آفاقي علامت جو درجو رکي ٿو پر هت اسان جو موضوع سُر سورٺ راءِ ڏياچ جي قصي سان آهي. سرجي سلطنت ئي باقي شين کان مٿاهين درجي جي اهميت رکي ٿي. ڇاڪاڻ جو انسان وٽ سڀ کان وڌيڪ پيارو سِر ئي ته آهي، ان کان وڏي سلطنت ٻي ڪا آهي ئي نه ! اي !مڱڻا تنھنجي تند جي تنوار تي اهڙيون سوين سلطنتون هجن ته قربان ڪري ڇڏيان. تو ته اها شيءِ گهري آهي، جيڪا منھنجي وس ۾ آهي، جيڪڏهن تون ڪا اهڙي شيءِ طلبين ها، جيڪا منھنجي وس ۾ نه هجي ها! ته توکي ڪٿان ڏيان ها ! ۽ عمر ڀر لاءِ منھنجي سخاوت کي ڪو بدنما داغ لڳي وڃي ها.

نتيجو:

هن سُر ۾ سچل سرمست علامت جي صنعت جي اوٽ ۾  قرباني ڏيڻ جي اهميت کي واضح ڪري ٿو ته جن قومن ۽ سماج ۾ قرباني ڏيڻ جي قوت ۽ صلاحيت موجود هوندي آهي، اها قوم ڪڏهن به ختم نه ٿي، ٿي سگهي. راءِ ڏياچ جي علامتي انداز ۾ هن پنھنجي تخليق ذريعي قربانيءَ واري فلسفي جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو ساز جي تند تي سر گهوريندڙ ڪو عام انسان ناهي هوندو. هيءُ ته اهو آدرشي اڳواڻ آهي، جنھن سر جي سخا ڪري، پنھنجي ڌرتي ۽ سماج جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. انھيءَ سُر ۾ سورٺ جو ڪردار به لازوال آهي، ڪيئن نه هن پنھنجي ور جي سر جي قربانيءَ کان پوءِ پاڻ کي به آڙاهه جي حوالي ڪري ڇڏيو، حالانڪ ڏسجي ته عورت کان اهڙي قرباني نه وٺڻ گهرجي. اسان جي سماج ۾ عورتن سان ناروا سلوڪ صدين کان جاري آهي. اهي رسمون رڳو عورت کي ڪمتر ظاهر ڪرڻ لاءِ ئي هونديون آهن. اڄ ان رسم جي آڙ ۾ زمينون ڦٻايون پيون وڃن. اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن پنھنجن تخليقن ذريعي اهڙي رسم جي به علامتي نشاندهي ڪئي آهي ته اهڙن ناسور بڻجي ويل رسمن کي سماج مان ختم ڪرڻ گهرجي. اڃ ڪارو ڪاري جي آڙ ۾ عورت سان ظلم جي انتھا ڪئي پئي وڃي.  ساڳي سُر ۾ سچل سرمست ڪي روحاني ۽ فلسفياڻا راز به رمز جي علامت ۾ بيان ڪيا آهن.

حوالا

(1) مانجهي، محمد علي، ڊاڪٽر.”شاهه للطيف جي سورٺ ۽ سؤراشٽر جا قديم آثار، مرتب، تاج جويو، سُر سورٺ هڪ مطالعو، ڀٽ شاهه: ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ڀٽ شاهه، 2003ع. ص.103-104.

(3) آڏواڻي، ڀيرو مل، مھر چند، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، (هڪ مطالعو). شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر. ڪراچي: يونيورسٽي، ڪراچي.1997ع. ص. 98.

(4) سڌايو، غلام نبي، ڊاڪٽر، شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري. حيدرآباد : شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ضلعو حيدرآباد سنڌ، 1992ع. ص. 347-348.

(5) آڏواڻي، ڪلياڻ،”شاهه جو رسالو “ ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. 1997ع. ص. 300.

(6) تنيو، گل محمد، سنواريندڙ، سچل سرمست جو ڪلام (سنڌي بيت ۽ ڪافيون). 2005ع. ص.487.

 (7) عباسي، تنوير، ڊاڪٽر. شاهه لطيف جي شاعري. حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر. 2016ع. ص 257

(8)  سڌايو، غلام نبي. ڊاڪٽر، “شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري. حيدرآباد: شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، سنڌ، 1992ع. ص. 348.

(9) شاهواڻي، غلام محمد،”شاهه جو رسالو” ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊ مي ڇاپو ٻيو. 2005ع. ص. 637-638.

(10) سڌايو، غلام نبي، ڊاڪٽر. عشق ناهي آسان. (سچل سرمست جي شاعريءَ جو علامتي اڀياس). ڪراچي: صدا پبليڪيشن 2015ع. ص.43.

 (11) ايضاً، ص. 43.

 (12) حامي، عطا محمد، ڊاڪٽر. ”نينھن جا نعرا“ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.1992ع.ص. 175.

(13) صوفي،آغا غلام نبي، گل حسن خان. سچل سرمست. سڌارا ۽ واڌارا: ڊاڪٽر مخمور بخاري. ڪراچي: ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو حڪومت سنڌ، 2015ع. ص.307.

(14) سنواريندڙ، گل محمد تنيو. سچل سرمست جو ڪلام (سنڌي بيت ۽ ڪافيون). ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. 2005ع. ص.487.

(15)  صوفي،آغا غلام نبي، گل حسن خان. سچل سرمست. ڪراچي: ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو حڪومت سنڌ، 2015ع. ص.350.

 (16) سنواريندڙ، گل محمد تنيو. سچل سرمست جو ڪلام،(سنڌي بيت ۽ ڪافيون) ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن 2005ع. ص. 491.

(17) بلوچ، عنايت. مقالو. سُرَ جو غوغاءُ،سِرَ جو سودو ۽ ڀٽائيءَ جو بيان” مرتب، تاج جويو، ”سُر سورٺ هڪ مطالعو “ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ڀٽ شاهه، 2003ع. ص. 46.

(18) صوفي،آغا غلام نبي، گل حسن خان. سچل سرمست. ڪراچي: ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو حڪومت سنڌ، 2015ع. ص.307.

32 ڀيرا پڙهيو ويو