سنڌُو لکت جي علامت ’مڇي‘ جي ڀاڃ: هڪ نئون نڪته نظر
(Deciphering the fish sign of Indus Script: A new perspective)
عزيز ڪنگراڻي
Abstract
The Indus script remains un-deciphered despite numerous attempts since its discovery, including ongoing research efforts today. While linguistic connections have been explored to decode the writing system of the Indus Valley Civilization, scholars have yet to achieve a definitive breakthrough. Some researchers propose a link to Dravidian languages, while others favor a post-Dravidian context for interpreting the script. This study focuses on deciphering the fish sign within the Indus script. While previous interpretations have primarily relied on Dravidian languages, this research presents an alternative perspective based on the Sindhi language. Although Sindhi is now classified as an Indo-Aryan language, it retains a rich vocabulary and linguistic structures derived from Proto-Dravidian and Dravidian languages, including words with similar phonetic features.
Keywords: Indus Script, Decipherment, Fish Sign, Sindhi Language, Proto-Dravidian, Indo-Aryan Substratum, Epigraphy.
تعارف
سنڌُو ماٿريءَ جي سڀيتا جنھن کي هڙاپا تھذيب پڻ چيو ويندو آهي، انساني تاريخ جي قديم ترين شھري ثقافتن منجھان هڪ هئي، جيڪا 2600 ق.م کان 1900 ق.م جي وچ ۾ موجوده پاڪستان ۽ اتر اولھه هندستان ۾ ترقي ڪئي. سنڌُو ماٿريءَءَ جي سڀيتا ميسوپوٽيميا ۽ مصر جي تھذيبن جي همعصر هئي ۽ 1.25 ملين چورس ڪلوميٽرن کان وڌيڪ علائقي تي پکڙيل هئي، جنھن سبب اها ٽامي جي دور جي سڀ کان وڏين تھذيبن مان هڪ هئي.
سنڌُو ماٿريءَ جي سڀيتا پنھنجي اعليٰ ترين رٿابندي سان جوڙيل شھرن سبب دنيا ۾ مشھور آهي، جن ۾ شاندار شھري انجنيئرنگ ۽ صفائيءَ جو نظام موجود هيو. وڏا شھري مرڪز هڙاپا، موهن جو دڙو، ڍولاويرا، راکِي ڳڙهي، لوٿل، ڪالي بينگن ۽ چانھونءَ جو دڙو هئا. انهن شھرن ۾ ويڪرا، سڌا رستا، معياري پڪل سرن سان ٺھيل گهڻ ماڙ گهر ۽ اعليٰ درجي جي نيڪال جا نظام موجود هئا. سنڌُو ماٿريءَ جي سڀيتا جو پنھنجو خاص لکت جو نظام هيو.
اڃا تائين سنڌو ماٿريءَ جي لکت جي نظام جي مڪمل ڀاڃ نه ٿي سگهي آهي جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب واري دور ۾ 2600 کان 1900 ق.م دوران استعمال ڪيو ويندو هيو. جيڪڏهن سنڌو لکت جي مڪمل ڀاڃ ٿي وڃي، ته اها ٻولي، اقتصادي، مذهبي، سماجي يا انتظامي معاملا به ظاهر ڪري سگهي ٿي. بھرحال، سنڌو لکت قديم دنيا جي وڏين لسانياتي ڳُجھن منجھان هڪ ڳُجھه رهندي آئي آهي.
- سنڌُو ماٿريءَ جي لکت جو نظام
اڳ ۾ ذڪر ٿي چُڪو آهي ته سنڌُو سڀيتا بابت ڄاڻ جي سلسلي ۾ سنڌُو لکت سڀ کان وڏي ڳجهارت بڻيل آهي. ”هزارين مھرن، مٽي جي ٿانوَن، ٽامي ۽ ٻين نوادرات تي لکيل سنڌُو لکت جون لکتون ملي چڪيون آهن پر انهن جي ڀاڃ اڃا تائين ڳجهه بڻيل آهي“ (Laghari. R, 2025). سنڌُو لکت لفظن (Logographics) يا اُچارن (Syllabic) تي مشتمل ٿي سگهي ٿي. هونئن ته علامتن جو تعداد وڌيڪ مليو آهي پر ڌار ڌار يا منفرد علامتن جو تعداد اٽڪل 400 يا 600 آهي. سنڌو لکت مختصر ملي آهي. مھرن تي هر هڪ عام لکت ۾ 5 يا 6 علامتون شامل آهن“ (Laghari. R, 2025)، جڏهن ته سڀ کان ڊگهي تحرير ۾ لڳ ڀڳ 17 يا وڌ ۾ وڌ 34 اکر يا نشانيون آهن. گهڻيون لکتون ساڄي کان کاٻي طرف لکيل نظر اچن ٿيون. سنڌُو لکت جي علامتن جي شڪلين ۾ مڇي، انساني شڪليون يا ٻوٽا وغيره به آهن. مھرون گهڻو ڪري واپاري مرڪزن ۾ مليون هيون، جن تي جانورن، ديوتائن ۽ لکت جون صورتون موجود آهن. مٽي جي ٿانوَن تي به علامتون مليون هيون. جيتوڻيڪ اهي ناياب آهن، پر انهن تي به نقش ٿيل لکتون موجود هيون.
- سنڌُو لکت جي ڀاڃ ۾ اهم ڏکيائيون
2.1 ڪنھن به ٻه ٻوليائي (bilingual) لکت جي کوٽ: سنڌُو لکت جي ڀاڃ لاءِ واضح ٿيل ٻن ٻولين وارو متن (جيئن مصر جي هيرو گلفس سمجھڻ لاءِ روزيٽا اسٽون مليو) موجود ناهي، جيڪو هن لکت جي ڀاڃ ۾ مدد ڪري سگهي.
2.2 مختصر لکت: مطلب سنڌُو لکت جون لکتون طويل هجڻ بجاءِ مختصر علامتي نشانين تي مشتمل آهن. مُھرن تي وڌ ۾ وڌ 5 يا 6 علامتون آهن، جنھنڪري پوري ٻوليءَ جي جوڙجڪ کي سمجهڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.
2.3 سنڌُو لکت جي ٻولي اڻڄاتل آهي. ڪنھن کي اهو به معلوم ناهي ته اها لکت ڪھڙي ٻولي يا ٻولين جي نمائندگي ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته لکت جي ان دور جي ڪنھن به ٻين لکڻين سان سڌي مشابھت ناهي.
2.4 متغيرعلامتن جو تعدادگهٽ هجڻ: 400 يا 600 ڌار ڌار علامتون هجڻ
ڪري اهو طئي ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو ته ڇا اهي لِپِي (اکر)، لفظ (آواز)،
يا لوگوگرافڪ (نشاني) جي نمائندگي ڪن ٿا؟ انهن ۾ مٽا سٽا يا ڦيرگهير
موجود ناهي.
2.5 لکڻ جو طرف ۽ ترتيب: گهڻيون لکتون ساڄي کان کاٻي طرف لڳن ٿيون، پر ڪي ڪي کاٻي طرف کان به لکيون ويون آهن، جيڪو ڀاڃ کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو.
2.6 ملندڙ جلندڙ نشانيون: ڪجهه علامتن کي مڇي، جانورن، يا ٻوٽن سان مشابھت ڏني وئي آهي جيڪي ملندڙ جلندڙ آهن. سو انهن جي صحيح ڀاڃ ڪرڻ ڏکيو عمل بڻجي وڃي ٿو.
2.7 تاريخي ۽ ثقافتي حوالن جي کوٽ: سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جي ثقافتي ۽ مذهبي پسمنظر بابت محدود معلومات هجڻ ڪري لکت جي ڀاڃ ۾ وڌيڪ مشڪلات پيش اچي ٿي. اهي سڀ مسئلا گڏجي سنڌو سڀيتا جي لکت جي ڀاڃ کي هڪ وڏو راز بڻائين ٿا.
2.8 لکت نه هجڻ جو خدشو: سنڌُو لکت بابت ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته
اهي صرف واپاري نشانيون يا علامتون ٿي سگهن ٿيون ۽ ٿي سگهي ٿو ته اها لکت نه هجي.
مٿي بيان ڪيل سڀ عنصر ۽ سبب سنڌُو ماٿريءَ جي لکت جي ڀاڃ لاءِ رنڊڪ ۽ مونجهاري جو سبب بڻجن ٿا. تنھن هوندي به اها اميد آهي ته مستقبل ۾ برجستي تحقيق سنڌُو لکت جي ان منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
پوسھيل ۽ راءِ موجب: ”سنڌُو لکت اٽڪل 400 ڌار ڌار نشانن تي مشتمل آهي، ۽ هن وقت تائين لڳ ڀڳ 3,500 مثال ملي چڪا آهن. بھرحال، انهن نشانين جو مطلب ۽ جوڙجڪ اڃا تائين نامعلوم نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنھن به ٻه ٻوليائي يا ٽه ٻوليائي لکت جو نه ملڻ ۽ ڪنھن سڌي طرح ڄاتل ٻولي سان تعلق نه هجڻ سبب ان جي ڀاڃ مشڪل آهي.“ (Possehl, 2002; Rao, 2017, p. 518)
رماساميءَ مطابق: ”مصري هيروگليف لکت کي سمجهڻ روزيٽا اسٽون جي مدد سان ممڪن ٿيو، جيڪا هڪ ٽه ٻوليائي لکت هئي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته سنڌُو لکت لاءِ اڃا تائين ڪا به ٻوليائي يا ٽه ٻوليائي لکت نه ملي آهي. بھرحال، ان جو مطلب اهو ناهي ته سنڌُو لکت هميشه لاءِ بغير ڀاڃ رهندي (Ramasami, 2014).
مھاديوَن، يادوَ ۽ وَهَيا جو به خيال آهي ته، ” سنڌُو ماٿريءَ جي لکت جي ڀاڃ جي اهم مشڪل ان جو مختصر هجڻ آهي. عام طور تي، سنڌُو ماٿريءَ جي هر لکت وڌ ۾ وڌ پنج نشانن تي مشتمل آهي، جڏهن ته سڀ کان ڊگهي هڪ لڪير تي مشتمل لکت صرف 14 يا 15 نشانن تي ٻڌل آهي“ (Mahadevan, 1977; Yada & Vahia, 2011). ان جو مختصر هجڻ ئي ڀاڃ لاءِ هڪ وڏي رنڊڪ بڻجي ٿو.
سنڌُو ماٿريءَ جي لکت جي لساني وابستگي اڃا تائين غير يقيني آهي.
ڪجهه محققن جو خيال آهي ته ”هي ڪنھن ابتدائي دراوڙي يا پروٽو-دراوڙي ٻولي جي نمائندگي ڪري سگهي ٿي“(Parpola, 1994). پارپولا جهڙوڪرجان مارشل جي انهيءَ نظرئي جي حمايت ڪري ٿو ته ” سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جي ٻولي سنسڪرت نه هئي، پر هڪ اڳ-آريائي (Pre-Aryan) ٻولي هئي“(Marshall.J, 1931,p-24).
ڪجهه ٻين ماهرن جو خيال آهي ته ان جو تعلق هند-آريائي يا ڪن وساريل علائقائي ٻولين سان ٿي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ اهي نظريا يا خيال اڃا تائين قياس آرائيءَ تي ٻڌل آهن ۽ انهن جون ثابتيون نه ملي سگهيون آهن.
ڪيناير موجب: ”لکت جي علامتي نوعيت پڻ ان جي ڀاڃ کي پيچيده بڻائي ٿي. ڪجهه نشانيون تصويري (pictographs) لڳن ٿيون، جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ تجريدي (abstract) علامتون آهن، جيڪي ان جي ڀاڃ کي وڌيڪ مشڪل بڻائين ٿيون“ (Kenoyer, 2020, p. 223).
سنڌُو ماٿريءَ جي سڀيتا جي دريافت کي ھڪ صدي کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي، پر ان جي لکت جي ڀاڃ اڃا تائين ھڪ ناقابل فھم ڳجهه بڻيل آھي. ان جي غير واضح رهڻ جي بنيادي سببن تي وڏي پيماني تي تحقيق ڪئي وئي آھي. ساڳي طرح، سنڌُو لکت ۾ "مڇي" جي علامت جي ڀاڃ ۾ به اهڙي ئي نوعيت جون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.
جينر مطابق، ”1960ع واري ڏهاڪي کان وٺي، ڪيترن ئي علمي مطالعي
جي روشني ۾ سنڌُو لکت جي نموني جو تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي،
جن ۾ خاص طور تي روسي ٻولي ماهر يوري نوروزوف، فنلينڊ جي آثار قديمه جي ماهر آسڪو پارپولا، ڀارتي محقق ۽ دنيا جا ٻيا ماهر شامل آهن، جن سنڌُو لکت
جي ڀاڃ لاءِ ڪمپيوٽشنل ۽ ٻين سائنسي طريقن جو استعمال ڪيو آهي“
(Janer.R,Mcilnath, 2008, p-55). پوسھل موجب، ”جيتوڻيڪ سنڌُو لکت جون اصل نشانيون نه مليون آهن، پر شو-ايليشو جي مستطيل مھر (Cylindrical seal) جي دريافت مستقبل ۾ هن قديم لکت کي سمجهڻ لاءِ اميد جو هڪ ڪرڻو مھيا ڪري ٿي“(Possehl, 1996, p-43).
سينگپتا مڇيءَ جي علامت کي تصويري نشاني سمجھندي لکيو آهي ته،
”هيءَ تحقيق ٻن بنيادي سوالن جو جائزو وٺي ٿي: ڇا اسين ”مڇي“ جي علامت جي ممڪن ڀاڃ جو تعين ڪري سگهون ٿا؟ جيڪڏهن ها، ته ڇا هي ڀاڃ سنڌ ُو لکت جي حوالي سان سنڌُو ماٿريءَ جي سڀيتا جي سماج ۽ ثقافت بابت ڄاڻ مھيا ڪري سگهي ٿي؟ ھن تحقيق ۾ دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته مڇي جي علامت سنڌُو ماٿريءَ جي تھذيب ۾ خاص سياسي ۽ مذهبي اهميت رکندي هئي. وڌيڪ، ھن تجزئي ۾ ھن علامت کي ھڪ تصوري علامت (Ideogram) طور پيش ڪيو ويو آهي، جتي ان جي صوتي معنيٰ جي بدران ان جي علامتي مفھوم کي ترجيح ڏني وئي آهي“ (Sengupta. S, 2023, p-87).
سنڌُو ماٿريءَ جي لکت ۾ مڇيءَ جي علامتن جي مختلف ڀاڃ ڪئي وئي آھي. ھڪ نمايان نظريو اهو آهي ته، مڇي جي علامت جي اصطلاحي ڀاڃ ستارن، آڪاشي ديوتائن طور ڪئي وئي آهي ۽ دراوڙي لفظ مِن (min) ('مڇي') يا من/ون (min/vin) کي اصطلاحي طور ”چمڪ، دمڪ ۽ چمڪڻ“ سان ڳنڍيو ويو آھي(Parpola, 1994). پارپولا وڌيڪ ڄاڻائي ٿو، ”هيءَ ڀاڃ ڀارتي آڪاشي ۽ مذهبي روايتن جي مختلف عنصرن سان مطابقت رکي ٿي، جن ۾ سيارن جي پوڄا، ويدڪ ستارن جو ڪئلينڊر ۽ نئين سال جون علامتون شامل آهن. ان کان علاوه، ڀارت ۾ آڪاشي، ذاتي نالن ۽ قطب تاري (North Star) طور پڻ ڀاڃ ڪئي وئي آهي، سنڌُو ماٿريءَ ۾ ديوين جي پوڄا جي ثبوت کي به هن علامت جي تناظر ۾ جاچيو ويو آهي. سنڌُو ماٿريءَ جي قديم آثار امري مان ملندڙ مٽيءَ جي ٿانون تي ”مڇي“ ۽ ”ستارن“ جا گڏيل نقش پڻ انهيءَ ڀاڃ جي وڌيڪ حمايت ڪن ٿا (Parpola, 1994, p-179, 182, 183, 201,204 ).
رابرٽ دليل ڏئي ٿو ته ”هيءَ لساني جڙ ڪيترين ئي دراوڙي ٻولين ۾ موجود آهي. لفظ ”وِن“ آسمان لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ ”من(min) “ مان نڪتل آهي، جنھن جو اصطلاحي مطلب آهي ”اڇاڻ“، جڏهن ته ”مِن“ لفظ ٻنهي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، يعني ”تارو“ ۽ ”مڇي“وغيره جيڪو به ”مِن“ مان نڪتل آهي، جنھن جو مطلب آهي ”چمڪڻ“. ساڳي طرح، تامل ٻوليءَ ۾ ”ويجِّي(vejjī) “ ”يارو زهره (Venus) ۽ چانديءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو ”وين(ven) “ مان نڪتل آهي، جنھن جو اصطلاحي مطلب آهي ”چانديءَ وانگر سفيد“. تنھن هوندي به، عام طور تي، سنسڪرت مان ورتل لفظن کي قديم دراوڙي جڙ کان ڌار ڪرڻ ۾ ڪو خاص ڏکيو ڪم ناهي. رڳو ڪجهه اهڙا مثال آهن، جتي هي ابهام موجود آهي ته ڪجه لفظ سنسڪرت جا آهن يا دراوڙي. مثال طور، ”نير(Nir)“ (پاڻي) ۽ ”مِن“ (مڇي) ٻنهي کي ٻولين جي ورثي طور دعوى ڪئي وئي آهي. ان جي باوجود، عام طور تي مڃيو وڃي ٿو ته ٻئي لفظ دراوڙي ٻوليءَ جا آهن“ (Robert. C, 1976, (p-45. سنڌي ٻولي ۾ مڇي لاءِ مِينَ (Meen) ۽ ”نير(Nir) “ جو مطلب آهي پاڻي ۽ ڳوڙها يا لڙڪ. اهو لفظ ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڪرشنامورتي به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته ”دراوڙي دور کان اڳ پروٽو دراوڙي (Proto-Dravidian) ٻولين ۾ ”Nir“ پاڻي لاءِ استعمال ٿيندو هو“ (Krishnamorti, 2003. P-46) جيڪو اڄ به سنڌي ۽ ٻين دراوڙي ٻولين ۾ ساڳي معنيٰ سان موجود آهي.
اهڙيءَ طرح، سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ ”مين (meen)“ جون جڙون پروٽو دراوڙي
(Proto-Dravidian)لفظ ”مِن(min) “ ۾ کُتل آهن، جنھن جو مطلب آهي ”مڇي” ۽ اصطلاحي معنيٰ ”چمڪ“، ”روشني“ ۽ ”سيارو“ يا سيارن جو مخصوص جھرمٽ (Constellation) (بلوچ، 1988، صفحو 2760).
ان کان علاوه بلوچ (2006، صفحو 657) لکي ٿو ته سنڌيءَ ۾ ”مينا(meen) “ جو مطلب ”مڇي“، ”آسمان“، ”برج“، ”نيرو رنگ“، ”سون ۽ چانديءَ تي ٿيل نقش نگاري“، ”جوت“ آهي، ۽ ”ميناڪاري“ انهن قيمتي ڌاتن تي ڪيل رنگين، چمڪندڙ چٽسالي کي به چيو ويندو آهي، جيڪي سڀئي چمڪ ۽ جوت جون علامتون آهن. ڪن محققن جي راءِ آهي ته پروٽو دراوڙي (Proto-Dravidian) ٻوليءَ ۾ ”مڇي“ لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ ”مين“ (mīn)، اڄ جي ڀارت جي ٻولين ۾ وڏي پيماني تي استعمال ۾ آهي ۽ ڪيترين ئي دراوڙي ٻولين ۾ ”چمڪ“، ”روشني“، ۽ ”قيمتي پٿر“ جا معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو. لسانياتي طور تي، هن (Proto-Dravidian) لفظ جي جڙ
”مين(mīn) “ ۾ کُتل آهي، جنھن جو مطلب آهي ”مڇي“، ”چمڪڻ“ ۽ ”چمڪ وِکيرڻ“.
علامتي طور تي ان کي ستارن، ٽانڊاڻن، روشنيءَ ۽ مڇيءَ جي اک جهڙن خاص پٿرن سميت ٻين چمڪندڙ شين سان ڳنڍيو ويو آهي (Ansumali.B, 2023, P-3,1).
پارپولا مطابق، ”7 + مڇي“ (تصوير: 1) يا ”مڇي + 7“ (تصوير: 2)) ايليو + مين’/ ‘elu + min’) جو مطلب آهي ”ست ستارا“. تامل ۾ هي Ursa Major (ست ستارن وارو جھرمٽ) لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو ڀارت ۾ مڇي جهڙن ”ست رشين (Seven Sages)“ جي نالي سان مشھور آهي. ڀارت ۾ به ان سان ملندڙ هڪ تصور آهي، جتي ست مڇي جي شڪل وارا رشي پوڄا جا مرڪز آهن (Parpola, 1994, P-275).
سنڌي ٻوليءَ ۾ به ”مِن“ يا ”مين(min/meen) “ جو مطلب آهي مڇي، جڏهن ته سنڌي ٻولي ۾ ”ڪَتِي(Katti) “ لفظ موجود آهي جيڪو ست ستارن جي جھرمٽ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ”ڪَتِي“ آسمان ۾ هڪ اهڙو جھرمٽ آهي، جيڪو گرميءَ جي موسم ۾ نظر ايندو آهي ۽ سرديءَ جي شروعات تائين هوندو آهي. ان کان علاوه
سنڌي ٻولي ۾ ”ڪَتِي“ لفظ هڪ خاص پوکيءَ واري موسم لاءِ به استعمال ٿئي ٿو (Baloch. N. A, 2006, P-483). هن موسم ۾، جڏهن ”ڪَتِي“ جو جھرمٽ آسمان جي وچ تي ظاهر ٿئي ٿو، ته روايتي طور تي هاري پنھنجي فصل خاص طور وونڻن جي پوکيءَ جي شروعات ڪن ٿا. ڪَتِي سنڌي سال جو مھينو پڻ آهي.هن ڀاڃ يا معنيٰ جي پسمنظر ۾، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لساني ۽ ثقافتي نڪته نظر مان ڏسجي، ته ”7 + مڇي“ يا ”مڇي + 7 “ جي ڀاڃ ممڪن طور تي ”ڪَتِي“ ٿئي ٿي. جيڪا پارپولا جي ڀاڃ موجب آهي. اهڙيءَ طرح، پارپولا مطابق ”3 + مڇي“ (تصوير: 3) ٽن ستارن جي علامت آهي، جيڪا تامل ۾ مرگاشرا (Mrigashira) واري جھرمٽ سان لاڳاپيل آهي. تامل ناڊو ۾ هيءُ جهرمٽ ”رشين جي مھيني“ سان تعلق رکي ٿو (Parpola, 1994, P-275).
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان کي ”ٽيڙُو (teru)“ يا ”ٽڙيلُهو(trelhu) “ چيو وڃي ٿو، جنھن جو مطلب آهي ”ٽي ستارا“ يا ”هڪ قطار ۾ ٽي ستارا“ (Baloch. N.A, 2006, P-150). هن تناظر ۾ چئي سگهون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ”3 + مڇي“ جي علامت جي ممڪن ڀاڃ ”ٽريڙو يا ٽيڙُو(treru)“ آهي. عام طور ٽيڙو جي نکٽ ۾ سورهن تارا هوندا آهن، پر نکٽ جي وچ آهي، ڪاڇي، ٿر توڻي سنڌ جي لوڪ ڏاهپ موجب ٽيڙو کي هرڻ به سڏجي ٿو. ٽيڙو ۽ لڌا تارا ڪَتي پٺيان هلندا آهن. ٽيڙُو اڀرڻ وقت ٻج ڇٽڻ کان پوءِ جلدي ڦُٽي ٿو. لوڪ ڏاهپ مطابق ٽيڙُو فصل پوکڻ ۽ برساتن جي مند جو اندازو ٿيندوهيو.
سنڌ جي روايتي تاريخ کي ڏسجي ته سوين سالن تائين انسان رستو ڳولڻ لاءِ تارن جو سھارو وٺندا آيا آهن، انهن تارن مان ٻه تارا پراڻي زماني ۾، انسان لاءِ ڏاڍا اهم هئا.
هڪ قطب تارو جنھن کي ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ايٽ تارو يا ڌُرو تارو (North star) چئبو آهي (Baloch, 2006). ٻيو سھيل (Baloch, 2006) يا سھائو تارو (Canopus) تارو سڏبو آهي. ٻيا ٻه تارا لُڌا تارا (Castor and Pollux) هوندا آهن. لُڌا تارا هڪ نکٽ آهي. هنن تارن بابت سنڌ ۾ لوڪ ڏاهپ جون مختلف روايتون آهن. هيءُ اتر طرف ٻئِي گڏ هوندا آهن. سھيل تارو باک ڦُٽي وقت اُڀرندو آهي. وِهائو تارو سج لهڻ وقت اڀرندو آهي جڏهن ته لُڌا تارا قطب تاري ڀرسان هوندا آهن جيڪي گهڻا روشن هوندا آهن. هنن تارن کي ٻه تارا، ٻِٽا يا جاڙا تارا سڏبو آهي. قطب تاري وانگرهيءُ تارا سمنڊ يا ميدانن ۾ طرف يا رُخ سڃاڻڻ ۾ مدد ڪندا آهن جنھنڪري سُونھان تارا پڻ سڏجن ٿا. لُڌن تارن جو پوکي رهي سان به تعلق آهي. انهن ٻنهي تارن لاءِ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اصطلاح ”ٻه تارا يا جاڙا تارا “(Two or Twin stars) موجود آهي جيڪو خاص طور قديم زماني کان عام ماڻهو استعمال ڪندا آيا.يورپ ۾ جاڙن تارن لاءِالڳ ڏندڪٿاموجودآهي.
قديم زماني کان ايٽ تاري يا ڌرُو تاري(North star or North pole) کي وڏي اهميت حاصل رهي آهـي. سھيل تارو جيئن ته پرهه ڦٽيءَ مھل ۽ قطب تارو ۽ لُڌا تارا اتر طرف اڀرندا آهن، ان ڪـــري هنن تارن کي مسافرن جو ’سونھان تارا‘ به چوندا آهن. سنڌ جا آڳاٽا سيلاني هن تاري جي مدد سان کليي سمنڊ ۾ سفر جي طرف جو تعين ڪندا هئا. ٻين سماجن ۾ به ساڳيو تصور آهي. سنڌو لکت وارين مھرن تي 2 + مڇي (تصوير: 4الف) ۽ مڇي + 2 (تصوير: 4ب) جي علامت ملي ٿي جيڪا ٻه تارن يا جاڙن تارن کي ظاهر ڪري ٿي ۽ ان جي ڀاڃ ”لُڌا يا جاڙا تارا“ ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته اها جاڙن تارن جي علامت ئي هوندي.
ان کان علاوه آسمان ۾ کٽ (Cot) جي پاون وانگر چئن ستارن (Four Stars) جو جهرمٽ نظر ايندو آهي، جنھن کي صدين کان سنڌي ماڻهو کٽ (Khatt) سڏن ٿا. هن جهرمٽ کي سنڌي ۾ ’پَريُن جي کٽ(Fairies’s cot) ‘ پڻ چيو ويندو آهي. ان کان علاوه ’اوپرا کٽ‘ به چئجي ٿو. هن کٽ جيان نکٽ جا تارا ٻارهن ئي مھينا موجود رهن ٿا ۽ اُهي آسمان جي اڪثر اوڀر ۽ وچ واري مرڪز ۾ نظر اچن ٿا.سنڌو لکت جي مھرن تي کٽ جي علامت، مڇي + 4 (تصوير: 5) جي شڪل ۾ موجود آهي جنھن جي سنڌيءَ ٻولي ۾ ڀاڃ کٽ (Khatt) ٿي سگهي ٿي (تصوير نمبر: 5)
سنڌُو ماٿريءَ جي سڀيتا جي دور ۾ سنڌُو لکت جي مھرن تي تارن جي مٿين نکٽن کي ڇا سڏيو ويندو هو سا سُڌ ناهي. آسڪو پارپولا پڻ تامل ٻولي جي نسبت سان موجوده تصور بيان ڪيا آهن. مون پڻ انهيءَ روشنيءَ ۾ سنڌي ٻولي ۾ ڀاڃ ڪئي آهي جيڪا حتمي نه آهي.
جيتوڻيڪ هيءَ ڳالهه سڌو سنئون هن موضوع سان لاڳاپيل ناهي، پر اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته، ”رتِي (Ratti) سون ماپڻ لاءِ وزن يا تور جو هڪ ايڪو آهي، جيڪو اڄ به سڄي ڀارت ۾ سون تورڻ جو هڪ عام پيمانو آهي (آنسومالي، بي. 2022)۔ جيڪڏهن هيءَ علامت (تصوير:6) ”رتي Ratti“ جي ڀاڃ ظاهر ڪري ٿي ته اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ سڄي پاڪستان، خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ به (تصوير: 7) ”رتِي (ratti)“
لفظ قديم زماني کان موجود رهيو آهي ۽ سون جي وزن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي ۽ اڄ به رائج آهي. ان علامت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ڀاڃ رَتِي ٿيندي. سنڌ يا سنڌي ٻولي ۾ ”رتي“ ڪڻڪ جي پوک جي هڪ بيماري لاءِ به استعمال ٿيندو آهي، ۽ ”رتي“ سان لاڳاپيل ڪيترائي محاورا پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن.
سنڌُو لکت ۾ جيڪڏهن هن علامت کي ”رتي“ جي طور تي ڀاڃ ڪئي وڃي،ته
”2 + رتي“ (تصوير: 8) يا ”رتي + 2“ (تصوير:9) واريون علامتون به موجود آهن، جن جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڀاڃ ”ٻه رتيون“ ٿي سگهي ٿي ۽ ٻِن رَتين جي قيمت کي ظاهر ڪري سگهي ٿي. ان کان علاوه اهو ذڪر به ٿي چڪو آهي ته سنڌ يا سنڌي ٻولي ۾ ”رتي“ لفظ ڪڻڪ جي فصل جي هڪ خاص بيماري لاءِ به ڪم اچي ٿو، جيڪا بيماري ڪڻڪ کي ان وقت لڳي ٿي جڏهن سنگ جھليندي آهي، جڏهن آسمان تي ڪارا بادل ڇانيل رهن ٿا ۽ برسات پوي تڏهن هيءَ بيماري ڪڻڪ جي فصل کي لڳندي آهي ۽ ڪڻڪ جي پيداوار گهٽجي وڃي ٿي.
سنڌُو لکت جي علامت مڇيءَ جي ڀاڃ هيري، موتي يا جواهر طور ڪجي ٿي ته هڪ گمان جنم وٺي ٿو. موهن جي دڙي جي مھر (M-410) جي نقش مطابق، هڪ مانگرمڇ کي مڇي کائيندي يا ڳيهندي ڏيکاريو ويو آهي (تصوير: 10). مانگر مڇ ۽ مڇي منجھان پاڻيءَ جو تعلق يا تصور ضرور اُڀري ٿو پر هن مھر موجب قيمتي پٿرن، جواهرات، اک جي شڪل وارن املهه پٿرن، يا ستارن بابت ڪنھن به قسم جو تعلق يا تصور ظاهر نٿو ٿئي. ان جو سبب اهو آهي ته مگرمڇ فطري طور پاڻيءَ ۾ مڇيءَ جي شڪار سان جُڙيل آهي، پر جواهرات يا موتين کي کائڻ سان ان جو ڪو به واسطو ناهي. ۽ نه ئي هن مھر موجب مڇي جي ڀاڃ جواهرات يا ستارن طور تصور ظاهر ڪري ٿي. نڪي مھر ۾ مانگر مڇ موجب مڇي جي علامت جو قيمتي پٿرن يا ستارن ڏانهن ڪو علامتي اشارو موجود آهي. تنھنڪري، ”مِن“ يا ”مين (min/meen)“ جي ڀاڃ کي جواهر يا ستاري جي معنيٰ ۾ ٻيهر جانچڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان جي ڀاڃ کي يقيني بڻائي سگهجي..
نتيجو
جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ کي عام طور تي هند-آريائي ٻولين جي خاندان جو حصو سمجهيو ويندو آهي، پر ان جون جَڙون پروٽو دراوڙي (Proto-Dravidian) ۽ دراوڙي ٻولين تائين پھچن ٿيون. سنڌُو لکت ۾ "مڇي" واري علامت جي ڀاڃ، پروٽو دراوڙي ۽ دراوڙي لفظن جھڙوڪ ”نير(nīr)“، ”مِن (min)“ ۽ ”مين(meen) “ جي موجودگي، اهو ثابت ڪري ٿي ته اهي دراوڙي ۽ پروٽو دراوڙي لسانياتي عنصر اڃا تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. هن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي اصل ۾ هڪ دراوڙي ٻولي هئي، پر آريائي ۽ سامي ٻولين جي ڊگهي عرصي جي اثر سبب، آخرڪار سنڌي هند-آريائي گروپ جو حصو بڻجي وئي. ان ڪري، سنڌُو لکت جي نظام ۾ ”مڇي“ ۽ ٻين علامتن جي ڀاڃ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ کي به هڪ اهم ذريعي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جا دراوڙي ٻولين سان لسانياتي ۽ ثقافتي لاڳاپن ۽ تاريخي تسلسل کي سمجهڻ سان، محقق سنڌُو لکت جي ڀاڃ سان گڏ سنڌُو لکت جي علامتن کي سمجھڻ ۾ سڦل ٿي سگهن ٿا.
جنھن طريقي سان آسڪو پارپولا تامل ٻوليءَ کي بنياد بڻائي سنڌُو لکت جي ڀاڃ جي ڪوشش ڪئي آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح مستقبل ۾ ٿيندڙ تحقيقي ڪوششن ۾ ٻين دراوڙي ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي به شامل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ دراوڙي لسانياتي ۽ ثقافتي عنصر به موجود آهن ته دراوڙي ٻولين جي لفظن جو وڏو ذخيرو پڻ موجود آهي.. ان ڪري سنڌُو لکت جي ڀاڃ جا راز کولڻ ۾ سنڌي ٻوليءَ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
تصويرون
تصوير: 1 تصوير: 2
تصوير: 3 الف تصوير: 3ب
تصوير: 4 الف تصوير: 4 ب
تصوير: 5 تصوير: 6
تصوير: 7 تصوير: 8
تصوير: 9 تصوير: 10
حوالا
- Laghari. Riaz( Jan 25, 2025) Decoding the Indus Valley Script
- Biswas, S. 1. Possehl, G. L. (2002). The Indus Civilization: A Contemporary Perspective. Alta Mira Press.
- Rao, R. P. N. (2017). The Indus Script and Economics. Archaeopress, p. 518.
- Ramasami, J. (2014, February 21). Sci.News.
- Mahadevan, I. (1977). The Indus Script: Texts, Concordance, and Tables. Memoirs of the Archaeological Survey of India.
- Yadav, N., & Vahia, M. N. (2011). Indus Script: A Study of its Sign Design. June 2011, p. 1.
- Parpola, A. (1994). Deciphering the Indus Script. Cambridge University Press.
- Marshall, J. (1931). Mohenjo-Daro and the Indus Valley Civilization, p. 42.
- Kenoyer, J. M. (2020). The Origin and Development of the Indus Script: Insights from Harappa and Other Sites, p. 223.
- Janer. R Mcinath. 2008. The ancient Indus Valley: new perspective
- Possehl, Gregory L. (1996).The Indus Age: The Writing System. Philadelphia, PA: Pennsylvania University Press
- Sengupta. S. 2023. Fish Symbolism in Indus Valley Epigraphy and Protohistoric Accounts
- Parpola. A. 1994. Deciphering the Indus Script, Cambridge University
- Robert, Caldwell. 1976. A Comparative Grammar of the Dravidian languages, p-45, 196
- Kirishnamurti, Bhandriraju, 2003. The Dravidian Languages, Cambridge University
- Baloch N.A. 1988. Sindhi dictionary vol.5. Sindhi Adabi Board Jamshoro, Sindh
- Ansumali. B. 2023. Can the Indus script answer the Dravidian question? P-1- 3
- Balouch, N.A. 2006. One vol. Sindhi Dictionary, Sindhi Language Authority Hyderabad, p-657
- Ansumali Bahata, 2022. Gold and ‘ratti’ signs inscribed on Mohenjo-Daro’s gold-assaying needles