سنڌي ناول ۾ رومانويت جولاڙو: مختصر جائزو
(A Brief Overview of Romanticism Trends in Sindhi Novels)

غلام سڪينہ ويسر

This paper explores the definition, origin and evolution of the Novel. It focuses particularly on the influence of Romanticism within the Sindhi Novel. The novel emerged in eighteenth century in Europe as a modern genre. It Shifted away from the supernatural elements of ancient epics and tales. Instead, it began capturing the social and psychological realities of the common man. The study references global figures like Victor Hugo, Leo Tolstoy and Jane Austen. It Examines how their intellectual legacies shaped Sindhi Literature. A major portion of the research evaluates Romanticism in the post-1947 Sindhi novel. During this era, the movement evolved beyond idealized love. It began to encompass nationalism, historical consciousness and individual liberty. The study traces the genre from Mirza Kalich Beg’s Dilaram to Agha Saleem’s Ondahi Dharti, Roshan Hath. It also includes the existentialist works of Maanick. The findings show that Sindhi novelists did not use Romanticism for escapism. They used as a medium for social realism. It served as a rebellion against outdated norms and an assertion of national identity.    

Keywords: Sindhi Literature, Novel Evolution, Romanticism, Social Realism, National Identity, Existentialism, Post-1947 era.           

ناول جي وصف، ابتدا ۽ اوسر

ناول (Novel) ارڙھين صديءَ جي هڪ جديد ادبي صنف آهي، جنھن سموري دنيا جي نثر ۾ اهم مقام حاصل ڪري ورتو. ناول اطالوي زبان جو لفظ آهي، جيڪو بعد ۾ انگريزي زبان جو حصو ٿيو. ناول لفظ کي گهڻو ڪري نئين شئي جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. ناول جي معنيٰ ريخته لغت ۾ ڪجهه هن طرح ڏنل آهي:  ”اَنوکا، غير معمولي، جَديد، نادِر. غير تاريخي.“  (1)

ناول اهڙي نثري ڪھاڻي آهي جيڪا انسان جي زندگيءَ جي سمورن مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿي. هر انساني روش، هر نفسياتي ۽ فڪري پاسو ناول جو موضوع ٿي سگهي ٿو.

قديم يونان، هندستان ۽ چين ۾ طويل داستانن (رامائڻ، مھاڀارت، ۽ پراڻو عهدنامو) ۽ ٻيا طويل نثري مذهبي داستان موجود هئا. انھن کان سواءِ لوڪ داستان ۽ قصن کي به ناول جي ابتدائي شڪل سمجهيو وڃي ٿو. ممتاز بخاري سنڌي ناول جي سفر ۾ لکي ٿو ته، ”ڪھڙن ڪھڙن قصن، ڪھاڻين، ڏند ڪٿائن ۽ داستانن مان مٽجندو ۽ يورپ توڙي يونان جي قديمي ڊرامي جي ڪهاڻين مان ڦرندو ڦرندو ناول ٿيو.“ (2)

ناول جي شروعات بابت مختلف راءِ آهن. ناول جي شروعات يورپ مان ٿي. جڏھن ته ان کان اڳ به مختلف ثقافتن ۾ ناول جھڙا طويل افسانوي داستان لکيا ويندا هئا. اهڙا داستان گهڻ رخا ۽ گهڻ موضوعاتي ڪھاڻيون جو مجموعو هئا، جن ۾ داخلي، انفرادي ۽ نفسياتي پھلو کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويندو آهي. تنھن ڪري چئي سگهجي ٿو ته داستان هڪ طرح سان ناولن کي بنياد مھيا ته ڪيو پر فني ۽ فڪري لحاظ کان ناول قصن ۽ داستانن کان گهڻو اڳتي نظر اچي ٿو. ناول هڪ قسم جو طويل افسانوي نثر آهي، جنھن ۾ ڪردار، ڪھاڻي، ماحول، منظرنگاري، پلاٽ مڪالمه نگاري ۽ هر قسم جا موضوع بحث هيٺ اچي سگهن ٿا. ناول جو مقصد نه صرف تفريح مھيا ڪرڻ، پر انساني زندگي، سماجي حالتن، نفسياتي صورتحال، سياسي سماجي حالتن ۽ تاريخي حالتن کي به پيش ڪرڻ هوندو آهي.

شروعات ۾ ناول گهڻو ڪري تفريح لاءِ لکيا ويندا هئا، پر پوءِ اهي سماجي، اخلاقي، سياسي شعور پکيڙڻ ۽ نفسياتي موضوعن کي سمجهائڻ لاءِ سرجڻ لڳا. ناول وقت ۽ سماج جي حالتن، مسئلن، ۽ معاملن کي بيان ڪري ٿو، جيڪو پڙهندڙ لاءِ سچائيءَ جي آئيني ۾ بيھاري ٿو ڇڏي. ناول جي مقبوليت جا ڪيترائي سبب آهن. ناول تفريح سان گڏوگڏ اصلاح ۽ سياست، سماج، نفسيات، فلسفو ۽ تاريخ کي سمجهڻ جو هڪ آسان ۽ اهم ذريعو پڻ آهي.

ناول ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن، جنھن ڪري ناول جي طويل هجڻ باوجود مقبوليت جي اوج تي پھچي ويو آهي. ناول هڪ عام شھريءَ جي زندگيءَ جي ڪھاڻي آهي. هڪ انسان وقت ۽ حالتن کي ڪيئن ٿو سمجهي ۽ ڪيئن ٿو پرکي. ناول بادشاھن، ديون، پرين، جنن ۽ بزرگن سان لاڳاپيل ڏند ڪٿائن کي ڇڏي عام ماڻھو کي، ان جي نفسياتي ۽ سماجي، معاشي مونجهارن کي پنھنجو موضوع بڻايو. ناول اسلوب جي بناوٽي رجحانن جي نندا ڪري ان جي ٻوليءَ ۽ بيان کي سادو رکيو ويندو آهي. ناول طويل نثر آهي ان کي پڙهڻ لاءِ وقت لڳندو آهي، تنھن ڪري ان جو اسلوب دلچسپ هجڻ لازمي آهي جيئن وقت جو اندازو ئي نه رهي.

ناول سادي لفظن ۾ تفصيل سان ڪھاڻي بيان ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو.
هي داخلي احساسن جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سڀني کان مقبول ناول اهو مڃيو ويندو آهي جيڪو پڙهندڙ سان پنھنجو تعلق جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي.

ناول انساني محبت، نفرت، خوشي، غم، اميد، نااميدي، وغيره جھڙن جذبن کي تفصيل سان پيش ڪندو آهي، جيڪي پڙهندڙ کي پنھنجي زندگي سان لاڳاپيل محسوس ٿين ٿا.

ناول جي اهم خوبي ڪردار سازي آهي. ناولن جا ڪردار گهڻا زندگيءَ جي ويجھا هوندا آهن، جن جي سوچ، فيصلا، ۽ عمل پڙهندڙ کي پاڻ سان ڳنڍي ڇڏيندا آهن. ناول نگار جيتري مضبوط، انداز ۾ ڪردارن کي پنھنجي ماحول سان جوڙيندو ۽ انھن جي سماجي ۽ نفسياتي بيھڪ مضبوطي سان پيش ڪندو اوترو ناول پڙهندڙ جي دل ۾ جاءِ ڪري وڃي ٿو. ناول ۾ وقت، جاءِ، ماحول، ۽ واقعن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويندو آهي، جنھن سان پڙهندڙ پاڻ کي ڪھاڻي جي دنيا ۾ داخل ٿيل محسوس ڪندو آهي. آغا سليم اونداهي ڌرتي روشن هٿ ۾ هڪ هنڌ سارنگ جي ڪردار کي ڪجهه هن طرح چٽيو آهي ته، ”سارنگ مڌ پي سرندو ڇيڙيو ۽ هوءَ نچڻ لڳي. اڄ ديوتائن سوم رس پي نئين سر ڪائنات جي تخليق ڪري رهيا هئا، جنھن ۾ ڏک نه هو، ڪو پاپ نه هو، ڪو پڃ نه هو، ڪا ذات پات نه هئي، جنھن ۾ صرف سنڌو هئي، سرهاڻ هئي چانڊاڻي هئي، سڪ هئي سرندي جا سر هئا، نيرو نيرو آسمان هو ۽ انڊلٺ جا رنگ ئي رنگ هئا.“ (3)

ناول ۽ رومانويت

رومانويت ادب جو هڪ اهم جز آهي، جيڪو احساسن، جذبن، تصورن جي دنيا، فرد جي آزادي، فطرت سان محبت، تصوراتي، تخيلاتي انفراديت ۽ داخليت کي اجاگر ڪري ٿو. رومانيت جي تحريڪ جا ابتدائي گھرا اثر اردو، فارسي، ۽ هندستاني ادب تي ٿيا. جيتوڻيڪ مشرق جون ادبي روايتون اڳ ئي جذباتي روين، تخيلاتي رجحانن، حسن، ۽ عشق جي طلسم سان ڀرپور هيون. پر مغربي رومانيت جي آمد سان انھن جذبن کي نئون انداز، نئون اظھار، ۽ نئين فڪري گهرائي ملي. رومانيت جذبن کي ادب جو مرڪز بڻايو. مشرق جي ناولن ۾ به رومانيت جي اثر هيٺ ڪردارن جي اندروني احساسن، درد، محبت، ۽ سڪ کي وڌيڪ شدت سان پيش ڪيو ويو. رومانيت جو ٻيو وڏو اثر ناولن جي زبان ۽ منظرنگاري تي پيو. فصاحت، بلاغت، ۽ تخيل سان ڀرپور بيان مشرق جي ناولن جو حصو بڻجي ويو. رومانيت روايتي قاعدن، اصلاحن ۽ درباري ادب جي مخالفت ڪئي، جنھن سبب مشرق جي ادب ۾ به نوان اسلوب، نوان موضوع، ۽ تجربا متعارف ٿيا. رومانيت جي تحريڪ ناول کي جذباتي، ذاتي، ۽ جمالياتي رخ ڏنو. جيڪو بعد ۾ ڪيترين ئي ادبي تحريڪن جھڙوڪ Realism، Existentialism، ۽ Modernism لاءِ بنياد بڻيو.

عالمي ادب جا چند مشھور رومانوي ناول

رومانيت (Romanticism) هڪ ادبي، فنّي ۽ فلسفيانه تحريڪ هئي، جيڪا 18هين صديءَ جي آخر ۽ 19هين صديءَ جي شروعات ۾ يورپ ۾ اُڀري. هن تحريڪ عقل (reason) جي بدران جذبن، تخيل، فطرت، آزادي، انفراديت، ۽ داخلي دنيا تي زور ڏنو. عالمي ادب ۾ ڪيترائي مشھور رومانويت پسند ناول نگار ٿي گذريا آهن، جن جي تحريرن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي. ڪجهه مشھور رومانويت پسند ناول نگارن ۽ انھن جي معروف ناولن ادب کي هڪ نئون نظريو ۽ رجحان مھيا ڪيو.

ليو ٽالسٽاءِ (Leo Tolstoy) - روس جو مشھور ناول نگار جنھن
 War and Peace, Anna Karenina جھڙا ناول لکي روسي سماج جي عڪاسي، جنگ، محبت، ۽ انساني نفسيات جي گهرائي سان تجزيو پيش ڪيو. چارلس ڊڪنز (Charles Dickens)  انگلينڊ جو مشھور ناول ناول نگار Oliver Twist, Great Expectations, A Tale of Two Cities  جھڙا شاندار ناول لکيا، جن ۾ غريب طبقي جي حالتن جو اظھار، يتيم ٻارن سان ورتاءُ، اخلاقي سبق، اصلاح کانسوا تفريح جھڙن موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي.

جين آسٽن(Jane Austen) انگلينڊ جو مشھور ناول نگار هو. هن
 Pride and Prejudice, Emma, Sense and Sensibility جهڙن ناولن ۾ عورتن جي زندگي، معاشرتي طبقن، ۽ رومانوي زندگي جي حالتن کي موضوع بڻايو. فيودور دوستووسڪي(Fyodor Dostoevsky) روس جو گهري نفسياتي ۽ سماجي ڄاڻ رکندڙ انسان هو. سندس مشھور ناولنThe Brothers Karamazov  ۽Crime and Punishment  شامل آهن. هي ناول نفسياتي پھلو، ذهني اٿل پٿل، ڏوهه، ۽ سماجي اخلاقيت مٿان گهرو تجزيو پيش ڪن ٿا. گبرائيل گارسيا مارڪيز (Gabriel García Márquez) ڪولمبيا جو مشھور ناول نگار آهي. سندس ناولن ۾ One Hundred Years of Solitude, Love in the Time of Cholera. شامل آهن جن جي خاصيت جادوئي حقيقت نگاري (Magical Realism) ۽ رومانويت جو اثر آهي.

جارج آرول (George Orwell) جو تعلق انگلينڊ سان هو. سندس مشھور ناول Animal Farm ۾ سياست، آمريت، ۽ آزادي ۽ آزاديءَ کان بعد جي پيدا ٿيندڙ حالتن کي ڏيکاريو ويو آهي. ارنيسٽ هيمنگوي (Ernest Hemingway) جو تعلق آمريڪا سان هو. مشھور ناولThe Old Man and the Sea, A Farewell to Arms. آهن جن ۾ هن سادو انداز بيان ۽ زندگيءَ جي تڪليفن جي عڪاسي ڪئي آهي. مارڪ ٽوئين(Mark Twain) آمريڪا جو مشھور ناول نگار هو هنThe Adventures of Tom Sawyer, Adventures of  Huckleberry Finn ۾ آمريڪي سماج تي طنزيه تنقيد رومانويت جي طرز تي ڪئي آهي.

فرانز ڪافڪا (Franz Kafka) هڪ جرمني/چيڪ ريپبلڪ جو مشھور ناول نگار آهي. جنھن The Trial, The Metamorphosis. ناول لکي انساني نفسيات، زندگيءَ جي بي معنيٰ هجڻ، اڪيلائپ، ۽ بيرحم نظام خلاف سوال اٿاريا. جوهان وولف گانگ وان گوئٽي (Johann Wolfgang von Goethe) جرمني جو مشھور ناول نگار آهي. جنھن جو ناول The Sorrows of Young Werther (1774) جذباتن، تڪليفن، عشق ۾ ناڪامي، خودڪشي، ۽ قومپرستي جهڙن موضوعن جو بنياد وڌو. ميري شيلي(Mary Shelley) - انگلينڊ جو مشھور ناول نگار Frankenste ۾ فطرت خلاف انساني رويو، انسان جي اڪيلائيءَ، ۽ سائنس فڪشن ۽ رومانويت جو ميل ڏيکاري ٿو.

سر والٽر اسڪاٽ (Sir Walter Scott) هڪ اسڪاٽلينڊ جو ناول نگار آهي. سندس ناول Ivanhoe, Rob Roy جي ڪري کيس،تاريخي ناولن جو باني، قومي شناخت، وطن لاءِ ويڙھ ۽ ماضيءَ سان محبت ڪرڻ وارو رومانويت پسند سمجهيو وڃي ٿو. وڪٽر هيوگو (Victor Hugo) فرانسيسي مشھور ناول نگار The Hunchback of Notre-Dame (1831), Les Misérables (1862). جھڙا ناول لکيا. سندس ناولن ۾ رومانويت، سماجي ناانصافي، انقلاب، ۽ انساني جذبن جو کليل اظھار ڪيو ويو آهي.

اليگزاندر دوما (Alexandre Dumas) فرانس جو مشھور ناول:The Three Musketeers (1844), The Count of Monte Cristo رومانويت، مھم جوئي، انتقام، ۽ دوستي بابت ناول لکيا. ايڊگر ايلن پو (Edgar Allan Poe) جو تعلق آمريڪا سان هو. سندس مشھور ناولThe Raven (1845), The Tell-Tale Heart, The Fall of the House of Usher, The Murders in the Rue Morgue آهن.
هن کي خوف، اسراريت، نفسيات، دهشت ۽ جديد ڊيڪٽو فڪشن جو باني سڏيو وڃي ٿو. (4)

سنڌي ناول ۽ رومانويت

 سنڌي ناول جي شروعاتي دور ۾ رومانويت بنيادي طور تي قصن ڪھاڻين، روايتي عشق، سياسي سماجي ۽ مثالي ڪردارن تي مشتمل هئي. انھن ناولن ۾ سماج جي اصلاحي پھلوئن جيئن طبقاتي نظام، ڏاج ڏيڻ جي رسم، نياڻين جي تعليم، عورتن جي تعليم ۽ غريب طبقي جي درد کي بيان ڪيو ويو هو.

شروعاتي ناولن ۾ محبت کي پاڪيزه، مثالي، ۽ بيوفائي کان پاڪ ڏيکاريو ويو. سنڌي ناول ۾ رومانويت جو سفر صرف محبت جي ڪھاڻي نه، پر انساني احساسن ۽ سماجي تبديليءَ جي عڪاسي ڪري پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي ناولن ۾ محبت ۽ جذباتي وابستگي رومانويت جو بنيادي موضوع رهي آهي. شروعاتي ناولن ۾ محبت کي هڪ پاڪيزه، مثالي، ۽ قرباني تي ٻڌل جذبي طور پيش ڪيو ويو. بعد ۾ محبت کي حقيقي زندگيءَ جي مسئلن سان جوڙي سماجي قدرن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. آسانند ممتوراءِ شاعر ناول ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”مان سونھن جو ذاتي روپ ڳولھي رهيو آهيان. هي سڀ سھڻيون شيون صرف انھن ڏانھن رستا آهن. مان ضرور سونھن جي الوڪ ديويءَ کي ڳولھي رهندس. جيستائين مون ان کي نه پاتو منھنجو روح سدائين بي چين ۽ بي آرام رهندو.“ (5)

سنڌي ناول ۾ رومانويت مسلسل ترقي ڪندي مختلف دورن مان گذري آهي. شروعاتي ناولن ۾ جن ناول جو ترجمو سنڌي ادب ۾ ڪيو ويو انھن مان گهڻن جو تعلق رومانويت جي تحريڪ سان هو. ممتاز بخاري سنڌي ناول جي سفر ۾ لکي ٿو ته: ”يورپ مان ان دور جو جيڪو ٻيو ناول ترجمو ٿيو اهو يورپ جي اسڪاٽ لينڊ سان تعلق رکندڙ ناول نگار سر والٽر اسڪاٽ جو Tailsman هو جنھن کي ساڌو هيرانند ۽ ڪاڪي ڀيرومل طلسم جي نالي سان 1891 ۾ ترجمو ڪيو. سر اسڪاٽ رومانيت جي تحريڪ جو وڏو شاعر، ناول نگار ۽ ليکڪ سمجهيو وڃي ٿو.“ (6)

تنھن کانسواءِ وڪٽر هيوگو ۽ ڪيترن ئي اهم رومانيت جي تحريڪ جي ناول نگارن جا ناول سنڌي ادب جو حصو بڻيا. ناول ۽ رومانويت جي تحريڪ يورپ ۾ تقريبن گڏ پير پاتو ساڳي طرح سنڌ ادب جا شروعاتي ترجمو ٿيل ۽ اصلوڪا ناول رومانيت جي تحريڪ جي اثر هيٺ لکيا ويا هئا. جڏهن ته بعد ۾ محبت کي سماجي، نفسياتي، ۽ فلسفياتي پسمنظر ۾ پيش ڪيو ويو. جديد سنڌي ناول ۾ رومانيت ۾ فرد جي انفراديت، آزادي، ۽ معاشرتي قدرن جي ڇنڊڇاڻ به شامل ٿي وئي.

سنڌي ناول ۾ رومانويت جي رجحان کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: ڪلاسيڪل رومانويت، سماجي رومانويت ۽ ٽين نفسياتي ۽ علامتي رومانويت. ابتدائي سنڌي ناولن ۾ اڪثر ڪردار بنا ڪنھن حقيقت جي محبت حدن کي اورانگهيندي نظراچن ٿا. اڪثر ناولن ۾ تصوراتي دنيا، مثالي عشق، ۽ جذباتي وفاداري ۽ محبت کي معاشرتي پسمنظر ۾ پيش ڪيو ويو آهي. طبقاتي فرق، غربت، ۽ رواجي رسم و رواج خلاف بغاوت جو اظھار، خود مختياري جي خواهش، وطن پرستي، ۽ سياسي بغاوت ناولن جا موضوع رهيا. ممتاز بخاري سنڌي ناول جي سفر ۾ ابتدائي سنڌي ناولن مٿان رومانيت جي رجحانن بابت لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جو پھريون ناول مرزا قليچ بيگ ’دلارام 1899‘ ۾ لکيو، جنھن ۾ مرزا جو انداز آکاڻي وارو هو، جيڪو رومانٽسزم جي ادبي تحريڪ جي اثر وارو هو.“ (7)

نفسياتي ۽ علامتي رومانيت ۾ فرد جي نفسياتي ڪيفيت، اندروني ڪشمڪش، وجوديت، داخليت، انفراديت ۽ خودمختياري جي علامتن جو اظھار ڪيو ويو آهي. فردن جي محبت کي هڪ اندروني تجربو ۽ فڪري اُٿل پٿل طور پيش ڪيو ويو آهي جن جو وڏو مثال ماڻڪ جا ناول آهن. ”هن پيڙاهه ۾ پاڻ سجاڳي هيٺ آءٌ جو پنھنجي پاڻ آڏو اصل روپ ۾ پيش ٿيو آهيان. اصل روپ: بي وس لاچار، ڦاٿل اٽڪيل زندگيءَ جي اوڙاهه ۾ هيڪلو، هڪ اداس روح ان اصل روپ کان وقتي طور پاڻ ڇڏائڻ لاءِ مان جا ننڊ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيو آهيان، سو پاڻ ٺڳڻ جي هڪ ضرورت آهي.“ (8)

1947ع کان پوءِ سنڌي ناول سماجي، سياسي، نفسياتي، ۽ ادبي لحاظ کان هڪ نئين سفر تي روانو ٿيو. جديد سنڌي ناولن ۾ انساني نفسيات، سماجي مسئلن، ۽ قومي سڃاڻپ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. هي دور سنڌي ناول جي فڪري واڌاري، فني جدت، ۽ موضوعاتي نواڻ جو هڪ اهم زمانو رهيو، جنھن سنڌي ادب کي نئين سڃاڻپ ڏني. سنڌي ناول اڃا به ترقيءَ جي سفر تي آهي، ۽ نون ليکڪن جا تجربا ان کي وڌيڪ متحرڪ بڻائي رهيا آهن.

سنڌي ناولن ۾ موجود رومانويت جا عنصر

رومانويت مختلف ناولن نگارن وٽ جدا جدا روپ ۾ نظر اچي ٿي. سنڌي ناول ۾ رومانويت هڪ اهم ادبي رجحان رهيو آهي. ھن ۾ فرد جا جذبن، خوابن واري دنيا، محبت، فطرت سان وابستگي، ۽ مثالي حسن جو اظھار شامل آهي. سنڌي ناول ۾ رومانويت جا عنصر وقت سان گڏ ترقي ڪندا رهيا آهن. شروع ۾ خالص محبت ۽ حسن جي واکاڻ هئي، پر بعد ۾ فطرت، سماجي ويڙهه، فرد جي آزادي، نفسياتي معاملن ۽ الميين کي به شامل ڪيو ويو. جديد دور ۾ رومانويت صرف محبت تائين محدود نه رهي، پر ان ۾ انسان جي اندروني جنگ، آزاديءَ جي خواهش، ۽ سماجي تبديليءَ جا عنصر به شامل ٿي ويا. رومانويت جي ڪجهه اهم عنصرن جو ذڪر هتي شامل ڪجي ٿو.

فطرت سان وابستگي: قدرتي ماحول، درياءَ، جبل، وادين ۽ موسم جي منظر نگاري وڏي اهميت رکي ٿي. سنڌ ناول ۾ فطرت کي ڪردارن جي احساسن جو ترجمان بڻايو ويو آهي.

فرد جي انفراديت ۽ آزادي: سنڌي ناول ۾ رومانويت فرد جي آزادي، ذاتي خواهشن، ۽ معاشري جي پابندين کان بغاوت کي به ظاهر ڪري ٿي. فرد جي آزادي، خوابن ۽ تصورن جي دنيا، ۽ نئين زندگيءَ جي تلاش کي اهميت ڏني وئي آهي.

الميو ۽ درد جو عنصر: رومانويت وارن ناولن ۾ الميي ۽ درد جو عنصر عام آهي، خاص طور تي بيوفائي، سماجي پابنديون، ۽ نه ملڻ جو درد بيان ڪيو ويو. الميي کي ڪڏهن تقدير، ته ڪڏهن سماجي پابندين جو نتيجو ڏيکاريو ويو.

نفسياتي ۽ علامتي عنصر: سنڌي ناول ۾ جديد رومانويت نفسياتي حوالن ۽ علامتن ذريعي به ظاهر ٿي آهي. محبت صرف جذبات جو اظھار نه، پر فرد جي اندروني ڪشمڪش جو به حصو بڻجي وئي. جنھن جو مثال آغا سليم جي هن ناول جي ٽڪري مان ٿي سگهي ٿو. "آرسيون سڀ ڪوڙيون ٿينديون آهن، سچي آرسي صرف بت تراش جي دل ٿيندي آهي، جنھن ۾ پوندڙ اولڙو پٿر ۾ پيھي سندر روپ وٺندو آهي.“ (9)

1947ع کان پوءِ جي سنڌي ناولن ۾ رومانويت جي عنصر جو تجزيو

1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌي ادب، خاص طور تي ناول، نون موضوعن، تجربن، ۽ فڪري لاڙن سان روشناس ٿيو. لڏپلاڻ، سماجي تبديليون، سياسي بيداري، ۽ نفسياتي الجهنون سنڌي ناولن ۾ نمايان نظر اچڻ لڳيون. 1947ع کان پوءِ سنڌي ناولن ۾ لساني، فني، ۽ موضوعاتي تجربا سامھون آيا. علامت نگاري، شعور جي وهڪري (stream of consciousness)، ۽ غير روايتي اسلوب جو استعمال وڌي ويو. هن دور ۾ سنڌي ناولن ۾ رومانيت، حقيقت پسندي، نفسياتي اڻتڻ، ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو.

جديد سنڌي ناولن ۾ نفسياتي مونجهارن، داخلي ڪشمڪش، ۽ فرد جي آزادي کي اهميت ڏني وئي. فرد جي ذاتي، سماجي، ۽ اخلاقي مونجهارن کي ناولن جو اهم موضوع بڻايو ويو. سنڌي ناولن ۾ عورتن جي حيثيت، آزادي، ۽ سماجي بندشن خلاف آواز بلند ڪيو ويو. سياسي تبديلين سنڌي ناولن ۾ نوان موضوع شامل ڪيا، جھڙوڪ آمريت، جمھوريت، ۽ قومي سياست وغيره. ان کان سواءِ شھري ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي فرق کي ناولن ۾ نئين انداز سان پيش ڪيو ويو. هنن ادبي تجربن سنڌي ناول جي اسلوب کي وڌيڪ متحرڪ بڻائي ڇڏيو. يورپ جي ادبي تحريڪن جو ڀرپور اثر پڻ هن دور جي ناولن ۾ نظر اچي ٿو. 1947ع کان پوءِ سنڌي ناول اندر لڏپلاڻ، بيوطني، ۽ ثقافتي سڃاڻپ، وطن پرستي نمايان موضوع ٿي رهيا. جن هندستان مان ايندڙ پناهگيرن ۽ سنڌي ماڻهن جي نفسياتي حالتن تي روشني وڌي. هاڻ سنڌي ناول سماجي ناانصافين، طبقاتي فرق، ۽ سياسي شعور تي ڌيان ڏيڻ لڳو. مزدورن، هارين، ۽ عام ماڻهن جي زندگين جي مسئلن کي بيان ڪيو ويو. سنڌي ناول عورت جي حيثيت کي حسن جي مجموعي يا سماجي ۽ ثقافتي قربانيءَ تائين محدود نه رهيو، پر عورتن جي خودمختياري ۽ آزادي ۽ سماجي حقن جي ڳالهه جديد ناول جو موضوع ٿي ويا.

سنڌي ناول ۾ رومانويت 1947ع کان 1980ع تائين

سنڌي ناول ۾ رومانيت جا رجحان وڌيڪ پختا ٿيا. ناولن ۾ محبت سان گڏوگڏ سماجي حقيقتون به شامل ٿيڻ لڳيون. رومانويت فرد جي داخليت کي اڀاريو، وطن پرستي جو رومان ناول جو حصو بڻيو. ناول سماجي اصولن ۽ قانون خلاف بغاوت ڪري بي پناھ تخليقي قوت کي اڀاريو، جنھن افسانوي ادب ۽ خاص ڪري سنڌي ناول جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻي ناول محبت جي ڪھاڻي بيان ڪرڻ بدران، محبت کي معاشرتي مسئلن، نفسياتي ڪشمڪش، ۽ طبقاتي فرق جي پسمنظر ۾ پيش ڪيو ويو.

1980ع کان پوءِ سنڌي ناول ۾ رومانويت نون روپن سان سامھون آئي.
هاڻ رومانويت ناولن ۾ نفسياتي، فلسفيانه ۽ علامتي عنصر وڌيڪ شامل ٿيڻ لڳا. جديد ناولن ۾ محبت صرف عورت ۽ مرد جي وچ ۾ نه رهي، پر ان ۾ فرد جي اندروني ڪيفيت، وجودي سوالن، سماجي جبر خلاف جدوجھد ۽ وطن پرستي کي به
ڏيکاريو ويو.

سنڌي ناول ۾رومانويت سان لاڳاپيل موضوع

ناولن جا خاص موضوع زندگي جي مختلف پھلوئن کي اجاگر ڪن ٿا. هر دور ۽ سماج جي حالتن موجب موضوع مختلف ٿي سگهن ٿا، پر هي ڪجهه عام ۽ مشھور موضوع آهن، جيڪي اڪثر ناول جا حصو رهيا آهن تن ۾:

  1. محبت جي جذبن تي لکيل ناول:اڪثر ناولن جو مرڪزي موضوع محبت هوندو آهي، جنھن ۾ پيار، جدائي، قرباني، يا محبت ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتون بيان ٿين ٿيون. محبت، وڇوڙو ۽ سماجي مونجهارا ۽ قاعدن قانونن جي پاسداري ۽ ان سان لاڳاپيل موضوع ناول اندر خاص مقام رکن ٿا.
  2. سماجي اڻ برابري ۽ نا انصافي:ناول ۾ ظلم، طبقاتي فرق، انساني حقن، معاشي ۽ معاشرتي اڻ برابري، ۽ سماجي تبديلي جي ڳالهه پڻ ناول جو اھم موضوع رهيو آهي. اهڙن ناولن ۾ اقتدار جي لالچ، حڪومتي ناانصافيون، يا انقلابي تحريڪن کي پڻ پسمنظر ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.
  3. نفسيات جي موضوع تي لکيل ناول: ڪردار جي اندروني جنگ، احساس، خوف، ۽ ذهني ڪشمڪش حالتن کي بيان ڪيو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ ماڻڪ اهڙا ناول لکيا جن۾خاص ڪري انسان جي داخلي پھلوئن تي روشني وڌي وئي آهي.
  4. تاريخي ناولَ:تاريخ جي ڳنڍين کي سلجهائڻ ۾ اهڙا ناول مدد ڪن ٿا، هي عوامي انداز ۾ تاريخ جو هڪ نئون رخ ڏيکارن ٿا. تاريخي واقعن، جنگن، يا مخصوص دورن جي سماجي حالتن کي ناول جي ڪھاڻيءَ سان جوڙيو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ سراج، آغا سليم ۽ علي بابا بھترين تاريخي پسمنظر وارا ناول لکيا آهن، هنن کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي ناول نگارن تاريخ تي قلم کنيو جن ۾ عثمان ڏيپلائي جو نالو گهڻو اهم آهي،پر سندس ناولن عوام ۾ اها مقبوليت نه ماڻي جيڪا سراج ۽ آغا سليم جي حصي ۾ آئي.

5. وجوديت ۽ زندگي جو مقصد: ناول جو اهم موضوع رهيو آهي. اهڙا ناول زندگي جي بي معنيٰ هجڻ، انسان جي آزادي، ۽ مقصد جي تلاش بابت هوندا آهن. سنڌي ادب اهڙن ناولن سان مالامال آهي.

  1. جرم، سزا ۽ جاسوسي ناول:ڏوهن، انھن جي جاچ، ۽ سزا جي موضوعن تي ٻڌل هوندا آهن. شروعاتي ناول جي دور ۾ هن طرح جي ناولن کي ڪافي پذيرائي ملي پر جلد ئي هي موضوع سنڌي ادب ۾ غير اهم بڻجي ويو.
  2. مذهب ۽ روحانيت: ڪجهه ناولن ۾ مذهبي عقيدن، روحاني تلاش، ۽ اخلاق تي ڌيان ڏنو ويندو آهي. اهڙي قسم جا ناول تمام گهڻا ڇپيا ويا آهن، جن جو مقصد مذهبي روين، عادتن کي مقبول ڪرڻ کان سواءِ اسلام جي تاريخ، اصحابين ۽ بزرگن جي تعريف ۽ مذهب جي تبليغ ڪرڻ هوندو آهي.
  3. ماحولياتي تبديليون، ٽيڪنالوجي جا نقصان ۽ فائدا: سائنسي سمجهه سان گڏ، سوشل ميڊيا جي استعمال جھڙن موضوعن ۽ دنيا جي گڏيل رجحانن کي پڻ نئين دور جي ناول جو حصو بڻايو ويو آهي. ڪيترائي ناول ماحولياتي تبديلين، فطرت، ۽ انساني عملن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بحرانن تي پڻ لکيا وڃن ٿا.

سنڌي ناولن ۾ رومانويت جي اثرن جو جائزو

رومانيت جي تحريڪ جو سنڌي ادب، خاص طور تي ناول تي تمام گهرا اثر ڇڏيا. ويھين صدي جي شروعات ۾ ئي ناول اندر مغربي ادبي تحريڪن جا اثر نمايان نظر اچن ٿا. جلد سنڌي ناول جذباتي گهرائي. جذبن ۽ داخلي احساسن، اندروني تڪليفن، ۽ انسان جي اندر جي دنيا جي اظھار تي زور ڏنو. رومانيت سنڌي ناول کي جدت کي قبول ڪرڻ سيکاريو. هاڻي سنڌي ناولن ۾ به عشق صرف روايتي ڪھاڻين تائين محدود نه رهيو، پر ان ۾ درد، سڪ، اداسي، ۽ بيڪسي جھڙا رنگ شامل ٿيا. سنڌ جي ناول نگارن جي لکڻين ۾ محبت صرف موضوع نه، پر سماجي ۽ فڪري جدوجھد جو اظھار بڻجي اڀري. غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته: ”ناول جو هر جذبو جبل وانگر مستقل ۽ جٽادار هئڻ گهرجي، اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن جذبا حقيقت تي مبني هوندا آهن. جذبن تي تصور جو رنگ تڏھن ئي خوبصورت لڳندو آهي جڏهن انھن جا نقش خوبصورت هوندا.“ (10)

سنڌي ناولن ۾ به فطرت نگاري: درياهه، واءُ، وڻ، شام، مينھن وغيره کي  ناول جي ڪردارن جي حالتن سان ڳنڍجي پيش ڪيو ويو آهي. ناول ۾ فطرت جو ترجمان طور انساني جذبن کي فطرت سان ڳانڍاپي جو ذريعو بڻايو. رومانيت ۾ فطرت صرف منظرنگاري نه پر جذبن جو ترجمان ٿي سامھون آئي. سنڌي ناول ۾ عورت جي ڪردار تي رومانويت جو اثر اهو به ٿيو ته هاڻي عورت محض مظلوم نه رهي، پر احساساتي طور مضبوط، آزادي چاهيندڙ، ۽ انفراديت پسند، داخلي جنگ وڙهندڙ شخصيت طور سامھون آئي. نورالھديٰ شاهه، خيرالنساء جعفري ۽ ٻين جديد ليکڪن عورت جي داخلي دنيا، عشق، خودداري ۽ تڪليف کي رومانويت جي انداز ۾ بيان ڪيو.

ناول جيڪو ارڙھين صديءَ جي شعور جي پيداوار آهي، تنھن ادب جي دنيا کي جذبن ۽ ڪيفيتن جي اظھار جا دڳ ڏيکاريا. رومانويت جي جوهر ۾ ئي زندگيءَ سان پيار موجود آهي، جنھن ڪري ناول عام و خاص جي اندر مقبوليت ماڻي.

نتيجو

ناول رڳو هڪ نثري ڪھاڻي ناهي، پر هي انساني زندگيءَ جي هر نفسياتي، سماجي ۽ فڪري پاسي جي عڪاسي ڪندڙ هڪ وسيع صنف آهي. ناول جي ارتقا قديم داستانن کان ٿيندي يورپي اثرن هيٺ جديد شڪل اختيار ڪئي، جنھن ۾ عام ماڻهو، ان جي مونجهارن ۽ جذبن کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي.

​رومانيت (Romanticism) ناول نگاريءَ ۾ هڪ اهڙو روح ڦوڪيو، جنھن عقل ۽ منطق جي ڀيٽ ۾ جذبن، تخيل، فرد جي آزادي ۽ فطرت سان لڳاءُ کي اهميت ڏني. عالمي ادب ۾ ليو ٽالسٽاءِ، وڪٽر هيوگو ۽ جين آسٽن جهڙن ليکڪن هن لاڙي کي اوج تي پھچايو، جنھن جا اثر سنڌي ناول تي پڻ گهرا پيا.

​سنڌي ناول جو سفر مرزا قليچ بيگ جي ’دلارام‘ کان شروع ٿي، مختلف دورن مان گذرندو اڄ هڪ پختي مقام تي پھتو آهي. 1947ع کان پوءِ سنڌي ناول ۾ رومانويت، رڳو حسن ۽ عشق جي روايتي قصن تائين محدود نه رهي، پر ان ۾ وطن پرستي، سماجي بغاوت، نفسياتي گهرائي ۽ وجودي سوال شامل ٿي ويا. آسانند ممتوراءِ، آغا سليم، سراج، ماڻڪ، علي بابا ۽ عثمان ڏيپلائي جهڙن ليکڪن سنڌي ناول کي تاريخي، علامتي ۽ سماجي رومانويت جي نون رنگن سان مالامال ڪيو.

مجموعي طور تي، ناول ۽ رومانويت جو گانڍاپو سنڌي ادب ۾ فرد جي داخلي ۽ خارجي دنيا کي سمجهڻ جو هڪ اهم ذريعو ثابت ٿيو آهي، جيڪو اڄ به نون اسلوبن ۽ تجربن سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

 

حوالا:

  • https://www. rekhtadictionary. com.
  • بخاري، ممتاز :ص،163، 2020ع، سنڌي ناول جو سفر، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي.
  • آغا سليم: 1992ع، ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ نيو فيلڊس، نيو فيلڊس پبلڪيشن، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد.
  • britannica. com/biography
  • مامتوراءِ، آسانند:’شاعر’ (ناول) سينٽرل هندي ڊائرائيڪٽيٽ، نيو دهلي،1983ع، ص 31.
  • بخاري، ممتاز : سنڌي ناول جو سفر، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي،2020ع، ص 16
  • ساڳيوص 160.
  • ماڻڪ:ٽي ناوليٽ (پاتال ۾ بغاوت): روشني پبلڪيشن ڪنڊيارو، 1992ع، ص 95.
  • آغا سليم: ٻه ناول، نيو فيلڊس، ٽنڊو ولي محمد،1997ع، ص،48.
  • پٺاڻ، غلام حسين: سنڌي ناول جي ابتدا ۽اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي،1982ع، ص127.
27 ڀيرا پڙهيو ويو