پرائمري سنڌي درسي ڪتابن ۾ ٻوليءَ جي سکيا جي جُزن جو جائزو
(A review of Language Learning Components in Sindhi Primary Textbooks)
ذڪيہ مختيار
There is a significant difference between vernacular speech and literary language. Literary language is structured medium used in formal text. Textbooks are important within this category, they serve as a primary tool for transmitting a mother tongue to future generation. Internationally, language learning in textbooks relies on three core components: phonology, vocabulary and grammar. This study evaluates the primary textbooks produced by Sindh Textbook Board. It examines whether these books provide sufficient material across the three linguistic components. The research first analyses phonology focusing on letters and phonetic sounds. It then assesses vocabulary development by reviewing expert opinions on the phased introduction of new words. Finally the study examines grammar pedagogy, it investigates how grammatical rules are presented and their practical benefits for students. The goal is to determine the effectiveness of these textbooks in foundational language acquisition.
Keywords: Sindh Textbook Board, Primary Education, Phonology, Vocabulary Acquisition, Grammar Pedagogy, Mother Tongue Instruction, Literary Language.
عام ڳالهائجندڙ ٻولي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ خاص فرق هوندو آهي. ادبي ٻولي ڪتابن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي آهي، جنھن جي لکڻ ۾ مختلف عنصرن کي اهميت مليل آهي. ادبي ڪتابن ۾ وري درسي ڪتابن جي خاص اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته اهي اسڪولن ۾ پڙهايا وڃن ٿا، ته جيئن نئين نسل ۾ پنھنجي مادري ٻولي صحيح طريقي سان منتقل ڪري سگهجي.
بين الاقوامي سطح تي درسي ڪتابن ۾ ٻوليءَ جي سکيا جي حوالي سان ٽن جُزن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي، جنھن ۾ صوتيات (Phonology)، لفظن جو ذخيرو (Vocabulary) ۽ وياڪرڻ (Grammar) شامل آهن.
ٻولي سکڻ ۾ اِنهن ٽنهي جزن جي اهميت متعلق ايلن ڪننگس ورٿ پنھنجي ڪتاب Choosing Your Course Book ۾ باب نمبر چوٿين ۾ لکي ٿو:
“The actual items of language taught-grammar, vocabulary and phonology-form the foundation of everything else that contributes to the complex process of language teaching.”
”ٻوليءَ جون اصل سيکاريون ويندڙ شيون وياڪرڻ، لفظن جو ذخيرو ۽ صوتيات آهن، جيڪي ٻوليءَ جي سکيا جي پيچيده عمل ۾ حصو وٺي ٻين شين جو بنياد بڻجن ٿيون.“
هن تحقيق ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پرائمري درسي ڪتابن ۾ انهن ٽنهي جُزن جو جائزو ورتو ويندو ته ڇا ٻوليءَ جي سکيا جي حوالي سان انهن ٽنهي جُزن تي مناسب مواد ڏنل آهي يا نه؟
جيئن ته ٻوليءَ جو بنيادي جُزو اکر ۽ آواز آهي، ان ڪري صوتيات سان لاڳاپيل اهم عنصرن جو جائزو ورتو ويندو. اکر ۽ آواز کان پوءِ لفظ اچن ٿا، ان ڪري ٻوليءَ جي ماهرن جي راءِ ۾ درجي وار ڪھڙا نوان لفظ ڏنا وڃن ان جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ٻولي سيکارڻ جي اهم جُزي وياڪرڻ جو جائزو ورتو ويندو ته درسي ڪتابن ۾ وياڪرڻ جي سکيا ڪھڙيءَ ريت ڏني وڃي ٿي ۽ ان مان شاگرد کي ڪيترو لاڀ ملي ٿو.
هن تحقيق ۾ پرائمريءَ جي درسي ڪتابن ۾ ڏنل ٻوليءَ جي سکيا جي جُزن جو جائزو ورتو ويندو، جنھن طريقي سان اُها سيکاري پئي وڃي. بين الاقوامي سطح تي درسي ڪتابن ۾ ٻوليءَ جي سکيا جي حوالي سان ٽن جُزن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي، جنھن ۾ صوتيات (Phonology)، لفظن جو ذخيرو (Vocabulary) ۽ وياڪرڻ (Grammar) شامل آهن.
ٻولي سکڻ ۾ اِنهن ٽنهي جزن جي اهميت متعلق ايلن ڪننگس ورٿ پنھنجي ڪتاب Choosing Your Course Book ۾ باب نمبر چوٿين ۾ لکي ٿو:
“The actual items of language taught-grammar, vocabulary and phonology-form the foundation of everything else that contributes to the complex process of language teaching.” (1)
”ٻوليءَ جون اصل سيکاريون ويندڙ شيون وياڪرڻ، لفظن جو ذخيرو ۽ صوتيات آهن، جيڪي ٻوليءَ جي سکيا جي پيچيده عمل ۾ حصو وٺي ٻين شين جو بنياد بڻجن ٿيون.“
ايلن ڪننگس ورٿ پھريان وياڪرڻ پوءِ لفظن جي ذخيري ۽ آخر ۾ صوتيات جو ذڪر ڪري ٿو، پر جيئن ته ٻوليءَ جو بنيادي جزو اکر ۽ آواز آهي، تنھن ڪري هتي صوتيات سان شروعات ڪجي ٿي. صوتيات کانپوءِ لفظن جي ذخيري ۽ آخر ۾ وياڪرڻ جو تفصيل وار بيان ڪيو ويندو.
صوتيات Phonology
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق ”صوت“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ ”آواز“ آهي. (2)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جامع سنڌي لغات ۾ لفظ ”صوت“ جي معنيٰ ”آواز، صدا، ندا، بانگ“ لکي آهي. (3)
وِڪي پيڊيا صوتيات جي وصف هن ريت بيان ڪئي آهي:
“Phonology is a branch of linguistics that studies how languages or dialects systematically organize their sounds.” (4)
”صوتيات، لسانيات جي هڪ شاخ آهي جنھن ۾ ٻوليون يا لهجا منظم طريقي سان پنھنجن آوازن کي ڪيئن ترتيب ڏين ٿا، جو اڀياس ڪيو وڃي ٿو.“
لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي ڪتاب ’سنڌي صوتيات‘ ۾ برطانيه جي ماهرِ لسانيات فرٿ جو حوالو ڏنو آهي، جنھن جو بيان آهي ته: ”علم صوتيات، ڳالهائڻ جي آوازن جو علم آهي.“ (5)
مٿي ڏنل لفظ صوت جي معنائن ۽ وصفن مان اِهو نتيجو نڪتو ته لفظ ”صوتيات“ جي معنيٰ ”آوازن جو علم“ آهي.
سنڌيءَ جي پرائيمر، جنھن کي ’ڪچو پھريون‘ يا ’ٻاراڻو ڪتاب‘ به چيو وڃي ٿو، اُن ۾ پھريان الف-بي جي تختي ڏنل آهي، تنھن کانپوءِ الف-ب جا آواز (ڪَڪَ پٽي) پڙهائڻ جي شروعات ٿئي ٿي. آواز پڙهائڻ کانپوءِ سڌو سبق شروع ٿين ٿا، جن ۾ زبر، زير، پيش، مد، واو لين، ياءِ لين وغيره پڙهايا وڃن ٿا. سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به سنڌي ٻوليءَ جي وينجنن يا سُرن جو الڳ سان ذڪر ڏنل ڪونهي ۽ نه وري ڪتاب جي آخر ۾ استادن لاءِ ان قسم جا ڪي اهم نوٽ يا هدايتون ڏنل آهن. ڪچي پھرئين کي ڇڏي جيڪڏهن پڪي پھرئين يعني پھرئين درجي جو جائزو وٺجي ته اُهو به سبقن کان ئي شروع ٿئي ٿو.
جڏهن انگريزي ٻولي سيکارڻ لاءِ ڪلاس ون جي درسي ڪتاب جو جائزو وٺجي ته اُتي سُر يعني vowels پڙهايا وڃن ٿا، پر جڏهن پنھنجي ٻولي پڙهائجي ٿي ته ان ۾ ٻارن کي سنڌي ٻوليءَ جي ويجنن ۽ سُرن جو ٻڌايو ئي ڪو نه پيو وڃي. جيڪڏهن ٻاراڻي ڪتاب ۾ ٻولي جي انهن اهم نُڪتن کي نٿو کڻي سگهجي ته پوءِ انهن جو ذڪر پھرئين درجي ۾ ڪري سگهجي ٿو. جيستائين ٻار صحيح سان آواز ڪڍڻ نه سکندو تيستائين معياري لهجي ۾ صحيح اُچار نٿو ڪڍي سگهي. ان سلسلي ۾ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي ڪتاب سنڌي صوتيات ۾ پرڏيهي ٻوليون (foreign languages) سکڻ جي حوالي سان لکي ٿو:
”علم صوتيات جو خاص مقصد هيءُ آهي ته پرڏيهي زبانون سکندڙ، انهن زبانن جي مختلف آوازن جا درست اُچار ڪري سگهن.“(6)
الانا صاحب جي علم مطابق نقل ڪري آواز نٿا سکي سگهجن پر علم صوتيات جي مدد سان اُچارن سکڻ مان ڪامياب نتيجا سامھون آيا آهن. هن موجب:
”درست اُچار ڪرڻ لاءِ علم صوتيات جي تربيت ضروري آهي. اُن لاءِ هيٺيون ڳالهيون لازمي آهن:
(i) ڪنن کي تربيت ڏيڻ (ear training)، (ii) ڳالهائڻ جي عضون کي مشق ڏيڻ، (iii) گڏيل آوازن (clustered sounds) ۽ آوازن جي ميل (sequences of sounds) ۽ ساڳين آوازن جي ميل جي ڊيگهه (length)، زور (stress) ۽ جِهيلار (intonation) جي مدد سان جملن اندر لفظن جا درست اُچار ڪرڻ.“ (7)
مادري زبان سکڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:
”ڪن عالمن جو خيال آهي ته مادري زبان جي اُچارن ۾ يڪسانيت هئڻ گهرجي. هو ان راءِ جا آهن ته اُهي ماڻهو، جيڪي معياري لهجي (standard dialect) کان مختلف لهجي ۾ ڳالهائيندا آهن، تن کي به همٿايو وڃي ته هو پنھنجو لهجو سڌارين ۽ قومي سطح ۽ ابلاغ جي ذريعن لاءِ معياري لهجي ۾ ڳالهائين.“ (8)
ماهرن جي راءِ تي لکي ٿو:
”جيڪڏهن ڪو شخص پنھنجو لهجو بدلائڻ چاهي ته هو علم صوتيات جي مدد سان ائين ڪري سگهي ٿو. اُن لاءِ کيس اهي ئي طريقا اختيار ڪرڻا پوندا، جيڪي پرڏيهي زبانن جي سکڻ لاءِ اختيار ڪبا آهن.“ (9)
جيڪڏهن الانا صاحب جي مٿي ٻڌايل نقطن تي غور ڪجي ته سڀ کان پھرين ڪنن جي تربيت ضروري آهي، اُن لاءِ ضروري آهي ته استادن کي به اِها ڄاڻ هئڻ گهرجي ته ڪھڙي اکر جو آواز ڪيئن نڪرندو. جڏهن استاد هر اکر جو صحيح آواز ڪڍندو ۽ ٻار ان کي روزانو ٻڌندا رهندا ته هو ان ئي طريقي سان آواز ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا. جنھن به اکر جي آواز ڪڍڻ ۾ ٻارن کي ڏکيائي پيش ايندي اُتي استاد اُنهن جي رهنمائي ڪندو. ائين ٻار درجي بدرجي سکندا ويندا ته جملي ۾ ڪھڙي لفظ تي زور ڏيڻو. جيئن ته اسان جا ڪتاب معياري لهجي ۾ لکيل هوندا آهن ۽ اسان وٽ سنڌي ٻولي جا مختلف لهجا موجود آهن، تنھنڪري اِهو ضروري ٿي پوي ٿو ته استاد ٻارن کي صحيح اُچارن سان پڙهائي ته جيئن ٻار معياري لهجي جو استعمال ڪري سگهن. پر هتي مسئلو اِهو آهي ته ٻار ته ڇڏيو پر استادن کي به آوازن جي خبر نه هوندي آهي.
آوازن بابت سنڌي نصاب جي ٻڌڻ واري مھارت ۾ لکيل آهي ته:
”سنڌي الف – ب جا آواز ٻڌي، سڃاڻي سگهي.“ (درجو پھريون)
”هم آواز اکرن جا آواز ٻڌي، لفظن ۾ انهن جو فرق محسوس ڪري سگهي.“ (درجو پھريون)
”سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي درست آوازن ۽ اچارن کي ٻڌي، انهن جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.“ (درجو ٻيو) (10)
آوازن بابت ڳالهائڻ واري مھارت ۾ لکيل آهي ته:
”سنڌي الف – ب جا آواز ٻڌي ۽ صحيح طريقي سان اچاري سگهي.“ (درجو پھريون“
”سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي درست آوازن ۽ اچارن کي ادا ڪري سگهي.“ (درجو ٻيو) (11)
آوازن متعلق پڙهڻ واري مھارت ۾ لکيل آهي ته:
”سنڌي ٻوليءَ جي الف – ب جي ويجنن (Consonants) ۽
سُرن (Vowels) جي آوازن کي درست نموني ادا ڪري سگهي.“
(درجو پھريون) (12)
مٿي ڏنل سکيا جي حاصلاتن مطابق جڏهن درسي ڪتابن جو جائزو وٺجي ٿو ته انهن اهم سکيا جي حاصلاتن مطابق ڪتاب ۾ ڪا به هدايت ڏنل ڪونهي ۽ نه ئي درسي ڪتابن ۾ اهڙو ڪجهه لکت ۾ ڏنو ويو آهي. ٻار هم آواز اکرن جا آواز ٻڌي، انهن ۾ فرق محسوس ڪيئن ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته انهن جي فرق بابت ڪا به شيءِ ڪتاب ۾ لکت ۾ ڏنل ڪونهي. جيستائين ٻار کي ڇ ۽ ش، ذ، ز، ظ ۽ ض جي آوازن ۽ اهڙن ٻين سڀني هم آواز اکرن جي آواز سڃاڻڻ لاءِ صحيح تربيت نه ڏني وڃي ته اُهي آواز ڪيئن سڃاڻيندا؟! پڙهڻ واري مھارت ۾ حرف صحيح ۽ حرف علت جو ذڪر ڪيل آهي جڏهن ته ٻاراڻي يا پھرئين درجي جي درسي ڪتابن ۾ انهن ٻنهي بابت ڪو به مواد لکت ۾ ڏنل ڪونهي.
هتي هرگز اهو چوڻ جو مطلب ناهي ته ڪو ٻارن کي پورو صوتيات جو علم ٻاراڻي ۽ پھرئين درجي ۾ ڏجي، پر گهٽ ۾ گهٽ آواز، وينجن ۽ سُرن بابت اُنهن کي ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي. ڪَڪ پٽي ۾ به الف – ب جا آواز ئي لکيل آهن، اُتي آوازن سان گڏ سُرَ لکڻ گهرجي. اکر، آواز، وينجن ۽ سُر ٻاراڻي ۽ پھرئين درجي ۾ صحيح طريقي سان پڙهائجن ته جيئن اڳتي وارن درجن ۾ ٻارن کي ڏکيائي نه ٿئي. ٻارن جي صورتخطي صحيح لکڻ ۾ اکرن کي سڃاڻڻ سان گڏوگڏ انهن جي آوازن ۾ فرق محسوس ڪندي، انهن کي سڃاڻڻ ضروري آهي. گهڻي ڀاڱي ٻارن جي صورتخطي ۾ چُڪون آواز صحيح نه سڃاڻڻ جي ڪري ئي ٿينديون آهن. ٻارن جي صورتخطي صحيح آواز پڙهڻ جي ڪري ٿيندي آهي. اکرن ۽ آوازن جي صحيح سڃاڻپ کانپوءِ ئي ٻار صحيح لفظ، جملا، فقرا ۽ بيان لکي سگهي ٿو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻولي سيکارڻ ۾ اکر ۽ آواز بنيادي حيثيت رکن ٿا، انهن تي ئي ٻوليءَ جي عمارت ٺھي جُڙي راس ٿئي ٿي.
لفظن جو ذخيرو (vocabulary)
اکرن، آوازن کانپوءِ لفظ پڙهايا وڃن ٿا. لفظن مان ئي جملا ترتيب ڏنا ويندا آهن، تنھنڪري لفظن جو ذخيرو ٻارن وٽ عمر جي لحاظ سان هئڻ گهرجي. جيترو لفظن جو ذخيرو وڌيڪ هوندو اوترو ئي ٻار پنھنجي روزاني زندگيءَ ۾ موقعي جي مناسبت سان نوان ۽ مختلف لفظ چونڊي، ڳالهائي سگهندو. ٻارن کي لفظن جو چڱو خاصو ذخيرو پڙهڻ واري مھارت ۾ رواني پيدا ٿيڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
لفظن جي وصف بابت Neuman and Dwyer لکي ٿو:
“Words we must know to communicate effectively; words in speaking (expressive vocabulary) and words in listening (receptive vocabulary).” (13)
”اسان کي ڪارگر طريقي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ لفظ ڄاڻڻ گهرجن؛ ڳالهائڻ وارا لفظ (اظھار ڪندڙ لفظ) ۽ ٻڌڻ ۾ لفظ (قبول يا وصول ڪندڙ لفظ).“
جي. ايم والٽرس لفظن سيکارڻ بابت چوي ٿو:
“It is almost impossible to learn a language without words; even communication between human beings is based on words. Both teachers and students agree that acquisition of the vocabulary is a central factor in teaching a language.” (14)
”لفظن کانسواءِ ٻولي سکڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي؛ ايتري تائين جو انسانن جي وچ ۾ رابطي جو بنياد لفظن تي آهي. استاد ۽ شاگرد ٻئي هن ڳالهه سان سھمت آهن ته ٻولي پڙهائڻ ۾ لفظن جو حصول هڪ مرڪزي جزو آهي.“
لفظن جي چونڊ جي حوالي سان ايلن ڪننگس ورٿ لکي ٿو:
“Selecting vocabulary is a tricky subject and not as simple as might be expected. One criterion alone (such as frequency) is inadequate for selecting a workable vocabulary range for a teaching programme or coursebook.” (15)
”لفظَ چونڊڻ وارو موضوع هڪ مشڪل موضوع آهي، جيترو هن کي سادو سمجهيو وڃي ٿو اوترو سادو ڪونهي. ڪنھن به هڪ پروگرام يا ڪورس بُڪ لاءِ هڪڙو اڪيلو معيار (جيئن تعداد) قابلِ عمل لفظن جي حد چونڊڻ لاءِ نامناسب آهي.“
مٿي ڏنل ماهرن جي راين مان صاف ظاهر آهي ته ٻوليءَ جي سکيا ۾ لفظن جو ڪيترو عمل دخل آهي. بين الاقوامي سطح تي ٻولي جي درسي ڪتابن ۾ درجي وار ٻار جي عمر جي مناسبت سان لفظ چونڊي ڏنا ويندا آهن. لفظن جي چونڊ سان گڏوگڏ انهن جي تعداد جو معيار پڻ مقرر ٿيل آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾ درجي وار لفظن جو تعداد ۽ چونڊ جنھن کي (high frequency words) چئجي ٿو، اُها مقرر ٿيل آهي. ٻوليءَ جي مختلف ماهرن پاران درجي وار ۽ عمر جي لحاظ کان لفظن جي چونڊ ۽ تعداد جي فھرست جاري ڪيل آهي، جن کي درسي ڪتابن ۾ هر صورت رکيو ويندو آهي. پر ان کان پوءِ به ڪننگس ورٿ لفظن جي چونڊ ۽ ان جي تعداد واري حد کي نامناسب ٿو سمجهي. هو اڃا ڪجهه ٻيا نُڪتا به ان ۾ شامل ڪرڻ گهري ٿو، جن جو هُن ذڪر ناهي ڪيو، پر چاهي ٿو ڪجهه وڌيڪ هجي.
فائونٽاز ۽ پِنيل تفصيل سان high frequency words list ڏني آهي جنھن ۾ درجي وار نه فقط لفظ ڏنل آهن، پر اُنهن جو درسي ڪتابن ۾ ڏيڻ جو طريقيڪار ۽ پڙهائڻ جو طريقيڪار پڻ سمجهايو آهي.(16) جڏهن ته اسان وٽ صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي. اسان وٽ ٻوليءَ جي ماهرن پاران سنڌي درسي ڪتابن لاءِ درجي وار لفظن جي تعداد ۽ چونڊ جي حوالي سان ڪا به فھرست جاري ڪيل ڪونهي. جڏهن 2018ع واري نصاب جو جائزو وٺجي ته اُتي به پھرئين کان ٽئين درجي تائين واري معيار ۾ لکيل آهي ته:
”گهٽ ۾ گهٽ ابتدائي ٽي هزار لفظ ٻڌي، انهن جي معنيٰ ۽ مفھوم کي سمجهي سگهن.“ (17)
درجي چوٿين ۽ پنجين لاءِ لکيل آهي:
”گهٽ ۾ گهٽ ابتدائي ڇهه هزار لفظ ٻڌي، انهن جي معنيٰ ۽ مفھوم کي سمجهي سگهن.“ (18)
هاڻي ابتدائي ٽي هزار يا ڇهه هزار لفظ ڪھڙا هجن؟ هر ڪنھن ٻار جا لفظ مختلف به ٿي سگهن ٿا. هتي اِهو ڏيڻ گهرجي ته لاڳاپيل درجي ۾ ٻار ڪيترا ۽ ڪھڙا نوان لفظ سکندو. جيئن ته مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا درسي ڪتاب ٺاهڻ لاءِ اسان وٽ ٻوليءَ جي ماهرن پاران ڪا به فھرست مليل ڪونهي، جنھن مان لفظن جي چونڊ ۽ انهن جو تعداد مقرر ٿيل هجي ۽ نه ئي وري ان جي ڪا ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي.
2015ع ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران شاگردن جي پڙهڻ وارين صلاحيتن ۾ بھتري آڻڻ لاءِ هڪ منصوبو رٿيو ويو، جنھن کي ’سنڌ ريڊنگ پروگرام‘
جو نالو ڏنو ويو. اُن پروگرام ۾ Bureau of Curriculum, Provincial Education Assessment Centre (PEAC), Provincial Institute for Teacher Education (PITE), Sindhi Language Authority, Faculty of Education University of Sindh, Sindh Basic Education Program (SBEP) ڪجهه بھترين خانگي اسڪولن جا استاد ۽ ليکڪ شامل هئا. ان سڄي طريقيڪار ۾ يو ايس ايڊ پاران ٽيڪنيڪي ۽ مالي سھڪار ڏنل هو.
سنڌ ريڊنگ پروگرام جي ڪميٽيءَ جڏهن ڪتابن تي ڪم شروع ڪيو ۽ خاص ڪري جڏهن درجي وار لفظن جي چونڊ ۽ تعداد واري پاسي جائزو ورتو ته اُنهن کي ڪا به فھرست ڪو نه ملي. تنھن کانپوءِ ڪميٽيءَ هڪ سافٽ ويئر ذريعي جڏهن High frequency word يعني درجي وار لفظن جي چونڊ ۽ انهن جي تعداد تي ڪم مڪمل ڪيو ته هڪ حيران ڪندڙ مشاهدو سامھون آيو، جنھن ۾ ڪجهه لفظ 250 کان به وڌيڪ دفعا هڪ درسي ڪتاب ۾ استعمال ٿيل هئا ته ڪجهه لفظ وري 1 يا 2 دفعا استعمال ڪيا ويا هئا.
هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن لاءِ هي ضروري ٿي چڪو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن لاءِ به High frequency word جنھن ۾ درجي وار لفظن جي چونڊ ۽ تعداد ڏنل هجي، اُها فھرست جاري ڪن ته جيئن بين الاقوامي سطح جي معيار کي نظر ۾ رکندي سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجن.
وِياڪِرڻ (Grammar)
گرامر انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو يوناني ٻوليءَ جي لفظ Grammatik مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي “The Art of Writing” يعني لکڻ جو فن.
گرامر کي سنڌيءَ ۾ ”وِياڪِرڻ“ ۽ عربي فارسي ۾ ”صرف و نَحو“ چئبو آهي. مرزا قليچ بيگ ”علم صرف“ ۽ ”علم نَحو“ جي وصف پنھنجي ڪتاب ۾ هيئن بيان ڪئي آهي:
”’صرف‘ لفظ جي عربي لغت ۾ معنيٰ آهي ڦيرائڻ، ڦيرو يا گردان. انهيءَ موجب لفظ جدا جدا صورتن ۾ ڦرن ٿا ۽ سڀني قسم جي لفظن جون جدا جدا صورتون ۽ صيغا ’صرف‘ ۾ داخل آهن. ’نَحو‘ لفظ جي اصلي معنيٰ آهي پاسو ۽ اصطلاحي معنيٰ اٿس صرفيا هڪٻئي جي پاسي ۾ بيھاري جملا جوڙڻ ۽ جملا هڪٻئي جي پاسي ۾ بيھاري بيان يا تقرير يا دليل جوڙڻ.“ (19)
ڊاڪٽر جيٽلي گرامر بابت لکي ٿو:
”روپ - وگيان (علم صرف) ۽ واڪيه - وگيان (علم نحو) اهي ٻئي گڏجي ڪنھن ٻوليءَ جي وياڪرڻي سرشتي (Grammatical structure) جي بناوت ڏيکارين ٿا. ٻين لفظن ۾ چئجي ته ڪنھن ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾ انهيءَ ٻوليءَ ۾ روپ ٽڪرن ٽٽڻ مان ٺھيل لفظن جي رچنا، لفظن مان فقرن جي رچنا ۽ فقرن مان جملن جي رچنا جي تصوير پيش ڪجي ٿي.“ (20)
ايلن ڪننگس ورٿ پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو:
“Grammar is a major component of any general language course, whether it is acknowledged as such, or disguised as something else.” (21)
”گرامر ڪنھن به ٻوليءَ جي نصاب جو هڪ اهم حصو آهي، ڀلي ان کي ائين يا ڪنھن ٻي شيءِ جي روپ ۾ تسليم ڪيو وڃي.“
برٽينيڪا تي وياڪرڻ جي وصف ڏنل آهي ته:
“Grammar, rules of a language governing the sounds, words, sentences, and other elements, as well as their combination and interpretation.” (22)
”گرامر، ٻوليءَ جا ضابطا جيڪي آوازن، لفظن، جملن ۽ ٻين عنصرن سان گڏوگڏ انهن جي ميلاپ ۽ تشريح کي به سنڀاليندا آهن.“
مٿي ڏنل ماهرن جي راين ۽ لغت ۾ ڏنل وصف منجهان ٻولي پڙهائڻ ۾ وياڪرڻ جي اهميت ظاهر ٿئي ٿي. اکرن ۽ لفظن جي بناوٽ، انهن جا اصول ۽ قاعدا، جملن ٺاهڻ جا اصول ۽ قاعدا، جملا ڪيئن ٺاهجن، جملن ۾ جدا جدا لفظن جو هڪٻئي سان ڪھڙو لاڳاپو آهي، اِها سموري ڄاڻ وياڪرڻ پڙهڻ سان ئي ملي ٿي. لفظ، لفظن جي معنيٰ، لفظن جا ضد، واحد ۽ جمع لفظ، مرڪب لفظ، زمان، ڳالهائڻ جا لفظ، بيھڪ جون نشانيون اهي سڀ وياڪرڻ ۾ اچي وڃن ٿا. هاڻي سنڌيءَ جي درسي ڪتابن جو جائزو وٺون ٿا ته انهن ۾ درجي وار وياڪرڻ جي ڇا صورتحال آهي.
’ٻاراڻي ڪتاب‘ يعني پرائيمر ۾ اکر، آواز کان پوءِ سبقن ۾ جملا اچي وڃن ٿا. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته جملن کان پھرين رڳو لفظ پڙهائجن. تصوير ڏنل هجي ۽ ان جي هيٺيان لفظ لکيل هجن، اُهي ٻار پڙهن. ان کانپوءِ وري تصويرن جي هيٺيان لِيڪَ ڏنل هجي جنھن تي ٻار پاڻ لفظ لکي. ان کانپوءِ جملن تي وڃجي.
درجي پھرئين ۾ لفظن جي جوڙ ٽوڙ، نوان لفظ ٺاهڻ (جيڪي اصل ۾ واحد جمع، مذڪر مؤنث، لفظ ضد وارو طريقو آهي). جن مشقن ۾ واحد جمع، مذڪر مؤنث يا لفظ ضد ڏنا ويا آهن، اُهي ڏيڻ وقت فقط هڪ ئي هدايت ڏنل آهي ته نوان لفظ ٺاهيو ۽ ان جو هڪ مثال ڏنل آهي. اصولي طور تي وياڪرڻ جو ڪو به نئون نُڪتو ڏيڻ وقت اهو سولن ۽ سادن لفظن ۾ سمجهاڻي سميت ڏيڻ گهرجي ته جيئن ٻار ان کي سمجهي سگهن. هتي ٻار جي عمر جي حساب سان انهن نُڪتن کي سادن ۽ سِلوڻن لفظن ۾ سمجهائڻ گهرجن.
درجي ٻئين ۾ پد، لفظن جي معنيٰ، واحد جمع، لفظ ضد، لفظن جي جوڙ ٽوڙ، هم آواز، بصري لفظن (آهي، آهن، هو ۽ آهيان) ذريعي جملا مڪمل ڪرڻ، زمان حال ۽ زمان ماضي، هاڪاري ناڪاري جملا، ٿو، ٿا، ٿي جو استعمال ڪندي جملا مڪمل ڪرڻ، حرف جر جو استعمال، مرڪب لفظ، بياني جملن کي سوالي جملن ۾ بدلائڻ ۽ لفظن ۾ اڳياڙي لڳائڻ ڏنا ويا آهن.
سبق ٽيون جي مشق نمبر 3 ۾ واحد جمع جي سادن ۽ سولن لفظن ۾ وصف ڏنل آهي،(23) جڏهن ته سبق چوٿون جي مشق نمبر 3 ۽ سبق نائون جي مشق نمبر 4 ۾ وري لکيل آهي نوان لفظ ٺاهيو،(24) جيڪو اصل ۾ واحد جمع ئي آهن. سبق پنجون جي مشق نمبر 5 ۾ لفظن جي ضدن جي ڪا به سمجهاڻي نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته هتي سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آهي ته لفظن جا ضد ڇا ٿيندا آهن. هدايت ۾ لکيل آهي ته هيٺ ڏنل لفظن جا ضد لکو. (25) اڳتي وري سبق ٻارهون جي مشق نمبر 3، سبق تيرهون جي مشق نمبر 4، سبق سورهون جي مشق نمبر 2 ۽ سبق سترهون جي مشق نمبر 3 ۾ لفظن جا ضد لکو بدران لفظن جا ابتڙ لفظ لکو، واري هدايت ڏنل آهي. (26) مطلب ته هڪڙي ئي موضوع کي مختلف هدايتن سان ڏنو ويو آهي، پر ان جي ڪٿي به ڪا سمجهاڻي ڏنل ڪانهي. هاڻي ٻار کي ائين لڳندو ته هي ٽئي شيون مختلف آهن. هو انهن کي ذهن ۾ ورجائي ئي نه سگهندو. سبق نائون جي مشق نمبر 6 ۽ سبق سورهون جي مشق نمبر 6 ۾ زمان حال ۽ زمان ماضي جي مشق ڏنل آهي (27) جڏهن ته انهن بابت ڪابه سمجهاڻي ڏنل ڪانهي ته اِهي ٻيئي زمان آهن ڇا يا زمان ڇا کي چئبو آهي. سبق تيرهين جي مشق نمبر 3 ۾ هاڪاري ناڪاري جملا ڏنل آهن(28) جن جي پھريان وضاحت ڏنل ڪونهي ته هاڪاري جملو ڇا کي چئبو آهي ۽ ناڪاري جملو ڇا کي چئبو آهي. سبق ارڙهين جي مشق نمبر 4 ۾ مرڪب لفظ ڏنا ويا آهن (29) پر انهن بابت ڪا به وضاحت ڏنل ڪونهي ته مرڪب لفظ ڇا ٿيندا آهن. سبق ويهين جي مشق نمبر 2 ۾ بياني جملن کي سوالي جملن ۾ بدلائڻ لاءِ چيو ويو آهي، (30) پر بياني جملا ڇا ٿيندا آهن يا اُنهن کي سوالي جملن ۾ ڪيئن بدلائي سگهجي ٿو، اُن باري ۾ ڪا به سمجهاڻي ڏنل ڪانهي. سبق چوويهين جي مشق نمبر 2 ۾ اڳياڙي لڳائي نوان لفظ ٺاهڻ جي مشق ڏنل آهي (31) پر هتي به اهو سمجهائڻ جي ضرورت محسوس ئي نه ڪئي وئي آهي ته ڪو پھريان سمجهاڻي ڏجي ته اڳياڙي ڇا کي چئبو آهي يا اڳياڙيون لڳائي لفظ ٺاهڻ جا اصول ڪھڙا آهن.
درجي ٽئين ۾ هم آواز، لفظن جي معنيٰ، لفظن کي جملن ۾ ڪم آڻڻ، واحد جمع، لفظ ضد، اسم، جملا درست ڪري لکڻ، زمانن جو تصور ڏيڻ ۾ (هوندو، آهي، هو) جو استعمال ڪندي جملا مڪمل ڪرڻ، حرف جر جو استعمال، بيھڪ جون نشانيون، ٻٽا لفظ، ناڪاري جملا لکڻ ڏنل آهن.
سبق پنجين جي مشق نمبر 3، سبق سورهين جي مشق نمبر 3 ۽ سبق ٽيويهين جي مشق نمبر 4 ۾ لکيل آهي هيٺين لفظن جا ابتڙ لفظ لکو.(32) پوئين درجي ۾ ٻئي هدايتون ڏنل هيون، هڪ ابتڙ لفظ واري ۽ ٻي ضد واري. هن درجي ۾ صرف ابتڙ لفظن واري هدايت لکيل آهي. ٿيڻ ائين کپندو ته جيڪا معياري هدايت آهي اُها ڏني وڃي. معياري هدايت هيٺ ڏنل لفظن جا ضد لکو، آهي. سبق ستون جي مشق نمبر 3، سبق سترهين جي مشق نمبر 3 ۽ سبق ارڙهين جي مشق نمبر 4 ۾ لکيل آهي لفظ ٺاهيو(33) جيڪو واحد جمع آهي، وري صفحي نمبر 37 ۽ 58 تي لکيل آهي هيٺين واحد لفظن جا جمع لکو.(34) ٻارن کي هڪ موضوع لاءِ هڪ ئي هدايت ڏيڻ گهرجي، جيئن اُنهن کي ائين محسوس نه ٿئي ته هُو ٻه مختلف موضوع سکي رهيا آهن. سبق ٻارهين جي مشق نمبر 3 ۾ زمان حال، ماضي ۽ مستقبل بابت جملا ڏنل آهن(35) پر انهن جي وضاحت لاءِ ڪا سولي سمجهاڻي ڏنل ڪانهي. سبق ايڪيھين جي مشق نمبر 4 ۾ ٻٽا لفظ پڙهڻ لاءِ ڏنل آهن(36) پر اِهو ناهي سمجهايو ويو ته ٻٽا لفظ ڇا کي چئبو آهي يا انهن جا قسم ڪھڙا آهن. سبق ٻاويهين جي مشق نمبر 3 ۾ لکيل آهي ته اهڙا ضمير ٻڌايو، جيڪي ويجهي اسم ڏانهن اشارو ڪن.(37) هاڻي پھرئين کان وٺي ٽئين درجي تائين ضمير جو تصور ئي ڏنل ڪونهي، اُن جي ڪا سادي وصف به ڏنل ڪونهي ته ٻار هيءَ مشق ڪيئن ڪري سگهندو. هن درجي ۾ سبق چوٿين جي مشق نمبر 4 ۾ رڳو اسم جي وصف ڏنل آهي.(38) ان کانپوءِ نه اسم جو ذڪر آهي نه ئي ضمير جو ذڪر ٿيل آهي. سبق پنجويهين جي مشق نمبر 3 ۾ بياني جملن کي ناڪاري جملن ۾ بدلائڻ لاءِ هدايت ڏني وئي آهي(39) پر ان جي ڪا به سمجهاڻي ڏنل ڪانهي. ٻار نه پوئين درجي ۾ پڙهي آيو ته بياني، هاڪاري ۽ ناڪاري جملا ڇا ٿيندا آهن ۽ نه ئي هن درجي ۾ ٻار کي سمجهايو پيو وڃي.
درجي چوٿين ۾ لفظ، معنيٰ، لفظن جو جملن ۾ استعمال، هم آواز، اسم، اسم عام، اسم خاص، لفظ ضد، لفظ ۽ جملي جي وصف، واحد جمع، هم قافيا، صفت، بيھڪ جون نشانيون، الف - ب وار لفظن جي ترتيب، ضمير متڪلم (آءُ، اسين، اسان، مون) جو استعمال، حرف جر، جملا درست ڪري لکڻ، هاڪاري جملن کي ناڪاري جملن ۾ تبديل ڪرڻ، حرف ندا، حرف جملو، ٻٽا لفظ، فاعل ۽ مفعول ڏنا ويا آهن.
چوٿين درجي ۾ لفظ ۽ جملي جي وصف ڏني وئي آهي، (40) ان کي ٻئين درجي ۾ رکڻ گهرجي. پھرين ڳالهه ته ٻاراڻي ڪتاب ۾ اکرن آوازن کانپوءِ سڌو جملا ڏنا ويا آهن. پھرئين درجي ۾ به جملا آهن، ته پوءِ لفظ ۽ جملي جي وصف به پھرئين يا ٻئين درجي ۾ رکڻ گهرجي. هم قافيا جي باري ۾ به ڪا سمجهاڻي ڏنل ڪانهي. (41) ضمير متڪلم جي به وصف ڏنل ڪانهي (42) بس صفحي نمبر 45 تي لکيل آهي ته هيٺ ڏنل لفظن سان جملا مڪمل ڪريو. جڏهن ٻار ضمير جي وصف ئي ناهي پڙهي ته قسم نه ڏيڻ گهرجن. حرف جر جو استعمال ٻئين درجي کان وٺي لاڳيتو ڏنو پيو وڃي پر ڪنھن به درجي ۾ ان جي وصف ڏنل ڪانهي پر مشقن ۾ سوال موجود آهن. هاڪاري ناڪاري جملن جي باري ۾ به ڪا وضاحت ڏنل ڪانهي. حرف ندا جي به ڪا وصف ڏنل ڪونهي، صفحي نمبر 52 تي سوال ڏنل آهي ته هيٺ ڏنل نون لفظن مان ڪي به پنج جملا ٺاهيو. جڏهن ٻارن کي حرف ندا جي وصف جي ئي خبر ڪونهي ته هُو جملا ڪيئن ٺاهي سگهن ٿا. ان کانسواءِ ته گرامر ۾ ڳالهائڻ جي اٺن لفظن کي ترتيب ۾ ناهي ڏنو ويو. اڳتي پوئتي ڏئي ان جي ترتيب خراب ڪئي وئي آهي ۽ وچ مان فعل ۽ ظرف گم آهن. ٻٽن لفظن جي هتي به ڪا سمجهاڻي ڏنل ڪانهي.
پنجين درجي ۾ لفظ، معنيٰ، لفظن جو جملن ۾ استعمال، هم آواز، اسم، اسم عام، اسم خاص، اسم ذات، لفظ ضد، واحد جمع، زمان ماضي کي زمان مستقبل ۾ بدلائڻ، زمان ماضي کي زمان حال ۾ بدلائڻ، هم قافيا، فعل ۽ فاعل، صفت، بيھڪ جون نشانيون، ضمير خالص، ضمير خالص متڪلم، ضمير خالص حاضر، ضمير خالص غائب، اصطلاح، حرف جر، جملا درست ڪري لکڻ، هاڪاري ۽ ناڪاري لفظ، حرف ندا، حرف جملو، ٻٽا لفظ، ظرف ۽ اڳياڙي ڏنا ويا آهن.
پوين درجن جي نسبت پنجين درجي جو درسي ڪتاب بھتر نظر آيو. هن ۾ گرامر سان لاڳاپيل مختلف موضوعن کي گهڻي ڀاڱي واضح ڪيو ويو آهي. ٻٽن لفظن،(43) زمان ماضيءَ کي زمان حال ۾ بدلائڻ،(44) زمان مستقبل کي زمان ماضيءَ ۾ بدلائڻ،(45) اصطلاح،(46) هاڪاري ناڪاري لفظ(47) ۽ اڳياڙي وارن لفظن(49) جي هتي به سمجهاڻي ناهي ڏني وئي. گرامر سان لاڳاپيل جيڪي به تصور آهن انهن کي سولن ۽ سادن لفظن ۾ واضح ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻارن کي وڌ کان وڌ فائدو ٿي سگهي. ٻار جيترو سولائيءَ سان سمجهندو اوترو ئي جلدي انهن کي سکڻ ۾ دلچسپي وٺندو.
نتيجو
ٻوليءَ جي سکيا جي اهم جزن بابت درسي ڪتابن ۾ هدايتون واضح ڏنل ڪونه آهن. اکرن آوازن جي بنيادي نُڪتن کي ڪتاب ۾ حاشيو ۾ يا ڪتاب جي آخر ۾ اهم نوٽ ڏيڻ گهرجن ته جيئن استادن کي رهنمائي ملي سگهي ۽ هُو ٻارن جا تصور واضح ڪري سگهن. لفظن جي ذخيري بابت هڪ دستاويز تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جنھن ۾ درجي وار لفظن جو تعداد ۽ لفظن جي چونڊ ڪئي وڃي ته جيئن سکيا جي طريقيڪار کي سائنسي حوالي سان ڏئي ۽ سمجهائي سگهجي. گرامر جو ڪو به نئون نُڪتو درسي ڪتاب ۾ ڏيڻ وقت ان کي سادن سولن لفظن ۾ واضح ڪجي ۽ ڳالهائڻ جي اَٺن لفظن کي به ترتيب ۾ ڏجي ته جيئن ٻار ان کي سمجهي ياد ڪري سگهن.
حوالا:
- Cunningsworth, Choosing Your Course Book, Macmillan Heinemann, 1995,pg.no.31, ISBN- 0 435240587
- https://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=
- بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر، جامع سنڌي لغات جُلد چوٿون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ، 2007ع، ص 202، لفظ نمبر 26.
- https://www.google.com/search?q=what+is+phonology+wikipedia&sxsrf
- الانا غلام علي، ڊاڪٽر، سنڌي صوتيات، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 2009ع، ص 37.
- ساڳيو، ص 39.
- ساڳيو.
- ساڳيو، ص 40.
- ساڳيو.
- سنڌي نصاب، قومي ٻولي، پھرئين کان ڏهين درجي تائين، 2018ع، ص
- ساڳيو،ص
- ساڳيو، ص
- Neuman, S. B., & Dwyer, J. Missing in action: Vocabulary instruction in pre-k. The Reading Teacher, 2009, 62(5), PP 384-392
- Walters, J. M. Teaching the use of context to infer meaning: A longitudinal survey of L1 and L2 vocabulary research, Language Teaching, 37(4), 2004, pp 243-252.
- Cunningsworth, Choosing Your Course Book, Macmillan Heinemann, 1995, pg.no.38, ISBN- 0 435240587
- https://www.westada.org/site/handlers/filedownload.ashx?moduleinstanceid=12338&dataid=205717&FileName=High%20Frequency%20Words%20by%20Grade.pdf
- سنڌي نصاب، قومي ٻولي، پھرئين کان ڏهين درجي تائين، 2018ع، ص
- ساڳيو، ص
- قليچ بيگ ميرزا، سنڌي وياڪرڻ، ٽئي ڀاڱا، سنڌي ادبي بورڊ، نئين ڇاپي جو پھريون ايڊيشن، 2012ع، ص 74.
- مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر، ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ، اکل ڀارتيه سنڌي ساهتيه وِدوَت پرشد 127، Dوويڪ وهار دهلي، 1999ع، ص 18.
- Cunningsworth, Choosing Your Course Book, Macmillan Heinemann, 1995, pg.no.32, ISBN- 0 435240587
- https://www.britannica.com/topic/grammar
- سنڌي ٻيو ڪتاب، ڇاپو پھريون، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 2020ع، ص 10.
- ساڳيو، ص 12 ۽ 28.
- ساڳيو، ص 14.
- ساڳيو، ص 38، 41، 51 ۽ 55.
- ساڳيو، ص 28 ۽ 52.
- ساڳيو، ص 41.
- ساڳيو، ص 58.
- ساڳيو، ص 64.
- ساڳيو، ص 76.
- سنڌي ٽيون ڪتاب، ڇاپو پھريون، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 2020ع، ص 16، 40 ۽ 58.
- ساڳيو، ص 20، 42 ۽ 44.
- ساڳيو، ص 37 ۽ 58.
- ساڳيو، ص 31.
- ساڳيو، ص 52.
- ساڳيو، ص 55.
- ساڳيو، ص 12.
- ساڳيو، ص 63.
- سنڌي چوٿون ڪتاب، ڇاپو پھريون، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 2020ع، ص 8.
- ساڳيو، ص 12.
- ساڳيو، ص 45.
- ساڳيو، ص 52.
- سنڌي پنجون ڪتاب، ڇاپو پھريون، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 2020ع، ص 11.
- ساڳيو، ص 24.
- ساڳيو، ص 52.
- ساڳيو، ص 54.
- ساڳيو، ص 57.
ساڳيو، ص 85.