’سنڌي ٻولي تحريڪ‘ جي پسمنظر ۾ لکيل ڪهاڻين جو جائزو
(Review of stories written in the context of 'Sindhi Language Movement')
ڊاڪٽر نواب ڪاڪا /رضا علي سھتو
Abstract:
The language has always been the symbol of any nation's identity in the world beside its communicative role. Currently, there are around 7,000 languages spoken in the world. Some languages possess a rich linguistic structure and grammar, while others face various problems, including the threat of extinction.
The Sindhi language was different from what we know it to be now. It has gone through the critical phases of phonemic change, syntax composition, letter alterations and even existential threat due to supremacy of invaders and colonial powers. The Sindhi language spoken history is a complex venture that provides the historical record of threat and how the speakers of language become the custodian to carry the oral traditions to safeguard the language. Countless gratitude to the writers and literary figures of the day, who have always been willing to assist the Sindhi language against any and all obstacles of the era. In this way, storywriters have not lagged behind and have given the most at the highest levels in promoting, revitalising and safeguarding the Sindhi language.
This research paper examines and evaluates the literary works of five story writers in order to determine significance of storytelling as a powerful linguistic expression and to highlight the vivid account of fictional characters and events that reflect real-world experiences in order to demonstrate the value of rich language.
Keywords: Sindhi language movement, linguistic extinction, identity, pre-partition, post partition.
خلاصو:
ٻولي، ابتدا کان انسانن جي وچ ۾ هڪ پاسي جتي رابطن جو ذريعو رهي آهي، اتي ڪنھن به قوم جي سڃاڻپ ۾ اهم ڪردار نڀائي ٿي. دنيا ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون.
سنڌي ٻوليءَ جو شمار انهن ٻولين ۾ ٿئي ٿو، جيڪي قدامت جي لحاظ کان دنيا جون تمام پراڻيون ۽ شاهوڪار ٻوليون آهن. سنڌي ٻوليءَ سان تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ ڌارين جي يلغار سبب متڀيد پڻ روا رکيو ويو، پر اها به حقيقت آهي ته ڏکين حالتن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ عام سنڌي ماڻهوءَ توڙي اديب ۽ دانشور طبقو، پنھنجي مادري زبان کي بچائڻ لاءِ اڳتي آيو. هن پوري معاملي ۾ ڪھاڻيڪار به پوئتي ناهن رهيا. جڏهن جڏهن سنڌيءَ ٻوليءَ مٿان ڏکيا ڏينھن آيا ته شاعرن ۽ ڪھاڻيڪارن پنھنجي تخليقن سان ان جو برملا اظھار ۽ دفاع ڪيو. هن تحقيقي مقالي ۾ سنڌي ڪھاڻي کيتر مان، پنج نمائنده ڪھاڻين؛ جيڪي سال 2000ع کان اڳ ٻوليءَ جي بقا کي موضوع بڻائي لکيون ويون جو انتخاب ڪري، انهن جو جائزو ورتو ويو آهي.
تعارف
علم الانسان (انٿراپالاجي) موجب ارتقا سان گڏ ٻولي، هميشه انسان جي بنيادي سڃاڻپ رهي آهي. اها ٻولي ئي آهي، جيڪا جتي سماجن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو اچي، اتي اها معاشري جي بقا ۽ ترقيءَ لاءِ به لازمي ٿيو پوي. ٻولي، جيڪا انسانن جي وچ ۾ انهن جو الڳ تشخص برقرار رکي ٿي. نتيجي ۾ جڏهن به ڪنھن ٻوليءَ تي ڏکيا ڏينھن آيا ته ان جي اهميت ۽ سڃاڻپ برقرار رکڻ ۽ بچائڻ لاءِ سماج ۾ مزاحمتي تحريڪن جنم ورتو.
سنڌي ٻوليءَ جو ذڪر ڪجي ته اها به تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڏکيائين جو شڪار رهندي آئي آهي. انگريزن جي دؤر ۾ جتي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏئي، ان جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ’الف – بي‘ جوڙي وئي. اتي مختلف تحقيقن مان اهو پڻ ثابت ڪيو ويو ته سنڌي دنيا جي قديم ترين ۽ شاهوڪار ٻولين منجهان هڪ آهي.
انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليِءَ لاءِ جيتريون آسانيون پيدا ڪيون ويون. ورهاڱي کانپوءِ اها اوترين ئي ڏکيائن مان گذري رهي آهي. ان جا اثر جتي هڪ پاسي سنڌي سماج جي مختلف پاسن تي محسوس ٿين ٿا، اتي سنڌي ادب، خصوصي طور مختصر سنڌي ڪھاڻين ۾ پڻ نظر ايندا رهيا آهن.
هن تحقيقي مقالي ۾ چونڊ پنجن سنڌي ڪھاڻين:
- نظريه اسلامستان - رسول بخش پليجو
- عشق ۽ انٽرويو – امر جليل
- منظر - جنھن جو ڪو انت ڪونهي - نورالهدى شاه
- حمود الرحمان رپورٽ جو گم ٿيل باب – امر جليل
- ڪھاڻي ’اتساھ جو موت – منير احمد ماڻڪ
جو جائزو ورتو ويو آهي. هنن ڪھاڻين کي ان وقت سنڌي ٻوليءَ سان درپيش مسئلن جي آڌار تي ’نمائنده ڪھاڻيون‘ چئجي ته به گهٽ نه ٿيندو. تحقيق ۾ ڄاڻايل ڪھاڻين جي جائزي کان اڳ ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ سان پيش ايندڙ مسئلن جو پڻ مختصر بيان ڪيو ويو آهي، جئين پڙهندڙ معاملي جي نزاڪت جو ادراڪ ڪري سگهن.
ورهاڱي کانپوءِ ٻولين سان ابتدائي مسئلا
پاڪستان جي قيام کانپوءِ ان جي مختلف علائقن ۾ ٻولين لاءِ ڪيترن ئي مسئلن جنم ورتو. سڀ کان پھرين وڏي اڪثريتي صوبي بنگال سان ٻوليءَ جي بنياد تي مت ڀيد روا رکيو ويو. 1948 ڌاري ملڪ جي پھرئين گورنر جنرل محمد علي جناحَ، ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ اعلان ڪيو ته اردو، متحده پاڪستان جي قومي ٻولي هوندي. محمد علي جناح جي اهڙي اعلان تي ان وقت ته خاموشي اختيار ڪئي وئي، پر چئن سالن جي اندر ”21 فيبروري 1952 ۾ ’بنگالي ڀاشا اندولن‘ شروع ٿيو. ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن هڪ زبردست جلوس ڪڍيو. پوليس سختي جو مظاهرو ڪندي گولي هلائي، جنھن ۾ ڪيئي شاگرد مارجي ويا ۽ تحريڪ زور وٺي وئي. ڪيترن ئي سالن جي ڇڪتاڻ بعد 1956 ۾ بنگاليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو. اردوءَ جي حامي ’باباءِ اردو‘ مولوي عبدالحق، جلوس ڪڍي سرڪار کي غدار ڪوٺيو ۽ رئيس امروهي، جنگ اخبار ۾ ”اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي“ لکي اردو آباديءَ ۾ اشتعال وڌايو، پر بنگال جو عوام متحد ۽ منظم ٿي پنھنجي حقن لاءِ وڙهيو ۽ پنھنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريو.“ (1) جڏهن ته اولھه پاڪستان ۾ قديم ٻولين کي مقامي قرار ڏيندي، انهن سان ٻه اکيائيءَ جو سلسلو ختم نه ٿيو. سال 1949 ۾ سنڌ يونيورسٽي اڃا ڪراچي ۾ هئي ته وزيراعظم لياقت علي خان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته:
”جيئن ته هاڻي ڪراچي پاڪستان جي گادي واري شهر جي حيثيت ۾ وفاقي سرڪار جي ماتحت آھي، ان لا۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن مان سنڌيءَ کي لازمي تعليم طور ختم ڪيو وڃي ٿو. گڏوگڏ ڪراچي ۾ قائم لاتعداد پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول ختم ڪيا ويا.“ (2)
سال 1954 ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن فيصلو ڪيو ته ميونسپل جو وهنوار سنڌيءَ بجا۽ اردوءَ ۾ هلايو ويندو. 1956 ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ فيصلو ڪيو ته:
”يونيورسٽي ۾ قائم سنڌي ٻوليءَ جي شعبي کي ان لاءِ بند ڪيو ٿو وڃي جو هاڻي ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن جو ايترو تعداد ناهي رهيو. جڏھن ته انهن ڏينھن ۾ به اٽڪل ٻه هزار شاگردن يونيورسٽي انتظاميه وٽ درخواستون جمع ڪرايون ته کين سنڌيءَ ۾ امتحان ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي. ان کان اڳ 1953 ۾ پاڪستان سرڪار جي وزير تعليم فضل الرحمان ڪراچي ۾ آل پاڪستان ايجوڪيشن ڪانفرنس ۾ تجويز ڏني ته پاڪستان جيئن ته اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو آھي، ان ڪري هاڻي تعليمي نصاب عربي ڪيو وڃي.“ (3)
سنڌي ٻوليءَ سان اهڙي سلوڪ جي خلاف مقامي طور ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي جنم ڏنو. ان جو اظھار عام جام ٿيڻ لڳو. نتيجي ۾
”1972 ڌاري سنڌ اسيمبليءَ اندر سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، ترويج ۽ صوبائي لکپڙهه جي زبان جو هڪ بل سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو، اردوءَ جي حمايتي سياسي اڳواڻن مخالفت ڪئي. ساڳئي جنگ اخبار ۾ رئيس امروهيءَ اڳيون قطعو وري لکيو ۽ فساد ڦهلايو. اهڙي طرح هر دؤر ۾ اردوءَ جي ناعاقبت انديش حمايت جي ڪري اصلوڪن ماڻهن جي حقن کي پائمال ڪيو ويو، ائين جيئن بنگال ۾ ڪيو ويو هو.“ (4)
سنڌي ٻوليءَ سان اهڙي سلوڪ جي خلاف سنڌي ماڻهن جو احتجاج فطري هو. سنڌ اندر ٻوليءَ جي بنياد تي فساد شروع ٿي ويا. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاه ۾ سنڌين جي گهرن ۽ دڪانن تي حملا ڪري لٽ ڦر ڪئي وئي. انهن هنگامن ۾10 جولاءِ 1972 تي سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي ٻن شاگردن کي ٽنڊو ڄام ۽ 07 آگسٽ 1972 تي ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد جي استاد کي شھيد ڪيو ويو. سرڪار سنڌ ۾ شديد وڳوڙن سبب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪرفيو نافذ ڪري فوج کي طلب ڪيو. ان وقت جي سرڪار کي اندازو ٿي ويو ته سنڌي ماڻهو، پنھنجي ٻوليءَ بابت ڪيترا نه حساس آهن.
”وزير اعظم ذوالفقار علي ڀُٽي سنڌ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. ان سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽي، ٻوليءَ معاملي تي قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير کان وٺي، سنڌ جي وڏن شهرن جي دوري دوران ڪيل تقريرن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ اردوءَ جي فني ۽ ملڪي حيثيت متعلق صاف نموني ۾ واضح ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجو حق مليو آهي ۽ اردو ٻوليءَ کي ڪوبه خطرو ناهي.“ (5)
ذوالفقار علي ڀٽي جي تقريرن جا ڪجهه اقتباس هن ريت آهن:
- ”اردو سڄي ملڪ جي ٻولي آهي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو اردو ٻولي ڄاڻن ٿا. ڪير به ان حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهي.
- فسادن کان اڳ ڪير به ائين نٿي چئي سگهيو ته سنڌ جو ڪو به ماڻهو اردو نٿو چاهي. اردوءَ کي خطري جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. فقط اها ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته سنڌ صوبي جي ٻوليءَ جي استعمال ۽ ان ۾ تعليم ڏيڻ کي ترقي ڏياري وڃي.
- اوڀر پاڪستان وانگر ٻوليءَ جو مسئلو سنڌ ۾ به پيدا ٿي رهيو آهي، جنھن کي حل ڪرڻو پوندو.
- سنڌي هڪ قديم ٻولي آهي. انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو هو تڏهن چارلس نيپئر چيو هو ته ٻوليءَ سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي وڃي. جڏهن سنڌ بمبئيءَ ۾ شامل هئي، ان وقت بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ به سنڌي پڙهائي ويندي هئي ۽ 1954 ۾ ون يونٽ جي قيام تائين اها سرڪاري ٻولي هئي، جنھن کان پوءِ حڪم جاري ڪري ان تي بندش وجهي ڇڏي هئي.
- ٻوليءَ واري بل کي لاڳو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته مان نٿو چاهيان ته سنڌ جي عوام ۾ پاڪستان لاءِ نفرت پيدا ٿئي. اردوءَ کي ڪوبه خطرو ناهي، ڇاڪاڻ ته اها پنجاب ۽ هندستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، پر سنڌيءَ لاءِ خطرو پيدا ڪيو ويو آهي. اهوئي سبب جو سنڌ ۾ ماڻهن جا جذبات شديد ٿي ويا آهن.
- آزاديءَ جي وقت جتي ڏهه سنڌي هوندا هئا، اتي فقط هڪڙو ڄڻو اردو ڄاڻندو هو، پر اڄ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رهندڙ هرڪو سنڌي اردو ڄاڻي ٿو.
- هاڻي ڪجهه اهڙا اشتهار لڳايا ويا آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ کي هڪ پاڪستاني صدر کپي، ’سنڌي‘ نه کپي. افسوس، ماڻهن اهڙن نعرن جي منطق کي سمجهڻ تي غور نه ڪيو آهي. ڇا انهن نعرن جومقصد اهو ناهي ته هڪ سنڌي ڪڏهن به پاڪستاني ٿي نٿو سگهي؟ جڏهن سنڌي پاڪستاني نٿو ٿي سگهي ته پوءِ هو پاڪستان جو صدر به نٿو ٿي سگهي مان سنڌ جي ٻوليءَ کي بدلائي نٿو سگهان، انهيءَ سلسلي ۾ مان هر خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“(6)
ڪجهه عرصي اندر سنڌي ماڻهن پاران قاضي فيض محمد ۽ شيخ اياز جي اڳواڻيءَ ۾، اردو ڳالهائيندڙن طرفان رئيس امروهويءَ جي قيادت ۾ ڳالهيون ٿيون. گڏيل مشاورت سان هيٺيون ترميمي بل پاس ڪيو ويو. هن بل جي پاس ڪرائڻ ۽ نفاذ ۾ سنڌ جي مختلف سماجي ۽ سياسي تنظيمن، اديبن ۽ عام ماڻهن جو وڏو ڪردار رهيو.
بل جا خاص نُڪتا:
- ”جيئن ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي عبوري دستور جي آرٽيڪل 267 ۾ مھاڳ ڄاڻايو ويو آهي ته قومي زبانن جي حيثيت کي نقصان پھچائڻ کان سواءِ، صوبائي قانون جي ذريعي، قومي ٻوليءَ سان گڏ، هڪ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ اُپاءَ تجويز ڪري سگهجي ٿو.
- جيئن ته سنڌي ٻولي سرڪاري کاتن ۽ آفيسن ۾ استعمال ٿي رهي هئي. ان سان گڏ سنڌي ٻولي تعليمي ادارن ۾ پڙهائيءَ لاءِ لازمي مضمون هئي، پر ان کي مارشل لا اختياري وارن جي زباني حڪم تي ختم ڪيو ويو هو. اهڙين حالتن صوبي سنڌ جي فطري آرزو ۽ خواهش آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ۽ استعمال کي ترقي ڏني وڃي.
- هن ايڪٽ کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال چيو ويندو. اهو هڪدم عمل ۾ ايندو ۽ پوري سنڌ صوبي ۾ لاڳو ٿيندو.
- سنڌيءَ کي سنڌ صوبي جي صوبائي ٻوليءَ جي طور تي ڏٺو ويندو.
- اهڙن سڀني ادارن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين سنڌيءَ جي سکيا تعليم ڏني پئي وڃي، سنڌي ۽ اردوءَ کي لازمي مضمونن جي حيثيت هوندي
- لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سنڌيءَ جي شروعات هيٺين سطح يعني چوٿين ڪلاس کان عمل ۾ آندي ويندي ۽ درجي بدرجي، جيئن مقرر ڪيو وڃي، مٿين درجن ۾ ٻارهين ڪلاس تائين رائج ڪئي ويندي.
- سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ثقافتي ترقيءَ لاءِ حڪومت اڪيڊميون ۽ سنڌيءَ جو واڌارو بورڊ ٺاهي سگهي ٿي.
- حڪومت، آئين جي فقرن جي دائري اندر رهندي، آفيسن ۽ سرڪاري جڳهن تي سنڌيءَ جو استعمال درجي بدرجي انتظام ڪري سگهي ٿي.
- مٿين عام اختيارن کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ، اهڙا قاعدا خاص طرح سان هيٺين مقصدن لاءِ ٺاهي سگهجن ٿا:
(الف) سنڌي ٻوليءَ کي، درجي بدرجي، پڙهائيءَ لاءِ لازمي مضمون جي طور تي رائج ڪرڻ.
(ب) اڪيڊمين ۽ بورڊن جو ٺاهڻ ۽ انهن جو عمل ۾ آڻڻ ۽ انهن جي اختيارن ۽ ڪمن جي وضاحت ڪرڻ.
(ج) آفيسن ۽ سرڪاري کاتن، اسيمبلي، عدالتن ۽ ادارن وغيره ۾ سنڌي زبان جو درجي بدرجي استعمال.“ (7)
بل ۾ موجود انهن سڀني نڪتن باوجود سنڌيءَ سان تعصب جو سلسلو مختلف صورتن ۾ جاري رهيو. جنھن جا اثر سنڌي ادب ۽ سنڌي مختصر ڪھاڻيءَ تي پڻ ظاهر ٿيا. هيٺ ان وقت جي پنج نمائنده ڪھاڻين کي هن مقالي ۾ شامل ڪري، انهن جو جائزو ورتو ويو آهي. اهو پڻ ته سنڌي ٻوليءَ سان ڪھڙو سلوڪ رکيو ويو، ان جا عڪس ڏسي سگهجن ٿا.
- 1. ڪھاڻي: ’نظريه اسلامستان‘
نامياري ترقي پسند اڳواڻ، ليکڪ ۽ قانوندان رسول بخش پليجي جو هڪ تعارف ڪھاڻيڪار جو پڻ آهي. رسول بخش پليجي جي ڪھاڻين ۾ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مقدمو سدائين نمايان نظر ايندو. هُن جي ڪھاڻي ’نظريه اسلامستان‘ سنڌ ٻوليءَ جي محرومين بابت لکي وئي آهي؛ جنھن اندر اها سالن کان شڪار رهندي پئي اچي. رسول بخش پليجي جي ڪھاڻي ’نظريه اسلامستان‘ سال 1972 ۾ ’سھڻي‘ رسالي ۾ شائع ٿي. بعد ۾ ساڳي ڪھاڻي هن جي ڪتاب ’پسي ڳاڙها گل‘ جي ڊجيٽل ايڊيشن ۾ شامل ڪئي وئي، جيڪو ڪتاب 2016 ۾ ’سنڌ سلامت ڪتاب گهر‘ آن لائين پڙهڻ لاءِ رکيو ويو آهي. ’نظريه اسلامستان‘ ۾ مستقبل جي حوالي سان سال 1990 لکيو ويو هو؛ جنھن ۾ ’اسلامستان‘ نالي هڪ ملڪ جي ڏهين سالگره جي موقعي تي ملڪ جي اڳواڻ کي آمريڪا جي هڪ مشھور اخبار کي انٽرويو ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي. ڪھاڻي ’نظريه اسلامستان‘ ان انٽرويوءَ ۾ ڪيل ڳالهين تي ٻڌل آهي.
ڪھاڻيءَ جي شروع ۾ ملڪ بابت اڳواڻ ٻڌائي ٿو ته ”اڄ جنھن بهشت جي ٽُڪري کي اسين دولت خداداد اسلامستان چئون ٿا، سو 1980 کان اڳ هڪ اونداهو ۽ ويران رِڻ پَٽ هوندو هو، جنھن ۾ گهڻي ڀاڱي جانور ۽ بلائون رهنديون هيون.“ جنھن تي انٽرويو وٺندڙ صحافي هن کان آڏي پڇا جي انداز ۾ سوال ڪري ٿو ته ”توهان چئو ٿا ته هي علائقو هڪ ويران هو، جڏهن ته تاريخ ۾ هن علائقي کي سر سبز ۽ شاداب ملڪ سمجهيو ويندو هو؟“ جنھن تي اڳواڻ ڪاوڙجي وڃي ٿو.
’نظريه اسلامستان‘ ڪھاڻيءَ جي ابتدا ۾ سنڌ جي حوالي سان سڌي ريت ڳالهيون شامل نه ڪيون ويون آهن. اڳتي هلي ڪھاڻيڪار ڪجهه اشارا ڏئي ٿو. جئين، ”لمبي جدوجھد کانپوءِ فلسطين کي آزاد ڪرائي هڪ يڪي عرب رياست ٺاهي ويئي. جنھن تي پوءِ بِھار مان آيل مهاجرن اسلامستان نالو رکيو.“ اُن کانپوءِ ليکڪ معاملن کي چٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جنھن ۾ اسلامستان جو اڳواڻ هي دعوا ڪري ٿو ته:بل ”هي ملڪ حضرت نقش فرياديءَ ان تصور جي تصوير چِٽي. حضرت بيانبازي ان جي حمايت ۾ تقرير جا شعلا ڀڙڪايا. حضرت ترت تماشائيءَ ان جي حمايت ۾ مظاهرن جو انتظام ڪيو ۽ پنج لک اردو پرستن هن حقير فقير جي اڳواڻيءَ هيٺ مشرقي پاڪستان مان هجرت ڪري اچي اسلامستان بڻايو.“
اڳتي هلي موضوع جي مناسبت سان ٻوليءَ جو ذڪر اچي ٿو. جنھن ۾ اسلامستان جو قائد چوي ٿو. ”هتي ٻوليءَ بابت ڪنھن به قسم جو فرق، زيادتي، مجبوري يا پابندي ڪانهي. هر ڪو آزاديءَ سان اردو ڳالهائي لکي پڙهي سگهي ٿو. مقامي ماڻهن کي تازو مشاعرن ۾ شامل ٿيڻ ۽ شعراءِ ڪرام کي داد ڏيڻ جو به حق ڏنو ويو آهي. اردوءَ بابت ڪابه زبردستي ڪانهي. جيڪو اردو نٿو ڳالهائي سگهي، تنھن کي تازن لساني اصلاحن ۾ چپ رهڻ جو مڪمل حق ڏنو ويو آهي. اردو نه ڳالهائي سگهڻ جي ڏوهه ۾ جيڪي مجرم سزائون ڪاٽي رهيا آهن، تن سڀني جون سزائون اڌو اڌ گهٽائڻ جو مون تازو اعلان ڪيو آهي.“ ڪھاڻيءَ ۾ تصوراتي طور ته ڪنھن عرب ملڪ تي قبضي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. جيئن، ”مقامي جاهلن جي عربي لھجي ۾ ڳالهائڻ تي قانوني بندش جو تعلق آهي، ته تجرباتي طور ڇهن مهينن لاءِ رات جو 12 وڳي کانپوءِ صبح جو 5 وڳي تائين پنھنجي گهر ۾ مقامي عربي لھجي ۾ ڳالهائڻ وارن تي ڪوبه قدم نه کنيو ويندو. توقع آهي ته انهيءَ عرصي اندر هو ايتري اردو سِکي وٺندا جو گهرن ۾ نظريه اسلامستان ۽ ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان بچي پوندا.“ اڳتي هلي عربي ٻوليءَ بابت ڪھاڻيءَ ۾ لکيو ويو آهي ته ”آءٌ هڪ دفعو وري به دُنِيا اڳيان وضاحت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. پھرين ڳالهه ته عربي نالي دُنِيا ۾ ڪابه ٻولي ڪانهي…“ هو ان بابت وضاحت ڪندي چوي ٿو ته
”لکنؤ جي آسپاس جي هڪ دهاتي علائقن جا ماڻهو اردو ڳالهائڻ ’اري ڀئي، اري ڀئيي‘ جو تڪيه ڪلام گهڻو استعمال ڪندا آهن. انهيءَ تڪيه ڪلام سبب سندن اردو لھجي کي ’اري ڀئي‘ لھجو سڏيو ويندو آهي، جو لفظ پوءِ ڪثرت سان استعمال ٿيڻ سبب بگڙجندو بگڙجندو اربي يا عربي لھجو ٿي پيو. اها آهي حقيقت، جنھن کي يھودي پروپيگنڊا بازن ڦيرائي هڪ ٻولي بڻائي وڌو آهي.“ …!“
ڪھاڻي ’نظريه اسلامستان‘ جي ’سيٽنگ‘ ۾ جتي ڪنھن عرب ملڪ جو ذڪر ملي ٿو، اتي حالتون وري پاڪستان جون لکيل آهن. جنھن جي هر منظر ۾ سنڌ سان زيادتيءَ جي ڪھاڻي نظر اچي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ’مھاجر، بھاري، اردو‘ اهڙا اصطلاح آهن، جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هيءَ ڪھڙي ديس جي ڪھاڻي آهي.
رسول بخش پليجي جي ڪھاڻي ’نظريه اسلامستان‘ ۾ افسانوي انداز سان مقامي ماڻهن سان ورهاڱي کانپوءِ جي ويڌن کي بيان ڪيو ويو آهي. ڪھڙي ريت ٻوليءَ جي بنياد تي ئي مقامي ماڻهن سان ويساه گهاتيون ڪيون پيون وڃن. ڪھاڻيءَ ۾ اردوءَ کي اعلى ٻولي ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته سنڌي، ’عربي‘ جي استعاري سان متڀيد جي ور چڙهيل ڏيکاري وئي آهي. (8)
- 2. ڪھاڻي: ’عشق ۽ انٽرويو‘
نامياري ڪھاڻيڪار امر جليل جي ڪھاڻي ’عشق ۽ انٽرويو‘ هُن جي مشهور ڪتاب ’دل جي دنيا‘ ۾ شائع ٿي. هيءَ ڪھاڻيءَ سنڌي ٻوليءَ جي پوزيشن ۽ ڌاري ٻوليءَ جي ان مٿان هروڀرو جي نفسياتي برتريءَ کي ظاهر ڪري ٿي. اهو پڻ ته سنڌي ٻوليءَ مٿان اهڙي زيادتيءَ جي صورت ۽ حالتن ۾ سنڌي ڪھاڻيڪار پوئتي نه هٽيا. سنڌي ٻوليءَ سان ناروا سلوڪ خلاف امر جليل پڻ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيون. انهن ۾ ’عشق ۽ انٽرويو‘ به شامل آهي.
امر جليل جي ڪھاڻي ’عشق ۽ انٽرويو‘ ۾ هڪ اهڙي بيروزگار نوجوان جي ڪٿا آهي، جيڪو ڪنھن وڏي نوڪريءَ جي تلاش ۾ رهي ٿو. هو هڪ انٽرويو ۾ ٻوليءَ بابت سوال جي جواب ۾ چئي ٿو: ”نه سائين. مان بنگالي ٻولي سکندو آھيان، جيئن ته ’تومي اماڪي گھيرينا ڪارو بولائي، امي ماڪي ڀالو ڀاشي‘ ڪيئن پسند آيو جملو.“ جنھن تي هن کان ٻيو سوال ڪيو وڃي ٿو ته ”ڀلا اردو ٻولي به ڄاڻين؟“ انٽرويو انگريزيءَ ۾ ھلي رھيو ھو ته هو جواب ۾ چئي ٿو، ”ھا. فلمن جا ذري گھٽ سڀئي ڊائلاگ سمجھي ويندو آھيان.“ ’عشق ۽ انٽرويو‘ ۾ ان وقت ٻوليءَ بابت نهايت حساس مڪالما اچي وڃن ٿا، جڏهن کي فقط ان بنياد تي نوڪري نه ٿي ڏني وڃي ته هن کي اردو ڳالهائڻ نه ٿي اچي. ”ھن نوڪريءَ ۾ توکي سڄو ڪم اردوءَ ۾ ڪرڻو پوندو. جيئن ته توکي اردو چڱيءَ طرح نٿي اچي، تنھن ڪري اسان توکي نوڪريءَ ۾ نه کڻنداسين.“ اها ڳالهه ٻڌي ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ڳالهايو: ”سائين منھنجي پيءُ کي انگريز مائي باپ ان ڪري نوڪريءَ ۾ نه کنيو ھو جو منھنجو پيءُ انگريزي نه ڄاڻندو ھو. توھان مون کي نوڪريءَ ۾ ان لاءِ نٿا کڻو، جو مان اردو نٿو ڄاڻان. ڪٿي ائين ته ناھي، انگريز سوٽ لاھي، شيرواني پائي موٽي آيا آھن.“
ڪھاڻي ’عشق ۽ انٽرويو‘ سنڌي ٻوليءَ سان روا تعصب کي وائکو ڪري ٿي. ڪھڙي طرح سنڌيءَ مٿان ڌارين ٻولين کي برتر ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ اهڙيون حرڪتون پڻ ٿينديون رهيون، جيڪي ڪنھن به مهذب معاشري ۾ نه ٿيون سونھن. سنڌيءَ ٻوليءَ سان پنھنجي ديس ۾ اهڙو سلوڪ شايد دنيا جي ڪنھن به علائقي ۾ نه ٿيندو هجي. امر جليل جون هي سٽون سڄي ڪھاڻيءَ جو تت آهن ۽ انهن ۾ سنڌي زبان سان تعصب جو پورو داستان پڻ ملي ٿو: ’توھان مون کي نوڪريءَ ۾ ان لاءِ نٿا کڻو، جو مان اردو نٿو ڄاڻان.‘ (9)
- ڪھاڻي: ’منظر – جنھن جو ڪو انت ڪونهي‘
اوڻيھه سو اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ نورالهدى شاه سنڌي ٻوليءَ جي نمائنده ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻين ۾ سماج ۾ عورت سان ٿيل زيادتين جو تفصيلي ذڪر موجود آهي. هن اڳئي دور سنڌ ۾ ٿيندڙ ڌارين جي ارهه زوراين تي به لکيو آهي. هوءَ پنھنجي ڪھاڻي ’منظر – جنھن جو ڪو انت ڪونهي‘ انهن زيادتين تان پردو کڻي ٿي، جنھن ۾ سنڌي ماڻهن کي انهن جي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي نقصان رسايو ويو.
ڪھاڻي ’منظر – جنھن جو ڪو انت ڪونهي‘ سال 1990 جي ٽماهي ’مهراڻ‘
جي ٽئين شماري ۾ شائع ٿي. بعد ۾ نورالھدى شاه جي ڪتاب ’رڻ ۽ رڃ جو اتھاس‘ ۾ شامل ڪئي وئي. هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو ذڪر آهي، جيڪو ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بنياد تي ٿيل وڳوڙن ۾ ذهني مريض بڻجي وڃي ٿو. ڪھاڻيءَ جي شروع وارن جملن ۾ ئي ان ڪردار جي ذهني ڪيفيت ۽ ڪرب جو اندازو لڳائي سگجهي ٿو. ”شهر سڄي کي سانت ڳڙڪائي وئي آهي (سانت/موت!؟) ڇا ماڻهو مري ويا آهن؟ ڇا باقي ڪتا جيئرا بچيا آهن، ڀونڪڻ لاءِ، مري ويل/ اتفاق سان زنده رهجي ويل ماڻهن جو ماس پٽڻ لاءِ؟ مان ڪٿي آهيان؟ (ڪير آهيان؟) هي ڪھڙو شهر آهي؟ ڇا مان اُهو ئي آهيان، جيڪو هئس يا مان اُهو ناهيان!؟. جيڪو ڪجهه آهي ڇا اُهو ناهي ۽ جيڪو ڪجهه ناهي ڇا اُهو ئي آهي!؟. گذريل ٽن ڏينھن ۽ راتين کان انهيءَ قبر (گهر/قبر!؟) ۾ پوريو پيو آهيان/پوريو ويو آهيان. ٻن حصن ۾، وچ تان ڪپجي، اڌ ٿي، ورهائجي ويو آهيان ڄڻ.“
ڪھاڻي ’منظر – جنھن جو ڪو انت ڪونهي‘ ۾ ان شخص جي حالت فقط ان ڪري آهي جو هو سڄي شهر ۾ فساد برپا آهن. هو انهن کان فرار چاهي ٿو. وڳوڙن جي نتيجي ۾ لاڳو ٿيل ڪرفيو ۾ هو گهر ۾ ويھي روحاني اذيت جو شڪار نظر اچي ٿو. ان جي وچ ۾ هو سوچي ٿو ته ”ڪرفيو ۾ هاڻي جيڪو وقفو ٿيندو، اُنهيءَ ۾ نڪري ويندس. ڪنھن دوست جي گهر يا پوءِ ڳوٺ پر!!؟ نه، اهو وڌيڪ خطرناڪ آهي. ها، اڃا اُن ئي ڏينھن ته بازار ۾، منھنجين اکين جي سامهون بيٺل جيئرو جاڳندو ماڻهو بلڪل اوچتو لھوءَ ۾ لت پت ٿي ويو هو. مون ته بس هن جي پيٽ ۾ لٿل خنجر ڏٺو ۽ خنجر وارو هٿ هجوم ۾ گم. اُهو خنجر منھنجي پيٽ ۾ به ته لھي سگهيو ٿي نه! شڪر مان ان وقت پنھنجي ٻوليءَ ۾ نه ڳالهائي رهيو هئس. پيل به مون کي پينٽ شرٽ هئي. نه ته مان ڪپڙن مان، ٻوليءَ مان جي سڃاڻپ ۾ اچي وڃان ها ته……“ ڪھاڻيءَ ۾ اڳتي هلي هو ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بنيادن تي ٿيل جهيڙن کي هو هڪ خاص پئماني ۽ تورڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو سوچي ٿو ته ”هينئر مسئلو ڪنھن به شخصي ڏوهه جو ڪونھي. مسئلو اهو آهي ته مان هن جي قوم مان ناهيان، هن جي ٻولي ڳالهائيندڙ ناهيان. پر – ان ۾ منھنجو ڪھڙو ڏوهه!؟ يا هو اسان جي قوم مان ناهي، اسان جي ٻولي ڳالهائيندڙ ناهي ته اُن ۾ اُن جو ڪھڙو ڏوهه؟ پوءِ – هي سڀ ڇا آهي؟ ڇو آهي؟ ڇا لاءِ آهي؟“ انهن سوالن جا جواب اڳتي هلي ڪھاڻيڪاره پنھنجي ڪردار ذريعي هن طرح ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ”ماڻهن ۾ ٻولي يا قوميت مسئلو ناهي. ٻولي يا قوميت استعمال ڪئي/ڪرائي ويندي آهي، هٿيار طور، انهيءَ خونريزيءَ ۾ معاملو بلڪل ائين آهي، جيئن مفاد پرست ڊاڪٽر پنھنجي ڪمائيءَ خاطر مريض جي مرض کي ڊيگهه پيو ڏيندو آهي.“ ڪھاڻي ءَ ۾ اڳتي هلي ليکڪه خود ڪلاميءَ جي صورت ۾ هڪ سوال اٿاري ٿي، ”ڪنھن به ماڻهوءَ کي اهو ممڪن ڪيئن آهي ته مان ماڻهوءَ کي ماريان. اهڙو ماڻهو، جنھن کي مان سڃاڻان به نٿو. واٽ ويندو. عين وچ سڙڪ تي، سڙڪ کي پار ڪرڻ دوران، هن ڪناري تي پهچڻ کان پھرين شوٽ ڪري ڇڏيان. هن کي گهر پهچڻ نه ڏيان. هن جي هٿ ۾ جيڪو کاڌي پيتي جو سامان آهي، ان کي سڙڪ تي ڦهلائي ڇڏيان پوءِ پاڻ گم ٿي وڃان. صبح اخبار ۾ هن جو نالو، پتو، ٻولي، قوميت پڙهي، مان پاڻ جيئڻ جو ساهس ماڻيان!؟“
سنڌ ۾ ان وقت ٻوليءَ جي سبب ڪري ڪھڙي ريت ماڻهو ماريا پيا ويا. ان جي شدت جو اندازو نورالهدى شاه جي هن ڪھاڻي ’منظر – جنھن جو ڪو انت ڪونهي‘ مان لڳائي سگهجي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ جتي لساني وڳوڙن جي انتها درجي جي منظر ڪشيءَ ڪئي وئي آهي. اتي ڪجهه سوال به آهن. جھڙي ريت: ”ڇا اسان کي ڪنھن گڏيل قبر ۾ پوريو ويندو!؟ رنگ، نسل، مذهب، قوم، ٻولي، نظرئي ۽ اختلافي نقطي کان هٽي ڪري، کوٽيل اجتماعي قبر. اجتماعي جنازي نماز. خبر نه پوندي ته ڪھڙا لاش هن گروهه جا آهن ۽ ڪھڙا لاش هُن گروهه جا آهن! لاش!؟ ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ ٻاهر فائرنگ ۽ هن جي در تي تيز کڙڪن جو آواز ٿئي ٿو. هو پڇاڙيءَ تائين اهو فيصلو ناهي ڪري سگهيو ته هن کي در کولڻ گهرجي يا نه! (10)
- 4. ڪھاڻي: ’حمود الرحمان رپورٽ جو گم ٿيل باب‘
امر جليل جي هيءَ ڪھاڻي ڪتاب ’سنڌو بقا، مان فنا آهيان‘ ۾ شامل آهي. ڪھاڻيءَ پنھنجي نالي جيان تمام گهڻي واضح آهي. 16 ڊسمبر 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي جدا ٿيڻ جي سانحي جي پس منظر ۾ لکي وئي، بعد ۾ حڪومت بنگال جي الڳ ٿيڻ تي عدالتي ڪميشن ويھاري جنھن کي ’حمود الرحمان ڪميشن‘ جو نالو ڏنو ويو.
ڪھاڻيءَ ۾ رپورٽ جي آڌار تي انهن معاملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي بنگال جي الڳ ٿيڻ جا بنيادي سبب هئا. جنھن ۾ ٻوليءَ جو اشو اهم جڳھه والاري ٿو. ڪھاڻيءَ جي شروعاتي جملن ۾ امر جليل جو روايتي انداز ڏسي سگهجي ٿو. هو ڪھڙي طرح طنز جي سان ڪھاڻيءَ جي ابتدا ڪري ٿو. ”حمود الرحمان رپورٽ جو سڀ کان اهم گم ٿي ويل سڄو سمورو باب اصلي حالت ۾ مون وٽ آهي. اِن کان اڳ جو ايجنسين جا ذهين ترين ڪارندا پڇا ڳاڇا لاءِ ڪنھن ڪاري رنگ جي هونڊا اڪارڊ ۾ مون کي کنڀي کڻي وڃن، ۽ پڇا ڳاڇا دوران منھنجو بڻ بنياد ڪڍي ڇڏين ۽ هابيل جي قتل جو مون کان اقرار ڪرائين، مان الله سائين کي حاضر ناظر ڄاڻي واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته حمود الرحمان رپورٽ جو اهم گم ٿيل باب مون کي پاڪستان جي نه ڪنھن دشمن ڏنو آهي،۽ نه ئي ڪنھن دوست. حمود الرحمان رپورٽ جو اهم باب مون فٽ پاٿ تان ڏيڍ رپئي ۾ خريد ڪيو هو، ۽ هيئين سان هنڊايو هو.“
امر جليل جي ڪھاڻي ’حمود الرحمان رپورٽ جو گم ٿيل باب‘ ۾ جتي انهن سڀني محرڪن تي بحث ڪيو ويو آهي. اتي بنگالي ٻوليءَ بابت ڪجهه حساس نوعيت جي مسئلن تي پڻ تاريخ جي روشنيءَ ۾ نظر وڌي وئي آهي. جيئن هيٺ ڪھاڻي ’حمود الرحمان رپورٽ جو گم ٿيل باب‘ مان ڪجهه سٽن کي نقل ڪجي ٿو. ”پاڪستان ٺهڻ کان فقط هڪ سال پوءِ، يعني 1948 ۾ مرڪزي حڪومت يڪجهتيءَ جي نالي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي صلاح قبول ڪئي، ۽ بنگالي ٻوليءَ تي بنگال ۾ بندش وجهي ڇڏي. فرمان جاري ڪيائون ته مشرقي پاڪستان ۾ لک پڙهه ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو ڪم بنگاليءَ بدران اردو ٻوليءَ ۾ ڪيو ويندو. باقي، بنگالي ٻولي روز مرهه جي وهنوار ۾ مقامي ٻوليءَ طور استعمال ٿيندي. بنگالي، جن کي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت سان بي پناهه پيار هو. مڇرجي پيا. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ٿي ويون. آفيسن کي تالا لڳي ويا. ڪاروبار ويھجي ويو. بنگالي اديب، شاعر، دانشور، استاد، فنڪار، آرٽسٽ، پينٽر ۽ عام ماڻهو گهر گهاٽ ڇڏي ميدان ۾ نڪري آيا. خوفناڪ ويڙهه هلي، ڊگهي عرصي تائين هلي، جنھن ۾ بيشمار بنگالي مارجي ويا. ٻرندڙ جبل ۾ اندر ئي اندر ڀنڀٽ ٻري پيا. مضبوط مرڪزي حڪومت ڪنبي ويئي. فرمان واپس ورتو ويو. بنگالي ٻوليءَ کي نه فقط بنگال ۾ بلڪه سموري پاڪستان لاءِ قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي وڏي چالاڪيءَ سان جدائيءَ جي جبل ۾ دونهي دکائي ڇڏي. ڪنھن کي خبرئي نه پئي ته اِها دونهي ٻاويھن سالن ۾ ٻارڻ ٻاري ڇڏيندي.“ ڪھاڻيءَ جي انهن سٽن ۾ حمود الرحمان ڪميشن جي حوالي سان لکيو ويو ته اولھه پاڪستان جي جدائي جو سبب ذوالفقار علي ڀٽو هو. آخر ۾ ان جو اظھار پڻ هنن جملن ۾ ڪيو ويو آهي ته ”گم ٿيل باب ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته جنرل نيازي ۽ سندس بھادر ساٿي ڪنھن به قيمت تي هندستاني فوج جي جنرل اروڙا آڏو پيش پوَڻ لاءِ تيار نه هئا. بلڪه جامِ شهادت نوش ڪرڻ لاءِ ٿيار هئا پر، ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي جنرل نيازي ۽ سندس ساٿين هٿيار ڦٽا ڪيا، ۽ جنرل اروڙا آڏو پيش پيا. اهڙي نموني ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ٻه اَڌ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.“ (11)
امر جليل جي ’حمود الرحمان رپورٽ جو گم ٿيل باب‘ ۾ جتي حمود الرحمان رپورٽ ۾ بنگالي ٻوليءَ جي بابت لکيو ويو آهي. اتي ان جي پسمنظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي معاملن کي به ڏسي سگهجي ٿو.
- ڪھاڻي: ’اتساھ جو موت‘
ڪھاڻي ’اتساه جو موت‘ سنڌ جي مشهور ڪھاڻيڪار منير احمد ’ماڻڪ‘ جي لکيل آهي. هيءَ ڪھاڻي ماڻڪ جي ڪتاب ’حويليءَ جا راز‘ ۾ شائع ٿي. منير احمد ماڻڪ، ستر جي ڏهاڪي جو حساس ڪھاڻيڪار ٿي گذريو آهي. هي اهو ئي دؤر هو، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان تعصب وارو سلوڪ روا رکيو پئي ويو. اهڙي حالتن ۾ ماڻڪ به خاموش نه ويٺو. هن پنھنجي مختلف ڪھاڻين ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. ڪھاڻي ’اتساه جو موت‘ ۾ جيتوڻيڪ موضوع سنڌ سان ورهاڱي جي هاڃي کان هلندڙ حالتن ۾ سنڌي ماڻهن سان زيادتين جا ڪافي داستان آهن، پر ان ۾ ماڻڪ ٻوليءَ بابت ڪيترو حساس نظر اچي ٿو. ان جو اظھار هُن ڪجهه هِن ريت ڪيو آهي. ”ھيءُ ان ماءُ جي لال جو ذڪر آھي، جيڪو، ٻوليءَ وارن ڪرايل فسادن ۾ گوليءَ جو شڪار ٿيو.“
ماڻڪ جي ڪھاڻي ’اتساھ جو موت‘ ۾ ان جو هڪ جملو ئي پوري ڪھاڻيءَ کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي جنھن ۾ هو هڪ نوجوان جي ماءُ جو درد بيان ڪندي چئي ٿو: اهو ٻوليءَ وارن فسادن ۾ موت جو کاڄ بڻجي ويو هو. هن ڪھاڻيءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي مسئلا سامهون آندا ويا آهن. جن جو تعلق به سنڌ جي ثقافت سان ئي آهي. ڪھاڻيءَ جي هر سٽ ۾ سنڌي ماڻهو جي درد جو بيان جهلڪي ٿو. ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌي زبان جو اهم ۽ بنيادي حق هو ۽ انصاف کي مدنظر رکندي ان کي اردوءَ وانگر، پاڪستان جي قومي ۽ سرڪاري زبان بنايو وڃي، ڇو ته لساني ۽ علمي خيال کان ’سنڌي زبان‘ ۽ ان جومزاج ۽ صالح عنصر، ادب ۽ فن، شاعري ۽ علمي ذخيرو، لغت ۽ گرامر نهايت ترقي يافته آهن. سنڌي زبان پاڻ وٽ جيڪي لساني خصوصيتون رکي ٿي، سي اهڙيون ڪامل ۽ جامع، حسين ۽ دلڪش آهن، جي خود اردوءَ ۾ به ڪين آهن، پر بدقسمتيءَ سان ائين نه ڪيو ويو. نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن ۾ خاموشيءَ سان اهڙين تحريڪن جنم ورتو، جن ۾ اهو نُڪتو اهميت اختيار ڪري ويو ته سنڌي زبان کي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ گهٽ نه ليکيو وڃي. (12)
سنڌي ٻولي جي مڙني صنفن ۾ ان ڳالهه جو برملا اظھار به ٿيندو رهيو. ڪھاڻي کيتر ۾ پڻ ان جو دليريءَ سان اظھار ٿيو. امر جليل، هجي يا نجم عباسي، رسول بخش پليجي کان منير احمد ماڻڪ تائين، مڙني ڪھاڻيڪارن ان جو بي باڪيءَ سان اظھار ڪيو، جيڪو يقينن قابل ِ تحسين آهي.
نتيجو:
سنڌي ٻوليءَ جي مٿان هر مشڪل گهڙيءَ ۾ سنڌ جا ڪھاڻيڪار ڪڏهن به پوئتي نه رهيا. ادب جي ٻين صنفن جيان ڪھاڻيءَ ۾ به سنڌي ٻوليءَ سان زيادتين خلاف کليل ريت اظھار ڪيو ويو. جائزي ۾ پيش ڪيل ڪھاڻيون ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿيون ته سنڌي ڪھاڻيڪار، سنڌي ٻوليءَ بابت ڪيترو حساس رهيو آهي. هو نه صرف انهن ناجائزن جو بھادريءَ سان ذڪر ڪري ٿو، پر انهن عملن جي نندا پڻ ڪري ٿو، جن جي وسيلي سنڌيءَ کي باقي ٻولين کان پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پوءِ هو ان ۾ ڪيتري قدر ڪامياب وڃي ٿو. اهو فيصلو ته تاريخ تي ڇڏجي ٿو. البته ايترو سو ضرور آهي ته اتھاس جي پنن ۾ سنڌي ليکڪ پنھنجو احتجاج ضرور لکرائيندو رهيو آهي.
حوالا
- ڪاغذي، ارشاد. مادري ٻولين بابت يونيسڪو جي تحقيق. حيدرآباد: روزاني عبرت. 2016. ص، 06.
- Shafi , Language Controversy in Sindh. Middle East Research and Information Project, Inc. Vol. 2, No. 11 (Aug., 1972), pp. 9-19.
- قريشي، اعجاز. 2017. سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون. حيدرآباد: سنڌي لئنگيج اٿارٽي.
- ڪاغذي، ارشاد. مادري ٻولين بابت يونيسڪو جي تحقيق. حيدرآباد: روزاني عبرت. 2016. ص، 06.
- گرامي، غلام محمد. ايڊيٽوريل. (ٽه ماهي مهراڻ) ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. 1972. ص، 02.
- گرامي، غلام محمد. ايڊيٽوريل. (ٽه ماهي مهراڻ) ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. 1972. ص، 02.
- گرامي، غلام محمد. ايڊيٽوريل. (ٽه ماهي مهراڻ) ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. 1972. ص، 02.
- پليجو، رسول بخش. پسي ڳاڙها گل. ڪراچي: نيو فيلڊس پبليڪيشن.
- جليل، امر. دل جي دنيا. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. 1998. ص، 43.
- شاهه، نورالهدى. رڻ ۽ رڃ جو اتھاس. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. 2007. ص،
- جليل، امر. سنڌو بقا، مان فنا آهيان. ڪراچي: ڪاڇو پبليڪيشن. 2012. ص، 108.
- ماڻڪ، منير احمد. حويليءَ جا راز. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. 2003. ص، 89.