امداد حسينيءَ جي غزل جو تنقيدي اڀياس
(A critical study of Imdad Hussaini's ghazal)
حبدار سولنگي
Abstract:
Imdad Hussaini is a prominent poet of his time due to his exceptional literary style, expression, and intellectual prowess. A key aspect of Imdad's ghazal is its ‘language’, which is embellished with pure Sindhi words, phrases, and proverbs, making him stand out. The language in Imdad's ghazals is as pleasing as the scent of dust, possessing a mystical control over the use of Sindhi words. Imdad's artistic journey can be studied in various genres, including ghazal, poem, Azad Nazam, songs, Waaee, Doeh, Teraiel, tercet, Kafi, qattau, among others. Imdad Hussain excels in every genre he writes in and his poems have significance, originality, and creativity that illuminate each genre he composes. Furthermore, Imdad's writing in other genres is equally beautiful. In this article, we critically examine Imdad Hussain's Ghazal.
Keywords: Ghazal, poem, Waee, Kafi, Tercet
امداد حسيني (جنم 10 مارچ 1940ع، وفات 27 آگسٽ 2022ع) جديد سنڌي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي حيثيت رکي ٿو. هُو پنھنجي فڪر ۾ ڳوڙهو ۽ فن ۾ بيحد پُختو ۽ مثالي آهي. امداد تجربي ۽ تخليق جي بَٺيءَ مان پچي نڪتل آهي، هُو خيال جي گِھرائيءَ ۽ موضوع جي وسعت کي نئين شعري حسيت سان بيان ڪري ٿو. سندس اسلوب ۾ تازگي ۽ ڳنڀيرتا آهي، جذبي ۽ احساس جي فڪري رنگيني ۽ سماجي شعور جي روشني سندس تخليق جا بنياد آهن. امداد حسيني جي شاعري نيوڪلاسڪ جو درجو رکي ٿي. ڊاڪٽر سحر امداد لکي ٿي:
”امداد ان دور جو اُھو شاعر آھي، جو عُمر ۾ اياز کان گهڻو ننڍو آھي، ۽ ان حساب سان امداد جي شاعريءَ جي عُمر به ان کان اوتري ئي ننڍي آھي، پر ون يونٽ ٺھڻ ۽ پھرين مارشل لا لڳڻ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ آيل ان نئين اُڀار کي امداد، اياز سان گڏجي شيئر ڪري ٿو، ۽ اياز سان Parallel ھلي ٿو، امداد جي عظمت اھا آھي ته ھن پنھنجي دور ۾ اياز جھڙي قداور شاعر جي سامھون پنھنجي ھڪ مُنفرد شناخت ماڻي، ۽ اياز جي پاڇي کان پري ھڪ منفرد، نمايان ۽ جديديت جو نمائندھ شاعر ٿي بيٺو“. (1)
ڊاڪٽر سحر امداد جي اھا راءِ دُرست آھي ته امداد پنھنجي دور ۾ اياز جھڙي قداور شاعر جي سامهون پنھنجي ھڪ مُنفرد شناخت ماڻي، ان جو سبب امداد حسينيءَ جو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پنھنجو اسلوب ۽ تخليقي آھنگ آھي، سندس لھجو ھن جي پنھنجي دريافت آھي، پر امداد صاحب جو شيخ اياز سان پُور وڇوٽ (Parallel) هلڻ واري راءِ سان متفق نه ٿو ٿي سگهجي. منھنجي خيال ۾ شيخ اياز جي دور ۾ ڪوبه شاعر، شيخ اياز سان پُور وڇوٽ (Parallel) نه ھلي سگهيو آھي. ھو پنھنجي تخليقي اُڀار ۾ پنھنجي دور جي ھر شاعر کان گهڻو مٿي بيٺو آھي:
”اياز ھڪ اھڙو شاعر آھي، جنھن کي اسان سنڌي شاعريءَ جو ھڪ مڪمل دور سڏي سگهون ٿا، جنھن وقت گذرڻ سان گڏ ھڪ روايت جو درجو حاصل ڪري ورتو آھي. جيتوڻيڪ اياز جي دور ۾ اياز سان گڏ شاعرن جو ھڪ پُورو نکٽ آھي، پر ظاھر آھي ته اُن جو چنڊ اياز ئي آھي“ (2)
امداد حسيني پنھنجي مُنفرد اسلوب، لب ولھجي ۽ فڪري سگهه جي حوالي کان پنھنجي دور جو نھايت اھم شاعر آھي.
امداد جو تخليقي سفرُ ڪيترين ئي شعري صنفن ۾ ملي ٿو، جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، گيت، وائي، بيت، دوھو، ترائيل، ٽيڙو، ڪافي، قطعو وغيره شامل آھن. امداد حُسينيءَ جنھن به صنف ۾ لکيو آھي، نھايت شاندار ۽ اثر انگيز لکيو آھي، سندس طويل نظم ”شھر“ بابت ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو:
”سچي ڳالهه اھا اھي ته جديد زماني جي شاعرن ۾ امداد حسيني ئي اھو واحد شاعر آھي، جنھن جي طويل نظم ”شھر“ کي صحيح معنيٰ ۾ ھڪ مڪمل ”شھر آشوب“ سڏي سگهجي ٿو، جيڪو شھر آشوب جي شاعريءَ ۾ ئي نه، مجموعي سنڌي شاعريءَ ۾ ھڪ شاھڪار جي حيثيت رکي ٿو. سنڌي جي اھا جديد شاعري جنھن کي ڪلاسڪ سڏي سگهجي ٿو، امداد جو ھيءُ نظم ان ۾ اھم حيثيت والاري ٿو“. (3)
ان کان علاوه ”سندس آزاد نظم ۽ ان ۾ ھيئت جا جديد تجربا توڙي معنوي ۽ علامتي اشارا سندس فن کي دوام بخشي چڪا آھن ... آزاد نظم توڙي غزل ۽ نظم ۾ سندس زبان نھايت سليس پر رنگين رھي ٿي“. (4)
امداد حسينيءَ جا نظم آزاد نظم پنھنجي اندر ۾ نئين تخليقي روشني رکن ٿا، ان کان علاوه امداد ٻين صنفن ۾ به ڪمال حُسن سان لکيو آھي، ھن مقالي ۾ سندس
’غزل‘ جو مختصراڀياس پيش ڪجي ٿو.
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ غزل نھايت اھم ۽ مقبول شعري صنف آھي، ان جي تخليقي اوسر بابت جڏھن ويچارُ ڪجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته:
”سنڌي غزل جي اوسر سنڌي ادب جي تاريخ جو ھڪ اھم حصو آھي، غزل کي انگريزن واري دور ۾ وڌ ۾ وڌ اھميت حاصل رھي آھي، ايتري قدر جو ان دور ۾ غزل کي ئي معياري شاعري سمجهيو ويندو ھو ..... غزل کي ايتري مقبوليت حاصل ڇو ٿي، تنھن جو ھڪ سبب ھيءُ آھي ته انگريزن جي دور کان اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ دوھي، بيت، وائي ۽ ڪافيءَ جو عام رواج ھو، پر جڏھن غزل سنڌي شاعريءَ ۾ پيرپاتو ته اھا سنڌي شاعريءَ ۾ نئين صنف ھئي، جيئن موجوده دور ۾ ھائڪو، ٽيڙو، پنجڪڙا وغيره. تنھن ڪري ان جي تعليم يافته شاعرن جي پارسي شاعري پڙھيل، عروض کان آشنا ۽ پارسي غزل کان متاثر ھئا، تن غزل کي جيءَ ۾ جايون ڏِنيون“. (5)
سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي مقبوليت جو ھڪ اھم سبب اُن جي تخليقي مزاج جي رنگيني ۽ رومانوي ھڳاءُ آھي، غزل فڪري حوالي کان رَس چس ۽ گداز سان ڀريل صنف آھي، جيڪا ماڻهوءَ جي مزاج ۾ نوان رنگ ۽ ھڳاءَ ڀري ٿي، غزل تصوراتي سطح کي وڌيڪ اُڀاري اُن ۾ جمالياتي حُسن پيدا ڪري ٿو.
شمس قيس رازي غزل جي فڪري اُپٽار ھن ريت ڪري ٿو:
”وغزل در اصل لغت حديث زنان وصفت عشق بازي باايشاں و تہالک در دوستی ایشاں است ومغازلت وملاعبت است بازنان“ (6)
شمس قيس رازيءَ جي راءِ موجب غزل جي معنيٰ ’عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ‘ آھي. در اصل غزل ھڪ جمالياتي شعري صنف آھي، ۽ جماليات جو گهڻو واسطو نسوانيت ۽ ان جي حُسناڪين سان آھي، ان ڪري غزل نه صرف ’عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ‘ پر ’عورتن جون ڳالهيون ڪرڻ‘ جو ٻيو نالو آھي.
جديد سنڌي غزل جڏھن ترقي پسند فڪر سان سلهاڙيو ته اُن جا سنڌيءَ ۾ نشانبر شاعرَ شيخ اياز، تنوير عباسي، اُستاد بخاري، امداد حسيني ۽ ٻيا ھئا. امداد حُسينيءَ جو غزل صحيح معنيٰ ۾ ترقي پسند فڪر جو ھڪ وڏو مثال آھي، ھو پنھنجي سھيوڳي شاعرن ۾ پنھنجي غزل جي انفراديت سبب گهڻو مقبول آھي.
ڊاڪٽر اياز قادري، امداد حسينيءَ لاءِ لکي ٿو:
”جن شاعرن سنڌي شاعريءَ کي ترقي پسند گس تي گامزن ۽ جديد لاڙن جي راھن کان واقف ڪيو آھي، انهن ۾ سندس نالو پڻ شامل آھي“. (7)
امداد صحيح معنيٰ ۾ جديد غزل جو ھڪ وڏو شاعر آھي، جنھن وٽ ترقي پسند فڪر سان گڏ جديد دور جا فڪري لاڙا پڻ موجود آھن. امداد جي غزل ۾ عصري دور جو آواز، سماجي فلسفو، نئين حسيت، نيون ترڪيبون، تشبيھون، استعارا، نئون فني ۽ فڪري آھنگ ملي ٿو، ”ھن جا غزل روايتي پيچرن ۽ ورن وڪڙن کان پري آھن، سندس غزل ۾ تازگي، شگفتگي ۽ ڪشش آھي“. (8)
”ھر لُڙڪُ مُرڪ ڀاسي، ھر مُرڪ لڙڪُ ڀاسي،
غم ۾ لڪل خوشي آ، ھر غم لڪل خوشيءَ ۾“.
___
مانيءَ ڀور ۽ ڪپڙي ٽُڪرو ناھي سڀ جيون،
جيون ڳَلَ ڳرھاٽيون، جيون ڳوڙھا ڳل لاٿل“.
___
”زندگي ائين گهارڻي آھي،
ڄڻ ته ڪا رسم پارڻي آھي“.
___
”اُن جو پاڻي ڪو نه سُڪو آ،
جيڪا اک شرمائي آھي“.
امداد جو غزل جديد فڪر جو غزل آھي، اُن ۾ پنھنجي دور جا عڪس قلمبند ڪيل آھن، ھن جا غزل پنھنجي دؤر جون تصويرون آھن، جيڪي ڳالهائن ٿيون ۽ جهنجهوڙين ٿيون، ھو پنھنجي دور جي دردن، اھنجن ۽ ايذائن کي ھڪ سچي آرٽسٽ جيان چڀندڙ انداز ۾ چِٽي ٿو.
”اڄ جي شاعر امداد حسينيءَ جديد شاعريءَ کي نه فقط نوان گهاڙيٽا، پر انداز ۽ اسلوب ڏِنو آھي، تجربي جو ساھس ساريو آھي، نئين موسيقي ۽ آھنگ ڏِنو آھي“ (8)
اردوءَ جو ناميارو شاعر ن . م راشد ”جديد شاعر“ بابت لکي ٿو:
”جديد شاعر صرف اھو آھي، جيڪو جديد شعر چوندو ھجي، صرف ان قسم جا شعر چوندو ھجي جن تي قدامت يا روايت جي مُھر لڳل نه ھجي، جيڪو ھر لحاظ کان جديد اندازِ نظر وارو ھجي، جنھن جي اندر ڪنھن خيالي يا مصنوعي زندگيءَ جي ترجمانيءَ بجاءِ جيئري جاڳندي اسان جي توھان جي آسپاس جي دُنيا جي ترجماني ڪيل ھجي“. (9)
جديد شاعري حقيقي زندگيءَ کي ورتائڻ کي چئجي ٿو، اُھا تصوير جا ٻيئي پاسا پڌرا ڪري ٿي، اُھا زندگيءَ جي خوبصورتي ۽ بدصورتي ٻنهيءَ جا عڪس اڳيان آڻي ٿي. اُھا سچ، ڪوڙ، خير، شر، ترتيب، بي ترتيبي مطلب ته ھو عنصرَ ۽ عڪسَ کي واضح ڪري ٿي، اُھا پنھنجي تخليقي روشنيءَ سان اسان جون اکيون کولي ٿي ۽ پوءِ ھر منظر ۾ حقيقي زندگي نظر اچي ٿي.
”لڙڪ کي لفظ ڪرڻ، ايترو سولو ڪونهي،
باهه جو سمنڊ ترڻ، ايترو سولو ڪونهي.
-
”ھونءَ ته چھرو به ھو اکيون به ھيون،
آرسيءَ ۾ نظر نه آيو ھو“.
-
”اڄڪلھه ڪُتو ڪُتي تي،
ماڻهوءَ وانگر ٿو باھي“.
-
”جو به ھن دور جو انسان آھي،
صرف حيران پريشان آھي“.
-
ھا، ڇوڪري ڪريون نه ڪريون، نوڪري ڪريون،
دل جي ڪريون، دماغ جي، يا پيٽ جي ڪريون“.
-
”جيئرو جاڳندو هڪڙو منظر،
بند ڪيم ڪوري ڳاڳر ۾.“
-
”ڏُک ۽ سُک ماڻهن لئھ ھوندو،
ھا مان پٿر ٿي ويو آھيان“.
-
بند ٿيل ڪمري ۾ تنھا،
پنھنجي منھن ويٺي ڳالهايم“.
-
”ھڪ ئي بستري تي تون ۽ مان،
ٻن وِھاڻن جيان پيا آھيون“.
امداد جي غزل جي ھڪ وڏي خُوبي ان جي رُومانيت آھي، رومانيت غزل جو رُوح آھي، ان کان سواءِ غزل خالي، کوکلو ۽ ڇَسو لڳندو آھي، رومانيت اُن ۾ احساس جا رنگَ ۽ جذبن جي ملائميت ۽ نفاست ڀريندي آھي.
جينڪو ليورن جي چوڻ موجب:
”رومانيت ان داخلي قوت جو نالو آھي، جيڪا نامعلوم کي دريافت ڪرڻ ۽ ھر نئين شيءِ جي تخليق تي اُڀاريندي آھي، ڪلاسيڪيت جنھن قوت جي محرڪ کي خارج مان تلاش ڪندي آھي، رومانيت ان قوت کي اسان جي داخل مان کڻندي آھي“. (10)
امداد حسيني بنيادي طور رومانوي شاعر آھي، سندس مجموعي شاعري ۽ خاص طور غزل رومانوي ڪيفيتن سان ڀرپور آھي، سندس رومانوي ڪيفيتن ۾ ڪمال جي گھرائي آھي، اُھا عام رواجي شاعرن جيان ڇَسي نه آھي، اُن ۾ تخليقي رچاءُ ۽ فڪر جي ڳوڙھائي آھي، اُھا جذبن ۾ جلترنگ ڇيڙي ٿي:
”ھن جي لفظ لفظ، سِٽ سِٽ، بند بند مان رومانيت جو ھڳاءُ پيو اچي، سندس لھجو ٿڌو، ڌيمو، ڇُھندڙ ۽ سڌو (Direct) آھي. ائين ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي، ڪن ۾ ھوريان ھوريان سُريلي سُس پُس پيو ڪري“. (11)
”ٻن جسمن جي ھڪ رشتي جي،
اڃا ته مٽي آلي آھي“.
-
”تئن تئن باھه چپن جي ڀڙڪي،
جئن جئن اکڙين اُڃ اُجهائِي“.
-
”اک سان اک ملائي رکجان،
ديپ مان ديپ جلائي رکجان“.
-
رات ڀلاري آھي، ڇوڙي ڇڏ،
منھنجي ٻانھن تي پنھنجا گيسو“.
-
”هڪڙو ماڻهو ئي آهي اچڻو پر،
مون سڄو گهرُ کڻي سجايو آ.“
-
جيستائين آءٌ توکان دور هوس،
هر گهڙي ڄڻ خودڪشي ٿيندي رهي.“
امداد جي غزل جو ھڪ اھم پاسو اُن جي ’جماليات‘ آھي، جماليات ڪنھن به فنپاري جي تخليقي ۽ فڪري حُسناڪيءَ جو نالو آھي، جماليات پنھنجي وجود ۾ ھڪ وسيع اصطلاح آھي:
”جماليات لطيف فن جو روح آھي، جمالياتي فڪر ۽ نظر، جمالياتي نُڪته نگاھ، وجدان ۽ عرفان، جمالياتي شخصيت ۽ شعور، جمالياتي موضوع ۽ طرز ادا کان سواءِ ڪنھن فن جو تصور به پيدا ٿي نه ٿو سگهي“. (12)
جماليات جا بنيادي نقش يونان ۾ مِلن ٿا، پر اُصولي طور ارڙھين صديءَ ۾ جرمنيءَ جي مُفڪرن ان جي اڀياس جو باقاعده رواج وڌو. تخليق پنھنجي عنصر ۾ مختلف جوھرَ رکي ٿِي، اُن جي تخليقيت ۾ تمام گهڻا رنگَ، عڪسَ، آوازَ، ھڳاءَ ۽ حُسنا ڪيون ھونديون آھن، اُنهن سڀني عنصرن مان حُسن ھڪ اعليٰ جوھر آھي.
”حُسن ڪائنات جو فطري جوھر آھي، ۽ ان جي ابدي حيثيت کان ڪنھن به صورت ۾ انڪارُ ڪري نه ٿو سگهجي، پر حُسن جو معيار مقرر ڪرڻ ۾ انساني خواھش ۽ خيال جو عمل دخل به آھي، ظاھر طور تي حُسن کي ڪنھن به شيءِ ۾ ڏسڻ سان، ان شيءِ ۾ وڌيڪ جاذبيت ۽ ڪشش پيدا ٿئي ٿِي. ھيگل ان ھستيءَ کي حسن سَڏي ٿو، جيڪا پنھنجي تصور جو ڀرپور اظھار ھجي“. (13)
”مارُل لاک رتاڻي لوئي،
پھرن کي پارائي آھي“.
-
ڪاڪ ڪڪوريءَ ڇوريءَ جا،
ٿڌ ۾ لِڱ پيا ٿڙڪن“.
-
”پِرھه چُميا ھا تُنھنجا چَپَ،
پوئين پھر پئِي ھئي ماٽَ“.
-
”چھرن تي چانڊاڻ به ساڳي، ساھن ۾ سُرھاڻ به ساڳي،
مکڙين جھڙين ٻن اکڙين جا، شوخ اشارا ساڳيا آھن“.
-
”اونداھيءَ ۾ تيلي ٻاريان،
ٽانڊاڻي کي گس ڏيکاريان“.
امداد جي غزل جي ھڪ نھايت اھم خصوصيت اُن جي ’ٻولي‘ آھي. جيڪا نج سنڌي لفظن ۽ محاورن سان سَجايل آھي. امداد جي غزل ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪو نج پڻو آھي، اُھو مِٽيءَ جي ھڳاءَ جھڙو وڻندڙ آھي، ھو غزل جي لسانيات جو ۽ اساس جو سڀ کان اھم شاعرُ آھي. ھو لفظ جي صحت، سُونھن، ردم ۽ استعمال کان بخوبي واقف آھي، سندس غزل ’گلابي ٻوليءَ‘ کان پري پنھنجي فطري حُسناڪيءَ سان ڀريل آھي، سندس لفظ لڙکڙائن نه ٿا، پر اُھي پنھنجي فطري لوڏ ۾ لڀائن ٿا، سندس سٽون ٿاٻا نه ٿيون کائن، پر اُھي پنھنجي پنڌ ۾ پُختيون ۽ روح پرور آھن.
”من- مھراڻ ته ماٺو ھو،
رُڃ ۾ ڇا جو رڙڪو ھو“.
-
”ڇِرڪي پئي جا تنھنجي ڇير،
ڇاٽ ھڻي تارن جي ڇاٽ“.
-
”انڌي ماءُ ڄڻيندي آھي، اُونڌا سُونڌا ٻارَ،
ايندڙ نسل سمورو ھوندو، گونگا ٻوڙا ٻارَ“!
-
”سولا سولا وڪجي ويندا، سستا سستا ٻارَ،
ڇورا ڇورا پنندا پنندا، رُلندا رُلندا ٻارَ“.
”ان غزل کي پڙھي شاعريءَ ۾ اصوات جي اھميت ۽ اُنهن جي تُز استعمال جي ڪري، سِٽن ۾ ھڪ جادوئي اثر پيدا ٿيڻ جي ڪمال جو قائل ٿيڻو پوي ٿو. ان غزل ۾ ٻٽن لفظن جو پڻ نھايت خوبصورتيءَ سان استعال ڪيو ويو آھي ....... اُن غزل ۾ لفظن جي ورجاءُ، ٻِٽن لفظن جي استعمال، سُر، صوت ۽ وينجن جي ورجاءَ ۽ اُنهن سڀني جو مسلسل ڦيرو“. (14) غزل ۾ لسانياتي حُسن پيدا ڪري ٿو.
امداد جو غزل استعاراتي ٻوليءَ سان ڀرپورُ آھي، اُن ۾ تشبيھن جو استعمال به ٻوليءَ کي حَسين بڻائي ٿو. ھو غزل ۾ استعارن ۽ تشبيھن جو استعمال ضرورت آھر ڪري ٿو.
”سيني ۾ سور ائين سانڍيم،
انبَ وجهي ڇڏجن جنءَ پالُ“!
-
”ڪچي مانيءَ جھڙو ڀاسي،
تو بن چوڏهينءَ چنڊ ميان“
-
”اڌ اُپٽيل اکين سان، تنھنجي اڳيان ائين مان،
اونداھه مان اچي جئن، ڪو تيز روشنيءَ ۾“.
-
”انءَ پيا ڪاٽيون ڏينھن ڏُکيا،
ڪاٺُ ٽُڪي جنءَ ڪاٽ ڪُٽو.“
-
”ماچس جي ڪنھن تيليءَ وانگر،
سڙي سڙي رک ٿي ويو آھيان“.
امداد حُسيني نه صرف فڪري طور پر شعري لِسانيات جي حوالي کان به سنڌي غزل جو نھايت اھم شاعرُ آھي، سندس غزل انيڪ خوبين سان مالا مال آھن، جن تي الڳ مقالا لکڻ جي ضرورت آھي.
حوالا
- حسيني، سحر امداد، ڊاڪٽر. مُھاڳ: ’ھوا جي سامھون‘، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيش 2000ع، ص: 26 ۽ 27.
- سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر. مُھاڳ: ’شيخ اياز جي شاعري‘، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيش 2020ع، ص: vii.
- سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر. مُھاڳ: ’شاعريءَ سان دشمني‘، ڇاپو ٻيو، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيش 2020ع، ص:
- گرامي، غلام محمد، ٽِماھي ’مھراڻ‘، شمارو 1-2، ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع.
ص: 517. - قادري، اياز، ڊاڪٽر. ’سنڌي غزل جي اوسر‘، ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌلاجي، 1984ع ص: الف.
- بحوالہ ممتاز الحق، ڈاکٹر، اردو ’غزل کی روایت اور ترقی پسند غزل‘۔ لاہور: بک ٹاک 2019ع ، ص:10.
- قادري، اياز، ڊاڪٽر. ’سنڌي غزل جي اوسر‘، ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌلاجي، 1984ع ص: 489.
- حسيني، سحر امداد، ڊاڪٽر. ’شعور شاعر شاعري‘، ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 2008ع. ص: 253.
- راشد، ن.م. (مقالہ: جدیدیت کیا ہے) ’جدیدیت کا تنقیدی تناظر‘ لاہور: کتاب سرائے. 2017ع ص. 81۔
- TancoLavrn. Studies in European Literature, London: 1929, P:291.
- شھباز، قمر. مھاڳ: ’ڪرڻي جھڙو پل‘. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ 2012ع. ص: 29.
- شکيل الرحمان، پروفیسر. (مقالہ: جمالیات) جمالیات. اسلام آباد: نیشنل بک فائونڈیشن. 2019ع. ص:64۔
- گورکپوری مجنوں ’ ادب اور زندگی‘ کراچی: مکتبہء دانیال، 1985ع، ص:126۔
- حسيني، سحر امداد، ڊاڪٽر. مُھاڳ: ’ھوا جي سامھون‘، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيش 2000ع، ص: .
نوٽ: ( غزل۽ ٻين شعرن جا حوالا ڪتابن: ”ھوا جي سامھون“،، ۽ ”ڪرڻي جھڙو پل“ تان ورتا ويا آھن).