اعجاز شاه راشديءَ جي بيتن ۾ ٻولي ۽ گرامر جو اڀياس
(A study of language and grammar in the poetry of Ejaz Shah Rashidi)
محمد اشرف راشدي
Abstract:
Ejaz Shah Rashidi is one of the most important poets of the 20th century of Sindh. Syed Mohiuddin ‘Aijaz Shah Rashidi’ was born in the village of Pir Jhando district Matari in 1929. He followed the path of the great poets of Sindh and developed creative ideas. His collection of poetry is called "Sukhn-i-Aijaz" which is based on classical literary genres such as poems, Kafi, Ghazal, harf, elegy and verse fable. His creative literary work is the reflection of enormous subtleties of complex mystical thoughts.
Ejaz Shah's poetry is replete with linguistic qualities that demonstrate his in-depth understanding of the correct use of pronouns, interjections, prepositions, phrases, and sayings & proverbs in accordance with the rules of Sindhi language grammar and composition. His usage of correct Sindhi grammatical elements and parts of speech exhibits his grasp of Sindhi. In addition, the context, grammar, and idiom of his lyrics are revealed through linguistic analysis of his poems. Among his poetry, the majority of sindhi dialects reflect the central region, i.e. Sahiti Pargana, with certain Lari dialects being present. The uniqueness and purity of his linguistic expression and depiction are evident in his poems which shows his love with the Sindhi language. This article examines the linguistic and grammatical features of his verses.
Keywords: Grammar, composition, language usage, dialect, lyrics
اعجاز شاھ راشدي سنڌ جي ويھين صديءَ جي اهم شاعرن مان هڪ آهي.
سندس پورو نالو سيد محي الدين ’اعجاز شاھ راشدي‘ آهي، سندس جنم سنڌ جي وچولي واري ڀاڱي، ضلعي مٽياري، تعلقي نيوسعيدآباد، ڳوٺ پير جھنڊي وارو ۾ 1929ع ڌاري ٿيو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’سخن اعجاز‘ بيتن، وائين، ڪافين، غزلن، سي حرفين ۽ ڏوهِيڙن جھڙين ڪلاسيڪل صنفن جو مجموعو آهي. جنھن ۾ بيشمار گوناگون موضوعن جي اُپٽار ملي ٿي.
هن مقالي ۾ سندس بيتن ۾ ٻولي ۽ گرامر جي خوبين جو اڀياس پيش ڪيو آهي. سندس بيتَ سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيھڪ موجب حالت جري، ضميري پڇاڙين، اصطلاحن، پھاڪن ۽ چوڻين جھڙين خوبين سان ٽمٽار آهن. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته شاعر کي پنھنجي مادري ٻوليءَ تي عُبور حاصل هو. ۽ سندس بيتن جي لسانياتي مطالعي مان بيتن جي لھجي ۽ محاوري جي پروڙ پڻ پوي ٿي. بيتن ۾ اڪثر وچولي علائقي يعني ساهتي پرڳڻي وارو لھجو ۽ ڪٿي ڪٿي لاڙي لھجو پڻ ملي ٿو.وٽس ٻوليءَ جو نج پڻو ۽ سنڌي پڻو نمايان نظر اچي ٿو.
ڪوبه عوامي شاعر پنھنجي ٻوليءَ ۽ ان جي درست استعمال کان چڱيءَ ريت واقف هوندو آهي جنھن ڪري سندس ڪلام ۾ ٻولي ۽ گرامر جو استعمال بي ساخته هوندو آهي. اعجاز راشديءَ وٽ به ٻوليءَ جون نحوي بناوتون ۽ فطري خوبيون آسمان ۾ تارن جيان جرڪي رهيون آهن. علم نحويات بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لِکيو آهي ته:
علم نحو يا نحويات مان مراد اهو علم آهي، جنھن جي مطالعي مان، فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيھڪ ۽ سٽاء جي خبر پوي ٿي. هن علم جي مدد سان ٻوليءَ ۾ اسمن، فعلن، ضميرن ۽ صفتن جي عدد، جنس ۽ حالت مان گردان يا ڦيرن جي پڻ خبر پوي ٿي. انهيءَ ڪري علم نحو جي مدد سان جملي ۾ ڪم آندل لفظن جي جملي اندر ترتيب يا تنظيم، لفظن جو مناسب انتخاب ۽ لفظن جي هڪٻئي سان لاڳاپي جي خبر پوي ٿي.“ (1)
اسم معطوفيه (ماضي معطوفي)(Conjuctive participate)
”اسم معطوفيه جي بنائڻ لاءِ ڌاتوُءَ جي پويان ايِ، اي، يو، يا ۽ يون وغيره جون پڇاڙيون ملايون وينديون آهن.“(2)
مثال: 1. سو ساراھ سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم. (شاھ سائين)
- جان وڍين تان ويھ، نه ته وٺيو واٽ وانءُ تون. (شاھ سائين)
اعجاز راشدي جي بيتن ۾ اسم معطوفيھ جا ڪجهه مثال (جيڪو ’سخن اعجاز‘ مان ورتل آهن):
- سيڏسي ڏيھه، ٿيا راڻا ۽ ڪاڻا. (ص 751)
- ساريو ساري رات، سرتيون ڪريان صبح. (ص 756)
- اهي ڳالهيون اعجاز چئي، پئي ڪري ۽ ڳري. (ص 786)
- هاري حمدلله چئي، هر هٿ ۾ ڪِج. (3)
اسم حاليه: (Present Participate)
مثال: 1. منڌ پيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو. (شاھ سائين)
- تِتي طبيبن، چاڪ چِڪندي ڇڏيا. (شاھ سائين)
اعجاز راشدي جي بيتن ۾ استعمال:
- 1. چُنيءَ پاند ڀِنو، هاريندي آب اکين مان. (ص 782)
- 2. رئندي گذري راتڙيِ، سڪندي لهي سج.(ص 756)
- واڪيندي واءَ جان، ووڙي وندر ورڙا. (ص 789)
اسم مفعول:1. مٿا مهاين جا، پيا نه ڏسين پٽ. (شاھ سائين)
- وحده جي وڍيا، الالله اڌ ڪيا. (شاھ سائين)
- اچي لھ اعجاز چئي، مون سڪايل جي سار. (ص 474)
- ڪين اُجهائي سَگهيا، تنھن کي سڀ ساغر. (ص 716)
- جي مرڻئون اڳي مري ٿيا، هوندا سي حيات. (ص 716)
- سڙيا سوز فراق ۾ سينا جن سندا. (ص 718)
اسم تصغير:
اهو اسم جنھن مان خبر پوي ته ڪنھن شيءَ کي سندس اصلي حيثيت کان گهٽائي، ننڍو ڪري بيان ڪيو ويو آهي، تنھن کي اسم تصغير يا مصغر چئبو آهي. مثال: ٻارڙو، راتڙي، گلڙا.(4)
پير اعجاز جي بيتن ۾ پڻ اسم تصغير جو استعمال ملي ٿو، جيئن: هينئڙو، جيئڙو، جوڳيئڙا، هٿڙا، سڏڙا، سنڌڙي، راتڙي، ڳالهڙيون وغيره اهڙن اسمن جو سندس بيتن ۾ هن ريت استعمال ملي ٿو.
واحد مذڪر: 1. جڏهن هينئڙو هلي پيو، تڏهن لٿو پنڌ پيرن تان. (ص 682)
- منھنجو توريءَ مينڌرا، جيئڙو ناهي جاءِ. (ص 753)
جمع مذڪر: 3. هو جوڳيئڙا جامع، هئا هيراڪ حق جا. (ص 778)
- هٿڙا هوت حبيب جا، آهن ڇورن لاءِ ڇائون. (ص 727)
- سائين تون سُڻيج، سُتت منھنجا سڏڙا. (ص 700)
واحد موئنث: 6. سنڌڙي سونھاري، رحمت جنھن تي رب جي. (ص 734)
- رئندي گذري راتڙي، سڪندي لهي سج. (ص 756)
جمع مؤنث: 8. فقيرن فدا، ٻه ٽي ڪيون ڳالهڙيون.(ص 709)
متصل ضمير، ضميري پڇاڙيون:
ضميري پڇاڙيون جيڪي اسم کي وري وري استعمال ڪرڻ کان بچڻ لاءِ اسم جي بدران يعني ضمير طور استعمال ڪيون وينديون آهن. ”اهي ضميري نشانيون جيڪي، اسم، فعل يا حرف جر جي پويان ملايون وڃن، ضمير خالص جو ڪم ڏين، تن کي ضمير متصل ٿو چئجي.(5)
مثال طور: 1. پٽم ڪالهه آيو. 2. بابو پيسه ڏيندءِ.
- تو وٽس ڇا ڏٺو. 4. کيس پنج روپيه ڏي.
اعجاز راشديءَ جي بيتن ۾ ضميري پڇاڙين جا ڪجهه نمونا:
بيت جي سٽ |
گردان |
پڇاڙي |
ضمير |
زمان |
|
1 |
اوڳي عشق اعجاز چئي، نرمل سان نڀاءِ. |
نڀاءِ (تون نڀاءِ) |
ءِ |
حاضر واحد |
حاضر امر |
2 |
جنھن مان راڻو راضي ٿئي، سا مت نه اچيم موُر. |
اچيم(مون کي) |
م |
متڪلم واحد |
ماضي |
3 |
هڪ هٿان مون هوت ويو، ٻيو سرتيون سھائين. |
سھائين(اهي سھائين) |
ن |
غائب جمع |
ماضي |
4 |
لَڳِيوَ ڪا لپيٽَ، اديون اهڙي اعجاز چئي. |
لڳيوَ(اوهان کي) |
وَ |
حاضر جمع |
ماضي |
5 |
ور ولهيءَ جا وَلھا، پريم سُڻيِ پُڪار. |
پريم(منھنجا پرين) |
م |
متڪلم واحد |
مستقبل |
6 |
ڪيڏهن وڃان ڪنھن کي چوان، ڪُٺيس بي قصور. |
ڪُٺيس(آئون ڪُٺيِ) |
س |
متڪلم واحد |
ماضي |
فعل متعدي مجهوُل:
ڌاتوُ مجھولي صورت ضميري پڇاڙي
لِکُ اج اي = لکجي.
وٺ اج اي = وٺجي.
مثال: سُپيرين جي سوُر جي، ماڻهن ڏجي نه منجهه. (شاھ سائين)
اعجاز راشدي جي بيتن مان مثال:
- صوفي سوئي چئجي، جنھن جو ماءُ نه پيءُ. (ص 670)
- جي آويءَ جي اسرار کان، ڪُنڀر هجي آگاھ. (ص 793)
- ٻيليِ ٿجي نه ٻچو، رزق ڪاڻ راڄ جو. (ه 793)
- بخش ڪجان بدڪار کي، جيڪو ڏسين ڏوھ،
- مون ۾ عيب انبوھ، ٿجان ڍڪ ڍِليءَ جو. (ص 767)
مرڪب فعل:
- مُرڪان ٻَھڪانمُنھَن ۾، چِت ۾ رهان چوُر. (ص 654)
- هو ڏس جنهين جو ڏوُر، سو ڏوري ڏِٺئون ڏيِل ۾.
- رنديِ ريِت رســم جو، ساري سِک سبق. (ص 658)
- يارانو يڪتائيءَ سان،لائي نڀائي. (ص 669)
ظرف:
ظرف اهو لفظـ آهي، جنھن مان وقت، جاءِ يا هنڌ، طرف، ريت، قدر يا انداز ۽ مقدار ۽ اقرار يا انڪار جي معنيٰ نڪري، ۽ جنھنجو جملي مان فعل، صفت يا ٻئي ظرف سان لاڳاپو هجي. (6)
اعجاز راشديءَ جي بيتن ۾ ظرف جا ڪيترائي قسم ملن ٿا جن ۾ ظرف زمان، مڪان، تميز، مقدار، اقراري ۽ انڪاري اچي وڃن ٿا. هتي سندس بيتن مان مختصر مثال پيش ڪجن ٿا:
ظرف مڪان:
- پري به ٿيان نه پرينءَ کان، ويجھو وڃڻ نه ڀانيان. (ص 654)
- هنڌ هنڌ حُسن حبيب جو، هنڌ هنڌ ظهور حضور. (ص 656)
- ته نيڻن کان نيڙو پسين، جت ڪٿ رب جليل. (ص 658)
- جيڏهن ڪيڏهن تون، جاني آهين جڳ ۾. (ص 658)
ظرف زمان:
- تو جَھِڙي ڏِٺيِ ڪَلهه، آهيان اڄ به اهڙي اعجاز چئي. (ص 760)
- نه ته اڻيھي هونديَم اُڃَ، اعجاز آريءَ ڄامَ جيِ. (ص 781)
- هر رنگَ ۾ هرَ هرَ وَسي، هر رنگ وسڻهار. (ص657)
- ڪر روشن ربوبيت جو ڏيو راتو ڏينھُن. (ص 658)
ظرف تميز:
- ڌُنڌيارن دوُر، پاڻان ڄاتو پرينءَ کي. (ص 656)
- وحدت جي واکاڻ ۾، وڏ ڦُڙي جيئن وس. (ص 657)
- الزام ڌريان اعجاز چئي، ڪيچيئڙن تي ڪوھ. (ص 775)
- وڏي آهي وَٿ، لاشڪ حال همھ جو. (ص 660)
ظرف مقدار:
- سڀ ۾ تنھنجون سُپرين، سھسين ٿيون صفتون. (ص 658)
- هاڙهي ڪاڙهي حب ۾، ٻڏائين هَڏ ٻَرن. (ص 788)
- مڙئي آ معبود، ڀڳي اوٽ عبديت جي. (ص 660)
- هن جو هڪڙو تِر، هوڏهن کوڙ کستورين جا. (ص 692)
ظرف اقراري:
- پالين سي ڀلي، جي واچين ٿا ڪنھن ورَ سان.
- سو ڀلي سڏائي صوفي مَر تصوف سان. (ص 669)
- هوُ مَر هجن شھباز، تون جھرڪي ته جھرڪيِ سھيِ. (ص 672)
ظرف انڪاري:
- ويڇو وِٿيِ ناھِ، ڀورا ڀُلج ڪيِم ڪيِ. (ص 659)
- اسين به سوُ بسو، هن ريءَ نه آهيون هڏهين.
- لاھ مَ لاڳاپو، ڀڃ مَ ڀيرو ڪاڪ تان. (ص759)
- جو سيني به سيني پُڄي، سو ڪونهي ڪتابن ۾. (7)
حالت جري:
سنڌي ويا ڪرڻ جي ماهرن، حالت جريءَ جو هڪ روپ حالت اپادان به سمجھايو آهي. انهي ڏس ۾ ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته:
سنڌي زبان جي معياري محاوري موجب حالت آپادان جي ڦيري لاءِ، اسم، ضمير يا ظرف جي پويان مان ۽ کان وغيره حرف جر ملايا ويندا آهن. پر اُترادي لھجي ۾ مان جي بدران مئون، ۽ کان جي بدران کئون، حرف جر ڪم آندا ويندا آهن. لاڙي لھجي ۾ مان ۽ کان جي بدران آ يا آن حرف جر جون نشانيون ملايون وينديون آهن. لطيف جي ڪلام ۾ حالت آپادان جي صورت لاڙي ۽ اترادي لھجن واري آهي.
مثال طور: حالت جري
- ملڪنئا مهد هئي، توڏي جي تنوارَ. (ملڪنئا = ملڪن کان)
- پاٻوهي هيڪار، مونهان پڇيو سڄڻين. (مونهان = مون کان)
”آئون“ جو مثال:
- تان مڃ محمد ڪارڻي، نِرتَئون منجهان نينھُن. (نرتئون = نرت مان، نرت سان) (8)
اهڙي ريت اعجاز راشدي جي بيتن ۾ به حالت جريءَ جو روپ آپادان پڻ ملي ٿو، جنھن مان هيٺ ڪجهه نمونا ڏجن ٿا.
- تِهان پوءِ تسڪين سان، لاھِ قلب جي ڪس. (تهان = تنھن کان) (ص 657)
- طالب ٿيا توحيد جا، سي ميثاقان مانجھي. (ميثاقان = ميثاق کان) (ص 718)
- نڪا اڄ نه ڪالهه ميان، ازلان اڳي ڄاڻ. (ازلان = ازل کان) (ص 733)
- تني جي مَنان، ٻيو اکر اُجھي ڪين ڪي. (منان = من مان) (ص 662)
اَئون جو استعمال:
- 1. مُنھُن ڀنڀورئون موڙ، ته پسين هوت حبيب کي. (ڀنڀورئون = ڀنڀور کان) (ص 776)
- آيا اعجاز الستئون، هن برهمڻ تي بار. (الستئون = الست کان)
- پڙهي پروڙج، روحئون رسالو شاھ جو. (روحئون = روح سان) (9)
اهڙيءَ طرح پير اعجاز راشديءَ جا بيت حالت جري جي خوبيءَ سان ٽمٽار آهن. جنھن سان شاعر جو ٻوليءَ تي ملڪو هئڻ جي ثابتي ۽ سندس لھجي جي پروڙ پوي ٿي. سندس بيتن ۾ اڪثر وچولي علائقي يعني ساهتي پرڳڻي وارو لھجو ۽ ڪٿي ڪٿي لاڙي لھجو پڻ ملي ٿو. ان جي بر عڪس اُترادي لھجو سندس بيتن ۾ بِنھهِ گهٽ نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ سندس ڳوٺ درگاھ شريف پير جهنڊي وارو سنڌ جي وچولي واري ڀاڱي ۾ واقع آهي. پر سندس ناناڻا لاڙ پاسي جا هئا، ان کان علاوه سندن وڏن بزرگن جا فقير ۽ عقيدتمند سڄي سنڌ ۾ هئا، جنھن ڪري سندن اچڻ وڃڻ ۽ گهمڻ سڄي سنڌ ۾ ٿيو آهي اهڙي اثر هيٺ سندس بيتن م سنڌ جا ٻئي لھجا ملن ٿا.
حالت اضافت:
”علم صرف جي مطالعي دوران جڏهن مرڪب لفظن جو اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته، سنڌي زبان جي پنھنجي صرفيائي نظام ۾ زير اضافت جي بدران زبر اضافت موجود آهي.
مثال طور: گهرَ ڌڻي = يعني گهرَ جو ڌڻي.
(هتي ”ر“ جي مٿان زبر جو حرف اضافت جي معنيٰ ۾ ڪم آندل آهي.) لطيف جي ڪلام ۾ حالت اضافت جو اڀياس ڪندي زبر اضافت جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.“ (10)
- عاشقَ زهرَ پِياڪَ، وِھ ڏِسي وِهسن گهڻو. (زهرَ پياڪَ) زهرَ جا پياڪَ .
- ته سندي دوزخ باھ، تو اوڏيائي نه اچي. (دوزخ باھ) دوزخ جي باھ.
اعجاز راشديءَ جي بيتن ۾ زبر اضافت جو استعمال:
- ڇپرَ ڌڻيءَ جي ڇِڪَ، بيزار ڪئي ڀنڀور کان. (ڇپرَ ڌڻيءَ) ڇپر جي ڌڻي (ص 777)
- سُھمان سوُر اعجاز چئي، سَھڻا سِرَ پيام. (سِرَ پيام) سِر تي پيام (ص 755)
- پڪيءَ پُختيءَ پِرت سين، پُٺيءَ هوتَ پُريج. (پٺيءَ هوتَ پريج) هوت جي
پٺيءَ تي) (ص775)
امر استقبال: سندس بيتن ۾ امر اسقبال جو احسن استعمال پڻ ملي ٿو. جيئن: ڳنڍيج، ڇڏيج، ڪريج وغيره.
- ڇِن مَ ڇِنڻ گهوريو، نينھُن ورائي ڳنڍيـج،
لاھ نه مون تان مينڌرا، هوُ جو پھريون هيج،
ڇِنيِ ڪيمَ ڇڏيـج، طعنن جـي تـنورَ ۾. (ص769)
- مون کي منھنجي ماءُ، دليئون دعاڪريج،
ته هـوتـاڻـيهيـج، هـر دم هـوءِ هيئين ۾. (ص 788)
امر نيازي:
جيڪڏهن ڪنھن کي چئبو ”ڪر“ ته اهو ڄڻ حڪم ڪيوسين، جيڪڏهن ڪنھن چئبو ”ڪج“ ته اهو وڌيڪ شان ڀريو ڳالهائڻ آهي، تنھن ڪري ان جي هيءَ معنيٰ آهي ته، ”مھرباني يا ڀلائي ڪري ڪج.(11)
اهڙا امر نيازي جا مثال اعجاز راشدي جي بيتن مان ڏجن ٿا:
- هاري حمدلله چئي، هر هٿ ۾ ڪِج.
مرد مردانو ٿِج، محنت جي ميدان ۾. (ص 737)
- احديت ۾ اعجاز چئي، هر جاءِڄاڻجحق. (ص658)
3.هڻج نعرو حق جو، نرتئون منجهان نينھن. (ص 658)
مجهول فعلن جو اسم حاليه:
”ڌاتوءَ جي پٺيان ”ابو“ گڏڻ سان اسم حاليه مجهول ٺهي ٿو.
مثال: پينگهي ۾ لڏبو. (12)
اعجاز شاھ راشدي جي ھڪ اهڙي بيت جي قافين ۾ اسم حاليه جو ڪارج ملي ٿو:
ٿورو گهـڻو سرتـــــيون، لالــــڻ لاءِ لُڇبـــو،
نڪري شهر ڀنڀور مان، پوءِ پنڌ ڪيئن پڇبو،
مُڙي نا مُـڇبو، عــشق وڻ اعجاز چئي. (13)
بيتن ۾ ٻوليءَ جو لھجو:
شاعر پنھنجي آس پاس جي ماحول ۽ مزاج جي ٻوليءَ جي نت نون لھجن توڙي محاورن مان اثر انداز ٿيندو رهندو آهي ۽ شعر چوڻ وقت انهن جو لا شعوري ڪتب پڻ ڪندو آهي، جنھن سان سندس شعر جي ٻولي ۽ لھجي ۾ وُسعت ايندي آهي. اعجاز سائين جي بيتن ۾ ٻوليءَ جي لحاظ سان اڪثر سنڌ جي وچولي وارو محاورو ملي ٿو، ڪٿي ڪٿي عوامي لاڙي لھجو به سندس بيتن جي ٻوليءَ ۾ قدرتي سوُنھَن ڀري ٿو. جيئن سندس بيتن ۾ لفظ، ڪڄاڙو، ڪوھ، هَلت، اير ڀير، تير بتير، سنيھڙا، سُکيليون، سوُريتيون، دعاڳڻ، ور ونوُ، ڪتب آندل آهن. هيٺئين بيت ۾ لفظ ”ڪڄاڙي“ جي ڪارج تي غور ڪيو.
نفل ۽ نماز کي، ڪريان ڪُـڄاڙو،
پرينءَ سين پاڙو، مون ته ڇنوئي ڪينڪي. (14)
”ڪُڄاڙو“ لفظ لاڙي لھجي جي، هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي عام استعمال جو آهي. اهڙي لفظ کي شاھ لطيف رحه جنھن سھڻي انداز سان ڪم آندو آهي، تنھنجي استعمال هن لفظ کي سوُنھَن وارو بنائي ڇڏيو آهي.
مثال طور: 1. ڪُڄاڙو ڪھان، توکي معلوم سڀ ڪيِ.
- منھنجو ڪُڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀورَ ۾.
انهن مصرعن ۾ ڪڄاڙو لفظ جيڪا سوُنھَن پيدا ڪريو بيٺو آهي، سا سوُنھن ”ڇا“ لفظ ۾ هر گز ڪانه بيھندي، انهيءَ سونھن ۽ سُڳند جو احساس فقط علم اللسان جي ماهرن کي ئي ٿيندو.“(15)
اهڙي طرح ”ڙي“ لفظ جو استعمال به اعجاز سائين وٽ سُر سسئي ۾ ملي ٿو جيڪو رديف طور ڪم آندل آهي.
ڏيئي ڏير ڏُهاڳ مون، ويا ساڙي ڙي ساڙي،
چوريءَ محب چانگن تي، ويا چاڙهي ڙي چاڙهي،
ڪين سگهيس ڪيچين کي، آئون تاڙي ڙي تاڙي،
پرھ پڪارون ڪريان، آئون پاڙي ڙي پاڙي،
هاڻ وڃان ٿي هيڪلي، آئون هاڙي ڙي هاڙي،
لاڙي ڙي لاڙي، اينديس هوت اعجاز چئي. (16)
ان کانسواءِ هن ضمير حاضر جمع ’اوهان‘ جي جاءِ تي لفظ ’آن‘ استعمال ڪيو آهي، جيڪو پڻ عوامي لھجي ۾ ضمير حاضر جو هڪ مثال آهي. ڏسو هن سٽن ۾.
اچو سوُرن واريون ڪريون سورن ڀيٽ،
آن وٽ پھر پلڪڙو، مون وٽ ڪتيِ چيٽ،
آن وٽ لپ چُرونڪا، مون وٽ کرا کيٽَ،
آن ڪالهه ڏٺا اڄ ڪي، مون ڏٺا مادر پيٽ،
لڳيوَ ڪا لپيٽ، اديون اهڙي اعجاز چئي. (ص 780)
هيٺين سٽن ۾ پڻ عوامي لھجو پسي سگهجي ٿو.
- جي سڄڻ ناهي ساڻ مون، ته سوُر سڄڻ جا هوُن،
پري شال نه پوُن، انهن ٻنهي کان ڏينهڙا. (ص 776)
- ڪيمَ لَڄائج ڪُر، ڪُڻڪي تون هن ڪوھَ ۾. (ص 783)
- سوُرن ڪئي سُڃَ ۾، هيڻيءَ سان هَلت. (ص 783)
- سڻائين سنيھڙا تازا تير بتير. (ص 795)
- پُڄڻ ڀيڻي ناھ مون، ساڻا ٿي پيم سنڌَ. (ص 778)
- جي وريم ورُ وَنوُ، ته پڻ رهايان روحَ ۾. (ص 776)
بيتن ۾ وچولي جي لھجي مطابق، جمع جي صيغي جو استعمال:
- ڪمرون ڪيھر شينھن جيان، ڪوُنجن وانگر ڪر (ص 750)
- جنھن گُجر ٿي گهايا، گهُورون هڻي گهوٽَ. (ص 750)
- گُنن ڀريون گُجريون، چست، چِتر چالاڪ. (ص 752)
- ڪينجهر قناطون کُتيون، ڪيون، ملاحن موجوُن،
هـــٽي ويون هيڻن تان، فڪرات جون فوجون،
ٿــــيـــون آل اعــجــاز چــئي، آنندَ ۽ اوجـون،
گنــدڻيـــون ۽ گــوجـــون، ماڳھين ويـــن وســـري. (17)
مٿين بيتن جي سٽن ۾ جمع جي سيغي جو ڪارج سنڌي ٻوليءَ جي وچولي پرڳڻي واري محاوري جو اُهڃاڻ ڏئي ٿو.
ڇو ته سري جي لھجي ۾ جمع جو صيغو ساڳين لفظن جو ھن طرح ٿئي ھا مثال: موجون جو موجان، فوجون جو فوجان وغيره. ساڳيءَ طرح سري ۾ جاڏي، ڪاڏي ۽ جاتي تاتي استعمال ڪن ته وچولي ۾ جيڏھن، ڪيڏھن ۽ جتي، تتي ۽ استعمال ڪن، اھڙا انيڪ نمونا اعجاز شاه راشدي جي بيتن ۾ موجود آھن، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ٻوليءَ جو لھجو گهڻي قدر وچولي وارو آھي.
جيڏھن ڪيڏھن تون، جاني آھــين جــــــڳ ۾،
وَھُوَالله فيِ السَّمٰوات وَالعرض، پئي معلوميت مون،
سڀ ۾ تنھنجون سپرين، سھسين ٿيون صفتون،
آئون نه چوان ڏون، آھين تون اعجاز چــــئي.
(ص 658)
جتي آھه نه ناھه ڪا، اُتي لَڏ مَ لاھِ،
اڳڀرو اعــجاز چئي ٺام ھلي ڪو ٺاھِ،
رک اھا ساڃاھ، جنھن سان پسين پرين کي.
(ص 684)
جيڏھن گهڻي گُهرَ، وڃڻ واجب اوڏھين،
اڻ گهريا اعجاز چئي، ڪانه لھندا ڪر،
ڪري پکيءَ جا پرَ، اُڏر انھيءَ پار ڏي.
(ص688)
”سِري وانگر ساھتي پرڳڻي پاسي ڪاٿي، ڪاڏي، جاڏي، تاڏي، جاتي ۽ تاتي چون ٿا. سيوھڻ پاسي ڪٿي، ڪيڏي، جيڏي، تيڏي، جتي تتي به چون. درسي ڪتابن ۾ رڳو پويون نمونو عام آھي.“ (18)
اصطلاح:
اصطلاح ٻوليءَ جو حُسن ۽ سينگار آهن. ٻوليءَ جي شعر يا ڪنھن عبارت ۾ اصطلاح جو ڪارج نهايت ڪارائتو هوندو آهي جنھن سان ٻولي معنوي پھلو کان حسين ۽ پختي نظر اچي ٿي.
”اصطلاح جي معنيٰ، ڪنھن لفظ جي ٻي معنيٰ آهي، ورجيس (ڀيٽا) موافقت يا موزوني. انهن جي ظاهري معنيٰ هڪڙي هوندي آهي، پر ان تي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ سندس مفهوم يعني معنيٰ ٻي هوندي آهي. ڪي اصطلاح پھاڪن وانگر پسمنظر به رکندا آهن، سنڌي ۾ اصطلاح ۾ مصدر ”ڻ“ اکر لازمي هوندو آهي.“ (19)
مثال طور: هٿ پير هڻڻ = ڪوشش ڪرڻ. ٺڪر ڀڃڻ = ڪو الزام لڳائڻ.
اعجاز راشدي جي بيتن جي ٻولي ۾ اصطلاح پڻ گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا. جيڪي بيت جي سونھن سوڀيا ۽ معنيٰ مفهوم ۾ احسن اضافو ڪن ٿا. سندس بيتن مان مختصر طور اصطلاحن جا نمونا ڏجن ٿا. مثال: اک ۾ ڪرڻ، سينو ساهڻ، نينهڙو نڀائڻ، پيش پوڻ، اکيون پورڻ، تند هڻڻ، مچ مچائڻ، ويڇا وڃائڻ، پاڻ پچائڻ، پاڻ سڃاڻڻ، پاڻ وڍڻ، هينئون هلڻ، اک کڻڻ، هينئڙو ميچڻ، ساھ مٺو ڪرڻ، سر جو سانگو لاهڻ، منُھن پوڻ، ساھ سُڪڻ، نَنھَن تي نچائڻ، وغيره.
اصطلاحن جي معنيٰ ۽ بيتن ۾ استعمال:
- اک ۾ ڪرڻ=نظر ۾ ڪرڻ، تاڙ ۾ رکڻ.اٿس سدائين اک ۾ جھان جملي جامع. (ص 686)
- سينو ساهڻ=برابري ڏيکارڻ، سامهون ٿيڻ. وڃي ويڙهي وحدهُ جي، سينو ساهڻ سَٽ.(ص 653)
- اکيون پورڻ=ساڃھ ڇڏڻ، بيحيائي ڪرڻ. بيِھان ٿيِ برھ ۾، اهڙو اکين پوُر. (ص 654)
- مچ مچائڻ=دل ۾ درد پيدا ڪرڻ.توڪل توشو توڻ ڪري، مچي مچ مچاءِ.
(ص 655) - ويڇا وِڃائڻ=معاف ڪرڻ، دل مان ڪٽر ڪڍڻ. اِلالله جي اقرار سان، ويڇا سڀ وڃاءِ. (ص 655)
- نَنھَن تي نچائڻ=تڪليف ڏيڻ، پنھنجي مرضي موجب هلائڻ.نَنھَن نچائڻي ناتر کي، دٻائي ويو دلير. (747)
- پاڻ سڃاڻڻ=خود آگاهي،پنھنجي ذات کان واقف ٿيڻ.پنھنجي پاڻ سڃاڻڻ ريءَ، ويٺا سڏائين والي.( 672)
- هينئون هلڻ=خيال، فڪر يا رمز جي اُڏام.هينئون هلي جن جو، سي پيرين پنڌ نه ڪن.(ص 681)
- مُنھُن پوڻ=روبرو ملڻ، پردو نه ڪرڻ. ڪڏهن منھن پوَن، ڪڏهن پردا ڪن پريت لاءِ.(ص 688)
- ساھ سُڪڻ=ڊڄ، ڀَئو، ڊپ ڪرڻ. اونو ڪرڻ. جي نه سُڪايئي ساھ کي، جيت ڪوريئڙي جيئن.(689)
پھاڪا ۽ چوڻيون:
پھاڪا ۽ چوڻيون به سنڌي ٻوليءَ جو سينگار آهن. جن ۾ ڪيتريون ئي نصيحتون ۽ سمجھاڻيون سمايل هونديون آهن، جيڪي وڏڙن بزرگن جي آزمودن ۽ مشاهدن جو پورهيو آهن.
”پھاڪو، لفظ جي اکري معنيٰ آهي، اوهو نڪتو يا گفتو، جنھن ۾ ڪو اوُنهو خيال يا ويچار سمايل آهي. عام ماڻهن جي روزاني جيوت ۾ اهو گفتو صلاح يا هدايت طور ڪتب آڻجي ٿو، جنھن مان ٻين کي اڪثر صحيح واٽ تي هلڻ لاءِ اشارو ملي ٿو.”(20)
اعجاز راشديءَ جي بيتن ۾ به پھاڪن ۽ چوڻين جو استعمال ملي ٿو، هيٺ ڪجهه نمونا ڏجن ٿا:
پھاڪا:
- 1. ڪُتو ڇِتو ٿئي ته به ڌڻي سُڃاڻي.
سالڪ سک سچائي، ڪُتي سـندي ذات کان،
پنھنجي پالڻــهار سان، ڪانه ڪــري ٻــــيائي،
جي ڇِتو ٿئي، ته به ڌڻي سڃاڻي، ڳڻ تون ڳالهه اهائيِ،
اهڙي صفائي، آدمين گهرجي ”اعجاز“ چئي. (ص 792)
ڪتو پنھنجي ڌڻيءَ سان وفاداري ۽ سچائيءَ سان وقت گذاريندو آهي. پر جڏهن ڇِتو ٿيندو آهي تڏهن به ايتري ساڃھ هونديِ اٿس جو ڌڻي کي سڃاڻيندو آهي نه ته هر ماڻهو کي پيو چڪ پائيندو آهي.
- 2. مُڇون موريءَ مُڇ، ڦُنڊي ڦوُسي پُڇَ تي
= سيرت يا باطن کي ڇڏي صورت يا ظاهر تي فخر ڪرڻ.
جنھن پاڻ پچايو ڪينڪي، رڳو پچايا رڇَ،
ڪندو ڪنھنجي انتَ جي، سو ڪھڙي ڪڇَ،
نڪا مجازي موج وٽس، نڪا حقيقي وِرڇَ،
بنان عشق اعجاز چئي، ڇولي ڀڻون ڇڇَ،
مُڇون موُريءَ مُڇَ، ڦُنڊي ڦوُسي پُڇَ تي. (ص 794)
چوڻي:
ٻئي گدرا مُٺ ۾ ڪرڻ = لالچ لوڀ ۾ اچي وڃڻ.
سُــرت ڏيــوم سرتيون، مون ڪُڌائي ڪئي،
ڪَونروءَ جي ڪُپت جي، مون کي ڪل نه پئي.
مون ڀانيو ٿيِ مُٺ ۾، گدرا ڪريان ٻئي.
پـــــوءِ پــــروڙيم پُرجھي، ته وهيِ سيرَ وئي.
اديون ايئين اعجاز چئي، مون کان ڳالهه ڳئي.
چئو تهڪيئن چئي، آئون ريجھايان راءَ کي. (ص 740)
نتيجو
مٿئين ڏنل اڀياس مان ڀلي ڀت معلوم ٿئي ٿو ته، اعجاز شاھ راشدي جي بيتن ۾سنڌي ٻوليءَ جي وياءَ ڪرڻي مطابق حالت جري، ضميري پڇاڙين، اصطلاحن، پھاڪن ۽ چوڻين جھڙين خوبين جو انبار آهي. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته شاعر کي پنھنجي مادري ٻوليءَ تي چڱي دسترس هئي ۽ انهن جو شعر ۾ ڪارائتو ۽ احسن استعمال ڪيل ڏسجي ٿو. سندس بيتن۾ ادبي ٻوليءَ جي خوبين جو اَکٽ خزانو موجود آهي. جنھن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. اسان جي ادارن، محققن ۽ عالمن کي گهرجي ته اهڙي باڪمال، ٻھڳڻي ۽ زباندان شاعر تي تحققيق ڪري سندس شعر جي خاصيتن کي عام اڳيان نروار ڪن ته جيئن هڪ سٺي ۽ برجستي شاعر کي سماج آڏو روشناس ڪرڻ جو فرض ادا ٿي سگهي ۽ اهڙي املھه گوهر شاعر جي فن ۽ فڪر کان هر ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهي.
حوالا:
- الانا، غلام علي ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“: انسٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، سنڌ 2005ع ص 140.
- ساڳيو، ص 143-144.
- ميمڻ، صاحبڏنو،”سخن اعجاز“ بزم اعجاز نيوسعيدآباد، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. سنڌ، 2003ع، ص 773.
- شيخ، واحد بخش.”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو“: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ، 2006ع، ص53.
- الانا، غلام علي ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“: انسٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، سنڌ 2005ع ص 148.
- شيخ، واحد بخش.”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو“: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ، 2006ع، ص 379.
- ميمڻ، صاحبڏنو،”سخن اعجاز“ بزم اعجاز نيوسعيدآباد، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. سنڌ، 2003ع، ص 703.
- الانا، غلام علي ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“: انسٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، سنڌ 2005ع ص 152.
- ميمڻ، صاحبڏنو،”سخن اعجاز“ بزم اعجاز نيوسعيدآباد، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. سنڌ، 2003ع، ص 801.
- الانا، غلام علي ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“: انسٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، سنڌ 2005ع ص 153-154.
- بيگ، مرزا قليچ. ”سنڌي ويا ڪرڻ“، ڇاپو چوٿون. سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،سنڌ: 2015ع، ص 37-38.
- ساڳيو، ص 39.
- ميمڻ، صاحبڏنو،”سخن اعجاز“ بزم اعجاز نيوسعيدآباد، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. سنڌ، 2003ع، ص 782.
- ساڳيو، ص 698.
- الانا، غلام علي ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“: انسٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، سنڌ 2005ع ص 162.
- ميمڻ، صاحبڏنو،”سخن اعجاز“ بزم اعجاز نيوسعيدآباد، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. سنڌ، 2003ع، ص 779.
- ساڳيو، ص 769.
- آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند. ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ، 2018ع، ص 105.
- ملاح، مختيار احمد. ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“. سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ، 2007ع، ص 39.
- جيٽلي، مرليڌر،”سنڌي پھاڪا ۽ محاورا“ (هڪ اڀياس)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، 2004ع، ص 31.