اسم سان حرف جر سبب ’ءَ‘ جي استعمال جو جائزو
(A Review of use of Preposition ’ءَ‘ with Noun)
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
Abstract:
The final consonant of every word is activated by a short vowel, upon which plural-singular, feminine-masculine, active-passive, postposition, etc. depend in Sindhi language. In some cases, the vowel is used in second last consonants, according to masculine and feminine, such asسندُم /سندَم) / سندُس / لکَندُم / لکندَم/ لکندُس / لکندَس سندَس), etc. It is a distinctive style of Sindhi among the world's languages.
Generally, the Sindhi grammar is developed on this root linguistic structure, hence it must be maintained in the standard language. The use of diacritical mark/ last short vowel, with nouns, especially in genitive or possessive case, is not used same as in print or electronic media.
With this comes the feminine-masculine case of the word, as: A news came out: ’ڇوڪري جي پيءُ کي ماريو ويو.‘ father of boy/girl was killed. ; Due to the low usage of last diacritical mark (ءَ) , it is not clear from this sentence whether the word is ‘boy’ (masculine or ‘girl’ (feminine)? However, according to the news, the girl was mentioned. It should have been written correctly that ’ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ماريو ويو.‘ father of a girl was killed). If the word ’ڇوڪريءَ‘ (female) is to be used here, considering the nuances of the Sindhi language, we must use ’ڇوڪريءَ‘, due to the addition of short vowel, because it is inccorect way of using feminine form of the word. It is concluded from the study that with the combination of two nouns (مضاف / added and مضاف اليه / genitive), if the first word genitive and ends with ’اِي‘ and ’اُو‘, then it becomes mandatory to place’ءَ‘ . In the absence of this fundamental linguistic framework, misunderstanding would persist, leading to improper use of the Sindhi language.
Keywords: Sindhi Grammar, masculine and feminine nouns, compound noun, genitive
مسئلي جو بيان
سنڌي ٻوليءَ جي هر لفظ جو آخري وينجن آواز، ڇوٽي سُر سان متحرڪ ٿيندو آهي، جنھن تي جمع- واحد، مؤنث- مذڪر، فاعلي توڻي مفعولي فرق، حرف جر وغيره جو مدار رهندو آهي. ڪن حالتن ۾ اهو ڇوٽو سُر آخري سر کان اڳ واري (second last) وينجن تي ڪم ايندو آهي، جيئن: سندُم/ سندَم/ سندُس/ سندَس، لکَندُم/ لکندَم/ لکندُس/ لکندَس وغيره. اهو دنيا جي ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ نرالو انداز آهي. ان ڇوٽي سُر جي درست استعمال کي ’وچولي لھجي‘ ۾ نفاست سان نوٽ پرکيو،
جنھن بنياد تي انگريزن جي دؤر ۾ ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ کي معياري لھجو (Standard Dialect) قرار ڏنل آهي ۽ ان کي وچولو ڪوٺيو ويو. سنڌي درسي ڪتابن ۾ به ’ساهتي لھجي‘ کي نمايان حيثيت ڏني ويندي آهي، تنھن هوندي به ڪٿي ڪٿي ٻين لھجن جي به نمائندگي ٿئي ٿي. حقيقت ۾ هتي نمائندگيءَ جو معاملو ته هجڻ به نه گهرجي، پر تنھن هوندي به ٿي وڃي ٿو. معياري لھجي ڏانھن بي ڌيانيءَ سان سنڌي ٻوليءَ جي معياري ماڻ ۾ جهولُ پيدا ٿئي ٿو ۽ ٻوليءَ جي نسبت ڪي مسئلا ڪَرُ کڻن ٿا.
هتي جنھن مسئلي تي قلم کنيو ويو آهي، سو آهي ’اسم جي حالت‘ پٽاندر، خاص طور حالت اضافت ۽ جريءَ آهر، اسم سان ’ءَ‘ جو استعمال ڪرڻ، جيئن: هڪ خبر سامهون آئي: ’ڇوڪري جي پيءُ کي ماريو ويو.‘ اعراب جي گهٽ استعمال سبب، هن جملي مان اها خبر نه ٿي پوي ته لفظ ’ڇوڪرو (مذڪر)‘ آهي يا ’ڇوڪرِي (مؤنث)‘؟ جڏهن ته تفصيلي خبر موجب ذڪر ڇوڪرِيءَ جو هو. درست هن طرح لکڻ گهرجي ها ته ’ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ماريو ويو.‘
هتي جيڪڏهن ’ڇوڪرِي‘ (مؤنث) لفظ ڪم آڻڻو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي نزاڪت کي ڏسندي، اسان کي حرف اضافت سبب، ’ءَ‘ جو استعمال ڪرڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان لفظ جي مؤنث صورت واضح رهي ٿي. هتي ان ڳالهه جو به امڪان رهي ٿو:
ڇا ’پيءُ‘ لفظ سان حرف جر ڳنڍڻ سبب ان جو پيش، زبر ۾ تبديل ٿيندو؟
حقيقت ۾ ’پيش‘ ۽ ’زبر‘ جمع- واحد پڻ جوڙيندا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’پيءُ‘ جو جمع ’پيئرَ‘ ۽ ’ڌيءُ/ ڌيئرُ جو جمع ڌيئرَ/ ڌيئرون‘ آهي، ’پيءَ يا ڌيءَ‘ ڪونهي. ان صورت ۾ ان جو پيش به تبديل ٿيڻ جوڳو آهي، پر عام حالت ۾ ’پيءُ يا ڌيءُ‘ جي صورت تبديل نه ٿي ڪئي وڃي ته ان ۾ ڪو حرج ڪونهي. البت، ڇوڪريءَ سان مؤنث واري ’ءَ‘
نه ٿي لڳائجي ته پوءِ لفظ جي صورت ۾ مونجهارو رهي ٿو. ان صورت ۾ ٻن اسمن (مضاف/ added ۽ مضاف اليه/ genitive) جي ميلاپ سان پھرئين لفظ ’مضاف اليه‘
(genitive) سان ’ءَ‘ جو استعمال لازمي آهي.
هيءُ مسئلو، معياري ٻوليءَ جي نسبت مشاهدي ۾ آندو ويو آهي. عام طور اهو مسئلو اترادي ۽ لاڙي لھجي ۾ سامهون اچي ٿو. سرائڪي ۽ اترادي لھجي جي ڳالهائڻ واري ٻوليءَ ۾ ’ءَ‘ جو استعمال گهٽ ٿو ملي، ساڳيو معاملو لاڙي لھجي جي ڳالهائڻ واري ٻوليءَ ۾ سامهون ٿو اچي، ان نسبت پرنٽ ميڊيا جي صورتخطيءَ ۾ به اهڙو معاملو نوٽ ڪري سگهجي ٿو. عام طور ضمير اشاري جي لفظ ’هي‘ سان به ساڳي ويڌن ڪئي ويندي آهي. حالانڪ، مذڪر واحد لفظي صورت ۾ ’هيءُ‘، مؤنث واحد لفظي صورت ۾ ’هيءَ‘ ۽ مذڪر توڻي مؤنث جمع لفظي صورت ۾ ’هي‘ استعمال ڪرڻ گهرجي، جيئن اسان جي ’سنڌي ٻاراڻي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي. هتي لفظي ترڪيب ۾ ’ءَ‘ جي درست استعمال وارو جائزو وٺڻ لاءِ چند ڪتابن جي صورتخطيءَ جي جاچ ڪجي ٿي. مٿئين مسئلي جي بيان جو دائرو هيٺين سوالن تي رکجي ٿو:
جائزي جا سوال
- مضاف ۽ مضاف اليه جي ترڪيب ۾ حرف جر جي استعمال سبب ’ءَ‘ جو استعمال ڇو ضروري آهي؟
- لفظي ترڪيب ۾ ’ءَ‘ جو استعمال لفظن جي ڪھڙين پڇاڙين سان لڳي ٿو؟
جائزي جو عمل
هتي حرف جر جي وصف بيان ڪرڻ ضروري آهي: ”وياڪرڻ پٽاندر اهڙو لفظ جيڪو اسم يا ضمير کان پوءِ اچي ۽ ٻئي لفظ سان لاڳاپو ڳنڍي، جيئن: ’ڪتاب، ميز تي پيو آهي. (اسم: ڪتاب جو، اسم: ميز سان لاڳاپو ڏيکارڻ لاءِ ’تي‘ لفظ ڪم آندو ويو آهي ۽ ٻئي اسم کان پوءِ آيو آهي، اهڙي لاڳاپي ڏيکارڻ واري لفظ کي
’حرف جر‘ ٿو چئجي. اهڙا ٻيا لفظ هن ريت آهن: ۾- منجهان- لاءِ- ڪاڻ- واسطي- سان- مان- کي- ڏانھن- ڏَنھن- کان- تان- بدران وغيره. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سُر آواز‘ به حرف جر جو ڪم ڪندا آهن.“ (1)
حرف جر جو دائرو ڪافي وڏو آهي، جنھن ۾ حرف اضافت (جو- جي- جا- جون وغيره) جھڙا اصطلاح به شامل ٿين ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ته آخري ڇوٽا سُر (short vowels) به اهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا.
اضافت (حرف جر) جو ڪردار ادا ڪندڙ اعرابون
- زير اضافت: دلِ گهُريو (دل جو گهُريو)- جوءِ پيڪا (جوءِ جا پيڪا)
- زبر اضافت: گهوٽَ ماءُ (گهوٽ جي ماءُ)- رتَ ڦڙو (رت جو ڦڙو)
- پيش اضافت: پيشُ لفظ (پيش/ اڳ وارو لفظ)- سنڌُ راڻي (سنڌ جي راڻي)
آخري ڇوٽي سُر جي اهميت آهر سنڌي ٻوليءَ ۾ حرف اضافت (حرف جر) جا مثال خيال خاطر ڏنا ويا. (2)
ان حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو: ”جڏهن به ڪن جملن ۾، اسم يا ضمير جمع وارين صورتن ۾ ڪم ايندا آهن، ته اهڙيءَ حالت ۾، ملڪيت يا اضافت ڏيکاريندڙ حرف به، جمع وارين صورتن ۾ گردان ڪندا آهن؛ مثال طور:
حالت اضافت:
عدد واحد |
عدد جمع |
ڇوڪريءَ جو ڪتابُ/ ڇوڪرِ جو ڪتاب |
ڇوڪري جا ڪتابَ/ ڇوڪرَ جا ڪتاب |
ڇوڪريءَ جي ڪاپي |
ڇوڪريءَ جون ڪاپيون |
اڪبرَ جي ٽوپي |
اڪبر جون ٽوپيون |
(3)
ڊاڪٽر الانا جا ڏنل چند مثال ان خيال کان رکيا ويا آهن، ته ڊاڪٽر صاحب، آخري سُر ۽ مؤنث واري صورت ۾ ’ءَ‘ جي استعمال تي ڪيترو نه محتاط آهي.
لفظ ڇوڪرو/ ڇوڪرُ (مذڪر) ۽ ڇوڪرِي/ ڇوڪرِ (مؤنث) حرف اضافت
سان پنھنجي صورت مٽائين ٿا. ان خيال کان ٻوليءَ نسبت ان معاملي ۾ محتاط رهڻ گهرجي.
حرف جر طور آخري زير جو ڪردار
- ’مان گهرِ آهيان.‘ (هتي ’گهر‘ جي زير مان مراد ’۾‘ آهي، جڏهن اها زير هٽائي ’۾‘
جو استعمال ڪبو ته زير، زبر ۾ تبديل ٿيندي. جيئن: ’مان گهرَ ۾ آهيان.‘) - ’مان اسڪولِ وڃان ٿو.‘ (هتي ’اسڪولِ‘ جي زير مان مراد ’ڏانھن‘ آهي، جڏهن اها زير هٽائي ’ڏانھن‘ جو استعمال ڪبو ته زير، زبر ۾ تبديل ٿيندي. جيئن: ’مان اسڪولَ ڏانھن وڃان ٿو.‘) ياد رهي ته جتي، زبر جي گنجائش نه ٿي رهي ته اتي ’ءَ‘ جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن: مان هالاڻِيءَ ڏانھن وڃان ٿو. ٻي صورت ۾ ’مان هالاڻِي وڃان ٿو‘. (هن جملي ۾ ’اِي‘ يعني ’ي معروف‘ حرف جر جو ڪم ڪري پئي، يعني ’هالاڻيءَ ڏانھن وڃان ٿو‘.)
اسم سان حرف جر سبب ’ءَ‘ جو استعمال (حالت جري)
- مان سنڌيءَ ۾ ڳالهايان پيو. (اسم جي پڇاڙي، ڊگهي سُر ’اِي‘ سبب ’ءَ‘ جو
استعمال ٿيو) - مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهايان پيو. (هتي مرڪب لفظ سبب ’ءَ‘ جو استعمال،
آخري اسم تي ٿيندو.) - مون سنڌُوءَ مان پاڻي پيتو. (اسم جي پڇاڙي، ڊگهي سُر ’اُو‘ سبب ’ءَ‘ جو
استعمال ٿيو) - مون سنڌو درياهَه مان پاڻي پيتو. (هتي مرڪب لفظ سبب ’ءَ‘ جو استعمال آخري لفظ تي ٿيندو. جيئن ته ’درياهَه‘ جي آخري وينجن تي، ’زبر‘ ڪم آئي، ان ڪارڻ ’ءَ‘ جي گهرج پيش نه آئي.)
اسم جي حالتن جا غير ترتيب مثال ان خاطر رکيا ويا ته جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ آخري سُر جي اهميت واضح رهي. اهو خيال رکندي چند ليکڪن جي ڪتابن جا موضوع ۽ انهن جي مواد جو ٽڪرو رکون ٿا، جن تي اختلاف يا اتفاق ڪري سگهجي:
ڪتابن جا موضوع
- ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري (يادگيريون: نجم عباسي)
- سچائي اشاعت گهر دڙو. (2011)
- سنڌي ٻوليءَ جو دُرست استعمال (مرتب: تاج جويو)
- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد (2009)
- مختلف دؤرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي (فوليو تي: ’مختلف دؤرن ۾ سنڌيءَ ٻولي جي ترقي، ليکڪ: آفتاب ابڙو)
-سنڌ آرڪائيوز، ڪلفٽن، ڪراچي. (2012)
- کِکي هاڻيون کاريون (اوم پرڪاش والميڪيءَ جي آتم ڪٿا، ترجمو: هالار لغاري) - سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر (2021)
- سنڌي پنجون ڪتاب سبق تيرهون: عمر مارئي
- سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو(2021)
ڪتابن مان مواد جا ٽڪرا
- ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري: ”شام جو پنجين بجي ڌاري، سن واري ’سنڌ قومي محاذ‘ جي باري ۾ پنھنجي ويچارن جو مضمون ويٺي لکيم ته منھنجو ڀاڻيجو الطاف آيو ۽ اچي ٻڌايائين ته شھر ۾ هنگاما شروع ٿي ويا آهن ۽ هتي لطيف آباد ۾ به گوڙ شور آهي، اهو به چيائين ته پاڙي وارن بروهيءَ چورائي مُڪو آهي ته سنڌين تي حملا پيا ٿين. انڪري خبردار ٿي ويھو، چيائين ته بروهي وارا پاڻ به هٿيارن سان تيار ٿي پنھنجي ڇت تي ويٺا آهن. مونکي مامرو ڳنڀير نظر آيو.“ (4)
تبصرو: هيءُ ڪتاب، نجم عباسيءَ جو لکيل آهي. سندس ڏنل عنوان ۾ ’ڪرفيُو‘ اسمَ سان ’۾‘ حرف جر آيو آهي. لفظ ڪرفيُو، ڊگهي سُر ’اُو‘ تي ختم ٿئي ٿو، حرف جر لڳڻ سبب ان جي درست صورتخطي ٿيندي: ’ڪرفيوءَ ۾‘. حالانڪ اهڙي استعمال جي ڪوتاهيءَ سبب، غير جنسي مذڪر- مؤنث جو مونجهارو ٿيندو آهي، ليڪن هتي اهو نه ٿو ٿئي. البت، اهو واضح نه ٿو رهي ته لفظ ’ڪرفيو‘ [او] پڇاڙيءَ سان آهي، يا ’ڪرفيُو‘ [اُو] پڇاڙيءَ سان! سنڌي ٻوليءَ جي نحوي صورت آهر، ’ءَ‘ جو استعمال وڌيڪ سھائيندڙ ٿيندو.
ليکڪ جي لفظن: ’پاڙي وارن بروهيءَ چورائي مُڪو آهي‘ ۽ ’بروهي وارا پاڻ به‘ ۾ جهول آهي. جملي جي جزن جون هيٺيون امڪاني صورتون ٿي سگهن ٿيون:
- پاڙي وارن بروهين چورائي مُڪو آهي. (جمع صورت ۾)
- بروهيءَ چورائي مُڪو آهي. (واحد صورت ۾)
- بروهيءَ وارن چورائي مُڪو آهي. (جمع صورت ۾)
- بروهيءَ وارا پاڻ به.... (بروهي، لفظ سان ’ءَ‘ جو استعمال لازمي آهي، ٻي صورت ۾ لفظ جو اصل پتو نه ٿو پوي. امڪاني صورت موجب ’بروهو‘ جي نحوي صورت ’بروهي‘ ٿيندو. جڏهن ته اصل لفظ ’بروهِي‘ مؤنث صورت ۾ آهي، ان ڪارڻ ’ءَ‘ جو استعمال لازمي آهي.
- سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال: ”ارپنا: سنڌي ٻوليءَ جي وڏي عالم، اديب ۽ محقق، ڪاڪي ڀيرومل ۽ سنڌ جي عظيم اديب، استاد ۽ درسي ڪتابن جي مصنف، ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جي نالي“
تبصرو: هن ڪتاب کي تاج جويي سھيڙيو آهي. پاڻ، هڪ ڪھنه مشق ۽ ڄاڻو اديب آهي. سندس جملي جي نحوي صورت، سنڌي وياڪرڻ پٽاندر نھايت پائبند آهي. ’سنڌي ٻوليءَ جي‘ واري ترڪيب ۾ پڇاڙيءَ واري لفظ سان، حرف جر/ اضافت سبب ’ءَ‘ جو استعمال ڪيو اٿائين. ’ڪاڪو ڀيرومل‘ کي جملي جي نزاڪت سان
’ڪاڪي ڀيرومل‘ لکيو اٿائين. ان هنڌ جيڪڏهن مؤنث جي صورت رکڻي هجيس ها ته ’ڪاڪيءَ‘ جي صورت بيھاري ها. ان کان اڳتي ’ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جي نالي‘ ۾ اصل لفظ ’ڪوڙو‘ آهي، جيڪو نحوي صورت ۾ ’ڪوڙي مل...‘ ڪم آندو اٿس ۽ ’کلناڻِي‘ جيئن ته مؤنث لفظ آهي، ان ڪارڻ ان سان حرف جر/ اضافت ملائڻ وقت ’کلناڻيءَ‘ ۾ ’ءَ‘ ڪم آندو اٿائين، ٻي صورت ۾ اهو لفظ مذڪر صورت ۾ (کلناڻو) سمجهيو وڃي ها. ان حوالي سان نھايت مضبوط عبارت بيھي ٿي.
- ”سنڌي اخبارون، سنڌي ٻوليءَ جي ڪن بنيادي قاعدن کي نظرانداز ڪري رهيون آهن، ۽ اردوءَ جو نقل ڪري رهيون آهن: مثلاً، اڄڪلهه سنڌي اخبارن ۾ لکيو ويندو آهي ته ’آءٌ ڪنڊيارو مان پيو اچان‘ يا ’آءٌ مورو مان پيو اچان‘. شھر جو نالو ’ڪنڊيارو‘ يا ’مورو‘ ئي سھي، پر هنن جملن ۾ انهن کي ’ڪنڊياري‘ يا ’موري‘
مان پيو اچان، چئي استعمال ڪرڻو آهي... سنڌي، بنيادي طور هڪ لئي واري ۽ سوريلي زبان آهي. انهيءَ جو پنھنجو گرامر آهي ۽ پنھنجو مزاج! اسان کي انهن جي حرمت ڪرڻ گهرجي، ٻيءَ صورت ۾ زبان جي شڪل بگڙي ويندي. سنڌيءَ ۾ ’جوڻيجي‘ کي ’جوڻيجه‘ لکڻ ۽ ’ڀُٽي‘ کي ’ڀُٽه‘ لکڻ ۽ ’ذريعي‘ کي ’ذريعه‘ لکڻ به غلط آهي.“ علامه آءِ.آءِ قاضي. (5)
تبصرو: تاج جويي جي سھيڙيل ڪتاب مان علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو ٽڪرو ئي کنيو ويو آهي، ان ڪارڻ ته اهڙن ٽڪرن کڻڻ مھل ليکڪ يا سھيڙيندڙ پروف ريڊنگ جو خيال نه ڪري سگهندا آهن. البت، تاج صاحب ان معاملي ۾ ڪافي محتاط رهيو آهي.
- ”اخبارن، ريڊيو، ٽيليويزن، ڊش، ٽيليفون، ٽيلي پرنٽر، فئڪس، سيٽلائيٽ، ڪمپيوٽر، اِي- ميل (E-mail) ۽ انٽرنيٽ جي اهميت، ٻوليءَ ۽ ٻوليءَ جي لکيل ۽ ڳالهايل لفظن سان ئي قائم آهي. ان ڪري اڄوڪي زماني ۾، جيڪا ٻولي جيتري اثرائتي، ڪشش ڪندڙ، سگهاري، عام فھم ۽ وقت ۽ حالتن جو ساٿ ڏيندڙ بلڪ ان جي نمائندگي ڪندڙ هوندي، اوتري ئي اها اطلاعاتي وسيلن ذريعي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ سان پنھنجن ماڻهن کي متاثر ڪندي ۽ سندن تڪڙيون ضرورتون پوريون ڪندي. اسان جي سنڌي زبان، ننڍي کنڊ توڙي سموريءَ دنيا جي سڌريل ۽ اوسر ڪيل زبانن مان هڪ قديم زبان آهي، جنھن کي لکڻ پڙهڻ جي حوالي سان گهٽ ۾ گهٽ 15 هزارن ورهين جو هڪ پسمنظر ۽ ڊگهي تاريخ آهي. اها اڄ به دنيا جي جديد ترقي يافته ٻولين ۾ نه رڳو پنھنجو هڪ خاص مقام رکي ٿي، پر وقت جي گهرجن موجب پاڻ ۾ ترقيءَ ۽ تبديليءَ جا سمورا گڻ، قدر ۽ خاصيتون به رکي ٿي.“ (6)
تبصرو: تاج صاحب نھايت محتاط رهيو آهي، مثال طور: ”انٽرنيٽ جي اهميت، ٻوليءَ ۽ ٻوليءَ جي لکيل ۽ ڳالهايل لفظن سان ئي قائم آهي“ واري جملي ۾ ’ٻوليءَ ۽ ٻوليءَ جي لکيل‘ ۾ ٻنهي سان ’ءَ‘ جو استعمال ڪيو آهي. پھرين ’ٻوليءَ‘ سان جملي جي آخر ۾ ايندڙ حرف جر ’سان‘ لاڳو ٿئي ٿو، جڏهن ته ٻئي لفظ ’ٻوليءَ جي‘ سان حرف جر سلهاڙيل آهي. حالانڪ ان جملي ۾ پھرئين لفظ ’ٻوليءَ‘ سان ’ءَ‘ جو استعمال ايترو لازمي ناهي، جيترو ٻئي سان آهي. جيڪڏهن پھرئين تي ’ءَ‘ جو استعمال نه ڪري ها، ته به ڪو جهولُ محسوس نه ٿئي ها. البت ٻنهي لفظن ’ٻولي‘ سان ’ءَ‘ جو استعمال مناسب آهي. بھرحال، سندس استعمال ٻوليءَ جي نسبت ڏاڍو ڀلو ۽ سھائيندڙ آهي.
- مختلف دؤرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي: ”سنڌي ٻولي پنھنجي فطري ماحول مطابق ترقي ڪندي رهي. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جا دؤر ته سنڌي ٻولي لاءِ انتھائي ڏکيا دور هئا. وڏن شھرن ۾ جھڙوڪ ان تي پابندي هئي، ماڻهو کلئي عالم ڪونه ڳالهائي سگهندا هئا. ٺٽي جي هڪ ارڏي عالم (مريد جت) حاڪمن آڏو سنڌي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. منع ڪرڻ باوجود هو ڪونه مڙيو ته سندس زبان ڪاڪڙي مان ڪڍرائي ويئي، انهن دورن ۾ سنڌي ٻولي ننڍن ڳوٺن، واهڻن وسندين تائين محدود ٿي ويئي.“ (7)
تبصرو: هيءُ ڪتاب، آفتاب ابڙي جو لکيل آهي، تڏهن کيس پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري اڃا نه ملي هئي. ڪتاب جا پروف سندس سامهون ضرور گذريا هوندا. هڪ ته ڪتاب جي موضوع ’سنڌي ٻوليءَ جي ترقي‘ ۾ ’ءَ‘ جو استعمال درست آهي، البت، ڪتاب جي فوليو تي ’مختلف دؤرن ۾ سنڌيءَ ٻولي جي ترقي‘ ٿي ويو آهي. يقيناً، ان کي پروف جي ئي غلطي ۽ لاپرواهي چئبي.
آفتاب ابڙي جي ’ليکڪ پاران‘ لفظن تي نظر ڌري سگهجي ٿي. ان محدود جملي ۾ ’سنڌي ٻولي لاءِ انتھائي ڏکيا دور هئا‘ ۽ ’سنڌي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو‘ وارن جملي جي حصن ۾ حرف جر لڳڻ سبب جهول آهي. درست صورتخطي ٿيندي: ’سنڌِي ٻوليءَ لاءِ انتھائي ڏکيا دور هئا‘ ۽ ’سنڌِيءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو‘. اهو ان ڪارڻ ته لفظ جي جنس واضح رهي.
- کِکي هاڻيون کاريون: ”هونئن ته اڙدو ٻولي سنڌي پڙهندڙ لاءِ ڪا اوپري ته ناهي پر شايد اسان منجهان ڪافي پڙهندڙ اهڙا به هجن، جن جي پھچ ’آج‘ ميگزين تائين نه به هجي، هڪ ته ان خيال کان، ٻيو ته منھنجي ڪوشش رهي آهي ته سنڌيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ ٻاهريون ادب ۽ ڪي روشن خيال لکڻيون ترجما ٿيڻ گهرجن، جيئن اسان جي سوچ ۽ خيال جي وسعت گهڻ پاسائين هجي. ’جوٺن‘ پڙهڻ کانپوءِ تڪڙ ۾ آج پبليڪيشن جي محبوبڙي اجمل ڪمال سان رابطو ڪيم. عامر وٽان خبر پيئي ته همراهه پڙهائي سانگي ڀارت ۾ ٽڪيل آهي، اي ميل تي رابطو ٿيو ۽ ترجمي جي خواهش ظاهر ڪيم ته يار ڏاڍو خوش ٿيو. وري شيراز حسن سان رابطو ٿيو، جنھن ’جوٺن‘ جو هندي مان اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، شيراز سھڻي به خوشيءَ جو اظھار ڪيو ۽ پوءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيم.“ (8)
تبصرو: ان هنڌ عنوان ’ککي هاڻيون کاريون‘ بيشڪ لطيف سائين جي بيت جو حصو آهي، ليڪن ان کي عنوان طور ڪم آڻڻ مھل ٻوليءَ جي نزاڪت جو خيال رکڻ انتھائي ضروري آهي. هتي ’ککي‘ لفظ مان اهو واضح نه ٿو رهي ته اهو لفظ مذڪر ’کِکو‘ آهي يا مؤنث ’کِکِي‘! لفظ جي مؤنث صورت آهر ’ککيءَ هاڻيون کاريون‘ ٿيندو.
ان کان علاوه سندس لکڻيءَ ۾ ڪنھن حد تي ’ءَ‘ جو استعمال ٿيل به آهي، ليڪن فقري ۾ ٻن هنڌن تي جهولُ محسوس ٿئي ٿو. هڪ: ’پڙهائِي سانگي‘ ۽ ٻيو: ’هندِي مان اڙدوءَ ۾‘. درست صورتخطي ٿيندي: ’پڙهائيءَ سانگي‘ ۽ ’هنديءَ مان اڙدوءَ ۾‘.
- سنڌي پنجون ڪتاب (سبق تيرهون: عمر مارئي): ”جنھن زماني ۾ عمر سومرو سنڌ جو حاڪم هو، ان وقت ٿر پرڳڻي جي ڀالوا ڳوٺ ۾، پالڻي نالي هڪ مارُو ماڻهو رهندو هو. هن جي زال جو نالو ماڏوئي هو. کين هڪ ڌيءَ ڄائي، جيڪا ڏاڍي سھڻي هئي. ان جو نالو مارئي رکيائون.“ (9)
تبصرو: سبق ۾ ’پالڻي نالي‘ ۾ هڪ مونجهارو ٿيو ته اهو نالو ’پالڻو‘ يا ’پالڻِي‘
آهي؟ هڪ ڄاڻو سگهڙ کان معلوم ڪيو ويو ته مارئيءَ جي پيءُ جو نالو ٻڌايو! هن دوست ’پالڻِي‘ ٻڌايو. يعني لفظ مؤنث صورت ۾ پيو اچي. اهو مونجهارو تڏهن سامهون آيو، جو ان جي درست صورتخطيءَ تي ڌيان نه ڌريو ويو. جنھن صورت ۾ نالو ’پالڻِي‘ آهي، ان صورت ۾ درست صورتخطي بيھندي: ’پالڻيءَ نالي هڪ مارو ماڻهو رهندو هو‘. اهڙا مونجهارا تڏهن ٿا سامهون اچن، جو معياري لھجي ڏانھن ۽ سنڌي صورتخطيءَ جي درست استعمال ڏانھن لاپرواهي ڪئي ٿي وڃي.
نتيجو/ حاصل مطلب
سنڌي ٻوليءَ ۾ اسم جي حالتن آهر لفظن جي صورت مٽجي ٿي، جيئن:
- مان انبُ کاوان ٿو/ مون انبُ کاڌو.
(هتي ضمير (اسم) فاعل آهي ۽ زمان سبب پنھنجي صورت بدلائي ٿو، ان سبب ان جي حالت فاعلي سڏبي.)
- مون انبڙي کاڌي/ مون انبڙيون کاڌيون.
(هتي مفعول، جمع جي صورت ۾ تبديل ٿيو ۽ فعل کي پڻ تبديل ڪيائين، ان سبب ان جي حالت مفعولي سڏبي.)
- مان ڪنڊياري/ موري وڃان ٿو (مان ڪنڊياري/ موري ڏانھن وڃان ٿو)/ هالاڻيءَ جو شھر، ڪنڊياري سان لڳ آهي.
(هتي ’ڪنڊياري/ موري‘ لفظ اصل ۾’ڪنڊيارو/ مورو‘ آهي، حرف جر سبب ان جي صورت مٽجي ’ڪنڊياري/ موري‘ ٿيندي. ٻوليءَ نسبت، لفظ ’ڪنڊياري/ موري‘ ۾ حرف جر ’ڏانھن‘ سمايل آهي. ٻئي جملي ۾ ’ ڪنڊيارو‘ سان حرف جر ’سان‘ لڳڻ سبب، صورت مٽبي. ان جي حالت جري چئبي.)
- هيءُ ڇوڪرِيءَ جو پيءُ آهي/ هيءَ ڇوڪري جي ماءُ آهي.
(هتي ’ڇوڪرِي ۽ ڇوڪرو‘ مضاف اليھ آهن، جيڪي حرف اضافت لڳڻ سبب
’ڇوڪرِيءَ ۽ ’ڇوڪري‘ ۾ تبديل ٿيا. ان سبب انهن جي حالت اضافت رهندي.)
- مان انبَ جي ڦار کاوان ٿو/ مون انبَ جي ڦارَ کاڌي. (ساڳئي نموني ’انبَ جي ڦار‘ ۾ لفظ ’انبُ‘ سان ’ءَ‘ جو اضافو ڪرڻ گهرجي، ليڪن [اَ]/ زبر ڪم آڻڻ سبب، ان جي پوري گهرج پيش نه آئي، بلڪ صرف زبر سان ئي مناسب ڄاتو ويو.
- ڇوڪرا، هيڏانھن اچ/ ڇوڪرَ، هيڏانھن اچ/ ڇوڪرؤ، هيڏانھن اچو. (پھرئين جملي ۾ ’ڇوڪرا‘ جمع صورت نه بلڪ، سڏ/ ندا وارو [آ]/ مد لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي جملي ۾ [اَ]/ زبر مؤنث- مذڪر واري نه پر سڏ/ ندا واري لڳائي وئي آهي، ٽئين جملي ۾ ’ڇوڪرؤ‘ جمع صورت ۾ سڏ/ ندا وارو واؤ لين [اَو] پڇاڙيءَ ۾ ڪم آندو ويو آهي. ان جي حالت ندا سڏبي)
- جنھن صورت ۾ حرف جر ڪم اچي، ان صورت ۾ان کان اڳئين لفظ سان ’ءَ‘ جي استعمال تي محتاط رهڻ گهرجي، جيئن: ’ڇوڪريءَ جو پيءُ‘، ٻي صورت ۾ پھريون لفظ مذڪر سمجهيو ويندو.
- اهڙا لفظ جيڪي ’اِي‘ ۽ ’اُو‘ جي پڇاڙيءَ وارن سان حرف اضافت/ حرف جر استعمال ۾ اچن، ان حالت ۾ ’ءَ‘ جو اضافو ڪرڻ گهرجي، جيئن:’سنڌُوءَ جي پاڻيءَ جھڙو پاڪُ‘، ’ٻوليءَ جا لفظَ‘.
- جنھن صورت ۾ اسم جي حالت اضافت يا جري ٿئي ته ان صورت ۾ لفظي ترڪيب جي ٻنهي مؤنث لفظن مان، ٻئي لفظ سان ’ءَ‘ جو اضافو ڪرڻ گهرجي، جيئن: ’سنڌِي ٻولِيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي‘، ’ڀلِي مانِيءَ جو ڍؤ ڪيم‘، ڪرسيءَ تان ڪپڙو کڻ وغيره.
- سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻن قسمن جا مؤنث- مذڪر ٿين ٿا، هڪ: جنسي (ڇوڪرُ/ گهوڙو- ڇوڪرِ/ گهوڙِي)، ٻيو: غير جنسي (ڪتابُ/ ڪوڪو- سليٽَ/ تِيلِي). ان حالت ۾ مؤنث لفظ کي واضح ڪرڻ لاءِ ’ءَ‘ جو استعمال ڪرڻ گهرجي، جيئن: پالڻيءَ نالي، مارئيءَ جو پيءُ هيو. (پالڻِي ته هڪ مرد/ مذڪر هيو، ليڪن لفظ جي صورت مؤنث آهي، ان صورت ۾ ’ءَ‘ جو استعمال نھايت ضروري آهي، ٻي صورت ۾ ’پالڻو‘ سمجهيو ويندو.)
حوالا
- جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر، ’سنڌي درسي اشتقاقن جي تشريحي لغت‘: ميم جيم پبليڪيشن محرابپور 2022ع، ص 100.
- جوکيو، الطاف حسين، ’سنڌي ٻوليءَ ۾ حرف اضافت بدران ڪم ايندڙ سُر اضافت (Genitive vowel) جو اڀياس‘- ايڊيٽر: پروفيسر سليم ميمڻ- ’ڪلاچي تحقيقي جرنل‘
جلد: 18، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي 2015ع، ص: 81- 102. - الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر‘: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، 2010ع، ص: 58.
- عباسي، نجم ’ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري‘: سچائي اشاعت گهر دڙو 2011ع، ص: 7.
- جويو، تاج، ’سنڌي ٻوليءَ جو دُرست استعمال‘ (مرتب): سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد. 2009ع، ص: 10
- ساڳيو، ص: 11-12.
- آفتاب ابڙو، ’مختلف دؤرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي‘: سنڌ آرڪائيوز، اسٽريٽ 26 اي، اسڪيم 5، بلاڪ 5، ڪلفٽن ڪراچي. 2012ع، ص: 14.
- هالار لغاري (مترجم) ’کِکي هاڻيون کاريون‘ (آتم ڪٿا)، ’اوم پرڪاش والميڪي‘: سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر 2021ع، ص: 32-33.
- ’سنڌي پنجون ڪتاب‘ (سبق تيرهون: عمر مارئي): سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄام شورو 2021ع.