امداد حسينيءَ جا درسي نظم ۽ ٻارن لاءِ شاعري
(Imdad Hussaini’s Poems in the textbooks and poetry for children )

ياسر قاضي

Abstract:

Imdad Hussaini (1940-2022) was a renowned Sindhi language poet who excelled in various contemporary genres of Sindhi poetry. He was particularly known for writing poetry for children in Sindhi. During his time as a "Subject Specialist" in the Sindh Textbook Board Jamshoro (1973-2000), he had the opportunity to compile prose and poetry for textbooks from primary to higher secondary classes. In addition to gathering poetry from other poets, he also wrote his own poems and rhymes for the textbooks as required. Besides his work on the syllabus books, he continued to write for children's magazines and periodicals and also composed children's songs for radio and television.

While composing poetry for children of various grades, Imdad Hussaini kept the children's comprehension abilities in mind and wrote with consideration for the appropriate age group. This included adapting the style of expression to the meter of verse, diction, word length, and vocabulary. This demonstrates Imdad Hussaini's expertise as a skilled poet for kids, as well as his proficiency in other areas of literature.

This research paper provides a review of Imdad Hussaini's poetry, both for textbooks and for children, highlighting its distinctiveness, linguistic elegance, and relevance for children of various ages and levels, as well as its ease of comprehension for children.

Keywords: Poem, Poetry, Children literature, Sindhi textbooks, syllabus

 

امداد حسيني پيدائشي شاعر هو ۽  شاعر هوندو ئي پيدائشي آهي. فقط رياضت ۽ تپسّيا سان ڪنھن کي شعر گهڙڻ جي اٽڪلَ ته اچي سگهي ٿي پر بقول ڊاڪٽر عطا محمّد حاميءَ جي ته ”شاعري ته گھڻائي ڪندا آهن، پر انهن مان شاعر ڪو  ڪو هوندو آهي.“ امداد جا ٻيا سڀ حوالا به ڀلي ڪيڏا به مضبوط ڇو نه هجن! ۽ آهن... هُو هڪ سھڻو نثر نويس، برجستو ڪھاڻيڪار، باصلاحيت ايڊيٽر، ٻوليءَ جو ماهر، نصاب لکڻ توڙي ترتيب ڏيڻ جو ڏانءُ رکندڙ، محقق توڙي سچّو سپورنج هو، پر هُو بھرحال شاعر آهي، هڪ مڪمّل شاعر.هُو مزاجاً به شاعر هو، پاڻ کي مليل ڏات جي لحاظ کان به هڪ پَڪو پُختو شاعر هو... پنھنجي مشق سان لوچي لڌل ڏانءَ (craft) جي لحاظ کان به شاعر هو، هڪ پُورڻ شاعر.

امداد حسينيءَ تي ڏات جي ديوي مھربان رهي. هن کي ڪنھن به وقت، ڪٿي به آمد ٿيندي هئي، ته هو، بقول نصير مرزا جي: ”ميڙ ۾ به پنھنجا گوڏا ملائي، انهن تي رکيل ڊائريءَ تي جُهڪي، اُن ماڻهن جي جُهنڊَ کان بي نياز ٿي اهو سڀ ڪجهه لکي وٺندو هو، جيڪو ان وقت سندس هانءَ جي قرطاسَ تي هُري ايندو هو.“ پر امداد رڳو ان هڪ گهڙيءَ جو محتاج ڪونه هوندو هو. هن پنھنجيءَ ڏات ۽ ڏانءَ جي حسين امتزاج سان پنھنجي اهڙي تربيت ڪري ڇڏي هئي، جو ڪنھن به گهڙيءَ، ڪھڙي به ماحول ۾ (چاهي اهو ’گوشهء عافيت‘ ۾ ميسّر گهڙي هُجيس، يا هجُوم ۽ لُڙَ ۾...) مطلوبه موضوع تي گھربل طوالت جو ڪلام، گهربل صنف ۾ ايڏو جلدي چئي وٺندو هو، جو اهو گمان ٿيڻ لڳندو هو ته شايد اهو ڪلام هن جو گهڻو پھريان لکيل آهي ۽ هاڻي فقط هُو ان کي پڪو ڪري اُتاري رهيو آهي. امداد جي اها ايڏي پڪي پُختي مشقَ، ظاهر آهي ته هڪ ڏينھن جِي محنت جو نتيجو ته ناهي. امداد پاڻ جڏهن ٻالجتيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ته رومانوي غزلن سان گڏ ٻاراڻن ٻول لکڻ سان ئي پنھنجي تخليقي سفر جو آغاز ڪيائين. سحر امداد، امداد حسينيءَ جي شعري مجمُوعي ”هوا جي سامهُون“ جي مھاڳ ۾ لکي ٿي: ”هونئن ته امداد شاعريءَ جي شروعات پنھنجي ننڍپڻ ۾ ئي ڪئي هئي، قريباً يارنھن ٻارنھن سالن جي عمر ۾... هُن جي شروعاتي غزلن جي بندِي، هن جو هڪڙو اسڪول ٽيچر پڙهڻ لاءِ کڻي ويو ته پوءِ واپس نه ڪيائين. هن جي شاعري ٻارن جي رسالي ’گلستان‘ ۾ باقاعدي ڇپجڻ لڳي.“ (1)

جيتوڻيڪ اسان وٽ ريڊئي ۽ ٽيليويزن لاءِ لکندڙ شاعرن ۽ ڊراما نگار 8، 10 نالن منجهان اڪثر نالا اهڙا آهن، جن کي ميڊيا جي دنيا کان ٻاهر، مجموعي طور ادب جي دنيا ۾ اهو مقام ملي نه سگهيو. پر انهن ۾ شمشيرالحيدري، قمر شهباز ۽ امداد حسيني اهي ٽي نالا اهڙا هئا، جن پنھنجي نج تخليقي ’اڏامي‘ سان نه رڳو سُھڻا سُھڻا گيت لکيا، گيتن ڀريُون ڪھاڻيون رچيون، ڊراما لکيا، فيچر تحرير ڪيا، بلڪه هر قسم جو اسڪرپٽ لکيو. جيتوڻيڪ انهن ٽنهي ۾ شمشير صاحب جو گهڻو حصو ٽيليويزن لاءِ رهيو.

امداد حسينيءَ جي ريڊيو حيدرآباد تي ٿيل ان تربيت جو فائدو بشمول سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، انهن سمُورن ادارن کي ٿيو، جن سان بعد ۾ امداد جو تعلق رهيو. جيتوڻيڪ ريڊيي تي به امداد ٻين موضوعن جيان ٻارن لاءِ گيت به لکيا، پر انهن جو تعداد گهٽ آهي.

ريڊيي تي عذرا رياض جي آواز ۾ ريڪارڊ ٿيل ٻارن لاءِ لکيل ”مُرڪندا شلَ رهو“ جي عنوان سان هي گيت (جيڪا اصل ۾ هڪ دعا آهي) گهڻو مقبول ٿيو، جيڪو نصير مرزا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ٿيل ٻارن جي ريڊيائي نظمن جي مجموعي ”دٻلِي ٿي ڇڻڪي“ ۾ به شامل ڪيو آهي:

ــ مُرڪندا شلَ رهو ــ

مُرڪندا شـل رهو
شالَ ٽڙنـدا رهو!
آسمان تي سدا
چنڊ بڻجي کِڙو،
گلستان ۾ گُلابن جيان شل ٽڙو!
مُرڪندا شل رهو!

ٿرَ جي واريءَ مٿان،
بُوند بڻجي وَسو،
آهه دل جِي دُعا
منزلُن کـي رَسو!
مُرڪندا شل رهو!

سمنڊ جي تهَه منجهان،
موتي ماڻڪ کڻو،
۽ پھاڙن مٿان
پنھنجا جهنڊا هڻو!
مُرڪندا شل رهو.
شال ٽڙندا رهو!

آواز:     عذرا رياض
شاعر:   امداد حسيني (2)

امداد حسيني جيڪو عرصو سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهيو، تڏهن ته هن ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ ٻارن جي رسالي ”گل ڦُل“ لاءِ لکيو ئي لکيو، پر هُو جنھن جنھن دؤر ۾ ادبي بورڊ جو ملازم نه به رهيو، تڏهن به هن  ٻارن لاءِ لکڻ ۽ ”گُل ڦُلَ“ ۾ ڇپجڻ ۾ ناغو ورلي وڌو هجي! پوءِ توڙي اهو غلام رباني آگري جي ”گل ڦُل“ جي ادارت وارو ابتدائي دؤر هجي، انور هالائيءَ ۽ شوڪت حسين شوري جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ”گُل ڦُل“ هجي يا خود سندس پنھنجي ادارت ۾... اچو ته ”گل ڦُلَ“ ۾ ڇپيل امداد جي ٻارن لاءِ لکيل نظمن منجهان ڪجهه تخليقون، نموني طور ڏسون.

امداد جيئن ته ٻوليءَ جو ماهر ۽ ’لفظ ساز‘ سپُورنج به هو. هُو نوان نوان لفظ به گھڙيندو ۽ استعمال ڪندو هو. جنھن جا اڻَ ڳڻيا مثالَ موجود آهن. مان سمجهان ٿو ته امداد سنڌي ٻوليءَ جو واحد شاعر هو، جنھن مھاڳ لکڻ سان گڏوگڏ ’اَ ــ مُھاڳ‘
يا ’اُپمھاڳ‘ لکڻ جي ريت به وڌِي. ان طرح هُنَ ”گُلَ ڦُلَ“ لاءِ لولين سان گڏ ’الولِي‘ به لکي. ”اَ“ عمُومي طور تي سنڌي لفظن جا ضدَ گھڙڻ جو قاعدو آهي ۽ مخصُوص حالتن ۾ صفتن جي اڳيان اکر ”اَ“ لڳائڻ سان اُن جو ضد ٺهي پوندو آهي. جيئن ’واٽو‘ ــ اَواٽو‘
(يعني واٽَ تان ٿِڙيلُ يا ڀَٽڪيل)... ’سُونھو‘ ــ ’اَسُونھون‘...’ڄاتَل‘ ــ ’اَڄاتَل‘... وغيره...

تيئن امدادَ، ”لوليءَ“ جي ضد ’الوليءَ‘ جي اخطراع متعارف ڪرائِي، جنھن مان مرادَ، ان ٻول جي ورتِي وڃي، جيڪو لولي نه هجي! اچو ته امداد جي 1975ع ۾ لکيل هڪ ’اَ ــ لولي‘ پڙهي ڏسون:

ــ الولِي ــ

ڀِتِ تي نوڙِي
مِينھُن آيو ڊوڙي
پاريلن جِي جوڙِي
اچي ويٺي ڇت تي
داڻا رکيم ڀِتِ تي
چُڳِي ويو ڳيرو
مِينھَن ڏنو ڦيرو
ڳيرو لَٿو کٽ تي!
نانِي! تُنھنجو ڍيرو،
پيو آهي پَٽَ تي
نانِي ڊوڙِي ٻاهر،
ڍيرو کڻِي هُو،
ڳيرو اُڏاڻو
اسان وڃي کاڌو،
مکڻ جو چاڻو
نانيءَ کنيو لڪُڻُ
اڳيان آئي چِڪڻِ
ڀت تي جِھرڪِي
نانِي پئي تِرڪِي
ڀَڳاسين ڊپَ ۾
گتاسِين گپَ ۾
کٽَ تي ڳيرو،
کلِي ٿيو کيرو! (3)

هن نظم سان گڏ ان وقت جي ”گُلَ ڦُلَ“ جي ايڊيٽر انور هالائيءَ، هي نوٽ به تحرير ڪيو آهي:

”(ٻاراڻا ٻولَ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم ورثو آهن. جيڪي جدا جدا موسمن، وقتن، ڏينھن وار ۽ راند رُوند وقت ٻارن جي واتان اچانڪ نڪرندا آهن ۽ اڳتي هلي اهي ٻوليءَ جو حصّو بنجي ويندا آهن. سنڌ جي نئين فڪر جي ترجمان شاعر امداد حسينيءَ، انهن ٻولن جي روايت کي نواڻ بخشِي. هُن هيءَ ’الولِي‘ خاص ’گُل ڦُل‘ لاءِ لکي آهي ۽ واعدو ڪيو آهي ته هُو ’گُل ڦُل‘ لاءِ اهڙيُون الوليُون لکندو رهندو. اميد آهي ته ٻارَ پڻ ان کي پسند ڪندا. ــ ايڊيٽر)“ (4)

امداد وٽ ٻارن لاءِ لکڻ لاءِ انداز جي سؤلڙائي، لفظن جي سھنجائي ۽ ننڍا بحر عام ملن ٿا. هُو ننڍن ننڍن اصطلاحن ۾ معصوم عام فهم اظھار ايئن ڪري ٿو، جو ٻار ان گيت يا نظم کي پاڻيءَ وانگر پي ازبر ڪري سگهي ٿو. هڪ ٻئي نظم ”چيڪلي راند“ ۾ ٻارن جي ڏانءَ واري ٻوليءَ ۽ اظھار جي سلاست ملاحظه ڪيو:

ــ چِيڪلي راند ــ

چِيڪلي پايُون پيرَ گسايُون،
اچو ته ٻارو! راند رچايُون

موٽِي مُندَ بھار جِي آئِي،
گُلن ڦُلن ۾ ٿِي سرهائي،
ڪيُون ڀلارَي ڌڻيءَ ڀلايُون،
چِيڪلي پايُون پيرَ گسايُون

پيار جِي آهي رِيت اسان جي،
ٿيندي جڳَ ۾ جِيت اسان جي،
گيتَ خوشيءَ جا گڏجي ڳايُون
چِيڪلي پايُون پيرَ گسايُون

چنگُ وطن جِي حُبَ جو چوريُون
جان وطن تان گھوريُون گھوريُون
ديس سڄو گُلزار بڻايُون

چِيڪلي پايُون پيرَ گسايُون (4)

جيئن مٿي ذڪر ڪري آياسين ته امداد مزاجاً به هڪ شاعر هو، هڪ رومانوي شاعر، اهڙو رومانوي اظھار هُو ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ٻارن لاءِ لکيل نظم ۾ رُومال ۾ ويڙهي به هڪ ٻن سٽُن ۾ ڪري ٿو وڃي، جنھنکي شايد اهو ٻار ته نه سمجھي سگھي، جنھن لاءِ بنيادي طور اهو نظم چيل آهي، پر انهن ڪجهه سِٽُن جي ڪري اهو نظم هر عمر جي پڙهندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث بڻجي وڃي ٿو. ان جو هڪ مثال ”مون کي گھرجي“ جي عنوان سان لکيل سندس هي نظم آهي:

ــ مُون کي گُھرجي ــ

مون کي هڪڙِي لٺ ٿِي گُھرجي انڊلٺ جھڙِي
جنھن ۾ ستَ ٿا رنگَ ٿين
واڱڻائي، گُلي، نيرو
سائو، پيلو، نارنگي، ڳاڙهو
ٻارن ۾ سڀ رنگَ ورهايان
رُٺل هجن ته انهن سڀني کي،
ڀاڪُر پارائي پرچايان

مون کي هڪڙو گولو گُهرجَي
بم گولو نه مگر،
هن ڌرتيءَ جو گولو گُهرجي،
صاف هوا سان صاف فضا سان.

مون کي هڪڙو ديس به گهرجي، سنڌڙيءَ جھڙو
لوئيءَ لال لبيس به گُهرجي
اجرڪ، لُونگي، کيسُ به گُهرجي

مونکي هڪ اسڪُول به گُهرجي
هٿ ۾ قلم ڪتاب به گُهرجي
ڪتاب منجھه گلاب به گُهرجي
اکڙين ۾ هڪ خواب به گُهرجي

مون کي هڪڙي ماني گُهرجي
اُن جا چوٿا چار ڪريان
هڪڙو پکين کي کارايان
۽ ٻيو موتي ڪُتي کي
۽ ٽيون بُکئي پينُوءَ کي
باقي هڪڙو چوٿو بچندو، اُنَ چوٿي مان
هڪُ چڪُ تُنھنجو، هڪ چڪُ منھنجو
هڪُ چڪُ مُنھنجو، هڪ چڪُ تُنھنجو (5)

اهو ايئن ئي آهي، جيئن ٻارن جي هڪ ٻئي مقبول شاعرَ، مقصُود گل ”پريم پري ۽ ڪاڻو ديوُ“ جي تمثيلَ ۾ وقت جي آمرَ ۽ ’شھيد جي ڌيءُ‘ جي ڳالهه ڪئي آهي، جنھن کي پڙهندي ٻار هڪ منظوم آکاڻيءَ مان لطف اندوز ٿا ٿين ته وڏا، وقت جي هڪ ظلم ۽ ستم جي تاريخ ٿا پڙهن. يا گُل صاحب جُون ئي ”ڪانون جي سازش“، ”غدّار ڏيڏر“ ۽ ”ايمانداريءَ“ جھڙيُون ٻارن لاءِ لکيل متعدد ڪھاڻيون، جيڪي آهن ته بظاهر ٻارن لاءِ لکيل، پر انهن ۾ ڪو نه ڪو بالغ تاريخي سچّ به بيان ٿيل آهي. ان کي ابلاغ جي دنيا ۾ ”ٽارگيٽيڊ آڊيَنس“ (جنھن قاريءَ لاءِ لکجي ٿو) کي ”مَلٽِيپل“ (گھڻ رُخو/ مُتنوّع) بڻائي ڇڏڻ جو فن چئبو آهي، جنھن ۾ ليکڪ ڄاڻي واڻي مختلف عمر جي پاٺڪ سان مخاطب ٿي، پنھنجي ابلاغ کي گهڻَ رنگو ۽ وسيع بڻائي ڇڏيندو آهي. پر اها مھارت به هر ليکڪ جي وسَ جي ڳالهه ناهي. اهو امداد جھڙي شاعر جو ئي ڪمال ٿي سگھي ٿو.

نصابي ڪتابن لاءِ امداد حسينيءَ جي شاعري:

جيئن سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت ڪرڻ ڪري امداد جي بدؤلت ”مھراڻ“ ۽
”گُلَ ڦُلَ“ کي معياري ايڊيٽر مليو، تيئن سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ نوڪريءَ دؤران سنڌ جي هر ٻار کي سنئون سڌو فائدو ٿيو، ته ان جي سنڌي نصاب لاءِ جيڪي سبقَ يا نظمَ امداد پاڻ لکيا، اهي ته معياري لکيا ئي لکيا، پر هن پنھنجي لکيل نثر توڙي نظم کان علاوه به ٻين جن جن ليکڪن جو نثري مواد سبقن جي صورت ۾ چونڊيو يا ايڊٽ ڪيو ۽ نظم جي سيڪشن لاءِ جن نظمن ۽ گيتن جي چُونڊَ ڪئي، اهي به مثالي ۽ معياري هئا. پر هتي ظاهر آهي ته اسان فقط امداد جي ئي لکيل نظمن ۽ گيتن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون.

امداد وٽ ٻارن جي هڪ باشعور ۽ ذميوار شاعر وانگر اهو احساس بدرجهء اُتم موجود آهي، ته ڪھڙيءَ عمر جو ٻار ڪھڙي ٻولي سمجهندو ۽ ڪھڙي ڪلاس جي ٻار لاءِ ڪيتري بحر جو نظم موزُون آهي. اهو ئي سبب آهي جو شروع وارن ڪلاسن جي ٻارن لاءِ امداد جا نظم ’ٻاراڻن ٻولن‘ (رائمس) جي انداز ۾ ننڍن بحرن ۽ سادن سلُوڻن لفظن تي ٻَڌلَ آهن. جيئن جيئن ٻارن جي عمر وڌَي ٿي، ته وڏن ڪلاسن جي ٻارن لاءِ سندس نظمن ۾ شامل پيغام ۾ به تبديلي اچي ٿي ۽ اهڙا موضوع اچن ٿا، جيڪي ان عمر جي ٻارن جي سمجھه ۾ اچي سگھن.

هن وقت  رائج سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پاران شايع ڪيل، ٻارن جي درسي ڪتاب ”سنڌي پھرئين ڪتاب“ ۾ امداد حسينيءَ جا ڪُل 3 نظم شامل آهن. جڏهن ته ٻئي درجي جي رِيڊر (سنڌي ٻئي ڪتاب) ۾ امداد جو ڪوبه نظم شامل ناهي. سنڌي پھرئين ڪتاب ۾ شامل امداد جا نظم هي آهن:

ــ ڀلا ٻُڌاءِ ته ڇاهي؟ ــ

پرَ اٿس پر پوپٽ ناهي
اُڀَ ۾ اُڏري، پکي به ناهي
ڀلا ٻڌايو ته اهو ڇاهي؟

(هوائي جهاز)

 

خبرُون چارُون روز ٻُڌائي
مِٺڙا مِٺڙا گيتَ سُڻائي
ڀلا ٻُڌايو ته اهو ڇاهي؟

(ريڊيو)

 

کيلَ پسائي، دل وندرائي
ڄڻ ڪو گھر جو ڀاتي آهي
ڀلا ٻُڌايو ته اها ڇاهي؟

(ٽيليويزن)   (6)

ــ آوازَ ــ

ڪوئِل ڪُوڪَي، ڪُو ڪُو ڪُو
ڳيرو ڳائي، گُهو گُهو گُهو

 

ڪانءُ ڪري ٿو ڪان ڪان ڪان،
ڏيڏر ڪري ٿو، ٽان ٽان ٽان

 

جهرڪِي ٻولَي، چُون چُون چُون
پَرڙا کولَي، چُون چُون چُون

 

ريلَ ڪري ٿِي ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ
تيز ڀڄَي ٿِي، ڊُڪ ڊُڪ ڊُڪ

 

موٽر ڊوڙَي، ڦـَر ڦَـر ڦَـر
تيل اُنهيءَ ۾، ڀَـر ڀَـر ڀَـر

 

ڪُڪُڙُ ڪري ٿو، ڪڪڙُو ڪُو

صبحُ ٿيڻ جو ڏَسُ ڏي هُو (7)

ــ دُعا ــ

خُدايا! اها،
دُعا ٿو گُھران.

سَنئين واٽَ تي،
سدائين هلان.

ابَو ۽ امان،
سُکيا شلَ رکان.

اَگهو ڪينَ ٿيان،
سَگھو شلَ رهان.

وطن ساڻ مان،
مُحبّت ڪريان

پڙهان ۽ لکان

هُنر پڻ سِکان (8)

مٿين ٽنهي نظمن جي ٻولي،  لفظن جي رواني، قافيي جي هم آهنگي توڙي آوازن سان سُڃاڻپَ، امداد جي نصابي ماهر هجڻ کي ظاهر ڪري ٿي، ته هُو ٻار جي عمر جي لحاظ کان انهن جي نفسيات کي سمجھي لکڻ جو ڏانءُ رکي ٿو.

اڄڪلهه رائج سنڌي ٽئين ڪتاب ۾ امداد حسينيءَ جا هيٺيان 2 نظم شامل آهن، جن مان هڪ نعت ۽ هڪ دعا آهي:

ــ پاڻ سڳورا ﷺ (نعت) ــ

جيءَ جيارا پاڻ سڳورا ﷺ
سڀ کان پيارا پاڻ سڳورا ﷺ

دوستُ هجي يا دشمن چاهي،
سڀني لئه ٻاجهارا آهن
جن جو ڪوبه سھارو ناهي،
تن جي لاءِ سھارا آهن

جيءَ جيارا پاڻ سڳورا ﷺ
سڀ کان پيارا پاڻ سڳورا ﷺ

هِيڻَن سان همراهه سدائين
ڪمزورن جي طاقت آهن
ٻارو! ڏينھن قيامت تائين،
ساري جڳ لئه رحمت آهن

جيءَ جيارا پاڻ سڳورا ﷺ

سڀ کان پيارا پاڻ سڳورا ﷺ (9)

 ــ دُعا ــ

کڻي هٿَ دُعا ٿو گُھران اي ڌڻي!
ملَي سمجَهه ساڃاهه مون کي گھڻي!

وڏن جِي گهڻي آءٌ عزت ڪريان،
۽ پاڻان ننڍن سان محبّت ڪريان!
وطن سان سچو شلَ سدائين رهان،
شروع کان وٺي توڙ تائين رهان!

پڙهان ۽ لکان ۽ هُنر پڻ سکان،
وطن جو اڃا نانءُ اُوچو ڪريان!
خدايا! چوان جو به سچ مان چوان،
ڪڏهن ڪُوڙ سان ڪينَ ويجھو ٿيان!

کڻي هٿَ دُعا ٿو گُھران اي ڌڻي!

ملَي سمجَھه ساڃاهه مون کي گھڻي! (10)

چوٿين، پنجين، ڇھين ۽ ستين ڪلاس جي سنڌي ڪتابن ۾ امداد حسينيءَ جو ڪوبه نظم يا گيت شامل ناهي، البته ستين ڪلاس جي ”آسان سنڌي“ ڪتاب جو آخري سبق، امداد حسينيءَ جي هيءَ دُعا آهي، جنھن جي ٻوليءَ جي سلاست تي غور ڪرڻ سان اندازو ٿيندو ته امداد ڪيئن اُن ٻار جي سھُولت جو خيال ڪندي هن نظم ۾ بنهه سؤلا ۽ سنھنجا لفظ ڪتب آندا آهن، جنھن جي مادري ٻولي سنڌي ناهي. هن نه رڳو آسان ۽ مختصر لفظن جو استعمال ڪيو آهي، پر ”ڱ“، ”ڃ“ ۽ ”ڏ“ وغيره جھڙا اکر به استعمال ناهن ڪيا، جيڪي غير سنڌي ٻارن کي پڙهڻ ۾ ڏُکيا لڳن:

ــ دُعا ــ

تُون مالڪ، تُون خالق، تُون قادر ڪريم،
اَگهائِين دُعا شالَ ربِّ عظيم

سِڌِي واٽَ تي شلَ! قدم هِي هلن
نَيُن منزلن ڏانھن وڌندا رهن

لِکان ۽ پڙهان مان وڏي چاهَه سان
رَکان سِڪَّ ساڻيھَه جِي ساهَه سان

ڏِيئي جان انڌيرا ڀَڄائي ڪڍان
ٿَرِن تي ٿڌِي بُوندَ بڻجِي وسان

وڏن جو ادب ۽ ننڍن ساڻ پيار
اِها نيڪ عادتَ ڪريان اختيار

غريبن يتيمن سان اُلفت ڪريان،

وڏو ٿي وطن جي به خدمت ڪريان. (11)

اٺين ڪلاس جي سنڌي ڪتاب (سنڌي اٺين ڪتاب) ۾ ”سوڀارو ساڻيھه“ جي نالي سان امداد جو هي نظم شامل آهي:

ــ سوڀارو ساڻيهُه ــ

ڏاڏاڻو هي ڏيھُه اسان جو،
سوڀارو ساڻيھُه اسان جو.

صبحُ انهيءَ جو سهڻو سھڻو،
سُھڻو سُھڻو ۽ منَ مُھڻو،


شام انهيءَ جِي پيارِي پيارِي،
سھڻن رنگن رُوپن وارِي.

رات انهيءَ جِي چنڊَ ستارا،
نُورِي اُنَ جا سڀ نظارا،
جبلَ انهيءَ جا اُوچا آهن،
ڳاٽُ کنيو ڏس بيٺا آهن.

دريا وهندا وهندا آيا،
هيٺ جبلَ تان لهندا آيا،
چانديءَ جھڙو جن جو پاڻي،
جنھن کان ڌرتيءَ ساوڪَ ماڻِي.

مِٽي ان جِي سوني آهي،
هاري اُنَ تي هرُ ٿو ڪاهي،
سونا سونا سنگَ اُپائي،
کانڀاڻيءَ سان جهارُ اُڏائَي.

مِل ۾ ڏس! مزدُورَ اچن ٿا
پنھنجي وطن لئه پورهيو ڪن ٿا،
سمجُهه! اهو ئي درس ڏين ٿا،
محنت سان ئي رنگَ رچن ٿا.

محنتَ محنتَ محنتَ محنتَ،
محنتَ ۾ ئي آهي عظمتَ،
اچو، پڙهڻ تي ڌيان لڳايون،

پنھنجي وطن جو مانُ وڌايُون! (12)

اٺين ڪلاس جي آسان سنڌي ڪتاب جو ٽيون سبق امداد حسينيءَ جي لکيل هڪ نعت آهي. جنھنجي ٻولي پڙهي بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته ساڳئي ڪلاس جي اُن ٻار لاءِ نظم لکندي، جنھنجي مادري ٻولي سنڌي آهي، شاعر ڪھڙي قلمي روش رکي ٿو (جيئن مٿئين نظم ۾ پڙهي آياسين) ۽ ان ئي عمر جي اُن ٻارن لاءِ سندس بيان جو انداز ڪيئن آهي، جيڪو سنڌيءَ کي ڌارئي ٻوليءَ طور پيو پڙهي. اٺين ڪلاس جي ”غير مادري زبان“ پڙهندڙ شاگردن لاءِ لکيل ننڍي بحر واري سندس هيءَ نعت پڙهي ڏسو:

ــ نعت ــ

محمّدَ ﷺ جا آهن ڪرمَ ڪيترا
ستارا نه ٿيا عرشَ تي، ايترا

غريبن جو غمخوار آهي اُهو،
اَڙين جو ته آڌار آهي اُهو

”نه ڪاري کان ڳورو مٿانھون ٿيو“،
”سڀ انسان ڀائرَ ٿيا“، هُن چيو.

ملِي راهه تن کي، رُليلَ جي هُئا،
ملِي تن کي منزل، ڀُليلَ جي هُئا.

محمّد ﷺ جا ڪيڏا نه احسانَ ٿيا

غلاميءَ مان آزاد انسانَ ٿيا (13)

مٿئينءَ نعت ۾ ”متقارب مُثمن محذوف“ جھڙي مختصر بحر جي هڪ شعر ۾ ”فعولن فعولن فعولن فعل“ جي مختصر ارڪانن ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي حجة الوداع جي سمُوري خطبي جو تتُ بيان ڪري ڇڏڻ، فقط امداد جو ئي شاعراڻو هنر ٿي سگھي ٿو، جنھن اِن نعت جي ٽئين شعر ۾ اٺين ڪلاس جي لڳ ڀڳ 12، 13 سالن جي عمر جي ٻارَ کي نبي سڳوري ﷺ جي ان خطبي جي خلاصي کان آگاهه ڪري ڇڏيو، جنھنکي انساني حقن جي چارٽر جو درجو حاصل آهي.

نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ سنڌي لازميءَ جي نصاب ۾ (جيڪو سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ جي ٻن سالن مان پھرئين سال، يعني نائين ڪلاس ۾ پڙهايو وڃي ٿو) امداد حسينيءَ جو ”خوشحاليءَ“ جي عنوان سان هي نظم شامل آهي، جنھن ۾ واضح طور تي نظر اچي ٿو، ته هاڻي امداد وڏن ٻارن سان مخاطب آهي ۽ انهن کي وڌيڪ پختيون ’ميچُوئر‘ شيون سمجهائڻ چاهي ٿو:

ــ خوشحالي ــ

هر ڪو هاري ناري سُکيو، سُکيو هر مزدُور
ڪوبه نه آهي، ڪوبه نه آهي، محڪُوم ۽ مجبُور

هٿُ هٿُ ڏيندو، اَڏجي ويندو، پنھنجو دلبر ديسُ،
آڏاڻن تي اُڻجِي ويندو، سُوسِي، لُونگي، کيسُ،
ٻانھُنِ جي ٻل سان ئي ٿيندو، دکُّ دلين جو دُور،
ڪوبه نه آهي، ڪوبه نه آهي، محڪُوم ۽ مجبُور

هٿُ ڇُھَي ته ڦِرَي ٿو ڦِيٿو، ڪڏهن نه ٿيندو جام،
خوشحالي آ پنھنجو مقدّر، آزادي انعام،
واڍا، رازا، ڪورِي، ڪُنڀرَ، محنتَ ۾ مسرُور،
ڪوبه نه آهي، ڪوبه نه آهي، محڪُوم ۽ مجبُور

مِيرَ، مُهاڻا، سُچيت، سياڻا، جهاڳِي آيا سمنڊُ،
ماڻهو مُرڪيا، چمڪيو آهي، اڱڻ اڱڻ تي چنڊُ،
هر ڪو جيءُ پيو ٿو جُهومي، هر چهرو پُر نُور،

ڪوبه نه آهي، ڪوبه نه آهي، محڪُوم ۽ مجبُور  (14)

جيتوڻيڪ هي نظم اسان جي مزدور ۽ هاريءَ جي اصل معروضي حالتن جي ابتڙ لکيل آهي ۽ جيئن سرڪاري ميڊيا، رياستي ريڊئي، ٽي ويءَ جي گيتن توڙي نصاب ۾ ’سڀ ڪجهه سُٺو سُٺو‘ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ ميڊيا جي سامعين ۽ ناظرين وانگر نصاب جي پڙهندڙ ٻارن کي به سڀ ڪجهه سُٺو سُٺو ڏيکارڻ، پُراميد (آپٽيمسٽ) رکڻ جي سرڪاري ڪوشش تحت فرمائشي نظم لکرايا ويندا آهن، هي نظم به انهن ئي نظمن جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو يقيناً امداد ’نظريهء ضرورت‘ تحت ئي لکيو آهي. جڏهن ته اسان جي مزدُور ۽ هاريءَ جي اصل حالت ته اياز جي هن شُھره آفاق نظم جي هنن سٽن ۾ اوتيل آهي، ته:

جنھن وقت لُڪُن ۾ لوساٽيلَ،
انسان ڳلين مان نڪرن ٿا
جنھن وقت دُکن ۾ دُونھاٽيلَ،
مزدُورَ مِلُن مان نڪرن ٿا
مان پنھنجي تند تپايان ٿو،
۽ درد دلين مان نڪرن ٿا

”خوشحالي“ نظم کان اڳ اڌ صفحي تي شاگردن لاءِ امداد جو جيڪو تعارف ڏنل آهي، اهو هن ريت آهي:

”امداد حُسينيءَ جو پُورو نالو سيّد امداد علي شاهه آهي. سندس پيءُ جو نالو سيّد فضل محمّد شاهه آهي. امداد حسيني ٽِکڙ ضلعي حيدرآباد، هاڻوڪي ضلعي ٽنڊو محمّد خان ۾ 10 مارچ 1940ع تي ڄائو. پاڻ پرائمري تعليم ٽِکڙ جي کُٿاب ۾ ورتائين. ميٽرڪ نُور محمّد هاءِ اسڪُول حيدرآباد سنڌ، انٽر سچل سرمست ڪاليج، بي ــ اي (آنرز) ۽ ايم ــ اي سنڌ يُونيورسٽيءَ مان ڪيائين.

امداد حسينيءَ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ نوڪري ڪئي. پاڻ ڊراما نگار، ڪھاڻيڪار، مترجم، محقق ۽ نقاد آهي. ڪھاڻيون ’سانول‘ جي نالي سان لکيون اٿس. امداد حسينيءَ جا هي شعري مجمُوعا ڇپيل آهن: ’امداد آهه رول‘، ’شھر‘، ’هوا جي سامهُون‘، ’ڪرڻي جھڙو پلُ‘، ’هُوءَ‘، ’ڌُوپ ڪِرَن‘ (اردو) ان کان سواءِ مرزا قليچ بيگ جو ناول ’زينت‘ ۽ ’دود چنيسر‘ اردُوءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس. فيض احمد فيض جو ڪلام ’تُنھنجي ساگر نيڻن ۾‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو اٿس.“ (14)

هائيرَ سيڪنڊريءَ کان مٿئين سطح تي گريجوئيشن توڙي ماسٽرس ۾ ته امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو ججهو مقدار موجود آهي ئي، بلڪه سنڌي ادب ۾ ايم. اي. ڪندڙ شاگردن کي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ امداد جي شاعريءَ جو پيرائتو مطالعو ڪرڻو پوي ٿو.

امداد حسينيءَ جي نه رڳو پنھنجي قلم مان ٻارن لاءِ ادبي فنپارا ڦُٽي نڪتا، بلڪه ان سان سان گڏوگڏ هن ٻين ٻولين مان ٻارن جي ادب جا ترجما پڻ ڪيا. هن اردُو اڪيڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن، جيڪي پڻ سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ تخليق ڪيل ادب جو خزانو آهن.

امداد حسيني، شاعريءَ جي ٻين محاذن تي پنھنجي ڪامياب قلمي ڪرت وانگر ٻارن جي لاءِ به پنھنجي قلم جو ڀرپُور استعمال ڪندي، سندن مثبت ذهن سازيءَ ۾ پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪندي، معاشري جي تعمير ۾ هڪ فرض شناس معمار وانگر پنھنجو حصّو ڳنڍيو آهي. اسان جي نصاب جي ترتيب ڏيندڙ ۽ شايع ڪندڙ ادارن کي گُهرجي ته امداد حسينيءَ جا ٻارن لاءِ لکيل اڪيچار نظم، جيڪي ”گُل ڦُل“ جي ڪئين پرچن جي زينت آهن، کي پڻ نصاب ۾ شامل ڪن. اهو ضروري آهي ته مٿي ذڪر ڪيل جن جن ڪلاسن جي نصاب ۾ امداد جا نظم شامل ناهن، انهن ۾ به سندس شاعريءَ کي جاءِ ڏئي، ٻارن جي پڙهڻ لاءِ صحتمند مواد جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌي نصاب توڙي ان کي پڙهندڙ ٻارن کي امداد جي سھڻن نظمن ۽ گيتن کان ڪڏهن به محروم نه رکيو وڃي.

 

 

حوالا

  1. حُسيني، امداد، ”هوا جي سامهُون“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2000ع
  2. مرزا، نصير (مرتب) ”دَٻلِي ٿي ڇڻڪي“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2010ع
  3. 3. ربّاني، غلام (ايڊيٽر)، ”گُل ڦُل“، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو ــ سال: جُولاءِ 1975ع
  4. 4. سولنگي، غلام مصطفيٰ، ”سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جي اينٿالاجي“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2007ع ــ ص: 97
  5. 5. سولنگي، غلام مصطفيٰ، ”سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جي اينٿالاجي“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2007ع، ص: 98
  6. سنڌي پھريون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2014ع، ص: 43
  7. سنڌي پھريون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2014ع، ص: 45
  8. سنڌي پھريون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2014ع، صفحو: 49
  9. سنڌي ٽيون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2014ع، ص: 9
  10. سنڌي ٽيون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2014ع، ص: 67
  11. آسان سنڌي ڪتاب، ستين ڪلاس لاءِ، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2014ع، ص: 64
  12. سنڌي اٺون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2014ع، ص: 95 ۽ 96
  13. آسان سنڌي ڪتاب، اٺين ڪلاس لاءِ، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2014ع،
    ص: 9
  14. سنڌي لازمي، نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2022ع، ص: 184 ۽ 185
264 ڀيرا پڙهيو ويو