سنڌي، ڍاٽڪي ۽ ٻين مقامي ۽ پاڙيسري ٻولين جو تقابلي اڀياس
(Comparative Study of Sindhi, Dhatki, and other Native & Neighbouring Languages)

ڊاڪٽر ڦُـلُو ’سُندر‘ ميگھواڙ

Abstract:

Thar is the desert in the southern part of Pakistan's Sindh province. Historically, Thar provided refuge to numerous refugee communities. As a result, Thar has evolved a civilization that is multilingual, multicultural, multiethnic, and multireligious. In spite of natural droughts and starvation as well as a lack of governmental will to develop the region, Thar is a model pluralist society with all the ideal approaches for a civilised society, i.e. inclusiveness, harmony, peace, and love.

Nowadays, several languages are being spoken in Thar mainly Dhatki, Sindhi, Parkiri, Marwari, Oadiki, etc. The background of these indigenous languages is multicultural and multilingual. These languages are interrelated, with extremely deep and in-depth ties in a variety of domains, primarily geographical, cultural, social, religious, political, and economic. As a result, they shared a great deal of llinguistic contact, particularly words, through cultural and literary interaction.

Because of the colorful and rich cultural background, these languages are very rich means of phonemes and vocabulary. But, unfortunately, because of the impact and influence of neighboring, and international languages, these indigenous languages are dying rapidly. Neither, the government institute nor the developing sector show their interest in the survival of these Languages. I recommend that; the scripts of these languages should be finalized and grammar must be written and these languages must be taught from primary in their related area. Due to their colourful and diverse cultural history, these languages have a vast array of phonemes and words. However, due to the effect and influence of neighbouring, provincial, national and international languages, many indigenous languages are gradually dying. Neither the government institute nor the civil society is concerned to preserve and revitalise these vanishing languages. I recommend that the scripts of these languages be finished, that their grammar be written, and that they be taught in primary school in the respective regions.

In this research paper, a comparative study of the past, present, and future of the native languages ​​of Thar has been done geographically, culturally, and linguistically.

Keywords: Indigenous languages, dying languages, comparative language, Dhatki, language promotion

ٻولين جا لاڳاپا ۽ لاڳاپن جا سبب:

ٻولي، انسان ذات جي تهذيب ۽ تمدن جو سڀ کان اعليٰ خزانو آهي. دنيا ۾ ڪا به اهڙي قوم نه آهي، جيڪا ٻين قومن جي تهذيب ۽ تمدن کان متاثر نه ٿي هجي، اهڙي طرح دنيا ۾ ڪا به اهڙي ٻوليءَ نه آهي جيڪا پنھنجي پاڙي وارين ٻولين کان اثرانداز نه ٿي هجي، ان کان ڪجهه ورتو نه هجيس، يا ان تي پنھنجي لساني ورثي جا اثر نه ڇڏيا هجنس، ان کي ڪجهه ڏنو نه هجيس.

دنيا جي مختلف قومن  ۽ انهن جي تهذيبن جي هڪ ٻئي تي اثرن جا ڪيترائي سبب ۽ ڪارڻ آهن؛ اهڙيءَ طرح ٻولين جي لغوي خزاني جي هڪ ٻئي کي ڏي وٺ جا ڪيترائي سبب آهن. انهن سببن مان هڪ سبب آهي ڪنھن ملڪ کي فتح ڪري ان تي پنھنجي تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ يا مفتوح قوم مٿان پنھنجي تهذيب، تمدن ۽ ٻولي مڙهڻ، انهي سبب جي ڪري فاتح قوم جي ٻولي، تهذيب، تمدن ۽ رسم و رواج جو اثر مفتوح قوم ۽ ان جي تهذيب، تمدن، رسم و رواج ۽ ٻوليءَ تي ضرور ٿيندو آهي.

ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر جو ٻيو ڪارڻ قومن ۽ آبادين جو باهمي ميل جول آهي، جڏهن  ڪي به ٻه ٻوليون هڪ اهڙي ملڪ ۾ ڳالهايون وينديون آهن، جو (ملڪ) سياسي طور هڪ نظام هيٺ هوندو آهي، تڏهن اهي ٻئي ٻوليون هڪ ٻئي تي اثر ڪنديون آهن ۽ هڪ ٻئي کان ڪجهه وٺنديون ۽ ڪجهه ڏينديون آهن.

ٻولين جي هڪ ٻئي تي اثر جو ٽيون ڪارڻ پاڙيسري هجڻ آهي، ۽ پاڙي وارن ملڪن جي ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ لھ وچڙ ان جو هڪ خاص سبب آهي، جڏهن ڪي ماڻهو،  گهڻي تعداد ۾ هڪ ملڪ کان لڏي ڀر واري ملڪ ۾ وڃي رهندا آهن، تڏهن نئين ملڪ ۾ رهي، لڏي ايندڙ طرفان ان ملڪ جي اصلي رهاڪن ميل جول قائم رکڻ سان، ٻنهي گروهن جون ٻوليون هڪ ٻئي سان ٽڪر کائينديون آهن، ۽ هڪ ٻئي کي لفظن ۽ لغوي خزاني جو ذخيرو ڏينديون ۽ وٺنديون آهن.

اهڙي ريت ٻولين جي هڪ ٻئي تي اثرن جا جيڪي ڪارڻ ۽ سبب، ماهرن مقرر ڪيا آهن، انهن مان ڪي هي آهن.

  1. تجارتي ۽ واپاري لاڳاپا
  2. باهمي شاديون ۽ ٻيا سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپا ۽ ميل جول
  3. ساڳيو مذهب، مذهبي تبليغ ۽ ميل جول
  4. لڏپلاڻ

مٿي بيان ڪيل سببن ۽ ڪارڻن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سنڌ جي ڀر وارن ملڪن ۾ پکڙجڻ ۽ اتي جي ٻوليءَ تي پنھنجا صوتي، صوتياتي، صرفي نحوي، معنوي ۽ لغوي اثر قبول ڪرڻ هڪ لازمي امر آهي. سنڌي ٻوليءَ طرفان سرحد پار، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، راجسٿان ۾ پنھنجا لساني اثر ڇڏڻ ۽ سنڌ اندر اُتي جي ٻولين کي مُتاثر ڪيو، اهڙيءَ طرح سنڌيءَ جو بلوچستان جي سبي، ڪاڇي، قلات، مڪران ۽ لسٻيلي واري ايراضيءَ ۾ اثرانداز ٿيڻ ۽ اتي جي مقامي ٻوليءَ جا اثر قبول ڪرڻ هڪ زنده ٻوليءَ جي صحتمند نشاني آهي. ساڳي ريت سرائڪي ٻوليءَ جي خطي ۾ بھاولپور، ملتان، کيتران، ديره جات، بکر، مظفر ڳڙهه، ليه ۽ ميوانوالي تائين پنھنجا اثر قائم ڪرڻ ۽ سرائڪي جي لب و لھجي، صوتيات، صرف و نحو، معنوي ۽ لغوي خزاني کان اثرانداز ٿيڻ لاءِ جيڪي ڪارڻ ۽ سبب ٿي سگهن ٿا، اهي مٿي بيان ڪيل ڪسوٽيءَ سان ئي پرکي سگهجن ٿا.

سنڌي لسانيات جو اهو باب فقط انهن حدن تائين محدود رکي نٿو سگهجي، پر انهيءَ سلسلي ۾ فارسي ۽ سنڌي طرفان هڪ ٻئي تي اثر پوڻ ۽ عربي ۽ سنڌيءَ جو هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيڻ، اهم آهي.

مٿي بيان ڪيل ٻولين، ماڳن ۽ ملڪن سان سنڌ جا تهذيبي ۽ تمدني رشتا ۽ سنڌي ٻوليءَ جا لساني رابطا، ڪنھن هڪ سال، ڪنھن هڪ عرصي يا هڪ دور ۾ نه ٿيا آهن، پر هر تهذيب ۽ تمدن هر ٻوليءَ جا رابطا ۽ رشتا، ڌار ڌار زمانن ۾، ڌار ڌار عرصن ۾، ڌار ڌار دورن ۾ قائم ٿيا، وڌيا ۽ ويجهيا آهن.(1)

ٿري محاوري جو مختصر جائزو ۽ ڍاٽڪي ٻولي

رائيچند هريجن صاحب، تاريخ ريگستان ۾ لکي ٿو ته؛ ”ٿري مسلمان، سنڌي ڳالهائيندا آهن، پر ٻهراڙيءَ ۾ نج سنڌي ڪانهي، ڪي ڪي لفظ مزيدار (يعني ڦريل) آهن... مسلمانن جي گيتن (ڳيچن) ۾ سنڌي ٻولي ڪم آندل آهي ۽ ڳائڻ جو نمونو اهڙو آهي، جو هرڪو سولائيءَ سان سمجهي سگهندو.“(2)

سنڌي

ٿَرِي

ڍاٽڪي

اِهو/ اِهي

اِي

اَئه

کان

ڪَنان

سين/ ڪَنان

اوهين

اَئين

اَڀين

منھنجو

مھجو

مانهانجو

ڀلي

ڀلين

ڀلين

هو

اوءَ

او

هجن

هُوَن

هوئين

نهارين

نهارئين

جوئين

ڇا/ ڇو

ڪوهه

ڪي

بيھارين

بيھارئين

ڀيچارين

پنھنجو

پِنڊ جو/ پِنڊ رو

آپرو

ڏين

ڏئين

ڏئين

ڇا جي لاءِ

ڪوهه لاءِ

ڪيِن سارون

پٽ

پُتر

ڏڪرو

هائو

هوئه

هُئه

کيٽ

کيتر

کيت/ کيتر

منڊي

مندري

بينٽي

جنھن

جنھن

جئه / جِڪئه

پيءُ

پيئو

ٻا

تنھن

تھن

تَئه

کائڻ

کانوڻ

کائُونڻ

”ٿر ۾ سنڌي ٻولي سنڌي مسلمان ۽ هندو جاتيون جھڙوڪ لهاڻا وغيره ڳالهائيندا آهن، جن جو  واسطو، ٿر جون ٻيون ٻوليون ۽ محاورا ڳالهائيندڙ ماڻهن ۽ قومن سان پوندو رهي ٿو، مثال طور مارواڙي، ڀيل، ميگهواڙ، ڪولهي وغيره  جيڪي ڪڇ-ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ راجسٿان جي علائقن مان ٿر ۾ لڏي آيا آهن، جنھن ڪري ٿر جي سنڌي محاورن تي وقتن وقتن مختلف اثرات مرتب ٿيندا رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي ته سنڌيءَ جي معياري محاوري کان ٿر محاوري جي وياڪرڻ جون ڪجهه صورتون تبديل ٿيل ملن ٿيون، اهڙين ڪجهه نرالين صورتن جو وچور پيش ڪجي ٿو:

  1. اسم خاص: ”يو“ پڇاڙي گڏي نالن جا اچار ڪن ٿا؛ مثال طور: پورو مان پُورِيو، ڏيپو مان ڏِيپِيو، مسلمانن جي نالن پٺيان به ”يو“ ملائين ٿا، ”سومار“
    بدران ”سُومارِيو“. هي ڍاٽڪي محاوري جو اثر آهي. ڇاڪاڻ ته سموري ٿر ۾ نه صرف سنڌي پر ٿَري ڳالهائي ويندي آهي، ٿر جا ڪراڙ پنھنجن نالن پٺيان اڪثر ”شاهه“ لفظ گڏيندا آهن، جھڙوڪ، ڪيول شاهه، جڳُو شاهه اهو نمونو گجرات جي ڪراڙن کان ورتو اٿن.
  2. ضمير: ٿر جا هندو ”مون“ بدران ”مين“ چون، مثال طور ”مين وٽ“ معنيٰ مون وٽ،
    ”مين سان گڏ“ يعني مون سان گڏ، تنھنجو بدران” تين جو“ ۽ ”پنھنجو“
    بدران ”پانجو“ چون ٿا، هي مثال ڏيکارين ٿا ته ٿر جي ٻوليءَ جي ڪجهه ڇايا پيل آهي.

”اپاڻ کي کُسي ڪرڻي، آئون راجي ٿيوڻ لائق آهي“ يعني پاڻ کي (اسان کي) خوشي ڪرڻ ۽ راضي ٿيڻ جڳائي. اهڙي طرح ”پاڻ“ بدران ”اپاڻ“ لفظ ڪم آڻين ٿا، جو نج پراڪرت آهي، ٻين هنڌ اڳاڙيءَ وارو ”آ“ جو اُچار ڪڍي ڇڏيو اٿن، پر ٿريلي اهو اڄ تائين قائم رکيو بيٺي آهي.

  1. صفت: چڱو بدران عام طرح چون ”ڀلو“. مثال طور ”مور ڀلو ليئو“ بنهه چڱو يا اڇو وڳو”ليئو“ معنيٰ وڳو يا پوشاڪ ”گهڻو“ بدران عام طور چون”گهڻ“، مثال طور گهڻ ڏينھن نه ٿيا، يعني اڃا ٿورائي ڏينھن ٿيا (گهڻا نه). کائڻ مان ڪردنت اسم حاليه ”کائيندو“، پر ٿر جا هندو چون”کائندو“، ساڳي طرح چاهڻ مان”چاهيندو“، پر ٿري چون ”چاوندو“.
  2. فعل: ٿر ۾ ”وهڻ“ لفظ عام طور هلڻ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي، ”ورانڊ تائين هتي ٿيو هو، پوءِ وهيو ڏيپلي“ يعنيٰ ٽپھري هت هو، پوءِ ڏيپلي هليو ويو. ورانڊ معنيٰ ٽپھري ۽ ”وهيو“ معنيٰ هليو، هو بدران ”ٿيو هو“ چوندا آهن، ”ٿيڻ“
    بدران ”ٿيوڻ“ چون، مثال طور، ايئن نه ٿيوڻ گهرجي.

”اگهڻ“ معنيٰ قبول پوڻ، تنھن مان ”اگهيو“ پر ” اگهاڻو“ به چئبو آهي، ساڳئي ريت وڪڻڻ مان وڪيو ۽ وڪاڻو، ٿري ۾ اها ”آڻو“ پڇاڙي هن ريت ڪم آڻين ٿا.

هي نئون ڳوٺ اَڏاڻو آهي- يعني اڏيوويو آهي.

هي ڳوٺ نئون ٻڌاڻو آهي- يعني ٻڌوويو آهي.

اسلام ڪوٽ ڦُراڻو آهي- يعني ڦريو ويو آهي.

  1. ظرف: ٿر جا هندو ” ڇو“ بدران چون”ڪيون“.
  2. حرف جر: ”هن مجماني ڪي، هن کان، جو هو سڪرارو ٿيو هو.“ يعني هن مزماني ڪئي، هن لاءِ ته هو چڱو ڀلو ٿيو هو. ”کان“ حرف جر کي ”لاءِ“ جي معنيٰ ۾ ڪم آڻين ٿا، ”پر“ بدران ”پڻ“چوندا آهن، ”پڻ“ لفظ کي ڦيرائي پڻ چوندا آهن.
  3. اسم جا جمح ٺاهڻ: جمح ٺاهڻ لاءِ جن سنڌي معياري اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ ”ن“ آواز آهي، ان کي بدلائي”اين“ ڪري ڇڏيندا آهن، مثال طور”ڀٽن“
    کي ”ڀٽين“ چون.

جملو: ”ڀٽن ۾ هلڻ مشڪل آهي.“ بدران چون، ”ڀٽين ۾ هلڻ مشڪل آهي.“ٰ

”گهرن“ بدران”گهرين“ چون.

جملو: ”گهرن ۾ ڪو ماڻهو ڪو نه هو.“  بدران چون ”گهرين ۾ ماڙهو ڪو نه هو.“

”ڳئن“ بدران ”ڳوئين“ چون، هت نه صرف ”ن“ وينجن کي”اين“ سر ۾ مٽائين ٿا، پر ”ڳ“ آواز بعد ”ا“ ڇوٽي سر کي”او“ ڊگهي سر ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو.

”ڍڳن“ بدران”ڍڳين“ چون، “ڍڳن جو واپار چڱو آهي.“ بدران چون ”ڍڳين جو واپار چڱو آهي.“

  1. زور ڀرائيندڙ حرف: ٿر جا ماڻهو خاص طور هندو، لفظن جي پويان ”ج“ جوڙي انهيءَ تي زور ڏيندا آهن، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ”ئي+ج“ ملائين، جيئن،
    ”هيڪوئيج“ معنيٰ هڪڙو ئي.

ڀيرو مل جي خيال موجب هي گجراتيءَ جو اثر آهي، ڇاڪاڻ ته گجراتي ۾ ”ايڪ“ معنيٰ هڪ ۽ ”ايڪج“ معنيٰ هڪڙو ئي يا رڳو هڪ.

سنڌي ٻوليءَ جي ٿري محاوري جي لفظن جي سنڌيءَ جي معياري محاوري جي لفظّن سان ڀيٽ ڪجي ته ڪي آواز مٽيل معلوم ٿيندا، ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

معياري محاورو- ٿري محاورو

ٿڌ                  

ٺڍ               

ٿ جي بجاءِ ٺ ڪم آندي وئي۽ ڌ جي بجاءِ ڍ ڪم آندي وئي.

ٽڪاڻو            

ٺڪاڻو          

ٽ جي بجاءِ ٺ ڪم آندي وئي.

اِتي                

اِٿ              

ت جي بجاءِ ٿ ڪم آندي وئي.

کنڊ               

کنڏ               

ڊ جي بجاءِ ڏ ڪم آندو ويو آهي.

ڦاسِي             

ڦاهي             

س جي بجاءِ هه ڪم آندي وئي آهي.

ساهه              

ساس             

هه جي بجاءِ س ڪم آندو ويو آهي.

ماڻهو           

ماڙهو              

ڻ جي جاءِ تي ڙ ڪم آندو ويو آهي.

منڊي            

مندري             

ڊ جي بجاءِ در ڪم آندو ويو آهي.

ڏڍ               

ڏدر               

ڍ جي بجاءِ در ڪم آندو ويو آهي.

کيٽ           

کيتر               

ٽ جي بجاءِ تر ڪم آندو ويو آهي.

 سنڌي ٻوليءَ جي ٿري محاوري جو اثر ڀر وارن علائقن تي به پيو آهي، ٿر جا ماڻهو ڏڪار جي وقت اڪثر ڪري لاڙ ڏانھن رخ رکندا آهن، لاڙ ۾ بئراج واري ايراضيءَ ۾تيستائين رهندا آهن، جيستائين ٿر ۾ وسڪارو ٿئي، ان عرصي دوران ٿر جا لوڪ گيت ۽ ڪلام پيا ڳائيندا ۽ پاڻ کي پيا وندرائيندا، لاڙ ۾ اهڙا ڪيترائي لوڪ گيت ٿري محاوري مان بدلجي لاڙي محاوري جو روپ اختيار ڪري ويا، مٿي پيش ڪيل ٿري محاوري جي جائزي کي جيڪڏهن ڍاٽڪي ٻوليءَ جي گرامر ۽ لغتي ذخيري (جيڪو اڳتي بيان ڪيل آهي) سان ڀيٽينداسين ته ڍاٽڪي ٻولي ۽ ٿري محاورو (سنڌيءَ جو) ٻه الڳ شيون نظر اينديون.

ڍاٽڪي ٻولي ۽ لاڙي محاورو:

سنڌي ٻوليءَ جي محاورن مان سڀ کان وڌيڪ لاڙي محاوري جي ڍاٽڪي ٻوليءَ سان ويجهڙائپ آهي، ڇاڪاڻ ته ڍاٽين يا ٿرين جي زندگي، مزاج، ثقافت تاريخ، موسم لاڙ سان گهڻي هڪجھڙائي رکن ٿا، تنھن جو سبب جاگرافيائي حدون هڪ ٻئي سان دنگئي هجڻ، سياسي تاريخ (حڪومتون) ساڳيو هجڻ ۽ هي ٻئي علائقا قديم دور کان واپار جا مرڪز رهيا آهن ۽  انهن علائقن جي ماڻهن جو هڪٻئي سان ميل جول گهڻو رهيو آهي.

درواڙي ٻولين ۾ وسرگ(Asporate)  يعني هو جي اچار وارا اکر ڪينھن، پر آرين جي سنسڪرت توڙي پارسين جي زندا ويستا ۾ آهن، آرين جي سنگ ۾ دراوڙ لوڪ سنسڪرت سکيا، پر پورا اچار ڪرڻ نه ايندا هُئن، جنھن ڪري وسرگ اکر مان بنيادي اکر ڪڍي باقي هه جو اچار بچائيندا هئا، اهو رواج پراڪرت ۾ اهڙو زور ٿيو جو پراڪرت ڳالهائيندڙن اهڙن اکرن کي ڄڻ ته مرڪب اکر ڪري ٿي لکيو. اهو اثر لاڙ ۾ نظر اچي ٿو.

”مونهائي اڳي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي“.

مونهائي، ۾ بنيادي اکر (ڪ) ڪڍي صرف  ’هه‘ اچاريو ويو آهي، جڏهن ته هي لفظ مونکائي يعني’مون کان ئي‘ کان ۾ ڪ+ هه= ک، جي ’ڪ‘ کي ڇڏي صرف ’هه‘
اچاريو ويو آهي.

پر ڍاٽڪيءَ تي انهيءَ جو اثر نه ٿو نظر اچي باقي، انهي وسرگ جو استعمال جيڪو داردڪ ٻولين ۾ هو سو سڀاويڪ نظر اچي، جڏهن ته لاڙي ٻوليءَ ۾ اڃا به مضبوط آهي.

سنڌي                                          ڍاٽڪي

ڍڳي (گ+هه)                                  ڍگي

ڳوٺ (گ+هه)                                   گوٺ (ڍاٽڪيءَ ۾ ڳوٺ کي گان چون).

ڳانءَ (گ+هه)                                  گا

سنڱ (گ+هه)                                 سينگ وغيره

لاڙيءَ ۾ ’گهه‘ بدران ’گ‘ اچارين، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’گهه‘ ئي اچارين.
جيئن؛ گهوڙو.

لاڙيءَ ۾’ڍ‘بدران’ڊ‘ اچارين، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’ڊ‘ ۽ ’ڍ‘ جا اچارا هڪٻئي ۾ ڦِرندا رهندا آهن، جھڙوڪ؛ ڊيل کي ڍيل اُچارين وغيره

لاڙيءَ ۾’جهه‘ بدران ’ج‘ اچارين،  جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾’جهه‘ ئي اچارين جيئن؛ جهڻ وغيره

لاڙيءَ ۾ ’ڙهه‘ بدران ’ر‘ اچارين، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾’ڙهه‘ ئي اچارين جيئن؛ ماڙهو، ڪاڙهو وغيره

لاڙيءَ ۾ ’ڌ‘ بدران ’د‘ اچارين، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’ڌ‘ ئي اچارين جيئن؛ ڌڻ، ڌونپ، ڌورو(دڙو) وغيره.

لاڙيءَ ۾’ڀ‘ بدران ’ب‘ اچارين، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾’ڀ‘ ئي اچارين. جيئن؛ ڀونگا (جهونپڙو)، ڀتر(ڀتر جون ٻه معنائون آهن، ا. اندر، 2. بانٺو

لاڙي ’ڻھ‘ کي ’ڙ‘ اچارين، جڏهن ته اهو آواز ڍاٽڪيءَ ۾ مون کي نظر ناهي آيو.

جڏهن ته ’ڙهه‘ آواز ڍاٽڪيءَ ۾ اچارجي ٿو، مثال لاءِ هيٺ مختصر جملو ڏجي ٿو، ”جتو ڪاهاسو اُتو باڏ چڙهسئه، اَئه رَهئه ڪونهين.“

ترجمو: ’جيترو چوندوء، تيترو ضد چڙهندو(ڪندو)، اِهو رهندو ڪو نه.‘
(رهئه= رهندو).

سنڌيءَ ۾’رهندو‘ ۾ ’رهه‘ وسرگ ناهي بلڪ ’ر‘ ۽ ’هه‘ ٻه الڳ  الڳ اچار رکندڙ حرف صحيح آهن، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’رهئه‘ ۾’رهه‘ هڪ وسرگ آهي، جنھن تحت ’ر+هه= ’رهه‘ هڪ ئي آواز يا اکر آهي.

لاڙيءَ ۾ ’وهه‘ بدران ’و‘ اچارجي، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’و‘ جي جڳهه تي ’ب‘ استعمال ٿئي ۽ ڪٿي ڪٿي، ’ب‘ ۽ ’هه‘ جو وسرگ ٺهي وڃي ٿو. جيئن؛ ’پاڻي بَهه پيو.‘ يعني پاڻي وهي پيو، ڪٿي وري ب+هه= ڀ ٿي پوي، جيئن؛ اڀين اينڻ ڪيڻ تا جائو؟ يعني اوهين هيڏانھن ڪيڏانھن ٿا وڃو؟

هتي ڍاٽڪيءَ ۾ ٻڌايل اضافي حرف (ڍاٽڪيءَ جي پنھنجي حرف) ر جو وسرگ آهي، ر، جيڪو ڻ، ڙ جي وچ وارو آواز ٿئي ٿو، جنھن جي جڳهه تي ’ل‘، ’ر‘ ۽’ڙ‘ به لکيا وڃن ٿا، رهه- مرهي(صفا)، ڪرهه ڪرهه= گوڙ، جھڙو. ڪرهه هئي ڪانه،

’لهه‘ لاڙيءَ ۾ ڪونهي، صرف’ل‘ اچارجي، جڏهن ته ڍاٽڪي ۾ ’ل‘ آهي، لاڙ جا هندو ’دال‘بدران عام طرح ’ڏار‘ چون، جڏهن ته ڍاٽڪي ۾ ڏار چون.

 مٿي وسرگ جو اصول جيئن لاڙ ۾ آهي، يعني هر وسرگ لفظ کي اوسرگ ڪري ڇڏين، اهو اصول ڪجهه قدر ڍٽ جي واڻين ۾ آهي، جيئن اُهي گهوڙو کي گهورو چون ۽ اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال ملن ٿا، باقي ٻيا سڀ ڍاٽي صحيح اچارين ٿا.

اتراديءَ ۾ ٽ، ڊ ۽ ڍ اکرن ۾ ’ر‘ جو اچار آهي، پر لاڙ جا  ماڻهو اهو ڪو نه ڪن، جڏهن ڍاٽڪيءَ ۾ صرف ’ٽ‘ سان آهي، پر سڌو سنئون نه، ’ٽ‘ کي ’ت‘ ۾ بدلائي پوءِ
’ر‘ ڳنڍيندا آهن.

 مثال طور: سُٽ= سُتر، مُٽ= متر، ٽي= ترن (ڍاٽڪيءَ ۾ ڳڻپ تحت)

”سنڌي ۾ سڀ ڪنھن لفظ جي پڇاڙي ۾ ڪا نه ڪا اعراب آهي، جنھن جو اُچار چٽو ڪن ٿا ۽ شڪارپوري اُهو سُر سان اچارين ٿا، وچولي طرف ان جو اُچار اهڙو اڻ لکي طرح ڪندا آهن، جو ڌاريو ماڻهو سندن ڳالهائڻ مان جيڪر سمجهي ڪين سگهي، ته هر هڪ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا اعراب آهي، لاڙ جا ماڻهو، خاص ڪري هندو، اُهو اچار اڪثر ڪو نه ڪن.“(3)

اِهو ڍاٽڪيءَ ۾ تمام گهڻو مختلف آهي ۽ انهي اصول جي بنياد تي ڍاٽڪي جي پنھنجي  انفراديت آهي. مثال ڍاٽڪيءَ ۾ لفظ استعمال ٿيندو آهي، ’گڏهه‘؛ انهي لفظ جي آخري حرف تي ڪا به اعراب ناهي، جنھن سبب اها ڪا به خبر نٿي پوي ته اهو، مُذڪر آهي يا مونث، يا ڪو واحد آهي يا جمع (سنڌي جي حساب سان)جڏهن ته ڍاٽڪي ۾ مُذڪر مونث ۽ واحد جمع جا اصول ئي پنھنجا آهن، اسم جملي ۾ حالت تحت تبديل ٿيندا آهن.

مثال طور:ائه گڏهه ڪيري اَهَئه؟ (اها گڏهِه ڪنھنجي آهي؟)

ائه گڏهه ڪيرو اهئه. (اهو گڏهُه ڪنھن جو آهي.)

ائه گڏهين ڪيرين اَهين؟ (اهي گڏهيون ڪنھن جون آهن؟)

ائه گڏهه ڪيرا اَهين. (اهي گڏهَه ڪنھن جا آهن.)

گڏهيان تي مٽي کڻي آ. (گڏهين تي مٽي کڻي اچ.)

گڏهان تي مٽي کڻي آ. (گڏهن تي مٽيءَ کڻي اچ.) وغيره.

سنڌيءَ ۾ جيڪي مذڪر مان مونث يا مونث مان مذڪر ۽ واحد جمع لفظ جي آخري اکر تي اعراب مٽائڻ سان ڪبا آهن، تن لاءِ ڍاٽڪيءَ ۾ پنھنجا اصول آهن، ڇو ته ڍاٽڪيءَ جي لفظن جي آخر ۾ اعراب نه هوندي آهي. اسم جون واحد جمع يا مذڪر مونث صورتون ۽ حالتون، جملي جي جوڙجڪ ۽ فعل جي زمان موجب ڦيري ۽ جملي جي فاعل موجب سڃاڻپ ۾ اينديون آهن.

ڍاٽڪيءَ ۾ لفظ سسائڻ جي به عادت آهي.

مثال طور؛ ڳانءُ-گا،  ڳاءُ-گا، ماءُ-ما،  بابا/ابا-ٻا وغيره

 لاڙ جي ماڻهن وانگر ڍاٽين ۾ فعلن جي آخري اکر سان ’اِ‘ يا ’اِي‘ جو استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ته سنڌيءَ جي معياري لھجي ۾ پيش اُچارجي ٿي. لاڙ وانگر چٽي زير اچارجي، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ هلڪي آواز سان اُچارجي ٿي.

     مثال طور؛ 

             سنڌي                لاڙي                          ڍاٽڪي

   ويھهُ                       ويھِه                            ٻيسِ

   وَٺُ                        ڳنههِ                             لِي

   ڏسُ                        ڏسِ                             جوءِ

  (ٻيس ۽ جوء جي آخري حرفن ’س‘ ۽ ’ء‘ تي هلڪي زير اچارڻ ۾ ايندي آهي)

ڍاٽڪي ٻولي ۽ ڪڇي محارو:

قديم دور کان ڍاٽڪي ٻولي ۽ ڪڇي ٻولي ٻولي/ محاوري جو هڪ ٻئي سان ويجهو تعلق رهيو آهي، تنھن جا سبب هڪ ته جاگرافيائي آهن، ٻيا سياسي آهن ۽ ٽيان مذهبي. انهن ٽنهي سببن ڪري هڪجھڙائي پيدا ٿيڻ لازمي امر آهي. ڍاٽڪي ۽ ڪڇي ٻنهي ٻولين هندي ۽ سنسڪرت جا ڪيترائي لفظ گجراتي جي ذريعي پنھنجائبا آهن، نه صرف انهن جو گجراتي طرف پنھنجائپ وارو رويو رهيو بلڪ انهن ٻنهي ٻولين پڻ هڪ ٻئي تي اثر ڇڏيا.

    ”ڪڇ(انڊيا) جو علائقو گڏيل هندوستان ۾ سنڌ کي ثقافتي ۽ لساني لحاظ کان قريب هو، 1947ع کان اڳ سنڌ جي اوڀر ڏکڻ ۾ پکڙيل هن علائقي جو لاڙ سان خاص ڳانڍاپو نه رهيو آهي، پر ماضيءَ ۾ ڪڇ وارن جي سنڌ ڏي اچ وڃ تمام گهڻي رهي آهي، کانٽي ۽ نوڪريءَ لاءِ سوين ڪڇي سنڌ ڏي ايندا رهيا آهن، ٻنهي خطن جي ماڻهن خاص طور پيرن، سومرن، سمن، اڍيجن ۽ ڪنڀرن وغيره جون پاڻ ۾ صدين کان مٽيون مائٽيون ٿينديون رهيون، اڄ به سومرن جا پاڙا، ڪڇي سومرا ۽ سنڌي سومرا ٻه پٽ سڏجن ٿا.“(4)

     عبدالحفيظ قريشي محمد سومار شيخ جي ڪتاب ’ڪڇ جو رڻ‘ جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته، ”ڪڇ سنسڪرت لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ ڪنڌي يا ڪنارو آهي، ڪڇ اُپٻيٽ آهي ۽ ٽن پاسن کان سمنڊ اٿس ۽ اتان جي ٻوليءَ کي ڪڇي سڏيو ويندو آهي، ڪڇ 7هين صدي عيسوي ڌاري سنڌ جي هٿ هيٺ رهيو آهي، سنڌ جي حڪومت ڪري ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ڏي ٿيو.

   ڪڇ وارن جي پنھنجي خيال يا ڪن هم خيال ماڻهن جي سوچ موجب ڪڇي اڄ هڪ جدا زبان ليکجي ٿي، پر بنيادي سٽاءُ کي ڏسجي ته اها سنڌي جو اهم محاورو رهيا آهن، جتي ٻيڙن جي لنگر ٿيندي هئي ۽ واپار جا مرڪز هئا، اهڙي طرف ڪڇ ۽ لاڙ جا واسطا گهڻي وقت کان گهرا رهيا، نه صرف ايترو پر ٿر به ڪڇ جي حد تائين دنگئي آهي، ته وري سامونڊي پٽي پڻ انهن ٻنهي علائَقن کي ڌار ڪري ٿي، جتي پڻ بندرگاهه موجود هئا ۽ اهڙي طرح معاشي ناتن جي بنياد تي اهي هڪٻئي کي ويجها رهيا. ڪڇ، سنڌ ۽ گجرات جو قدرتي زميني ڳانڍاپو رهيو آهي. انهي ڪري ثقافتي نقطئه نظر سان ڪڇ ۾ سنڌ ۽ گجرات جا گڏيل ڳڻ صاف نظر ايندا. ڪڇ جي ٻولي/ محاوري تي سنڌي ۽ گجراتي جو اثر چٽو نظر ايندو. هونئن به نسلي طرح سان گجرات ۽ ڪڇ کي آباد ڪندڙ آڳاٽا مالوند سنڌي لوڪ ئي هئا، جي قديم زماني کان وٺي پاڻي ۽ جالاري جوءِ جي ڳولا ۾ هنن ڏورانھن ماڳن تان ڀيرا پيا ڀريندا هئا.

   ڪڇ جو رڻ، قديم زماني ۾ اڀرندي ناري وسيلي آباد ٿيندو هو، اهو اڀرندو نارو هاڪڙو جيڪو قديم سنڌ(سنڌو سوء وير) جي آبپاشي نظام جو هڪ اڻ ٽٽ حصو هو، انهي اڀرندي ناري کي سرسوتي، چتانگ سان گڏ سنڌوندي مان به ڳپل لٽ ۽ ڪجهه پاڻي پڻ ملندو هو.“(5)

      عبدالحفيظ قريشي، اڳتي لکي ٿو ته، ”ڪڇ ۽ گجرات جي قديم آثارن واري تاريخ ٻڌائي ٿي ته، سڄو سوراشٽر(ڪڇ، گجرات، جوناگڙهه وغيره) ۽ راجسٿان قديم سنڌو سلطنت جو ڏاکڻيو علائقو رهيو آهي، انهي سلطنت جو مرڪزي علائقو/ شهر مون جو دڙو رهيو آهي. سنڌو سلطنت جا اهي ڏاکڻا علائقا سڄي سنڌ جي عام ماڻهن ۽ حاڪمن جي پناهه گاهه طور ڪم ايندا رهيا آهن، سنڌ ۾ جڏهن سنڌي غير محفوظ ٿيا ته هنن ڪڇ ڏانھن لڏ پلاڻ ڪئي، اهو سلسلو تاريخ جي هر ڏکئي دور ۾ نظر اچي ٿو.“(6)

اهڙي طرح گجرات، راجسٿان، ٿر جا ڳانڍاپا سياسي، سماجي، معاشي، مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي تمام ويجها ترين رهيا آهن. اهڙي حالت ۾ اهو فطري عمل هو ۽ آهي، ته انهن خطن جون ٻوليون هڪ ٻئي کي جيئرو رکڻ، سينگارڻ، شاهوڪار بڻائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ ٻئي کي مالا مال ڪن. ٻولين جي انهي ڏي وٺ جي عمل ۾ ڍاٽڪي ٻولي پڻ ڪڇيءَ سان نڀائيندي رهي آهي ۽ ٻئي ٻوليون هڪ ٻئي جا اثر قبولڻ کان ناهين بچي سگهيون.

ڍاٽڪي                              ڪڇي

تو (ٿو)                               تو

لفظن کي سُسائڻ ٻنهي ٻولين ۾ هڪجھڙو آهي.

جيئن:

 ڍاٽڪي                             ڪڇي

ڪهيس                              چئيس(چونديس)

’هه‘ وسرگ نه اُچارڻ

ڪين (ڪنھن)             ڪَئه

ڪڇيءَ ۾ اِتا ۽ ڪِٿان لاٰءِ اِئان ۽ ڪئان لفظ آهن، شاهه جي ڪلام ۾ پڻ هي اچار ملن ٿا.

”ادا! اِئائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو؟“  يا   ”ڪِئان سکئين سپرين! ڪاسائڪي ڪار؟“

   اهو ڍاٽڪيءَ جو اثر آهي. ڍاٽڪيءَ ۾ اِيھا ۽ ڪِيھا لفظ آهن ۽ ڍاٽڪي جو ’هه‘ ڦري ڪڇي ۾ ’ئه‘ ٿي پيو آهي.

ڪڇيءَ ۾ ’اين‘ ملائڻ سان جمع ٿين ٿا، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ صرف مونث اسم جيڪي ’اِي‘ سر سان ختم ٿين ٿا، ’اين‘ سان جمع ٿين ٿا. مثال طور:

                                ڪڇي                                                              ڍاٽڪي

واحد

جمع

واحد

جمع

گهر

گهرين

روٽِي

روٽين

ماڻهو

ماڻهين

گهوڙِي

گهوڙين

جانور

جناورين

ٻورڙِي

ٻورڙين

ڌڪ

ڌڪين

کيجڙِي

کيجڙين

ڍاٽڪي ۽ ڪڇڪيءَ جي ڪيترن ئي لفظن ۾ صوتياتي ۽ لفظي هڪجھڙائي آهي.

ڍاٽڪي

ڪڇي

سنڌي

ڏونگر (يو)

ڏونگر

بصر

آگاترو

آڳاترو

آڳاٽو

ٻُه

ٻو

ٻه

گريب

گريب

غريب

ڦگائونڻ

ڦڳائڻ

اڇلڻ

کُسي

کُسي

خوشي

جيمڻ

جهمڻ

کائڻ

سئيد

سئيد

سيد

هيڪ

هيڪ

هڪ

آئيو

آويو

آيو

پگ

پڳ

پير

ڏيسوٽو

ڏيس وٽو

ديس نيڪالي

اورکڻ/ اورکاڻ

اورکڻ/ اورکاڻ

سڃاڻپ

ڪڇيءَ ۾ ’ني‘، حرف جملو ’۽‘ طور ڪم اچي ٿي. جيئن: پنج ني ٻه ست
(پنج ۽ ٻه ٿيا ست)

جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’ن‘ ۽ ’آن‘ حرف جُملي ’۽‘ لاءِ استعمال ٿين. جيئن: پنج نِ ٻه ست (پنج ۽ ٻه ٿيا ست) وغيره

’ني‘ گجراتيءَ ۾ به ساڳيو اهي ۽ ڪڇي ۽ ڍاٽڪي اهو گجراتيءَ مان ئي قبوليو آهي ۽ ڪڇيءَ کان ڍاٽڪيءَ ۾ ’ني‘ ٿورو ڇوٽو ٿي ’ن‘ ٿو بڻجي. ڍاٽڪيءَ ۾ ’ن‘ يا ’ني‘ بدران ’آن‘ به استعمال ۾ آهي، پر ’آن‘ استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيجو(ٻيو) يا پڇئه(پوءِ) وغيره به ڳنڍجڻ ضروري آهي. جملو، مانهاجي سارون هيڪ پين آن ٻيجو هڪ ڪتاب ليتو آئي.

ترجمو: منھنجي لاءِ هڪ پين ۽ ٻيو هڪ ڪتاب وٺيو اچجان.

ڍاٽڪي ٻولي ۽ پارڪري ٻولي:

پارڪر جو علائقو، ٿر سان دنگئي آهي ۽ سياسي انتظام جي حوالي سان ٿر جو ڌوڙي رهيو آهي ۽ اهي علائقا هڪ ٻئي کان تمام ويجها آهن ۽ گهڻو وقت انهي ضلعي تي ’ٿرپارڪر‘ جو نالو پيل رهيو آهي.

”سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ وارو علائقو پارڪر ٿر جو اهم حصو آهي، جتي ڪارونجهر جبل پنھنجي مان ۽ آن سان ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي، پارڪر جو مکيه شهر ننگر پارڪر، ڪارونجهر جي دامن ۾ واقع آهي، پارڪر جي ٽن پاسن کان وارياسو برپٽ آهي، پارڪر جي ڀر ۾ ڪڇ جو رڻ آهي، جو اڳي سامونڊي کاري هو ۽ اڳ اها کاري پارڪڻي پوندي هئي تنھن ڪري چوندا هئا، ’پار اُڪر‘ ٻي روايت موجب پارڪر جو اهو نالو ’پاراسر‘ نالي هڪ رشيءَ تان پيل آهي.“(7)

”پارڪر جي علائقي ۾ هندو ۽ مسلمان رهن ٿا، مسلمانن جون هيٺيون ذاتيون پارڪر ۾ رهائش پذير آهن، سيد، کوسا، چانڊيا، ساند، خاصخيلي ۽ ٿوري تعداد ۾ سومرا، هاليپوٽا، راڄڙ، جنجهي، ٿيٻا، اوٺا وغيره. جڏهن ته هندن جون ذاتيون هن ريت آهن، شرمالي، مالهي، سونارا، سامي، لوهار، بجير وغيره جڏهن ته هندن جون ڪجهه هيٺاهين طبقي واريون ذاتيون به پارڪر ۾ رهنديون آهن، جھڙوڪ، مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي وغيره.“(8)

پارڪر ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، تنھن کي پارڪري چوندا آهن، پارڪر جي ٻوليءَ لاءِ ٿر جي نامور ليکڪ ۽ محقق رائيچند هريجن جو چوڻ آهي ته، ”پارڪر گجرات کي ويجهو آهي، تنھن ڪري پارڪر جي ٻوليءَ تي گجراتي ٻوليءَ جو اثر وڌيڪ آهي.“(9)

منگهارام اوجها لکي ٿو، ”پارڪر ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، تنھن کي پارڪري ٻولي چئبو آهي، جا بگڙيل گجراتي آهي، ڪولهين جو لھجو سڀنيءَ کان نرالو آهي.“(10)

”منگهارام اوجها صاحب غالبن چوڻ چاهيو آهي ته، پارڪري ڪا ڌار ۽ مڪمل  ٻولي نه آهي، پر گجراتيءَ جو ئي هڪ اهڙو محاورو آهي، جيڪو گجراتي ٻوليءَ کان گهڻو مختلف آهي، جيئن ته گهڻا ڪولهي به گجرات مان لڏي آيا آهن، تنھن ڪري انهن جي ڳالهائڻ جو نمونو پارڪرين کان به مختلف آهي.“(11)

        پارڪر جاگرافيائي طور ٿر جو ئي حصو سمجهيو ويو آهي، جيتوڻيڪ اسان اهو اڳي ئي واضح ڪري آيا آهيون، ته پارڪر ٿر جو حصو ناهي. پارڪر، پٿريلو هُجڻ ڪري جاگرافيائي حوالي سان پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، پر اهي ٻئي علائقا ڳنڍيل هجڻ ڪري ثقافتي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي لھ وچڙ ۾ آيا، ۽ ڍاٽڪي ۽ پارڪري ٻولين پڻ هڪٻئي جا اثر قبوليا.

”پارڪري ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ صوتياتي ۽ لفظي هڪجھڙائي آهي، يعني ڪيترائي لفظ هڪجھڙا ته وري ٿوري ٿوري اچار جي ڦيري وارا آهن، مثال طور؛

ڍاٽڪي

پارڪري

سنڌي

پتڙو

پاتڙا

سنهو

مهين

موئين

۾

ڦڙي

ڦڙي

ڦري

اَئه

اَئه

هي

صوڦ

صوڦ

صوف

ٻينهينن

ٻين

ڀيڻ

ڍاٽڪيءَ ۾ اضافي آواز/ صوتيو ’....‘ جيڪو سنڌيءَ ۾ ناهي، سو پارڪريءَ ۾ موجود آهي.

جيئن؛ تاڙو(تالو)، ماڙو(آکيرو)، ٿاڙي(ٿالهي)، هڙ (هر)وغيره

مٿي مثالن ۾ ڏنل سڀئي لفظ ڍاٽڪيءَ ۾ به آهن.

ڍاٽڪي ۽ پارڪريءَ ۾ سنڌي آوازن جو بدلجڻ.

سنڌي

ڍاٽڪي

پارڪري

صوتي تبادل

ڄڀ

جب

جيڀ

ڄ کي ج ۾ بدلائڻ

چنڊ

چندر

سندر

ڊ کي در ۾ بدلائڻ

ڇٽي

ڇتري/ڪرڻيو

ستري

ٽ کي تر ۾ بدلائڻ

ڊيل

ڍيل

ڍيل

ڊ کي ڍ ۾ بدلائڻ

صوف

صوڦ

صوڦ

ف کي ڦ ۾ بدلائڻ

ويٺو

ٻيٺو

ٻيئو

و کي ٻ ۾ بدلائڻ

جهاز

جاج

جاج

ز کي ج ۾ بدلائڻ

لغڙ

لگڙ

لڳڙ

پارڪريءَ ۾ غ، ڳ ۾

۽ ڍاٽڪيءَ ۾ وري غ، گ ۾ بدلي ٿو.

گجراتيءَ ۾ ’ڇي‘، پارڪريءَ ۾ ’سئه‘ ته ڍاٽڪيءَ ۾ وري ’اهئه‘. اهو ’اهئه‘ وارو ’هه‘ ’س‘ جي بدليل شڪل آهي ۽ پارڪريءَ جو لفظ آهي.

ڪيترن ئي فعلن جي هڪجھڙائي نظر اچي ٿي.

مثال طور: پارڪري: ٻاڙ ڍوڙئهه ريا. (ٻار ڊڪن پيا)

ڍاٽڪي: ٻاڙ ڊوڙئين پيا. وغيره.“ (12)

ڍاٽڪي ٻولي ۽ گجراتي ٻولي:

 ڍاٽڪي، هِتان جي اصلوڪين ٻولين جي سٿ مان آهي. جيڪا هڪ زنده ٻولي هوندي، پنھنجي ڌوڙي ۽ بنيادي ٻولين جي اثرن کان آجي ناهي. انهن ۾ هندي ۽ سنسڪرت اهم ٻوليون آهن. جن جو اثر، وچ ۾ آيل علائقن (گجرات، مارواڙ وغيره) کان ٿيندي قبولي ٿي. جڏهن به هندي ۽ سنسڪرت ڳالهائيندڙ جي ۽ ڍاٽڪي ڳالهائيندڙ جي هڪ ٻئي ڏانھن اچ وڃ ٿي آهي، ته انهن کي، اِنهن وچ ۾ پيل علائقن تان ضرور گذرڻو پيو آهي، اهڙي طرح اڻ سڌي طريقي سان جڏهن اهي ٻوليون ايئن هتي پهچن ٿيون ته پاڻ سان گڏ ذريعو بڻيل ٻولين (گجراتي، مارواڙي، پارڪري ۽ ڪڇي) جا به اثر پاڻ سان گڏ کڻي ٿيون اچن ۽ اُن کان علاوه گجراتي ۽ ٻين ٻولين جا ڍاٽڪيءَ سان جاگرافيائي ويجهڙائي هئڻ ڪري سڌا سنئا اثر پڻ پيا آهن.

سنڌ جي لساني جاگرافيءَ جي اونهي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته، سنڌي زبان جي ڪڇي، لاڙي، ٿري ۽ پارڪري لھجن تي گجراتي زبان جو اثر گهڻو رهيو آهي. ڪڇ ۽ پارڪر، گجرات جا پاڙيسري علائقا آهن؛ ان کانسواءِ ڪڇ جو وڻج واپار سڄو گجرات جي اثر هيٺ رهيو آهي، گجرات ۽ سنڌ جا سياسي ۽ سماجي ناتا سومرن جي زماني کان به آڳاٽا رهيا آهن، اهڙن ناتن ۽ رشتن جو تفصيلي احوال سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ڪتاب ۾ ڏنل آهي.

”انگريزن جي حڪومت جي شروعات ۾ 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي سان ملائي، بمبئي پريزيڊنسي قائم ڪئي ويئي، انهي ڪري هزارن جي تعداد  ۾ گجراتي ۽ ڪاٺياواڙي تاجر سنڌ ۾ اچي ويٺا ۽ گجرات ۽ سنڌ جي وچ ۾ وڻج واپار وڌيو، سنڌ ۾ اسڪولن ۾ سنڌيءَ سان گڏ گجراتي ٻولي پڻ رائج هئي، خواجا، ميمڻ، بوهره، ڪڇي، پارسي ۽ گجرات کان آيل ٻيون قومون پنھنجي روزمره جي وهنوار ۾ گجراتي ٻولي استعمال ڪنديون هيون.“(13)

گجرات کان سنڌ ڏي اچڻ جي رستن مان سامونڊي رستي کان سواءِ خشڪي وارو رستو پڻ آهي، جيڪو راجپوتانا کان ٿيندو سنڌ جي حصي ٿر سان ملي ٿو، ۽ عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته قبيلن جي لڏپلاڻ گهڻي حد تائين خشڪي جي رستي تان رهي آهي، ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي ته ٿر واري پاسي گهڻو وقت اڳ سمنڊ هو ۽ ڪيتريون ئي نديون سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون، انهي حساب سان سامونڊي رستي ذريعي اچڻ وارن کي هتان ئي گذرڻو پوندو هو، ۽ ڪجهه ماڻهو ٿر کي پار ڪري ڪراچي ۽ سکر تائين وڃي پڳا، ”انهي ڪري سنڌ ۾، ڪراچي ۾ خاص طور، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر ۾ ڪجهه قدر گجراتيءَ جو اثر رهيو.“(14)

آباديءَ جي تبديلي، سماجي ۽ سياسي ناتن، مذهبي، واپاري ناتن ۽ ڏي وٺ سبب ڍاٽڪي ۽ گجراتيءَ جو هڪ ٻئي تي اثر ٿيو.

”سنڌي، گجراتي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ راجسٿاني ٻوليون هڪ ئي گروهه واريون ٻوليون، يعني هڪ ئي قديم ٻوليءَ جون شاخون آهن، اهو ئي سبب آهي جو ميواڙي، مارواڙي، جيسلميري ۽ راجسٿاني ملن جُلن ٿيون. ڍاٽڪي ٻوليءَ کي جيتوڻيڪ راجسٿاني ٻولين جو هِڪ حصو سمجھيو ويندو آهي، پر اِها ٻولي به هڪ گاڏڙ ٻولي آهي، جيئن، پارڪري.“(15)

ڍاٽڪي ٻوليءَ تي گجراتيءَ جو تمام گهڻو اثر آهي، پر لاڙي، ٿري ۽ پارڪري به انهن اثرن کان ڇٽل نه آهن. اِهي اثرن جا تفصيل مثالن سان هيٺ ڏجن ٿا؛

صوتياتي اثر:

صوتياتي لحاظ کان ڍاٽڪي، ڪڇي، لاڙي ۽ پارڪريءَ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي، جيڪي سڀ گجراتيءَ جي اثر هيٺ آيل ٿيون ڏسجن. ڍاٽڪي، ڪڇي، لاڙي، پارڪريءَ ۾ ڪن لفظن ۾  ’ز‘ کي ’ج‘ ۽ ’ج‘ کي ’ز‘ ڪري اُچاريو ويندو آهي. اهڙي طرح گجراتيءَ ۾ ’س‘ کي ’ش‘ ۽ ’ش‘ کي ’س‘ اُچاريو ويندو آهي. ساڳي طرح گجراتيءَ ۾ ’ف‘ کي ’ڦ‘، ’غ‘ کي ’گ‘، ’خ‘ کي ’ک‘ اُچاريندا آهن. اهي اثر ڍاٽڪي، ڪڇي، لاڙي ۽ پارڪري لھجن ۽ ٻولين ۾ بلڪل نمايان آهن، ’ڃ‘، ’ڄ‘ ۽ ’ڱ‘
نڪاوان آواز گجراتي ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ ناهن.

مثال طور: سينگ----(سڱ)

ڍاٽڪي ٻوليءَ جي مطالعي مان اهو پڻ ثابت ٿو ٿئي ته، گجراتي ٻوليءَ جو سنڌي تي پڻ گهڻو ئي اثر ٿيو آهي، هيٺ حرف جملي، حرف جر ۽ حالت تغيريءَ (مڪاني) جي اثرن جا مثال نموني طور ڏجن ٿا.

 حرف جملو:

سنڌي               گجراتي         ڪڇي        ڍاٽڪي         فقري ۾ استعمال

۽                         اَني                 ني               ن/آن          ڏوڪرو نِ مِنِڪي(ڇوڪري)

حرف جر:

سنڌي               گجراتي           ڍاٽڪي                            جملي/فقري استعمال

۾                      مانهه                مهين                              ڏُڌ لوٽئه مهين نو. (اوت)

کي                     ني                 نان                                  ساجن نان ڪتاب بتاڙ.

حالت:

سنڌي ٻوليءَ ۾ حالت مڪاني يا حالت جريءَ جي حالت ۾ اسم جي پويان آيل حرف استعمال ڪبو آهي، جيئن:

گهر ڏانھن، گهر ۾،  گهر کي

 حالت تفيريءَ ۾ انهن جو استعمال هيٺ موجب هوندو

حالت جري/مقاني                            حالت تفري

گهر ۾ يا گهر ڏانھن                         گهر

 گهر مان                                             گهران.(16)

گجراتي ٻوليءَ  ۾ ’گهر ڏانھن‘ کي گرين/ گري(گهري) ڪري اچاريندا آهن. گجراتيءَ جو اثر ڍاٽڪي، ڪڇي ۽ پارڪريءَ تي نظر اچي ٿو:

سنڌي             گجراتي                    ڍاٽڪي             ڪڇي                    پارڪري

گهر وڃان ٿو.   گرين/گري جائون ڇون.  گهري جائون تو.  گرين/گري وڃان ٿو.    گرين جائون تو

حرفن (particles) جو استعمال:

”سنڌي ٻولي ڪنھن اسم يا ضمير تي زور ڏيارڻ/ ڏيڻ لاءِ ’ئي‘ لفظ ڪم آڻبو آهي، پر گجراتيءَ ۾ ’ئي‘ جي بدران ’ج‘ استعمال ڪيو ويندو آهي“.(17) ڊاڪٽر الانا صاحب لکيو آهي ته گجراتي ۾ ’ئي‘ جي بدران’ج‘ ڪم ايندو آهي، اها ڳالهه هيئن صحيح ٿيندي ته گجراتيءَ ۾ ’ئي‘ سان گڏ ’ج‘ ملائبوآهي، جيڪو ڍاٽڪي ۽ ڪڇيءَ ۾ به ساڳي طرح استعمال ٿيندو آهي پر سنڌي ۾’ئي‘ ۾ ’اِي‘ سر هوندو آهي، جڏهن ته ڍاٽڪي، گجراتي، ۽ ڪڇي ۾ ’ئي‘ ۾ ’اي‘ سُر هوندو آهي، انهيءِ جو استعمال هيٺ ڏنو وڃي ٿو.

سنڌي             گجراتي                 ڍاٽڪي                           ڪڇي                  پارڪري

تون ئي وڃ    تون ئي ج جائو        تون ئي ج جا             تو ئي ج وڃ          تون ج جائو

گجراتي ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ ڪيترائي فعل هڪ جھڙا آهن، ٻه ٽي مثال طور ڏجن ٿا.

ناکڻ، جائون، جوئڻ، ٻيسڻ/ٻيسو وغيره نه صرف فعل ۾ لغتي هڪ جھڙائي آهي، پر فاعلن ۽ زمانن جي حساب سان فعلن جا ڦيرا پڻ ڍاٽڪي وانگر آهن.

ساجن چوپڙي پڙهئه تو.(زمان حال)

ڍاٽڪي ۾ اهو جملو بلڪل ايئن ئي ڳالهائبو.

’هئڻ‘ جو ماضي ’هو‘، ’هئي‘ ۽ ’هئا‘ لاءِ ڍاٽڪي ۽ گجراتي ۾ ’هتو‘، ’هتا‘ يا
’هتي‘ ٿيندو آهي.

زمان مستقبل ضميري پڇاڙين جي هڪجھڙائي ملي ٿي، ڍاٽڪي فعلن جي آخر ۾ ’س‘ ايندو آهي، پر گجراتيءَ ۾ اهو’ش‘ اچاربو آهي.

گجراتي

ڍاٽڪي

هون تم نئه ماريش                                         

هون تنان ماريس. (آئون توکي ماريندسُ.)

(فاعل واحد) ساجن حيدرآباد جئيش                        

ساجن حيدرآباد جاسئه.(ساجن حيدرآباد ويندو.)

(فاعل جمع) ساجن ۽ سوائي حيدرآباد جاشي             

ساجن نِ سوائي حيدرآباد جاسين. (ساجن ۽ سوائي حيدرآباد ويندا)

 انهي کان علاوه ڳڻپ ۽ صفت عددي پڻ ساڳي آهي.

عدد:

هيڪ، ٻي، تِرن، چار، پونس، ڇي، سات، آٺ، نو، ڏس، اگيار، ٻار، تير، چوڏ، پندر، سور، ستر، اڊار، اگڻيس، ويس.

پر ڍاٽڪي ۾ يارهين کان ارڙهين تائين’ئه‘ جو اضافو ڪبو آهي.

جيئن اِگيارئه، ٻارئه وغيره.

شماري قطاري:

گجراتي ۽ ڍاٽڪيءَ جي صفت عددي ساڳي آهي.

 جيئن: پهلڪو، ٻيجو، تِريجو، چوٿو، پنچوئون وغيره.

شٻد ڀنڊار:

ڍاٽڪي ٻوليءَ جي لغت جي اڀياس سان معلوم ٿئي ٿو ته، ڍاٽڪيءَ جي لغوي ذخيري ۾ خاص طور گجراتيءَ جا ڪيترائي لفظ شامل ٿي چڪا آهن، جيڪي ڪڇي، پارڪري ۽ مارواڙيءَ مان ٿيندا هيستائين پڳا آهن. ڪن جي شڪل ڪٿي ڪٿي مٽيل به آهي، انهيءَ جو سبب گهڻي عرصي ۽ ٻين ٻولين وٽان گهمندي اچڻ ٿي سگهي ٿو.

سنڌي

گجراتي                 

ڍاٽڪي                 

ڪڇي                

پارڪري

وڏو ڏير          

جيٺ                     

جيٺ                   

جيٺ                  

جيٺ

وڏي ڏيراڻي     

جيٺاڻي                 

جيٺاڻي                

ڄيٺاڻي                

ڄيٺاڻي

پير                 

پڳ                     

پگ                   

پڳ                     

پڳ

اڇلائڻ             

ناکڻ                   

ناکڻ                   

ناکڻ                    

ناکڻ

آئون                

هُون                   

هون                   

آئون                    

هون

وڃان               

جائون                 

جائون                 

ونجان                  

جائون

وار                 

وار                     

بار                    

وار                     

وار

وڌيڪ لفظن جي ڀيٽ لاءِ سواڊيش جي ڏنل جدول کي پيش ڪجي ٿو جنھن ۾ آيل ڍاٽڪيءَ جي لفظن کي پڻ جدول جي صحيح صورت ۾ پيش ڪبو. جيڪا ڳالهه نُڪتن ۽ سببن جيان اهو سمجهڻ ۾ مدد ڪندي ته ’ڍاٽڪي‘ هڪ الڳ  ٻولي آهي، جيڪا گجراتي، پارڪري، مارواڙي، ڪڇيءَ جي ڀيڻ آهي، نه ڪي سنڌيءَ جو محاورو.

سنڌي، ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ گجراتي ٻولين جي لفظن جي ڀيٽ:

(الف) سواڊيش جو جدولي نظريو:

’ٿر جي ٻوليءَ‘ جا  مصنف اڳتي وري سواڊيش جي ڏنل بنيادي جدول تحت لفظن جي هيڪڙائيءَ واري اصول کي پيش ڪندي، ڍاٽڪيءَ جي سنڌي سان ويجهڙائي ظاهر ڪندي لکن ٿا ته؛ ”مشهور ماهر لسانيات سواڊيش جي ڏنل بنيادي جدول مطابق ڪم ڪيو، جنھن موجب ڪنھن به ٻوليءَ جي بنيادي ٻه سئو لفظن جي لسٽ چئن ئي ٻولين سان ڀيٽ ڪرڻ سان پتو پوي ٿو. انهيءَ تحت سواڊيش چئن ٻولين سنڌي، ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ گجراتيءَ ۾ تيار ڪئي وئي، دراصل سواڊيش جي نظريي تحت نه صرف قريبي ٻولين جو ماضيءَ ۾ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ جو عرصو معلوم ڪري سگهجي ٿو، پر ٻولين جو پاڻ ۾ تعلق ثابت ڪرڻ پڻ آسان آهي، ٻولي جي بنيادي ٻه سئو لفظن جي جدول هت پيش ڪجي ٿي، ڍاٽڪيءَ جي جن لفظن تي نمبر لڳايا ويا آهن، اھي غلط پيش ڪيل آهن، جن کي اڳتي صحيح صورت ۾ پيش ڪري گھربل وضاحت ڪبي.

سنڌي

ڍاٽڪي

مارواڙي

گجراتي

1.       سڀ

سجا

خجا-خارا

سَگهرا

2.       ۽

اين(1)

نه-هان نه

اَني

3.       جانور

جناور(2)

جناور

پشو

4.       رک

ڇڏ(3)

راک

وانِي

5.       تي

تي

ماٿ، تي

پر

6.       پُٺي

پُٺا(4)

پٺا

پاڇر

7.       گندو

بڇڙو

ڪنو

گندو

8.       ڇوڏو

ڇوڏو

ڇوڏو

ڇال

9.       ڇاڪاڻ ته

ڪيلات(6)

ڪيونڪ

ڪارڻ

10.    پيٽ

پيٽ

پيٽ

پيٽ

11.    وڏو

وڏو

موٽو

موٽون

12.    پکي

پکي

پکي

پڪڇي

13.    چڪ

چڪ

چڪ

ڪرڙوون

14.    رت

لائي(7)

لوهي

لوهي

15.    ڪارو

ڪاڙو

ڪالهو

ڪارو

16.    وڄائڻ

وڄاڻ(8)

بجاوڻ

وگاڙئون

17.    هڏو

هڏو(9)

هاڏکي

هڏي

18.    ساهه کڻڻ

ساهه کڻڻ(10)

خاح ليوڻ

سُوانس

19.    سَڙڻ

جلڻ

ترڻ

داجوون

20.    ٻار

ٻاڙو(11)

ٻل

ٻچا

21.    ڪڪر/بادل

ڪڪر پڇ(12)

بادل

وادرا

22.    ٿڌو

ٺڍو

ٺاڌو

ٺهنڊو

23.    اچ

آو(13)

---

آوو

24.    ڳڻڻ

گڻ(14)

گڻڻ

گڻو

25.    وڍ

وڍ

وڍ

ٻلاڙي

26.    ڏينھن

ڏيھن

ڏن

ديوس

27.    مرڻ

مر(15)

مرڻ

مرڻ

28.    کوٽڻ

کوتڙ(16)

کوترڻ

کوروون

29.    ميرو

ميلو(17)

ميلو

گندون

30.    ڪتو

ڪتو

ڪترو

ڪترو

31.    پيئڻ

پيئي

پيئڻ

پيڻو

32.    خشڪ

خُسڪ(18)

خوڪوڙو

سڪون

33.    جڏو

ڀاڙي

جڏو

خراب

34.    مِٽي

مِٽي

مٽي

ڌوڙ

35.    ڪَن

ڪن

ڪون

ڪان

36.    زمين

جمين(19)

زمين

ڌرتي

37.    کائڻ

کاءِ(20)

کاوڻ

کائون

38.    اَنو

آنو(21)

اينڏو

انڊا

39.    اک

انک

ائونک

آنک

40.    ڪِرڻ

کِرڻ

کرڻ

پڙي جو وڻ

41.    پري

پرهو، ارگو

الگو

ڇيٽيون

42.    ٿلهو

جاڏو

جاڏو

جاڊو

43.    پيءُ

باپ(22)

ٻاپ

پيتا

44.    ڀو-ڊپ

نيٻھڻ

ٻيھه

ڊروون

45.    کنڀ

پنک

پونک

پانک

46.    ٿورو

ٿوڙڪيو

ٿڙي يو

ٿوڙون

47.    وڙهڻ

وڙهجڻ(23)

بڙهڻ

لڙوون

48.    باهه

ٽانڊو(24)

باخڌي

آگ

49.    مڇي

مڇي

مڇي

ماڇلي

50.    پنج

پنچ

پونڇ

پانڇ

51.    ترڻ

ترڻ

ترڻ

تروون

52.    وهڪرو

ريلو

وهڪرو

وهوون

53.    گل

گل

گل

ڦل

54.    اڏامڻ

اڏڻ

اڏڻ

اڏوون

55.    ڌنڌ

ڏنڌڪار

ڌنڌ

اوس

56.    پير

پگ

پگ

پڳ

57.    چار

چار

چار

چار

58.    ڄمڻ

جميو(25)

ڄمڻ

جون

59.    ميوو

ميوات

ميوات

ڦڙ

60.    ڏيڻ

ڏي

ڏيوڻ

ديوُون

61.    ڀلو

ٺاهوڪو

ڀلو—خٺو

سارون

62.    گاهه

گاهه

گاخ

گهاس

63.    سائو

ليِلو

ليليو

ليلو

64.    گُڻ

گُڻ

گُڻ

گُڻ

65.    وار

مٿواڙ

بال

وار

66.    هٿ

هٿ

هاٿ

هاٿ

67.    هُو

او

هتو

تي

68.    مٿو

مٿو

ماٿو

ماٿون

69.    ٻڌڻ

ٻڌ

خڻڻ

سانڀهرون

70.    دِلِ

دِل

دل

دل

71.    ڳرو

ڀاري

ڀاري

وزن دار

72.    هِتي

اِٿ

ايٿ

اهين

73.    ڌڪ هڻڻ

ڌڪ هڻڻ

ڌڪ هڻڻ

هاروون

74.    جهلڻ

جهل

جهالڻ

پڪڙوون

75.    ڪيئن

ڪين

ڪيو

ڪيم

76.    شڪار

سِڪار

سَڪار

شِڪار

77.    مُڙس

ڌڻي

ڌڻي

پتي

78.    آءُ/ مان

هُون

هون

هون

79.    جيڪڏهن

جي پرهو

جيڪڏي

آگر

80.    برف

برف

برف

برف

81.    ۾

مهين

منئين-مين

اندر

82.    مارڻ

مارڻ

جونڻڻ

جاڻوون

83.    ڄاڻڻ

جاڻ

جونڻن

جاڻوون

84.    ڍنڍ

ڊنڍ

ڊنڌ

ٿڙاء

85.    کلڻ

هسڻ

هاکڻ

هنسوُن

86.    پن

پن

پون

پارروُن

87.    کٻو

اُبتو

کاٻو

داپو

88.    ٽنگ

ٽنگ

ٽونگ

--

89.    ڪُوڙ

ڪوڙ

ڪوڙ

کوٽ

90.    جيئن

جيئڻ

جيئڻ

---

91.    جيرو

جيرو(26)

ڪالجو

ڪليڪون

92.    ڊگهو

ڊگو

ڏيگهو

لانبون

93.    جُونء

جُون

جُون

---

94.    ماڻهو

ماڙهو(27)

موڻج

ماڻس

95.    گهڻا

گهڻ

گهڻا

گهڻا

96.    گوشت

گوشت(28)

مونخ

مانس

97.    ماءُ

اَمان

مان-امان

مان

98.    جبل

ڏونگر

بجل

پھاڙ

99.    وات

ٻاڪو

مونڏو

---

100.  نالو—نانء

نان

نون

نام

101.  سوڙهو

سوڙو

خوڙو

ساڪرُون

102.  ويجهو

نيڙڪو(30)

نيڙ

پاسي

103.  ڳچي

ڳچي(31)

گلو

گردن

104.  نئون

نوو

ٽوئو

نئون

105.  رات

رات

رات

رات

106.  نڪ

نڪ

ناڪ

ناڪ

107.  نه

نا(32)

نا

نا

108.  پراڻو

پراڻو

پروڻو

جونو

109.  هڪ

هيڪ

هيڪ

ايڪ

110.  پيو

ٻيجو

ٻجو

ٻيجو

111.  ڄڻو

جڻو

جڻو

ماڻس

112.  راند

رانت

روند

رمون

113.  ڇڪڻ

ڇڪڻ

ڇڪڻ

کيچوون

114.  ڌڪڻ

ڌڪڻ

ڌڪڻ

ڌڪو مارون

115.  مينھن

ميھه

ميھه

ورسارو

116.  ڳاڙهو

رتو

راتو

لال

117.  حق

حق

حق

حق-اڌيڪار

118.  ساڄو

سائو(33)

خاڄو

جمڻون

119.  ندي

نڏي

ندي

ندي

120.  رستو

واٽ(34)

رستو

رستو

121.  پاڙ

پھاڙ

پاڙ

جڙ

122.  نوڙي

رڍوڙي(35)

نوڙي

رسي

123.  ڳريل

وگهريل

گيلوڙو

کنڌاڻو

124.  مھٽڻ

بھمڻ(36)

کخڙڻ

گهسوون

125.  لوڻ

لوڻ

لوڻ

مينھون

126.  واري

ڌوڙ

بيلو

ريتي

127.  چوڻ

ڪاهڻ(37)

ڪيوڻ

ڪهوون

128.  کنهڻ

کنر ڪرڻ(38)

کاج کڻڻ

چروون

129.  سمنڊ

سمنڊ

سمنڊ

دريا

130.  ڏسڻ

جو(39)

جوئڻ

جوون

131.  ٻج

ٻج

بيج

بسي

132.  سبڻ

سيڏڻ(40)

خيڙڻ

سيوون

133.  تِکو

تڪڙو(41)

تخو

تيج

134.  کُٽل

لُٽل(42)

کٽوڙو

کاوون

135.  ڳائڻ

ڳايو(43)

گاوڻ

گاوون

136.  ويھڻ

ٻيسڻ

ٻيخڻ

بيسوون

137.  چمڙي

چمڙي

چونٻڙي

ڄامڙي

138.  آسمان

اگاس(44)

آسمون

آسمان

139.  سُمھڻ

سُوسان(45)

خوئڻ

انگهوون

140.  ننڍو

ننڍيو

ننڍيو

نانو

141.  بانس

باس

ڌپ---هوا

گنڌ

142.  دونھن

دوهون

ڌونئو

دهلئون

143.  لسو

لسو

لخو

لسون

144.  برف

برف

برف

برف

145.  نانگ

نانگ(46)

نانگ

سانپ

146.  ڪجهه ٿورو

ٿوڙو(47)

ڪجهه ٿڙيو

تهوڪ ٿڪ

147.  ٿڪ

ٿُڪ

ٿوڪ

ٿُڪون

148.  ڌار ٿيڻ

ارگو ٿيڻ(48)

ڌار هئڻ

ڦاڙوون

149.  سوڙهو ڪرڻ

ڀيڙو ڪرڻ(49)

خوڙو ڪرڻ

نچڙوون

150.  چٿائڻ

هڻڻ(50)

گهوڪو ڏيڻ

ڀوڪوون

151.  بيھڻ

بيٺڻ(51)

اڀڻ ٻيچڻ

اڀور ويھڻ

152.  تارو

تاڙو(52)

تارو

تارو

153.  لڪڻ

گيڏيو(53)

گيڏي

لاڪڙي

154.  پٿر

پٿر(54)

باٺو

پٿر

155.  سڌو

سنڌو(55)

خڌو

سيڌون

156.  چوسڻ

چوپڻ(56)

چوخڻ

چوسوون

157.  سج

--(57)

خورج

سورج

158.  سُڄڻ

سجڻ

خوجڻ

سوجن

159.  ترڻ

ترهڻ

ترڻ

تروون

160.  پڇ

پڇ(59)

پونڇ

پڇڙي

161.  ته

ته(60)

تو

تي

162.  هتي

اٿ

اوٿ

تيان

163.  اهي

او

او

تي

164.  ٿلهو

ٿلهو(61)

جاڏو

جاڊو

165.  سَنهو

سِنهو

خَنيو

پاترون

166.  سوچڻ

سوچڻ

خوچڻ

وچار

167.  هي

اي(62)

اي

آ

168.  توهان

تهان(63)

ٿي

مون

169.  تي

ٽن(64)

تين

تيان

170.  اڇلڻ

آوڻ(65)

اڇلاوڻ

گهاڪروون

171.  ڳنڍ

ڳڙهو(66)

ڳونٺ

ٻانڌوون

172.  ڄڀ

جبان

جبونن

جڀ

173.  ڏند

ڏنت

ڏونت

دانت

174.  وڻ

وڻ(67)

بڻ

ورڇ

175.  وارو

وارو(68)

وارو

ڦراوون

176.  ٻه

ٻه(59)

ٻي

ٻي

177.  اڪارو

اڇل(70)

اوڪارو

اُلٽي

178.  گهمڻ ڦرڻ

ڦرڻ

گهڻ ڦرڻ

چاوون

179.  ڪوسو

اونهون(71)

اونهون

ڪن ڪنون

180.  ڌوئڻ

ڌوئو

ڌئڻ ڌووڻ

ڌوون

181.  پاڻي

پاڻي

پونڻي

پاڻي

182.  اسين

اسين

مُهي

آپڻي

183.  آلو

ڀنل(72)

ڀينوڙو-ليلو

ليلو

184.  ڇا

ڪٿي(73)

ڪي

شُون

185.  ڪڏهن

ڪڏهي(74)

ڪڏي

ڪيان

186.  ڪِٿي

ڪِٿ

ڪيٿ

ڪِيا

187.  اَڇو

اڇو

اڇو

سفيد

188.  ڪير

ڪوڻ

ڪونڻ

ڪوڻ

189.  ويڪرپ

ويڪرو(75)

ارلو

ڇوڙو

190.  زال

لگائي(76)

لگائي

پتني

191.  هير، واءُ

واءُ(77)

هير/بائرو

هوا

192.  پر

پک

پونک

پر

193.  اُگهڻ

لهڻ(78)

اڇو ڪرڻ

پوڇون

194.  ساڻ---گڏ

ڀيرو

ڀيلهو

ساٿي

195.  عورت

ڏوسي(79)

لگائي

ناري

196.  ٻيلو/ جهنگل

جهنگ/ مڙهان(80)

جهنگ

---

197.  ڪيڙو/ جيت

جيت/ ڪيڙو

جيت/ڪيڙو

-----

198.  تون

تون

تون

تمين

199.  سال

سال

خال

ورس

200.  پِيلو

پيڙو

پيلهو

پيڙون

ڍاٽڪي محاوري جي بنيادي ٻه سئو لفظن جي سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي ٻه سئو لفظن سان ڀيٽ ڪرڻ بعد معلوم ٿيو، ته ڍاٽڪي ۽ سنڌي 86.5 سيڪڙو هڪجھڙائي آهي، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي جي وچ ۾ صرف 78.5 سيڪڙو هڪجھڙائي ڏٺي وئي، گجراتي ۽ ڍاٽڪي ۾ گهڻو ئي فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تنھن جي باوجود به گجراتي ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ 63 سيڪڙو هڪجھڙائي ڏٺي وئي آهي، ان بنياد تي بخوبي چئي سگهجي ٿو، ته ڍاٽڪي محاورو سنڌي ٻوليءَ کي ئي وڌيڪ ويجهو آهن، نسبت مارواڙي ۽ گجراتي ٻولين جي.“(71)

(ب). ڍاٽڪيءَ لفظن جي صحيح صورت ۽ سواڊيش جي اصول سان اختلاف.

آئون مٿين راين تي هيٺين نڪتن جي بنياد تي اختلاف رکان ٿو.

الف. ٻولين جي بڻ بڻياد متعلق کوج لڳائڻ لاءِ اڄ جا ماهر لفظن جي هڪجھڙائي واري اصول کي رد ڪري چڪا آهن.

ب. ٻيو ته ڇا اهو لازمي آهي ته جيڪي لفظ ڏنا ويا آهن، انهن کي ئي اصولن لاءِ چونڊيو وڃي،(ڇاڪاڻ ته ڪيترائي اهڙا لفظ به چونڊيل آهن، جيڪي ڍٽ جي پيدائش ناهن، مثال طور:

مڇي، ترڻ، برف، ڍنڍ وغيره ۽ وري اهڙن لفظن کي وري وري پڻ لکي ڇڏيو آهي، مثال طور، برف 144 ۽ 80 نمبر تي لکيو ويو آهي ۽ ترڻ، 51 ۽ 159 تي وغيره ۽ ڪجهه اهڙن لفظن جي به چونڊ ٿيل آهي، جيڪي مذڪوره چئين ئي ٻولين مان ڪنھن به هڪ ٻوليءَ جا لفظ نه آهن، وِچائين پنجين ٻوليءَ جا لفظ آهن، مثال طور حَق، ۽ ٻيا به ڪيترائي لفظ جيڪي پنھنجي جاگرافي، ثقافت، ۽ صوتياتي حوالي سان مٽيل صورت ۾ پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي ڍاٽڪيءَ ۾ ايئن ناهن. (جن جو ذڪر اڳتي ايندو.)

ٻ. سواڊيش ڪيترن ئي لفظن جي مختلف حالتن، ڦيرن ۽ صيغن سان رکي ڀيٽ ڪئي آهي، جيڪو غلط آهي ۽ سنڌيءَ سان هڪجھڙائي ڏيکاري آهي، جيڪو به لفظ کڻي ها اُن جي ساڳي حالت وارو لفظ ٻي ٻوليءَ جو کڻي ها. جن جن لفظن کي غلط لکيو آهي، انهن ۾، سنڌيءَ ۾ سمهڻ (مصدر) ڏنو اٿائين ته، ڍاٽڪي ۾ سُوسان(سمهنداسين) جيڪو زمان مستقبل جي شڪل ظاهر ڪري ٿو. اهڙي ريت مارواڙي ۾ خوئڻ آهي جيڪو ڍاٽڪيءَ سان گهڻو ملي ٿو، مارواڙ ۾ ’س‘ کي ’خ‘ ۾ تبديل ڪندا آهن.)

جِن لفظن تي مون نمبر ڏنا آهن، انهن کي هيٺ صحيح (ڍاٽڪيءَ ۾) ڏجي ٿو.

(1) سنڌي ۾ استعمال ٿيندڙ”۽“ (حرف جملو) ڍاٽڪيءَ ۾ ٻن طريقن سان استعمال ٿئي ٿو. اسم ۽ فعل سان’ن‘ ۽ ’آن‘ملايو وڃي ٿو (استعمال جي وضاحت اڳتي ڪنداسين)، (2) پسو ڍاٽڪي لفظ آهي، سنڌيءَ جي اثر هيٺ جانور ۽ جناور به استعمال ڪن، (3) رک، (4) پڇڙ (جنھن مان لفظ ’پڇڙان‘ نڪتل آهي، جيڪو ٻڪريءَ جي پائين وارن لاءِ استعمال ٿئي ٿو) (5) ڪِنو، (6) ڪيلات، ڍاٽڪيءَ جو لفظ ناهي اهو، ’ڇالاته‘ جو متبادل آهي، جيڪو لاڙي اثر ’ڪُهه لئه ته‘جڙيو آهي، ڍاٽڪيءَ ۾ انهي جو متبادل ’اِيئه رءَ ڪري‘ استعمال ۾ ايندو آهي، (7) لوهي، (8) نجائونڻ، (9) هڏي، (10) ساس لئڻ، (11) ٻار، (12) پڇ، (13) آرو، (14) گُڻڻ، (15) مرڻ، (16) کوترڻ، (17) ميل آرو، (18) سُڪوڙو، (19) جمين، (20) کائونڻ، (21)اينڏو، (22) ٻا/ٻاپ، (23) پڙهڻ، (24) جوت (ٽانڊو ڍاٽڪيءَ ۾ لال آڱر کي چئبو آهي)، (25) جمڻ، (26) ڪارجو، (27) ماڙهو/ ماڻس، (28) مانس، (29) ڏونگر، (30) نيڙو، (31) گرو، (32) نان، (32) سُبتو، (34) مارگ، (35) نوڙي ۽ رنڍوڙي (رسي) ۾ فرق آهي، نوڙي کِپ(ٻوٽو) جي سنهين تندن کي هٿ سان وٽڻ سان ٺاهبي آهي، جڏهن ته رنڍوڙي، ڪپڙي جي ليرن، اُن، يا سڻي جي هوندي آهي، (36) مسرڻ، (37) ڪاهانڻ، (38) کاج ڪرڻ. (39) جوئڻ، (40) سِڙڻ، (41) تِکو، (42) کُٽڙو، (43) گائونڻ، (44) آڪاس/ اُڀ، (45) سُوئڻ، (46) ناگ،
(47) عنيھڪ ٿوڙيو، (48) ارگو معنيٰ گڏ ڪرڻ جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’سوڙو ڪرڻ‘ آهي، (50) ڇُپائڻ، سنڌي لفظ ناهي هي اصل ۾ هندي لفظ آهي، ڍاٽڪيءَ ۾ هڻڻ، يا لگڻ استعمال ٿيندو آهي، سو سنڌيءَ جي اثر هيٺ ڏسجي ٿو، جڏهن ته گهوڪو ڏيڻ، اڃا به معنيٰ ئي ٽئين آهي، جيئن آڱر يا لٺ سان گهوڪو ڏبو آهي، جڏهن ته چُڀڻ جي معنيٰ ۾ سُئي يا ڪنڊو، وغيره ڪا به نوڪدار شيءَ ايندي،
(51) ڀيچڻ، (52) تارو، (53) گيڏي، (54) ڀتر/ڍگر/بانٺو، (55) سِڌو، (56) چونپڻ،
(57) ڏينھن، (58) سُجڻ، (59) پونڇ، (60) تان، (61) جاڏو، (62) اَئَه، (63) اَڀان، (64) ترن، (65) اڇلائونڻ، (66) گنٺ، (67) جهاڙ، (68) آرو، (69) ٻُه/ٻي، (70) اُلٽي، (71) اُنِهو،
(72) ڀنوڙو، (73) ڪي، (74) ڪڏهان، (75) بيڪرو، (76) لُگائي/ڏوسي/بَهو،
(77) بانئيرو، (78) لوهڻ، (79) نينگري (ڏوسي زال لاءِ استعمال ٿئي)، (80) جهنگاڙ/ مڙهو/ جهنگل.

سواڊيش جي ڏنل جدول ۾ 80 لفظ اهڙا آهن جيڪي غلط ڏنل آهن ۽ انهن کي صحيح لکڻ سان انهن سڀني لفظن جو ڳانڍاپو گجراتي ۽ مارواڙيءَ سان ويجهو پوي ٿو. سواڊيش جيڪڏهن پارڪريءَ جا لفظ ڏئي ها ته اِها ڳالهه واضح ٿي پوي ها ته، لفظ ڪيئن ٿا پاڙيسري ٻولين کي پنھنجائن، اتي منھنجو مطلب اِهو آهي ته ڍاٽڪيءَ جا مارواڙي، سنڌي، گجراتي ۽ پارڪريءَ سان جهوني دور کان ڏي وٺ جا سلسلا هليا آهن، انهي ڏي وٺ ۾ ڍاٽڪيءَ جو مارواڙي، گجراتي، پارڪري توڙي ڪڇي طرف گهڻو لاڙو رهيو آهي، بنست سنڌي جي. انهيءَ جو سبب ثقافتي، معاشي، مذهبي، جاگرافيائي ۽ سياسي هڪ جھڙايون هجڻ آهي، جڏهن ته سنڌيءَ سان رشتو آخري دور جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

نتيجا:

ٻولين جي لاڳاپن ۽ هڪ ٻئي مان اثر جي حوالي سان ڪيل بحث مان اِهي نتيجا نڪرن ٿا ته، ڍاٽڪي ٻوليءَ جو اڻ سڌي طرح سنسڪرت ۽ هندي سان تعلق آهي، جيڪو گجراتي، مارواڙي، پارڪري ۽ ڪڇي ٻولين جي ذريعي جڙي ٿو، جڏهن ته ٻين مذڪوره ٻولين سان ڍاٽڪيءَ جو سڌو سنئون تعلق آهي. گجراتي، ڪڇي، مارواڙي، پارڪري وغيره  ٻوليون سڀ ڍاٽڪيءَ جو نه صرف پاريسري ٻوليون آهن، بلڪ اتان جي ٻولين جي خطن جون سياسي، معاشي مذهبي ۽ جاگرافيائي پڻ هڪجھڙايون رهيون آهن، جنھن جي بنياد تي ڍاٽڪي انهن ٻولين کي تمام گهڻو ويجهو رهي آهن. جڏهن ته ڍاٽڪيءَ تي سنڌيءَ جو اثر ويجهڙ ۾ سياسي حدن جي بدلجڻ سبب ٿيو آهي، تنھن جي باوجود ڍاٽڪي اڃا تائين پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکيو اچي،  اهو اثر رابطي جي ذريعن وڌڻ سبب ڏينھون ڏينھن وڌندو وڃي ٿو ۽ اِهو اثر پڻ اڻ سڌي طرح سنڌيءَ جي ٿري محاوري ذريعي پوي ٿو.

 

حوالا

  1. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌ، 1987ع، صفحو 316، 317 ۽ 318
  2. هريجن، رائيچند ، ”تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيو) “، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو/ حيدرآباد سنڌ، 1988ع، ص 136.
  3. آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ، 2004ع، ص 130 ۽ 131
  4. جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار/ هدايت پريم، ”ٿر جي ٻولي“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ، 1994ع، ص 27.
  5. قريشي، عبدالحفيظ (مھاڳ)، ”ڪڇ جو رڻ“، محمد سومار شيخ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ، 2006ع، ص 15.
  6. ساڳيو، ص 21.
  7. جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار/ هدايت پريم، ”ٿر جي ٻولي“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ، 1994ع، ص 104.
  8. ساڳيو، ص 104.
  9. ساڳيو، ص 104.
  10. ساڳيو، ص 104
  11. ساڳيو، ص 105.
  12. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌ 1987ع، ص 350.
  13. ساڳيو ص 350.
  14. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2006ع، ص 190 ۽ 191.
  15. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌ، 1987ع، ص 352.
  16. ساڳيو ص 353.
  17. جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار/ هدايت پريم، ”ٿر جي ٻولي“، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ 1994ع، ص 77 کان 87.
212 ڀيرا پڙهيو ويو