سُرن جي مؤجد مِيين شاهه عنات جي رسالي جي سُرن جو تحقيقي اڀياس
(A Research Study on Miyoon Shah Inaayat Rizvi’s Sur )

سعيد سميجو

Abstract:

Meon Shah Inaat Rizvi was a sindhi sufi mystic and poet. He is widely considered to be one of the greatest poets of the sindhi language. His poems were compiled by Dr. Nabi bux khan Baloch under the title “Miyen Shah Inaat jo kalaam (ميين شاهه عنات جو ڪلام)”. It was first published in 1963. Meon Shah Inaat Rizvi was a classical poet since he used classical Sindhi idioms and classical forms of Sindhi bait and waae or kafi in his poetry.

Meon Shah Inaat Rizvi was first classical poet who started the tradition of composing Surs, and ushered in a new era of Sindhi classical poetry. Folk tales attained a special prominence in Sindhi classical poetry during his period. Because Meon Shah Inaat Rizvi assembled the chapters (Surs), he began to write diverse stories within them. Meon Shah Inaat Rizvi is the creator of both the Sur and the vocal genre.

This paper investigates the relationship between Meon Shah Inaat Rizvi's Surs and Shastri Sangeet by analysing all of his Surs.

Keywords: Sur, Waae, Bait, classical poetry, sufi mystic

 

ميين شاهه عنات رضوي سُرن جو مؤجد:

ميون شاهه عنات رضوي سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو اهو اهم رتن آهي، جنھن شاعريءَ ۾ سُر لکڻ جي روايت وجهي، ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جي هڪ نئي دور کي جنم ڏنو، جنھن سان سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ اندر لوڪ داستانن جي هڪڙي الڳ حيثيت سامهون آئي. صرف انهيءَ ڪري جو ميون شاهه عنات رضويءَ سُرن کي جوڙي انهن اندر مختلف داستانن جي چٽسالي شروع ڪئي. ميين شاهه عنات رضوي نه صرف سُرن جو مؤجد بلڪه وائي صنف جو به مؤجد آهي. جنھن پھريون ڀيرو ڪلاسيڪل شاعريءَ اندر هڪڙي شاهڪار صنف جو اضافو ڪيو. ان باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب “ميين شاهه عنات رضويءَ جو ڪلام” جي مقدمي ۾ لکي ٿو:

”وائي جي ’لفظن‘ کي وائي جي ’لئي‘ سان هم آهنگ ڪرڻ واري نُڪتي جو موجد غالباً ميون شاهه عنات ئي آهي، ۽ ان جو وڏو سبب اهو هو، جو هو ننڍي هوندي راڳ جي مجلسن ۾ اٿيو ويٺو ۽ راڳ جي ڪافي ڄاڻ ۽ پڙوڙ حاصل ڪيائين. انهيءَ ڪري ئي پھريون ڀيرو پنھنجي بيتن ۽ واين کي ’سرودن‘ ۾ سموهيائين، جن مان ڪلياڻ، جمن، کنڀات، سريراڳ، رامڪلي، پرڀاتي (پرڀات)، ڌناسري، جيتسري، پوربي (پورب)، آسا، بلاول، سورٺ، سارنگ، توڏي (ٽوڙي) ۽ ڪاموڏ تسليم شده راڳ ۽ راڳڻيون آهن. سندس راڳ ۽ سُرن جي ڄاڻ ان مان ظاهر آهي، جو خود بيتن ۾ ’وِهاڳ‘ راڳ جو نالو کنيو اٿس.“ (1)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مٿين راءِ موجب ميون شاهه عنات ئي اهو پھريون سنڌي ڪلاسيڪل شاعر هو جيڪو نه صرف سُرن جو مؤجد بڻيو، بلڪه وائيءَ جو به مؤجد آهي گڏوگڏ ميون شاهه عنات راڳ بابت پڻ سٺي ڄاڻ رکندڙ هو. ڇاڪاڻ ته ان جي سُرودن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سندس اهي سڀ سُر بنيادي طور تي مقبول راڳن جا ئي نالا آهن.

ميين شاهه عنات جي رسالي ۾ سُر مارئي، سُر ليلا، سُر ڪاپائتي، سُر ڏهر، سُر ڪارائيڙو وغيره شاستريه سنگيت جا راڳ نه آهن. يا پوءِ جي اهي شاستريه سنگيت ۾ موجود  به آهن ته ڪنھن ٻئي نالي سان آهن. جيئن راڳ ”جمن“ ميين شاهه عنات راڳ ”يمن“ جي نالي تحت ڄاڻايو آهي. جيئن راڳ ”کنڀات“ ميين شاهه عنات راڳ
”کماچ“ کي ٻڌي پوءِ سندس نالو کنڀات رکيو. يا جيئن راڳ مومل راڻو (جيتوڻڪ اهو هڪڙو عشقيه داستان آهي) شاستريه سنگيت ۾ اهو راڳ موجود نه آهي، پر ان جي گهڙت ۽ ڳائڪي ضرور ملي ٿي، جيڪا خاص طور تي ٻن راڳن کي ملائي ڪري ٺاهي ويئي آهي (جنھن کي مشر ميل راڳ چيو ويندو آهي). جيڪا صرف ۽ صرف سنڌ جي سرزمين مان ڦٽي نڪتي آهي، ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ”مومل راڻو“ راڳ ئي موجود نه آهي. ان راڳ جي به پڻ ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ کپي ۽ ان سان گڏ انهن سڀني سُرن جي به مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن تي هڪڙي جامع تحقيق جي ضرورت آهي. ته جيئن اهو معلوم ڪري سگهجي ته ميين شاهه عنات وٽ باقي جيڪي راڳ (سُر) بچن ٿا، انهن سڀني جو شاستريه سنگيت سان ڪيترو تعلق آهي. ڇاڪاڻ ته انهن منجهان ڪجهه ته سڌا سنوان عشقيه داستانن جا نالا آهن. جن ۾ سُر مارئي، سُر ليلا، سُر مومل راڻو، سُر سسئي، سُر سھڻي ميھار ۽ سُر ڏهر وغيره اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب:

 ”سنڌي راڳ جي روايت ۾ ”سُر“ موضوعاتي موسيقيءَ جي برابر آهي. انهيءَ لحاظ سان سُر وار سنڌي موسيقي اها موسيقي آهي، جيڪا ’سُر‘ ۽ ’موضوع‘ جي ميلاپ تي ٻڌل آهي.“ (2)

جيڪڏهن انهن داستانن وارن سُرن بابت اهو چئون ته اهي رڳو ”موضوعاتي ڳالهه“ تي ٻڌل سُر آهن ته به ڳالهه کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. تنھن هوندي به اها هڪ نئي روايت ضرور شمار ڪئي ويندي، ته شاستريه سنگيت جي راڳن کي ميين شاهه عنات رضوي پھريون ڀيرو سنڌي موسيقيءَ سان ڳنڍي هڪ نئي ۽ نج روايت کي جنم ڏنو آهي.

سُر بابت ٻه وضاحتون:

عام طور تي سُر کي موسيقيءَ جو خاص حصو سمجهيو ويندو آهي. ۽ ان جي الڳ سان حيثيت پڻ آهي. سُر تي بحث ڪرڻ کان اڳ ان جي باري ۾ ٻه ڳالهيون سمجهڻ ضروي آهن، ڇاڪاڻ ته اوائلي هندي موسيقيءَ ۾ سُر جي هِڪڙي ۽ سنڌي موسيقيءَ اندر جي اصطلاحي معنيٰ ڪا ٻي آهي، تنھن ڪري اسين اڳ هندي موسيقيءَ (يعني شاستريه سنگيت ۾ سُر) جي وصف ۽ ان جي اهميت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ پوءِ سنڌي موسيقيءَ اندر ”سُرَ“ جي وصف ۽ ان جي اهميت کي سمجهنداسين.

هندي موسيقيءَ ۾ سُر جي وصف:

سُر اهو آواز، جيڪو ڪنن کي وڻندڙ هجي ان کي سُر چئجي ٿو. سُر آواز جي هڪ حصي جو نالو آهي. اُن جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار قريشي پنھنجي مقالي ”علم موسيقي“ (راڳ جو علم) ۾ لکي ٿو ته، ”سُر جي معنيٰ آهي نڙيءَ جو آواز.“ (3)

ڊاڪٽر ذوالفقار جي راءِ موجب سُر آواز جو نالو آهي. جڏهن ته ان آواز جي ڪا به شڪل ٿي سگهي ٿي. سُر بابت استاد امير علي خان پنھنجي ڪتاب ”سُر، شاهه ۽ سمنڊ“ ۾ لکي ٿو:

”’راڳ ۽ تال‘ کي لکي سگهجي ٿو. جڏهن ته ’لئه ۽ سُر‘ کي لکي نه ٿو سگهجي. انهن کي صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو.“ ساڳي ئي صفحي تي استاد امير علي خان سُر جي وڌيڪ وضاحت هيئن ڪري ٿو: ”راڳ ۽ تال کي جيڪا شئي آواز وسيلي قائم ڪري انهيءَ کي ”سُر“ چئبو آهي.“ (4)

مٿين راءِ استاد امير علي خان جي سُر جي وضاحت ڪري ٿي ۽ ان مطابق سُر، راڳ ۽ تال جو پاڻ ۾ سنگم آهي. ساڳي ريت ان مان سُر جي آواز هجڻ واري ڳالهه به ظاهر ٿئي ٿي.

سنڌي زبان ۾ علم موسيقيءَ جو واحد ترجمان ڪتاب ”راڳ ساگر“ آهي، جيڪو سنڌ اندر شاستريه سنگيت جي صحيح سڃاڻپ ڪرائيندڙ ڪتابن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ان ڪتاب ۾ پير بخش مير محمد مغل سُر جي وضاحت ۾ هيئن لکي ٿو: ”سُر هڪ موزون ۽ دلڪش آواز جو نالو آهي، جو انسان جي گلي يا ڪنھن ساز يا ڪنھن ٻي شئي (ساز) مان نڪتل هوندو آهي.” (5)

پير بخش مير محمد مغل جي راءِ مان واضح ٿئي ٿو ته، سُر هڪ دلڪش آواز جو نالو آهي. يعني ڪو به دل کي ڇهندڙ آواز ئي سُر جي ذمري هيٺ اچي ٿو. پر ڪو به آواز هڪ نه هوندو آهي. يعني ان آواز ۾ لاهه چاڙهه ضرور هوندو آهي.

 سنڌي موسيقيءَ ۾ سُر جي وصف:

جيئن اسين مٿي چئي آيا آهيون، ته شاستريه (هندي) موسيقيءَ ۾ سُر جي هِڪڙي، جڏهن ته سنڌي موسيقيءَ ۾ سُر جي ٻي معنيٰ آهي. هتي اسين اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته سنڌيءَ ۾ ”سُرَ“ جو ڪھڙو مطلب ۽ مفهوم آهي. ان ڏس ۾ سڀ کان پھرين راءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي آهي، جنھن پنھنجي ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته: ”سنڌي راڳ جي روايت ۾ ”سُر“ جون ٻيون معنائون آهن. هڪ معنيٰ ۾ سُر، روپ ۽ راڳ ساڳي ڳالهه آهن، ٻيءَ معنيٰ ۾ ”سُر“ ڄڻ ٺاٺ (Mode) جي مثل آهي، ۽ اڃا ٽين معنيٰ ۾ (جيڪا خاص طرح ’سُر وار موسيقي‘ جو بنياد آهي.) ’راڳ جي سر‘ ۽ ’ڳالهه جي سُر‘ (موضوع) انهن ٻنهي جي سنگم کي ”سُر“ سڏجي ٿو.“ (6)

سنڌي موسيقيءَ بابت ڊاڪٽر صاحب مٿي ٽي وضاحتون ڪيون آهن، پھرين سُر جي وضاحت ۾ ڊاڪٽر بلوچ سُر کي ”ڳالهه“ چيو آهي. ٻيءَ وضاحت ۾ ڊاڪٽر بلوچ ان کي ٺاٺ (جنھن کي موسيقيءَ ۾ اسين مرڪز چوندا آهيون.) ۽ جڏهن ته ٽين وضاحت موجب ڊاڪٽر بلوچ صاحب سُر کي هڪ ”موضوعاتي ڳالهه“ چئي ٿو.

مٿين ٽنھي راين کي سامهون رکي اگر اسين ٿورن لفظن ۾ اهو سمجهون ته سنڌيءَ ۾ ”سُر“ کي ”موضوعاتي ڳالهه“ چئبو آهي ته به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ اهم آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق ۽ مٿي ڏنل حوالي موجب سُر بابت اهو به نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته سنڌي ۾ ”سُر“ کي اسين باب  (Chapter) طور ڄاڻي سگهون ٿا. ڇاڪاڻ ته ان اندر ڪنھن نه ڪنھن داستان کي ڳايو ويو آهي. ۽ هر داستان کي هڪ سُر هڪ ”عنوان“ طور ڏنو ويو آهي. جھڙوڪ: سُر مارئي ۾ عمر مارئي جو پورو داستان، سُر ليلا ۾ ليلا چنيسر جو پورو داستان ۽ سُر مومل راڻو ۾ مومل راڻي جو پورو داستان موجود آهي. جڏهن ته شاستري سنگيت جي ٻين راڳن جو سُر طور استعمال ڪرڻ ميين شاهه عنات جو موسيقيءَ سان چاهه ۽ لڳاءُ ۽ ان بابت ڄاڻ آهي. ٻيو دليل اهو به آهي ته ميين شاهه عنات جي رسالي جي 22 سُرن منجهان ڪجهه سُر شاستريه سنگيت جا راڳ آهن، جڏهن ته باقي چند سُر نج سنڌي لوڪ داستان آهن. جن بابت تحقيق جي ضرورت آهي. يا ته اهي سنڌي موسيقيءَ جي سُرن (راڳن) جا نالا آهن. يا پوءِ سنڌي لوڪ داستانن جا نالا ٿي سگهن ٿا.

ميين شاهه عنات جي رسالي ۾ سُرَ:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب ميين شاهه عنات رضويءَ جي رسالي ۾ ڪُل 22 سُر آهن. انهن سُرن منجهان 17 سُر ته سڌا سنوان شاستريه موسيقيءَ جا ”راڳ“ آهن، جڏهن ته 5 سُر سنڌي موسيقيءَ جا راڳ ٿي سگهن ٿا. جن ۾ سُر مارئي، سُر ليلا، سُر ڪاپائتي، سُر ڏهر ۽ سُر ڪارائيڙو شامل آهن، جن تي تحقيق ڪري انهن کي سنڌي راڳ يا پوءِ شاستريه راڳ سان ثابت ڪرڻ جي ضرورت آهي.

  اسين هتي ميين شاهه عنات رضويءَ جي رسالي ۾ موجود سڀني سُرن کي سامهون رکي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ته انهن منجهان ڪھڙا سُر شاستريه سنگيت مان کنيا ويا آهن.

شاستريه راڳ (سُر):

ميين شاهه عنات جي رسالي ۾ 22 سُرن منجهان 17 سُر شاستريه سنگيت جي راڳن جا نالا آهن. جن ۾ سُر ڪلياڻ، سُر جمن (سُر يمن)، سُر کنڀات (کماچ)،
سُر سِريراڳ، سُر رامڪلي، سُر پرڀات، سُر ڌناسري، سُر جيتسري، سُر پورب، سُر آسا (جيتوڻڪ شاستريه ۾ آسا ناهي، پر سنڌي راڳ تسليم ڪيو ويندو آهي)، سُر مومل راڻو (جيتوڻڪ شاستري ۾ مومل راڻو راڳ موجود ناهي، پر سنڌي راڳ تسليم ڪيو ويندو آهي)، سُر بلاول، سُر ديسي، سُر سورٺ، سُر سارنگ، سُر توڏي (ٽوڙي)، ۽ سُر ڪاموڏ شاستريه سنگيت جي ٺاٺن مان کنيل راڳن جا سڌا سنوان نالا آهن، جيڪي شاستريه سنگيت جي مختلف ڪتابن ۾ به ملن ٿا. هتي اسين مختلف ڪتابن جي روشنيءَ ۾ هر هڪ شاستريه سُر (راڳ) جو تفصيل پيش ڪيون ٿا.

1: سُر ڪلياڻ (ايمن ڪلياڻ)

سُر ڪلياڻ سنگيت مالها ۾ ”راڳ ايمن ڪلياڻ“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو ڪلياڻ ٺاٺ جو ستن سُرن تي مشتمل راڳ آهي. (7)   ان راڳ جي پسمنظر ۾ ميين شاهه عنات 2 سُر لکيا آهن. يعني هڪڙو خود ڪلياڻ (ايمن ڪلياڻ) ۽ ٻيو سُر ”جمن“ جنھن کي ”ايمن“ ڪري پڙهيو ويندو آهي.

شاستري سنگيت ۾ هر راڳ جي ڳائڻ جو هڪڙو خاص وقت مقرر ڪيل آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ڪنھن به راڳ جو وقت ان جي اثر کي ظاهر ڪندو آهي. يعني جيئن ڪلياڻ راڳ آهي. ته ان جو اثر شام جي پھر ۾ وڌيڪ هوندو آهي. اهڙيءَ ريت ميين شاهه عنات هن راڳ ۾  12 بيت ۽ 2 وايون لکيون آهن. موضوعاتي حوالي سان ميين شاهه عنات هُن سُر (راڳ) جي اثر کي محسوس ڪندي پنھنجي شاعريءَ جو موضوع به اهڙو ئي رکيو آهي، جنھن ۾ هُن ڌڻيءَ جي ساراهه، بندگي، ڌڻيءَ جي رحمت ۽ پاڻ سڳورن سان محبت جو اظھار ڪيو آهي.

2: سُر جمن (ايمن ڪلياڻ)

جيئن ته مٿي اسين اهو ڄاڻائي آيا آهيون، ته ميين شاهه عنات سُر ڪلياڻ جي پسنظر ۾ 2 سُر لکيا آهن، جنھن مان هڪڙو ”سُر ڪلياڻ“ آهي، جنھن ۾ 12 بيت 2 وايون لکيون ويون آهن. جڏهن ته ٻيو ”سُر جمن“ جي نالي سان سُر ايمن ڪلياڻ جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي. جڏهن ته هنن ٻنهي ۾ ”راڳ“ جو ڪو به فرق نه آهي. البته موضوعاتي حوالي سان اهي ٻئي سُر هڪٻئي کان منفرد ضرور آهن.                 

سُر ڪلياڻ جو موضوع ۽ ان اندر جيڪي به بيت آهن اهي سُر جمن (ايمن) کان جدا ۽ ڌار آهن. سُر ڪلياڻ جي موضوعاتي حوالي سان مٿي جائزو پيش ڪيل آهي. هتي اسين ”سُر جمن (ايمن)“ جو موضوعاتي پسمنظر پيش ڪري رهيا آهيون.

سُر جمن (ايمن) ۾ ميين شاهه عنات ”سِڪ“ جو تصور پيش ڪيو آهي، جنھن ۾ سچي سڪ محبت جي واٽ وٺي، منزل طرف وٺي وڃي ٿي، جنھن ۾ عاشق جو علاج طييبن وٽ نه، بلڪه خود محبوب آهي، يا محبوب جو ديدار آهي، جنھن ۾ پرينءَ جي سارَ گهڻي اهم ۽ عاشق جي لاءِ سچي محبت جو اهڃاڻ آهي.

3: سُر کنڀات (کماچ)

سُر کنڀات (کماچ) درحقيقت شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ کماچ“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو کماچ ٺاٺ جو راڳ آهي. هي راڳ ويندي ڇهه سُرن ۽ واپسي ايندي ست سُرن تي مشتمل آهي. (8)   هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت رات جي ٻئين پھر جو ٻڌايو ويو آهي.

موضوعاتي حوالي سان ميين شاهه عنات هن سُر (راڳ) ۾ 35 بيت ۽ 1 وائي لکي آهي. حيران ڪُن ڳالهه اها آهي ته ميون شاهه عنات هن راڳ جي ڳائڻ جي وقت کان واقف هيو. ڇاڪاڻ ته هي رات جي پوئين پھر ۾ ڳايو ويندو آهي. ۽ هن سُر ۾ ميين شاهه عنات فطرت جي جمال سان گڏ محبوب جو جمال ۽ ان جي حسن جو ذڪر ڪيو آهي. فطرت جي جمال ۾ چنڊ، سج، تارن ۽ ڪَتين تائين جو ذڪر شامل آهي.  اوهان کي هن سُر ۾ جماليات گهڻي پڙهڻ لاءِ ملندي.

4: سُر سِريراڳ (سِري راڳ)

سُر سِريراڳ (سِري راڳ) شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ سِري راڳ“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو پوربي ٺاٺ جو راڳ آهي. جنھن ۾ ويندي پنج سُر ۽ واپسيءَ ۾ ست سُر لڳايا ويندا آهن. (9) هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت شام جو پھر آهي.  شام پھر مھاڻا جڏهن سامونڊي سفر دوران جيڪي فطرت جا رنگ ڏسن ٿا، انهن سڀني کي ميين شاهه عنات پنھنجي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي.

هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات 18 بيت ۽ 1 وائي لکي آهي. موضوعاتي حوالي سان ميين شاهه عنات هن سُر ۾ سامونڊي سوداگرن ۽ مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. هن سُر ۾ سامونڊي سير و سفر کان ويندي سمنڊ سان لاڳاپيل سڀني عنصرن جو وڏي حسناڪي سان اظھار ڪيو ويو آهي.

5: سُر رام ڪلي

سُر رام ڪلي شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ رام ڪلي“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو ڀيرو ٺاٺ جو راڳ آهي. جنھن ۾ ويندي پنج سُر ۽ واپسيءَ ۾ ست سُر لڳايا ويندا آهن. (10) هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت صبح جو آهي. شايد اهو ئي سبب هجي، جو ميين شاهه عنات هن سُر ۾ جوڳين، آديسين ۽ ڪاپڙين جو ذڪر ڪيو آهي.

هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات جا 22 بيت مليا آهن. موضوعاتي حوالي سان ميين شاهه عنات هن سُر ۾ صوفي فقيرن جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه عنات اهو پھريون شاعر آهي، جنھن سناسين، سامين، آديسين، ويراڳين، جوڳين ۽ ڪاپڙين کي هُن سُر ۾ تفصيل سان ڳايو آهي.

6: سُر پرڀات (پرڀاتي)

سُر پرڀات (پرڀاتي) شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ پرڀات“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو ڀيرو ٺاٺ جو ستن سُرن تي مشتمل راڳ آهي. (11)  هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت صبح جو آهي ۽ عام طور تي هن راڳ ۾ خدا جي ساراهه ۽ ثنا ڪئي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ميين شاهه عنات ان ۾ سپڙ ڄام چوٽاڻي جي ثنا ڪئي آهي.

هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات 26 بيت ۽ 3 وايون چيون آهن. موضوعاتي حوالي سان هن سُر ۾ ميين شاهه عنات سردار سپڙ ڄام چوٽاڻي جي سخا کي خوب ڳايو آهي، جنھن ۾ هُن هڪ مشهور روايت جيڪا سپڙ ڄام سان منسوب آهي، سا پڻ ٻڌائي آهي.

7: سُر ڌناسري

سُر ڌناسري  شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ ڌناسري“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو ڀيروي ٺاٺ جي ستن سُرن تي مشتمل راڳ آهي . (12)  هن راڳ جو وقت صبح جو آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي ته ميين شاهه عنات هن سُر ۾ ولين، بزرگن ۽ پيرن جي ساراهه ڪئي آهي.

هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات 58 بيت ۽ 11 وايون لکيون آهن. موضوعاتي حوالي سان هن سُر ۾ ميين شاهه عنات سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر موجود ولين، پيرن، بزرگن ۽ مرشدن جي عقيدت، فضليت ۽ انهن جي فيض جي ساراهه ڪئي آهي.

نوٽ: راڳ ڌناسري هڪڙو ڪافي ٺاٺ جو راڳ آهي، ۽ ساڳي نالي سان
”راڳ ڌناسري“ ٺاٺ ڀيروي ۾ به ڳايو ويندو آهي. جڏهن ته راڳ پوريا ڌناسري
”پوربي ٺاٺ“ جو راڳ آهي، پر ميين شاهه عنات جي بيتن تي اگر موضاعاتي حوالي سان نظر ڪجي ٿي ته اهو معلوم ٿي وڃي ٿو ته اهو ”ڀيروي ٺاٺ“ جو ئي راڳ آهي. ڇاڪاڻ ته ڀيروي ٺاٺ مان نڪرندڙ راڳ ”ڌناسريءَ“ جو وقت صبح جو آهي. ۽ ساراهه ۽ ثنا جي به اگر ڳالهه ڪجي ٿي ته اها به صبح سان ئي مطابقت رکي ٿي. ان ڪري ان دليل جي آڌار تي اسان اهو راڳ (سُر) ڀيروي ٺاٺ مان ئي ڄاڻايون ٿا. وڌيڪ ان تي تحقيق جي ضرورت آهي.

8: سُر جيتسري (جيت سِري)

سُر جيتسري  (جيت سِري) شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ جيتسري“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو پوربي ٺاٺ جو ستن سُرن تي مشتمل راڳ آهي. (13) هن راڳ جي ڳائڻ جو پھر شام جو آهي. هِن سُر ۾ ميين شاهه عنات ڪانگ جي پيغام کڻي اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات 6 بيت ۽ 1 وائي چئي آهي. موضوعاتي حوالي سان ميين شاهه عنات هن سُر ۾ سڄڻ جي سِڪ ۽ پرينءَ ڏي ڪانگ ذريعي پيغام موڪلڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

9: سُر پورب (پوربي)

سُر پورب (پوربي) شاستري سنگيت ۾ ”راڳ پوربي“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو پوربي ٺاٺ جو ستن سُرن تي مشتمل راڳ آهي. (14)  هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت شام جو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي ته ميين شاهه عنات فقيرن جي بنواس جو وقت شام جو سمجهي ان سُر ۾ ئي بيت لکيا هجن. هن سُر  ۾ ميين شاهه عنات 28 بيت ۽ 2 وايون چيون آهن. موضوعاتي حوالي سان  هن سُر ۾ ميين شاهه عنات پورب مان ايندڙ فقيرن سان پيار ۽ انهن جي تپسيا جو ذڪر ڪيو آهي. جنھن ۾ پورب کان اچي سنڌ ۾ رهندڙ فقيرن جا پار پتا ۽ سندن آستانه وغيره جا ذڪر ٿيل آهن. هن سُر ۾ پھريون ڀيرو ”ڪانگ“ کي قاصد طور استعمال ڪيو ويو آهي.

10: سُر آسا

هن راڳ جو عام طور موسيقيءَ جي ڪنھن به ڪتاب ۾ ذڪر نه ٿو ملي، مگر ان سان ملندڙ جلندڙ سُرن جھڙا راڳ موجود آهن. هن راڳ بابت استاد امير علي خان جي راءِ آهي ته: ”هي داستان ”سُر آسا“ ٻن ٺاٺن کي جنم ڏئي ٿو. خاص ڪري هي داستان ۽ انهيءَ جي سُرن مان پھرين پيدا ٿو ٿئي آساوري ۽ بلاول.“(15) استاد امير خان جي تحقيق مطابق هي سُر ”آسا“ ٻن ٺاٺن جي جي ميل سان جوڙيو ويو آهي، جنھن ۾ آساوري ٺاٺ جا سُر به لڳن ٿا، ته بلاول ٺاٺ جا به.اڳتي ان جي وضاحت ۾ استاد امير علي خان لکي ٿو ته: ”سُر آسا مان آساوري جي ٺاٺ جي راڳ ”کٽ“ جو جنم ٿئي ٿو. هي آساوري ٺاٺ جو سمپورڻ راڳ آهي.“ (16)

اگر اسين مٿين راءِ موجب اهو مڃون ته سُر (راڳ) ”آسا“ واقعي آساوري ٺاٺ جي راڳ ”کٽ“ جي هم شڪل يا ان جي ئي حقيقي روپ جھڙو سُر (راڳ) آهي ته پوءِ ان جي صورت شاستريه سنگيت ۾ ٺاٺ آساوريءَ ۾ موجود آهي جنھن ۾ راڳ
”کٽ“ ستن سُرن جو ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته ان ۾ ڪيئي راڳن جي ميل جول هئڻ جو به ذڪر آهي، جيڪو استاد امير علي به ڪيو آهي. ڪافي استادن جو اهو به خيال آهي ته اهو راڳ ”کٽ“ ڇهه راڳن جي ميل جول سان جُڙيو آهي. (17)  شاستريه سنگيت موجب راڳ ”کٽ“ جي ڳائڻ جو وقت صبح جو آهي.

اها ڳالهه موسيقيءَ جي علم رکندڙن لاءِ به هڪڙو سوال پئدا ڪري ٿي. اگر اهو راڳ شاستريه سنگيت ۾ ”کٽ راڳ“ طور سڃاتو ۽ ڄاتو وڃي ٿو ته پوءِ ان ”سُر آسا“
جو صرف نالو  تبديل ڪري ڏيکاريو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته استاد امير جي تحقيق مطابق سُر (راڳ) ”آسا“ ٻن راڳن جي ميلاپ (يعني آساوري ۽ بلاول) مان ڦٽي نڪتل محسوس ٿئي ٿو، جڏهن ته استاد ان جا پيرا کڻندي آساوري ٺاٺ جي راڳ ”کٽ“
تائين پهچي وڃي ٿو.

موضوعاتي حوالي سان ميين شاهه عنات هن سُر ۾ 13 بيت ۽ 2 وايون چيون آهن. جن ۾ توحيد جا پوئلڳ، سڌي راهه تي هلڻ وارا، نياز ۽ نئڙت ڪرڻ وارا، تڪبر ۽ هٺَ کان پاڪ، پرينءَ جي پچار ڪرڻ وارا بيت پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ان قسم جي موضوع کي اسين اگر راڳ جي وقت سان جانچيون ته پوءِ اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته اهو سُر (راڳ) ”آسا“ درحقيقت آساوري ٺاٺ جي راڳ ”کٽ“ جي ئي شڪل ۾ شاستريه راڳ مان کنيو ويو آهي. جنھن جي ڳائڻ جي وقت مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، ميين شاهه عنات پنھنجي اهڙن موضوعن کي صبح جو ئي ڳايو آهي.

11: سُر مومل راڻو

ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ سُر مومل راڻو هڪڙو عشقيه داستان آهي، جيڪو اسان کي سومرن جي دور کان ملي ٿو، پر جڏهن سُر (راڳ) جي ڳالهه ڪريون ته اسان کي شاستريه سنگيت ۾ ”مومل راڻي“ نالي ڪو به راڳ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. اها ڳالهه يقينن اچرج جھڙي آهي ته سنڌ جو مقبول راڳ ”راڻو“ ان جي پنھنجي ڪا به شڪل ڪنھن به موسيقيءَ جي ڪتاب ۾ موجود نه آهي. اگر اسين ان کي سنڌ جو راڳ تسليم ڪريون، ته به اسان کي ان جو گرامر ڏسڻو پوندو. يا پوءِ اسان جي سڀني سنڌي راڳن جو گرامر هئڻ کپي، جيڪو درحقيقت ڪونهي. اسين راڳ مومل راڻو جا پيرا کڻنداسين ته به اسان کي اهو شاستريه سنگيت ۾ نظر ايندو.

گرامر جي حوالي سان مومل راڻو ٻن راڳن جو ميلاپ آهي، جنھن ۾ ويندي وقت پنج سُر جيڪي راڳ دُرگا جا لڳايا وڃن ٿا ۽ جڏهن ته واپسي ۾ ايندي وقت ست سُر جيڪي راڳ ڀيم پلاسي جا لڳايا ويندا آهن. يعني اوهين ڏسندئو ته هي راڳ ٻن راڳن جو ميل آهي. شاستريه سنگيت ۾ اهو ئي ان جو گرامر آهي، تنھن هوندي به شاستريه سنگيت ۾ اهو راڳ موجود نه آهي، پر ان هوندي به راڳ راڻو هڪڙو شاندار ۽ خوبصورت راڳ ٿي سنڌ ۾ سامهون آيو. ۽ شايد اهو ئي سبب هو، جو ميين شاهه عنات ان سُر (راڳ) ۾ مومل راڻي جو مقبول عشقيه داستان ڳايو. موضوعاتي حوالي سان اگر ڏسجي ته هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات 9 بيت ۽ 2 وايون چيون آهن، جنھن ۾ مومل ۽ سندس سهيلين، پنھنجي سينگار سان راڻي کي موهيو آهي، ۽ ائين راڻو ڪاڪ ڪهي مومل تائين پهچي ٿو.                   

سڀ کان توجهه طلب ڳالهه اها آهي ته ميون شاهه عنات اهو پھريون شاعر آهي، جنھن پنھنجي ڪلام ۾ عورت جي سونھن، ان جي حسن ۽ سينگار جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ائين ڪري ميين شاهه عنات مجازي شاعريءَ جو به باني بڻيو آهي.

12: سُر بلاول

سُر بلاول شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ بلاول“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو بلاول ٺاٺ جي ستن سُرن تي مشتمل راڳ آهي. (18)  هِن راڳ جي ڳائڻ جو وقت صبح جو ٻڌايو ويو آهي. يعني هن راڳ ۾ به ڪنھن شئي جي ساراهه صبح جي پھر ۾ ڪئي ويندي آهي.

هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات 17 بيت ۽ 6 وايون لکيون. موضوعاتي حوالي سان  هن سُر ۾ ميين عنات سنڌ جي نامور شخصيتن جي بھادري، انهن جي سخاوت ۽ سورهيائي کي ڳايو آهي.

13: سُر ديسي

سُر ديسي شاستري سنگيت ۾ ”راڳ ديسي“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو آساوري ٺاٺ جو راڳ آهي. جنھن ۾  ويندي پنج سُر ۽ واپسيءَ ۾ ست سُر لڳايا ويندا آهن. (19)  هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت ٻه پھري آهي. ان ڪري ميين شاهه عنات، سسئيءَ جي ٻه پھري واري پنڌ جو ذڪر به هن سُر ۾ آهي.

هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات 14 بيت ۽ 6 وايون چيون آهن. موضوعاتي حوالي سان  هيءُ سُر سسئي پنهون جي عشقيه پسمنظر تي ٻڌل آهي. جنھن ۾ سسئيءَ جي سينگار، سسئيءَ جو جبلَ  سَر ڪرڻ سان گڏ لڪن ۽ جانورن جو ذڪر ملي ٿو.

14: سُر سورٺ

سُر سورٺ شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ سورٺ“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو کماچ ٺاٺ جو راڳ آهي. جنھن ۾  ويندي پنج سُر ۽ واپسي ۾ ڇهه سُر لڳايا ويندا آهن. (20)  هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيون پھر مقرر ڪيو ويو آهي. ميين شاهه عنات هن راڳ ۾ ڏياج جي بيدرديءَ واري ٿيندڙ قتل کي  بيان ڪيو آهي.

 هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات 11 بيت ۽ 1 وائي چئي آهي. موضوعاتي حوالي سان  هن سُر ۾ مشهور لوڪ داستان ”سورٺ راءِ ڏياج“ جو قصو ڳايو ويو آهي. ۽ ميون شاهه عنات اهو پھريون شاعر آهي، جنھن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان پھريون ڀيرو ڪلاسيڪل شاعري ۾ اهو قصو تفصيل سان پيش ڪيو، جنھن ۾ هڪ مڱڻي هڪڙي بادشاهه جي سِر جو سودو پنھنجي ساز سان ڪيو.

15: سُر سارنگ (شده سارنگ)

سُر سارنگ (شده سارنگ) شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ شده سارنگ“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو ڪافي ٺاٺ جو راڳ آهي. جنھن ۾ ويندي پنج سُر ۽ واپسيءَ ۾ ڇهه سُر لڳايا ويندا آهن. (21)  هن راڳ  جي ڳائڻ جو وقت را ت جو پھريون پھر آهي. عام طور تي هي راڳ بارش جي موسم لاءِ مشهور آهي. هن راڳ بابت اها راءِ به موجود آهي ته، هي راڳ خاص مينھن وسائڻ جي لاءِ ڳايو ويندو آهي. بهرحال، هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات جا 24 بيت ۽ 1 وائي آهي. موضوعاتي حوالي سان هن سُر ۾ ميين شاهه عنات سانوڻ ۽ مينھن جي موسم جو ذڪر گهڻو ڪيو آهي. سنڌ جي هر حصي ۾ بارش پوڻ کان پوءِ جانورن، مالوندن ۽ ڀاڳين جي لاءِ ان مُند کي سرهائيءَ جو سبب ڄاڻايو ويو آهي.

16: سُر توڏي (ٽوڙي)

سُر توڏي (ٽوڙي) شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ ٽوڙي“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو ٽوڙي ٺاٺ جو راڳ آهي، جنھن ۾ ويندي ڇهه سُر ۽ واپسيءَ ۾ ست سُر لڳايا ويندا آهن. (22)  هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت ٻه پھريءَ وارو آهي. هن راڳ جو اثر درد ڀريو ۽ محبوب جي سِڪ سان ڀرپور نظر ايندو آهي.

هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات جا 17 بيت ۽ 1 وائي ڏنل آهي. موضوعاتي حوالي سان هي سُر لوڪ عشقيه داستان ”سھڻي ميھار“ جي پسمنظر ۾ چيل آهي، جنھن ۾ سهڻيءَ جي ميھار لاءِ سِڪ ۽ ڇڪ موجود آهي. ميون عنات اهو پھريون شاعر آهي جنھن سھڻي ميھار جي قصي کي وڏي تفصيل سان ڳايو آهي.

17: سُر ڪاموڏ (ڪامود)

سُر ڪاموڏ (ڪامود) شاستريه سنگيت ۾ ”راڳ ڪامود“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو ڪلياڻ ٺاٺ جو راڳ آهي. جنھن ۾ ويندي ڇهه سُر ۽ واپسيءَ ۾ ست سُر لڳايا ويندا آهن. (23) شاستريه سنگيت ۾ هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت شام کان اڳ جو آهي. محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته تماچي جڏهن ڪينجهر جي سير تي شام جي پھر کان ٿورو ئي اڳ نڪرندو هوندو ته ضرور هن ان راڳ کي ٻڌو هوندو. اهو ئي سبب آهي، جو ميين شاهه عنات هن سُر کي نوري ڄام تماچيءَ جي پسمنظر ۾ لکيو آهي.

هن سُر (راڳ) ۾ ميين شاهه عنات 12 بيت ۽ 1 وائي لکي آهي. موضوعاتي حوالي سان هن سُر ۾ بادشاهت، ڀاڳ، نصيب جھڙن موضوعن جو به ذڪر آهي، پر هي سُر خاص طور سنڌ جي مشهور عشقيه داستان ”نوري ڄام تماچيءَ“ جي پسمنظر ۾ چيل آهي. ميون شاهه عنات پھريون ڪلاسيڪل شاعر آهي، جنھن هن عشقيه داستان کي ڳايو آهي.

نتيجو ۽ مقصد:

مٿي ڄاڻايل تحقيقي بحث جو اصل مقصد آهي ته، ميين شاهه عنات، جن سُرن جي روايت کي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني هئي، انهن منجهان ڪيترا سُر شاستريه سنگيت جي راڳن جا اصلي نالا آهن. گڏوگڏ مٿي ڄاڻايل حوالن جي روشنيءَ ۾ اهو به معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته، ميين شاهه عنات کي راڳ بابت ڪيتري ڄاڻ هئي.  ميين شاهه عنات ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ نه صرف اهڙي نئي روايت وڌي، بلڪه شاعريءَ جي موضوعن ۽ ان جي موسيقيءَ سان پوري سڃاڻپ ڪرائڻ جو حق پڻ ادا ڪيو. ميين شاهه عنات سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي موسيقيءَ سان ڳنڍي روايتي شاعريءَ جي موضوعن جي ڀڄ ڊاهه ڪئي. جيتوڻڪ ميين شاهه عنات کان اڳ وارن وٽ به سُرن جي ڪجهه جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر اها ايتري پختي روپ ۾  نکري نه سگهي جيڪا اسان کي ميين شاهه عنات وٽ ملي ٿي. ايتري قدر جو رومانوي داستان به سُر وار ميين شاهه عنات وٽ ملن ٿا. ان سڄي ترتيب منجهان اسين اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته، ميين شاهه عنات کي ڪلاسيڪل سنگيت سان لڳاءُ هو، اهي سڀئي راڳ (جن تي هُن سُر لکيا آهن) نه صرف ٻڌندو هو، بلڪه انهن جي نالن ۽ اثر کان پڻ واقف هو.

 

حوالا:

1:      بلوچ، نبي، بخش، خان، ڊاڪٽر، تحقيق ۽ تصحيح ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2010ع، ص: 62

2:      بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، تحقيق ۽ تصنيف ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد، 2003ع، ص:  ’111

3:      قريشي ذوالفقار ڊاڪٽر، مقالو: ”علم موسيقي (راڳ جو علم)“، سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل، شمارو چوٿون، آڪٽوبر-ڊسمبر 2012ع، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ.

4:      امير علي استاد، ڪتاب ”سُر، شاهه سمنڊ“، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2007ع، ص:26

5:      مغل پير بخش محمد، ڪتاب ”راڳ ساگر“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، 2003ع، ص:  26

6:      بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، تحقيق ۽ تصنيف ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد، 2003ع، ص: 111

7:      مغل پير بخش محمد، ڪتاب ”راڳ ساگر“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، 2003ع، صفحو: 66

8:      ٺاڪر نواب علي خان، ڪتاب ”معارف النغمات (جلد اول)“ اداره فروغِ فن، B-26،
فضل بلڊنگ، شاهه عالم مارڪيٽ، لاهور،  صفحو: 178

9:      ايضاً، صفحو 276

10:    مغل پير بخش محمد، ڪتاب ”راڳ ساگر“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، 2003ع، صفحو: 152

11:    ٺاڪر نواب علي خان، ڪتاب ”معارف النغمات (جلد اول)“ اداره فروغِ فن، B-26،
فضل بلڊنگ، شاهه عالم مارڪيٽ، لاهور،  صفحو: 213

12:    مغل پير بخش محمد، ڪتاب ”راڳ ساگر“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، 2003ع، صفحو: 136

13:    ٺاڪر نواب علي خان، ڪتاب ”معارف النغمات (جلد اول)“ اداره فروغِ فن، B-26،
فضل بلڊنگ، شاهه عالم مارڪيٽ، لاهور،  صفحو: 292

14:    مغل پير بخش محمد، ڪتاب ”راڳ ساگر“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، 2003ع، صفحو: 116

15:    امير علي استاد، ڪتاب ”سُر، شاهه سمنڊ“، ص: 267، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2007ع، ص: 267

16:    امير علي استاد، ڪتاب ”سُر، شاهه سمنڊ“، ص: 267، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2007ع، ص: 267

17:    ٺاڪر نواب علي خان، ڪتاب ”معارف النغمات (جلد اول)“ اداره فروغِ فن، B-26،
فضل بلڊنگ، شاهه عالم مارڪيٽ، لاهور،  صفحو: 263

18:    مغل پير بخش محمد، ڪتاب ”راڳ ساگر“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، 2003ع، صفحو: 92

19:    ايضاً، صفحو 138

ايضاً، صفحو 104

21:    ٺاڪر نواب علي خان، ڪتاب ”معارف النغمات (جلد اول)“ اداره فروغِ فن، B-26،
فضل بلڊنگ، شاهه عالم مارڪيٽ، لاهور،  صفحو: 362

22:    مغل پير بخش محمد، ڪتاب ”راڳ ساگر“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، 2003ع، صفحو: 162

23:              ايضاً، صفحو 66

279 ڀيرا پڙهيو ويو