امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون
(Proverbs and sayings in the Poetry of Imadad Hussaini)

جاويد احمد شيخ

Abstract:

Imdad Hussaini is a poet by nature. He descends from the same 'JARAR Pota' family as the famous poet Shah Abdul Latif Bhitai. Since both his maternal and paternal ancestors are renowned for their literary accomplishments, he possesses a natural flair for poetry. His maternal grandfather was the notable Sindhi writer named Qazi Assadullah Shah Fida, and the prominent Sindhi Kafee writing (ڪافي گو) poet Hafiz Shah was the elder brother of his maternal grandfather.

Imdad Hussaini has consistently supported the modern and artistic experiments in poetry. He has composed poetry in about twenty different genres. However, he specializes in writing songs (گيت), poems (نظم) and Ghazals (غزل). A Particular poetic genere is ‘TEROO’ (ٽيڙو) which he got inspiration from Japanese ‘HAIKU’ (ھائيڪو). He also transformed and experimented many other generes of Sindhi poetry. There are various aspects and feauters of Imdad’s poetry which has been critically analyzed like universality: the universality in his poetry shines like full moon and have soothing and cooling effect that of breeze. The thought of human eternity and honour is visible in his poetry. We see the ‘sincerity’, ‘astheticism’ and sublimity of Sindhi Society and emotional expression in his poetry. He offers solutions of problems and the hopes for the development of Sindh in his poetry. His romanticism is unique and matchless. His romantic poetry for radio is replete with love songs and love Anthums which strengthen the beliefs of the beloved and the lover. The natural images in the poetry of Imdad resemble the actual beauty of nature, the colour. The melody drips like honey from his poetry of nature. His discription of nature proclaims his sense of astheticism and observation in a fascinating way. That is why the dynamics of his poetry possesses the values which are strong, charming, grand and sublime.

Imdad’s poetry is full of emotions, beauty, and wonderful similies and metaphors. In addition, he has expertly infused his poetry with lovely popular Sindhi proverbs and sayings. Imdad has his own clifferend diction, which is evident in the structure and elegance of his verse.

Keywords: Proverbs, Saying, songs, poems, Ghazal, Teroo, HAIKU

 

ڪنھن به ٻوليءَ جي نثر توڙي نظم کي مُروج پھاڪن/چوڻين، استعارن، اصطلاحن ۽ تشبيھن جي سبب ئي خوبصورتي، خاصيت، توجهه ۽ فڪري اهميت حاصل ٿئي ٿي. پھاڪا/چوڻيون نظمن توڙي نثر لاءِ ڄڻ آبِ حيات آهن. اهڙو نظم ۽ نثر فنا نٿو ٿئي، جنھن کي صنايع بدايع جو ساٿ حاصل آهي. سنڌي ادب ۾ پوءِ اهو لوڪ ادب ئي ڇو نه هجي، خوبصورت، نون پراڻن، ڏيھي پرڏيھي، خود ساخته، مروج پھاڪن/ چوڻين جي استعماليءَ ڪري ئي پنھنجي ساک برقرار رکي سگهي ٿو. سنڌيءَ ۾ اهو حسين ۽ هر دلعزيز بياني علم جي روايت ڪا اڄ جي عصري تقاضا نه آهي، بلڪه ابتدائي ايامن کان سنڌي نثر/نظم/تحرير/لکت/گفتگوءَ ۾ اهڙيون صنعتون وڏي چاهَه ۽ حڪمت دانائيءَ سان استعمال ٿينديون آيون آهن. دنيا جي هر ٻوليءَ جي شاعرن، ليکڪن، صحافين، سگهڙن وغيره پنھنجي تحريرن/تخليقن ۾ پھاڪن/چوڻين جو کليءَ دل سان استعمال ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي بقا ۽ بھتري انهيءَ عمل سان مشروط آهي. سنڌ جي نامور شاعر امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ پڻ، سنڌي پھاڪن/چوڻين جي پروقار نموني استعمالي نظر اچي ٿي، جنھن سبب سندس شعر سينگارجي سنوارجي توجهه جو مرڪز بڻجي پوي ٿو. امداد حسينيءَ ڪوتائن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر مروج ديسي پھاڪن/چوڻين جو سيبائتي نموني ۾ استعمال ڪيو آهي. ان کان اڳ جو امداد حسيني جي شاعريءَ ۾ پھاڪن جو جائزو وٺجي، پھاڪي جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي.

پھاڪي کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ’Proverb‘، اُردوءَ ۾ ڪھاوت ۽ عربيءَ ۾ ضرب المثل چوَن ٿا، جڏھن ته چوِڻيءَ جي معنيٰ ٿئي ٿي ڪنھن به ماڻهوءَ جي چيل ڳالهه کي ورجائڻ يا ڪِٿي Coat ڪرڻ. پھاڪي ۽ چوِڻيءَ کي سنڌي لُغت ۾ ڪيئن واضح ڪيو ويو آهي. انهيءَ لاءِ هِتي لُغوي معنيٰ ڏجي ٿي.

  • پھاڪو: ذ. ڪنھن خاص واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو (مثال: جڏهن ڪڏهن سنڌڙي تو کي قنڌاران جوکو.) (1)
  • چوِڻي: ث. چوَڻ جو نمُونو، محاورو، قول، پھاڪو. (2)

مٿي ڏنل پھاڪي ۽ چوِڻيءَ جي لُغوي معنائن تي غور ڪجي ته پھاڪي جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهه ۾ اچي ٿو. يعني ڪنھن خاص حادثي يا واقعي جو ٿورن لفظن ۾ فڪري اشارو. هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ سان وڏيون ويساهه گهاتيون ۽ سازشون، هلائون ۽ حملا قنڌار (افغانستان) کان ئي ٿيا. هيءُ پھاڪو انهن ئي ناجائزين جو ورجاءُ آهي. سنڌي ماڻهن افغانين جي سنڌ ۾ مچايل انڌير نگرين، ظلم ۽ بربريت جي پيشِ نظر انهن ڏينھن ۾ (اڄ کان چار پنج سئو سال اڳ) جيڪو ڪجهه ٿيو، مٿيون پھاڪو انهن حالتن واقعن جو ساکي آهي. هِتي هڪڙو ڪلهوڙن جي حڪومت جي خاتمي ۽ ٽالپر حڪمرانن جي تخت نشين ٿيڻ جو عڪاس پھاڪو پيش ڪجي ٿو جنھن ۾ اُڻ مخصوص دور ڏانھن چِٽو اشارو ڪيل آهي ته:

”آيا مير ڀڳا پير.“

سنڌ ۾ ”ڪلهوڙن جي صاحبي 1701ع کان 1782ع تائين هلي. ڪلهوڙن کي
’ميان‘ ۽ ’پير‘ به ڪري سڏيندا هُئا، ڇا ڪاڻ ته کين ڪيترا ئي مُريد هُئا......... جڏهن ڪلهوڙن جي حڪُومت ڪمزور ٿي، تڏهن ’مير‘ حاڪم ٿيا ۽ ’پير‘ ڪلهوڙا ڀڄي، ميدان ڇڏي ويا.“ (3)

مٿئين پھاڪي مان ڳالهه پڌري ٿي ته جڏهن ميرن جي حڪُومت آئي ته ڪلهوڙا پير هليا ويا. انهيءَ واقعي ۽ حالتن کي ڏسي ماڻهن اهو چوَڻ شروع ڪيو هُوندو ته آيا مير ڀڳا پير. هن قسم جي عام ماڻهن جي واتان تاريخي پس منظر رکندڙ چوِڻيءَ اڳتي هلي پھاڪي جو روپ اختيار ڪيو هُوندو.

پھاڪا، چوِڻيون، محاورا ۽ اصطلاح حقيقت ۾ ڪنھن به قوم جي ٻوليءَ ۾ سرجيل علم ادب کي خوبصورتي، وُسعت، سگهه، عظمت، سُڃاڻپ، ڊگهي ڄمار ۽ شاهوڪاري عطا ڪن ٿا. سنڌي پھاڪا ۽ چوِڻيون سنڌي قوم جي جملي جيوت جو ڄڻ هڪڙي قسم جو Life Plan آهن، جنھن ۾ قوم ماضيءَ کان حال ۽ حال کان مستقبل تائين پنھنجو سياسي، سماجي ۽ معاشي سفر ڪيئن ۽ ڪھڙيءَ ريت گذاري ٿي، گذاريو هو، گذاريندي. اهو سڀ انهيءَ Plan مان پڌرو ٿي سگهي ٿو. هت ڪجهه چوِڻيون ۽ پھاڪا درج ڪن ٿا، جن مان سنڌي قوم جو تاريخي، سياسي، سماجي، تهذيبي، علمي ادبي، تمدني، ثقافتي ۽ واپاري پس منظر فخر ڪندي ڏسي يا پڙهي سگهجي ٿو.

  1. ”اُتم کيتي وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.“
  2. ”پارسي گهوڙي چاڙهسي.“
  3. ”سوَڙ آهر پير ڊگهيرڻ.“
  4. ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوَئي.“
  5. ”اهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.“
  6. ”پنھنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب.“
  7. ”دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.“
  8. ”سَپ نه ماري، سَپ جو سَراپ ماري.“
  9. ”گهڻن کڄي ڇپر کڄي.“
  10. ”ڏاڍو سو گابو.“
  11. ”اهو ڪي ڪجي جو آئيءَ ويل ڪم اچي.“ وغيره

هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪجي ته پھاڪا ۽ چوِڻيون ڪو ڌار ڌار اصطلاح نه آهن. سياڻن سالڪن جون سبق آموز ڳالهيون، شعر، قول ۽ گفتا جن ۾ ڪو اُونهو خيال يا ويچار سمايل هُجي ۽ اُهي لوڪن جي واتان بار بار پيا استعمال ٿين، ته انهن کي گڏي سڏي چوَن ”ابا سياڻن سچ چيو آ يا ڪنھن ڏاهي سچ ئي چيو آ ته جھڙي نيت تهڙي مراد“ وغيره وغيره. تنھن جو مطلب ٿيو ته ڪنھن جو چوَڻ آکڻ ڪارائتو جُملو اڳتي هلي چوِڻي يا پھاڪي جي پوشاڪ پائي وٺي ٿو ۽ ماڻهو کيس پھاڪو يا چوِڻي ڪوٺن ٿا.

هيل تائين ته پھاڪن جا ڪافي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن؛ جن مان ’گلِ شَڪَر‘
پھاڪن جو پھريون ڪتاب آهي جيڪو ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ 1869ع ڌاري پھاڪن کي گڏ ڪري لکي پُورو ڪيو هو، پر ڪنھن مجبُوريءَ سبب 1905ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته ان کان اڳ پھاڪن جو پھريون ڪتاب ’سنڌي پھاڪا‘ ديوان ڪوڙي مل چندنمل کلناڻيءَ 1889ع ۾ ڇپرايو. ان بعد ’پھاڪن جي پِيڙهه‘ ڪاڪي ڀيرو مل مھر چند آڏواڻيءَ 1917ع ۾ ڇپرايو. ان بعد به پھاڪن جا ڪتاب ڇپبا آيا آهن. جھڙوڪ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي مرحوم جو ’پھاڪن جي پاڙ‘ 1967ع ۾ ڇپيو.
’سنڌي پھاڪا محاورا‘ (هڪ اڀياس) ڊاڪٽر مُرلي ڌر جيٽلي ۽ نورالدين سرڪي مرحوم جو ’پھاڪا ڪلام جا ڏيئا‘ ڇپيو پر هڪ ڳالهه جا ڪرڻي آهي ته سنڌي چوِڻين جو باقاعدي ڪو ڪتاب ڇپيل نظر نه ٿو اچي. مطلب ته چوِڻيون، گفتا وغيره ئي در اصل پچي راس ٿي پھاڪن جي شڪل اختيار ڪن ٿا يا پھاڪا/ چوِڻيو ساڳيو لساني حُسن جمال ۽ مقصد رکندڙ آهن.

سنڌي ٻوليءَ جو هر دؤر جو شاعر، اديب، سُگهڙ ۽ سالڪ ماڻهو سنڌي پھاڪن ۽ چوِڻين کي پنھنجي تحريرن، شعرن ۽ نجي ڪچهرين ۾ وڏي شوق ۽ فخر سان استعمال ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهي ٿو. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ جو نامور نقاد، ليکڪ، شاعر امداد حُسيني به پھاڪن ۽ چوِڻين جي اهميت جو احساس رکندي انهن کي پنھنجي ڪوتائن ۾ جاءِ ڏيندو آيو آهي، جو شاعر ٻوليءَ جا رکوال ٿين ٿا. هتي امداد حُسينيءَ جي سڀني شعري اسمن ۾ پھاڪن / چوِڻين جي تضمين جو جائزو پيش ڪجي ٿو.

’هانءُ ڀڳو ڄڻ‘: امداد حسينيءَ هِن عُنوان واري غزل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪڙي عام چوِڻي جيڪا سنڌين جي بقا جي ضمانت آهي، يعني ’سنڌڙي ڌرتي ماتا.‘ انهيءَ ڌرتي ماءُ لاءِ اڪثر ڪچهرين يا لکڻين ۾ چيو يا ورجايو ويندو آهي ته ”سنڌڙي ناهي ڪو ڍور ڍڳو،“ جنھن کي اوهين ڪُهي کائي يا کپائي ويندؤ. ڌرتيءَ جي تاريخ، تهذيب، ٻولي ۽ خلق ٿئي ٿي. ايڏي ساري جهان کي ڪٿي لڪائيندؤ کپائيندؤ! هِت چوِڻيءَ وارو چوکو بند پيش ڪجي ٿو؛ جنھن ۾ مذڪورا چوِڻي مُستعمل آهي:

وڪجي سڪجي ويندي ڪُسجي،

سنڌڙي ناهي ڪو ڍور ڍڳو. (4)

’پٿر تي شيشو اُڇلايو‘: هن عنوان واري غزل ۾ هڪ اصطلاح ”لايو سجايو ٿيڻ“
ڪَتب آندو ويو آهي، جنھن جو مطلب آهي ته ’محنتون يا ڪوششون صاب پوَڻ‘،
’ڪاميابي ماڻڻ‘ پر انهيءَ اصطلاح کي امداد حُسينيءَ سنڌيءَ ۾ هڪ چوِڻي آهي چئي غزل ۾ استعمال ڪيو آهي پر جي اصطلاح کي چوِڻيءَ واري انداز يا ڍنگ سان ادا ڪجي يا چئي ڏجي ته اها پوءِ شعوري طور چوِڻيءَ وارو مقام ماڻي وڃي ٿي. مثال کان اڳ هڪ ٻيو مثال ڏجي ٿو جنھن ۾ ڪنھن سنڌي اصطلاح کي چوِڻيءَ جو روپ ڏياري پيش ڪيو ويندو. جيئن سنڌيءَ ۾ اڪثر چيو ويندو آهي’ادا امير غريب جي ڪھڙي ريس؟‘ در اصل ريس ڪرڻ معنيٰ ’حسد ساڙ ڪرڻ‘، ’برابري ڪرڻ‘، ’همسري ڪرڻ.‘
هاڻي ثابت ٿيو ته اصطلاح کي چوِڻيءَ واري روپ ۾ ڪيئن پيش ڪبو آهي، امداد حُسينيءَ به سنڌي اصطلاح کي سنڌي چوِڻيءَ وارو چولو پارائي شعر ۾ تضمين ڪري پيش ڪيو آهي. مثال هن طرح آهي.

سنڌيءَ ۾ هڪ چوِڻي آهي،

لايو ٿيندو آهه سجايو. (5)

امداد حُسينيءَ پنھنجي نظم ۾ هڪڙي چوِڻي ”بيوقوفن جي جهان ۾ اڪيلو عقلمند!“ استعمال ڪئي آهي، پر اها به تشبيھي طريقي سان ۽ وري شاعر جي ذهانت ڏسو! ساڳي چوِڻي اُبتي کان سڌي پاسي يعني ”عقلمندن جي جهان ۾ اڪيلو بيوقوف“ استعمال ڪئي وئي آهي. هن نظم ۾ چنڊ کي بھرحال انيڪ ستارن جي وچ ۾ اڪيلو ۽ اُداس ڏيکاريو ويو آهي. ان لاءِ هڪ چوِڻي ٻه دفعا خوبصورت ۽ آرٽسٽڪ انداز ۾ استعمال ٿي آهي، ڪھڙيءَ طرح. هن طرح: هن نظم ۾ پھرين چنڊ کي شاعر عقلمند پوءِ بيوقوف ڪوٺي ٿو.

هيترن سارن ستارن وچ ۾

چنڊ ايئن آهي اڪيلو ۽ اُداس

بيوقوفن جي جهان ۾

جيئن اڪيلو عقلمند!

عقلمندن جي جھان ۾ جيئن اڪيلو بيوقوف! (6)

’ملوڪان موت- مروئان شڪار‘ امداد حُسيني صاحب هن نظم ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ پھاڪو ’مِروان موت، ملوڪان شڪار‘ فني مھارت سان استعمال ڪيو آهي، جيڪو عنوان مان ئي ظاهر آهي؛ جنھن جو مقصد وڏن ماڻهن يا اميرن لاءِ شڪار جو شوق شغل ته مزي تفريح جو ڪارڻ آهي پر جانورن يا مِرن جي موت جو سبب بڻجي ٿو. هن نظم ۾ امداد صاحب پھاڪي جي بلڪُل اُبتڙ فڪر ڏنو آهي. هُن هِن نظم ۾ مرونءَ کي نه پر ملوڪ (ڏاڍي) کي پاڻ مارائيندي ڏيکاريو آهي اهو به انوکي ۽ طنزيا انداز ۾. هُن هڪ سُوئر هٿان ٻئي سُوئر (ڀوتار) کي چيرڻ ڦاڙڻ واري لقاءَ کي ڪاريگريءَ سان قلم بند ڪيو آهي. هيءُ سڄو نظم پڙهڻ سان ئي پھاڪي جي تضمين جو تصوُر چِٽو ٿي سگهي ٿو. ”ملُوڪان موت، مروئان شڪار“
جڏهن ته درست پھاڪو هن ريت ٿيندو ”مِروان موت، ملُوڪان شڪار.“ شعري مثال هن ريت آهي:

لوڌ ڪتن جي پوئتان، اڳتان سوئر ڦر

ڪيٽيءَ واري ڪانھن ۾، ملوڪن جو شڪار

گهوڙي تي دونال سين، ويٺل ھڪ بنڪارُ

سولي سنڌيءَ ۾ چون، جنھن کي ٿا ڀوتار. (7)

’ڄام شوري جون هوائون‘: هن عُنوان واري نظم ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ گھرو سماجي فڪر ڏيندڙ چوِڻي ”اهو ڪي ڪجي، جو آئيءَ ويل ڪم اچي“ ۽ ھڪ نج عوامي محاوري ”خوش رھو پنھنجي خرچ تي“ جي تضمين اهڙي فنڪاراڻي انداز سان ڪئي وئي آهي جو شعر جي ساخت ۾ ڪو نقص، ڪو جهول نظر نه ٿو اچي. مثال لاءِ نظم جو هڪڙو جُزو پيش ڪجي ٿو.

ڄام شوري جون هوائون!

ٿورڙو هوريان گهُلو

اک ۾ هڪڙو لَهُوءَ جو لُڙڪ آهي

جيڪو آئيءَ ويل جي لئه مون بچائي هو رکيو. (8)

يار جيڪي ڄڻ ته ها ڪي زرد پن

سائي شاخ تان!

جت هُجي

خوش رهن او شال پنھنجي خرچ تي! (9)

’ڪيتري پياري لڳين ٿي.....!‘: امداد حُسينيءَ هن نظم ۾ هڪڙو سنڌي ٻوليءَ جو نهايت سادو ۽ لوڪ جي زبان تي چڙهيل محاورو ”نور مِٺي جو قسم“ / ”نُور جو سُنھن“ استعمال ڪئي آهي. هيءَ ئي چوِڻي هُن پنھنجي هڪڙي فلمي گيت ’او البيلا صنم، نور مِٺي جو قسم‘ ۾ به ڪَتب آندي آهي. هِت هن نظم جو اهو جُز ڏجي ٿو.

ڪوڙ مان يا سچ مان تون گهنڊ ٿي پائين جڏهن

نور جو سُنھن گهور گهري گهور سان گهائين جڏهن. (10)

’شهر‘ طويل نظم: امداد حُسينيءَ جو هيءُ مشھور طويل نظم سنڌي شاعريءَ جو ماسٽر پيس جو درجو رکي ٿو. هن نظم ۾ شاعر سنڌي ٻوليءَ جي ڪافي سارن اصطلاحن ۽ تشبيھن جو استعمال پڻ ڪيو آهي. هن نظم جي ٻولي شاهُوڪار آهي. هي طويل نظم نه ڄڻ سنڌ جي دل حيدرآباد تاريخي شھر جي درد ڪَٿا آهي جنھن کي غيرن اهڙا گهاءَ ڏنا جن کي دنيا جي ڪا ئي مرهم مِٽائي نه ٿي سگهي، ڇو جو قدرن، ثقافت، ٻولي، تھذيب، علم ادب، رواداريءَ کي لڳل ڌاڙي جو تدارڪ ٿي نه ٿو سگهي. منگهن جي شھر جا اهي قدر، روايتون ۽ حُسن موٽائي نه ٿا سگهجن. هِن طويل نظم مان ٻھروپيت جي عڪاس هڪ چوِڻي ”قرآن هٿ ۾، ڪڇ ۾ ڇرا“ کي ماحول ۽ منظر مطابق تضمين ڪري ڏيکاريو آهي، جو موضوع کي وڌيڪ فڪري سگهه بخشين ٿا. نمُوني طور طويل نظم جو اهو ٽُڪرو هِت ڏجي ٿو.

’شهر‘

هي منھنجو شهر آهه يا دشمن جو شهر آ

آهن هي ڪير لوڪ نقابن جي پوئتان

”قرآن ٿن هٿن ۾ ڪَڇن ۾ ڇُرا اٿن“

ڪوسي لهوءَ جي پياس چپن تي کنيو گهمن. (11)

’بلو شهيد تي سلام!‘: امداد حُسينيءَ لڳ ڀڳ هر موضوع تي شعر لکيو آهي. هن نظم ۾ هُن سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ جي ڏينھن ۾ هڪ هوٽل جي بيري جي بھادريءَ جي پس منظر ۾ هي نظم لکيو جيڪو ٻالڪ پاڻ جيڏن اسڪولي شاگردن کي بچائيندي شھيد ٿي ويو. هن عملي ۽ انقلابي جدوجھد وارو فڪر رکندڙ نظم ۾ هڪڙي عام جام واهپي ۾ ايندڙ پھاڪو ”ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ“ استعمال ڪيو ويو آهي. هت نظم مان ڪجهه سٽون ڏجن ٿيون جنھن ۾ اهو پھاڪو پيڙهه جي پٿر جيان پڌرو نظر اچي ٿو:

بلو شھيد تي سدا

سلام آ سلام آ

لھوءَ جي لهر پئي لڳي

ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ آ

اي سر فروش ساٿيو! (12)

’نينهن ٿيو‘: نالي واري غزل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪڙي مشھُور چوِڻي ”ڏر تي گِدڙ به شينھن ٿيو!“ استعمال ڪيل آهي جنھن جو مفهوم هر ڪو پنھنجي گهر يا ٿاڪ تي زورآور هُوندو آهي نڪري ٿو. هن چوِڻيءَ کي ڪي ”گهر اڳيان ڪُتو به شينھن“ چوَن. بهرحال اها حقيقت آهي ته هر ڪو پنھنجي پاڙي، گهر، گهٽيءَ ۾ شينھن مُڙس سڏبو آهي پر ٻئي هنڌ جھڙوڪر گدڙ؛ پر هيءُ ڪھڙو مرد آهي جيڪو پنھنجي در اڳيان هُجڻ باوجُود گدڙ کان به ويو. هت غزل جو اهو فڪري بند ڏجي ٿو جيڪو بُزدليءَ جي علامت آهي.

تون ته گدڙ ڪنان به وئين،

ڏر تي گدڙ به شينھن ٿيو! (13)

مِٽيءَ مُلهه مهانگو ڙي!: امداد حُسينيءَ جي هن خوبصورت عالمگيريت جي حامل وائيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مشھور چوِڻي ”ڏاڍو سو ئي گابو“ کي پيوَند ڪيو ويو آهي. هن چوِڻيءَ کي انگريزي ٻوليءَ جي عبارت ”Might is Right“ مان کنيو ويو آهي. هت وائيءَ جي آخري سِٽ وراڻيءَ سميت ڏجي ٿي جنھن ۾ خود ساخت بڻيل طاقتور ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ چوِڻيءَ جو چهرو صاف نظر اچي رهيو آهي. هيءَ چوِڻي بي حس ۽ ظالم سماج جي عڪاس آهي، جيڪا غريب ۽ پيڙهيل ماڻهن کي برزبان ياد آهي. ڏاڍو ڏاڍو آهي سنڌ جو هُجي يا ڪانگو جو.

ڏاڍو سو ئي گابو آهي،

سنڌ هُجي يا ڪانگو ڙي!

مٽيءَ مُلهه مھانگو ڙي! (14)

’سُٺو آهي جو‘: هِن عنوان واري نثري نظم ۾ پڻ هڪڙي عام چوِڻي ”چھرو دل جو آئينو آهي“ استعمال ڪري نھايت شائستگيءَ سان نظم کي نوازيو ويو آهي. هِت اهو شعري مثال ڏجي ٿو.

سُٺو آهي جو دل ڪير نه ٿو ڏسي

پر چوَن ٿا ته

”چھرو دل جو آئينو آهي“

ته ڇا

’تو کي معلُوم به آهي....!‘: هن نظم ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هڪڙو مشھور، مفيد ۽ شعور آگاهي ڏيندڙ پھاڪو ”نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو“ کي نامڪمل پر اشارن قناعين ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. نظم ۾ شاعر پنھنجي داناءَ دشمن کي حالتن کان اڻ ڄاڻ سمجهي مخاطب ٿئي ٿو، جڏهن ته نادان دوست جو تذڪرو ڪيل نه آهي. هيءُ پھاڪو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪتاب ’پھاڪن جي پاڙ‘ ۾ به موجُود آهي. امداد حُسينيءَ جي چوَڻ جو مقصد به اهو آهي ته دشمن دشمن ٿيندو آ، داناءُ نه ٿيندو آهي. ڪنھن طرح انهيءَ پھاڪي جي نفي نظر اچي ٿي ۽ دشمن جي دانائيءَ تي شڪ ڏيکاري مٿس طنز به ڪيل آهي. سنڌي جديد شاعريءَ ۾ اها امداد حُسينيءَ جي ئي انفراديت آهي جو هُو نئون فڪر، نوان گس ڏيکاري ٿو.

تو کي معلُوم به آهي منھنجا داناءَ دشمن

ته ڪڏهن بند ٿي، مجبُور ٿي، قيدي بڻجي

پنھنجي ئي گهر ۾ رهيو آهيان نه ڪو رهندس. (15)

’ڇا جو رڙڪو هو؟‘: هن غزل ۾ هڪڙو اهو بند به آهي، جنھن ۾ سنڌي ساهت ۾ گهڻي کان گهڻو استعمال ٿيندڙ خود غرضي ۽ سياڻپ کي وائکو ڪندڙ پھاڪو ”ڏاهو ڪانءُ ٻه ڄنگهو ڦاسي“ استعمال ڪيو ويو آهي. اُتر سنڌ وارا وري ڏاهو نه سياڻو ڪانءُ چوَن. هت اهو بند ڏجي ٿو، جنھن ۾ شاعر انهيءَ پھاڪي کي فنڪاراڻي انداز سان استعمال ڪيو آهي. هيءُ پھاڪو ’گل شڪر‘ ديوان ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻيءَ جي تقريبًا سوا صدي اڳ سھيڙيل ڪتاب ۾ به موجُود آهي. هن غزل ۾ هڪڙو ٻيو پھاڪو ”ڏاڍو سو گابو“ به استعمال ٿيل آهي پر اهو ان کان اڳ ٻئي هنڌ به آيل آهي، جنھن جو تذڪرو ۽ مثال پيش ڪري چُڪا آهيون.

هونءَ ته گهڻو ئي ڏاهو هو،

ڪانگ ٻه پيرو ڦاٿو هو. (16)

’ڪاڳر ليک بنان!‘: هن نظم ۾ به هڪڙو جهونو ۽ پراڻ کان استعمال ٿيندڙ پھاڪو
”ڌڻيءَ ري ڌڻ سڃو“، ”ڌڻ ريءَ سُڃي واڙ“ کي سنڌي پھاڪن جي ڪتاب ’گل شڪر‘ ۾ پھاڪي جو اڳيون حصو استعمال ڪيو ويو آهي؛ جنھن مان هڪڙو سماجي اصول ۽ قدر ظاهر ٿئي ٿو. هيءَ گهرو سماجي فڪر، شعرو رکندڙ آهي. واقعي ڪو به ڪم رھبر يا ڌڻيءَ سوا ٿئي ڪونه! هت اهو نظمي مثال پيش ڪجي ٿو.

آءٌ اڃان به اُهو ئي تنها

بَرَ ۾ بيٺل وڻ جيئان

ٽهيل، ٽِڙيل ۽ پکڙيل سوچون

ڌڻيءَ بنا ڪنھن ڌڻ جيئان (17)

’سنڌڙيءَ جهڙو ديس‘: امداد حُسينيءَ هِنن بي قافيا دوهن مان هڪڙي دوهي منجهه ’ڪارڙو ڪماڙو‘ چوِڻيءَ جو استعمال ڪيو آهي. هيءَ چوِڻي ٿر جي علائقي ۾ گهڻو تڻو رائج آهي. ٿر کي مينھن جي سخت ضرورت هُوندي آهي. جڏهن مينھن نه پوَن ۽ ماڻهو مِرون پلر جي پالوٽ لاءِ سِڪن واجهائن ته اهڙيءَ حالت ۾ ٿر جا ڪُجهه ٻالڪ گڏجي، ڪپڙي جون جهوليون ٺاهي، دَر دَر اڳيان اها صدا بلند ڪري ”ڪارڙو ڪمارڙو“ اڄ ٿئي ته مينھن وسي چوَندا اَن گڏ ڪري کڻي وڃن. سنڌي لوڪ ادب تمام گهڻو شاهُوڪار ۽ شاهڪار آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ، ولي محمد طاهر زادي ۽ عبدالڪريم سنديلي پڄاڻان ڪو نظر نه ٿو اچي، جيڪو لوڪ ادب تي نئين سر تحقيق ڪري منظر تي آڻي.

شيشو ڪنھن ٽڙڪايو! هن غزل ۾ هڪڙي چوِڻي ”ساهُه به پَرائو آهي“ جو استعمال ٿيل آهي. شعر ۾ يا ڪنھن به ليک وغيره ۾ استعارن، اصطلاحن، چوِڻين، پھاڪن ۽ تمثيلن جي استعمال سان تخليقون پنھنجي فني ۽ فڪري جمال جو اوج ڪمال ماڻي وٺنديون آهن ۽ اهڙين صنعتن جو استعمال شاعر جي تجربي، مطالعي ۽ مشاهدي جي گواهي ڏيندو آهي. هِت انهيءَ چوِڻيءَ جي استعمال وارو غزليا بند ڏجي ٿو؛ جنھن ۾ شاعر شعر اندر پھاڪي جي روپ ۾ ڄڻ شمع ٻاري آهي.

’امداد‘ ادا! ڪنھن ٿي ڄاتو،

پنھنجو ساهُه پَرايو هُوندو! (18)

’پاڻ کي ڇا آهي؟‘: هن نظم ۾ هڪڙي عام فھم، نج عوامي ۽ سادي سودي چوِڻي ”اسان جي گهران وڃي ڇا ٿو؟“ استعمال ٿيل آهي. عمُومًا جڏهن ڪو ڪنھن جي نصيحت، هدايت يا چوَڻ نه وٺندو آهي يا سندس رويو سنجيدو نه هُوندو آهي ته اهڙي موقعي تي ناصح هلڪي بيزاريءَ مان چئي ڏيندو آهي ته ”ڇڏيوس.“ ”ڇو ٿا سمجهايوس؟“ ”ڪِرڻ ڏيوس،“ ”ڀل پنھنجو نقصان ڪري،“
”اسان جي گهران ڇا ٿو وڃي؟“ هيءَ چوِڻي ڀلي ڪتابن منجهه نه هُجي ته به هيءَ هڪڙي عام چوِڻي ئي آهي. امداد شاعر آهي انهيءَ ڪري ادبي کيتر ۾ ٻوليءَ جو بگاڙ کيس بنهه پسند نه آهي. هيءَ چوِڻي اهڙيءَ سوچ جي عڪاس آهي. انهيءَ چوِڻيءَ وارو بند هِتي ڏجي ٿو.

قافيو، ڪافيو لکي ٿو ڪو

ته اسان جي گهران وڃي ڇا ٿو؟ (19)

رهبرو! رهزنو!: هِن نظم ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تمام ڀلوڙ ۽ بهترين چوِڻي ”خون کٿوري لڪندو ناهي“ جو استعمال ڪيو ويو آهي. واقعي خوشبو دفن ڪرڻ سان ڪٿي ٿي لڪي يا دفنجي. سو ڪنھن ماڻهوءَ جو ناحق خون به رائگان نه ٿو وڃي پر اڄ ڪلهه معاشري اندر سڀ ڪُجهه لڪيو پوي. هن پھاڪي کان علاوه ”عشق ۽ مشڪ لڪندو ناهه“ به چيو ويندو آهي. عشق ڪرڻ وارو عمل به ڪيستائين لڪندو. هڪ ڏينھن ظاهر ٿيندو. فارسيءَ ۾ پڻ اهو ئي چوَن: ”ڪر عشق و مشڪ را نتوان نهفتن“ (جو عشق ۽ کٿوريءَ کي لڪائي نه سگهجي.) (20)

گيت گهُٽيو گلابن جا، ڳاٽا مروٽي ڇڏيو

خون آهي کٿوري، نه لڪندو نه لڪندو ٻڌو.  (21)

’تيلي ٻاريان‘ هن غزل ۾ خوبصورت استعارن، تشبيھن کان علاوه هڪڙي ديسي حساب ڪتاب وارو پس منظر رکندڙ عام چوِڻي ”اوڌر جي ماءُ مُئي ڪانهي“ يعني اوڌر وارو کاتو بند ناهي ٿيو، اوڌر ڪار آهي استعمال ڪيل آهي. اوڌر تي سيڌو سامان، روڪڙا اُڌارا وٺڻ هر سماج جو ڪاروباري ۽ معاشي قدر آهي. هت اهو غزل جو بند ڏجي ٿو، جنھن ۾ امداد حُسينيءَ مُرڪ اوڌر تي وٺڻ جي ڳالهه ڪري، شعر ۾ هڪ قسم جي حُسناڪي ۽ نواڻ وارو رنگ ڀريو آهي. مُرڪ اُڌارڻ نڪور استعارو آهي ۽ اصلوڪو امداد اسٽائل آهي. ڪنھن کان اُڌارو ورتل نه آهي.

اوڌر ماءُ مُئي ڪانهي ڪا

ڇو نه کڻي ڪا مُرڪ اُڌاريان. (22)

’اي سنڌ امان!‘ نظم ۾ تجربي ۽ آزمودي جي بٺيءَ مان پچي راس ٿيل هڪ آڳاٽي چوِڻي ”رَت دانگيءَ تي به ورندو آهي يا اُٿلي پئي“ استعمال ٿيل آهي پر لڳي ٿو بٺيءَ مان اڄ ڪلهه سڙيل سِرون نڪرن ٿيون جو امداد حُسينيءَ ماضيءَ جي انهيءَ آزموده چوِڻيءَ جي بلڪُل اُبتڙ فڪر پيش ڪيو آهي. سندس نظم ۾ انهيءَ چوِڻيءَ جي ڄڻ نفي ٿيل آهي. امداد حُسينيءَ جو شعور انهيءَ چوِڻيءَ جي بر خلاف فڪر ڏئي ٿو. افسوس اڄ اهڙو وقت اچي ويو آهي جو الامان!

هاڻي رت ماضيءَ وانگر دانگيءَ مٿان نه ٿو اُٿلي!

رَت دانگيءَ مٿان نه ٿو اُٿلي،

ڏوهه ڪنھن کي ڏيان اي سنڌ امان!  (23)

’اپيل‘: سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جي پس منظر ۾ لکيل هن نظم ۾ جڳ مشھور فلسفي مولانا جلال الدين روميءَ جو سنڌين جو پنھنجي ڌرتيءَ ماءُ لاءِ جذبي ۽ عشق جي اُپٽار جو هڪڙو شعر استعمال ڪيل آهي، جيڪو شاهه عنايت جي دؤر کان سنڌين جي ڪنن تي ٻُرندو رهيو آهي. هيءُ در اصل اُهو شعر آهي جنھن ۾ سنڌين جي ’حُب السنڌ‘ جو جذبو جهلڪي ٿو. هيءُ شعر ايترو استعمال ٿيو آهي جو هاڻي چوِڻيءَ وارو روپ اختيار ڪري چُڪو آهي. هاڻي هن کي چوِڻيءَ جيترو رُتبو عطا ٿيو آهي. ڪنھن به ڏاهي، شاعر سُگهڙ ۽ صوفيءَ جو شعر ۽ مقولو به پھاڪي يا چوِڻيءَ جو درجو ماڻي سگهي ٿو.

نظم ’اپيل‘ ۾ به سھپ ۽ رواداريءَ جي پس منظر ۾ چيل سماجي فڪر ۽ نيڪ مقصد رکندڙ چوِڻي ”مڙيا سي جڙيا“ جو استعمال ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ مڙڻ واري کي مھان ڪوٺيو ويو آهي. هيءَ چوِڻي ٻن ماڻهن جي ويڙهه ختم ڪرائڻ جي ڪوشش دوران ورجائي ويندي آهي. هِت نظم جون ٻه اهي سٽون ڏجن ٿيون جن ۾ ”مڙيا سي جڙيا“ جو فڪر سمايل آهي. هِن بند ۾ ٽُٽڻ کان سُٺو جُڙڻ آهي به جھڙو ڪر اصطلاح آهي. شعر جو بند هيٺ پيش ڪجي ٿو:

ته ٽٽڻ کان سُٺو جُڙڻ آهي،

”جي مُڙيا سي جُڙيا“ چيو ڏاهي!  (24)

 

ڇا جو حق ڇا جو انصاف،

جو ڏاڍو سو گابو هو. (25)

’اڄ رات‘: هن خوبصورت، رومانوي ۽ جل ترنگ تخليقي پس منظر رکندڙ نظم ۾ اُردو زبان جو هڪڙو مشهور رائج الوقت پھاڪو يا چوڻي ڪئي وئي آهي. هيءُ پھاڪو اُن وقت استعمال ڪبو آهي جنھن وقت ڪنھن ڌر يا ماڻهوءَ کي ڪو مالي يا مادي فائدو ٿئي ٿو. ته پوءِ اهڙي صُورتحال دوران چوَن ”تنھنجي ته چاندي (لئه) ٿي وئي.“ هِت فائدي جي پس منظر ۾ ورجائي ويندڙ چوِڻي جيڪا ذهني آوارگيءَ جو کليل اظھار به ڪري ٿي، جنھن جي استعمال سان نظم جو نڪ مٿي ٿي وڃي ٿو.

ڪوجهو توڻي ڪاڻو آهي

اڄ رات هر ڪو راڻو آهي

ماڙي ماڙي واندي آهي

تنھنجي منھنجي چاندي آهي. (26)

نتيجو

شاعريءَ ۾ پھاڪن ۽ چوِڻين جو استعمال شعر جي تخليقي سُونھن کي سرس ۽ سوادي بڻائي ٿو. وڏڙن / وڏڙين جي تجربن ۽ آزمودن جي آڌار تي گهَڙيل / سرجيل چوِڻيون / پھاڪا وڏو فڪري پسمنظر رکن ٿا. امدد حُسينيءَ به پنھنجي ڪلام ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪافي سارن پھاڪن ۽ چوِڻين جو عُمدي نمُوني استعمال ڪيو آھي. ھُن سنڌي ٻوليءَ جي انيڪ پھاڪن کي پنھنجي پابند توڙي آزاد شاعريءَ ۾ استعمال ڪري شعر ۾ لساني حُسن جمال پيدا ڪيو آھي، جنھن سان سندس بياني انداز، شعر جي ظاھري توڙي باطني معنيٰ ۽ پيشڪش ۾ فني ڪمال ۽ نُدرت نظر اچي ٿي. پھاڪن/چوِڻين جي ڪري امداد جو شعر نئين نويلي ڪُنوار جيان سينگاريل سنواريل نظر اچي ٿو.  امداد حسيني شاعر آهي ۽ شاعر ٻوليءَ جو وينجهار هوندو آهي، سندس تحت الشعور ۾ وڏو لفظي خزانو هوندو آهي جنھن ۾ پھاڪا/چوڻيون به شامل هوندا آهن، امداد حسيني هڪ آرائين جيان پنھنجي خيالي باغ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هن صنعت جي آميزش ڪئي آهي، ته جيئن شاعريءَ جا شيدائي، سندس تخيل ۾ موجود لساني يا بياني مھارت کان واقف ٿي سگهن.

 

حوالا:

  1. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ’ھڪ جُلدي سنڌي لُغت‘، ص 170
  2. ساڳيو، ص 225
  3. سنديلو، عبدالڪريم، ’پھاڪن جي پاڙ‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1989ع، ص 3
  4. حُسيني، امداد، ’ھوا جي سامھون‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع، ص 164
  5. ساڳيو، ص 168
  6. ساڳيو، ص 279
  7. ساڳيو، ص 285
  8. ساڳيو، ص 315
  9. ساڳيو، ص 215
  10. ساڳيو، ص 324
  11. حُسيني، امداد، ’شھر‘، طويل آشوبيا شاعري (نظم)، 2000ع، ص 01
  12. حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جھڙو پل‘، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2012ع، ص 84
  13. ساڳيو، ص 100
  14. ساڳيو، ص 110
  15. ساڳيو، ص 139
  16. ساڳيو، ص 153
  17. ساڳيو، ص 168
  18. ساڳيو، ص 231
  19. ساڳيو، ص 236
  20. ساڳيو، ص 259
  21. ديوان ڪيول رام سلامت راءِ، ’گل شڪر‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1978ع، ص 94
  22. حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جھڙو پل‘، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2012ع، ص 309
  23. ساڳيو، ص 331
  24. ساڳيو، ص 355
  25. ساڳيو، ص 356
  26. حُسيني، امداد، ’ھوا جي سامھون‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص 168
357 ڀيرا پڙهيو ويو