Image

ايڊيٽوريل


سنڌي ٻوليءَ جي تحقيقي جرنل جو هي پنجون پرچو توهان جي هٿن ۾ آهي، اداري طرفان هيءُ جرنل هونئن ته 2008ع کان جاري ٿيو، پر اڳوڻا شمارا تحقيق جي نئين مقرر ڪيل نموني يا طريقه ڪار موجب نه هئا. انهيءَ ڪري موجوده طريقه ڪار موجب هن جرنل کي پڌرو ڪرڻ جو مقصد هڪ ته اهو آهي ته اسان جرنل HEC کان رجسٽرڊ ڪرايون ته جيئن هن ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي مضمونن ۽ ايڊيٽوريل بورڊ جو پورهيو ڳڻيو وڃي ۽ انهن مقالن کي ريفرنس طور به استعمال ڪري سگهجي. عام طور تي سنڌ ۾ ڪيترائي رسالا نڪرن ٿا، پر جيڪڏهن اهي ايڇ.اي.سي کان رجسٽرڊ ناهن يا انهيءَ گهربل معياري تحقيق موجب ناهن ته سندن ڳاڻيٽو تحقيق ۾ نٿو ٿئي.

اسان وٽ مختلف تحقيقي مضمون اچن ٿا، جن جا نڪتهءِ نظر پنهنجا ۽ الڳ آهن، تنهن هوندي به اسان جا ماهر انهيءَ جي ڪٿ ڪري، پنهنجا رايا موڪليندا آهن، جن جي آڌار تي ليکڪ کان درستيون ڪرائي هن جرنل ۾ ڇاپيندا آهيون. انهيءَ جي باوجود به تحقيق جا سڀيئي پاسا کليل آهن، جيڪڏهن ڪنهن به مقالي جي متن سان ڪو به پڙهندڙ اختلاف رکي، تحقيق ڪري، ڪي ٻيا نتيجا ڏئي ته اسين ان نڪتهءِ نظر کي پڻ شايع ڪندا سين، پر شرط اهو آهي ته تحقيقي اصول ۽ مُهذب اسلوب اختيار ڪيل هجي.

هن جرنل ۾ ٻوليءَ تي لکيل تحقيقي مضمونن کي اوليت ڏني ويندي آهي، عام طور ٻوليءَ جي مختلف پاسن تي لکڻ وارا محقق گهٽ آهن، لسانيات (بياني لسانيات، تاريخي لسانيات، تقابلي لسانيات) جي مختلف پاسن تي گهٽ تحقيق ٿئي ٿي. هي ادارو ٻوليءَ جي محققن کي همٿائي ٿو، انهن جي تحقيق کي ترجيحي بنياد تي شايع ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ ادب جي ڪنهن به موضوع تي لکندڙن کي به ڀليڪار چئون ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي هن تحقيقي جرنل جي گهربل معيار جون سڀيئي ضرورتون پوريون ڪندي اسين هن جرنل جا گذريل شمارا ايڇ.اي.سي ۾ رجسٽريشن لاءِ جمع ڪرائي چڪا آهيون، اميد ته جلد ئي هن جرنل کي رجسٽريشن ملي ويندي.

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

ايڊيٽر