Image

ايڊيٽوريل


سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جي اشاعت 2008ع کان جاري آهي، پر گهڻي وقت کان محسوس ڪيو پئي ويو ته هن جرنل کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان رجسٽرڊ ڪرائي، ان ۾ تحقيق جي معياري طريقه ڪار موجب مقالا ۽ مضمون شايع ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ ’سنڌي ٻولي‘ جرنل کي سماجي سائنس واري ڪيٽيگريءَ ۾ منظور ڪرڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اڪيڊمڪ ڊويزن سان لکپڙهه مڪمل ٿي چڪي آهي. ان سان گڏوگڏ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي گُهرج موجب ’سنڌي ٻولي‘ جرنل جي ويب سائيٽ پڻ اپگريڊ ڪئي وئي آهي ته جيئن شايع ٿيل پرچا آن لائين پڙهڻ سان گڏ ڊائونلوڊ پڻ ڪري سگهجن.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي واڌ ويجهه جي سلسلي ۾ تحقيق جو عنصر تمام اهم هوندو آهي ۽ تحقيق جيڪڏهن جديد طريقن سان نه ٿيل هوندي ۽ حوالن (references)کان خالي هوندي ته اها تحقيق ڪنهن به طرح مستند نه هوندي، نه وري ان کي ڪٿي حوالي طور ڪتب آڻي سگهبو.
’سنڌي ٻولي‘ جرنل لاءِ مقالا موڪلڻ وقت اداري جي پاليسيءَ کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. هن جرنل ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جي مختلف موضوعن تي لکيل مقالن کي ترجيح ڏني ويندي آهي، ساڳئي وقت ادب، تاريخ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سميت مختلف موضوعن تي پهتل تحقيقي مقالن جي آجيان ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ هتي اهو واضح ڪرڻ به مناسب لڳي ٿو ته جيڪي تحقيقي مقالا اداري کي پهچن ٿا، اُهي مختلف ماهرن کي جدا جدا ماهراڻي راءِ لاءِ موڪليا ويندا آهن، يعني ماهرن طرفان ڏنل راءِ موجب انهن مقالن ۾ ضروري درستگي ۽ سڌارن کانپوءِ انهن کي شايع ڪيو ويندو آهي، انهيءَ عمل سان انهن مقالن جي افاديت وڌي ويندي آهي. اسان کي اميد آهي ته ’سنڌي ٻولي‘ جرنل ۾ لکڻ لاءِ اداري سان سنڌي ٻوليءَ جا ليکڪ/محقق سهڪار ڪندا رهندا، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ هي جرنل وڌيڪ سگهارو ٿي سگهي.
هن شماري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مُحسن، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ بابت ادريس جتوئيءَ جو مقالو؛ سنڌي ۽ پالي ٻوليءَ جي تعلق بابت مختيار ملاح جو مقالو؛ ’شيخ اياز جي شاعريءَ تي رابندر ناٿ ٽئگور جو اثر‘ عنوان تحت ڊاڪٽر فياض لطيف؛ گلوبل دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش مسئلا ۽ ان جي حل بابت ڊاڪٽر ساجده پروين؛ سنڌي ٻوليءَ جي اهم شاعر فقير قادر بخش بيدل بابت ڊاڪٽر احسان دانش ۽ ڊاڪٽر ارجن شاد جي شاعريءَ بابت ڀارتي محقق ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻيءَ جي مقالي سميت ٻيا اهم مضمون پڻ شامل آهن. اسان جي ڪوشش رهندي ته سنڌي ٻوليءَ جا اُهي اَڻ لڀ مضمون ۽ مقالا به’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل ۾ شايع ڪندا رهون ته جيئن اسان جي پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿي سگهي.
سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي عالمن، جن سنڌي ٻوليءَ جي موجوده الفابيٽ سال 1853ع ۾ ٺاهي، تن جي حياتي ۽ انهن جي علمي بحث مباحثي تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اسان محققن کي دعوت ڏئي، انهن کان مقالا تحرير ڪرايون، ته جيئن اهو سمورو مواد ۽ معلومات اڄ جي پڙهندڙن آڏو اچي سگهي. منهنجو اشارو 30 مارچ 1853ع تي سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر طرفان اٺن ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن جي ٺهندڙ ڪميٽيءَ ڏانهن آهي، جيڪا ڪراچيءَ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽو ڪمشنر سنڌ، مسٽر بي.ايڇ.ايليس جي نگرانيءَ ۾ ٺهي هئي، اُن ڪاميٽيءَ ۾ ڪيپٽن گولڊ سمڊ، رائي صاحب نارائڻ داس جگڻناٿ، منشي اڌارام ٿانورداس سيوهاڻي، منشي نارائڻ داس ملڪاڻي، منشي پرڀداس، منشي غلام حسين، منشي غلام علي، ميان محمد ۽ سيد ميران محمد شاهه (اول) ميمبر طور شامل هئا.
تنهن کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي موجوده الفابيٽ تي رچرڊ برٽن، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڪئپٽن ايف.جي گولڊ سمڊ جي وچ ۾ ٿيل ڪتابت ۽ بحث مباحثي جا تفصيل اسان جي ادبي تاريخ ۾ کٽل نظر اچن ٿا، جيڪو مواد پڻ هن جرنل ۾ شايع ڪيو ويندو. ساڳئي وقت ’سنڌو ماٿري تهذيب‘ جي اوائلي ٻوليءَ بابت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪا تحقيق ٿي آهي، ان بابت پڻ محققن کي لکڻ جي دعوت ٿا ڏيون. اميد ته سنڌي ٻوليءَ جو هي تحقيقي جرنل عام پڙهندڙن توڙي محققن جي معيار تي پورو لهندو.

غلام اڪبر لغاري

ايڊيٽر