سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو هڪ اهم شاعر :فقير قادر بخش بيدل
(Faqir Qadir Bakhsh Bedil Prominent Poet of Sindhi Classical Poetry)
ڊاڪٽر احسان دانش
Abstract:
Faqir Qadir Bakhsh Bedil is a significant name in Sindhi classical poetry. Study of his literary and academic work reveals that he is a profound and multifaceted poet. The core of his work is to disseminate the idea of Sufism but in addition to that he established his scholarly credentials through his books on religion, history and allegorical tales. In his life comprising fifty nine years, he wrote thirty four Persian, Urdu, Sindhi and Siraiki books both in poetic and prose form. Major components of his poetry are in those languages. His poetic works especially `Wahdat Nama`, Surood Nama and Faraiz-e-Sufia have been critically acclaimed. Moreover, `Dewans` of his Urdu and Persian poetry are equally important. Mostly, the projection of Wahdatul Wujood (Pantheism) and Hama-Oost (Unity and Diversity) is seen in his poetry, the universal ideas which are found in the poetry of all Sufi poets. Faqir Qadir Bakhsh Bedil has not only elaborated the mysteries of Sufism but also highlighted the leitmotifs of humanitarianism, peace and fraternity in his poetry. Besides, it seems that poetic skill and art matter a lot to Bedil Faqir. He has presented both; his thought and his skills in the poetic forms of Ghazal, Bait and Kafi. This article I have tried to highlights briefly the basic features of the mystic poetry of Faqir Qadir Bakhsh Bedil.
Keywords: classical, multifaceted, Sufism, (Sufism means Mysticism), allegorical tales.
سنڌي اساسي شاعريءَ کي فڪري ۽ ارتقائي لحاظ کان ٽن دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. پهرئين دور جي شاعرن ۾ قاضي قادن، شاهه عبد الڪريم ۽ شاهه لطف الله قادري، ٻئي دور جي شاعرن ۾ شاهه عنات رضوي، شاهه عبدالطيف ڀٽائي، خواجه محمد زمان ۽ عبد الرحيم گرهوڙي ۽ ٽيئن دور جي شاعرن ۾ سچل سرمست، سامي، روحل، حمل، نانڪ، بيدل ۽ ان سلسلي جي ٻين شاعرن کي شمار ڪري سگھجي ٿو. اهڙي طرح اسان چئي سگھون ٿا ته فقير قادر بخش بيدل سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي آخري ڪڙيءَ جو بيحد اهم شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو تصوف جون رمزون سمجھايون آهن، پر هن جي ڪلام ۾ انسان دوستي، امن ۽ رواداريءَ وارا موضوع به ملن ٿا. ان کان علاوه فقير قادر بخش بيدل وٽ شاعراڻي فن ۽ آرٽ جي به وڏي اهميت محسوس ٿئي ٿي. خاص طور تي، غزل، بيت ۽ ڪافي جي صنفن ۾ هن پنهنجي فڪر جي جوت جلائڻ سان گڏوگڏ فن جي به پالوٽ ڪئي آهي. هن پنهنجي پيش رو شاعرن خاص طور شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي فڪري تسلسل کي نه رڳو قائم رکيو آهي پر ان کي نوان موڙ به ڏنا آهن. فقير قادر بخش بيدل جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ ئي وقت صاحبِ جمال ۽ صاحبِ جلال صوفي آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن کيس شاهه ۽ سچل جو سنگم چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. رشيد ڀٽي پنهنجي ڪتاب ”تصوف ۽ ڪلاسيڪي سنڌي شاعري“ ۾ بيدل سائين بابت لکيو آهي ته ”روهڙيءَ جو هي يگانو، ديوانو، عاشق مزاج ۽ بي پرواهه شاعر جيتوڻيڪ پنهنجن اڳين شاعرن کان تمام گھڻو متاثر نظر اچي ٿو، خاص طرح سان ڀرپاسي جي شاعرن سچل، خوش خير محمد ۽ نانڪ يوسف کان، تنهن هوندي به هن وٽ اسان کي منفرد بيان جو انداز ۽ بي باڪيءَ وارو اظهار ملي ٿو. هن تصوف جي نعرهءِ مستانه ۽ انداز کي پنهنجي منزل تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هن جي اظهار ۾ جيڪا بيباڪي ۽ طنز آهي، اها هن کان پهرين ڪنهن شاعر ۾ نه هئي. هن جي شعر ۾ مذهب جي ظاهريت، بي روح ۽ هٿ ٺوڪي تعبير جي خلاف اظهار سان گڏ ان تي ڀرپور تنقيد ۽ طنز پڻ ملي ٿي. هن مجازي عشق ذريعي حقيقي عشق تائين پهچڻ جو رستو به ٻڌايو آهي.“ (1)
فقير قادر بخش بيدل بنيادي طور هڪ صوفي با صفا هو پر ترڪ الدنيا صوفي نه هو. هن ڪڏهن به سماجي ٻنڌڻن کان انڪار نه ڪيو. زندگيءَ جو وڏو حصو سير سفر ۾ گذاريو ۽ مختلف ماڳن مڪانن ۽ درگاهن تي پير ڌريا. پروفيسر سرور سيف مطابق:
”حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي کان پوءِ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۾ فقير قادر بخش بيدل ٻيو وڏو شاعر آهي، جنهن جھر جھنگ جھاڳيو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمي مشاهدو ماڻيو. پنهنجي دور جي سگھڙن، سالڪن، عاشقن، عارفن، عالمن شاعرن سان رهاڻيون ڪيون. مجلسن ۾ ويٺو. مختلف بزرگن ۽ صوفين جي خيالن کان آگاهي حاصل ڪئي. ڀنور بڻجي هر خوشبودار گل جي مهڪ ورتي، پنهنجي علمي اُڃ اجھائڻ، روحانيت جون رمزون ماڻڻ ۽ معرفت جا موتي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن جھوڪ جا تڪيا پسيا ته ڪڏهن قلندر جي نگري سيوهڻ ۾ حاضري ڀري. ڪڏهن پريالوءِ مخدوم محمد اسماعيل جي مزار پُر انوار تي مَٽيون ڀريون ته ڪڏهن پير ڳوٺ پهتو، ڪڏهن تجل شريف، ڪڏهن ڍورو نارو، ڪڏهن درازا، ڪڏهن دونهين، ڪڏهن پنهواري ته ڪڏهن عظمت وڃي الله وارن جي حضور ۾ دوزانو ٿي ويٺو ۽ صحبت مان فيضياب ٿيو.“ (2)
بيدل فقير جي علمي ۽ فڪري ڪم جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو ته اهو گھڻ رخو ۽ گھرو آهي. سندس ڪم جو مرڪزي نڪتو ته تصوف جو ڦهلاءُ آهي، پر ان کان علاوه هن مذهب، تاريخ ۽ تمثيلي داستانن بابت ڪتابَ لکي پنهنجي علمي حيثيت مڃائي. هن پنهنجي 59 ساله زندگيءَ ۾ فارسي، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ نثر ۽ نظم جا 34 ڪتاب لکيا. سندس گھڻي تڻي شاعري انهن ئي ٻولين ۾ ملي ٿي. بيدل سائينءَ جي ڪلام ۾ خاص طور تي سندس ”وحدت نامي“، ”سرود نامي“ ۽ ”فرائضِ صوفيه“ کي گھڻي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي. ان کان علاوه سندس اردو ۽ فارسي شاعريءَ جا ديوان پڻ وڏي اهميت جا حامل آهن. مجموعي طور هن جي شاعريءَ ۾ گھڻي ۾ گھڻي ’وحدت الوجود‘ يا ’همه اوست‘ جي پچار نظر اچي ٿي ۽ اها ئي پچار اسان جي اڪثر صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ موجود آهي.
هستيءَ کي ’همه اوست‘ ۾ ڪيو گم جنين،
ڏٺو ترت تنين، اکين شعاع شهود جو.
بيدل فقير جي ڪلام جي مرتب جھوني محقق گدومل کٽڻ مل هرجاڻي ”ديوانِ بيدل“ ۾، سندس شاعريءَ بابت راءِ قائم ڪندي ٻڌايو آهي ته هن جي شاعري کي مکيه طور ٻن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.
1. صوفياڻي شاعري 2. عاشقاڻي شاعري. هو وڌيڪ لکي ٿو:
”خاص ڪري روميءَ جو، بيدل جي صوفياڻي شعر ۽ خواجه حافظ شيرازيءَ جو، عاشقاڻي شعر تي گھڻي قدر اثر معلوم ٿئي ٿو، ايتري قدر جو رومي جي مثنوي مان پراپت ٿيلَ جوشَ ۽ جولانَ کان بيدل بادشاهه هڪ پنهنجي ننڍڙي مثنوي لکي آهي، جنهن کي هن صاحبَ هڪ نهر سڏيو آهي، جا وڏي سمنڊ يعني روميءَ جي مثنويءَ مان ڦٽي نڪتل آهي ۽ حافظ شيرازيءَ جي ديوان تي هن هڪ پنهنجو ”ديوانِ بيدل“ عرف ”مصباح الطريقته“ رچيو جو ديوان حافظ وانگر عاشقاني شعر سان ٽمٽار آهي.“ (3)
فقير قادر بخش بيدل جي جنهن ديوان جو هرجاڻي صاحب ذڪر ڪيو آهي، اهو عارفاڻي فڪر سان به سرشار آهي ۽ ان ۾ عشق جي اها صورت نظر اچي ٿي جيڪا ولين ۽ عارفن جو ورثو آهي. جنهن جو مثال ”ديوان مصباح الطريقت“ جو هيٺيون شعر آهي، جيڪو ان ديوان جو آخري شعر آهي.
صوفي و صفا کيشي هم بيدل درويش
درجلوه حسن از دل آرام ربائي.
’عشق‘ تصوف جو روح آهي، جنهن کي صوفي فڪر يا تصوف جي فلسفي کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي، پر مٿي جيئن گدومل بيدل فقير جي صوفياڻي شاعريءَ کي عشقيه شاعريءَ کان ڌار ڪيو آهي، تنهن مان هن جي مراد شايد بيدل جي اها شاعري آهي، جنهن ۾ سندس مجازي عشق جو غوغاءُ آهي. جيئن:
عشاقان دا بيدل هوندا، شيوه حسن پرستي
.............
ديدن سان ڪري ڌاڙو، دل لٽيئي يار منهنجي
.............
صورت جو سردار ڀلي ڪري آيو
1. واعدا پنهنجا پرينءَ پاڙيا، سهڻي يار سچار
2. اڱڻ اسان جي پير گھمايائين، مهر منجھون منٺار
3. اچي اچانڪ سار لڌائين، جانب جيءَ جيار.....
سهڻا تيڏي چشمان، سانون چيٽڪ لايا
من مشتاقان دا رمزين غمزين، گھور تساڏي گهايا
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سنڌ جي نيم ڪلاسيڪل ۽ رومانوي داستانن ۽ قصن کي تمثيلي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي پر شاهه عنات سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن پنهنجي ڪلام کي باضابطه طور سُرن جي شڪل ڏئي، رسالي جي صورت ۾ پيش ڪيو. ان حوالي سان شاهه لطيف جو ڪلام اڃا به وڌيڪ اهميت جو حامل آهي، جنهن انهن تمثيلي قصن سان گڏ پنهنجي ڪلام کي مختلف راڳن ۽ راڳڻين جي آڌار تي لکيو آهي ۽ 30 سُر ترتيب ڏئي پنهنجو رسالو مڪمل ڪيو آهي. اهڙي ريت ”سچل سرمست 31 سُرن / راڳن تي پنهنجون ڪافيون چيون، جن مان 15 سُر شاهه لطيف وارا آهن، جڏهن ته 16 سُر نوان آهن.“ (4) ائين وري بيدل فقير جو ’سرود نامو‘ جيڪو پنهنجي نالي مان ئي ظاهر آهي ته ان ۾ راڳ ۽ سرود جي ڳالهه آهي، تنهن ۾ هن پنهنجو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام شامل ڪيو آهي، ۽ خاص طور ڪافي جي صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. ”ڪافي“ خود سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت جي حامل صنف آهي، جنهن کي حضرت سچل سرمست عروج تي پهچايو. هيءَ شعري صنف گائڪيءَ جي حوالي سان به وڏي مقبوليت رکي ٿي، جنهن کي مختلف راڳن ۽ راڳڻين ۾ ڳايو ويندو آهي. بيدل سائين به راڳ جي رنگ کان واقف هو، تنهن ڪري هن پنهنجي ڪلام کي الڳ الڳ روپن يعني راڳن يا سُرن ۾ ترتيب ڏئي سنڌي اساسي شعري روايت سان ناتو ڳنڍيو آهي. بيدل سائين پنهنجو ڪلام جن راڳن ۽ روپن تي آڌاريو آهي، تن مان اڪثر هندوستاني موسيقيءَ جي اهم راڳن ۾ شمار ٿين ٿا، جڏهن ته ڪجھه راڳ نج سنڌي راڳ آهن، جهڙوڪه سُر سارنگ ۽ سُر آسا. اختر درگاهي مطابق:
”بيدل سائينءَ جي سرودنامي ۾ شامل ارڙهن روپن/ راڳن ۽ راڳڻين مان يارنهن سُر/ راڳ شاهه لطيف جي رسالي وارا آهن ۽ پنج سُر سچل سرمست جي رسالي مان ورتا ويا آهن. جڏهن ته بيدل سائين اهڙا ٻه راڳ / سُر نوان متعارف ڪرايا آهن، جيڪي شاهه لطيف ۽ سچل سائينءَ جي رسالي ۾ شامل نه آهن. اهي آهن ’نٽ ڪلياڻ‘ ۽ ’ڪامول‘.“ (5)
فقير بيدل جي ڪلام جي مطالعي کان علاوه سندس نثري تحريرن توڙي تصوف بابت لکيل ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن نه رڳو تصوف جي ڳوڙهي فلسفي کي پروڙي ورتو هو پر سنڌ جي عظيم اساسي شاعرن شاهه عبد اللطيف ڀٽائيءَ ۽ حضرت سچل سرمست جي ڪلام جو به گھرائيءَ سان مطالعو ڪيو هو. خاص طور هن پنهنجي معروف ڪتاب ”پنج گنج“ ۾ تصوف جي چاليهه درجن جي سمجھاڻي ڏيندي جيڪو اصول وضع ڪيو آهي ۽ جن پنجن حوالن سان هر درجي جي سمجھاڻي ڏني آهي، انهن مان هر سمجھاڻيءَ ۾ شاهه لطيف جو بيت مثال طور ڏنو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن شاهه سائينءَ جي ڪلام جو ڪيڏو عميق مطالعو ڪيو هو.
”بيدل سائين شاهه لطيف جي وفات کان 62 سال پـــوءِ جنم ورتو، جڏهن ته سچل سرمست جي وفات وقت پاڻ 12 ــ 11 سالن جو هو. بيدل فقير جي وقت تائين شاهه لطيف جو ڪلام جھر جھنگ ۾ مقبول ٿي چڪو هيو، جڏهن ته سچل سرمست، بيدل فقير کان ٿورو اڳ ٿي گذريو هيو، نتيجي طور شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي ڪلام بيدل فقير جي فڪر توڙي فن تي گھرو اثر ڪيو. اهوئي سبب آهي جو شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي شعري روايت بيدل فقير وٽ هڪ نئون رنگ ۽ روپ اختيار ڪري نروار ٿي، جنهن ۾ شاهه لطيف واري نماڻائي، نهٺائي ۽ اعتدال به آهي ته سچل سائينءَ واري رندي ۽ مستي به آهي.“ (6)
بيدل فقير جي ڪلام مان اهڙا کوڙ مثال وٺي سگھجن ٿا، جن مان پروڙ پوندي ته هن شاهه ۽ سچل جو فڪري حوالي سان ڪيترو اثر قبول ڪيو آهي.
(شاهه) ــــ وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
.............
(بيدل) ــــ ٻاروچو تو ساڻ، ووڙين ڇو وڻڪار ۾؟
.............
(شاهه) ــــ پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻهي محبوب،
پاڻهي خلقي خوب، پاڻهي طالب تن جو.
.............
(بيدل) ــــ پاڻ پنهون تون آهين، ڪيچ وڻين ڇو ڪانهين.
(بيدل) ــــ مڙيوئي محبوب آ، مشتاقن مقصود
سدا حق موجود، همه کي هڪ ڄاڻ تون
.............
(شاهه) ــــ هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پرياڻ
”ونحن اقرب اليه من حبل الوريد“، تنهنجو توهي ساڻ،
پنهنجي آهي پاڻ، آڏو عجيبن جي.
.............
(بيدل) ــــ پنهون ناهه پري، ويجھو وسي سپرين،
”ونحن اقرب اليه من حبل الوريد“، غافل تو گھري،
جي ڪو ڌيان ڌري، ته ڪوهيارو قريب آهه.
.............
(سچل) ــــ ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، مان جوئي آهيان سوئي آهيان.
.............
(بيدل) ــــ جوئي آهيان سوئي آهيان، ڀول نه ٻيو ڪو ڀانئيان
.............
(شاهه) ــــ "پاڻُ" پَردو پاڻَ کي، طالِبَ! سُڻجِ تُون؛
نَڪا هان نه هُون، پَردا سَڀِ پاسي ٿِيا.
.............
(سچل) ــــ پاڻ سڃاڻي پاڻ کي، ڳولي لهج پاڻ
پاڻ منجھان ئي پاڻ کي پوندئي ڄاڻ سڃاڻ.....
.............
(بيدل) ــــ پاڻ نه کڻج پاڻ سان، پاڻ سڃاڻج پاڻ،
ساڄن توهي ساڻ، تون ڳولهين ٻئي طرف ڏي.
.............
(بيدل) ــــ ڳولا ڪرين جنهن جي، سو تون آهين پاڻ،
پاڻ ڪنان پاسي ڪيو، توکي تنهنجي ڄاڻ،
پنهنجو پاڻ سڃاڻ، تون تان ناهين آدمي
(بيدل) ــــ آپ ڪنون تا آپ لڀيوي، سمجھين سر انساني دا
اهو خود شناسي يا پاڻ سڃاڻڻ جو پيغام بيدل سائينءَ جي شاعريءَ ۾ جابجا ملي ٿو. تصوف ۾ خود شناسيءَ جي تمام وڏي اهميت آهي. صوفين جو چوڻ آهي ته خود شناسي وسيلي ئي خدا شناسي حاصل ٿي سگھي ٿي. جيسيتائين ماڻهو پنهنجي اندر لڪل صلاحيتن ۽ قوتن کي جاچي ۽ پرکي نه ٿو ڏسي يا صوفين چواڻي پنهنجي ذات جي حقيقت نه ٿو سڃاڻي ۽ عبد ۾ معبود ڳولڻ جي سعي نه ٿو ڪري، يا خود ۾ حق جي تلاش کانپوءِ حاصلات تائين نه ٿو پهچي تيسيتائين هو ان منزل تي نه ٿو رسي سگھي. جيڪا عارفن، عشاقن ۽ سالڪن کي حاصل ٿيندي آهي. تنهن ڪري بيدل سائين به تصوف جي ان بنيادي نڪتي تي گھڻو زور ڏنو آهي. روپ بهاڳ جي هڪ ڪافيءَ ۾ هو ان فلسفي کي هن طرح سمجھائي ٿو:
آءٌ آهيان اسرار، عالم ليکي آدمي.
1. عرشئون اچي اتهين، عشق ڪيس اظهار.
2. ڪين هلي ٿي قربَ ۾، دين ڪفر جي ڪار.
3. ٻانهپ ٻولي ناهه ڪا، نور آهيان نروار.
4. بيدل بندو نانهن تون، آڻ اهو اعتبار
يا
ظاهر بندو باطن مولا، برهه جي بازي پُرجھي ڪير...
اها بيخودي ۽ بيباڪي جيڪا سچل سائينءَ جو ورثو آهي، تنهن کي بيدل سائين ڀرپور نموني اڳتي وڌايو آهي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ اهڙي سرمستي ۽ سرشاري جون جھجھيون ڪيفيتون ملن ٿيون. اصل ۾ اها منصوري راهه آهي، جنهن تي هلڻ ڏاڍو اوکو آهي. بيدل سائين منصوري ۽ سرمستي سنت پاڙيندي پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي جاين تي ”انا الحق“ جو نعرو به بلند ڪيو آهي.
مذهب دي باتيان نون برها، هڪ پل وچ اڏاوي گا
صوفي لامذهب مستي وچ ”انا الحق“ الاويگا
.............
مار نغارا انا الحق دا، حق دي ذات ڪري اثبات
بيدل سائين پنهنجي ڪلام ۾ اها ڳالهه وري وري ورجائي آهي ته اهو سارو ڪمال ”عشق“ جو آهي. عشق انسان کي هڪ اهڙي ڪائنات سان آشنا ڪري ٿو، جنهن جي حسناڪين ۽ رنگينين کي بيان ڪرڻ ڏاڍو اوکو آهي. جيڪو ماڻهو عشق جي ان اتاهين منزل تي پهچي وڃي ٿو، ان جو روح محبوب جي محبت سان سرشار ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ هن جي چپن تي هن طرح اظهار جا موتي ٻُرن ٿا.
عشق اسانون وکلايا عجب اسرار، حسن بي رنگي رنگ مين آيا.
.............
مک ماهي دا قعبه قبله، عشق امام حقاني.
.............
پاڻ ڳوليندڙ پاڻ کي ڳولي، عشق غيور وڃايو غير.
.............
عقل جو ويو اختيار، عشق انا الحق جو دم ماريو
.............
عشق کيا شے هے، کسي کامل سے پوچھا چاهيے،
کس طرح جاتا هے دل، بيدل سے پوچھا چاهيے.
حافظ شيرازي جو مشهور شعر آهي ته:
هرگز نه مَريد آنکه دِلَشِ زنده شُد بعشق
ثبت است بر جريده عالم دوام ما.
(جنهن شخص جي دل، عشق سان زنده ٿي پئي، سو ڪڏهن نه مرندو. (اهو) اسان جي دائمي جهان جي تختيءَ تي لکيل آهي.)
حقيقت اها آهي ته عشق هڪ عجيب رياضت جو گُھرجائو آهي. عشق جا سبق ڪتابن مان سکي نه ٿا سگھجن پر ان جي سکيا عمل جي ميدان ۾ ٿئي ٿي. ان لاءِ هڪ طويل مسافت ۽ پنڌ جي ضرورت پوي ٿي. عشق اهڙي رياضت آهي جنهن وسيلي خود آگهي جي منزل تي رسڻ ممڪن ٿئي ٿو. تنهن ڪري ان لاءِ دنياوي علم جو آسرو ڪافي ناهي پر پنهنجي وجود جي حقيقت کي پروڙڻ ضروري آهي، ۽ جڏهن اها ساڃاهه ملي وڃي ٿي ته اڳيون مرحلو پنهنجي هستي کي فنا ڪرڻ وارو اچي ٿو. بيدل سائين چوي ٿو ته اهي ڳالهيون پڙهڻ پڙهائڻ سان سمجھ ۾ نه ٿيون اچي سگھن، ڇوته پڙهڻ وارا رڳو اکرن ۾ اڙجي پوندا آهن، اهي عشق جي چاڙهي نه چڙهي سگھندا آهن.
پيهي پَس حقيقت پانهنجي مُنهن موڙ ڪتابون.
.............
سک رمز وجود وڃاوڻ دي، نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي
1. اکران دي وچ جوئي اڙيا، عشقي چاڙهي مور نه چڙهيا
اڳتي هلي بيدل سائين ان ڳالهه جي حقيقت هنن لفظن ۾ ظاهر ڪئي آهي:
لاشڪ آ شائقن لئه، دل جو ڪتاب ڪافي
جنهن ۾ اصول اصلي، لاريب لا خلافي
بيدل سائينءَ جي ڪلام جو جھجھو حصو صوفياڻي ڪلام تي مشتمل آهي. هو وحدت الوجود واري فلسفي جو پوئلڳ هو، تنهن ڪري سندس شاعريءَ ۾ انهي فڪر جي روشني نظر اچي ٿي. ”بيدل سائينءَ جي صوفياڻي شاعريءَ ۾ تصوف جا سمورا اصطلاح ۽ نقطا، نفي اثبات، همه اوست، وحدت ڪثرت، پاڻ سڃاڻڻ، ازلي عشق، فنا، بقا ۽ انساني عظمت ڀرپور نموني بيان ڪيا ويا آهن.“ (7)
تصوف ۾ انساني عظمت ۽ سٺن ۽ بُرن ماڻهن جي سڃاڻپ بابت به اهم نڪتا بيان ڪيا ويا آهن. ڪتاب ”پنج گنج“ جي مولف فقير صوفي سبحان بخش، بيدل سائينءَ جي ڪتاب ”نهر البحر“ جي صفحي 45 تان صوفين جي صحبت ۽ اوصاف بابت سندس لکيل مثنوي مان ست (7) شعر ترجمي سميت ڏنا آهن. جن کي پڙهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته بيدل سائين عظيم صوفي شاعر مولانا روميءَ جي تصوف واري فڪر کي پنهنجي اندر ۾ پوري طرح اوتيو هيو. مولانا روميءَ جو شعر آهي ته:
صحبتِ صالح ترا صالح ڪند
صحبتِ طالح ترا طالح ڪند
(نيڪ ۽ صالح ماڻهن جي صحبت توکي صالح بڻائيندي ۽ برن ۽ خراب ماڻهن جي صحبت توکي برو ۽ بدڪردار بڻائيندي.)
انهيءَ تسلسل ۾ فقير قادر بخش بيدل جي مثنوي مان هي شعر ملاحظه فرمايو:
صحبتِ صوفي صفائي بخشدت
از تعلق تن رهائي بخشدت
(صوفين جي صحبت توکي اهڙي صفائي عطا ڪندي، جو توکي جسم جي تعلقات کان آزاد ڪري ڇڏيندي.)
صحبتِ درويش اهل معرفت
مازدت از نور خود روشن صفت
(معرفت واري درويش جي صحبت توکي پنهنجي نور مان روشن صفت بڻائي ڇڏيندي.)
صحبتِ ڪامل ترا بخشند ڪمال
صحبتِ اهلِ هوس بخشند ضلال
(ڪاملن جي صحبت توکي ڪمال بخشيندي، هوس وارن جي صحبت گمراهي بخشيندي.) (8)
اهڙيءَ طرح بيدل سائين صوفين، ڪاملن ۽ درويشن جي صحبت ۾ ويهڻ جو سنيهو ڏيندي سماج ۾ امن ۽ اعتدال پسندي تي به زور ڏئي ٿو. هو مذهبي منافرت، فرقيواريت، هر طرح جي انتهاپسندي ۽ طبقاتي سوچ کي سٺو نه ٿو سمجھي ۽ معاشري ۾ امن، محبت ۽ يگانگت جي فضا چاهي ٿو. اهڙي فضا جتي ايڪو ۽ اتحاد هجي، ڪا نفرت، ويڇو ۽ تنگ دلي نه هجي، جتي مذهبن کان مٿاهون ٿي انساني عظمت جا گيت ڳائجن. بيدل سائينءَ جي هيٺين مصرعن ۽ بيتن ۾ اهڙو ئي پيغام آهي:
مذهب واري قيد کان بيدل، عشق ڪندئي آزاد
................
بيدل مذهب کون رهه نيارو، وحدت رک ويساهه
................
آهي هندو مومن ايڪ، وچ عقيدت وحدت والي
................
علوم مذاهب دا سَٽِ، سبق سلوڪ دا پڙهڻا
................
ڇڏيائون سڀ سانگ، ڪندا ڪوهه نماز کي
جيڏانهن عالم آسرو، تيڏانهن ڪن نه تانگ
نه ڪي ڀرن ڪلمو، نڪي ٻڌن ٻانگ
لاهوتي بي لانگ، عدم کون اڳتي ويا
................
جي تون پسين پاڻ کي، ڇڏي فقه فندُ
ڪنز قدوري جو ڪَڏي، مور نه پڇج پنڌُ،
لوڙي لهين رندُ، پاڻ منجهاران پنهنجو.
................
حقيقت ۾ هڪ ٿيو، نوري ۽ ناري
دين ڪفر آهن ٻئي، هڪ وڻ جي ٽاري
حاذق هوشياري، رکين انهيءَ رمز جي.
نتيجو:
بيدل سائينءَ جي شاعريءَ جي مطالعي مان مجموعي طور اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته هو سنڌي اساسي شاعريءَ جي هڪ اهم ڪڙي آهي، جنهن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ ۾ تصوف ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ڳالهه اڻ پوري ليکي ويندي. هن جي همه جهت ڪلام تي تحقيق جي گھڻي گھرج آهي، هن جي ڪلام کي تحقيق جو بنيادي ماخذ بڻائي ان جي فڪري ۽ فني پهلوئن تي وڌيڪ ڪم ڪري سگھجي ٿو.
حوالا
1. ڀٽي رشيد ”تصوف ۽ ڪلاسيڪي سنڌي شاعري“ (مترجم: ڊاڪٽر مهر خادم) ماءِ پبليڪيشن، 2016ع ص 73
2. درگاهي اختر (مرتب) ”بيدل 5“ (مقالو: ”بيدل جا ڀيرا ۽ صادق“ پروفيسر سرور سيف) بيدل يادگار ڪاميٽي، 2005ع ص 27
3. هرجاڻي گدو مل کٽڻ مل (سهيڙيندڙ) ”ديوان بيدل“ عرف بيدل جي سوانح عمري ۽ سرود نامو ــ بيدل يادگار ڪاميٽي روهڙي، 2007ع ص 130
4. درگاهي اختر (مرتب) ”بيدل سائين جو رسالو“ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومتِ سنڌ 2015ع، ص 21 ــ 120
5. هرجاڻي گدو مل کٽڻ مل (سهيڙيندڙ) ”ديوان بيدل“ عرف بيدل جي سوانح عمري ۽ سرود نامو ــ (مهاڳ: اختر درگاهي) بيدل يادگار ڪاميٽي روهڙي، 2007ع ص 15
6. درگاهي اختر (مرتب) ”بيدل سائين جو رسالو“ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومتِ سنڌ 2015ع، ص 21 ــ 120
7. حوالو ساڳيو ص 131
8. بيدل قادر بخش ”پنج گنج“ (مهاڳ، سوانح ۽ ترجمي سان سينگاريندڙ: فقير صوفي سبحان بخش)، شاهه عبد اللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد، 1976ع ص 66 ۽ 67
نوٽ: مقالي ۾ ڏنل بيدل سائينءَ جي شاعري گدو مل کٽڻ مل هرجاڻي جي ترتيب ڏنل ”ديوان بيدل“ ۽ اختر درگاهي جي ترتيب ڏنل ”بيدل سائين جو رسالو“ مان ورتل آهي