ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر جو اڀياس
(Sindhi Grammar of Captain George Stack: An analytic discourse)

ادريس جتوئي
Abstract:

Well known English scholar Captain George Stack was a military officer of British East India Company. He was posted in 1843 at Bombay where he acquired a working knowledge in Hindi and Sanskrit Later, he was transferred to Hyderabad Sindh as a Deputy Collector and within a span of one and a half year he developed a substantial command over Sindhi language which led to his compilation of a basic dictionary and grammar of Sindhi. Stack's first academic work is "A Grammar of Sindhi Language". This gainfully provided a fertile ground to Dr. Ernest Trumpp and other native linguistic scholars to improve upon Sindhi grammar. Stack's book of Sindhi grammar was completed in 1847 and was printed and published in 1849 from the American Mission Press, Bombay. Captain George had arrived in India in, the early period of the British rule and learned many native languages of North India including Hindi, Sanskrit, Urdu and other related languages. As Deputy Collector of Hyderabad in Sindh, he learnt Sindhi language and with the assistance of local scholars compiled English Sindhi Dictionary and Sindhi Grammar. This article presents an analytical discourse of George Stack's Sindhi Grammar.


جڳ مشھور انگريز عالم ڪئپٽن جارج اسٽئڪ (Captain George Stack) ناميارو مستشرق ٿي گذريو آهي. اوائل ۾ هيءُ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو فوجي ملازم هو. 1843 ڌاري بمبئيءَ ۾ مقرر ٿيو، جتي پوءِ هن هندي ۽ سنسڪرت زبانن تي عبور حاصل ڪيو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب:
''1845 ۾ جارج اسٽئڪ حيدرآباد سنڌ جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي آيو ۽ سال ڏيڍ اندر هن سنڌي ٻوليءَ تي ايڏي دسترس حاصل ڪئي جو ان بنيادي گرامر ۽ لغتون مرتب ڪيائين''. (1)
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ لنڊن ۾ ڄائو. هن پنھنجي زندگيءَ جو ڪافي عرصو سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق لاءِ وقف ڪيو. برطانوي حڪومت، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري ٻوليءَ جي حيثيت ڏني. يورپي عملدارن لاءِ 18 مھينن اندر سنڌي ٻوليءَ جي سکيا کي لازمي قرار ڏنو ويو. يورپي عملدارن جي سنڌي ٻوليءَ جو امتحان وٺڻ واري ڪاميٽيءَ جو سربراهه پڻ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ کي بڻايو ويو. ايتري قدر جو رچرڊ برٽن پڻ سنڌي ۽ پنجابي ٻولين جي امتحان لاءِ وٽس حاضر ٿيو. ڪئپٽن اسٽئڪ، خداوادي لکت جو به سخت حمايتي هو. هن هيٺيان ڪتاب لکيا:
1. Sindhi Translation of Bible
2. English and Sindhi Dictionary. (1849).
3. Sindhi and English Dictionary (1856).
4. A Grammar of Sindhi Language (1849) (2)
اسٽئڪ جو پھريون بنيادي سنڌي گرامر ‘A Grammar Of The Sindhi Language’ آهي، جنھن جي بنياد تي اڳتي هلي ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽُرمپ (Ernest Trump) گڏوگڏ ڪجهه ڏيھي عالمن سنڌي گرامر کي بھتر بنايو. ’سنڌي ٻوليءَ جو گرامر‘ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ 1847ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ 1849ع ۾ امريڪن مشن پريس بمبئيءَ مان شايع ڪيو. توڙي جو هن کان اڳ ’پرنسيپ‘ ۽ ’راموس‘ جا گرامر ۾ لکيل ڪتاب پڻ ٻُڌايا وڃن ٿا، پر مسٽر واٿن (Whatten) گرامر لکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن مان جارج اسٽئڪ ضرور لاڀ ورتو هوندو، پر اسٽئڪ جو ڪم ئي گرامر جي ارتقا ۾ بنيادي ماخذ ثابت ٿيو. ڪئپٽن اسٽئڪ، سنڌي لغت ۽ گرامر تيار ڪرڻ وقت ٽن مھينن لاءِ سنڌي پنڊت براهم سچانند کي مقرر ڪيو ته جيئن هو سنڌي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۾ سندس مدد ڪري سگهي. ان پنڊت کي پھريائين 40 روپيا معاوضو ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو، جيڪو اڳتي هلي سرڪار کيس ادا ڪيو. ان بابت سنڌ جي ڪمشنر کي 19 جنوري 1848ع ۾ ڪئپٽن اسٽئڪ خط لکيو، جنھن ۾ ٻنهي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو به تفصيل سان ذڪر ڪيائين.
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ انگريزن جي ابتدائي دؤر ۾ هندستان پھتو هو، جتي هن ڪيتريون ئي ٻوليون سکي ورتيون هيون، جن ۾ هندي، سنسڪرت، اردو ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن. پاڻ جيئن ئي سنڌ پرڳڻي ۾ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي آيو ته سنڌي ٻولي سکيائين ۽ سنڌيءَ ۾ ’انگريزي سنڌي لغت‘ ۽ ’سنڌي گرامر‘ جا ڪتاب مقامي ماڻهن جي سھڪار سان تيار ڪري ورتائين. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، هن گرامر تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته:
”مرحوم ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو وياڪرڻ جيتوڻيڪ هڪ قابل ستائش ۽ قابل تحسين ڪم آهي، پر مسٽر واٿن جي سنڌي وياڪرڻ وانگر، نامڪمل ۽ علم نحؤَ ۾ کٽل آهي“. (3)
حقيقت ۾ اهي خاميون ڪئپٽن اسٽئڪ جي بي وقتي موت جي ڪري رهجي ويون، ان کان سواءِ سنڌي زبان، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي مادري زبان به نه هئي، تنھن هوندي به هُن سنڌي ڪتاب جي تعارف ۾ لکيو آهي ته:
”مون پنھنجي ويا ڪرڻ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ بابت جيڪي قاعدا ڏنا آهن، اهي سموريءَ سنڌي ٻوليءَ سان لاڳو ٿين ٿا، جتي جتي سنڌي اُپ ڀاشائن جا ڪجهه تفاوت آهن، اتي انهن طرف فوٽ نوٽن ۾ ڌيان ڇڪايو اٿم، مون کي ڏيھي سنڌي عالمن جون اهڙيون ڪي به تصنيفون هٿ نه اچي سگھيون آهن، جن تان ٿوري گھڻي ڄاڻ حاصل ٿئيم، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ويا ڪرڻي بيھڪ بابت جيڪي مون قائدا ڏنا آهن، اهي سڀ مون پاڻ سنڌين جي گفتگو ٻڌي جوڙيا آهن. مون کي هڪ به اهڙو سنڌي نه مليو آهي، جنھن کي پنھنجي مادري زبان جي ويا ڪرڻ جي نيمن جي ذري به ڄاڻ هجي. مون ئي سنڌين جو سندن مادري زبان سنڌيءَ جي خاصيتن طرف ڌيان پئي ڇڪايو آهي.“. (4)
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي گرامر جي هن ڪتاب ۾ ڪُل ڏهه باب آهن، ان جي آخر ۾ ڪجهه ضميما به ڏنا ويا آهن. ڪتاب ۾ جارج اسٽئڪ، سنڌي ٻوليءَ جي اکرن، ڳالهائڻ جي لفظن، قسمن، زمانن ۽ انهن جي قسمن تي پڻ بحث ڪيو آهي۽ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي خاص خوبين کي پڻ ڪنھن حد تائين نروار ۽ چٽو ڪيو آهي. اها حقيقت آهي ته سنڌي گرامر تي تحقيق ڪرڻ وقت يورپي عالمن، انگريزي گرامر کي بنياد بڻائي، ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪئپٽن اسٽئڪ ۽ ٻين عالمن، لغتن ۽ گرامر جا اهڙا ڪتاب يورپي عملدارن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ تيار ڪيا هئا.
ان ڪري سنڌي ٻولي ۽ گرامر جي مزاج بابت اهم ۽ نرالين خاصيتن ڏانھن ڪئپٽن اسٽئڪ اشارو ضرور ڪيو آهي، پر ان تي ڪو تفصيلي بحث يا ڇنڊڇاڻ نه ڪئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي انهن پھلوئن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. اهڙي تحقيق ڪرڻ وقت عربي، سنسڪرت ۽ انگريزي گرامر ضرور آڏو رکيا وڃن، پر ان جو محور ۽ بنياد سنڌي ٻوليءَ جو پنھنجو مزاج، لھجو، جوڙجڪ ۽ سٽاءُ هجي ۽ اُن موجب گرامر جا قاعدا ۽ قانون جوڙيا وڃن. ڪتاب جي ضميمي ۾ پنج لوڪ آکاڻيون پڻ ڏنل آهن، خاص طور سورٺ راءِ ڏياچ جي آکاڻي به شامل آهي ۽ ان قصي سان لاڳاپيل ڪجهه بيت به ڏنا ويا آهن. اهي انگريزي، ديوناگري ۽ موجوده لپيءَ ۾ آهن، جنھن سان پڙهندڙ ڪتاب کي آسانيءَ سان سمجهي سگھن ٿا. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ گرامر ۽ لغتن کان سواءِ مذهبي ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا.
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ اهو گرامر ۽ لغت، ديوناگري لپيءَ ۾ تيار ڪيا. جڏهن ته انگريزيءَ کان اڳ سنڌ جي سرڪاري زبان فارسي هئي ۽ سنڌ ۾ لکت جو گھڻو ڪم ’عربي- سنڌي لکت‘ ۾ موجود هو ۽ فارسي ۽ عربيءَ ۾ مھارت رکندڙ کي وڏو مان ڏنو ويندو ۽ مقامي ٻوليءَ کي گھربل اهميت نه ڏني ويندي هئي، پر انگريزن 1853ع ۾ سنڌي رسم الخط کي بھتر صورت ڏني. سر بارٽل فريئر سنڌي زبان کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ۽ ڪورٽن، دفترن ۽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو لازمي قرار ڏنو ويو. سنڌي ٻوليءَ کي اهميت ڏيڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته انگريزن سمجھيو ٿي ته بھتر حڪمراني ۽ انتظام هلائڻ لاءِ مقامي زبان جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪجهه انگريز عالم روشن خيال ۽ سجاڳ هئا، جن چاهيو ٿئي ته دنيا جي مختلف ثقافتن، ٻولين ۽ ادب تي تحقيق ڪري پنھنجي علمي ورثي ۾ به اضافو ڪجي. انهن انگريزي زبان ڳالهائيندڙن ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت به هئي ته ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، بارٽل فريئر، ايڇ.ٽِي. سُورلي ۽ چارلس نيپئروغيره به هئا.
جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جي ساڃاهه ‘ جي جلد ٻئي ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ گرامر جي سٽاء‘ ۽ ساخت کي يورپي عالمن پاران ڏنل مڃتا جو اظھار هن ريت ڪيو آهي:
”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقا ۽ مکيه بين الاقوامي ٻولين سان لاڳاپي هئڻ سبب، ان ۾ نه صرف لفظي ذخيري جي ڪثرت ۽ جدت آهي، جا ٻي ڪنھن به هند آريائي ٻوليءَ جي گرامر ۾ نه آهي. انهيءَ ڪري بيان جي اظھار، ايجاز ۽ اختصار پيدا ڪرڻ لاءِ به سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي سٽاءَ ۽ ساخت ايتري وسيع، ڳوڙهي ۽ مڪمل آهي، جنھن جو مثال ٻي ڪنھن به ماڊرن هند آريائي ٻوليءَ ۾ نٿو ملي. سنڌي فعل جي ڦيرن، جنس، عدد ۽ زبانن موجب انهن جي گردانن، ضميري پڇاڙين ۽ اعرابن جو جن يورپي علم زبان جي ماهرن مطالعو ڪيو آهي، تن پڻ سنڌيءَ کي ٻين جديد هند آريائي ٻولين کان گھڻو ترقي يافته ۽ مڪمل ڪري مڃيو آهي. ڪئپٽن اسٽئڪ ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جي لکيل سنڌي گرامرن مان اها حقيقت واضع ٿئي ٿي. جي. آر. گريئرسن جي ڪتاب هندستاني ٻولين جي پيمائش، جُلد 8، حصي 1 جي مطالعي مان پڻ ان حقيقت جي تائيد ٿئي ٿي“. (5)
حقيقت ۾ انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ لغتون ۽ گرامر ڇپايا. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ درسي ڪتاب پڻ تيار ڪرايا ۽ سنڌ ۾ جديد تعليم کي هٿي ڏني.

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ هن سنڌي گرامر جي ڪتاب ۾ ديوناگري لپي استعمال ڪئي آهي. لڳي ٿو ته ديوناگريءَ جي چونڊ ان ڪري به ڪئي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت يورپي عالمن جو خيال اهو هو ته سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي ڄائي آهي، ان ڪري ديوناگري رسم الخط سنسڪرت جي ويجهو آهي.
جارج اسٽئڪ جا سنڌي ٻولي ۽ ان جي لپيءَ بابت ويچار هيٺينءَ ريت هئا:
1. سنڌي ٻولي سنسڪرت سٿ جي آهي، ان ڪري ان لاءِ لپي به اها استعمال ڪرڻ گھرجي، جيڪا سنسڪرت سٿ جي ٻولين مان هجي.
2. خداآبادي لپي (ديوناگري) سنڌ جي خاص پنھنجي ۽ نرالي لپي آهي، جيڪا صدين کان استعمال ٿيندي اچي ٿي، ان ڪري سنڌيءَ لاءِ اها لپي اختيار ڪرڻ گھرجي، جيڪا حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس وارين ايراضين جا سنڌي واپاري ڪم آڻيندا هئا.
3. سنڌي ٻوليءَ تي عربي ۽ فارسي لپي مڙهڻ نه کپي. (6)
سنڌي لپيءَ جي مسئلي تي ان دؤر ۾ رچرڊ برٽن ۽ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي وچ ۾ وڏو بحث مباحثو ٿيو. برٽن، عربي سنڌي لپي جو حامي هو، جڏهن ته جارج اسٽئڪ ديوناگريءَ جو حامي هو. ان دؤر ۾ سنڌي مسلمانن جي اڪثريت ۽ ڪجهه هندو پڙهيل ماڻهو عربي-سنڌي رسم الخط استعمال ڪندا هئا. تنھن هوندي به مسلمان ۽ هندو رسم الخط جي فيصلي لاءِ ڪاميٽي تشڪيل ڏني هئي. اهي به ان ڳالهه جو فيصلو نه ڪري سگھيا. آخر ايسٽ انڊيا ڪميٽيءَ جي ڊائريڪٽرس جي سڀني ڳالهين کي آڏو رکي عربي سنڌي رسم الخط جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ چيو ته اها رسم الخط بھتر آهي. سربارٽل فريئر، ايلس ۽ برطانوي عملدارن جو هن ۾ وڏو ڪردار آهي.
اڳتي هلي جارج اسٽئڪ ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جي نظريي کي گريئرسن اڳتي وڌايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ماهر ڀيرومل مھرچند آڏواڻي پڻ انهيءَ خيال جو هو، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ڏيھي عالمن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽرغلام علي الانا، پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جي سنسڪرت ڄائي هجڻ واري نظريي کي دليلن جي بنياد تي رد ڪيو.
1960ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر سراج الحق ميمڻ 'سنڌي ٻولي' عنوان سان ڪتاب لکي ثابت ڪيو ته سنڌي، سنسڪرت ڄائي نه، پر سنسڪرت، سنڌيءَ جي ڄائي آهي. اڄ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جڏهن ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ٻين يورپي عالمن جون لغتون ۽ گرامر ڇپايا آهن، ته اها هن دؤر جي ضرورت آهي. انهن ڪتابن جي اشاعت ان ڪري به ضروري آهي ته اهڙن تاريخي ۽ بنيادي ماخذن کي موجوده لپيءَ سان گڏ شايع ڪرڻ سان پڙهندڙ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي ارتقا کان پڻ آگاهه ٿي سگھندا.
اها حقيقت آهي ته ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جا اهي بنيادي لغتن ۽ گرامر جا ڪتاب ئي هئا، جن مان استفادو وٺي اڳتي هلي تمام گھڻن عالمن گرامر بابت ڪتاب لکيا.
سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر فھميده حسين هن ڪتاب جي پبلشر نوٽ ۾ لکيو آهي ته:

''After acquiring a diploma in Hindi language from the University of Karachi in the late 80’s, when I was able to read Devanagari, I was astonished at the scope of study and extant of research conducted by the Western Scholars for our language. I also came to know that most of the grammar books written afterwards were in fact based on their research work''. (7)
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي هن ڪتاب جي ترجمي تي پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ۽ ڊاڪٽر فھميده حسين نظرثاني ڪئي آهي. انهن ٻنهي عالمن کي انگريزيءَ سان گڏ ديوناگري لپين جي ڄاڻ آهي. ڪتاب کي موجوده رسم الخط ۾ شايع ڪري پڙهندڙن جي لاءِ تمام ڪارائتو بنايو ويو آهي.
حقيقت ۾ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، سنڌ جو پھريون لغت ساز ۽ گرامر نويس آهي، جنھن سنڌ ۾ لغت سازيءَ ۽ گرامر نويسيءَ جو بنياد رکيو آهي. تاريخ ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس ان علمي ڪم کي هميشه ياد رکيو ويندو، ايستائين، جيستائين سنڌي ٻولي زندهه رهندي. پر وقت ۽ حالتون تبديل ٿي ويون آهن، ان ڪري ’سنڌي ويا ڪرڻ ‘ تي نئين نظر سان وڌيڪ لکڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عالم، ڊاڪٽر علام علي الانا پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر‘ جي مھاڳ ۾ نئين سنڌي ويا ڪرڻ جي اهميت بابت هن ريت لکيو آهي:
”سنڌي ويا ڪرڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر ٽرمپ جو ڪتاب 1872ع ۾ ڇپيو. اهڙيءَ طرح ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي گرامر کي شايع ٿيندي سوا سو سال گذري ويا آهن. سر گريئرسن جي ڪتاب ‘لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا‘ کي شايع ٿيندي به هڪ سو سال گذري ويا، ڀيرومل ۽ مرزا قليچ بيگ جي وياڪرڻن کي شايع ٿيندي مُني صدي گذري وئي، انهيءَ ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن سڀني بزرگ ماهرن جي ڪڍيل نتيجن کي سامهون رکي ’سنڌي ويا ڪرڻ تي نئين نظر سان لکجي.“ (8)

حوالا
1. فهميده حسين، ڊاڪٽر (چيف ايڊيٽر)، 'انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا'، جُلد ٽيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2011ع.
2. Mallah, mukhtiar Ahmed, ` The Development of Sindhi Language and Script Under Early English Administration` Sindhi Language Authority, 2017
3. ٽرمپ، ارنيسٽ، ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو گرامر‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2011ع.
4. George Stack, Captain, “A Grammar of the Sindhi Language” Sindhi Language Authority 2011, (Page 7-8)
5. جي. ايم. سيد، ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘، جلد ٻيو: صفحو 39-40، مئي 1982ع.
6. فهميده حسين، (چيف ايڊيٽر)،’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، جُلد ٽيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2011
7. George Stack, Captain, “A Grammar of the Sindhi Language” Sindhi Language Authority 2011
8. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر ’سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2010ع
904 ڀيرا پڙهيو ويو