سنڌي ٻوليءَ جي واحد جمع جي سرشتي جو جائزو
(An evaluation of singular-plural system in Sindhi language)

زبير سومرو
Abstract:

Language has its peculiar system of grammar. Some of its parts are very standard and generic and some are explicitly specific. This is principally, the study of more or less, about rules and principles that make the structure of sentence or paragraph. This may include morphology, phonology and syntax, frequently accompanied by phonetics, semantics, and pragmatics. Speakers of any language have a set of adopted and assumed directions and procedures for using that language and such rules create grammar of the language. The system of singular and plural is one of the most imperative features of any language and so is that of Sindhi as well. It prevails with a variety of rules and regulation in Sindhi language also. Keeping the grammatical category of number in view, the singular and plural, is essentially figured presentation of vocabulary. How singular and plural of nouns, adjectives, masculine, feminine characteristically are made by changing the quantitative data. Most commonly, therefore, plurals are used to denote two or more of something, although they may also denote more than fractional, zero or negative amounts. An example of a plural is the English word cats, which corresponds to the singular cat. Sindhi language is an Indo-Aryan language having relations with various language families. It has been under strong influence of Arabic, Persian and Hindi. It has its own grammar system that is based on its own phonological and other grammatical aspects. The singular and plural system of Sindhi language has some certain sort of topographies and structure unlike Arabic, Urdu or Persian and has specialized context having different identifications of a number of parlances of various geographical parts of Sindh. The dialect based identification, representing two key parts of northern and southern Sindh, popularly called Uttar and Laar. It has thus particularity in context of making singulars and plurals.


 مسئلي جو بيان Statement of Problem
سنڌي ٻولي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪيترين ٻولين جي اثر هيٺ رهي آهي. خاص طور تي سنڌيءَ تي عربي ۽ فارسيءَ جا اثر صدين جي عرصي تائين ڦھليل آهن. ورهاڱي کان پوءِ به سنڌي ادب تي اهي اثر چٽا ۽ گھرا نظر اچن ٿا. اَسيءَ واري ڏهاڪي کان پوءِ شعر گوئي توڙي نثرنويسيءَ ۾ جديد اسلوب، انداز ۽ گرامر جي نون لاڙن جنم ورتو، جنھن جي ڪري ڌارين ٻولين جا اثرزائل ٿيڻ شروع ٿيا. جديد سنڌي ادب توڙي لسانيات تي تيزيءَ سان وڌندڙ اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا جي ججهي واهپي ڪارڻ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۾ ڪيتريون ئي مثبت توڙي منفي تبديليون آيون آهن. سنڌي ٻوليءَ جي واحد جمع جي سرشتي ۾ پڻ ڪيتريون تبيديلون آيون آهن، جيڪي اڻٽر آهن. انهن تبديلين تي لسانيات ۽ ويا ڪرڻ جي ماهرن جي نظر هئڻ لازمي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد جمع جو نظام نج پنھنجو آهي، جيڪو عربي، فاسي ۽ اردؤَ جي گهاٽي اثر هيٺ رهيو آهي. انهن غير ضروري ڌارين اثرن کان بچڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي.

 مسئلي جو سوال Question of Problem
سنڌي گرامر جي نج پنھنجي لسانياتي عنصرن ۽ وياڪرڻي اصولن موجب واحد جمع جي طئي ٿيل قاعدن ۽ قانونن پٽاندر نثر توڙي شعر ۾ لکڻ توڙي عام واهپي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇا انهن اصولن ۽ قاعدن کي ٻين ٻولين خاص طور تي عربي ۽ فارسيءَ جي غير ضروري اثرن مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي؟

 واحد جمع : گرامر جي هڪ عام خصوصيت :
Singular Plural: A Common Feature of Grammar
دنيا جي هر ٻولي پنھنجي مزاج ۽ جوهر ۾ ڪي باضابطه يا غير رسمي قاعده ۽ قانون رکي ٿي، اهڙن قاعدن ۽ قانونن جا مختلف لساني، صوتياتي، ويا ڪرڻي گُڻ ۽ اَوَگڻ پڻ ٿين ٿا. واحد جمع ڪنھن به ٻوليءَ جي اهم خصوصيتن ۾ شمارجي ٿو. واحد جمع، لسانيات توڙي گرامر جي ٻين مخصوص اصطلاحن وانگر غير معروف ۽ ڳوڙهو اصطلاح نه آهي، بلڪه هي هڪ عام فھم ۽ عوامي طور عام جام ڳالهايو، لکيو، پڙهيو ۽ سمجهيو ويندڙ اصطلاح آهي. عدد جون جملي ٽي صورتون ٿين ٿيون:
)Plural(جمع (Dual) مُثني (Singular) مفرد
ٻِن کان وڌيڪ ٻه هڪ شمار
…...6,5,4,3 2 1 عدد
طالبات طالبتان طالبه مثال
رجال رجلان رجل
بيوت بيتان بيت
مدن مدينتان مدينه
ڪاتبون ڪاتبان ڪاتب (مذڪر)
ڪاتبات ڪاتبتان ڪاتبه (مؤنث)
مٿي ڏنل جدول ۾ عربي ٻوليءَ جا مثال ڏنا ويا آهن، ڇو ته عربيءَ ۾ عدد جا ٽيئي قسم موجود آهن. جڏهن ته سنڌي توڙي اردو زبان ۾ رڳو واحد ۽ جمع آهن، مثني عدد يعني تثنئي جو ڪو به تصور نه آهي.
اوائلي هند آريائي ٻولين ۾ عدد جون اِهي ٽيئي صورتون موجود هيون. هند آريائي سفر کان پراڪرت جي شروعاتي دور ۾ ’تثنيو‘ ناپيد ٿيندو ويو. جديد آريائي ٻولين ۾ هاڻي تثنيو نه آهي، جڏهن ته عربي ٻوليءَ ۾ اڄ به تثنيو موجود آهي. جديد آريائي زبانن ۾ عدد رڳو ٻن قسمن جو آهي. اسم، يا ته واحد جي شڪل ۾ آهي يا جمع جي شڪل ۾ آهي. (1)
ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب سنڌيءَ ۾ تثنيئي جا مثال ملن ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ تثنيئي جا فقط ٽي لفظ آهن، جيڪي حالتِ ندا جي صورت عدد واحد، عدد تثنيو ۽ عدد جمع طور موجود آهن. (2)
عدد جمع عدد تثنينو عدد واحد
ماڻهوئا ماڻهواَئو ماڻهو
ڪيچيا ڪيچي اَئو ڪيچي
سيٺيا سيٺيئو سيٺ
 واحد ڇا آهي ؟ واحد جا اصول ۽ ضابطا
What is singular? Its principles and rules
واحد يعني هڪ، اڪيلو، مفرد. ڪا به شيءِ، شخص يا اسم، تعداد ۾ صرف هڪ هجي ته ان کي واحد چئبو آهي. مثال طور : هڪ ڪتاب، هڪ ڇوڪرو، هڪ مسجد، هڪ ٻڪري، هڪ ڌڻ، هڪ فوجي، هڪ فوج . وڪي پيڊيا موجب :
Singular number, in grammar, a term for words denoting a unit quantity, as opposed to the plural and other forms. (3)
ٻين لفظن ۾ واحد، ٻوليءَ ۾عددي صورت جي هڪ وياڪرڻي تشريح آهي، جنھن ۾ اسم جي تعداد يا ڳڻپ جي شڪل جي وضاحت ٿيل هوندي آهي. مثال:
• ڇتو ڪتو اچي ٿو.
• گهوڙو وڏو آهي.
• آسمان ڳاڙهو آهي.
• اُٺُ ڏٻرو آهي. (4)
 جمع ڇا آهي ؟ جمع جا اصول ۽ ضابطا
What is plural? Its principles and rules
سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪن به هڪ کان وڌيڪ شين، شخصَن يا اسمن جي عددي صورت کي جمع چئجي ٿو. وڪي پيڊيا موجب :
The plural in many languages, is one of the values of the grammatical category of number. (5)
مثال طور: ٻه ڪتابَ، ٽي ڇوڪرا، چار مسجدون، پنج ٻڪريون وغيره. جمع جي صيغي کي هيٺ ڏنل جملن ۾ هن ريت پيش ڪجي ٿو :
• هوائون هلي رهيون آهن.
• عجيب آوازَ اچي رهيا آهن.
• ٻه ڇوڪرا ٻه کٽُون والاري ويٺا آهن.
• گهاوَ اڃان تازا آهن.
• بتيون ٻَرن پيون.
• اهي پراڻيون ريتون ۽ رسمون آهن.
• ڪندا ويا تنوار، عالمَ، عارفَ اهڙي. (شاهه)
• درَ ۽ دريُون کليل آهن.
مٿي ڏنل جملن ۾ ’هوائون‘، ’آواز‘، ’اجرڪَ‘، ’ڇوڪرا‘، ’کٽُون‘، ’ريتون‘، ’رســــــــمون‘،
’بتيون‘، ’عالم‘، ’عارف‘ ’درَ، ’دريون‘ جمع لفظَ آهن. ان لفظن جي پڇاڙيون مختلف آهن، جيڪي ’ئون‘، ’آ‘، ’اُون‘،’اَ، ’يون‘ آوازن موجب آهن.
دنيا جي مڙني ٻولين وانگر، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر به پنھنجي مخصوص فطرت ۽ هئيت رکي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ تذڪير ۽ تانيث (مذڪر ۽ مؤنث) جا پنھنجا اصول آهن، اهڙيءَ طرح واحد جمع جا پڻ پنھنجا اصول ۽ ضابطا آهن. سنڌيءَ تي عربي ۽ فارسيءَ جي اثر جي ڪري، گرامر جي مختلف رخن تي اثر پڻ پيا آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن کان اردؤَ جي عام واهپي جي ڪري پڻ سنڌيءَ جي مذڪر مؤنث، واحد جمع سميت ڪيترن ئي وياڪرڻي رخن ۾ مثبت توڙي منفي تبديليون آيون آهن.
ڪَڪِ پٽي (سُرَ / آواز)
10 9 8 7 6 5 4 3 2 1
وڏو سُرُ
Long Vowel وڏو سُرُ
Long Vowel وڏو سُرُ
Long Vowel وڏو سُرُ
Long Vowel وڏو سُرُ
Long Vowel وڏو سُرُ
Long Vowel ننڍو سُرُ
Short Vowel ننڍو سُرُ
Short Vowel وڏو سُرُ
Long Vowel ننڍو سُرُ
Short Vowel سُرُ
Vowel
/ اَو / / اُو / او اَي اِي اي اِ اُ آ / اَ آواز
əʊ ʊː æ ɪː E ɪ ʊ ɑː əː IPA
حَوض
عَورت تُوت
سُور طوطو
چولو عَينڪ
مَيز سِيٽي
تِيلي ڊيل
پير ڀِتِ
هِلِ ٻُڪُ
اُٺُ آڙو
بابا کَٽَ
بَدَڪَ مثال
سنڌي ٻوليءَ جي واحد -جمع جو سرشتو آوازن موجب آهي. سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي نصاب ۾ ڏهن سُرن جا آواز پڙهايا ويندا آهن، انهن ۾ 3 ننڍا سُر ۽ 7 وڏا سُر آهن، جن کي ڪَڪِ پٽي چئجي ٿو. ڪي استاد انهن کي ڏهه ڪَڪيون پڻ چوندا آهن. اها ڪَڪ پٽي هيٺ ڏجي ٿي :
سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد جمع جي اهڙي اصولن بابت جارج اسٽئڪ پڻ ان راءِ جو آهي ته، لفظ جوآخري اکر يا آواز پٽاندر جمع جي صورت تبديل ٿئي ٿي. (5)
مٿي ڏنل جدول ٻن قسمن جا سُرَ (Vowels) آهن، هڪڙا ننڍا سُرَ (Short Vowels)
يعني زير زبر ۽ پيش ۽ باقي ٻيا وڏا سُرَ (Long Vowels) آهن. سنڌي ۾ واحد جمع جو سرشتو انهن سُرن يا آوازن موجب آهي. سنڌيءَ ۾ هڪ عام تصور آهي ته لفظ جو آخري اکر يا آواز متحرڪ ٿيندو آهي، پر اهو اصول ننڍن سُرن (Short Vowels) سان مشروط آهي. يعني ڪجهه لفظن جي آخر ۾ زير، ابر يا پيش اچي ته اهو لفظ متحرڪ ٿيندو. مثال: بدڪَ، انبُ ۽ سُنڍِ. اهڙي طرح وڏن سُرَ (Long Vowels) جي لفظن جو آخري اکر يا آواز متحرڪ نه ٿيندو آهي. مثال:
/او / /اِي / /آ/ وڏو سُرُ
سولو، طوطو، چولو بيبي، سِيٽي، تِيلي آنا، بابا، کارا مثال
سنڌيءَ ۾ واحد جمع جي آوازن موجب جوڙجڪ بابت ٻٽن آوازن جي پڻ اهميت آهي. ٻِٽا آواز (Diphthong) خاص طور تي / اَي / ۽ / اَو / جا اُچار مخصوص طرح آهن. (6)
آواز / اَ / تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو (/ اَ / جي آواز / اُون / سان تبديلي) : لفظ جي آخري اکر تي زبر اچي يعني آواز / اَ / هجي ته اهو لفظ تانيث يعني مؤنث جي صيغي ۾ ايندو. اهڙا لفظ جيڪڏهن واحد هوندا ته اهي جمع جي صورت ۾ اچي / اُو/ جي ڊگهي سُرَ ۽آواز ’اُون‘ ۾ تبديل ٿي ويندا. مثال طور:
زبر ( اَ ) جي آواز وارا لفظ
شڪارپوري لھجي ۾ جمع واحد
بدڪان بدڪون بدڪَ
کٽان کٽون کٽَ
پڳان پڳون پڳَ
عورتان عَورتون عَورتَ
ڊيلان ڊيلون ڊيلَ
اخباران اخبارون اخبارَ
سوچان سوچون سوچَ
اوطاقان اوطاقون اوطاقَ
مَوجان مَوجون مَوجَ
فُوجان فَوجون فَوجَ
ڄُوران ڄَورون ڄَورَ
حوران حورون حورَ
غاران غارون غارَ
آواز / آ / تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو (/ اَ / جي / اُون / سان تبديلي): لفظ جو آخري آواز / آ / هجي ته اهو لفظ تانيث يعني مؤنث جي صيغي ۾ ايندو. اهڙا لفظ جيڪڏهن واحد هوندا ته اهي جمع جي صورت ۾ اچي / اُو/ جي ڊگهي سُرَ ۽ ’ئون‘ يا ’اُون‘ ۾ تبديل ٿي ويندا. مثال طور :
شڪارپوري لھجي ۾ جمع جمع واحد
دعايون دعائون دعا
دوايون دوائون دوا
هوايون هوائون هوا
بسيون بسون بسِ
ٽرڪيون ٽرڪون ٽرڪِ
انائون انا
خطائون خطا
جفائون جفا
ادائون ادا
صدائون صدا
يادون ياد
آواز / اُ/ تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو (/ اُ / يعني پيش جي / اَ / يعني زبرسان تبديلي) :
لفظ جي آخري اکر تي پيش اچي يعني آواز / اُ / هجي ته اهو لفظ تذڪير يعني مذڪر جي صيغي ۾ ايندو. اهڙا لفظ جيڪڏهن واحد هوندا ته اهي جمع جي صورت ۾ اچي، اعراب زبر، ننڍي سُرَ ۽ آواز / اَ / ۾ تبديل ٿي ويندا. مثال طور :
غلط العام جمع واحد
ڪتابون ڪتابَ ڪتابُ
آوازون آوازَ آوازُ
درَ درُ
هٿَ هٿُ
قلمَ قلمُ
کنڀَ کنڀُ
شھرَ شھرُ
چپَ چپُ
نڪَ نڪُ
خچرَ خچرُ
انبَ انبُ
خطَ خطَ
ٻارَ ٻارُ
لاڙ توڙي وچولي جي ڪجھه علائقن ۾ اجرڪَ (ڪاف تي زبر) واحد جي صيغي ۾ استعمال ٿيندو آهي، جنھن جو جمع اصول موجب ’اجرڪُون‘ چيو ويندو آهي. پر اتر سنڌ ۾ ان کي’اجرڪُ‘ ۽ جمع ۾ ’اجرڪَ‘ چيو ويندو آهي. محترم تاج جويي ان بابت سوال ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪاف تي زبر واري ’اجرڪَ‘ جيڪا مؤنث آهي، اها مخصوص رنگ ۽ ڊزائين جي ٿئي ٿي.
آواز / اِ/ تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو (/ اِ / يعني پيش جي آواز / يُون / سان تبديلي) :
لفظ جو آخري آواز / آ / هُجي ته اهو لفظ تانيث يعني مؤنث جي صيغي ۾ ايندو. اهڙا لفظ جيڪڏهن واحد هوندا ته اهي جمع جي صورت ۾ اچي / اُو/ جي ڊگهي سُرَ / اُو ۽ آواز يُون ۾ تبديل ٿي ويندا. مثال طور :
جمع واحد
اکيون اکِ
مکيون مکِ
مَتيون متِ
جُٺيون جٺِ
لٺيون لٺِ
راتيون راتِ
باتيون باتِ
ماساتيون ماساتِ

هن قسم جي واحد جمع ۾ آواز / اِ / ۽ آواز / اَ / تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغي ۾ آواز / اُون / سان پڻ تبديل ٿين ٿا. مثال:
جمع واحد
ٿُڪون ٿُڪَ
بسُون بسِ
ٽرڪُون ٽرڪِ
گهُتُون گُهتَ
لُڪُون لُڪَ
حُجتُون حُجتَ
مُحبتُون مُحبتَ
يادون ياد
آفتُون آفتَ
سِڪُون سِڪَ
پوشاڪون پوشاڪ
آٿتُون آٿتَ
دعوتُون دعوتَ

آواز / اي/ تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو:
سنڌيءَ ۾ ڪو به لفظ آواز / اي/ تي ختم نه ٿيندو آهي. هي آواز جي مصدر جي ڦيري استعمال ٿيندو آهي. مثال :
گھوڙو تکو آهي. آواز / او/
گھوڙي جي رفتار تکي آهي. (آواز / اي/) - واحد جي صورت ۾
گھوڙن جي رفتار تکي آهي. - جمع جي صورت ۾
آواز / ايِ/ تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو (/ اِي / جي / يُون سان تبديلي) :
لفظ جو آخري آواز / اِي / هجي ته اهو لفظ تانيث يعني مؤنث جي صيغي ۾ ايندو. اهڙا لفظ جيڪڏهن واحد هوندا ته اهي جمع جي صورت ۾ اچي / اُو/ جي ڊگهي سُرَ / اُو ۽ آواز يُون ۾ تبديل ٿي ويندا. مثال طور:


جمع واحد
تيليون تيلي
دريون دري
ڳاڙهيون ڳاڙهي
اڇيون اڇي
نيريون نيري
ڪاريون ڪاري
جھڳيون جُھڳي
پريون پري
گوليون گولي
روشنيون روشني
جهوپڙيون جهوپڙي
بتيون بتي
ڇوڪريون ڇوڪري
ٻنيون ٻني
ياديون ياد
مٿي ڏنل جدول ۾ آخري لفظ ’ياد‘ جي د تي زير هوندي آهي ۽ زير وارا اڪثر لفظ مؤنث هوندا آهن ۽ انهن جو جمع ’اُون‘ ۽ ’يُون‘ جوڙڻ سان ڪيو ويندو آهي. اصولي طور تي ’ياد‘ جو جمع ’ياديون‘ هجڻ گهرجي پر غلط العام طور ’يادُون‘ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڪجهه لفظ مٿي ڏنل اصول کان مثتثنيٰ آهن، مثال طور، پاڻي، هاٿي، فوجي، ڪاسائي، پکي وغيره ’اِي‘ آواز تي ختم ٿين ٿا ۽ انهن جو جمع به ساڳيو ئي آهي، پر اهي مونث نه بلڪه مذڪر آهن.
آواز / اَي/ تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو:
سنڌيءَ ۾ ڪو به لفظ آواز / اَي/ تي ختم نه ٿيندو آهي. هي آواز جي مصدر جي ڦيري استعمال ٿيندو آهي. مثال:
آواز / او/ تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو (/ او/ جي آواز/ آ / سان تبديلي) : لفظ جو آخري آواز / او / هجي ته اهو لفظ تذڪير يعني مذڪر جي صيغي ۾ ايندو. اهڙا لفظ جيڪڏهن واحد هوندا ته اهي جمع جي صورت ۾ اچي / آ / جي ڊگهي سُرَ ۽ آواز ۾ تبديل ٿي ويندا. مثال طور :
جمع آواز / آ / واحد آواز / او /
طوطا طوطو
ڪوڪا ڪوڪو
جوتا جوتو
ٿنڀا ٿنڀو
کارا کارو
جوڙا جوڙو
ڀولا ڀولو
دلا دلو
گهوڙا گهوڙو
نيرا نيرو
انڌا انڌو
ٻوڙا ٻوڙو
دوکا دوکو
آواز / اُو/ تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو (/ اُو / جي / ئون/ سان تبديلي) :
لفظ جو آخري آواز / اُو / هجي ته اهو لفظ تانيث يعني مؤنث جي صيغي ۾ ايندو. اهڙا لفظ اگر واحد هوندا ته اهي جمع جي صورت ۾ اڪثر ڪري ساڳيا ئي رهن ٿا. ڪن صورتن ۾ اهي واحد / اُو/ جي ڊگهي سُرَ / اُو/ ۽ آواز ’ئون‘ ۾ تبديل ٿي ويندا.
مثال طور : آرزو - آرزوئون
(اکيون آرزوئون، اکيون التجائون - شيخ اياز)
جمع واحد
آرزوئون آرزو
گفتگو گفتگو
لاٽون لاٽون
آنڀو آنڀو
آواز / اَو/ تي ختم ٿيندڙ واحد :
سنڌيءَ ۾ ڪو به لفظ آواز / اَو/ تي ختم نه ٿيندو آهي.
 عربي گرامر جو سنڌي گرامر تي اثر
Influence of Arabic Grammar on Sindhi Grammar
سنڌي ٻوليءَ تي جن ٻولين جو گھرو اثر رهيو آهي، انهن ۾ عربي اهم ٻولي آهي. سنڌ ۾ عربن جي ڪاهه کان پوءِ سنڌ ۾ عربي عام جام ڳالهائي ويندي هئي. عربن جي ڪاهه کان پوءِ، سنڌيءَ ۾ عربي اکر سنڌي ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. (7)
عربي ٻوليءَ ۾ عدد جون ٽي صورتون ٿين ٿيون. واحد، تثنيه ۽ جمع. عربيءَ جو اثر سنڌي ۽ اردؤَ تي گھرو رهيو آهي. اردو اڄ به عربيءَ جي گھاٽي اثر مان نڪري نه سگهي آهي، جڏهن ته سنڌي ٻولي گذريل صدين ۾ تمام گھري اثر هيٺ رهي آهي پر ويھين صديءَ جي آخر کان وٺي جديد سنڌي ادب جي ترقي پسند تحريڪن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ تان عربي توڙي فارسيءَ جو اثر گھڻي قدر زائل ٿيندو پيو وڃي.
عربيءَ ۾ واحد جمع جا ڪي اصول ٿين ٿا. قديم عربي دان اهڙا 29 اصول ٻڌائن ٿا، پر اردؤَ ۾ اُهي سمورا اصول مستعمل نه آهن، انهن مان ڪي اصول اردؤَ ۾ لاڳو ٿين ٿا، جن جو تفصيل هن ريت آهي :
فِعَل فَعَلات فُعال اَفعال فُعُول فُعُل فَعاليل فُعلاء مُفاعل
قِصص درجات خُدام اخبار نُقوش ڪُتب مضامين عُلماء مجالس
سِيَر (سيرت) الزامات حُڪام انواع رُقوم رُسُل مڪاتيب رفقاء فضائل
جحشرات حُجاج احڪام عُلوم اساليب فقراء قبائل

عربيءَ مان آيل واحد جي جمع جا چار قسم ٿين ٿا :
1. جمع سالم
2. جمع مُڪسر
3. جمع الجمع
4. اسم جمع
جمع جي هن قسم ۾ واحد جي لفظ جي اصلي شڪل ساڳي رهندي آهي، انهيءَ لفظ م رڳو ڪجهه اکرن جو واڌارو ٿيندو آهي. مـثال، معلم – معلمين

جمع سالم
سنڌي جمع واحد
ناقدَ ناقدين ناقد
صالحَ صالحين صالح
ناصحَ ناصحين ناصح
عازمَ عازمين عازم
عارفَ عارفين عارف
قائدَ قائدين قائد
صارفَ صارفين صارف
زائرَ زائرين زائر
حاضر حاضرين حاضر
جمع مُڪسر: جمع جي هن قسم ۾ واحد جي لفظ جي اکرن جي شڪل يا ترتيب تبديل ٿي ويندي آهي.
مـثال، علم – علوم
جمع مڪسر- فُعُول
سنڌي جمع واحد
نقشَ نُقوش نقش
علمَ عُلوم علم
عيب عُيوب عيب
بحرَ بُحور بحر
امرَ اُمور امر
سجدا سُجود سجدو
نقلَ نُقول نقل
خطَ خُطوط خط
دهرَ دُهور دهر
هندو هُنود هندو
وحشي وُحوش وحشي
قبرون قُبور قبر
عھدَ عُھود عھـد
ظرفَ ظُروف ظرف
وفدَ وُفود وفد
فنَ فنون فن
نفسَ نُفوس نفس
بيتَ بُيوت بيت
جمع الجمع جمع جي هن قسم ۾ واحد لفظ کي جمع ڪري، ان جمع جو وري ٻيھر جمع ڪيو ويندو آهي. مـثال، رسم – رُسوم – رُسومات
جمع الجمع ( جمع جو جمع )
سنڌي جمع الجمع جمع واحد
خبرون اخبارات اخبار خبر
وجھون وجوهات وجوه وجه
رسمون رسومات رسوم رسم
اسمَ اسامي اسماء اسم
لازم لوازمات لوازم لازم
رڪنَ اراڪين ارڪان رڪن
لقبَ القابات القاب لقب
جوهرَ جواهرات جواهر جوهر
عجيبَ عجائبات عجائب عجيب
عارضا عارضات عوارض عارضه
اڪبر اڪابرين اڪابر اڪبر
رقمون رقومات رقوم رقم
دوائون ادويات ادويه دوا
حادثا حادثات حوادث حادثه
اسم جمع: جمع جي هن قسم ۾ واحد ظاهري طور تي واحد نظر ايندو آهي، پر دراصل اهو جمع هوندو آهي. جمع جي هن قسم کي ’گڏيل واحد‘ (Collective Noun) پڻ چئبو آهي. مـثال، فوج، ڌڻ، ٽولو
اسم جمع
جمع جو جمع واحد / جمع
قومون قوم
فوجون فوج
ڌڻَ ڌڻ
دستا دستو
جماعتون جماعت
گروههَ گروهه
هجومَ هجوم
سوسائٽيون سوسائٽي
غَلا غلو
ڍيرَ ڍير
پنچائتون پنچائت
ڪميٽيون ڪميٽي
انجمنون انجمن
ڪاروان ڪاروان
گلدستا گلدستو
سلسلا سلسلو
قطارون قطار
فريقَ فريق
مُچا مُچو
يونينون يونين
ذخيرا ذخيرو
بنڊلَ بنڊل
ٽولا ٽولو
ٽيمون ٽيم
انبوههَ انبوهه
پلٽنون پلٽن
ڳڇا ڳڇو
پارٽيون پارٽي
جمع جي ساڳي صورت :
ڪجهه حالتن ۾ واحد پنھنجي اکرن توڙي آوازن جي شڪل ۽ ترتيب ساڳي رکندو آهي، يعني واحد، جمع ۾ تبديل ٿيڻ کان پوءِ به هوبھو ساڳيو رهندو آهي. مثال :
جمع واحد
ساٿي ساٿي
هاٿي هاٿي
پکي پکي
فوجي فوجي
ماکي ماکي
سپاهي سپاهي
مالهي مالهي
پاڻي پاڻي
ماڻهو ماڻهو
کير کير
ڌُوڙ ڌُوڙ
وحشي وحشي
ڊاڪو ڊاڪو
حاجي حاجي
مِرُون مِرُون
ڌوٻي ڌوٻي
شڪاري شڪاري
سوالي سوالي
موتي موتي
حلوائي حلوائي
نانوائي نانوائي
موچي موچي
ڪاسائي ڪاسائي
رهنما رهنما
راجا راجا
سنڌي ٻولي محاورن ۾ شاهوڪار آهي. ڪجهه واحد جمع محاوراتي نوعيت جا آهن، مثال : ”وڏيون ڪراچيون ٿو گھمين“ ! (ڪراچي – ڪراچيون)
ڪراچي هڪ شھر آهي، جيڪو اسم خاص آهي، جنھن جو جمع ممڪن ئي نه آهي، پر محاوري طور تي ان جي جمع ’ڪراچيون‘ جو استعمال عام آهي.
”سفر جا ٿَڪَ اڃا نه لٿا آهن.“ (ٿڪ – ٿڪَ)
’ٿڪُ‘ هڪ صفت جو لفظ آهي، جنھن جو ڪو به عددي روپ نه آهي، يعني ’هڪ ٿڪُ‘ يا ٻه ’ٽي ٿڪَ‘ نه ٿيندا آهن. پر هتي ان جو جمع محاوري طور تي عام استعمال ۾آهي.
محاوراتي جمع
جمع واحد
ڪراچيون ڪراچي
حيدرآباديون حيدرآباد
لاهورَ لاهورُ
ٿَڪَ ٿَڪُ
اَنَ انُ
ماکيون ماکي
عزتون عزت
عظمتون عظمت
محبتون محبت
ڪي واحد ۽ جمع غير رسمي ۽ استثنيٰ جي ذمري ۾ اچن ٿا. ان جو ذڪر جارج اسٽئڪ پڻ ڪيو آهي : (8)
Irregular Plurals
مُروج (غلط العام) جمع واحد
ڀائِرَ ڀاءُ
ڀيڻون / ڀينرون ڀينَرُ ڀيڻ
مائرون / مائون مائِرُ ماءُ
پيءَ پيئر پيءُ
نُھون / نُھرون نُھرُ نُنھن
نڻانون / نڻانرُون نِڻانَرُ نڻان
جويُون / جوئرون جوئِرُ جوءِ
فعل جو واحد جمع :
جيئن ته واحد جمع عددي عنصر آهي، جيڪو عام طورتي اسم جو ٿيڻ گھرجي. پر ڪڏهن ڪڏهن غير اسم لفظن جا واحد جمع پڻ ٿين ٿا. شڪارپور جا ماڻهو پنھنجي مخصوص لھجي ۾ فعل جي واحد لفظ جو به پڻ جمع ڪندا آهن. مثال:
ڀڳلان عينڪان :
’عينڪان‘، عينڪ جو جمع آهي ۽ ’ڀڳلان‘، ڀڳل جو جمع آهي.

فعل جا واحد جمع
(شڪارپوري لھجي ۾) جمع واحد
ڏٺلان ڏٺل ڏٺل
ٻُڌلان ٻڌل ٻڌل
پيتلان پيتل پيتل
ڦاٿلان ڦاٿل ڦاٿل
سمجهلان سمجهيل سمجهيل
ڀڳلان ڀڳل ڀڳل
ڦاٽلان ڦاٽل ڦاٽل

علامتي واحد جمع :
سنڌيءَ ۾ ڪي واحد ۽ جمع علامتي پڻ ٿين ٿا. اهڙن واحد لفظن جا عام طور پنھنجا اصولي جمع آهن پر علامتي طور تي انهن جا جمع الڳ ٿين ٿا. مثال : ”هن ڪمري لاءِ 500 سِرَ گھرجي.“
علامتي واحد جمع
جمع واحد
سِرَ سِرَ
ٻوري ٻوري





همزي تي ختم ٿيندڙ لفظن جو واحد جمع:
همزي تي ختم ٿيندڙ لفظن جو واحد جمع پڻ مخصوص ۽ هڪ اصول موجب آهي. واحد جي آخر ۾ همزي تي پيش ايندو آهي، جيڪو جمع جي شڪل ۾ تبديل ٿيڻ کان پوءِ ’وَ‘ (واوَ تي زبر) جي صورت ۾ تبديل ٿيندو آهي.
مُروج صورت جمع واحد
گھاوَ گھاءُ
ناوَ ناءُ
تاءَ تاوَ تاءُ
هانءَ هانوَ هانءُ
ڏانءَ ڏانوَ ڏانءُ
ڪانءَ ڪانوَ ڪانءُ
اپاءَ اُپاوَ اپاءُ
بچاءَ بچاءُ
پاءَ پاوَ پاءُ
داءَ داوَ داءُ



















حوالا

1. اصلاحي، شرف الدين، اردو اور سنڌي ڪي لساني روابط، مقتدره قومي زبان، اسلام آباد، سال 1987، ص 362
2. الانا غلام علي، ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدراباد، ص 41
3. https://en.wikipedia.org/wiki/Singular
4. جتوئي،علي نواز خان، علم لسان ۽ سنڌي زبان، آزاد بُڪ ڊيپو، حيدرآباد، 1968، ص 142
5. https://en.wikipedia.org/wiki/Plural
6. Stack George, Captain, A Grammar of the Sindhi Language, Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2011, Pg. 19
7. Bughio, Dr. M. Qasim, Socio Linguistics of Sindh, Lincom Europa, 2004, Page101
8. Stack George, Captain, A Grammar of the Sindhi Language, Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2011, Page 23
9. سنڌي اردو ڪي لساني روابط، شرف الدين اصلاحي، 1987 مقتدره قومي زبان ص 87
1643 ڀيرا پڙهيو ويو