پالي ٻوليءَ جو سنڌيءَ سان تاريخي تعلق
(The historic relations of Sindhi with Pali language)
مختيار احمد ملاح
Abstract:
Pali is Buddhist religion's sacred language since antiquity as per writings of the European classical linguists, though no more spoken; it is used in the religious hymns, odes, incantations and sermons ritualistically. Derived from the Mogadhi Prakrit, it’s a progeny of Sanskrit. Etymologically meaning the Series or systematic order of the Buddhistic books or tomes. Ernest Trumpp traces the very origin of Sindhi from Sanskrit via the process of Pali. Bherumal is the first Sindhi researcher who surmises Pali's tangible and conspicuous impact on Sindhi language's birth and origin. Buddhists state that word Pali stand for "nurture/ or nourishment"-the language which has nurtured sacred doctrines, maxims and principles of Buddhism. Jairamdas Daulatram maintains that Pali has evolved from Sanskrit and was prevalent in Sindh in the classic times of the golden yore. Dr.Baloch determines its ascendancy in 600 B.C. in Buddhistic Age Urgent research is in order to hypothesize and conclude the exact connection / linkage lexical, semantic and Grammatical between Pali and Sindhi languages since evidence abounds about its existence during the Rai Dynasty in Sindh .The cave writing by the saints and sages found inside the Khirthar range bear testimony to the chronological pristine usage of Devanagari scripted Pali in Sindh but the historic period is not known and needs further serious in-depth research by the scholars.
پالي زبان، ٻڌ ڌرم وارن جي ڌرمي ۽ مقدس ٻوليءَ جو درجو رکي ٿي. اڄ به سريلنڪا، نيپال ۽ ڪن ٻين هنڌن تي هن ٻوليءَ کي سمجهندڙ ڪيترا عالم ۽ وِدوان موجود آهن. رائيل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو ايڊيٽر برک ماهر لسانيات ۽ قديم آثارن جو ماهر جيمس پرنسيپ، پاليءَ جي تاريخي اهميت بيان ڪندي لکي ٿو:
”پالي ٻڌازم سان وابسطه حڪمرانن جي سرڪاري زبان آهي، جيڪا ڪنھن زماني ۾ هندستان ۾ ڳالهائي ويندي هئي. اها هاڻي ٻڌازم جي ڌرمي علم ۽ ڄاڻ جي ڪتابن سان سريلنڪا ۾ موجود آهي ۽ گنگا کان پري وارن ملڪن ۾ گهڻو پوءِ مستشرقين جي اثر هيٺ سنسڪرت جي اثر ڪري ٻڌ ڌرم جي تعليم جي ڪري پري پري تائين پھتي“.(1)
ٻئي طرف انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا موجب:
”هيءَ ٻڌ ڌرم وارن جي مذهبي ۽ مقدس ٻولي آهي، جنھن ۾ ٻوڌي نوشتا ۽ ڪتاب لکبا هئا. هيءَ ٻولي اڄڪلهه ڪٿي به ڳالهائي نه ٿي وڃي، صرف مذهبي جنترن منترن يا ڏڻن تھوارن تي ڪم اچي ٿي. هندوستان، پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪيترن پراڻن وهارن ۾ هيءَ ٻولي اڪريل ملي ٿي. ٻڌ ڌرم جو سڄو ادب هن ٻوليءَ ۾ لکيل ملي ٿو. هيءَ ٻولي هند يورپي، هند ايراني ۽ هند آريائي ٻولين جي خاندان مان آهي. هيءَ ٻولي پال لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي، جيڪا ديوناگريءَ تان ورتل آهي. جڏهن سنسڪرت ٻولي ٻيھر رواج ۾ آئي ته هن ٻوليءَ جو اوج ختم ٿي ويو. هن ٻوليءَ جو مرڪز سريلنڪا آهي، جتي ڪي ’پالي‘ عالم به ملن ٿا، سريلنڪا جي تاريخ به هن ٻوليءَ ۾ لکيل آهي“.(2)
اهڙيءَ طرح انٽرنيٽ تي انسائيڪلو پيڊيا وڪيپيڊيا ۾ 19 صديءَ جي عالم رابرٽ سيزر چلڊرس جي حوالي سان ڄاڻايل آهي:
” جاگرافيائي طور پالي جو نالو ’موگادهي پراڪرت‘ هو، جنھن جي ڪري ان جو مطلب آهي ”قطار“ ، ”ترتيب“ يا ”سلسلو“. ان مان اهو مطلب ٿيو ته ٻوڌي ڌرمي ڪتابن جي قطار“.(3)
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽُرمپ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد کي پاليءَ جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو. ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌي گرامر لکيو، جنھن ۾ سنڌي زبان تي ويچار پڻ پيش ڪيا. گرامر لکڻ وقت سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت مان ڄايل ڏيکاريو. ھن سنڌي زبان لاءِ هن ريت خيال پيش ڪيو آھي ته:
سنسڪرت
پراڪرت
پالي
شوريسني
اپڀرنش
وارچڊ
سنڌي (يارھين صدي)
هڪ ٻئي انگريز محقق وليم هنري واٽسن سال 1839ع ۾ سنڌي گرامر جو هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو لنڊن جي برٽش لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي. ان جو چوڻ هو ته سنڌي ٻوليءَ بڻ بنياد قديم آريائي ٻولين مان آهي، پر سندس مخالفت ۾ رچرڊ برٽن جو موقف هو ته اهو خيال درست نه آهي.
سنڌ ۾ پاليءَ تي سڀ کان اول تحقيق ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ ڪئي هئي. ڀيرو مل لکي ٿو ته:
”گوتم ٻڌ، جو عيسوي سنه کان ڇھه صديون کن اڳي ٿي گذريو آهي، تنھن جي وقت ۾ سنسڪرت ٻولي اڪثر رڳو برهمڻ ڄاڻندا هئا. ٻيا ماڻهو عام طرح هڪ جهوني پراڪرت ٻولي ڳالهائيندا هئا، جا هاڻ ’پالي‘ سڏجي ٿي. انهيءَ سبب گوتم ٻڌ پنھنجي ڌرم جو پرچار انهيءَ قديم پراڪرت ۾ ڪيو، ته سندس متا ماڻهو پوريءَ طرح سمجهن. هن حقيقت مان انسائڪلوپيڊيا برٽنيڪا وارن اهو بلڪل پورو انومان ڪڍيو آهي ته عيسوي سن کان اٽڪل هڪ هزار ورهيه اڳي سنسڪرت ڦري پالي ٿي هئي، جنھنڪري گوتم ٻڌ کي انهيءَ ٻوليءَ ۾ پرچار ڪرڻو پيو هو. ڪي يوروپي عالم چون ٿا، ته ’پالي‘ لفظ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ’پرالي‘، معنيٰ سِٽ (ڪتاب جي)، ڌرمي ليک. ٻڌ ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ ان ۾ لکيل آهن، تنھنڪري اهو نالو پيو اٿس. ٻڌ ڌرم وارا چون ٿا، ته سنسڪرت ۾ ’پال‘ معنيٰ پالڻ، تنھنڪري ’پالي‘ ٻولي معنيٰ اها ٻولي، جنھن ۾ ٻڌ ڌرم وارن جا ڌرمي متا پاليل يا سنڀاليل آهن“.(4)
ايس. ڪي. چيٽرجي به پاليءَ جي تاريخ جي باري ۾ گهڻي معلومات ڏني آهي. هو لکي ٿو:
”هند آريائي ٻولي جي وچولي دور جي آخر ۾ جڏهن قديم آريائي زبان پنھنجون تقريبا سموريون صوتيائي خصوصيتون وڃائي چڪي هئي ، تڏهن ، وچولي مالوهه وارو لھجو پاليءَ جي صورت اختيار ڪرڻ لڳو“.(5)
هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
ٻڌ ڌرم جو پايو وجهندڙ ، گوتم ۽ جين ڌرم جو پايو وجهندڙ مھاوير، ٻنهي پنھنجا قول ۽ چوڻيون ’پراچيه‘ لھجي ۾ ڏنا آهن. ٻڌ ڌرم جي قولن کي اشوڪ جي زماني بعد مغربي لھجن يعني قديم شوارسيني ۾ آندو ويو. اهڙين حالتن ۾ جڏهن ڪو متن هڪ مان ٻئي ۾ آندو ويندو هو، تڏهن پھرئين لھجي جا ڪيترائي اثرات ٻئي لھجي ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. ان مغربي لھجن ۾ ٻڌ ڌرم جا قول ترجمو ڪري آندا ويا. پاليءَ جي لفظي معنا آهي’متن‘. پاليءَ جون مکيه صوتياتي ۽ صرفياتي خصوصيتون هند آريائي جي وچئين دور واري شوارسيني سان ميل کائين ٿيون. پالي بطور ادبي ٻولي 200 ق.م کان 200ع تائين عروج تي اچي چڪي هئي، تنھن پنھنجون ڪيتريون قديم خصوصيتون قائم رکيون“.(6)
پالي ٻولي ۽ ان جي رسم الخط جي هڪ تاريخ آهي، جنھن جو واسطو سنڌي زبان
سان جوڙڻ ۽ ڳولڻ لاءِ کوجنا جي ضرورت آهي. جئرام داس دولت رام ٻڌايو آھي ته:
”پالي ٻولي به سنسڪرت مان نڪتل آھي ۽ سنڌ ۾ گھڻو چالو ھئي، ان جو سنڌي ٻوليءَ سان جيڪو ناتو ھو، تنھن تي اڃا اونھي کوج ڪانه ٿي آھي. اھا ٿيڻ گھرجي. منجھس ڪيترائي اکر آھن جي سنڌيءَ جھڙا آھن. سنڌ ۾چالو پالي ڪيتري قدر ان زماني جي سنڌيءَ جو روپ ھئي، کڻي چئجي ان وقت جي سنڌي ھئي، تنھن کوج لھڻي، پر گھٽ ۾ گھٽ ڀاسجي ائين پيو ته براھمي لپي ئي ان وقت (اٽڪل 17 صديون اڳ) سنڌ ۾ چالو ھئي، پالي ان زماني جي سنڌي، ٻنھي ٻولين لاءِ ڪم ايندي ھئي. براھمي لپيءَ کي ھندوستان جي سڀني علائقائي ٻولين جي خطن جي ماءُ سمجھيو ويندو آھي. براھمي لپيءَ کي بعد ۾ ديوناگري ٻولي پراڻي لپي جيمس-ڊي- آلوس جي ڪتاب واري ارڌامگدي، براھمي ۽ انگريزيءَ ۾ به لکجي پئي“.(7)
سنڌ ۾ پالي ٻولي ڪڏهن شروع ٿي، ان جو لکت ۾ ڪيترو واهپو رهيو، ان حوالي سان ڪا خاص تحقيق اڃا نه ٿي آهي ۽ ڪيترائي سوال آهن، جن جا جواب به ملن ٿا، مثال طور :
پالي ٻوليءَ جو سنڌ ۾ ڪيترو واهپو هو ، اهو ڪڏهن شروع ٿيو ۽ ڪڏهن ختم ٿيو؟
پاليءَ جو سنڌي زبان تي ڪيترو اثر هو؟
پالي ٻوليءَ ۾ سنڌي زبان جا اڄ به ڪيترائي لفظ موجود آهن، ڇا سنڌيءَ جو پاليءَ تي اثر پيو يا وري پالِيءَ جو سنڌيءَ تي اثر پيو؟
سنڌ ۾ تخليق ٿيندڙ يا ٻوڌن طرفان آندل ادب ڪيڏانھن گم ٿي ويو؟
جيمس پرنسيپ تمام وڏي دعويٰ ڪندي لکيو آهي ته:
” پالي دراصل سنڌ جي ئي زبان آهي... اهو هڪ قابل اعتبار عقيدو آهي ته پالي زبان، جيڪا سنسڪرت مان بگڙيل آهي، اها اصل ۾ اولهائون لھجو آهي، سنڌ ۾ رهندڙ سھيا (Sahya) قوم ڳالهائندي هئي. سُراشٽر ۽ گجرات کان جڏهن اهي اتر کان ڪپل وستو (Kapilovasto) ۽ مگاڌا جي گٽگٽ صوبي ڏانهن هجرت ڪري ويا، تڏهن هن لھجي کي سنڌو زبان، جيڪو مگاڌي مان ورتل هو ، سڏجڻ لڳو“.(8)
سنڌ ۾ عربن جي حڪومت کان اڳ مذهبي طور ماڻهن جي اڪثريت ٻڌ ازم سان وابسته هئي، بلڪه هن پوري خطي ۾ ٻڌ ازم رياستي مذهب جي حيثيت رکندڙ هو. ٻڌ ڌرم جي ڪتابن مان خبر پوي ٿي ته گوتم ٻڌ سنڌ مان به گذريو هو ۽ سندس چيلن سنڌ ۾ تمام گهڻي تبليغ ڪئي هئي. موريا گهراڻي جي حڪمران چندر گپت پوري ملڪ ۾ ٻڌ ازم کي زور وٺرايو. ان دور ۾ سنڌ جون سرحدون ڪشمير تائين ڦھليل هيون، Early History of India جو ليکڪ، لکي ٿو ته:
”اشوڪ اعظم جنگ کان نفرت ڪندي ٻُڌ مذهب اختيار ڪيو. سنڌ مان آيل اُپگپت نالي هڪ ٻوڌي عالم جي اثر هيٺ اشوڪ جنگين واري واٽ ڇڏي امن ۽ شانتيءَ جي راھ اختيار ڪئي. چندر گپت جي زماني ۾سنڌ جا ڪيترائي جوتشي، شاعر ۽ اديب سندس درٻار ۾ رهندا هئا. سنڌ ۾ هي دؤر ٻڌ ڌرم جي عروج جو دؤر هو“.(9)
گوتم ٻڌ جا قول ترجمو ڪري سنڌ ۾ پڻ آندا ويا، جن کي “پاليءَ” رستي لکبو ۽ پڙهبو هو. پالي ان زماني ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو حاصل ڪري چڪي هئي. ان ڏس ۾ جيرامداس لکيو آهي ته: ”موهن جي دڙي جي مٿين تھن مان ٺڪر جا پنج ٿانءَ لڌا اٿن، جي پاڻي پيئڻ جي ڪم ايندا هئا. هرهڪ ٿانءَ تي اڪريل لکت پالي ٻولي ۽ براهمي لپيءَ ۾ آهي“.(10)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطابق ”پالي زبان جو عروج تقريباً (600 ورهيه قبل مسيح) توڙي مھاتما ٻڌ جي زماني سان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ زماني ۾ توڙي ان کان گهڻو پوءِ، اَشوڪ جي حڪمراني (تقريباً 250 ورهيه قبل مسيح) سوڌو، سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي پرچار جو تاريخي ثبوت ڪونه ٿو ملي. اَشوڪ جي مذهبي پرچار جي ڪابه لکيت سنڌ م موجود ڪانهي. سنڌ کي ويجهي ۾ ويجهو اَشوڪ جون لکيتون شايد شھباز ڳڙهي ۽ مانسھره واريون آهن، جيڪي پالي ٻوليءَ جي مقامي محاوري (dialect) ۾ اُڪريل آهن. انهيءَ ڪند ٿيل محاوري مان سمجهجي ٿو ته اَشوڪ جي ڏينھن ۾، خود پالي پراڪرت اتر – اولھه هندوستان جي مقامي محاورن جي قالب ۾ بند ٿي چڪي هئي.”(11)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪنشڪ دؤر جي پالي عبارت ۾ لکيل هڪ ڪتبي جو نمونو پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ‘۾ ڏنو آهي ، جيڪو ٽامي جي ٿالهيءَ تي اڪريل آهي. اها ٿالهي بھاولپور کان سورنھن ميل ڏکڻ –اولھه طرف ٻڌ ڌرم جي جهوني مندر ’سئي وهار‘ جي کنڊرن مان هٿ آئي هئي. هن ڪتبي کي ’بختي پاليءَ‘ جو ڪتبو تسليم ڪيو ويو آهي. (ڪتبي جو عڪس صفحي 22 تي ڏسندا)
نامياري محقق ايم.ايڇ. پنھور ان ساڳئي سلسلي ۾ لکيو آهي ته:
”پالي اها ٻولي هئي جيڪا بِھار ۾ ڳالھائي ويندي هئي ۽ اها چندر گپت موريا جي راڄوڪي (321-298 ق.م) هــــــــئي، جنھن ۾ ان کــــي
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ۾ ڏنل ڪنشڪ دؤر جي پالي عبارت ۾ لکيل هڪ ڪتبي جو نمونو )
سلطنت جي سرڪاري ٻوليءَ طور رائج ڪيو ويو هو. گنڌارا وارا نوشته ڏيکارن ٿا ته پالي ٻولي ڪشميري، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ سان ڪي ساڳيائپون (Similarities) پيدا ڪري ورتيون هيون. انهن ڏينھن ۾ ان جون اتر-اولھائين اپکنڊ ۾ ٽي مختلف صورتون اڀري آيون هيون: پھرِين سنڌ ۽ راجپوتانه ۾، ٻِي گجــرات ۾ ۽ ٽِـــين مرڪزي انڊيا ۾. پنھنجي صورت وڃائي پراڪرتن(Prakrits) کي جنم ڏيڻ جو سبب اهو نه هو ته ڪو پالي ٻولي مقامي ٻولين سان رلي ملي وئي هئي. موريا درٻار ۾ لکشڻ (Lakhshan) 300 ق.م ڌاري پراڪرت ٻوليءَ جو وياڪرڻ (گرامر) لکيو هو، پر ان بابت اهو چوڻ وڌي ڪ درست ٿيندو ته اهو ان پاليءَ جو وياڪرڻ آهي جيڪا بِھار ۾ آخري صدي ق.م جي پوئين اڌ ۽ پھرئين صديءَ عيسويءَ جي پھرئين اڌ دوران ڳالھائي ويندي هئي. سنگم (Sangam) شاعري تامل ٻوليءَ ۾ ڪئي وئي. ان شاعريءَ ۾ سنڌ لفظ ۽ سنڌي وياڪرڻي لاڙا ڳولڻ لاءِ سنڌي عالمن اڃا ان جو اڀياس نه ڪيو آهي. سنڌ ٻوڌين جي سگهاري اثر هيٺ ڪُشنَن (Kushans) کان پوءِ ئي اچي سگهي (65-140ع). توڻي جو سِٿين (Sythian) ۽ پارٿيُن (Parthian) ان کي سنڌ ۾ ڪي هڪ سَو ورهه اڳ جاري ڪيو هو. ان ڪري ظاهر آهي ته سنڌيءَ تي پاليءَ جو اثر پھرِين صدي عيسويءَ کان پوءِ ئي ٿي سگهيو هوندو“.(12)
محمد صلاح الدين پنھنجي ڪتاب ۾”پٽاليني، راوڙ ۽ پالي“ ۾ ڪيترائي اھڙا لفظ ڏنا آھن، جيڪي پالي ۽ موجوده سنڌيءَ ۾ اڄ به موجود آھن. هن ڪتاب ۾ پالي ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سنٻنڌ، ٻڌمت ۽ جين ڌرم وغيره موضوعن تي معلوماتي مواد پيش ڪيل آهي. هن ڊڪشنرين جي مدد سان ۽ ابتدائي سکيا ڏيندڙ ڪتابن جي مدد پاليءَ منجھان انھن لفظن جي چونڊ ڪئي، جيڪي اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ ساڳي اچار ۽ ساڳي معنيٰ سان ڪتب اچن ٿا. صلاح الدين لکي ٿو ته:
”...جڏھن اسان جا سنڌي دانشور، جن ڪڏھن به پالي ٻوليءَ جي باري ۾ ڪا ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪئي، اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنھنجون پاڙون سنسڪرت، سامي يا عربي ٻولين ۾ ڳولين ٿا. گوتم ٻڌ ”ساڪيا“ لوڪن منجھا ھو، لفظ ”ساڪ“ ٻھراڙيءَ ۾ اڄ بھ واپرائجي ٿو ۽ ساڳي ”مٽ“ جي معنيٰ ۾ چوڻي آھي ته ھن سان اسان جو ڪھڙو سڱ سياڪو آھي. يا لوڪ گيت ۾ ھيءَ سٽ:
ڪھڙو سڱ سياڪو ، جيجان تن جتن سان
خود شاھه صاحب مٿيون لفظ سر سسئيءَ ۾ ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آھي. ٻيو سڀني کان اھم نقطو ھيءُ آھي ته تھذيب، تمدن ، سڀيتا، رھڻي ڪھڻيءَ جا نِيَمَ اولھه کان اوڀر ڏي ويا آھن، ھندن جي دعويٰ آھي ته سندن سڀيتا جو بڻ بڻياد ويد موجوده سنڌو ماٿري واري ڀونءِ ۾لکيا ويا ۽ پوءِ وڌندي وڌندي بھار ۽ بنگال تائين پھتا ته ڇا گوتم ٻڌ جو سنڌي لوڪن مان ھجڻ نا ممڪن آھي؟ جڏھن تھ چندر گپت موريا کي يوناني ليکڪ اڻ سڌي طرح سان ”پٽالا“ جو حاڪم موريس (Moeris) ڪري ڄاڻائي چڪا آھن. جنھن مان ظاھر آھي ته پالي اھائي سنڌي ٻولي آھي جنھن ۾ گوتم ٻڌ پنھنجا ويچار پڌرا ڪيا“.(13)
پالي ٻوليءَ تي وڏي پيماني تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ، ڇو جو جيڪي سنڌي ۽ پالي زبان ۾ هڪجھڙايون رکن ٿا ۽ ساڳيون لفظي معنائون رکن ٿا. پاليءَ جو سنڌ ۾ راءِ گهراڻي تائين سگهارو اثر هو. پر ان دور جون لکتون زماني جي انقلابن سبب شايد ضايع ٿي ويون. سنڌ ۾ جبلن ۾ جي وڏي قطار ’کير ٿر‘ ڌرتيءَ جي وجود سان گڏوگڏ موجود آهي، انهن جبلن جي غارن ۾ اوائلي پير، پنڊت ۽ سنت تياڳ وٺندا هئا. انهن غارن ۾ به تصويري لکتن سان گڏوگڏ ديوناگري ۽ پاليءَ جون به ڪيتريون لکتون موجود آهن، جيڪي ڌرمي حوالي سان لکيون ويون آهن. بھرحال انهن لکتن جي دورن جو تعين نه ٿيو آهي، جنھن تي تحقيق جي ضرورت آهي، کيرٿر جي جبلن ۾ ڪيترائي غار موجود آهن، جن ۾ چٽسالي ۽ لکتن جو ڪم ٿيل آهي، اهو هڪ اهڙو موضوع آهي، جنھن تي تحقيق جو سلسلو باقاعدگيءَ سان هلڻ گهرجي.
۞
حوالا
1. Survey of the Pāli Manuscript Collection in the Royal Asiatic Society , 1870
2. فھميده حسين، (چيف ايڊيٽر) ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جلد ٽيون، سنڌي لئنگيج اٿارٽي،حيدرآباد 2011، ص 81
3. https://en.wikipedia.org/wiki/Pali
4. آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2004ع
5. S.K Cheterji: “Origin and Development of Bengali Language, Calcutta university press, 1926، p,56-55 ساڳيو حوالو، ص
6. Ibid. p-56
7. جئرام داس دولت: ”سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتھاس“،سنڌي لئنگئنيج اٿارٽي، حيدرآباد ،2011ع
8. Survey of the Pāli Manuscript Collection in the Royal Asiatic Society , 1870
9. ملاح، مختيار احمد:”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 76
10. جئرام داس دولت:”سنڌي ٻوليءَ لپيءَ جو اتھاس“، سنڌي لئنگئنيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2011، ص 36
11. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“،پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشور، 1990ع، ص 18
12. ايم.ايڇ. پنھور/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: ”آڳاٽي سـنڌي ٻولي“ ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي، قمبر، 2010ع
13. محمدصلاح الدين : ”پٽاليني، راوڙ ۽ پالي“، زين پبليڪشن، ڪراچي، 2010، ص 277