گلوبل دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش مسئلا ۽ ان جو مستقبل
(Sindhi Language: Problems and its future in global age)
ڊاڪٽر ساجده پروين
Abstract:
Globalization is a term denoting the emergence of a global society in which economic, political, environmental and cultural events in one part of the world quickly come to have strident significance for people in other parts of the world. Language and culture are intertwined because both have a complex relationship. The phenomenon of cultural globalization is rapidly affecting the diversity of many local languages and cultures due to the predominance of English language. It has brought too many challenges and endangered the existence of native languages of the world which will consequently eliminate or metamorphose the local languages. Sindhi language is one of them, facing the era of globalization too. Sindhi language is passing through a transitional period for its very survival. This research paper presents the study of the challenges faced by Sindhi language. Here are the main reasons and the possible solutions are described briefly.
ايڪيهين صديءَ جي جنهن نظريي سڄيءَ دنيا ۾ وڏي پئماني تي انقلاب برپا ڪيو آهي، اهو آهي ’جديديت پڄاڻان‘. گلوبلائيزيشن يعني ’عالمگيريت‘ انهيءَ فڪر جو منطقي نتيجو آهي. عالمگيريت، هڪ گهڻ رخو مظهر آهي، جنهن جي وضاحت مختلف طريقن سان ڪئي وڃي ٿي. عالمگيريت، دنيا جي مختلف ماڻهن لاءِ مختلف معنائون رکي ٿي.
معاشيات جا ماهر، ان جي معاشي رُخ کي اهميت ڏيندي، عالمي معيشت جي اثرن، فائدن ۽ نقصانن تي ويچارين ٿا. سياسي سائنس (Political Science) اُن جي سياسي پهلوئن جو تفصيلي جائزو وٺندي، عالمي سياست جي ساخت جو تفصيلي تجزيو پيش ڪري ٿي.
سائنس، عالمگيريت جي سڀ کان اهم عنصر جديد ٽيڪنالاجي ۽ ان جي مختلف صورتن، جهڙوڪ: آءِ .ٽي انقلاب جي سمورن ذريعن، ڪميونيڪيشن ۽ ٽرانسپورٽيشن جي تيز ترين ۽ نهايت جديد سهولتن کي انسان ذات جي هن وقت تائين ڪيل سڀ کان وڏي ڪاميابي تصور ڪري ٿي. جڏهن ته عالمگيريت جو هڪ اهم رخ ’عالمي ثقافت‘ جي ڄم پڻ آهي، جيڪا سنئون سڌو سموري دنيا جي ننڍين مقامي ثقافتن ۽ ٻولين تي اثر انداز ٿي رهي آهي. عالمگيريت جا اهي سمورا گونان گون پهلو آهن. عالمگيريت جي وضاحت ڪندي، علم سياسيات جو پروفيسر هينس هينرڪ لکي ٿو:
“A definition of globalization is the intensification of economic, political, social and cultural relations across borders” (1)
عالمگيريت جي انهيءَ جديد تصور سبب اڄ جي دور کي ’ايج آف انفارميشن اينڊٽيڪنالاجي‘ يعني ’معلومات جو دور‘ سڏيو وڃي ٿو، جنهن سڄي دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيوآهي. ان تصور سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪري هر قسم جي رڪاوٽن، فاصلن، ويڇن ۽ سرحدن کان آزاد ڪري، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪٻئي جي تمام گهڻو ويجهو آڻي ڇڏيو آهي. عالمگيريت جي ان اثر سبب اڄ جي دنيا هڪ وڏي عالمي منڊي بڻجي چڪي آهي. انسان به وکربڻجي پيو آهي، جنهن پنهنجو جوهر ڪڍي مارڪيٽ ۾ رکي ڇڏيو آهي ۽ سڄي زندگيءَ جو وهنوار ۽ ڪاروبار بڻائي ڇڏيو اٿائين. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اڄ ٽين دنيا جا ترقي پذير ملڪ پنهنجي برباديءَ تي جشن ملهائين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته انهن وڏي ترقي ڪئي آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته انهن جو ان ترقيءَ ۾ ڪو ڀاڱو ڪونهي اهي ته فقط دنيا جي ترقي يافته قوتن جي پيداوار يا شين جا واپرائيندڙ آهن.
بهرحال هتي موضوع جي وضاحت لاءِ عالمگيريت جي فقط عالمي ثقافت واري عنصر تي لکجي ٿو. ڏٺو وڃي ته جديديت پڄاڻان نظريي عالمگيريت جي فڪر کي هٿيار بڻائيندي عالمي ثقافت کي جنم ڏنو آهي.عالمي ثقافت مان مراد اولاهين قوتن طرفان سڄيءَ دنيا ۾ ڦهلايل هڪ مخصوص ’هڪ مهانڊي ثقافت‘ آهي، جنهن کي يورپي قوتون هٿرادو زور وٺرائيندي، هروڀرو به ماڻهوءَ جي ضرورت بڻائڻ چاهين ٿيون. ميام ڪاظميءَ عالمي ثقافتي عمل جي وضاحت ڪندي پنهنجي راءِ هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي:
“Cultural globalization has been defined as a process that facilitates the transformation of cultural features to a part of the global cultural order and consequently the local cultures will be either eliminated or renovated. (2)
اها عالمي ثقافت، مختلف ننڍين مقامي ثقافتن، ٻولين، تهذيبن، ريتن رسمن ۽ اٿڻ ويهڻ جي طور طريقن کي متاثر ڪندي، انهن جي اهميت ۽ حيثيت کي گهٽائڻ جي هڪ گهري اولهائين سازش آهي، جنهن ۾ مقامي ثقافتن ۽ ٻولين خلاف ماڻهن جي ذهنن ۾ نفسياتي طوراحساس ڪمتري پيدا ڪئي وڃي ٿي. ان ردعمل طور ماڻهو احساس برتريءَ کي ظاهر ڪرڻ خاطر شوق سان عالمي ثقافت ۾ جڙي رهيوآهي.
غور ڪجي ته اڄ سڄي دنيا ۾ ماڻهو مقامي يا ديسي لباس جي بدران ٻاهرين ملڪن جا ٺهيل درآمد ٿيل ۽ مهانگا ڪپڙا پائڻ کي پنهنجو مان ۽ مرتبو سمجهي ٿو. جڏهن ته پنهنجي ثقافتي لباس پهرڻ لاءِ وري سال ۾ فقط هڪ ڀيرو ثقافتي ڏهاڙو ملهائي ٿو. امپورٽيڊ گاڏيون، موبائل فون، ليپ ٽاپ، زيور ۽ سينگار جو مهيني ۾ لکين روپين جو سامان استعمال ڪري ٿو. ميڪڊونلڊ ۽ ڪي ايف سي تي مهانگو برگر پڻ شوق سان کائي ٿو. موڪلون گذارڻ لاءِ سرنديءَ وارن جا ٻار ’ڊزني لينڊ‘ يا دبئي گهمائڻ کان گهٽ جي فرمائش تي راضي نٿا ٿين. اولهه جي متعارف ڪيل سوشل ميڊيا، يعني فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ ٽوئيٽر کان بغير اسان جي زندگي اڌوري آهي. مائيڪل جيڪسن، ميڊونا ۽ جسٽن بيئبر جي گانن کي اسان ڀلي صفا ڪونه سمجهون، پراسان ڏيکاريندا آهيون ته انهن جا پرستار آهيون!
اڄڪلهه انگريزي ٻولي، بين الاقوامي ٻولي ۽ سڄي دنيا سان رابطي جي ٻولي بڻجي چڪي آهي. جنهن ڪري مقامي ۽ ڪيتريون ئي مادري ٻوليون فقط گهرن ۽ مخصوص گروهن تائين محدود ٿي ويون آهن، وري مارڪيٽ ۽ ميڊيا پڻ قومي ٻوليءَ جي واهپي تي زور ڏئي ٿي. اسڪولن ۾ وري انگريزي ٻوليءَ جو بخار ڇانيل آهي. اسان فخر سان ماڻهن کي ٻڌائيندا آهيون ته اسان جو ٻار انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ پڙهي ٿو، ڦرڦر انگريزي ڳالهائي ٿو. اسان جو سماج عجيب و غريب تجريديت جو شڪار ٿيندو وڃي.
هن وقت دنيا جي فقط 3.5 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن ته 7.8 سيڪڙو ماڻهو انگريزي ٻئي يا سيڪنڊ ٻولي طور استعمال ڪن ٿا.
“English today is claimed to be the third largest language by number of native speakers, after Mandarin Chinese and Spanish. Combining native and non-native speakers it is considered to be the most commonly spoken language in the world. 54 countries have English as an official language.” (3)
جيتوڻيڪ جديديت پڄاڻان فڪر بين الاقواميت ۽ عالمي ثقافت سان گڏوگڏ مقامي ثقافتن ۽ ٻولين جي حمايت پڻ ڪري ٿو، پر انهيءَ جي باوجود عالمگيريت جي ٻوڏ ايڏي وڏي پئماني تي تباهي ڦهلائڻ جي طاقت رکي ٿي. جنهن ۾ توهان ڏسندؤ ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جڏهن سڀني مقامي ثقافتن ۽ ٻولين کي انهيءَ مخصوص يورپي عالمي ثقافت ۾ ضم ٿيڻو پوندو ۽ سڄي دنيا جي ٻولي پڻ انگريزي هوندي جڏهن ته مقامي ٻوليون فقط گهرن ۽ مختلف گروهن تائين محدود ٿي وينديون.
اهو آهي عالمگيريت جو اهو چئلينج، جنهن قومن جي سڃاڻپ، ثقافت ۽ ٻولين جي بقا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان انهيءَ خطري کي محسوس ڪندي، ڪيترين ئي قومن ۾ مادري ٻولين، ثقافت ۽ پنهنجي سڃاڻپ کي مڃرائڻ جو احساس جاڳيو آهي. اسان جي سنڌي ٻولي پڻ اهڙي ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، جنهن کي پڻ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان مختصر طورانهن جو وچور پيش ڪجي ٿو.
حڪومتي سطح تي ٻوليءَ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ رٿا بندي جي ضرورت:
ٻولي، ڪنهن به قوم ۽ ان جي ثقافت جي جياپي جو اهم ذريعو هوندي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ پاڙئون پٽي نٿو سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو، هر سماجي گروهه پنهنجي ٻوليءَ جي حيثيت کي برقرار رکڻ ۽ وڌ کان وڌ ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيندو آهي.
هر ملڪ جو حڪمران طبقو ٻوليءَ جي مسئلي کي وڏي سياڻپ ۽ هوشياريءَ سان حل ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ خطي ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ گروهن کي برابريءَ جي بنياد تي هلائڻ سان ئي قومي ٻڌي ۽ ايڪي جو تصور جنم وٺندوآهي. هندستان جو مثال اسان جي سامهون آهي. 1967ع جي آئين مطابق هندستان جي ٻاويهن اهم ۽ وڌ کان وڌ ڳالهائجندڙ ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو ويو آهي، جن ۾ سنڌي، هندي آسامي، سنسڪرت، بنگالي، گجراتي ۽ ڪشميري وغيره شامل آهن.
جڏهن ته پاڪستان ۾ ورهاڱي کان وٺي ٻوليءَ جي پاليسي ۽ رٿابنديءَ تي ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو ويو. پاڪستان جي چئني صوبن ۾ جيڪي وڏا سماجي گروهه رهن ٿا، تن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد 12سيڪڙو، پنجابي 48 سيڪڙو، پشتون 8 سيڪڙو، سرائيڪي 10 سيڪڙو ۽ بلوچ 3 سيڪڙو آهي. جڏهن ته اردو ڪنهن به سماجي گروهه جي ٻولي ئي ناهي، جنهن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد فقط 8 سيڪڙو آهي. پاڪستان ۾ قومي ٻولي جي حيثيت ۽ تنازعي جي حوالي سان بي.بي سيءَ جو شايع ڪيل مضمون ڌيان جوڳو آهي.
“English and Urdu are not even the most common first languages in Pakistan, despite their official adoption,48% speak Punjabi, mainly in eastern Punjab province,12% speak Sindhi, mainly in south eastern Sindh province,10% speak Saraiki, a variant of Punjabi,8% speak Pashto, in west and north western Pakistan ,8% speak Urdu,3% speak Balochi, mainly in Balochistan. There is no region in Pakistan which can be categorized as originally Urdu-speaking. Urdu is the language of Mohajirs (refugees from India) and this does not make sense that a country adopts the language of refugees as its national language." (4)
ان وقت جي حڪومت کي گهرجي ها ته، هندستان وانگر پاڪستان جي سمورن خطن ۾ ڳالهائي ويندڙ اڪثريتي ٻولين کي به قومي ٻولين جو درجو ڏئي ها، پر ائين نه ٿي سگهيو. ڪڏهن حب الوطنيءَ جي نعري ۾، ڪڏهن قومي ٻڌيءَ جي نالي تي، ته ڪڏهن مذهبي آڙ ۾ اردو ٻوليءَ کي زبردستي ٻين ٻولين ۽ قومن تي مڙهيو ويو، جيڪو سلسلو اڃا به هلندڙ آهي، جنهن مسئلي طرف اڃا به ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.
انهيءَ موضوع تي ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي پنهنجي مقالي ۾ تنقيدي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته:
” ٻولي سمورن مواصلاتي ذريعن ۾ اهم حيثيت رکي ٿي، پر ڏسجي ٿو ته اسان وٽ ان مسئلي کي خاص اهميت نه ڏئي مستقل حل ڪرڻ جي ڪوشش کان پئي نٽايو ويو آهي، جڏهن ته ٻوليءَ جو مسئلو وقت به وقت ملڪي يا صوبائي سطح تي حڪومت جي لاءِ مٿي جو سور بڻبو رهيو آهي.“ (5)
تعليمي ذريعن ۾ سنڌي ٻوليءَ جوشامل نه هئڻ:
ورهاڱي کان اڳ، سنڌ جي مختلف مدرسن ۾ سنڌي،عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين جي تعليم ڏني ويندي هئي، جن ۾ ’سنڌ مدرسته الاسلام ‘جو نالو سڀ کان اهم آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وري سنڌ ۾ اردو ۽ انگريزيءَ جي واهپي کي زوري هٿي وٺرائي وئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته سال جي اندر ئي يعني1948ع ۾ ڪراچيءَ جا لڳ ڀڳ 1300 سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪيا ويا. ڪنهن به ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي اهڙي سازش شايد ئي دنيا جي لسانياتي تاريخ ۾ اسان کي ڪٿي ملندي.
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو:
”1948ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم 1300 سنڌي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول بند ڪيا ويا.اهو دنيا جي لسانياتي تاريخ ۾ ڪنهن ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جو انوکو مثال آهي. هاءِ ڪورٽ پڻ ان فيصلي خلاف فيصلو ڏنو، پر ان تي به ڪو ڌيان ڪو نه ڏنو ويو.“ (6)
سنڌي ٻولي پڙهندڙن جي حوصله شڪني ڪئي وئي، جيڪا اڃ به جاري آهي. موجوده صورتحال اها آهي ته سنڌي ميڊيم اسڪول آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا آهن. هن وقت سنڌ سرڪار جي ڪل بجيٽ مان لڳ ڀڳ 27% سيڪڙو تعليم لاءِ رکيل آهي، پر تعليمي اصلاحات جا حدف اڃان مڪمل نه ٿي سگهيا آهن، ٻئي پاسي پرائيويٽ اسڪولن جو مقصد فقط ڪاروبار چمڪائڻ آهي جن پڻ عالمگيريت جي اثر هيٺ فقط انگريزي ۽ قومي ٻوليءَ جي اثر هيٺ اردو ٻوليءَ کي تعليمي ذريعن لاءِ محدودڪري ڇڏيو آهي.
ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال وري اها آهي ته والدين تي پڻ دٻاءُ وڌو وڃي ٿو ته ٻار سان گهر ۾ به اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڳالهايو نه ته توهان جو ٻار ٻين ٻارن کان مقابلي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندو. والدين جي اڪثريت پڻ اڻ شعوريءَ سبب ان مسئلي جي پيچيدگيءَ کي سمجهي نه سگهي آهي، جنهن جا مستقبل ۾ نهايت اگرا نتيجا نڪرندا.
ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکي ٿي:
”ون يونٽ کان هڪ سال پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪيو ويو. ڪراچي ءَ ۾ سنڌي اسڪول به بند ڪيا ويا. سنڌي مادري زبان طور تعليم وٺڻ کان روڪيو ويو... هن وقت به حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ ٻارن کي صرف انگريزي ۽ اردو ڳالهائڻ جي اجازت آهي... سنڌي خاندانن جا ماڻهو فيشن طور پاڻ کي وڌيڪ مهذب ڏيکارڻ خاطر، گهرن ۾ ٻيون ٻوليون ڳالهائن ٿا، جنهن ڪري انهن ٻارن کي نه سنڌي ڳالهائڻ ٿي اچي ۽ نه لکڻ ٿي اچي.“ (7)
سنڌي مضمون پڙهندڙن جي همت افزائي ڪرڻ بجاءِ انهن کي نفسياتي طور احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري شاگرد سنڌي ٻولي ۽ ادب پڙهڻ ئي نٿا چاهين.گهڻو ڪري سنڌي شاگرد جيڪي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهن ٿا، انهيءَ اثر سبب هڪٻئي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ کي به عيب سمجهن ٿا ۽ اردو ۽ انگريزيءَ جو واهپو ڪن ٿا.
تنهن کان سواءِ هڪ اهم مسئلو نئين سائنسي ايجادن جا متبادل سنڌي لفظ ٻوليءَ ۾ گهڙيل ئي ناهن.انهن جو جيئن جو تيئن استعمال ڪرڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته جديد ايجادون اسان جي پيداوار ناهن. اهو عمل ۽ تبديلي پڻ نهايت تڪڙي آهي. جنهن ڪري ٻوليءَ ۾ نه فقط ڌارين انگريزي، اردو، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏوگڏ سائنسي لفظن جو به تمام گهڻو ذخيرو شامل ٿي چڪو آهي، جيڪو پڻ سنڌي ٻوليءَ جي نج پڻي تي اثر انداز ٿي رهيو آهي.
ان حقيقت کان انڪار نه آهي ته شاهوڪار ٻوليون اهي ئي هونديون آهن، جيڪي ڌارين ٻولين جي لفظن کي پاڻ ۾ سمائڻ جي صلاحيت رکنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙن لفظن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، جن مان ڪي لفظ ساڳي صورت ۾ ته ڪن وري پنهنجي شڪل مٽائي سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق مستقل صورت اختيار ڪئي آهي. ان تبديليءَ جي عمل ۾ صدين جي سفرجي تاريخ آهي.
جڏهن ته جديديت پڄاڻان تڪڙي تبديلين جو دور آهي، جنهن ۾ هر ڏينهن جي هڪ نئين تاريخ آهي . روز جي حساب سان سائنسي ايجادن جا نوان لفظ ٻوليءَ ۾ جيئن جو تيئن شامل ٿي رهيا آهن. انهيءَ جو نتيجو اهو نه نڪري ته اسان وٽ ٻوليءَ ۾ استمال ڪرڻ لاءِ فقط نالا ،ضمير، حرف جر ۽ حرف ندا ئي وڃي بچن.
مارڪيٽ ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي اهميت ڏيڻ:
سنڌي ٻولي، شهري علائقن ۾ مختلف ٻولين جي ثقافتي گروهن جي ماڻهن سان گڏجي سڏجي رهڻ سبب تمام گهڻو متاثر ٿئي پئي. جنهن ڪري ٻوليءَ جي ساخت تيزيءَ سان متاثر ۽ تبديل ٿي رهي آهي. اڄ جوشهري نوجوان نسل اردو ۽ انگريزي گاڏڙ سنڌي ڳالهائي ٿو. جيڪڏهن کيس فقط هڪ جملو به سنڌيءَ جوڳالهرائجي ته ڪو نه ڳالهائي سگهندو ۽ لازمي ان ۾ اردو ۽ انگريزيءَ جا لفظ شامل ڪندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت اردو ۽ انگريزي ٻوليون وڌ کان وڌ سنڌي ٻوليءَ تي اثرانداز ٿي رهيون آهن.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي انهيءَ حوالي کان پنهنجا خيال هنن لفظن ۾ ونڊي ٿو:
”ورهاڱي بعد، سنڌ ۾ پڻ اهڙيون حالتون پيدا ٿيون آهن، جن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ چڱي ڦير گهير رهي آهي... سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ۽ اردوءَ جو گهڻو اثر پيو پوي، ان جو مکيه سبب آهي ته اردو پاڪستان جي قومي (سرڪاري) ٻولي آهي. اُها انگريزيءَ سان گڏ سرڪاري لکپڙهه ۾ ڪتب پئي اچي. ٻيو ته تعليمي سرشتي ۾ سنڌي شاگرد کي سيڪنڊري اسڪول جي سطح تي اردوءَ جو گهڻو واهپو آهي. ان جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي پوڻ سڀاويڪ آهي.” (8)
ٻي اهم ڳالهه جنهن جي حيرت ٿيندي آهي، ته مارڪيٽ ۾ شين جي خريداري توڙي وڪرو ڪندڙ ماڻهو، سنڌي هئڻ باوجود پاڻ ۾ اردو ڳالهائيندا آهن. انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته شعوري طور ڪاروباري ڏي وٺ لاءِ پڻ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو وڌايو وڃي. سنڌي گروه سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي هر صورت ۾ هڪٻئي سان سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهائڻ گهرجي.
ٽيون ته خاص طور ڌارين ٻولين اردو ۽ انگريزيءَ جا اهي لفظ، جن جا آسان، متبادل ۽ عام واهپي وارا سنڌي لفظ موجود آهن، انهن جو استعمال ڪيو وڃي. نوجوان نسل جي انهيءَ حوالي سان خاص طور تربيت ڪجي. کين پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي اهميت سان گڏوگڏ انهيءَ سان پنهنجي سڃاڻپ ۽ دلي لڳاءَ جي سمجهاڻي به ڏجي. جيئن اهي مخصوص پروپيگنڊا طور احساس ڪمتريءَ واري رويي مان ٻاهر نڪري سگهن.
ميڊيا ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ:
پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ خاص طور سان سوشل ميڊيا هن وقت دنيا جو نهايت تيز ترين،سستو،طاقتور۽ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ذريعو آهي. انٽرنيٽ، ٻي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڀيٽ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ بقا لاءِ وڌيڪ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهو هر قسم جي حڪومتي پابندين کان آزاد به آهي ۽ سڄي دنيا تائين پهچ پڻ حاصل اٿس. افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته اهي ذريعا پڻ ٻوليءَ جي صوتياتي ،صرفياتي، نحوياتي ۽ معنوياتي ساخت کي نهايت تيزيءَ سان بگاڙي رهيا آهن. انهن تي ڪيترن ئي لفظن جا اچار، واحد جمع، مؤنث مذڪر، فعلن جا گردان توڙي اسم ۽ انهن جون جنسون سڀ غلط لکيا ۽ ڳالهايا وڃن ٿا. ڪيترن پروگرامن جا ميزبان اردؤَ واري انداز ۾ سنڌي ڳالهائن ٿا. پي ٽي وي چئنل وارو معيار هاڻ ميڊيا تي ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جنهن جو بنيادي سبب ٻوليءَ جي وياڪرڻ کان اڻڄاڻائي آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا انهيءَ حوالي سان لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ جي سامهون هڪ وڏو خطرو ٻوليءَ جو بگڙجڻ به آهي، جنهن لاءِ سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ اخبارون، ريڊيو، ٽي وي ۽ ڪن ناشرن جي ٻوليءَ جي املا ۽ وياڪرڻ کان اڻڄاڻ هجڻ بنيادي سبب آهن.“ (9)
موبائلن ۽ ليپ ٽاپ ۾ سنڌي سافٽ ويئر استعمال ڪرڻ جي بجاءِ ماڻهن جي اڪثريت سنڌي ٻوليءَ کي رومن رسم الخط ۾ لکڻ کي ترجيع ڏئي ٿي. انهن رجحانن کي گهٽائڻ جي سخت ضرورت آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي لاءِ سنڌ ۾ قائم علمي ادبي ادارن کي وڌيڪ متحرڪ ۽ بااختيار ڪرڻ لاءِ پڻ جوڳا اُپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. مجموعي طور سان هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي خوش قسمتي اها آهي ته اها پنج هزار سال قديم تاريخي پس منظر رکي ٿي. ان کي پنهنجو اسڪرپٽ ۽ شاندار ادبي ورثوآهي.
سنڌي ٻولي ڪمپيوٽنگ انجنيئرنگ ذريعي بين الاقوامي ڊوڙ ۾ پڻ شامل ٿي چڪي آهي. ڪيترن مقامي توڙي عالمگير مسئلن باوجود سنڌي ٻولي پنهنجي بقا جي جنگ مختلف محاذن تان وڙهي رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، اسان پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ قدرن کي پوري ذميواريءَ سان نوجوان نسل ۾ منتقل ڪريو ڇاڪاڻ ته اهي ئي سڀاڻي جو آئيندو آهن. ٻوليءَ جو سلسلو ۽ تسلسل انهن ذريعي ئي پنهنجو سفر جاري رکندو.
انهيءَ سان گڏوگڏاجتماعي طور ٻوليءَ جي بچاءُ جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ انفرادي طور هرماڻهوفقط پنهنجي ذميواريءَ کي پوري ايمانداري ۽ فرض شناسيءَ سان نڀائي ته اسان جو سفر صدين کان گهٽجي سالن ۾ تبديل ٿي ويندو.
حوالا
1. Hans-Henrik Holm and Georg Sorensen, Who’s World Order? Uneven Globalization and the End of the Cold War (Boulder, Col.: West View, 1995), p.4.
2. Mayam kazemi, “Globalization in viewpoints of Opponents and Advocates”,Hamshahri, August 28, 2001.
3. Https://visual.ly/community/infographic/education/english_language_facts.
4. Https://www.bbc.com/news/world_asia_34215293.
5. ٻگهيو قاسم، ڊاڪٽر، مقالو؛” پاڪستان ۾ ٻوليءَ جي رٿا بندي ۽ سنڌي ٻولي“، سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد5)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،حيدرآباد، 2011ع،ص315_339
6. ساڳيو، ص 315_339.
7. افروز نور، خواجه ، ڊاڪٽر ، مقالو؛ ” ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون“ ، ٻه روزه قومي ادبي ڪانفرنس” سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي؛ هڪ تحقيقي جائزو“، سنڌي شعبو وفاقي يونيورسٽي، ڪراچي، 2011ع، ص 155_167.
8. جيٽلي، مرليڌر ، ڊاڪٽر، مقالو؛“ورهاڱي بعد ڀارت ۽ سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ تبديليون”، سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد5)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،حيدرآباد، 2011ع،ص 97_121.
9. الانا، غلام علي ، ڊاڪٽر ، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 2006ع، ص 446.