چچ نامو: ’فتح نامه سنڌ‘ جي اصليت ۽ ان جو نظرياتي استعمال
(Fateh nama Sindh-Alias Chachnama's originality and its theoretical application)

محمد حبيب سنائي
Abstract:

This monumental book appeared in the academia in 2016 and its concise name is "A Book of Conquest" but its full title is "A Book of Conquest: The Chachnama and Muslim origin in South Asia”. The writer of the book Manan Ahmed Asif was born in Punjab and is presently Professor of History at University of Columbia. The book is a scholarly study of Fatehnama Sindh and a critical evaluation undertaken in the article reaches the following conclusions:
a-This is an original work written in the thirteenth /13th century, and is not an Arabic translation of an old treatise.
b-The book presents a political theory in the context of the thirteenth century political perspective and objective conditions existing then.
c- British imperial power, nationalistic and anti-secular, sectarian vested interests have persistently manipulated the text to prove their respective stand points.
The research article has discussed and evaluated all the above three viewpoints.
سال 2016ع ۾ هڪ ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جنهن جو مختصر نالو ته آهي A Book of Conquest آهي پر ان ڪتاب جو پورو نالو آهي:
A book of Conquest! The Chachnama and Muslim Origin in South Asia(1)
انهيءَ ڪتاب جو ليکڪ منان احمد آصف، پنجاب ڄائو، جيڪو هن وقت يونيورسٽي آف ڪولمبيا ۾ تاريخ جو پروفيسر آهي، انهيءَ ڪتاب ۾ هن فتحنامه عرف چچنامي جو عالماڻي انداز سان جائزو ورتو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ هو ڪتاب جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته:
”آئون هن ڪتاب ۾ ٻه ضروري دعوائون ڪريان ٿو ته چچنامو، جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ مسلمانن جي ابتدائي آمد يا اصليت Origin جي ڏند ڪٿا ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، سو ترجمي جو ڪتاب ڪونهي ۽ اهو ڪتاب فتح نامو Conquest به نه آهي. اصليت واري بيانيي کي رد ڪرڻ وارو نڪتو مون کي اها اجازت ڏئي ٿو ته متن جي غلبي واري Hegemonic اڀياس کي اڇلائي، ان متن کي سياسي نظريي طور پڙهڻ واري امڪان کي کوليان.“ (2)
ٻين لفظن ۾ هن پنهنجي عالمانه تحقيق مان جيڪي نتيجا اخذ ڪيا آهن، سي هي آهن.
1. هي ڪتاب ڪنهن قديم عربي ڪتاب جو ترجمو نه آهي، پر تيرهين صديءَ ۾ لکيل ھڪ اصلي ڪتاب آهي.
2. هي ڪتاب ان دور يعني تيرھين صديءَ جي سياسي صورتحال جي تناظر ۾ سياسي نظريو پيش ڪري ٿو.
3. انگريز سامراجي قوتن کان وٺي قومپرست توڙي سيڪيولر مخالف قوتن انهي متن کي پنهنجي نقطي نظر جي سچائيءَ جي ثابتي طور پئي استعمال ڪيو آهي.
هن مقالي ۾ آئون انهن ٽنهي نڪتن جو جائزو پيش ڪرڻ گهران ٿو.
ترجمو ٿيل ڪتاب يا اصلي لکت:
چچ نامي جي ليکڪ/مترجم/ مولف علي ڪوفي ڪتاب جي شروع ۾ لکيو آهي ته کيس 613 هجري بمطابق 1217ع ۾ هندستان جي تاريخ، خاص ڪري محمد بن قاسم جو هتي اچي راجه ڏاهر کي قتل ڪرڻ واري تاريخ لکڻ جو شوق جاڳيو. ان سلسلي ۾ هو بکر آيو، جتي مولانا قاضي اسماعيل، جنهن جا وڏڙا محمد بن قاسم سان گڏ هتي آيا، کيس پنهنجي انهن وڏڙن جو هٿ اکرين لکيل قديمي ڪتاب ڏنو ... ”جڏهن بندو انهيءَ ڪتاب کان واقف ٿيو ته ڏٺائين ته اهو حڪمت جي جواهرن سان سينگاريل ۽ نصحيت جي موتين سان سنواريل هڪ ڪتاب هو ... پوءِ جڏهن هي ديني داستان عربيءَ جي پردي ۽ حجازي حجاب مان فارسي زبان ۾ نقل ٿيو ۽ عبارت جي هار ۽ ديانت جي سينگار سان مشرف ٿيندي نثر جي لڙهيءَ ۾ ترجمو ٿيو.“ (3)
جيئن ته اڃا توڙي اهو عربي ڪتاب هٿ نه آيو آهي. تنهن ڪري اهو سوال به اڀرندو رهيو آهي ته اهو اصل ڪتاب جو ڪيتري قدر صحيح ترجمو آهي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ايڊٽ ڪيل سنڌي ترجمي واري ڪتاب جي مقدمي ۾ ترجمي کان انڪار ته نه ڪيو آهي، پر ڪتاب جي مواد کي اوائلي عرب ليکڪن بلاذري، يعقوبي ۽ مدائني جي مواد سان ڀيٽي اڻ سڌيءَ طرح اهو اظهار ڪيو آهي ته انھيءَ جو مواد انهن ليکڪن جي ڪتابن تان ڪوريل آهي:
”مطلب ته سنڌ جي فتح بابت جي بنيادي حقيقتون آڳاٽن عرب مؤرخن ذريعي اسان تائين پهتيون آهن، سي اڪثر مدائني جي روايتن ذريعي ئي پهتيون آهين. انهي ڪري چئي سگهجي ٿو ته فتحنامه سنڌ، جو اصل عربيءَ ۾ هو، ۽ جنهن ۾ سنڌ جي اوائلي فتوحات جو ذڪر آهي، تنهن جو گهڻو مدار مدائني جي تصنيفن ۽ روايتن تي آهي.“ (4)
”فتحنامي جي اسلامي تاريخ واري حصي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته بلاذري جي باب فتوح السند وارو سڄو مواد ان ۾ شامل آهي.“ (5)
”فتحنامي جي اندورني شهادتن مان پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ غالبن مدائني جا اهي ٻه ڪتاب يعني ته ڪتاب ”تغرالهند“ ۽ ”ڪتاب فتح مڪران“ مڪمل طور شامل آهن.“ (6)
ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ پنهنجي ڪتاب Sindh Arab Period جي پهرئين باب بعنوان Sources on the Arab Period of the History of Sindh ۾ چچنامي جو ذڪر ان باب جي ٽئين حصي بعنوان Later works and Anthologies ۾ ڪيو آهي، پر پهرئين حصي بعنوان سهيوڳي ماخذن Contemporary Authorities وغيره ۾ شامل نه ڪيو آهي. هي صاحب ترجمي جو ذڪر نٿو ڪري پر ان کي فارسي لکت قرار ڏيندي لکي ٿو ته: ” اهو فارسي ڪم آهي، ۽ عام طور سنڌجي تاريخ ، خاص ڪري عربن جي فتح کان اڳ حڪمران برهمڻ خاندان جي تاريخ جي ماخذ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪتاب جو اصل نالو فتح نامه ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو علي ابن حامد ابن ابي بڪر الڪوفي سال 613هجري/ 1217ع ۾ لکيو ۽ سهيڙيو.“ (7)
ڊاڪٽر مبارڪ علي جي خيال ۾ جيئن ته اصل مسودي جي ٻي ڪاپي نه ملي آهي، تنهنڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهو ڪتاب ان دور جو سهيوڳي ذريعو آهي يا علي ڪوفي پاڻ لکي ڪري ان جي معتبري لاءِ اهو اظهار ڪيو هجي ته هي سهيوڳي عربي مسودو آهي. (8)
منان احمد آصف پنهنجي مذڪوره ڪتاب جي تعارف ۾ ئي اها دعويٰ ڪئي آهي ته اهو ترجمو بلڪل ڪونهي:
I make two essential claims in this book: that Chachnama, central to the origins myth of Islam in South Asia, is not a work of translation, and it is not book of conquest. (Asif, 2016, p 15)
اڳتي هلي پنهنجي ڪتاب جي ٻي باب بعنوان A Foundation for History ۾، ھو ترجمي واري مامري تي وڌيڪ ويچار پيش ڪري ٿو. هو مغل مورخ مظفر عالم جي راين جي روشنيءَ ۾ لکي ٿو ته فارسي زبان نائين صديءَ کان وٺي سنڌ جي شهر اُچ، ملتان ۽ لاهور مان اڀرندي، برصغير جي سياست ۽ شاعري جي ميدان ۾ مهندار ٿي. ان دور ۾ ڪيترائي عربي ڪتاب فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيا. جيتوڻيڪ انهن ڪتابن کي ترجمو ئي سمجهيو وڃي ٿو، پر انهن جي حوالي سان منان احمد آصف جو خيال آهي ته هو اي سي ايس پيڪاڪ A.C.S Peacock جي پويئواري ۾ انهن کي نئين سر لکيل Trans creations يا ڪاروباري تشريح سمجهي ٿو. (9)
آصف اڳتي لکي ٿو ته ”هاڻي اچو ته علي ڪوفيءَ جي چچنامي ڏانهن ڌيان ڌريون ۽ سندس ترجمي واري دعويٰ جو ڇيد ڪريون. اسان اڳئي اهو طئي ڪري چڪا آهيون ته تيرهين صديءَ جي شروع واري اُچ ۾ عربي مان فارسي ترجمو ائين عام عمل هو، جيئن خواص يا امراءَ پاران پنهنجي عربي نسل مان هئڻ واري دعويٰ ڪرڻ وارو عمل. پنهنجي ڪتاب جي ديباچي ۾ ڪوفي ڪتاب لکڻ واري فيصلي سان گڏ ان ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ذريعن کي حاصل ڪرڻ واري عمل تي تفصيلي اظهار ڪيو آهي.... ڪوفي جي متن جو مقصد تدريسي Pedagogical هو.“ (10)
”ڪوفي اهو رايو ڏئي ٿو ته هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو هڪ تشريحي interpretative عمل آهي– هي پنهنجي متن يا مواد ۾ سمجهو پڙهندڙ سان ويچار ونڊي سگهي ٿو.“ (11)
ڇا چچ نامو سياسي نظريو پيش ڪري ٿو؟
آصف جيڪو ٻيو نڪتو پيش ڪيو آهي، هن ڪتاب جي سياسي نظريي هئڻ وارو، سو ڪو نئون ڪونهي.
سال 1975ع ۾ Sindh Through the Centuries جي نالي سان جيڪو عالمي سيمينار ڪراچي ۾ ٿيو هو، تنهن ۾ ھڪ انگريز اسڪالر پي هارڊي (12) پنهنجو مقالو بعنوان Is the Chach Nama intelligible as Political Theory پڙهيو هو، جيڪو جيئن عنوان مان ظاهر آهي، گهڻي ڀاڳي سياسي نظريي واري نڪتي سان لاڳاپيل آهي.
پي هارڊي، انهيءَ مضمون ۾ لکي ٿو ته هاڻي اسان چچ نامي جي ڪن تصورن يا نڪتن ڏانهن ورون ٿا، جيڪي هن کي تاريخدانن واسطي سياسي نظريي طور سمجهه جوڳو (۽ ڪارائتو) بنائين ٿا.
سندس خيال ۾ چچنامي ۾ اهو مفروضو اڻ سڌيءَ طرح پيش ڪيل آهي ته فوجي طاقت کي متوازن ، ڳتيل ۽ سماجي نظام اندر استعمالڻ گهرجي. حڪمران کي خاص طور تي پنهنجي سياسي انتظام واسطي ڪجهه ضروري عنصرن جهڙوڪ، مٽ مائٽن، عورتن، اڳواڻن، مذهبي درويشن، واپارين، زرعي ڪارندن، فني ماهرن، فوج، روينو وغيره جي وجود کي تسليم ڪرڻو پوندو. جيڪر انهن عنصرن جي انتظام ۾ انا پڻي ۽ خراب سمجهه جو اظهار ڪيو ويندو ته هن حڪمران ( يا سندس خاندان) کي انتقام يا شڪست سان منهن ڏيڻو پوندو.... حڪمران طبقي وارن کي مذهبي طبقي سان درست ورتاءُ ڪرڻو پوندو، کين پنهنجي سهولت واسطي هنن جي بندگيءَ جي طريقن کي ترڪ ڪرڻ جو حڪم نه ڏيڻ گهرجي. (13)
پي هارڊي لکي ٿو ته: چچنامي جي ڍانچي ۾ اڻ سڌي طرح توازن، معقوليت ۽ حڪومتي انتظام اندر مختلف عنصرن کي شامل ڪرڻ جهڙا تصور پيش ڪيل آهن. صلاحڪار جي رول کي به وڏي اهميت ڏني ويئي آهي.(14)
آخر ۾ هن اهو صلاحيو آهي ته انھي امڪان، ته متان علي ڪوفي پنهنجي ڪتاب کي وقت جي حڪمران لاءِ ڪارائتو يا سبق آموز سمجهي ڪري لکيو هجي، کي وڌيڪ تحقيق جو موضوع کڻي بڻائجي. (15)
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي خيال ۾ چچ نامي جي گهري اڀياس مان علي ڪوفيءَ جا ارادا ظاهر ٿين ٿا. ان ۾ خليفي جي اختيار يا حاڪميت تي زور ڀريو ويو آهي ۽ صوبائي گورنرن کي مرڪز سان سچو رهڻ جي صلاح ڏنل آهي. علي ڪوفي جي وقت ۾، محمد غوري (وفات 1206) جي وفات کان پوءِ ان جي غلامن وچ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد هلي پئي. سلطان التمش (وفات 1236)، جيڪو اتر هندستان تي حڪومت ڪندو رهيو، تنهن کي جائز وارث سمجهيو ٿئي ويو ۽ برصغير جي مسلمان برادريءَ جي مفادن واسطي ضروري هو ته اهي هڪ مرڪز سان سچا هجن. ... قباچا سلطان جو لقب اختيار ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب کي فتح ڪرڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي سگهارو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رنڀيل هو. جنهن جي ڪري هن جون التمش سان ننڍيون ويڙهيون به ٿيون. مسلمان خواص انهن جهيڙن کي مسلمانن جي مفادن خلاف ٿي ڀانيو، تنهن ڪري اهي التمش جي پاسي هئا. ... علي ڪوفي چچنامه لکي (ناصرالدين) قباچا کي اهو پيغام ڏيڻ ٿئي چاهيو ته مضبوط مرڪز ئي مسلمانن جي مفادن وٽان آهي، تنهن ڪري خودمختيار حڪمران ٿيڻ کان پاسو ڪري. (16)
منان احمد آصف ته پنهنجي مذڪوره ڪتاب جا ٽي باب چچ نامي کي سياسي نظريي واري ڪتاب طور ثابت ڪرڻ لاءِ لکيا آهن. ڪتاب جي ٽئين باب ۾، هن جي لکت موجب، هن اهو بحث ڪيو آهي ته چچنامي ۾ سياسي نظريي کي پيش ڪرڻ واسطي صلاح Advice جو ذريعو استعمال ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ وري خطن کي وسيلو بنايو ويو آهي. هن جو اهو خيال آهي ته هي متن مڪمل طور هندستاني يا ديسي آهي، جيڪو فارسي توڙي سنسڪرت جي مواد مان متاثر ٿيو آهي ۽ ان ۾ تيرهين صديءَ جي سنڌ جي باهمي ڳنڊيل صورتحال کي ظاهر ڪيو ويو آهي.(17)
هن جو پڪو پختو خيال آهي ته ”چچ نامو پنهنجي دور جي پيدائش آهي. اهو تيرهين صدي ۾، سياسي گادي واري شهر اچ ۾، حاڪم قباچه جي دربار ۾ لکيو ويو آهي ۽ ان ۾ ان وقت جي سياسي مسئلن جو پرتوو آهي.“(18)
جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن باب ۾ آصف اهو نڪتو بحث هيٺ آڻي ٿو ته ”چچنامي ۾ سياسي نظريي کي پيش ڪرڻ لاءِ مشوري يا صلاح - ڳالهه ٻولهه واري، نصحيت آميز ۽ ثابت ڪندڙ - واري ذريعي کي اپنايو ويو آهي. .... خطن وسيلي صلاحون ڏنيون ويون آهن. ... منهنجو خيال آهي ته اهي خط گورننس (انتظام) جو نظريو توڙي مختلف ڌرين کي ورسائڻ ۽ پاڻ ۾ ڳنڍڻ وارو سياسي نظريو پيش ڪن ٿا.“ (19)
ياد رهي ته چچ نامي ۾ چاليهن کان مٿي خط شامل ڪيا ويا آهن، جن مان اڪثر ته جيئن جو تيئن پيش ڪيل آهن. آصف جي لکئي موجب هن ان باب جي پهرئين حصي ۾ انهن خطن جو اڀياس ڪيو آهي، ٻئي حصي ۾ اهو نڪتو کنيو آهي ته چچنامي کي صلاحي ادب طور ورتائڻ سان ان جو صلاحي ادب جي ٻين نمونن سان لاڳاپو قائم ڪري سگهجي ٿو. ”چچنامي کي بطور پاليسي ۽ صلاحي متن طور، فارسي جي صلاحي ادب ۾ ڳولي سگهجي ٿو.“(20)
”اھي صلاحون فارسي، عربي ۽ سنسڪرت ذريعن مان چونڊيون ويون آھن .“(21)
آصف پنهنجي ڪتاب جي چوٿين باب ۾ به چچ نامي واري سياسي نظريي اندر تفاوت Difference واري سوال تي بحث کي اڳتي وڌايو آهي. ”مون ڏيکاريو آهي ته چچنامي مختلف مذهبن کي تسليم ڪرڻ، مختلف برادرين کي ورسائڻ واري تانگهه ۽ تفاوت کي سنڀالڻ ۾ سياست جي ڪردار تي ڌيان ڌريو آهي.“(22)
آصف جي لکت موجب تيرهين صديءَ جي شروع واري سنڌ نه صرف اقتدار جي مختلف دعويدارن ۽ جنگي سردارن جي جوءِ هئي، پر ان اندر وسندڙ عوام توڙي خواصن منجهه مقدس پڻي جا مختلف تصور هئا. چچنامو سياسي نظريي واري متن طور انهن مکيه مامرن کي سنڌ ۾ سياسي تنظيم، مذهبي تفاوت، گڏجي رهڻ واري سوال جي روشني ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.(23)
ٽئين باب جيان هي باب به ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ هن چچنامي جو ڳوڙهو اڀياس ڪندي ، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سياسي انتظام لاءِ تفاوت کي تسليم توڙي شامل ڪرڻو پوندو. ٻئي حصي ۾ ھو متنوع Diverse سياسي انتظام کي سنڀالڻ لاءِ، قانون توڙي موجوده سماجي روايتن کي استعمال ڪرڻ واري مسلمانن جي ملڪي انتظام جي جوڙجڪ کي زير بحث آڻي ٿو.(24)
آصف جو خيال آهي ته چچنامي اندر پيش ڪيل ”تفاوت Difference کي سمجھڻ وارو سياسي نمونو Model باھمي طور شناخت جوڳي دينيات Theologyتي نه، پر اتنظام ڪاري Governance جي سياسي ۽ قانوني سمجهه تي مبني آهي.(25)
آصف جو اهم رايو اهو آهي ته ”حقيقت ۾ چچنامو، تيرهين صديءَ ۾ انصاف ڀري حڪمراني ۽ انتظام جو نسخو آهي.“ (26)
آصف پنهنجي ڪتاب جي پنجين باب ۾ چچ نامي جي وسيع سماجي دنيا کي موضوع بنايو ويو آهي، جنهن ۾ سگهاريون عورتون به شامل آهن، جن راڻي يا صلاحڪار طور سياسي رول ادا ڪيو آهي. ” اهو ڏيکاري ٿو ته چچ نامو، سياسي طور سگهارين عورتن جي بيانيي کي استعمال ڪندي رعيتپڻي وارو اخلاقي نظريو جوڙي ٿو....“(27)
آصف جي لکئي موجب هي باب ۾ چچ نامي جي شروع، وچ ۽ آخر ۾ پيش ڪيل ٽن واقعن: چچ جو اقتدار جي مسند تي فائز ٿيڻ، محمد بن قاسم جي شهري قيدين جي حوالي سان فيصلو، ۽ بغداد ۾ محمد بن قاسم جي موت، جو ڇيد ڪيو ويو آهي. انهن ٽنهي واقعن جا مکيه ڪردار عورتون آهن، ۽ متن انهن جي نڪتي نظر کي پيش ڪري ٿو. ”انهن واقعن جو تجزيو ڪري، آئون ٻين ڪردارن کي ڏسڻ ٿو گهران، جيڪي تيرهين صدي جي وسيع سماجي دنيا کي پرکڻ لاءِ اهم اخلاقي موضوع آهن.“(28) هن باب جي آخر ۾ ھن اهو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته خواص عورتون، چچ نامي واري سياسي نظريي جو مثال بنيون آهن.(29)
چچ نامي جو سياسي ۽ نظرياتي استعمال:
انگريز سامراجي قوتن کان وٺي سيڪيولر مخالف قوتن چچنامي جي متن کي پنهنجي نقطي نظر جي سچائيءَ جو هٿيار طور پئي استعمال ڪيو آهي. آصف جي ڪتاب جو آخري باب انهي مامري کي کڻي ٿو.
سندس چواڻي هي باب اهو ڏيکاري ٿو ته بيٺڪي علميت Epistemology، چچ نامي کي هندستان ۾ مسلمانن جي آمد يا اصليت طور پيش ڪيو. ان غلبي واري hegemonic بيانيي موجب ڌاريا مسلمان سال 712 ع ۾ هندستان اندر فاتح بنجي آيا. بيٺڪي عملدارن ۽ تاريخدانن مسلمان آمد Origin کي فتح واري بياني طور پيش ڪيو، جنهن ۾ عرب حاڪم کي هندو رعايا جي مخالفت ۾ آڻي بيهاريو ويو، جنهن هندو رعايا کي اچي انگريزن آزادي ڏياري.(30)
آصف هڪ پاسي بيٺڪي قوتن پاران پنهنجي مقصدن جي سڌ واسطي ان جي استعمال تي روشني وڌي آهي، ته ٻئي پاسي ويهين صدي جي شروع کان هندو توڙي مسلمان قومپرست مؤرخن، جهڙوڪ: جاٿو ناٿ سرڪار، آر سي مجمدار، محمد حبيب، شبلي نعماني، سليمان ندوي، ايس ايم اڪرام، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پاران ان جي استعمال کي بيان ڪيو ويو آهي.(31)
آصف جو هڪ ٻيو اهم مضمون بعنوان Freeing History How to counter colonial myths about Muslim arrival in Sindh ماهوار انگريزي رسالي هيرالڊ جي آگسٽ 2017 واري شماري ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جو مکيه نڪتو اهو آهي ته حمله آور يا بيٺڪي قوتن پنهنجي قبضي کي جائز ثابت ڪرڻ لاءِ انهن بيٺڪن جي تاريخ کي نئين سر جوڙيو آهي.
هي لکي ٿو ته ايڊورڊ گبن پنهنجي ڪتاب رومي سلطنت جي زوال جي تاريخ The History of the Decline and Fall of the Roman Empire جو پهريون جلد 1776ع ۾ ڇپرايو، جنهن سال برطانيه آمريڪا ۾ پنهنجون 13 بيٺڪون وڃايون. بهرحال 1788 تائين انهي مشهور ۽ سٺو وڪرو ٿيندڙ ڪتاب جا ڇهه ئي جلد ڇپجي ويا. گبن جو مکيه نڪتو يا ٿيم هو: هن جي پاران پئڪس برطانيه Pax Britannica – برطانيه جي تسلط هيٺ هلندڙ عالمي نظام جو دور - ۽ پئڪس رومان وچ ۾ تاريخي ڳانڍاپي جي ڳولا.
هن انهي نظريي جا بنياد فراهم ڪيا، جنهن تحت برطانيه جي بيٺڪي ڪاوشن کي رومن سلطنت، جنهن يورپ ۾ خوشحالي ۽ امن جو دور آندو، جي وارث يا پونير successor طور پيش ڪري، ان کي قانوني بنائڻ ٿي گهريو. (32)
”اوڻهين صديءَ جي شروع ۾، برطانوي آفيسرن جي نئين پيڙهي، هندستان جي ماضي جو اڀياس ڪندڙ اسڪالر ٿي ويئي. انهن پاڻ کي پنهنجي دور جو سڪندر اعظم ڪري ٿئي ورتو ۽ ماڻهن، جاگرافي وغيره جا اهي قصا ترتيب ڏنا، جن انڊيا کي گريڪ ماضي سان وڃي ڳنڍيو ٿي، ۽ وڌائي رومي سلطنت سان. اليگزينڊر برنيس Alexander Burnes، جيمس ٽاڊ James Tod، رچرڊ ايف برٽن Richard F Burton ۽ ائڊورڊ بي ايسٽوڪ Edward B Eastwick انهن ۾ مکيه هئا. انهن ڪابل کان بمبئي تائين سفر ڪري، سڪا، ٿانو ۽ مسودا هٿ ڪيا ته جيئن انهن جي مدد سان گريڪ اثرن کي ثابت ڪري سگهجي.
”19 صديءَ جي وچ ڌاري برطانوي تاريخدانن جي نئين پيڙهي اڳيان آئي، جنهن خام مواد کي ڇنڊي ڇاڻي تاريخي دستاويزن ۾ بدلائڻ جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو. ايڇ.ايم ايليٽ H M Elliot ۽ ايم الفنسٽون M Elphinstone ان پيڙهيءَ جا مهندار هئا. سندن پونئيرن ۾ ونسينٽ سمٿ Vincent Smith، اسٽينلي لين پول Stanley Lane-Poole، اليگزينڊر ڪنگهام Alexander Cunningham، ۽ آر .بي وائيٽ هيڊ R B Whitehead ۽ ٻيا هئا. ... سنسڪرت ٻوليءَ جون جڙون، آريائي نسل جو شجرو، مقامي قبلين جي اصليت وغيره جهڙن موضوعن تي تقريرن، تحريرن، سفرنامن، ضلعي رپورٽن وغيره ۾ انهن تي راءِ زني ڪئي ويئي. انهي رٿا جي وچ ۾ هندستان اندر مسلمانن جي آمد جو سوال به زير تحقيق رهيو.(33)
انهيءَ مضمون ۾ هو واضح لفظن ۾ لکي ٿو ته ”سو اهو ابتدائي آمد يا اصليت وارو بيانيو چچنامي جي غلط درجه بندي تي مبني هو. اهو ڪتاب ان زماني جي عربي ۽ فارسي ڪتابن جهڙو نٿو لڳي. ان ۾ اهو گھڻو ڪجھه آهي جيڪو محمد بن قاسم جي ڪاهه ۽ فتح سان گھٽ تعلق رکي ٿو....... 1820ع جي شروع کان وٺي برطانوي بيٺڪي تاريخدانن پاران انهي ڪتاب کي ڄاڻي ٻجھي غلط نموني استعماليو يا پڙهيو ويو آهي. انهن پنهنجي لکڻين ۾ ٻئي Other کي ڌارين Outsider ۾ بدلايو آهي، ۽ ڳانڍاپي واري تاريخ ڦري علحدگي واري تاريخ ٿي پئي آهي.“ (34)

نتيجو:
مٿئين سڄي بحث مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته چچنامو ڪنهن ھڪ ڪتاب جو ترجمو ناهي. اھو تيرھين صديءَ جي سياسي حالتن کي پيش نظر رکي ڪري لکيو ويو آھي، ۽ ان جو مواد ھڪ پاسي بلاذري، مدائني يا ٻين عرب تاريخ نويسن جي ڪتابن تان ته ٻئي پاسي ان دور جي فارسي، عربي ۽ سنسڪرتي ڪتابن تان ڪوريو ويو آھي.
ان کان علاوھ برطانوي سامراج پنهنجي قبضي کي جائز بنائڻ توڙي مقامي رھواسين جي اڪثريت ۾ قبوليت ماڻڻ لاءِ ان کي ڀرپور نموني استعمال ڪيو آھي.



۞


حوالا

1. Asif, Manan Ahmed: A Book of Conquest: The Chachnama and Muslim Origins in Sourth Asia. 2016. Harward University Press.
2. Ibid, page 15.
3. علي ڪوفي: فتح نامه سنڌ عرف چچ نامه مترجم مخدوم امير احمد، تصحيح ڊاڪٽر نبي بخش بلوڇ. 1994. چوٿون ڇاپو. سنڌي ادبي بورڊ. ڄامشورو ص 14، 15
4. ساڳيو.مقدمو، ص 13
5. ساڳيو، مقدمو، ص15
6. ساڳيو، مقدمو، ص 16
7. Pathan, Dr. Mumtaz Hussain: Sindh: Arab Period. 1978. Sindhi Adabi Board, Jamshoro. Page 15
8. Dr. Mubarak Ali: In the Shadow of History. The Arab Conquest of Sindh pp 130-145. Feb 1993. Progressive Publishers, Lahore.
9. Asif, Manan Ahmed, Ibid, page 56.
10. Ibid, page 60.
11. Ibid, page 61
12. ھن صاحب جو جيڪو مختصر احوال مليو آھي ان موجب ھي 2014 ۾ يا 2013 جي آخر ۾ 91 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. ھو سائوٿ ايشيا ۾ اسلام جي تاريخ جو ريڊر ھو. 1947 کان 1983 تائين ھو SOAS جي تاريخ واري شعبي ۾ ليڪچرار ھو. ھن کي ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جي سلطنت دور جو ماھر سمجھيو ٿي ويو. سندس ٻه ڪتا ب Historians of Medieval India ۽ Muslims of British India مختلف ڪورسن ۾ پڙھايا وڃن ٿا.
(https://www.soas.ac.uk/news/newsitem90720.html)
13. Hardy, P: Is Chachnama Intelligible to Historian ? Pages 111-17, in Sindh Through the centuries, edited by Hamida Khuhro. Oxford University Press. 1981. P-113
14. Ibid, page 114
15. Ibid, p-116
16. Ali, Mubarak, page 130-131
17. Asif, Manan Ahmed, Ibid, p 21
18. Ibid, p-80
19. Ibid p-81
20. Ibid,p-92 and 102
21. Ibid, p-102
22. Ibid, p 21
23. Ibid, 106
24. Ibid, p-107
25. Ibid, p-127
26. Ibid, p - 152
27. Ibid, p-21
28. Ibid, p 131
29. Ibid, P-149
30. Ibid pp 151-152
31. Ibid, pp-171-74
32. Asif, Manan Ahmed, Freeing History How to counter colonial myths about Muslim arrival in Sindh, Herald, August, 2017, p 126. Also available on this link: https://herald.dawn.com/news/1153850
33. Ibid, pp 127-28
34. Ibid, p-129.
1530 ڀيرا پڙهيو ويو