جديد ميڊيا ۽ سنڌي موسيقي: هڪ جائزو
(State of Sindhi Music in the modern age: A concise perspective)

ڊاڪٽر ذوالفقار قريشي
Abstract:

In the contemporary age Sindhi society is fervently fond of electronic media besides, literature. The news irrespective of its size or quality of content travels at the speed of light and hits the four corners of the Global Village. Media truthfully covers every subject under the sun, from society, religion, language to now infectiously 24×7 ubiquitous politics.It's focused gaze is multi-faceted and dimensional. Its amazingly variegated and is an unending drill.Even if one is not interested in music, he/ she has to perforce listen to the inevitable musical signature tune embedded in the radio or TV news. The background music captivates the audience in the dramas and movies.The world of Sindhi music is overwhelming and vast as it has travelled from the era of antiquity of folk singers to classic phonograms, radio, TV, cassette, C.D., to the present day memory card. Now a days mobile applications daily release music albums. This advancement has adversely impacted Sindhi music industry, though the curse of copy cat culture, parody and jarring re-mixing has also helped artists of highly questionable worth achieve overnight cheap uncalled for publicity.This unfortunate trend has damaged good reputation of bonafide genuine artists and as a consequence of this evil, the quality has gone down miserably and solid professionalism has suffered irretrievably.This article ponders the plight of musicians and examines the present state of affairs in the domain of current Music industry.

سنڌي سماج جُڳن کان موسيقيءَ سان سلهاڙيل رهيو آهي. سنڌ ۾ موسيقيءَ سان لاڳاپيل ڪيترائي اصطلاح رائج آهن، مثال طور: ’سريلو ماڻهو‘، جنهن جي معنيٰ آهي با اخلاق، سيبتو، سلڇڻو، رواداريءَ وارو.ان جي معنيٰ ڳائڻو هرگز ناهي. اهڙا ٻيا به مثال آهن: (1) تيرنهن تالي، (2) راڳ ويراگ، (3) راڳ ۽ ڀاڳ، (4) کِٽراڳ، (5) رَس چَس، (6) راڳ رهاڻ، (7)سُرئي نه ڏيڻ. (معنيٰ سَنوت نه ڏيڻ) ڪن رس ... بي سرو (1)
سنڌيءَ ۾ راڳ ۽ ناچ گاني سان واڳيل ڪجهه ٻيا اصطلاح:
ڌڪڙ تي اٽو لڳڻ: جهڳڙو ٿيڻ
ڌمال ڪڍڻ: ڇنڊ ڪڍڻ، ڇنڀڻ، سيکت ڏيڻ
دهل تي ڏونڪو لڳڻ: ڳالهه ظاهر ٿيڻ، کلي عام چوڻ
کڳيون هڻڻ يا هنڀوڇيون هڻڻ: تمام گھڻو خوش ٿيڻ
سُر ۾ سُر ملائڻ: ٻئي جي پٺڀڙائي ڪرڻ
مِينڍ ۾ مارئي ڳائڻ: سس پس ڪرڻ، کليءَ طرح نه چوڻ
مرليون وڄائڻ: خوشامد ڪرڻ، ريجهائڻ
ست سُريون ٻڌائڻ: هڪ ئي وقت ۾ تمام گهڻا “Mix Sur” مختلف ڳالهيون ٻڌائڻ
ست سُري ٻڌائڻ: سڌي طرح ٻڌائڻ، ٺاهوڪي دَٻَ پٽڻ
تيرهن تالو هئڻ: نخريلو، چالاڪ هئڻ. (2)
هن وقت اسان جديد مواصلاتي دور، خاص ڪري اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا واري دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. سيڪنڊن جي تمام ننڍي حصي ۾ دنيا جي وڏي توڙي ننڍي خبر ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچي ٿي. ان دور ۾ سماج، مذهب، ٻولي، سياست ڪنهن کي به ميڊيا کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي. پنهنجي حيثيت ۾ اهو موضوع هڪ الڳ طرح سان لائق بحث آهي. فرض ڪريو ته موسيقيءَ کي هڪ ڏينهن لاءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا مان ڪڍي ڇڏجي، پر سوچ جا گهوڙا ڊوڙائڻ کان پوءِ اندازو ٿيندو ته ميڊيا ۾ خبرن جي شروعات به هڪ مخصوص ڌن Signature Tune سان ٿيندي آهي. انهيءَ جي سڃاڻپ لاءِ ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جي لاءِ ڪو ٻيو متبادل ئي ڪونهي. ڊرامن يا فلمي منظرن ۾ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ پس پرده موسيقي Background Music ۽ فلم جي مشهوريءَ لاءِ Item Song Advertisement ۽ مختلف اسمن لاءِ Theme Music رکي ويندي آهي. اهوئي سبب آهي جو London College of Music & Media ۾ ميوزڪ ۽ ميڊيا يعني ’موسيقي ۽ مواصلات‘ کي گڏوگڏ رکيو ويو آهي. نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور NCA جي ’ميوزيڪالاجي‘ شعبي جي سربراهه ثروت علي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي 80% سيڪڙو موسيقي جو ئي استعمال ٿيندو آهي.“ (3)
هتي هڪڙو سوال ذهن ۾ اهو ضرور اڀري ٿو ته جنهن وقت ماءُ پنهنجي ٻار کي لولي ڏيندي آهي ته ڇا هوءَ ان وقت شاعري ڪندي آهي؟ يعني لوليءَ جا ٻول Lyrics سرجيندي آهي؟ يا اها شاعري سندس ذهن ۾ اڳواٽ سرجيل هوندي آهي ۽ هوءَ ان وقت صرف ڌن ٺاهيندي، پنهنجي ٻارَ کي ٻڌائيندي ويندي آهي؟
جواب ملندو ته اها ٻيئي ڪم ڪندي آهي...! مطلب ته ٻولي ۽ موسيقي، جيڪي پاڻ ۾ گڏوگڏ جنم وٺن ٿيون ۽ اهي ٻيئي فطرت جي زبان آهن. ٻنهيءَ کي ڌار ڌار ڪرڻ سان Disconnection of Emotions ٿيندو ۽ بنا احساس ۽ جذبن جي، ٻيئي بي معنيٰ ٿي پونديون.
سنڌي ٻوليءَ جو موسيقيءَ سان ڳانڍاپو بلڪل ائين ئي آهي، جهڙيءَ طرح اعراب لڳڻ سان ڪو لفط يا اکر متحرڪ ٿي، درست پڙهڻ ۾ اچي ٿو، مثال:
سَڄڻ تُون مَ ڇَڏيج، آئون جيئان تُنهنجي آسري،
سَڀئي سَپاڙُون سُور جِيون هڪ لحظيٰ مَنجهه لٽيج
دوست نه دِل مَٽيج، ٻيو ملڪ مَٽيو ته به گهوريو. (شاهه) (4)
ٻولي، ثقافت ۽ موسيقي هڪ ٻئي سان سلهاڙيل رهندا آهن. معروف شاعر، اديب ۽ استاد، اياز گل جي نقطه نظر ۾ ته؛ ”اسان سنڌي، پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي مالڪي ڪريون ته اسان وڌيڪ ترقي ڪري سگهنداسين ۽ ڪامياب ٿي وينداسين“. (5) ساڳيءَ ريت اڄڪلهه سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ وقت به موسيقيءَ جو سهارو ورتو وڃي ٿو، جنهن ۾ لوڪ گيت ۽ قومي گيت وڄائي رقص ڪيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر محمودالحسن مغل ڪتاب ’سنڌي ٽاڪيز‘ ۾ فلمن جي موسيقيءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”سنڌي فلم ’مومل راڻو‘ جنهن وقت ڏاڏا شاهه پروڊيوس پئي ڪئي، تڏهن سڀني کان اڳ انهيءَ فلم جا گانا رڪارڊ ٿيا هئا، انهن گانن ۾ هڪڙي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مشهور وائي به هئي: آءُ راڻا رهه رات..! تنهنجي چانگي کي چندن چاريان“ جيڪا جيئن جو تيئن روايتي انداز ۾، ساڳي لوڪ ڌن ۾ موسيقار غلام نبي عبداللطيف، ميڊم نورجهان کان ڳارائي ۽ ان ۾ ان وقت جا جديد ترين ساز وڄت لاءِ ڪتب آندا ويا. (6)
شاهه لطيف جو اهو ڪلام فلم ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي ۽ اڃا تائين ايڏو ته مشهور آهي جو هر ننڍي وڏي، معروف، غير معروف فنڪار ان کي ڳايو آهي ۽ پنهنجي پنهنجي علم ۽ فن جي مطابق خوب پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها فلم منظرِ عام تي ڪونه آئي، نه ڪو ٺهڻ جي پڄاڻيءَ تائين پهچي سگهي. پر سنڌي سماج ۾ ريڊيو پاڪستان جي عروج کان وٺي هينئر ايف.ايم ريڊيو سماجي نشرياتي حصو ٿيڻ تائين ۽ وري انٽرنيٽ خاص ڪري سوشل ميڊيا جي عروج تائين مشهور آهي ۽ يقيناً مشهور رهندي.
سنڌي موسيقي توڙي فنڪارن ۽ موسيقارن سان اڄڪلهه غير پيشوراڻه رويا عام ٿي چڪا آهن. ڌنون ڪاپي ڪرڻ، يا ڌُن کي بگاڙڻ هتي هڪ الڳ بحث آهي، پر ڪنهن به ڪلام جو اصل نسل برقرار رکڻ لاءِ ان جي اصل تخليقڪار، موسيقار ۽ ان جي ڳائيندڙ جي ذڪر ڪرڻ کي به عيب سمجهيو وڃي ٿو. مثال طور، ڪوڪاڪولا مشروب ٺاهڻ واري معروف ڪمپني ڏکڻ ايشيا جي موسيقيءَ تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري پروگرام ڪري ٿي، پر ان ۾ Remix جي نالي سان لوڪ گيت، غزل، ڪافيون، وغيره ريمڪس ڪري، بگاڙي پيش ڪيا وڃن ٿا. انهن ۾ هڪڙو آئٽم استاد محمد جمن جو ڳايل ”يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي...“ (7)نشر ٿئي ٿو، جنهن کي موجوده دور جي هڪ فلمي نوجوان علي ظفر ڳايو آهي، پر هن انهيءَ مشهور ڪافيءَ جا ٻول به درست نموني ڪونه ياد ڪيا آهن. نه ئي انهيءَ شاندار ڌُن جي تخليقڪار استاد محمد جمن جو ڪو ذڪر به ڪيو آهي! ساڳئي وقت غلام فريد صابري ۽ مقبول احمد صابري قوال جن جي ڳايل مشهور قوالي: ”تاجدارِ حرم، هو نگاهِه ڪرم...(8) کي به هڪ نوجوان عاطف اسلم کان ڳارائيو ويو آهي، پر ان جي آخر ۾ Courtesy طور جملو لکيل اچي ٿو غلام فريد صابري ۽ مقبول احمد صابري قوال. ساڳي ريت شهنشاهه غزل مهدي حسن جو هڪ ناياب غزل: ”رنجش هي سهي دل هي دکاني ڪي ليئي آ...(9) کي هڪ مشهور صحافيءَ جي پٽ ’علي سيٺي‘ ڳايو آهي. جنهن جي آخر ۾ مهدي حسن جو فوٽو هلي ٿو، جنهن سان نوجوان نسل تائين اها ڄاڻ پهچي ٿي ته اهو ساڳيو غزل اڳ مهدي حسن جو ڳايل آهي. پر ستم ظريقي اها به آهي ته مٿي ذڪر ڪيل جڳ مشهور ڪافي ”يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي “ جي ڪنهن به حصي ۾ استاد محمد جمن جو ڪوبه ذڪر ناهي، نه وري سندس تصوير نه ڪا (Acknowledgement)ڏنل آهي. ٻئي طرف پي ٽي وي تي پيش ڪيل استاد منظور علي خان جو جڳ مشهور ڪلام، سرتاج الشعراءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سُر مارئيءَ مان وائي: ”پرچن شال پنهوار ڍولا مارو مون سان“.(10) عابده پروين سميت سنڌ جي مڙني فنڪارن استاد فدا حسين خان، استاد گلزار علي خان، استاد وحيد علي، استاد فتح علي خان، استاد ظفر علي خان، استاد محمد يوسف، استاد حميد علي سيوهاڻي، استاد رسول بخش ڀٽ، استاد شفيع محمد فقير، مٺو ميراثي، سينگار علي سليم، دين محمد دمساز، محمد عرس، محمد اڪرم، ذوالفقار علي، مظهر حسين، صنم مارئي ۽ راحت فتح علي خان ڳايو ۽ ڳائيندا پيا اچن. ورثه پروگرام جي ميزبان يوسف صلاح الدين ’صلي‘ جنهن نموني استاد منظور جو نالو ورتو، خانصاحب استاد منظور علي خان جي لاءِ وٽس ئي اهڙا خيالات ٿي سگھن ٿا!
’ڪوڪ اسٽوڊيو‘ سيريز جي مختلف قسطن ۾ شاهه لطيف جا ڪجهه سنڌي ڪلام پڻ نئين ساز آواز سان پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ ’آءُ راڻا رهه رات..! تنهنجي چانگي کي چندن چاريان‘؛ ۽ منڌ پيئندي مون...(11)وغيره. پر اسان جي پنهنجن ئي فنڪارن ان ڪلام جي سمجهاڻي، پسمنظر يا ڀٽائي صاحب جو تذڪرو ڪرڻ هرگز مناسب ناهي سمجهيو! ٻئي طرف انڊين ڪوڪ اسٽوڊيو جنهن کي MTV تان نشر ڪيو ويو، ان ۾ استاد سانوڻ فقير پنهنجي ڪلام ’ڏونگر ڏک نه ڏي، ادا ڙي...پنڌ پڇاڙي آهيان..‘ (12) جي ريڪارڊنگ سان گڏ، سسئي پنهونءَ جي پاڪ محبت جو ذڪر، لطيف سائين جي تناظر ۾ انهن جديد سازندن کيِ ٻڌائي ٿو ته جيئن هندستان ۾ رهندڙ نئون نسل به لوڪ ورثي کي سمجهي سگهي. ساڳئي اسٽوڊيو ۾ لوڪ گيت ’پيرين پوندي سانِ، چوندي سانِ..(13) هڪ سنڌي راڳيءَ کان ڳارايو ويو آهي، پر ان ڪلام جي وچ ۾ عورتن جي آواز ۾ ’ سنڌڙيءَ ۾، ڀنڀور ۾...‘ جي وراڻي غير ضروري طور ڪئي وئي!
ويجهي ماضيءَ ۾ شهرت ماڻيندڙ اڪثر سنڌي گيتن ۾ صرف رِڌم Rhythm، تال Beat تي زور ڏنل آهي، نوجوان ٻڌندڙ صرف ڌڪڙ ڌمچر يا وڄت ۾ محو ٿي رقص ڪندا رهيا، ڀلي اهو ڪلام ڏک جو هجي! مثال طور سرمد سنڌيءَ شيخ اياز جو ڪلام ڳايو:
ڪنڊيءَ نه سڱري_ ٻٻر نه پلڙو_ سائو نه سلڙو
چانگون نه ڇيلڙا_ مارو اڪيلڙا...
پنڊيءَ نه ڳڀڙو_ وهه وات ويلا_ منهڙا به ڀيلا
ڳوڙها ڳهيلڙا_ مارو اڪيلڙا... ‘ (14)
هن ڪلام ۾ ماروئڙن جي ڏکن مجبورين جو ذڪر آهي، پر ان جي تال تي ٻڌندڙ پيو تاڙيون وڄائي نچندو آهي!
سنڌي موسيقيءَ ۾ هڪ ٻيو الميو اهو به آهي ته ڪجهه اوپرا ڪلام به هروڀرو شاهه لطيف سان منسوب ڪري ڳايا ويا آهن! مثال طور موسيٰ حسين سمي جي ڳايل مشهور ڪلام:
اَلي... اَلي منهنجا مارُوئڙا، منهنجا سانگيئڙا،
منهنجا ڏوٿيئڙا_ مارُوئڙا، مِٺڙا مُنهنجا.

مارو آيا مون نه سڃاتا
گهايل دل کي گهائي ويا.

گيڙو رتڙيون گودڙيون
ڪالهه ڪلهن تي پائي ويا.(15)

اديون شاهه لطيف چئي! (غلط)
مٺڙا محب ملائي ويا
اڪثر ان کي ميڊيا تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائي ڄاڻايو ويندو آهي، پر ان جي ڪابه ثابتي نه آهي، نه ئي اهڙي وائي ڪنهن رسالي ۾ موجود آهي! درحقيقت ذاتي ڄاڻ موجب اهو ڪلام موسى حسين سمي جو هو، جنهن 80ع واري ڏهاڪي ۾پهريون ڀيرو ڀٽائي سرڪار جي عرس جي موقعي تي ڳايو هو، پر شايد حاضرين توڙي منتظمين کي خوش ڪرڻ لاءِ هن لطيف سائينءَ جو نالو غير ضروري طور استعمال ڪيو هو، پوءِ ڪافي عرصو اهو ڪلام ڀٽائي صاحب جو سمجهيو پئي ويو. اها وائي فوزيه سومرو، شازيه خشڪ ۽ ديبا سحر پڻ ڳائي آهي.
فنڪارن ڏانهن محفل ٻڌندڙن جو ورتاءُ ڪيئن هوندو آهي، اهي مسئلا فنڪار پاڻ ئي سمجهي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته هر محفل ۾ هر قسم جي مزاج رکندڙ ماڻهن جي موجودگي اڻٽر هوندي آهي. اپريل 2018ع دوران هڪ المناڪ واقعو ميديا تي رپورٽ ٿيو، لاڙڪاڻي طرف هڪ ڳوٺ ’ڪنگا‘ ۾ نوجوان ڳائڻي ثمينه سنڌؤَ جو ڪنهن شاديءَ جي محفل ۾ ڳائڻ دوران قتل ٿي ويو جو فرمائش ڪندڙ جوابدار جو اسرار هو ته هُوءَ (ثمينه سنڌو) اٿي بيهي ڳائي، ان وقت هن”الائي جي ڇا ۾ راضي آ، الائي جي ڪنهن سان راضي آ“ ڪلام ڳايو پئي(16) سوشل ميڊيا تي آيل ويڊيو ڪلپ مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته فنڪاره ثمينه سنڌو ڳائڻ دوران جيئن ئي اٿي بيٺي ته نشي ۾ ڌت هڪ جوابدار هوائي فائرنگ جي بهاني کيس قتل ڪري ڇڏيو. ان واقعي خلاف سڄيءَ سنڌ جي فنڪارن گڏجي احتجاج به ڪيو ۽ ميڊيا اُن ڳالهه کي کنيو ته ثمينه سنڌؤَ جي مالڪي ٿي ۽ جوابدار گرفتار ٿيو. هن قسم جا واقعا پشتو فنڪارن سان به رپورٽ ٿيا آهن. اِن ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌي سماج ۾ ڪنهن حد تائين راڳ ٻڌڻ لاءِ غير معياري محفلون ڪرائڻ جو رواج اڳي کان ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو پهريان شادي وغيره جي موقعن تي ذاتي اوطاقن يا ڪنهن اسڪول وغيره جي چوديواريءَ اندر اهڙيون محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون، جنهن ۾ ايڪو سائونڊ وغيره جو استعمال به لازمي نه سمجھيو ويندو هو، پر هاڻي وڏي اهتمام سان شادي هال يا کليل ميدان مقرر ڪري، ڪٿي ڪٿي ته وري مصروف روڊن وغيره تي رستا بند ڪري اهڙيون محفلون منعقد ڪيون پيون وڃن، جنهن ۾ ايڪو سائونڊ، ويڊيو گرافي، شراب نوشي ۽ خصوصاً هوائي فائرنگ ته ڄڻ ضروري عمل سمجھيو ٿو وڃي. پرائين هرگز نه هجڻ گهرجي ته دعوت ڏيئي گهرايل فنڪار يا فنڪاره کي هڪ راڳي، ڪلاڪار نه بلڪه منتظمين يا مهمانن جو زرخريد غلام سمجهيو وڃي ۽ مٿس ڪجهه نوٽ نڇاور ڪندي فضول فرمائشون ڪيون وڃن! اڄڪلهه جي ٿيندڙ محفلِ موسيقيءَ دوران اڄڪلهه فنڪارن سان سيلفي تصوير ٺاهڻ ۾ مشغول حاضرين اهو نه سوچيندا آهن ته ڳائڻ واري جو گائڪيءَ تان ڌيان هٽي سگهي ٿو، ان جو مائيڪرو فون ڪِري سگھي ٿو يا مداخلت سبب وڊيو رڪارڊنگ خراب ٿيندي، ٻين ڏسڻ ٻڌڻ وارن کي پڻ بيزاري ٿيندي. ميوزڪ ٽيڪنڪ Music Technique ۽ جمالياتي موسيقي جي حوالي سان ڳائيندڙ بي تالو ٿي سگهي ٿو، بي سرو ٿي سگهي ٿو وغيره وغيره.
فن جي مڃتا ۽ عزت افزائي لاءِ ڪهڙا معيار هجڻ گهرجن، اهو هاڻي ماضيءَ جو قصو ٿو لڳي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي تي هر سال ڪنهن به هڪ راڳي يا سازندي کي پڻ ’شاهه لطيف ايوارڊ‘ ڏنو ويندو آهي، پر صدارتي ايوارڊن ۾ هاڻي سنڌي فنڪار نظرانداز ٿين ٿا. سنڌ ۾ بلاول بيلجيم کان پوءِ بينجو نواز، ساز سنگت ۽ (Solo Performance) ۾ غلام محمد عرف ’غلامو‘ تمام مانائتو نالو ڪڍيو. ڇاڪاڻ ته هو هر رنگ جو (Versatile) سازيندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال بينجو جهڙي ساز ۽ سنڌي موسيقيءَ کي ڏنا، استاد غلامو کي شاهه لطيف ايوارڊ 2008ع ۾ مليو. پر کيس تمغه حسن ڪارڪردگيءَ لائق نه سمجهيو ويو.اهڙا ٻيا به ڪيترا نرالا سنڌي فنڪار آهن، جيڪي اوارڊن جا مستحق آهن.
هن مقالي ۾ اسين موسيقيءَ جي شعبي ۾ پيشواراڻي روين (professionalism) جي ڳالهه ٿا ڪريون. گواليار گهراڻي جي نامور موسيقار استاد نياز حسين جي فرزند، موسيقار نذر حسين هڪ انٽرويو ۾ ڏک جو اظهار ڪيو ته: ”مرحوم امانت گل موسيقار 15 ڏينهن جي لڳاتار محنت سان عابده پروين کي 10 کن نوان ڪلام/ائٽم ڪمپوز ڪري ياد ڪرايا/سيکاريا، جيڪي اسلام آباد ۾ رٿيل هڪ خاص پروگرام جي لاءِ امانت گل خان کان تيار ڪرايا ويا هئا. تقريب جي ميزبان جي سوال ڪيو ته اهڙي بهترين ڪمپوزيشن اوهان ڪيئن ڪئي آهي؟ جنهن تي عابده پروين استاد امانت جو نالو به ڪونه ورتو، پر صرف ائين وراڻيو ته ”يه سب اوپر والي کي دَين هي، ميرا مولا سائين بس نظر ڪرم ڪرتا هئي...! (17) جيتوڻيڪ امانت گل هڪ فقير صفت، يگانو موسيقار هو، کيس شهرت جي بک به نه هئي، بنا معاوضي پڻ ڪيترن فنڪارن کي ڪمپوزيشن ڪري ڏيندو هو، پر فنڪارن کي جڳائي ٿو ته ڪمپوزرن جو قدر ڪن.
سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪلام مشهور ٿيا، جن کي انهن ئي موسيقارن پاڻ به ڳايو، جيڪي ان جا حقيقي تخليقڪار آهن. پَرَ وڏو هاڃو انهن موسيقارن سان ٿئي ٿو، جيڪي صرف ۽ صرف موسيقار طور تي ئي ڪم ڪن ٿا. جيئن غلام نبي عبداللطيف، فيروز گل، غلام علي، نياز حسين، ظفر علي، امانت گل، ميان نذر حسين ، سينگار علي سليم، گلزار علي خان، فيروز دين، محمد حسن وغيره، پر موجوده موسيقيءَ واري ڪئنواس تي انهن جي ڪا تصوير ئي ناهي، ميڊيا تي انهن جو نالو به نه ٿو اچي.
مثال طور: مشهور پاپ فنڪار سجاد عليءَ ’دامن لڳيان وي موليٰ مين تو تيري آن، ۽ دما دم يا علي حيدر، (18)ڳائي شهرت ماڻي ٿو، پر هن ڪڏهن ۽ ڪٿي به انهن ڌمالن ۽ قصيدن جي ڌُن جي تخليقڪار سينگار علي سليم مرحوم جو نالو به ناهي کنيو يا اها تخليق شاعري ۽ طرز مشهور پلي بيڪ گلوڪاره ميڊم نورجهان: طلوع سحر هي شام قلندر (19) ڳايو پر، ڪٿي به سينگار علي سليم جو نالو نه کنيو.
جيجي زرينه بلوچ جو نالو اڪثر لوڪ گيت، سهرا، لاڏا ڳائڻ جي حوالي سان مشهور آهي. ڇو جو ريڊيو پاڪستان تي آرٽسٽ جي حيثيت سان ته انهن ئي صنفن تي آرٽسٽ ڳائي سگهندو هو ۽ سگھندو آهي، جڏهن ته زرينه بلوچ جي ٻي خاص سڃاڻپ قومي گيت به هئي، قومي گيت ڳائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ڪنهن به عورت ڳائڻيءَ کي اهو اعزاز حاصل ڪونهي. عام محفلن، توڙي قومي ڪاڄن ۽ يونيورسٽيءَ جي فنڪشنن ۾ جيجيءَ جا ڳايل: جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جامِ محبت پيئي سنڌ (20) سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار.“(21) ٻڌي نوجوان اهڙو ته جوش ۾ اچي ويندا هئا جو اسٽيج تي اچي رقص ڪرڻ لڳندا هئا. انهيءَ دوران ڪڏهن ڪڏهن هوائي فائرنگ ڪري پنهنجي آزاديءَ جو احساس ڏياريندا هئا. ڪي جوش مان پئسا گهور به ڪندا هئا. جڏهن ته زرينه بلوچ ڪڏهن به اسٽيج يا فنڪشن مان گهور نه وٺندي هئي، اهوئي سبب هو جو جيجيءَ جي هڪڙي اِشاري سان حاضرين قابو ۾ اچي ويندا هئا. ان جو هڪ ٻيو وڏو سبب اهو به آهي ته بنيادي طور تي زرينه بلوچ هڪ تعليمي ماهر هئي، جنهن ڪري هن جي مزاج ۾ ضابطه اخلاق هو.
ماڊرن ميڊيا، جنهن هينئر ته Item Song تي وڃي دنگ ڪيو آهي، هڪ ڏهاڪو اڳ واري پروگرامن ۾ ڏسون ته معروف ڳائڻي شازيه خشڪ اسٽيج تي عوام کي جهومائڻ لاءِ پاڻ سان رِڌم Rhythm، تال Beat تي تاڙيون وڄرائڻ لاءِ اسٽيج تي نچندي ڳائيندي، عوام کي زور ڀري پنهنجي پرفارمنس ۾ شامل ڪندي نظر اچي ٿي. انهيءَ سلسلي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ باقاعده طئي ڪري سازيندا ۽ رقص ڪرڻ وارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پاڻ سان گڏ وٺي ويندي آهي، سندس مشهور گيت: حَسينا پوپري آ... ، داني پي دانا، داننا ۽ لال ميري پت رکيو.. وغيره شامل آهن. پر ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اهڙا ڪيترائي فنڪار براهه راست (Live) ڳائڻ بجاءِ، يو.ايس.بي يا سي.ڊي هلائي، ان تي چَپ چوريندا (lip sing) ڪندا آهن، ڏيکاءُ جا سيکڙاٽ سازيندا ۽ ناچو نچائي، زوريءَ داد وصول ڪندا آهن. فنڪشن ختم ٿيڻ کانپوءِ اڪثر ان جي باري ۾ مختلف ماڻهن جا پنهنجا پنهنجا رايا هوندا آهن. اهڙي طرح گذريل ڪجهه سالن کان ٻهراڙين جي ڪاڄن ۾ توڙي شهري پروگرامن ۾ هڪڙو بازاري ڪلام: ”عاشق مجبور آ، ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي“ (22)ٻڌندڙ وڌيڪ نشي، جوش، مستيءَ ۾ اچي ويندا آهن ته ڳائيڻي يا ڳائڻيءَ کي فرمائش ڪندا آهن ته منهنجي دوست، يار يا پياري جو ڳائڻ مهل نالو کڻجانءِ، مثال طور: ”ناصر مجبور آ ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي“.
ساجد مجبور آ، زاهد مجبور آ... وغيره وغيره!
ان سان صرف هڪٻئي سان تفريح وارو ماحول مچي ٿو ۽ جنهن جو به نالو فنڪار کڻي ٿو ته هو خوشيءَ مان وڌيڪ گهور ڏيندو آهي، جنهن تي سازندا به زور وٺي ماحول مچائيندا آهن ۽ گهور مان حصو حاصل ڪندا آهن. پرسنجيده موسيقيءَ جي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي هوندي!
سنڌ جا معروف ڀلوڙ سنڌي ڪلاسيڪل راڳي استاد مٺو ڪڇي ۽ استاد هاشم ڪڇي سان فرمائش جو ذڪر ڪندي استاد مٺو ڪڇيءَ جي پوٽي خدا بخش ڪڇيءَ ٻڌايو ته: ”سڄي رات ڳائڻ ٿيندو رهيو، ٻانگ به ٿي وئي، صبح جا ست اچي ٿيا. ڪاڄ ڌڻي استاد مٺو ڪڇي کي چيو ته ’استاد ڀيروي ٻڌاءِ....‘ تنهن تي استاد مٺو ڪڇي وراڻيو ته ’سائين ڀيروي ئي ته ڳائيان پيو !‘ جنهن تي فرمائش ڪندڙ خوش ٿي چيو ’استاد پوءِ ته واهه واهه! واهه واهه!‘ (23) ان مان ٻڌڻ واري جي سنجيدگي ۽ سمجھه جو اندازو ڪري سگهي ٿو.
مشهور فنڪار علڻ فقير مرحوم، محفلن ۾ هڪڙو مشهور ڪلام پيش ڪندو هو: ”اسان ستا سي، ننڊ نشي وچ، آڪر ڪنهن جگايا، مست بڻائيا“.(24) علڻ فقير جو ڏيک، انداز ۽ لباس سڀن کان منفرد هو ، هٿ ۾ دنبورو ، خاص اجرڪ جو پٽڪو، مٿي تي ڪڙڪ ۽ اڀريل تُرو، ديسي سنڌي ساز ، جو آڱرين جي اشاري تي ٻڌندڙ محو ٿي سگهن ۽ خاص ڳالهه ته سر ۽ لئي جو ڌيان.
اها ڳالهه به سؤ سيڪڙو صحيح آهي ته ميڊيا جو وهنوار اشتهارن جي آمدني سان ئي هلي ٿو، عام طور تي هاڻي پروگرام جي دوران ئي ان جو تسلسل ٽوڙيندي وقفي ۾ ڪو اشتهار اچي ٿو وڃي. جنهن موضوع تي پروگرام هليو پئي، ان وقفي سبب ٻڌندڙن جو سڄو ڌيان هٽي ويو. ان صورتحال ۾ ڳالهائيندڙ شخصيت، ٻڌندڙ عام ۽ خاص، توڙي ميزبان کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. اُئين ئي خبرن، ڊرامن، تفريح مڙني پروگرامن ۾ ساڳيو لقاءُ رهي ٿو. پر سڀني کان وڌيڪ بدمزگي موسيقيءَ جي پروگرام ۾ محسوس ٿيندي. مثال سرتاج الشعراءُ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائي ڳائيندي ’وينديس يار مري، تان مري اڙي مٺڙا، تنهنجي درد فراق ۾“ (25) ۾ آخري نالي واري مصرع تي پهتل آهي. ۽ اڌ سٽ اڃا پئي اٿس ته، ”اديون شاهه لطيف چئي، ڀٽ جو گهوٽ لطيف چئي، مرشد لعل لطيف چئي“.
۽ وچ ۾ اتي وقفو: پرل ڊسٽ چانهه جو مزو... ٽپال ميزبان لاجواب ! وغيره، وري ساهي ختم ٿي وئي، ڪلام جا باقي ٻول: ميلو ٿيندو وري، تان وري، اڙي مٺڙا...تنهنجي درد فراق ۾ الا....!
ان صورتحال ۾ موسيقي سان پيار ڪندڙ ۽ ان کان وڌيڪ موسيقيءَ کي سمجهندڙن کي دلي، ذهني ۽ روحاني تڪليف ٿئي ٿي.
هاڻي ذڪر ڪجي ٿو ڌُن جي نقل بازيءَ جو. هونئن ته سوين مثال ڏيئي سگهجن ٿا، پر هتي استاد نصرت فتح علي خان جي هڪ جڳ مشهور ڳايل قوالي جي ڌن تي مختصر بحث پيس ڪجي ٿو:
دم مست قلندر، مست مست
اِڪو وِرد هي، دَم دَم علي علي
سخي لعل قلندر مست مست
جهولي لعل قلندر مست مست (26)
حقيقت ۾ اها ڌمال آهي ۽ انهيءَ تي شروعاتي آستائي مهل تاڙين جي تال ۽ ڌمال شروع ٿي ويندي آهي. جيڪو 8 Beat, 4 Beat ۾ تسلسل سان (ڪِهَرو تال) يا سنڌي ڪلواڙي جي تمام ويجهو ٿي ڪري وڄي ٿو. ٻي صورت ۾ رقص لاءِ آڇ ڪندڙ تيز ڪلواڙو ڌمال جي رنگ سان (Two Beat) = Western Rhythm ۾ تمام گهڻو عوام کي جهومائي ٿو.
خاص ڪري قوالي جي هڪڙي اصطلاح ”گِرهه“
آکي جا ملنگا! تون علي علي علي،
آکي جا ملنگا............
انهيءَ ساڳي ڌُن تي ڀارت ۾ فلم ”مهره“.۾ هيروئن، هيرو تي فلمايو ويو.
”تو چيز بڙي هي مست مست“.
مين چيز بڙي هون مست مست
جادو ايسا ڪر ڊالا نه هوش کسي ني سنڀالا
نهين تيرا ڪوئي دوش دوش
تيرا حُسن هي زبردست دست
تيرا جس سي پڙگيا پالا اچهي ڪو غلط ڪر ڊالا
نهين تجهه ڪو ڪوئي هوش هوش
اس پر جوڀن ڪا دوش دوش
مدهوش هي تو هر وقت وقت
ڪليون جيسا حسن جو پايا
هر ادا مين نور هي آيا
سات مري اور ستر گهايل
بليم دون رَبا، ڪيون ايسا بنايا.
ڪجهه سال اڳ وري سنڌ ٽي.وي نيٽ ورڪ تان سنڌيءَ ۾ انهيءَ ساڳي ڌن کي پيش ڪيو ويو. هر بيت لطيف جو حق سچ(27)
ان جي شروعات هن ريت آهي:
الله هو الله هو
جي تو بيت ڀانيان سي آيتون آهن
نيو من لائين پريان سندي پار جي.

جيئي لطيف شاهه لطيف
سرگم
R g s s m m p m
P n s p n g
g m p g m p
s g R s n s g m p
g R s , g R s, g R s
حق سچ حق سچ
جيئي لطيف شاهه لطيف
حق سچ حق سچ حق لطيف.
هر بيت لطيف جو حق سچ
هر شعر لطيف جو حق سچ

هر سُر ۾ سمايل رنگ عجب
شاهه جي هر هڪ ٻول مان
شاهه جي هر هڪ لفظ مان
آوازاُٿي ٿو حق حق

شاعر جڳ ۾ لکين ڪروڙين
شاهه لطيف جي ڳالهه نياري
آسا، سورٺ راڻو ڪوهياري
سُر سامونڊي ليلا کاهوڙي

ڪيڏاري جي هر هڪ بيت مان
ڪيڏاري جي هر هڪ لفظ مان
ڪا لاٽ ٻري ٿي مچ مچ

مست ملنگو چئو علي علي آ
مست ملنگ ٿي تون به هلي آ
جي جي لطيف
حق سچ
سرگم
R g R
مومل راڻي، ڪوهياري سان
سهڻي، سورٺ ڪلياڻ
ان جا سڀئي درد سهن ٿا
معذوري جي هر هڪ بيت مان
معذوري جي هر هڪ لفظ مان
سچ لاٽ ٿي جاڳي سچ سچ
سرگم
S R m p D g D g D g
M p D n S
S R g S R g R g m , S n S D n
ان جا ٻول به اوهان جي سامهون آهن! استاد نصرت فتح علي خان جي اِها ڌن هر زبان جي ٻُڌندڙ تائين وڌيڪ آسانيءَ سان پهچي وئي.
ان آئٽم جا اصلي ٽڪرا ختم ڪري هٿرادو Dummy piece شامل ڪيا ويا. ان جي ويڊيو پرفارمنس به سمجهه کان ٻاهر آهي.
ان قواليءَ جي سڀ کان معتبر ڳالهه اها آهي ته ان ۾ مغربي سازن Western Instrument جي ميلاپ سان هن کي دنيا جو مشهور ترين آئيٽم ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي، پر ان جي ڪاپي ڪرڻ سان اُن آئيٽم تي ڪوبه اثر پوندو نظر نه ٿو اچي. بلڪه ان جي ڪاپي ڪري ڳائڻ سان استاد نصرت فتح علي خان جي موسيقي ڌن، Idea ۾ واڌارو ٿيو جنهن کي موسيقي جي زبان ۾ برڪت چئجي ٿو.
اردوءَ ۾ چوندا آهن ته’ڇوٽا موُن اور بڙي بات‘... جيڪڏهن ان ڌن جا پيرا کڻون ٿا ته خانصاحب نصرت فتح علي به ڪنهن گيت مان متاثر لڳي ٿو! جيڪو 1956 جي هڪ هندستاني فلم’ڀائي ڀائي‘ جو گيت آهي، ان جا شروعاتي ٻول ۽ ڌن اوهان يوٽيوب تي ٻڌي سگهو ٿا: لتا منگيشڪر جو ڳايل گيت آهي: ’اس دنيا ۾ سب چور چور، ڪوئي پئسا چور، ڪوئي دل ڪا چور...!‘ (28)

حوالا

1. جيٽلي، مرلي ڌر، سنڌي پهاڪا، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2004ع )ص 130 )
2. جيٽلي، مرلي ڌر، سنڌي پهاڪا، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2004ع (ص 152)
3. ثروت علي، روبرو انٽرويو، سربراهه ميزيڪالاجي شعبو، NCA لاهور. اپريل 2017
4. شيخ، ٻانهون خان، ”شاهه جو رسالو“ جلد ٻيو ”شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي 2012ع.
5. اياز گل، روبرو انٽرويو، حيدرآباد 21 فيبروري 2018ع
6. مغل، محمودالحسن، سنڌي ٽاڪيز ، اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ، ڪراچي 2014ع (ص: 19)
7. https://www.youtube.com/watch?v=SIMb5iPyzHA
8. https://www.youtube.com/watch?v=a18py61_F_w
9. https://www.youtube.com/watch?v=pba_YmWDAIU
10. https://www.youtube.com/watch?v=ZtzepVR41OU
11. https://www.youtube.com/watch?v=srM3sc7XvcQ
12. https://www.youtube.com/watch?v=WWfwBgwq8lc
13. https://www.youtube.com/watch?v=fCP8uv9v0yI
14. https://www.youtube.com/watch?v=RnpbBND9THY
15. موسيٰ حسين سمون، ڪلام: الي منهنجا ماروئڙا، جي ايف ڪيسٽ ڪمپني، ڪراچي
16. https://www.youtube.com/watch?v=b_97Atj4NLY
17. موسيقار ميان نذر حسين، انٽرويو،14 مئي 2017ع، حيدرآباد
18. سينگار علي سليم، قلندري ڌمال، وي آءِ پي ڪيسٽ ڪمپني، حيدرآباد
19. https://www.youtube.com/watch?v=e0nAol9njAw
20. https://www.youtube.com/watch?v=QdFmXh0qJHE
21. https://www.youtube.com/watch?v=UR21Qfjq9zA مرزا، نصير: ڪئٽلاگ، دوستي پبليڪيشن، حيدرآباد، سال 2014ع (ص 13)
22. https://www.youtube.com/watch?v=M9k8mjmjiXc
23. خدا بخش ڪڇي، روبرو انٽرويو، حيدرآباد 20 جنوري 2014
24. https://www.youtube.com/watch?v=4sgyVyioG1s
25. https://www.youtube.com/watch?v=Zv_Jbk5FkCE
26. https://www.youtube.com/watch?v=v38w5djsbXM
27. https://www.youtube.com/watch?v=ycXmT00S8Y4
28. https://www.youtube.com/watch?v=KL6L9ki5dgg
865 ڀيرا پڙهيو ويو