سوانحي ادب مان سنڌي عورتن جي چونڊ آتم ڪٿائن جو اڀياس
(The Contribution of Sindhi Female Writers in Autobiographic Literature: A Study)

ڊاڪٽر ريحانه نظير
Abstract:

Autobiographies and biographies have, always been, extremely important ingredients of Sindhi literature. Traditionally, male Sindhi authors have dominated this field, since women writers often find it hard to discuss their lives openly, especially their romantic or sexual experiences, for fear of being vilified by the society and their families. Hence, autobiographies and biographies of women in Sindhi literature remain few and far between. This article attempts to analyze those few autobiographies and biographies to look into their vivid portrayal of sociopolitical climate of their times. This article, particularly, focuses on Popti Hiranandani's "Muhinji Zindagi Ja Sona Rupa Warq" (Golden & Silvery Leaves of My Life), Rita Shahani's "Bipahri Ja Ba Pal" (Couple of Moments of Noon), Shams Abassi's "Galhyun Payt Waran Mai" (Few Suppressed Thoughts), Akhtar Baloch's "Qadeyani's Ji Diary" (A Female Prisoner's Diary), and Fatima Sheikh's "Shekhiyani Ji Dairy" (Sheikhiyani’s Diary) among others.
سوانح لفظ ”سانحـه“ جو جمع آهي جنهن جي معنيٰ واقعو يا حادثو آهي ۽ سوانح عمريءَ جو مطلب، ڪنهن شخص جي زندگي جو حال احوال آهي ۽ سوانح نگار واقعه نويس يا حال احوال لکندڙ هوندو آهي. سوانحه عمريءَ ۾ آتم ڪٿا، روزنامچه ڊائري وغيره ۽ ڪنهن شخصيت بابت خاڪا لکڻ اچي وڃن ٿا، بقول جارج برناڊشا جي تـه:
THE MAN WHO WRITES ABOUT HIMSELF AND HIS OWN TIME IS THE ONLY MAN WHO WRITES ABOUT ALL PEOPLE AND ALL TIMES. George Bernard shaw P9(
سوانحي ادب جيڪو اڳوڻي زماني کان موجود آهي، انهن ۾ اوائلي يوناني ادب ۾ پلو ٽارڪ جون سوانحي لکڻيون مشهور آهن. فردوسي پنهنجي شاهنامي ۾ ايران جي اڳوڻن بادشاهن جا احوال ڏنا آهن. مها ڀارت ۽ رامائڻ قديم سنسڪرت جي ادب ۾، سوانح نگاريءَ جا شاهڪار آهن .انسائيڪلوپيڊيا برٽينڪا ۾ جيڪا وصف ڏنل آهي اها هن ريت آهي تـه ”آتم ڪهاڻي جو سوانح نگاريءَ سان گهرو تعلق آهي اها ڪنهن فرد يا شخص جي حياتيءَ جي واقعن تي ٻڌل هوندي آهي جيڪا هو پاڻ لکي ٿو، ان ڪري اها مڪمل نـه هوندي آهي.“
سنڌي ادب ۾ به ڪيتريون ئي آتم ڪهاڻيون ۽ سوانح عمريون لکيون ويون آهن، جيڪي وقت جي مشهورعالمن، اديبن ۽ سياستدانن جي شخصي آزمودن ۽ زندگي جي تلخ واقعن ۽ حالتن جي حقيقي تصوير پيش ڪن ٿيون. سنڌي ادب ۾ آتم ڪهاڻيون رڳو مرد ليکڪن ڪو نـه لکيون آهن، پر ڪيترين عورتن پڻ هن فن ۾ طبع آزمائي ڪري پاڻ موکيو آهي، جن جو مختصر احوال سندن لکڻين جي حوالي سان هيٺ پيش ڪجي ٿو.
جيتامڙي جي ڊائري :
هيءَ ڊائري، ڊاڪٽر سرلا ديويءَ جي لکيل آهي. ڊاڪٽر سرلا 1938 ۾ ميونسپل زناني اسپتال رتيديري جي چارج ورتي، هن جي شادي زميندار گهراڻي مان ٿي پر سندس مڙس کي دنيا جي دولت جو ڪوبـه حرص نـه هو، مايا جي موهه کان پري روحاني رمزن جو ڳولائو هو، جنهن ۾ سندس وني سندس پورو ساٿ نڀايو. ايستائين جو عورت جي سڀ کان وڏي مرتبي ماءُ بنجڻ واري خواهش تان دستبردار ٿي ويئي، هن پنهنجي هستي مٽائي پاڻ کي جيتامڙي يعني ڌرتيءَ جو بنهه ننڍڙو جيو سمجهي، سام جي سنگ سفر تي رواني ٿي. هيءَ ڊائري جيڪا ڊاڪٽر سرلا جي صوفي سنت مڙس امرت جئسنگهاڻي جي ٻڌايل قولن ۽ نصيحتن جو اهو پيش بها خزانو آهي، جيڪو زندگي جي ڪيترين پوشيده رازن جو پردو فاش ڪندي نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر سرلا پنهنجي سواميءَ کي ’سام‘ جي نالي سان ڊائريءَ ۾ مخاطب ٿي سوال ڪندي نظراچي ٿي ۽ سام انهن جا جواب ٻڌائي ٿو، تڏهن اهي پنهنجي سادي سلوڻي انداز سان قلمبند ڪري ٿي. سام جا لفظ ۽ ٻڌايل قول کري سون مان ٺهيل انهن مورتين جيان سچا آهن، جيڪي مندر جي سونهن کي سانڀيان بنائينديون آهن سچ چيو اٿن ”تـه سڪ وارن کي سيد چوي ڪونـه جهليندو جهنگ“ ان ئي سڪ هن کي سام سان جوڙي رکيو، جنهن جي سرهاڻ سان واسجي، هن پنهنجي آتما کي امرڪري، پويترتا جي انهيءَ مڪان تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي سندس پرماتما آهي. هن ڊائريءَ ۾ سام، دنيا جي حسن، حرص، مايا، لوڀ ۽ لالچ جا ڪارڻ نتيجا اهڙي تـه پُر اثر ۽ مٺڙي انداز سان بيان ڪيا آهن جو پڙهندڙ ڪنهن ٻي دنيا جي تصور گم ٿي وڃي ٿو. مثال: هو چوي ٿو تـه ” قناعت فقيري جو هڪ مول متو آهي. ڪابـه آدرشي زندگي قناعت کانسواءِ برپا ٿي نـه سگهندي، جي گهڻي پئسي خرچڻ سان آشرم اڏي بـه سگهياسين تـه اهي ڪارگر نـه ٿيندا ۽ جٽاءُ نـه ڪندا.“ (سرلا؛ 1982ص 1 )
هڪ ٻي جاءِ تي چوي ٿو تـه ”محنت انسان جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهي ۽ جي ساڻس محبت ملايو تـه ڪابـه منزل دور نـه آهي.“ (سرلا؛1982 ص 10)
”ڪرم ۽ گيان جو انت پريم آهي.“ ڊاڪٽر جهامنداس ڀاٽيـه هن ڪتاب جي ديباچـه ۾ لکي ٿو تـه ” جيتامڙي جي ڊائري گس ئي نئون ٿي وٺي. خيال ائين ٿو اچي تـه سوامي رام ڪرشن پرم هنس جا ست سنگي، پنهنجي گرؤَ کي پنهنجي روحاني مشڪلاتن جو حل وٺڻ ايندا هئا اهي وارتائون هڪڙي پريمي ڪتابي صورت ۾ عوام اڳيان پيش ڪيون هيون، هي وارتائون بـ ڪجهه انهيءَ نموني جون آهن .“ (سرلا 1982)
ٻپهريءَ جا ٻـه پل :
هيءَ آتم ڪٿا، نامياري ليکا ريٽا شهاڻيءَ جي لکيل آهي، جنهن جو پهريون ڀاڱو” گهنڊ ڄاڻ وڳو“ ۽ ٻيو ڀاڱو” ٻپهري جا ٻـه پل “آهي . پهرئين ڀاڱي ۾ ريٽا، ڪلپنا جي دنيا جوڙي، پريءَ جي ڪردار ۾ ماضي جي جهروڪن ۾ پنهنجي زندگي اندر ليئا پائي پنهنجي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان ڪجهه واقعا ياد ڪري لکيا آهن، جنهن ۾ سندس قلم جي بيڊپائي ۽ بي باقي سچائيءَ سان ڀرپورنظر اچي ٿي ۽ آتم ڪٿا جي ٻئي ڀاڱي ۾ هوءَ زندگي جو بند پيل خانو کولي ننڍين ننڍين يادن جي چٽن تي لکيل واقعن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حياتيءَ جا ڪجهه ورق کولي، پنهنجن شخصي توڙي سماجي حالتن جو جائزو وٺي ٿي. گڏو گڏ ٻئي ڀاڱي ’ڪلا کيتر‘ ۾ پنهنجي جڙڻ ۽ ڪاميابين جي حاصلات جو پڻ بيان ڪري ٿي ۽ آخر ۾ ڪيترن ملڪن جا سير انهن جو احوال پڻ مختصر بيان ڪري ٿي. پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جي شروعات هن ڪجهه سوالن سان ڪئي آهي، مثلاَ آتم ڪهاڻي ڇو لکي وڃي ٿي؟ ان جو مقصد ڇا ٿيندو آهي؟ ان کي لکڻ جو ڪنهن کي حق آهي؟ ڇا آتم ڪهاڻيون صرف مهان انسانن جي دائري ۾ اچن ٿيون؟ ڇا اهي عام رواجي ماڻهو نٿو لکي سگهي؟ جنهن جو جواب ستيش روهڙا سندس ئي ڪتاب ۾ هن ريت ڏنو آهي تـه: ” آتم ڪٿا مهان انسان نـ، پر همت وارا انسان لکندا آهن .“ (ستيش روهڙا؛ 2004 ص10 )
هيءَ آتم ڪٿا دلچسپ هئڻ سان گڏ تاريخي ۽ سماجي شعور پڻ رکي ٿي، ڳالهه ٻڌائڻ جو انداز به سهڻو ۽ سڀاويڪ آهي، هري دلگير جي لفظن ۾ تـه ” هيءَ ڪا عام آتم ڪٿا نـه آهي، منجهس ڪهاڻي ٻڌائڻ جو هڪ بلڪل نئو طريقو اپنايو ويو آهي جو دلپزير بـه آهي ۽ شاعراڻو بـه لڳي ٿو. (هري دلگير ص15)
هن آتم ڪٿا جي شروعات ريٽا، ننڍپڻ جي واقعن سان ڪئي آهي، جڏهن هوءَ ستن اٺن سالن جي مس هئي. پنهنجي ٻاروتڻ جي حيدرآباد جو ذڪر ڪندي هوءَ لکي ٿي تـه ” مان بنا پيرن پنڌ ڪندي حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي چڙهڻ لڳي آهيان. پِگٽ اسڪول وٽ پهچي کاٻي پاسي مڙان ٿي ۽ اسڪول روڊ جي ان ڇيڙي وٽ پهتي آهيان جنهن جي ساڄي پاسي وارو رستو ڪئپيٽل (الائيٽ) سئنيما وٽ پهچي ٿو جنهن جي پٺيان نولراءِ مارڪيٽ جو گهڙيال آهي ڏائي پاسي کان هڪ گهٽي آهي جيڪا ان مين رستي کي برهمو مندر ۽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج واري رستي سان گڏي ٿي.“ (ريٽا شهاڻي؛2004 ص47)
ڪيڏي نـه سچائيءَ سان پنهنجي سنڌ جي ماضيءَ جا اهي وساريل ورق کوليا اٿس. لکي ٿي تـه حيدرآباد جي هيرآباد کي سنڌ جو هاليوڊ ڪري ليکيو ويندو هو، ڇوڪرين جي فيشن جي شروعات اتان ئي ٿيندي هئي. چاهي اها ڪٽ هجي يا ساڙهي پهرڻ جو طريقو هجي هر شام جو هيرآباد کان تلڪ چاڙهي تائين فئشنئيبل ڇوڪرين جو ٽوليون لنگهنديون هيون.“ (ريٽا شهاڻي؛2004 ص 58)
ورهاڱي جي درد مان هوءَ ان لاءِ ڪونـه گذري جو هؤَ اڳ ۾ پيءُ جي بيماريءَ سبب لکنوءَ ۾ وڃي رهي هئي. هن جي وهم گمان ۾ بـه اهو ڪونـه هو تـه هوء ڪا آخري دفعو پنهنجي سنڌ کي ڏسي پئي. ريٽا شهاڻي مشهورسنڌي اديب منگهارام ملڪاڻيءَ جي ڀائيٽي هئي. ريٽا، ان زندگيءَ جي شروعات پيءُ جي بيماريءَ سبب ڏاڍي تلخ روين ۽ ڪٺن تجربن سان ڪئي، جنهن جو ذڪر هوءَ هري دلگير جي هن شعر سان ڪري ٿي تـه:
فصل سڪندو رهيو کيت جلندو رهيو،
خشڪ باَدلُ مٿان صرف ڏسندو رهيو.
پنهنجي شاديءَ جو ذڪر ڪندي هوءَ ٻڌائي ٿي تـه بظاهر تـه منهنجي ساهرن ڏاج ڪونـه ورتو، پر پوءِ ان جا مهڻا منهنجي سس روز ڏيڻ لڳي. تنگ ٿي آخر پنهنجي چاچي منگهارام ملڪاڻيءَ کي مون لکيو تـه هي مون کي لاوارث يتيم سمجهي طنز طعنا ۽ ٽوڪون هڻن ٿا، توهان مهرباني ڪري هر روز مون کي سهري جي پتي تي خط لکي موڪليندا ڪريو تـه جيئن انهن کي خبر پئي تـه آءُ نڌڻڪي ڪونـه آهيان. پوءِ چاچو باقاعدي سان روز خط لکي پوسٽ ڪندو هو. سندس مڙس وشنؤَ جو ڪردار هن جي زندگي ۾ اڻلکو هو، پر هو کيس روڪ ٽوڪ ڪونـه ڪندو هو. باقي سندس سس عام رواجي وهنوار سان هن تي ڏاڍي سختي ڪندي هئي. مٿان وري تڪيو ڪلام هئس تـه ”اسان تـه آهيون ئي نماڻا ماڻهو، اسان تـه آهيون ئي سادا ماڻهو“ (ريٽاشهاڻي: 2004)
ريٽا پنهنجي ادبي سفر جي شروعات شاديءَ جي ڪافي سالن بعد ڪئي.آهستي آهستي هوءَ ڪلا کيتر ۾ گهڻي رخي ليکڪا بڻجي اڀري آئي. هن ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. ڪهاڻي، ناول شعرو شاعري، تنقيد نگاري ۽ آتم ڪٿا سڀ ۾ هن پاڻ موکيو. اڳتي هلي ريٽا سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام حاصل ڪيو. هن سرسنگيت ۾ پڻ دلچسپي ظاهر ڪئي، جنهن جو ذڪر پڻ هن آتم ڪهاڻي اندر موجود آهي جڏهن هوءَ ڪنهن انگريز کان پنهنجي ميڙي چونڊي گڏ ڪري زيور وڪڻي ڌيءَ لاءِ پيانو خريد ڪري ۽ ان (پياني) کي پنهنجي گهر جو اهڙو اٽوٽ انگ مڃي ٿي، جهڙوڪ گهر جو ڀاتي هجي. سندس هن آتم ڪٿا ۾ بقول هري دلگير جي حيدرآباد جو هڳاءُ بـه آهي تـه لکنوءَ جا لقاءَ بـه آهن! پنهنجي زندگي جي تور تڪ ڪندي ريٽا لکي ٿي تـه ” مون کي پنهنجي ماضيءَ تي فخر آهي مون کي ان باهه تي ناز آهي جنهن جي تپش ۾ جلي پڄرياسين. سون جيان نکري نڪتاسين. ان گردش جي ڏهاڙن تي غرور اٿم جن جي پيڙا اندر ۾ ڪو وڙاڪو وڌو جو پنهنجي چوڌاري لهرن جي جنبش کي جهٽي سگهڻ جي قوت پيدا ڪئي پوءِ ڇو لڪائيان انهن نازڪ ڀاونائن جي جذبن کي .“ (ريٽا شهاڻي؛2004 ص 37)
مجموعي طور تي هن آتم ڪٿا ۾ ڪتب آيل ٻولي پڪي، پختي ۽ روانيءَ واري آهي جنهن ۾ خالص ادبي رنگ صاف ظاهر نظر اچي ٿو.

ڳالهيون پيٽ ورن ۾ :
هيءَ جيون ڪهاڻي مشهور تعليمدان آپا شمس عباسيءَ جي لکيل آهي جنهن ۾ آپا شمس عباسيءَ نـه صرف پنهنجي تعليم لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو ذڪر ڪري ٿي، پر سنڌ جي نياڻين کي تعليم جي زيور پهرائڻ لاءِ سندس ورتل ڪوششن جو بـه ذ ڪر ڪندي نظر اچي ٿي. هڪ اهڙو دور جنهن ۾ عورتون سخت پردي ۾ سو بـه صرف رات جو مٽن مائٽن سان ملڻ لاءِ نڪرنديون هيون، ان وقت هن جي بيوه جوان ماءُ پنهنجي ڌيئرن کي پڙهائڻ جو جوکم کنيو هو. شمس عباسي جنهن دور ۾ پڙهي، تڏهن تعليم مخلوط هئي يعني ڇوڪرن سان گڏ پڙهڻو پوندو هو، پر پوءِ بـه هنن جي ماءُ همت نـه هاري . آخر سندس ڪاوشن رنگ لاتو ۽ سندس نياڻيون تعليم جي نور سان منور ٿي سنڌ جي سڀني نياڻين لاءِ مشعل راهه بنجي نروار ٿيون.
شمس عباسي ان وقت جي حالتن بابت لکي ٿي تـه ” اهو زمانو هو جڏهن صرف هندو ڇوڪرين کي انگريزي پڙهائيندا هئا. مسلمانن ۾ اهو رواج ايتري قدر گهٽ هو جو هندن جي سوَ ٻارن جي ڀيٽ ۾ صرف ٽي يا چار مسلمان ٻار هوندا هئا، ان وقت منهنجي ماءُ جنهن 14 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي ۽ ڇهه ٻار ڄڻي صرف 24 سالن جي عمر ۾ بيوه بنجي ويئي، تنهن باوجود معاشي تنگيءَ ۽ خانداني تڪرار جي ڪپڙا سبي، پنهنجي سڀني نياڻين کي تعليم ڏني پوءِ ان عظيم ماءُ جي قربانين سنڌي ڇوڪرين جي پڙهائيءَ جا نوان گس ڏيکاريا. هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ آپا شمس عباسي نـه صرف پنهنجي شخصي آزمودن ۽ زندگيءَ جي تلخ تجربن جو ذڪر ڪيو آهي پر سبق آموز نصيحتن جو پڻ ذڪر ڪيو اٿس، مثال هوءَ ٻڌائي ٿي تـه ”ڪچي عمر ۾ انسان ڪهڙيون نـه غلطيون ڪري ٿو، جيئن سندس کان ڇوڪرو گهر جو پتو ۽ فون نمبر گهري ٿو ۽ هوءَ ان کي اهو ڏئي ٿي ڇڏي، بعد ۾ پڇتائي ٿي. وري ان عمل مان سکيا بـه وٺي ٿي تـه آئنده ڪڏهن غير مرد کي گهر جو پتو نـه ٻڌائيندس سکڻ ۽ سيکارڻ جو اهو عمل هوءُ سڄي زندگي جاري رکندي آئي.
ميران اسڪول کان وٺي زبيده ڪاليج جي پرنسپال واري عهدي تائين آپا شمس لاتعداد تعليمي سڌارا آندا. نياڻين جي تعليم ۽ تربيت کي اهميت ڏيندي هئي. هن جي ئي ڪوششن سان ان وقت زبيده ڪاليج ۾ آرٽ سان گڏ سائنس جا بـه ڪلاس شروع ٿيا ۽ ڇوڪرين جي رهائش لاءِ هن هاسٽل جو پڻ بندوبست ڪيو. ليبارٽريون ٺهرايون. مطلب تـه هن هڙان توڙي وڙان نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ جيڪي مشڪلاتون هيون، انهن کي دور ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي ئي تڪڙا فيصلا ورتا، جن سبب سندس ذاتي زندگي ڏاڍي متاثر ٿيندي هئي پر سندس همت ۽ هماليـه جيڏي حوصلي کيس شاهـه سائينءَ جي هنن سٽن جيان تـ ”آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين“ کيس پست ٿيڻ نـه ڏنو سندس خلاف انڪوائريون ۽ آڊٽ آفيسرن جون سختيون بـه سندس مقصد جي حصول کان کيس پوئتي هٽائي نـه سگهيون، جنهن لاءِ هوءَ لکي ٿي تـه: ”منهنجو اهو خيال آهي تـه هر منتظم کي ڪنهن وقت اهڙا فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيڪي غلط بـه هجن پر جيڪڏهن نيت صاف آهي تـه پوءِ اهڙن فيصلن ڪرڻ ۾ ڪوبـ هرج نـه آهي.“ (شمس عباسي؛1999ص 65)
شادي شده عورت، جيڪا هڪ ئي وقت مڙس سان گڏ ٽن ٻارن جو بـه خيال رکندي هجي، تنهن ذاتي مصروفيتن کي ڪڏهن بـه پنهنجي پروفيشنل زندگي جي راهه ۾ رڪاوٽ بنجڻ نـه ڏنو. آپا شمس ڪيترين ئي ڇوڪرين جي فيس معاف ڪرائي يا پاڻ ڀري کين تعليم جي راهه ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي دورڪرڻ ۾ مدد ڪئي، اهو ئي سبب هو جو زبيده ڪاليج مان ڪيتريون ئي قدآور شخصيتون تعليم پرائي زندگي جي اعليٰ قدرن کان متعارف ٿي ڪيترن ئي ڀٽڪيل ماڻهن لاءِ مشعل راهه بڻيون، جن ۾ مشهور معروف اردو شاعره فهميده رياض، انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ رهنما انيس هارون، سلطانـه صديقي، آپا مريم نوحاڻي، مهتاب اڪبر راشدي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قابل شخصيتون شامل آهن، جن سندس نگراني ۾ زبيده ڪاليج مان عملي زندگيءَ ۾ پير پاتو. انهن جو پڻ مختصر احوال هن جيون ڪهاڻي جو حصو آهي. پنهنجي ان تعليمي سفر دوارن هن جن مشڪلاتن کي منهن ڏنو ان جو ذڪر ڪندي بـه هن ڪجهه جاين تي ڪيوآهي هوءَ لکي ٿي تـه:
”ون يونٽ دوران تعليم لاءِ بجيٽ جون جيڪي گڏجاڻيون ٿينديون هيون اهي لاهور ۾ ٿينديون هيون اسان جي ڪاليج ۾ بي.ايس. سي آنرس لاءِ 20 استادن جي ضرورت هئي، ان وقت مسٽر بشير شيخ نهايت سخت آفيسر هو تنهن چيو تـه هڪ ئي ڪاليج کي ايترا استاد ڪيئن ملندا؟ مون اها ڪوشش ڪئي تـ کيس اهو سمجهايان تـه ايتري ضرورت ڇا جي ڪري آهي. تـه هن هڪدم چيو مسز عباسي! توکي خبر آهي تـه تنهنجي خلاف ڪيتريون درخواستون آيون آهن. ان تي مون جواب ڏنو تـه شيخ صاحب اڄ ڪلهه ڪنهن جي خلاف شڪايتون نـه آهن. صدر ايوب جي خلاف امير محمد گورنر جي خلاف بـه ماڻهو درخواستون ڪندا آهن. جيڪڏهن منهنجي خلاف آئي تـه ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. اوهين ڇا ٿا سمجهو اوهان خلاف درخواستون نـه آهن ان تي هو هڪدم پريشان ٿي ويو ۽ چيائين مسز عباسي ڪهڙيون درخواستون پر آواز نهايت دٻيل هوس مون چيو رشوت جون درخواستون ٻيون ڪهڙيون. هڪدم پريشان ٿي ويو! چيائين توکي ڪنهن ٻڌايو؟ ”رشوت ستاني جي انسپيڪٽر!“ هن يڪدم آفيس جي سپريڊنٽ کي گهرائي چيائين تـه آپا شمس جو جيڪو ڪم آهي اهو هڪدم ڪر. لاهور ۾ جيڪا ايس.اين.اي ميٽنگ آهي ان ۾ هن کي وٺي هلبو تـه جيئن پنهنجو اضافي عملو منظور ڪراءِ.“ هڪ ٻيو دلچسپ واقعو جيڪو آپا پنهنجي هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪيو آهي سو هن ريت آهي تـه ”جڏهن ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي کيس اهل هوندي بـه نـه رکيو ويو، ان وقت ڊاڪٽر ممتاز قاضي تعليم جو سيڪريٽري هو، ان وقت مسٽرواحد بخش ڊائريڪٽرهو، جيڪو مون کان جونيئرهو. مان اڳ ۾ ئي ڏک سان ڀري ويٺي هئس. مون هڪدم ڊاڪٽر ممتاز قاضيءَ کي ڏسي چيو تـ ”سر ڪهڙو سبب آهي جو مون کي ترقي نٿي ڏني وڃي، جڏهن تـ مون کان جونيئر ڏهن آفيسرن کي ترقي ملي چڪي آهي توهين ڇا ٿا سمجهو عورتون مردن جهڙو ڪم نٿيون ڪن. فرق اهو آهي هتي ڏاڙهي آهي ۽ هتي ساڙهي آهي انهيءَ ڪري مون کي ترقي نٿي ملي، ڇو جو مان ٽوپي نٿي پايان“
(شمس عباسي؛1999 ص 78 )
سندس نظريوهو تـه تعليمي ادارا نـه رڳو تعليمي درسگاهه آهن پرتربيت جي آمجگاهه بـه آهن، جتي شاگردن جي شخصيت کي مڪمل ڪرڻو پئي ٿو. هيءَ آتم ڪٿا هڪ استاد هڪ مبلغ ۽ هڪ رهنما جي حيثيت ۾ نـه رڳو شاگردن، پر استادن لاءِ پڻ قيمتي اثاثي مثل آهي.

منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق:
هيءَ آتم ڪهاڻي، پوپٽي هيراننداڻيءَ جي زندگيءَ سان گڏ سندس نظرياتي فڪر ۽ سماجي شعورسان سلهاڙيل هڪ مڪمل آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ پوپٽيءَ زندگي جي لاهن چاڙهن جو تاريخي ۽ ثقافتي پسمنظر هيٺ جائزو ورتو آهي. پهرين صفحن ۾ پوپٽيءَ پنهنجي شروعاتي زندگي جا ڪجهه منظر ياد ڪندي، حيدرآباد سنڌ جو اهڙو تـه سحر انگيز نقشو چٽيو آهي جو گهڙيءَ پل پڙهندڙ حيران پريشان ان حيدرآباد کي ڳولڻ لڳي ٿو، جنهن ۾ اڄ وڏا وڏا فليٽ سوڙهيون گهٽيون ۽ گند ڪچري جا ڍيرلڳل آهن. پرهيءَ پوپٽي جي حيدرآباد تـه ڏاڍي خوبصورت آهي، جنهن لاءِ هن لکيو آهي تـه ”حيدرآباد روءِ زمين تي منهنجي جنم ڀومي جهڙو شهر ڪو ٻيو ناهي. اسڪول ۽ باغ جا ڇڻڪار ٿيل رستا، هوا موڪليندڙ منگهه، ڦليلي جو واهه، گدو بندر وارو درياهه بسنت لاج. اهڙو ڪهڙو آنند هو جو حيدرآباد ۾ ميسر نـه هو.“ (پوپٽي؛1993 ص 127)
هيرآباد جي هيرن ۾ ڄاول ۽ نپيل پوپٽيءَ جڏهن عملي زندگي ۾ قدم رکيو تـه اها ڌرتي جنهن کيس ماءُ جي هنج جيان پاليو هو، سا اچانڪ ڄڻ هنن جي پيرن هيٺان کسڪڻ لڳي، چوڌاري گهٽ ۽ ٻوسٽ جو ماحول ڇائنجي ويو جنهن جو بيان ڪندي پوپٽي لکيو آهي تـه ”ريڊيو تي ظاهر ٿيو تـه ملڪ ورهايو ويندو اخبارن ۾ خبر آئي تـه سڄي سنڌ پاڪستان کي ملي آهي پناهه گيرن سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو هڪ خبر آئي تـه حيدرآباد ۾ پنج هزار مسلمان اچي لٿا آهن، جن مان ڪي مسلم هاسٽل ۾ رهيا. مسلم هاسٽل اسان جي گهر جي ساڄي پاسي واري رستي تي هئي. فضا ۾ ڊپ هراس ۽ دلين ۾ دهشت ڇائنجي ويئي. مٿان وري جو هاسٽل مان نڪري ڪن نوجوانن نعرا هنيا تـه ” هيرآباد جون حورون اسان جي حوالي ڪريو، تنهن تي آقي باقي دلين جو ڌڙڪڻ تيز ٿي ويو. هرهڪ گهر ۾ ڇوڪرين کي سيکاريو ويو تـه جي اهي مسلمان گهر ۾ گهڙن تـه بجلي واري پلگن جي ٻن ٽنگن ۾ آڱريون وجهي بٽڻ هيٺ ڪري پاڻ کي ختم ڪجو!. گهرن ۾ زهر جون ننڍڙيون ننڍڙيون پڙيون ورهايون ويون، جيئن ڏکئي وقت ۾ زالن کي ڪم اچي سگهن.“ (پوپٽي؛1993 ص 66-67)
انهن حالتن، هنن محب وطن ماڻهن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو هو. پوپٽي بـه مارئيءَ جيان، ملير کان ڇني ڌار ٿي هئي ۽ سڄي عمر انهيءَ اڪير ۾ بسر ڪئي تـه نيٺ تـ مارن سان ملڻ ٿيندو. هنن انهيءَ آسري تي پنهنجا مال ملڪيتون سڀ ڪجهه هتي ڇڏيا هئا ۽ ڪنهن اڻانگي سفرجا راهي بنيا هئا. هن ننڍڙي عمر ۾ ئي اهو سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ سَٺو هو. ڪيترن ئي ڪشٽپڻ ۽ ڪشالن کي منهن ڏنو هو اها عمر جنهن ۾ ڇوڪريون پنهنجي آئيندي جا سونهري خواب اڻنديون آهن جيڪي انهن ڏينهن ۾ پوپٽيءَ بـه اڻيا هئا، جن جو ذڪر پاڻ هن طرح ڪيو اٿس تـه ” مون سپنا مڙهڻ شروع ڪيا خوشگوار ڳالهين جا ڌاڳا کڻي ڪلپنا جي سُئيءَ سان گهڻئي ڀرت ڀرڻ لڳس هر هڪ خيال دل ۾ لهرون پيدا ڪندو هو.“ ( پوپٽي؛1993 ص 61)
اهو پوپٽيءَ جو پهريون ۽ آخري عشق هو. ڇوڪرو بـه انجنيئر هو، پر پيءُ جي وفات کانپوءِ گهرجون زميواريون نڀائڻ جي ڪري هن ان پيار جو تياڳ ڪري ڇڏيو، هڪ عورت جي حيثيت ۾ هونئن به قرباني صرف ان جي ئي حصي ۾ ايندي آهي جيڪا هن رضا خوشي سان ڏني هئي. هن عورت هئڻ جي ناتي بـه هن ڪيترين ئي مصبيبتن کي منهن ڏنو هو. ڇاڪاڻ تـ کيس خبر هئي تـه ”جتي جتي جاگيرداري نظام آهي. اتي عورتن جي هلت تـه ڇا نگاهه تي بـ سخت پهرورکيل هوندو آهي، عورت ان پهري کان جڏهن بـ ٻاهر نڪتي، تڏهن کيس يا سندس نگاهن جي گهايل کي موت جي گهاٽ اتاريو ويندوآهي.“ (پوپٽي؛1993 ص 61)
هيءَ آتم ڪهاڻي ان اڏول عورت جي پل پل جي پيڙا جي عذاب جو اهو داستان آهي، جنهن ۾ سندس همت ۽ حوصلو ئي هو ، جنهن وقت جي راڪاس کي شڪست ڏيئي کيس زندگي جي منجهدار مان ٻاهرڪڍيو هو. وڏي ڀيڻ جي حيثيت ۾ هن پنهنجي ڀائن ڀينرن کي پڙهائي پرڻائي پنهنجو فرض پوري طرح نڀايو. هڪ استاد جي حيثيت ۾ سندس عملي قابليت ۽ رهنمائي هيٺ هن ڪيترائي لائق ۽ قابل شاگرد پيدا ڪيا. هن پاڻ شادي ڇو ڪونـه ڪئي ”مون کي گهوٽ خريدڻو ناهي هن پنهنجي ماءُ کي جواب ڏيندي چيو هو“ ڇاڪاڻ تـه هوءَ هڪ اصول پسند عورت هئي، سو جڏهن ڇوڪري جي مائٽن هن جي مائٽن کان ڏاج ۾ پئسا گهريا تڏهن انڪار ڪري ڇڏيو. هن ڪنوارو رهڻ پسند ڪيو، پر پنهنجي اصولن تي سودي بازي پسند نـه ڪئي يا شايد سندس منزل اڃا اڳڀري هئي، جيڪا کيس پاڻ طرف ڇڪي وٺي ويئي، اها ساهت جي دنيا هئي جنهن سندس جذبن ۽ خيالن کي اظهار جي آزادي ڏني. هن سنڌي ساهت کي ڪيترائي رنگ روپ ڏنا. هڪ استاد جي حيثيت ۾ هوءَ لکي ٿي تـه ” شاگرد تـه ڇا پر سندن پيئر مائر بـه مون کي عزت ڏيندا هئا. هوءَ لکي ٿي تـه ”چندرا جو پتا، ڊاڪٽر هري ڪرشن داس منهنجي اکين جو سالا سال علاج ڪندو هو پر ڪڏهن بـه فيس نـه ورتائين. فيس پڇڻ تي هٿ جوڙي چوندو هو تـه ”گرو جي اوهان کان پئسا ڪيئن وٺبا“ (پوپٽي؛1993 ص 61)
شيلا جو پتا ڪشنچند گانڌي رام سندس شهر ۾ اچڻ يا وڃڻ مهل پاڻ اسٽِيشن تي وٺڻ يا ڇڏڻ ايندوهو.“ (پوپٽي هيراننداڻي؛1993 ص 94)
هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ پوپٽي زندگيءَ جي سڀني تجربن جو اثرائتو بيان اهڙي تـه سادي ۽ سلوڻي عبارت سان ڪيو آهي جو پڙهندڙ ڪٿي به بوريت جو شڪار نٿو ٿئي. مجوعي طور تي هيءَ آتم ڪٿا نـه صرف سندس زندگي جي ڪڙن آزمودن جو ساهتڪ نچوڙ آهي پر هن ساهتڪ کيتر جي ٻين رنگ وکيريندڙ ليکڪن جو پڻ مختصر بيان ڪيو آهي، جن پوپٽيءَ سان هر وقت ساٿ نباهيو، جن ۾ مالهي، اتم، ڪيرت ۽ موهن وغيره شامل آهن. اتي پوپٽي انهن سنڌي ٻولي جي ليکڪن کي ميارون بـه ڏنيون آهن جن ساهت وسيلي سندس دل ڏکائي هئي. هوءَ لکي ٿي تـه ” هاڻي وهنواري دنيا تـه صفا الٽي ٿي ويئي آهي پرڪنهن ٿي ڄاتو تـه ساهتڪ سنسار ۾ بـه اڇا اجرا لڳندڙ اديب ائين رڻ سهائيندڙ هلت هلندا. ڪڏهن سگهڙ سياڻا ۽ ڏاهپ جا مالڪ انسان، جي هيٺين سطح وارن اوگڻن وهيڻا ٿي ويندا. ڪڏهن پاڻ کي ايماندار سڏائيندڙ لومڙين واريون چالاڪيون ڪندا، ڪڏهن پاڻ کي ساهتڪ ميدان ۾ بيٺل شينهن چوائيندڙ گدڙن جهڙو وهوارڪندا.“ هنن جا افعال ڏسي نراسا وچان چوان پئي ته.
”ڌنڌ ئي ڌنڌ آ، يا نظر ويئي ٿم جهڪي،
منهنجوچهروگم ٿي ويوآ يا درپڻ ڀڄي پيو آ،
ڏاڍ بڻيو آ ڏينهڙو ۽ رات ڀي نه ٿئي پئي آسان،
منهنجي قسمت جو باب لکندي ڪاتب، سمهي ته نه پيو آ ڇا؟
منجهي پئي هان آءٌ يا دنيا هوشيار ٿي وئي آ.
(پوپٽي؛1993 ص 171)
هن آتم ڪهاڻيءَ جي آخري پنن ۾ شاعريءَ جي چونڊ سندس سماجي شعور جي چٽي گواهي ڏيندي نظر اچي ٿي.

شيخياڻيءَ جي ڊائري :
هيءَ ڊائري غلام فاطمـه شيخ جي ٻڌايل وارتائن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جي مسلسل جدوجهد جو بيان انوکي ۽ منفرد انداز سان پيش ڪيو آهي جيڪو دلچسپ هجڻ سان گڏ اثرائتو پڻ معلوم ٿئي ٿو. صنف نازڪ سڏجندڙ اهي عورتون ڏکئي وقت تي جبل جيڏو حوصلو ۽ سمنڊ جيڏو صبر ساڻ ڪري ڏورانهن پيچرن جوسفر طئه ڪري پنهنجو مقصد مائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون. هن ڊائري جي شروعات شيخياڻي پنهنجي پيءُ جي مسلمان ٿيڻ سان سندس خلاف هندن جي اٿندڙ سماجي روايتن ۽ عذابن جي ذڪر سان ڪئي آهي.
اها مذهب جي نالي تي اٿندڙ اها ساڳي باهه آهي جنهن جا ٽانڊا اڄ به اسان جي سماج کي ساڙي ۽ ٻاري رهيا آهن، جنهن جي بدولت معاشرو انتهاپسندي جو شڪار بنجي انسانيت سوز ظلم ڪرڻ کي ثواب سمجهي ٿو. هي رڳو اڄ جو نه پر صدين جو الميو آهي. هن ڊائريءَ ۾ بـه فاطمه انهن سختين جو ذڪر ڪيو جيڪي سندس خاندان کي مسلمان ٿين جي عيوض ان وقت هندن جي طرفان سهڻيون پيون ۽ جنهن سبب هنن پنهنجي سڄي زندگي دربدرٿي گذاري هئي.
غلام فاطمـه ڪا گهڻي پڙهيل لکيل ڪونه هئي پر سماجي توڙي سياسي شعور رکندڙ خاتون هئي، جنهن جي ثابتي سندس هيءَ ڊائري آهي، جنهن ۾ هن پهرين مهاڀاري جنگ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”ان زماني ۾ پهرين مهاڀاري جنگ لڳي هر طرف وائويلا مچي ويئي، دنيا جي ملڪن جي هڪ ٻئي سان مخالفت ۽ موافقت ظاهر ٿيڻ لڳي ان زماني ۾ مسلمانن جو خاص مرڪز خلافت تحريڪ هئي جنهن ۾ چوٽيءَ جي عالمن حصو ورتو .سنڌ به ان جدوجهد ۾ پاڻ موکيو.“ (فاطمه شيخ؛1983 ص 37 )
ان وقت جي هر هڪ مسلمان جيان هوءَ بـه سلطنت عثمانيـه جي ٽٽڻ جو ذميوار عيسائين ۽ يهودين کي سمجهي ٿي. ان خلافت تحريڪ دوران ئي جهاد ڪرڻ جي نيت سان هن پنهنجي ڪٽب سان گڏ ديس کان ٻاهر قدم رکيو ۽ مديني، ترڪي، شام ۽ عراق جو سفرڪيو ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي اڪيلي سرمنهن ڏنو هو ۽ پنهنجي مڙس سان ساٿ نڀايائين. جهڙي نموني تڪليفن سهندي بـه هن پاڻ گهٽ هوندي بـه پنهنجا ٻار پڙهايا اهو سندس حوصلو ۽ همت هئي. هن ڪتاب جو روشن پهلو، عورت جو اهو عزم آهي جنهن عورتن کي هڪ نئين واٽ ڏيکاري آهي جنهن ۾ هن هر مشڪل وقت تي پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻي، پرديس ۾ پنهنجي خاندان جي مالي ڪفالت ڪئي، ڇاڪاڻ تـه سندس مڙس ڊاڪٽرهو، پر مديني ۾ عربي ٻولي نـه اچڻ سبب کيس هڪ گهر ۾ سودي سلف وٺڻ لاءِ نوڪرجو ڪم مليو، جيڪو سندس مڙس تـه اهو قبول ڪيو، پر فاطمه ان کي گوارا نه ڪيو تـه ايڏو پڙهيل ۽ قابل ماڻهو ڪٿي نوڪر ٿي بيهي تڏهن هن مديني ۾ ڪپڙا سبي کپائڻ شروع ڪيا. ائين هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ هؤَ محنت ڪندي پنهنجو ۽ پنهنجي ديس کان آيل ماڻهن جي سهائتا ڪندي رهي. سندس محنت ڪش زندگي بهرحال سڀني عورتن لاءِ سبق آموز آهي. سندس هن ڊائريءَ ۾ سندس لکيل سنڌي ٻوليءَ جا محاورا ۽ شاهه لطيف جا شعر سندس سماجي شعور جي شاهدي تـه ڏين ٿا، پر شاهه جي فلسفي ۽ فڪر جنهن ۾ پوري انسانيت جو درد سمايل نظراچي ٿو ان جي ابتڙ نظر اچن ٿا.
هن ڊائريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي مذهبي متڀيد جي بوءِ پڻ اچي ٿي جنهن ۾ مسلمانن کي سڀني خوبين ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي سڀني خامين جو سبب ڄاڻايو ويو آهي، جيڪا ليکڪا جي ذاتي سوچ يا سندس شروعاتي زندگيءَ جي حالتن ۽ دربدرڀٽڪڻ جي ڪري پيدا ٿي هجي.

قيدياڻيءَ جي ڊائري:
هيءَ ڊائري هڪ سياسي قيدياڻي اختربلوچ جي آپ بيتي آهي، جيڪا 1970ع ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ سکرجيل ۾ گهاريل ڪجهه مهينن دوران هر روز جي حساب سان جيل ۾ رونما ٿيندڙ وارتائن تي لکي هئي اها پنهنجي نوعيت ۾ هڪ انوکي اهميت رکي ٿي. هيءَ ڊائري پڙهي منهنجي حيرت جي انتها نـه رهي تـه هڪ ڇوڪري جيڪا عمر جي ان موڙ تي جتي هن جيتريون ڇوڪريون خوشيءَ جا گيت ڳائينديون، جهولا ڪڏنديون آهن، چوڻيون پائينديون آهن، اتي هن هٿڪريون پاتيون، بک هڙتال ڪئي سابه اٺ نوَ ڏينهن لڳاتار ۽ جڏهن ميجر کيس سمجهائي ٿو. تـه بک هڙتال اسلام ۾ جائز ناهي طريقا اهو گانڌي جو رواج آهي، تڏهن هوءُ ان کي چوي ٿي تـه ”توهين طاقتور آهيو توهان وٽ فوجون، هٿيار، جيل ۽ پوليس، مطلب تـه اسان کي دٻائڻ لاءِ هرهٿيارآهي اسان وٽ صرف هي آهن بک هڙتال ڪريون يا جلسا جلوس ڪڍون.“ هن سنڌ جي نياڻي جنهن جيل جي سختين کي پنهنجي مقصد مٿان قربان ڪري ڇڏيو، هن کي پنهنجي سکن کان وڌيڪ پنهنجن ماروئڙن جا ڏک عزيز هئا. قيد جي انهن ڏينهن ۽ راتين ۾ هن پنهنجي بيماري توڙي ڪمزوريءَ کي ڪڏهن به پنهنجي مجبوري ڪونه بنايو، پرهميشه ٻين قيدي عورتن جو خيال رکيو. هن ڊائريءَ کي جيڪڏهن دُکي قيدياڻين جي ڊائريءَ چئجي تـه وڌاءُ نـه ٿيندو ڇو تـه اختر هن ڊائريءَ ۾ ڪيترين ئي قيدي عورتون جيڪي ان وقت جيل ڀوڳي رهيون هيون انهن جو ڪثرت سان ذڪرڪيو آهي جن کي پڙهڻ سان دل دکي ٿيڻ لڳي ٿي. ڪي ڏوهي تـه ڪي وري بيڏوهي پر گهڻيون عورتون اُهي هيون جن مڙسن جو قتل ڪيو هو، جن ۾ هڪڙي قائما نالي عورت بـه هئي جيڪا بيحد حسين هئي ۽ هن جي تر جو زميندار ان شرط تي هن جي ضمانت ڏئي رهيو هو ته هوءَ سندس گهر هلي رهي، پر هن عورت قيد قبوليو، پر زميندار سان وڃڻ پسند نـه ڪيو. ان کان علاوه قيدي عورتن مٿان جيل جي وارڊن عورتن جا ظلم بـه هن ڊائريءَ ۾ بيان ٿيل آهن. قيدي عورتن جي جون ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون غم بـه سڀ گڏجي ورهائي کڻن ٿيون. اختر بلوچ کي لکڻ سٺو ڏانءُ آهي، هي ڊائري پڙهي جيل ۾ رهندڙ ماڻهن کان نفرت بجاءِ همدردي جا جذبا شدت سان اڀري اچن ٿا بقول سراج جي ته ” اهڙا جيئرا جاڳندا ڪردار اهڙيون قائمائون دادليون تـه اسان پنهنجي شاهڪار افسانن ۾ بـ گهٽ پڙهيون آهن ۽ هتي ڪنهن دانشور يا افسانا نگارنه پر سنڌ تي سر ڏيڻ واري هڪ ٻالي ڀولي سنڌي شاگردياڻي اسان کي اهي حقيقي ڪردار مهيا ڪري ڏنا، جي نه رڳو سنڌ جي ڪرندڙ ديوارن ۾ چير وجهي ڇڏيندا پر سنڌ جي سموري جاگيردارانـه ۽ وڏيرڪي نظام کي اگهاڙو ڪري سر بازار سنگسار ڪرائيندا.“ ( اختر بلوچ؛1972 ص 7)
آءُ اُها ئي مارئي :
هي آتم ڪٿا ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي شهر سان واسطورکندڙ فاطمـه قاضيءَ جي لکيل آهي فاطمـه سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي محسن محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڀاڻج هئي. سندس هيءَ آتم ڪهاڻي مارئي جي سنگهارن لاءِ سڪ بـه ظاهر ڪري تـه سسئيءَ جيان ڏونگر ڏارڻ جو حوصلو بـه رکي ٿي، جنهن ۾ هڪ عام رواجي گهريلو عورت جي عظمت، محنت ۽ جستجو جو بيان نظر اچي ٿو. هوءَ جڏهن شعور جي دنيا ۾ قدم رکي ٿي تـڏهن درد سندس دل ۾ ديرو ڪري ويهي وڃن ٿا. نياڻي جنهن کي بظاهر تـه سنڌي ماڻهو ’ست قرآن‘ جو درجو ڏيندا آهن، پر هن سماج ۾ ڪير بـه ان جي ڄمڻ تي گهڻو خوش ڪونـه ٿيندوآهي، سو هن کي جو لڳاتار ڇهه نياڻيون جو پيدا ٿيون تڏهن هن ڪيترا نـه گهر ڀاتين جا طعنا سَٺا هئا. ان جو ذڪر پڻ هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڏاڍي افسوسناڪ انداز ۾ هيٺ بيان ٿيل آهي، هڪ الهڙ ڇوڪري جيڪا پاڻ کان وڏي عمر واري ماڻهوءَ سان پرڻائي وڃي ٿي، تڏهن هن ۾ ڪيڏي همت، جوش ۽ ولولو هو پر هينئر جڏهن هوءَ ماءَ جي عظيم منصب تي پهتي آهي تڏهن کيس پٽ نـه ڄمڻ جا مهڻا ڏيئي ڪيڏو نـه ڪمزور بنايو ويو آهي، وري جڏهن ڇهه نياڻين کانپوءِ جڏهن جيئن سوڪهڙي کانپوءِ جو وسڪارو ماروئڙن جي منهن تي مرڪ موٽائي آڻيندوآهي تيئن هن کي به پٽ ڄائو، پراهو سُست ئي راهي رباني ٿي ويو هوءَ سمجهي نـه سگهي تـه ان ۾ رب جي ڪهڙي مصلحت پوشيده هئي پرهن الله مان اميد نه لاٿي. شاهه سائينءَ جي هنن سٽن جيان تـه:
”جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائج ،آسرمَ لاهيج، ڌڻي ٻاجهيندڙ گهڻو“
سو هن بـه اميد ۽ آسري جي جوت جلائي رکي هئي، ڏک تـ هن جا اصل کان ساٿي هئا، جن سان گڏ هن ننڍي عمر ۾ ئي ڀيڻ کي ڦوهه جواني ۾ موت جي حوالي ٿيندي ڏٺو. سو جڏهن هن جي ننڍي ڌيءَ گذاري ويئي تڏهن ڇوڪري جي پڦيءَ ڪفن ۾ ويڙهيل ان ننڍڙي ٻار جي لاش اهو سنيهو ڏيئي قبر ڀيڙو ڪيو تـه هاڻي اتي وڃي ٻـه ڀائرموڪلي، پوءِ اچجانءِ. ڏکئي وقت اچڻ تي اهي ڄاڻ سڃاڻ وارا رشتا ڪيڏا نـه ڪٺور دل بنجي ويندا آهن. ڇا نـه گذريو هوندو ان مهل ان ماءُ جي دل تي جنهن اهو سڀ پنهنجي ڪنن سان ٻڌو ۽ چوندا آهن تـه ”صبر جن جو سير تير نـه گسي تن جو“ ائين صبر جا ڀاڱا ٻيڻا ٿيا ۽ کيس ٻـه پٽ ڄاوا پوءِ هن جي زندگي ۾ ڪجهه ماٺار آئي. ڪيڏو نـه اسان جي معاشري ۾ عورتن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو پوءِ بـه هو هرمصيبت کي منهن ڏيو وڃن.
مٿي ڏنل ڪتابن کان علاوه ٻين سنڌي ليکڪائن جون آتم ڪٿائون پڻ شايع ٿيون آهن، جن ۾ ويناشرنگيءَ جي ”منهنجي حياتيءَ جا گل و خار“ شبنم گل جو ڪتاب ”منهنجو سورج مُکي“، غلام فاطمه شيخ جو ”تاريخ جو وساريل ورق“ وغيره به قابل ذڪر آهن، جن تي ٻئي مقالي ۾ لکيو ويندو.
هن مقالي جو مختصر تت هيءُ آهي تـه سنڌ جي عورت پنهنجي هر روپ ۾ باوقار، اورچ، محنتي ۽ قرباني جي جذبن سان مالامال آهي، بس هن کي قدر جي نظرسان نهارڻ جي ضرورت آهي
حوالا

1. George Bernard Shaw, ` Twentieth century English History Plays From Shaw to bond`, Nilourfer Harben1988.
2. ڀاٽيا، لڇمڻ ڪومل، ’وهي کاتي جا پنا‘ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2015
3. سرلا ديوي ، ڊاڪٽر، ’جيتامڙي جي ڊائري‘ ،آشرم پبليڪيشن، 1982
4. شهاڻي، ريٽا ’ ٻپهريءَ جا ٻـ پل‘ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2004
5. عباسي ، آپا شمس ، ’ڳالهيون پيٽ ورن ۾‘ آتم ڪٿا، عقيل برائيٽ اڪيڊمي، حيدرآباد 1999
6. هيراننداڻي، پوپٽي ’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد ،1993
7. شيخ، غلام فاطمـ، ’شيخياڻي جي ڊائري‘، سنڌي ادبي سوسائٽي ،حيدرآباد، 1983
8. بلوچ ، اختر ’قيدياڻي جي ڊائري ‘سنڌي عوامي گهر، حيدرآباد، 1972
9. قاضي ، فاطمـه زهره ’آءُ‘ اُها ئي مارئي‘،پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچي 2014
1361 ڀيرا پڙهيو ويو