مارواڙي ٻوليءَ جون سنڌي ٻوليءَ سان لغوي ۽ صوتياتي هڪجهڙائيون
(The Lexical and Phonetic Similarities of Marwari Language with Sindhi)

غلام مرتضيٰ ناز
Abstract:

Marwari is one of the ancient languages of subcontinent. It is deemed that Marwari has evolved from Gujjar Bhasha or Maru-Gurjar, language. The Marwari is quite close to Rajistani language with regard to its lexical and phonetics arrangements. Since, most speakers of Marwari language dwell in Rajistan region, Marwari language is considered as Rajistani language. While, Marwari is spoken in the Indian states of, Gujrat, Haryana, Jasalmer and Bhopal etc. The number of speakers of Marwari language throughout the globe is almost 30 million. In India, Marwari is popularly written in Devanagari script, as is Hindi, Marathi, Nepali and Sanskrit, although it was historically written in Mahajani alphabet. Marwari, currently, has no official status as a language of education and government. There has been a push in the recent past for the national government to recognize this language and give it a scheduled status particularly in Rajisthan state of India. There are some 24 dialects of Marwari language.
In Sindh Pakistan, there are about 2.5 Million speakers of Marwari language. While the main two dialects, the Jodhpuri and Jeslmeri are mostly spoken in Sindh. Here in Sindh, Marwari is generally written using a modified version of the Arabic Alphabet. It’s a historic fact that Marwari has been spoken in Singh for many centuries. The ancient habitants of Sindhu Mathhar (Indus Valley) are the Bheels, the Kollhis and the Manghwars. These have been speaking the Marwari language in Sindh since long. That is why, it seems logical that the Sindhi and the Marwari languages may have influenced each other. So, here in this research article, the lexical and the phonetic similarities of Marwari with Sindhi have been discussed in the light of different linguistic aspects of the two languages.
مارواڙي ٻولي لغوي، نحوي ۽ صوتياتي اعتبارکان هند- آريائي ٻولين جي ڏکڻ- اولهه وارين ٻولين جي گروهه سان تعلق رکي ٿي. هيءَ دنيا جي اوائلي ٻولين مان هڪ آهي. مارواڙي، دَلت لوڪ جي عوامي زبان آهي، جيڪا هندستان، سنڌ، نيپال ۽ دنيا جي مختلف علائقن ۾ ٿوري گھڻي فرق سان ڳالهائي وڃي ٿي. مارواڙي ٻوليءَ ۾هندي، گجراتي، راجسٿاني، سنڌي ۽ ٻين به ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ موجود آهن. هن ۾ سنسڪرت جا ڪجهه اهڙا لفظ به موجود آهن، جيڪي هنديءَ ۾ به موجود نه آهن. ان هوندي به مارواڙي زبان راجسٿاني ۽ گجراتي زبانن سان تمام ويجهو تعلق رکي ٿي. هن وقت تائين مارواڙي ٻوليءَ تي ڪا خاطر خواهه تحقيق نه ٿي سگهي آهي. البته ڊاڪٽر ڊي. ڪي. ٽئڪنيٽ هڪ ڪتاب ”مارواڙي سماج“ لکيو هو، جيڪو 1993ع ۾ جئه پور مان ڇپيو هو. ان ۾ مارواڙي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ سماجي ڪارج بابت معلومات موجود آهي. ان کانسواءِ هندستان ۾ راجسٿاني ثقافت ۽ تاريخ تي جيڪو تحقيقي ڪم ٿيو آهي، يا ڪتاب لکيا ويا آهن، انهن ۾ جزوي طورتي مارواڙي ٻوليءَ جو ذڪر ضرور موجود آهي. جڏهن ته هڪ اندازي موجب سڄي دنيا ۾ مارواڙي ٻوليءَ جا تقريباً 30 ملين ڳالهائيندڙ موجود آهن، جيڪي مارواڙي ٻوليءَ جا 24 لهجا ڳالهائين ٿا.
سنڌ ۾ مارواڙي ٻوليءَ جا مکيه ٻه لهجا: جيسلميري لهجو ۽ جوڌپوري لهجو ڳالهايا وڃن ٿا. جن مان جيسلميري لهجي تي سنڌي ٻوليءَ جو وڌيڪ اثر آهي، يا ائين کڻي چئجي ته جيسلميري لهجو سنڌي ٻوليءَ جي وڌيڪ ويجهو آهي. مشاهدي مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ سان مارواڙي ٻوليءَ جون ڪيتريون ئي لغوي، نحوي ۽ صوتياتي هڪجهڙايون آهن، جن تي هن تحقيقي مقالي جي ذريعي روشني وڌي وئي آهي. پر ان کان اڳ لفظ ”مارواڙي“ جي معنيٰ، مفهوم ۽ تاريخي پسمنظر تي نظر وجھڻ ضروري آهي.
مارواڙ لفظ جي معنيٰ، مفهوم ۽ تاريخي پس منظر:
جامع سنڌي لغات ۾’مارواڙ‘ لفظ جي وضاحت هن طرح ٿيل آهي؛”مارواڙ؛ اسم خاص . هندستان (ڀارت) جو هڪ علائقو.“ (1)
لفظ ’مارواڙ‘ گرامر موجب اسم آهي. جيڪو صفت ’مارواڙي‘ جو ڌاتو آهي. جيئن سنڌ مان سنڌي، پنجاب مان پنجابي، تيئن ’مارواڙ‘ مان ’مارواڙي‘ لفظ ٺهيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ’مارواڙ جو يا مارواڙ جي علائقي جو.‘ جڏهن ته وڪي پيڊيا تي موجود معلومات مطابق اصطلاح ’مارواڙي‘ جي وضاحت هن طرح ٿيل آهي؛
The term Marwari once referred to the area encompassed by the former princely state of Marwar, also called the Jodhpur region of southwest Rajasthan in India.
”مارواڙي اصطلاح، اڳوڻي شاهي رياست مارواڙ طرفان گھيريل ان علائقي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن کي جوڌپور به سڏيو وڃي ٿو، جيڪا ڀارت ۾ راجستان جي ڏکڻ اولهه ۾ آهي.“(2)
جڏهن ته ماواڙ لفظ جي ماخذ ۽ بنياد بابت ڊاڪٽر ڊي. ڪي پنهنجي ڪتاب ’مارواڙي سماج‘ ۾ مارواڙ بابت جيڪا وضاحت ڪئي آهي، ان مان مارواڙ لفظ جي معنيٰ ۽ پس منظر جي وڌيڪ واضح خبر پوي ٿي.
“Marwar (also called Jodhpur region) is a region of southwestern Rajasthan state in North Western India. It lies partly in the Thar Desert. In Rajasthani dialect "wad" means a particular area. The word Marwar is derived from Sanskrit word 'Maruwat'. English translation of the word is 'the region of desert”.
”مارواڙ، جنهن کي جوڌپور به سڏيو وڃي ٿو، هندستان ۾ راجسٿان رياست جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ علائقو آهي. ان جو ڪجهه حصو ٿر جي ريگستان تي مشتمل آهي. راجستاني لهجي ۾ واڙ جي معنيٰ آهي مخصوص علائقو. لفظ مارواڙ سنسڪرت لفظ ’ماروات‘ مان اخذ ڪيل آهي. ان لفظ جو انگريزي ترجمو آهي: ريگستان جو علائقو.“(3)
مٿئين حوالن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته مارواڙ، جوڌپور جي علائقي کي سڏيو وڃي ٿو، جيڪو راجسٿان رياست جو هڪ علائقو آهي. ۽ ان علائقي تي مارواڙ نالو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’ماروات‘ جي معرفت پيو آهي، جنهنجو مطلب آهي ريگستاني علائقو. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته لفظ ’مارواڙ‘ جيسلمير جي متبادل نالي’مار‘ ۽ لفظ ’ميواڙ‘ (جيڪو هڪ ضلعي جو نالو به آهي) جي آخري حصي ’واڙ‘ مان ٺهيل آهي.
مطالعي مان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته راجسٿان جا جيڪي ماڻهو ڪلڪتي ۾ وڻج واپار ڪرڻ آيا هئا، انهن کي ڪلڪتي وارن ’مارواڙي‘ نالو ڏنو. انهن ۾ پري پري جي رياستن کان مختلف مارواڙي ذاتين جا ماڻهو واپار ۽ زراعت لاءِ هجرت ڪري آيل ماڻهو شامل هئا. اهڙيءَ طرح مارواڙيءَ جي اصطلاح اهڙو رخُ اختيار ڪيو جو اهو مارواڙ جي واپاريءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ لڳو. انڪري مارواڙي لفظ هڪدم واپاري ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪندڙ لفظ بنجي ويو، ۽ جڏهن به ڪلڪتي يا ٻين علائقن ۾ ڪي واپاري ايندا هئا ته چيو ويندو هو ته مارواڙي آيا آهن. مطلب ته مارواڙي بنيادي طور تي راجسٿان رياست جي جوڌپور، گجرات ۽ هرياڻا رياستن جا رهاڪو آهن، جيڪي بعد ۾ وڻج واپار جي ڪري هندوستان ۽ دنيا جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿيا آهن.
مارواڙ رياست جي تاريخي حيثيت:
وڪي پيڊيا تي موجود معلومات مطابق مارواڙ رياست جو باقائده بنياد ڇهين صدي عيسويءَ ۾ وڌو ويو، جنهن جي زبان مارواڙي مقرر ڪئي وئي. مارواڙ رياست تي 13 صدي عيسويءَ تائين گجارا پراٽيهارا خاندان ۽ 1226ع کان 1949ع تائين راٺوڙ خاندان حڪومت ڪئي. ان دوران مارواڙ جي گاديءَ جا هنڌ ماندور ۽ جوڌپور هئا. بعد ۾ ڪشن ڳڙهه جي رياست مارواڙ کان الڳ ٿي وئي. مارواڙ رياست ۾مارواڙي ماڻهن ڪيترائي ڪوٽ ۽ قلعا ٺهرايا، جيڪي اڃا تائين موجود آهن. جوڌ پور ۾ هڪ پراڻو قلعو مهراڻ ڪوٽ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن مان مارواڙ رياست سان سنڌ جي پراڻي سياسي ۽ ثقافتي تعلق جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
مارواڙي هڪ تمام اوائلي اڻ آريائي قوم آهي، جنهن ۾ دَلتن جا ڪيترائي قبيلا ۽ ذاتيون شامل آهن. جن مان ڀيل ۽ مينگهواڙ اصل دراوڙي نسل جا سمجهيا وڃن ٿا، پر اها ڳالهه اڃا تائين تحقيق طلب آهي ته مارواڙي قوم ۾ شامل سڀ ذاتيون اصل ۾ دراوڙي آهن يا آريائي؟ جڏهن ته اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ڀيل، ڪولهي ۽ مينگھواڙ سنڌو ماٿر جا سڀ کان اوائلي رهاڪو آهن. محرابپور استاد جمن مارواڙيءَ جيڪو مارواڙي ٻوليءَ ۽ ثقافت بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارت به گهمي آيو آهي، اُن کان مليل معلومات مطابق،”مارواڙي قوم جا ماڻهو اصل ۾ دراوڙي نسل جا آهن، اهو ئي سبب آهي، جو هندو برهمڻن جون (جيڪي اصل ۾ آريا آهن) اوائلي دور کان انگريزن جي شروعاتي دور تائين مارواڙي قومن سان ڪيتريون ئي جنگيون ٿينديون رهيون آهن.“(4)
ٻئي طرف اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته مارواڙي اصل ۾ ڏکڻ ايشيا جو هڪ نسلي گروپ آهي، جيڪو بنيادي طور تي هندستان جي علائقي راجسٿان سان تعلق رکي ٿو. انهن جي ٻوليءَ کي مارواڙي سڏيو وڃي ٿو، جيڪا هند آريائي ٻولين جي اولهه واري ٻولين جي گروهه سان واسطو رکندڙ راجسٿاني ٻوليءَ سان تمام گھرو تعلق رکي ٿي، جنهنڪري ان کي راجسٿاني ٻولي ئي سمجھيو وڃي ٿو.
مارواڙ جي موجوده بيهڪ:
اڄڪلهه مارواڙ جو علائقو ٻاڙميڙ، جالور، جوڌپور، ناگور ۽ پالي ضلعن تي مشتمل آهي، جنهن جي اتر ۾ بنگلاديش، اوڀر ۾ اجمير، ڏکڻ-اوڀر ۾ ميواڙ، ڏکڻ ۾ گودوار، ڏکڻ- اولهه ۾ سنڌ ۽ اولهه ۾ جيسلمير جا علائقا آهن.
مارواڙي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت ۽ پکيڙ:
مارواڙي يا مارو ڀاشا، مارواڙي نسل جي ماڻهن جي هڪ روايتي، تاريخي ٻولي آهي. جيڪا ڇهين صدي عيسويءَ کان مارواڙ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ارتقائي تبديلين جي فرق سان ڳالهائي وڃي ٿي. جيئن مٿي بيان ٿي چڪو ته مارواڙي زبان لغوي، نحوي ۽ صوتياتي لحاظ کان راجسٿاني زبان سان تمام ويجهو تعلق رکي ٿي. جڏهن ته گجراتي ٻوليءَ سان به ان جو تمام ويجهو ۽ پراڻو تعلق آهي. مارواڙي ٻولي هندستان جي رياست راجسٿان ۽ ان جي پاڙيسري رياستن گجرات، ۽ هرياڻا کان علاوهه پاڪستان جي اڀرندي علائقي ۾ اڪثر ڳالهائي وڃي ٿي. جڏهن ته ان جا ڳالهائيندڙ هندوستان، سنڌ ۽ نيپال جي مختلف علائقن سميت دنيا جي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آهن.
وڪي پيڊيا تي موجود معلومات مطابق 2001ع دوران ڀارت ۾ مارواڙي ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ 20 ملين ٻڌايو ويو آهي، جن جو گھڻو تعداد راجسٿان ۾ رهي ٿو. جڏهن ته سنڌ ۾ مارواڙي ڳالهائيندڙن جو تعداد 2,50,000 ۽ نيپال ۾ مارواڙي ٻولي ڳالهائيندڙن جوتعداد 25000 ٻڌايو ويوآهي.
مارواڙي ٻوليءَ جو لکتي طريقو ۽ موجوده حيثيت:
مهاجاني رسم الخط، مارواڙي ٻوليءَ لاءِ هڪ موزون خط سمجھيو ويندو هو، جنهنڪري پراڻي زماني ۾ مارواڙي ٻولي، مهاجاني رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي. ان رسم الخط ۾ ڪو به حرف علت نه هوندو هو. پر ان ۾ فقط حرف صحيح ( وينجن سُر) هوندا هئا. پراڻي مارواڙي خطاطيءَ لاءِ معياري ديوناگريءَ جي اکرن جي جاءِ تي ڪجھ ٻيا اکر استعمال ڪيا ويندا هئا. پر هاڻي هندستان ۾ مارواڙي ٻولي ديوناگري رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي.
موجوده وقت ۾ مارواڙي زبان کي تعليم ۽ سرڪاري/ دفتري زبان جو درجو حاصل نه آهي. پر ويجهي ماضيءَ ۾ هندستان ۾ مارواڙيءَ زبان کي گھٽ درجي وارن ماڻهن جي قومي زبان جو درجو ڏيڻ جي تحريڪ هلائي وئي، جنهن مان مارواڙي ٻوليءَ جي واهپي ۽ ڪارج جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. هن وقت به هندستان جي رياست بيڪانير ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ مارواڙي ٻولي تمام وڏي پئماني تي ڳالهائي وڃي ٿي. اتي مارواڙي ٻوليءَ جي لهجن جي درجه بندي ڪرڻ ۽ انهن ۾ موجود فرق معلوم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.
پاڪستان ۾ مارواڙي ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ گھڻو ڪري سنڌ ۾ آباد آهن، تنهنڪري سنڌ ۾ مارواڙي ٻولي هتان جي مروج رسم الخط عربي- سنڌي رسم الخط ۾ ڪن تبديلن جي مدد سان لکي وڃي ٿي.
مارواڙي ٻوليءَ جا لهجا:
مارواڙي ٻوليءَ جا لڳ ڀڳ 24 لهجا آهن. سنڌ ۾ ان جا مکيه ٻه لهجا ڳالهايا وڃن ٿا، جن تي اڃا تائين ڪابه تحقيق نه ٿي سگهي آهي، ته اهي هندستاني مارواڙي ٻوليءَ جي ڪيترو ويجهو آهن يا ان کان ڪيترو مختلف آهن. سنڌ ۾ ڳالهائجندڙ مارواڙي ٻوليءَ جي لهجن جو تفصيل هيٺ بيان ڪجي ٿو؛
(1) جوڌپوري لهجو: هي لهجو اتر سنڌ، وچولي ۽ ٿر ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. هن لهجي جا ڳالهائيندڙ پنهنجي رهڻي ڪهڻي، اٿڻ ويهڻ ۽ مٽي مائٽي فقط پنهنجي ذات وارن سان ئي ڪندا آهن، جنهنڪري هن لهجي تي سنڌيءَ جو اثر جيسلميري لهجي جي نسبت گھٽ نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هي لهجو هندوستاني مارواڙيءَ جي ڪنهن حد تائين وڌيڪ قريب محسوس ٿئي ٿو. هندستان وانگر سنڌ ۾ ڳالهائجندڙ هن لهجي ۾ ’س‘ کي ’هه‘ سان اچاريو ويندو آهي، جنهنڪري ’سنڌ‘ کي ’هند‘ سڏيو ويندو آهي. ۽ ’سنڌيءَ‘ کي ’هنڌي‘ سڏيو ويندو آهي. ”هن لهجي جي ڳالهائيندڙن ۾ مارواڙي قوم جون ڀيل، مينگھواڙ، سوچي ۽ ڪجهه ٻيون ذاتيون/ قبيلا شامل آهن.(5)
(2) جيسلميري لهجو: جيسلميري لهجي جا ڳالهائيندڙسانگھڙ، ميرپور خاص ۽ ناري ۾ گھڻي تعداد ۾ رهن ٿا. جڏهن ته سنڌ جي باقي علائقن ۾ به ان لهجي جي ڳالهائيندڙن جو چڱو تعداد موجود آهي. جوڌپوري لهجي جي نسبت جيسلميري لهجي تي سنڌيءَ ٻوليءَ جو اثر وڌيڪ آهي، جنهن جو بنيادي سبب سنڌي ماڻهن سان گھڻي ميل جول ۽ سماجي سرگرمين ۾ گڏيل شرڪت آهي.
مارواڙي ٻولي ڳالهائيندڙ ذاتيون / قبيلا:
مارواڙي ٻولي ڪنهن هڪ مخصوص ذات جي ٻولي نه آهي، پر گھٽ ذات وارن ماڻهن جا ڪيترائي قبيلا ۽ ذاتيون ٿوري گهڻي فرق سان مارواڙي ٻولي ڳالهائيندا آهن. هيٺ مارواڙي ٻولي ڳالهائيندڙ اهم ذاتين ۽ قبيلن جو تفصيل بيان ڪجي ٿو؛
ڀيل: ڀيل مارواڙين جي هڪ تمام اوائلي ۽ پراڻي ذات آهي، جنهن جا هيٺيان مکيه قبيلا مارواڙي ٻولي ڳالهائيندا آهن. انهن مان سنڌ ۾ آباد اڪثريت مارواڙي ٻوليءَ جو جيسلميري لهجو ڳالهائيندڙن جي آهي:
”1. مرکٽ 2. لِهڙيا 3. جاکٽيا 4. گوندي 5. ميههَ 6. لاوِتيا 7. سِنڌڻيان 8. سُونڊيا 9. چُهڙي 10. لوٽَ.“(6)
جڏهن ته سنڌ ۾ مارواڙي ٻولي ڳالهائيندڙن جي ٻي وڏي ذات مينگهواڙ آهي، جنهن جون هيٺيون اهم ذاتيون مارواڙي ٻوليءَ جو جوڌپوري لهجو ڳالهائينديون آهن.
مينگھواڙ: پرمار، پنوار، مهرڙا، اڻکِيا، منگي، سولنڪي وغيره
مارواڙي ٻوليءَ جون لغوي ۽ صوتياتي خاصيتون:
مارواڙي ٻولي 50 کان 65 سيڪڙو هندي ٻوليءَ سان لغوي هڪجهڙائي رکي ٿي. اُن ۾ ڪيترائي ساڳئي بڻ بڻياد وارا لفظ هنديءَ جهڙا آهن، جن ۾ واضح لغوي ۽ صوتياتي هڪجهڙائي موجود آهي. هنديءَ ۾ ’س‘ ۽ مارواڙيءَ ۾ ’هه‘ جي صوتياتي مطابقت به ان ۾ شامل آهي
مثال طور: هنديءَ ۾ سون کي سونا سڏيو ويندو آهي ته مارواڙيءَ ٻوليءَ جي جيسلميري لهجي ۾ ’سون‘ کي ’هونُ‘ جڏهن ته ڪن جاين تي جوڌپوري لهجي ۾ ’سون‘ کي ’خوڻ‘ به سڏيو ويندو آهي. مارواڙيءَ جي ’هه‘ کي ڪڏهن ڪڏهن ساڪن/ حذف به ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته مارواڙي ٻوليءَ ۾ حرف علت جون تبديليون مختلف هونديون آهن. گھڻو ڪري ضمير ۽ استهفام به ٻين ٻولين کان مختلف هوندا آهن. جيئن:
نمبر سنڌي سوالي جملي ۾ استهفام مارواڙي سوالي جملي م استهفام
1 توهان جو نالو ڇا آهي؟ تان جو نالو ڪِي هي؟
2 توهان ڪٿي ويٺا آهيو؟ ٿي ڪٿِ ٻيٺا هو؟
3 توهان جي ڳوٺ جو وڏيرو ڪير آهي؟ ٿاري گان رو بڏيرو ڪُوڻ هي؟
4 توهان ڪهڙو ڪتاب پيا پڙهو؟ ٿي ڪَهيو ڪتاب پڙهوئي ها؟
5 توهان انگريزي ڇو ٿا سکو؟ ٿين انگريزي ڪِيان سيکوئي ها؟
6 توهان غريبن جي مدد ڪيئن ڪندو؟ ٿين غريبان ري مدد ڪيڪر ڪرسو؟
ان کان علاوه مارواڙي ٻولي سنڌيءَ سان تمام گھڻي لغوي ۽ صوتياتي هڪجهڙائي رکي ٿي. جهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾، (ڙ،ڻ،ٻ ۽ ڏ) جا آواز ٻين ٻولين جي آوازن جي نسبت هڪ منفرد حيثيت رکن ٿا. جن جهڙا آواز ٻين ٻولين ۾ موجود نه آهن، اهڙيءَ طرح مارواڙي ٻوليءَ ۾ (ڙ،ڻ،ٻ ۽ ڏ) جا آواز ۽ صوتيا بلڪل سنڌيءَ جهڙا ئي آهن. هيٺ مارواڙيءَ ۽ سنڌيءَ جا ڪجهه اهڙا لفظ ڏجن ٿا، جن مان مارواڙي ٻوليءَ جي سنڌيءَ سان لغوي ۽ صوتياتي هڪجهڙائي واضح ٿئي ٿي؛

نمبر صوتيو/ اکر/ آواز مارواڙي ٻوليءَ ۾ استعمال سنڌيءَ ۾ معنيٰ سنڌيءَ ۾ استعمال
1
ڻ هيڻا هاڻي، هن وقت وڻ، واڻ، سمهڻ
ڻ ڪِڻي ڪيڏانهن، ڪاڏي ساڳيو
ڻ جاڻڻ ڄاڻڻ ڄاڻڻ

2 ڙ سوڙهو سوڙهو سوڙهو، ڳاڙهو، ڳُوڙهو
ڙ گُڙُ ڳُڙُ ساڳيو
ڙ ڪاڙهو گھُٽَ، ٻوسٽ ساڳيو

3 ٻ ٻُور ٻير ٻُڪُ، ٻوٽو، ٻيلو
ٻ ٻانڀڻ ٻانڀڻ ٻانڀڻ
ٻ ٻاپڙو ويچارو ٻيپهري

4
ڏ ڏک ڏک ڏاڍُ، ڏوراپو، ڏينهن
ڏ جاڏو ٿلهو ساڳيو
ڏ گوڏو گوڏو ساڳيو
مٿي ڏنل لفظن جي فهرست مان مارواڙي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لغوي ۽ صوتياتي هڪجهڙائيءَ جو اندازوڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته مارواڙي ٻوليءَ ۾ (ڄ،ڃ ۽ ڱ) جا آواز/ صوتيا موجود نه آهن، جنهنڪري ’ڄ‘ جي جاءِ تي ج+ن مان ٺهندڙ صوتيو استعمال ڪيو ويندو آهي. مثال طور؛ ڄام کي جانم اچارڻ مهل ’ن‘ کي ساڪن ڪري جام اچاريو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ’ڃ‘ جو آواز ج+ن سان اچاريو ويندو آهي، جيئن ؛ ’مڃ‘ کي منج ۽ ’ڱ‘ جو آواز ن+گ جي اچار سان اچاريو ويندو آهي. مثال: مڱتو کي مارواڙي ٻوليءَ ۾ منگتو جي آواز سان اچاريو ويندو آهي.
مارواڙي ٻوليءَ ۾ جملن جي نحوي جوڙجڪ:
مارواڙي ٻوليءَ جي جملن جي نحوي جوڙجڪ بلڪل هنديءَ ۽ سنڌيءَ جهڙي ئي آهي. ان جي جملي جي بنيادي ترتيب مطابق جملي ۾ سڀ کان پهريان فاعل پوءِ مفعول ۽ آخر ۾ فعل ايندو آهي. مثال طور:
(فاعل+مفعول+ فعل)
نمبر سنڌي جملي جي نحوي جوڙجڪ مارواڙي جملي جي نحوي جوڙجڪ
1 مان ڪتاب پڙهان ٿو. (فاعل+مفعول+فعل) هون ڪتاب پڙهين هو.(فاعل+مفعول+فعل)
2 ڇوڪرا راند کيڏن ٿا. (فاعل+مفعول+فعل) ٻاڙيا رَمَئي ها. (فاعل+مفعول+فعل)
مارواڙي ٻوليءَ جي سنڌيءَ سان لغوي ۽ صوتياتي هڪجهڙائي:
مارواڙي ٻوليءَ جا لفظ ٻين مشرقي هند آريائي ٻولين خاص طور تي راجسٿاني، گجراتي ۽ هنديءَ سان هڪجهڙائي رکن ٿا، پر انهن جي گرامر جا بنيادي قائدا ۽ اصطلاح هڪٻئي کان واضح طور تي مختلف آهن. ان کان علاوه مارواڙي ٻوليءَ ۾ پراڻي سنسڪرت جا ڪيترائي اهڙا لفظ به استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيڪي هنديءَ ۾ به موجود نه آهن.
جئين مٿي بيان ٿي چڪو ته مارواڙي ٻولي پنهنجي لغوي ۽ صوتياتي خصوصيتن جي لحاظ کان راجستاني ۽ گجراتي ٻولين سان ڪافي مطابقت رکي ٿي. اهڙيءَ طرح ان ۾ سنسڪرت، هندي، سنڌي ۽ ٻين به ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ موجود آهن. هيٺ ماراوڙي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لغوي ۽ صوتياتي هڪجهڙائيءَ جو جائزو ورتو وڃي ٿو.
مارواڙي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جيان سنڌي ٻوليءَ جا به ڪيترائي لفظ استعمال ٿين ٿا، جن مان ڪي لفظ ته مارواڙي ٻوليءَ ۾ سنڌيءَ جي لغوي ۽ صوتياتي خاصيتن وانگر بلڪل جيئن جو تيئن ساڳيءَ صورت ۾ استعمال ٿين ٿا. جڏهن ته ڪجهه لفظ ڪنهن حرف يا اعرابن جي معمولي تبديليءَ سان تقريباً ساڳي ئي لغوي ۽ صوتياتي ڪارج تحت استعمال ٿين ٿا. هيٺ انهن لفظ جي فهرست ڏني وئي آهي، جيڪي سنڌي ۽ مارواڙي ٻولين ۾ بلڪل ساڳي لغوي مفهوم ۽ صوتياتي خاصيت ۽ ڪارج تحت استعمال ٿين ٿا. ان سان گڏوگڏ لفظن جي هيٺ ڏنل فهرست مان سنڌ ۽ هندستان ۾ ڳالهائجندڙ مارواڙي ٻوليءَ جي لهجاتي/ صوتياتي فرق جي خبر به پئجي سگهي ٿي.
نمبر سنڌي ٻولي سنڌ جي مارواڙي هندستان جي مارواڙي
1 ڌمال ڌمال ڌمال
2 دام دام دام
3 گوري (ڀوري، اڇي رنگ جي) گوري گوري
4 مڇر ماڇر ماڇر
5 مامو مامو مامو
6 نفعو نفعو نفعو
7 نيارو نيارو نيارو
8 ڦيرا ڦيرا ڦيرا
9 روهيڙو روهيڙو روهيڙو
10 سينگار سينگار سينگار
11 سيج سيج سيج
12 سِيرو (حلوو) سِيرو سِيرو
13 سِرُ سِرُ سِرُ
14 ٽاٻر ٽاٻر ٽاٻر
15 تغاري تگاري تگاري
16 روپيا رپيا رپيا
17 ليڙو( ڊگھي پٽي، ڦتيل) ليڙو ليڙو
18 مِتيرو (هنداڻي جهڙو ميوو) مَتيرو مِتيرو
19 ميلو ميڙو ميلو
20 ڪچو(اڻ پڪل) ڪچو ڪچو
21 چوماسو چوماسو چوماسو
22 لوڻ لوڻ لوڻ
اهڙيءَ طرح مارواڙي ٻوليءَ ۾ ڪجهه اهڙا لفظ به استعمال ٿين ٿا، جيڪي فقط ڪنهن حرف يا معمولي صوتياتي تبديليءَ سان سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ جي ساڳئي ڪارج/حيثيت تحت ئي استعمال ٿين ٿا. هن فهرست مان هندستان ۾ ڳالهائجندڙ مارواڙي ٻوليءَ ۽ سنڌ ۾ ڳالهائي ويندڙ مارواڙي ٻوليءَ جي لهجاتي فرق جو اندازو به ڪري سگھجي ٿو.
نمبر سنڌي ٻولي سنڌ جي مارواڙي هندستان جي مارواڙي
1 انب آنبو آنبو
2 انڌو آنڌو آنهون
3 اڻڄاڻ انجانيو انجانيو
4 بابو بابو بابو
5 بادل، ڪڪر پِڇون، جُھڙ بادلي
6 ڀيڻ ٻائي بيڻ/ڀان
7 ٻاجھري ٻاجھري باجرو
8 ڀاڻيجو/ ڀاڻيج ڀاڻيجو ڀاڻيج
9 ڀاڄائي ڀاڀي/ ننڍي ڀاءُ جي زل’لاڏي‘ ڀوجائي
10 چانڊوڪي چاندروکي چانَني
11 چوکو(چڱو) چوکا چوکا
12 چولو چوليو چوليو
13 گھڻا گھڻا گھنا
14 هئا هيا ها
15 هئو هيو هو
16 ها هون هون
17 جانور جناور جناور
18 ڪاغذ ڪاغذ ڪاگد
19 ڪانگو، ڪانءُ ڪانءُ ڪاگلو
20 ڪمبل ڪمل ڪمل
21 ڪٿي ڪاٿئه ڪاٿئه
22 کِپَ (ريگستاني ٻوٽو) کيمپ کِمپ
23 ڪونر، ڪونار ڪونار ڪونڊ
24 لڻائي،لابارو لڻائي لُنوائي
25 مور مور موريو
26 مزدور مجور مجور
27 مهانگو مهانگو مَهنگو
28 نئون نِئون نُئنون
29 مڃَ منجَ مونج
30 پازيب پاجيب پاجيب
31 ڦوڳ ڦوڳ ڦوگ
32 پاڏي پاڏي پاڊي
33 روازانو روجانو روجينا
34 سانوري ساونوڙي سانولي
35 سُچيت سُچيت ساوچيت
36 سچي سانچي سانچي
37 سيارو سياڙو سيالو
38 سپنو ،خواب سپنو سپنون
39 ڪونجون (ڪونج پکي) ڪونجون ڪُرجان
40 مِنيهُن مِينهُن مِيهُه
41 موذي موجي موجي
42 گهرو گيهرو گيرو
43 ڇوڪرو ڇورو ڇورو
44 ڇوڪري ڇوري ڇوري
45 چاهُه چاهُه چاوُ

نتيجا:
هن سموري بحث مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته مارواڙي ٻولي دنيا جي اوائلي ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا لغوي، نحوي توڙي صوتياتي اعتبار کان پراڻي سنڌو ماٿر جي ڏکڻ-اولهه وارين ٻولين هندي، سنڌي، گجراتي، راجسٿاني ۽ سنسڪرت سان گھرو تعلق رکي ٿي. جهڙيءَ طرح مارواڙي ٻوليءَ جو راجسٿاني، گجراتي ۽ هندي ٻوليءَ سان گھرو تعلق آهي، اهڙيءَ طرح ان جو سنڌي ٻوليءَ سان به لغوي نحوي ۽ صوتياتي تعلق آهي، جنهن جو بنياد مارواڙي ۽ سنڌي ٻوليءَ جون پاڻ ۾ لغوي، نحوي ۽ صوتياتي هڪجهڙايون آهن. جن مان اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته مارواڙيءَ ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ (ڙ، ڻ، ٻ ۽ ڏ) وغيره جا آواز ۽ انهن جو صوتياتي ڪارج ساڳيو ئي آهي. جڏهن ته ٻنهي ٻولين جي ڪيترن ئي لفظن جي صرفي جوڙ جڪ ۽ لغوي مفهوم به ساڳيو ئي آهي. ان کان سواءِ جملن جي نحوي ترتيب (جهڙوڪ؛ جملي ۾ فاعل، مفعول ۽ فعل جي ترتيب) به ٻنهي ٻولين ۾ ساڳي ئي آهي. جڏهن ته ٻنهي ٻولين ۾ ڪيترائي جملا ساڳيو ئي لغوي ڪارج ادا ڪن ٿا. جيئن؛ پاڻي پيار، فصل گھڻو لٿو وغيره. ان مان اها ثابتي ملي ٿي ته ٻيئي ٻوليون بنيادي طور تي ڪنهن اهڙيءَ ٻوليءَ مان اسريون آهن، جنهن جون لغوي، صرفي، صوتياتي ۽ نحوي خوبيون ٻنهي ٻولين ۾ موجود آهن. يا ان ڳالهه کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ٻنهي مان ڪنهن هڪ ٻوليءَ جو ٻيءَ تي تمام گھڻو لغوي ۽ صوتياتي اثر رهيو آهي. البته مارواڙي ٻوليءَ ۾ ضمير ۽ استهفام سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ ٻين ٻولين کان به مختلف آهن.
حاصل مطلب ته مارواڙي ٻولي تاريخي لحاظ کان هڪ قداور ٻولي آهي، جيڪا ڪيترين ئي صدين کان هند ۽ سنڌ جي گھٽ ذات وارن ماڻهن جي ٻولي آهي. انهن ۾ ڀيل ۽ مينگھواڙ بنيادي ذاتيون آهن، جيڪي سنڌو ماٿر جون اوائلي ذاتيون سمجهيون وڃن ٿيون. ان مان اهو اندازو پڻ لڳائي سگهجي ٿو ته سندن ٻولي به اوتري ئي اوائلي آهي. پر ان ٻوليءَ تي جديد انداز ۾ تحقيق جي وڌيڪ ضرورت آهي، ته جيئن سنڌيءَ ۽ مارواڙي ٻولين جا هڪٻئي سان صرفي، صوتي ۽ لغوي لاڳاپا ۽ انهن جي باهمي ڪارج جهڙا ڪيئي نوان پهلو سامهون اچي سگهن.

حوالا
1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر،” جامع سنڌي لغات“، حيدرآباد، سنڌي لينگويج اٿارٽي،2007ع
2. https://en.wikipedia.org/wiki/marwr
3. ڊي.ڪي، ٽئڪنيٽ، ڊاڪٽر،”مارواڙي سماج“ جئه پور،انڊين انسٽيٽيوٽ آف مارواڙي انٽرپارٽنرشپ، 1993ع،ص:20.
4. مارواڙي، جمن، استاد، ”مارواڙي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تاريخ تي ڪيل روبرو انٽرويو“، محرابپور، 20، نومبر، 2016ع
5. ايضاً
6. ايضاً
7. مارواڙي، جمن، استاد، ”مارواڙي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تاريخ تي ڪيل روبرو انٽرويو“، محرابپور،20، نومبر،2016ع (مارواڙي ٻوليءَ جي تاريخ، اهيمت، ۽ ڪارج بابت مواد حاصل ڪيو ويو)
8. مينگھواڙ، رحيم،”روبرو ڪيل انٽرويو“،محرابپور،20، نومبر، 2016ع. (جوڌپوري لهجي ۽ مينگھواڙن جي ذاتين بابت مواد حاصل ڪيو ويو.)
9. مارواڙي، جمن،استاد،”مارواڙيءَ ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۽ تبديلين بابت گفتگو“، محرابپور،21،نومبر،2016ع (مارواڙي ٻوليءَ جي صرفيات، صوتيات ۽ نحويات بابت مواد حاصل ڪيو ويو)
10. مينگھواڙ، نديم، ”ٽيلفون تي ٿيل گفتگو“، ڪوٽ ڏجي، 21 ،نومبر،2016ع.( مينگهواڙن جي ذاتين ۽ لهجن بابت مواد حاصل ڪيو ويو.)
Internet:
(1) https://en.wikipedia.org/wiki/marwr
(2) https://en.wikipedia.org/wiki/marwripeople
(3) Https://en.wikipedia.org.wiki/marwarilanguage
(4) Https://en.wikipedia.org.wiki/dictionary
(5) Https://en.wikipedia.org.wiki/marwar/history
954 ڀيرا پڙهيو ويو