پير حسام الدين شاهه راشديءَ جون صحافتي خدمتون
(JOURNALISTIC CONTRIBUTION OF PIR HUSSAM U- DIN RASHDI)

محمد علي لغاري / نصرالله ڪابورو
Abstract:

Pir Hussam-u-Din Shah Rashidi was born on 20th September 1911. His native place is Bihman, which is located at Ratodero, District Larkana . His family had a religious bent. He belonged to a landlord family, but he had a great interest towards education and literature from his childhood. He showed his interest in poetry, criticism, fiction, journalism and historical research work.
His work for journalism, as compared to his contemporaries, is still matchless. Many books of Sindhi Adbi Board Jamshoro, including a quarterly magazine, were also published under his guidance. Not only that, but he performed editorial duties for high-rated Sindhi, Urdu, and Persian magazines and periodicals, such as: Alminar, Sindh Zamindar , Sitara Sindh, Qurbani , Mehran Risalo, Quarterly Pars, Urdu Risalo, and Iran Shinasi. These were published under his editorship for of many decades.
Pir Hussam –u- Din Shah Rashdi died on 1st April 1982. He is buried in the historical graveyard of Makli, at Thatta.
This literary article is a review of Pir Hussam –u- Din Shah Rashdi’s the services in the field of journalism.

’صحافت‘، عربي زبان جو لفظ آهي. صحافت، صحيفو يا مصحف وارا لفظ ساڳئي بڻ بڻياد مان نڪتل آهن ۽ هڪ ئي مصدر مان پيدا ٿيل مختلف شڪليون آهن، جنهن جي مذهبي معنيٰ الاهي الهام يا آسماني پيغام آهي. هن جي لغوي معنيٰ ٿيندي اخبار نويسي (يا خبرون لکڻ). لفظ ’صحافت‘ خود مصدر آهي، جنهن جو ماضي ٿيندو ’مصحف‘ ۽ مضارع ’يصحف‘، جنهن جي معنيٰ آهي اخبار يا رسالا لکڻ يا خبرون لکڻ وغيره. ان مان لفظ ’صحيفه‘ ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ننڍڙو ڪتاب يا رسالو. هن وقت ’صحيفه‘ جي معنيٰ اخبار آهي ۽ ’صحيفة اليوم‘ جي معنيٰ اڄوڪي يا اڄ واري ڏينهن جي اخبار آهي. (عزيز الرحمان 1988 ص 5 )
دنيا جي پهرين اخبار چين ۾ شايع ٿي هئي، جيڪا ڪاٺ جي بلاڪن سان ڇپي هئي. ان جي ڪافي صدين کانپوءِ سنڌ ۾ صحافت جي باقاعدي شروعات 19هين صديءَ جي وچ ڌاري ٿي هئي. ان کان اڳ مغلن جي دؤر ۾ وقائع نويسي جو رواج هو، جنهن کي اسين اخبار نويسي يا صحافت جو ابتدائي نمونو چئي سگهون ٿا. ان وقت سرڪاري سطح تي سنڌ جي حالتن کان با خبر رهڻ لاءِ مغلن طرفان هڪ وقائع نگار سنڌ ۾ رهندو هو، جيڪو کين سنڌ جون سياسي، سماجي حالتون ۽ ٻيون خبرون بروقت مرڪز يعني دهليءَ ڏانهن پهچائيندو هو.
سنڌ ۾ صحافت جي باقاعدي شروعات انگريزن فتح سنڌ جي ٻئي سال ڪئي. انهن ڪراچيءَ مان پهرين مڪمل انگريزي اخبار”ڪراچي ائڊورٽائيزر”(Karachi Advertiser) نالي ڪڍي. ان بعد 1854ع ۾ ٻي، انگريزي اخبار ’سنڌين‘(Sindhian) ۽ پوءِ ٽين اخبار ’سنڌ قاصد‘ ڪراچيءَ مان ئي جاري ڪيون. ان کانپوءِ ته ’مفرح القلوب‘ 1855ع ’فوائد الاخبار‘ (1858ع، اڌ سنڌي ۽ اڌ فارسي زبان ۾) ۽ ’مطلع خورشيد‘ (1860ع) شايع ٿيڻ لڳيون. سنڌي زبان ۾ پهرين مڪمل اخبار ”سنڌ سڌار“ هئي، جيڪا 1866ع کان شايع ٿيڻ لڳي. ان کانپوءِ باقاعدگيءَ سان سنڌي اخبارون نڪرڻ شروع ٿيون ۽ نڪرن ٿيون.
ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ اسان جي راشدي ڀائرن صحافت جي باقاعده شروعات ڪئي، ”انهن ڏينهن ۾ اخبار ڪڍڻ قانوني طرح سولو ڪم هو، ڪنهن به مئجسٽريٽ جي اڳيان رڳو هڪ ڊڪليئريشن ڏيڻو پوندو هو ته آءُ فلاڻي هنڌان فلاڻي اخبار ڪڍڻ گهران ٿو. مئجسٽريٽ ان جي تصديق ڪندو هو ۽ ان آڌار تي پوسٽ آفيس مان رعايت حاصل ٿي ويندي هئي. اجازت جو ڪوبه مسئلو نه ٿيندو هو. انگريزن جي اها پاليسي هوندي هئي ته جيتري قدر ٿي سگهي ماڻهو کي آزادي ۽ سهولت هجي“.( راشدي علي محمد 1983 ص . 8)
صحافت کي ان وقت صحافي حضرات هڪ مقدس پيشي طور اپنائيندا هئا. سندن ايمانداري ۽ ڪردار جي باري ۾ ماڻهو ايترا ته حساس هوندا هئا، جيڪڏهن کين ڪو شڪ ٿئي ته فلاڻو اخبار نويس رڳو پئسن ڪمائڻ لاءِ اخبار ڪڍي ٿو ۽ عوام جي ڀلائيءَ جي نالي تي ڪا ڦيرگهير ڪري ٿو ته ماڻهو سندس اخبار خريد ڪرڻ ته ڇڏيو مرڳو وجهه ملندي ئي ساڻس ڪا نه ڪا جُٺ ڪندي به ويرم نه ڪندا هئا. اهو بيشڪ جائز سمجهبو هو ته اخبار نويس کليو کلايو پنهنجيءَ اخبار کي سرڪاري آرگن ڪري حڪومت جي ترجماني ۽ خوشامد ڪندا رهن، پر ڳالهه پڌري پٽ هجي، ظاهر هجي. منافقت نه هجي.( علي محمد راشدي 1983 ص.10 )
اهڙي صحافت جي ماحول ۾ اسان جي راشدي صاحب به قدم رکيو. اخبار نويسيءَ جي سکيا پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ کان ورتائين ۽ ان جي نقش قدم تي هلندي صحافت جو ڪافي تجربو حاصل ڪري ويو. هيٺ راشدي صاحب جي صحافتي خدمتن جو وچور پيش ڪجي ٿو:
الراشد:
پير حسام الدين راشدي 1924ع ۾ صحافت ۾ باقاعدي قدم رکيو ۽ ’الراشد‘ نالي ماهوار رسالي ۾ بطور سرڪيوليشن مئنيجر طور مقرر ٿيو. هي رسالو سندس وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڳوٺ ’بهمڻ‘ مان ڪڍيو هو. هن ۾ راشدي صاحب جو ڪم خريدارن جي لسٽ اپ ٽو ڊيٽ ڪرڻ، ايڊريسن جون سلپون ٺاهڻ ۽ ٽڪليون هڻڻ، بنڊل ٺاهي پوسٽ آفيس کڻي وڃڻ، آمدني ۽ خرچ جو حساب رکڻ، اهي سڀئي ڪم هن جي ذمي هوندا هئا ۽ هو ڏاڍي سليقي سان اهي فرض پورا ڪندو هو. (علي محمد راشدي 1983 ص. 8) هي ماهوار رسالو پهرين ’سنڌ زميندار پريس‘ سکر ۽ پوءِ ’الحنيف پريس‘ سکر مان شايع ٿيندو هو.
جاڳڻ :
سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته:
”1926ع ڌاري هيءَ اخبار نواب خالقداد ڀيو، جاڳڻ (شڪارپور) مان ڪڍڻ شروع ڪئي. پير حسام الدين راشدي هن اخبار جو نامه نگار ٿي ڪم ڪندو هو.“ (سيد جي ايم 1963 ص. 340)
ليڪن ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي پنهنجي ڪتاب ”شڪارپور جي صحافتي تاريخ“ ۾ هن اخبار جي بجاءِ نواب صاحب جي پندره روزه اخبار ’تنظيم‘ جو ذڪر ڪيو آهي.(هڪڙو انور فگار 2004 ص . 69 ۽ 137 )
المنار:
راشدي صاحب، عبدالرحيم کرل ۽ حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ (رشيد ڀٽيءَ جي والد) سان گڏجي هي ماهوار رسالو 1929ع ۾ سکر مان جاري ڪيو. اڳتي هلي هن ماهوار رسالي کي هفتيوار اخبار جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. هي رسالو حافظ عبدالحميد ڀٽي پنهنجي پرنٽنگ پريس شمسيه ڪتب خاني سکر مان شايع ڪندو هو. راشدي صاحب هن رسالي ۾ بطور ايڊيٽر خدمتون سر انجام ڏئي رهيو هو. هن رسالي ۾ لکيل سندس ايڊيٽوريل شاندار هوندا هئا.(ڀٽي رشيد 1983) راشدي صاحب، پنهنجا افسانه ۽ ناول به هن ئي اخبار ۾ شايع ڪيا هئا، جيڪي پوءِ ڪتابڙن جي صورت ۾ حافظ عبدالحفيظ ڀٽي مرحوم پنهنجي پريس مان شايع ڪيا هئا، جن جو تفصيل اڳتي ايندو.
پيغام:
هي هفتيوار رسالو مولانا عبدالڪريم چشتي مرحوم شڪارپور مان 17 آگست 1929ع ۾ جاري ڪيو. راشدي صاحب به هن اخبار جو 1930ع ۾ نمائندو مقرر ٿيو. هي رسالو ڇهه سال کن جاري رهڻ کانپوءِ 1935ع ۾ بند ٿي ويو.(فگار انور 2004 ص.77 )
سنڌ زميندار:
هيءَ اخبار، شيخ محمد قادر ۽ ٻين زميندارن جي ڪوشش سان جاري ٿي، ته جيئن زميندار ۽ عام مسلمانن جي حقن جي حفاظت ڪندي رهي. ان اخبار جو پهريون ايڊيٽر ماستر عبدالوهاب هو، ان کانپوءِ مسٽر احمد علي عليگ آيو. (راشدي علي محمد ح 3 ، 1966 ص. 53) ان وقت هيءَ اخبار ٻين روايت پسند اخبارن وانگر هلي رهي هئي. بعد ۾ جڏهن هيءَ اخبار خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي انتظام هيٺ آئي، تڏهن کهڙي صاحب پنهنجي سيڪريٽري پير علي محمد راشدي کي هن اخبار جو مئي 1929ع ۾ ايڊيٽر مقرر ڪيو. کهڙي صاحب 1930ع ڌاري پير علي محمد راشدي جي ٻين مصروفيتن کي ڏسي سندس ننڍي ڀاءُ راشدي صاحب کي هن اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. ان متعلق راشدي صاحب پنهنجي ياد گيرين ۾ لکي ٿو ته:
”هن (کهڙي صاحب) هڪ ڀيري سکر ويندي مون کي نصرت اسٽيشن تي ملڻ لاءِ چيو، جتي مان مليو مانس ته پوسٽ جي لفافي جي ڪاغذ جي ٽڪر تي مئنجر ڏانهن لکي ڏنائين. حسام الدين کي ٽيهه روپيه ماهوار پگهار سان ‘سنڌ زميندار’ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو وڃي.“ (راشدي حسام الدين 1977 ص. 133)
پير علي محمد راشدي، سيد حسام الدين راشدي ۽ خانبهادر کهڙي صاحب واري دور ۾ اخبار سنڌ زميندار ڳچيءَ مان سرڪار پرستيءَ وارو ڳٽ لاهي، خالص قوم پرستيءَ واري واٽ تي وکون وجهڻ شروع ڪيون هيون ۽ اخبار ڪافي نالو ڪڍيو هو. راشدي صاحب واري دور متعلق پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته:
”منجهس ايتري صلاحيت اچي ويئي هئي ته هو ايڊيٽوريل لکي سگهي. لکڻيءَ ۾ تيزي هوندي هيس ۽ لفاظيءَ کان وڌيڪ دليلن تي زور. ٿوري ئي وقت ۾ نالو ڪڍيائين ۽ مون کي خاطري ٿي ته منهنجين مصروفيتن ۽ غير حاضريءَ جي ڪري اخبار جي معيار ۾ ڪوبه فرق نه ايندو، منهنجي توقع سچي نڪتي.“ (راشدي علي محمد 1983 ص 9 )
1934ع ۾ پير علي محمد راشدي ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي صاحب وچ ۾ ڪجهه سياسي اختلاف ٿي پيا، جنهن ڪري ٻنهي جا رستا به الڳ الڳ ٿي ويا. پير صاحب پنهنجي سيڪريٽري شپ جي استعيفيٰ خانبهادر ڏانهن ڏياري موڪلي ته راشدي صاحب به ڀاءُ جي پوئلڳي ڪندي اخبار کي الوداع ڪيو. ان بعد ٻنهي راشدي ڀائرن سکر ڇڏي پنهنجي ڳوٺ بهمڻ ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
ستاره سنڌ:
1934ع ۾ ئي ٻئي راشدي ڀائر ڳوٺ ڇڏي هڪ ڀيرو ٻيهر سکر ويا، جتي پنهنجي نئين اخبار ڪڍيائون، معاشي وسيلن گهٽ هئڻ باوجود به ‘ستاره سنڌ’ جو ڊڪليئريشن وٺي، اخبار جاري ڪيائون. اخبار جو چيف ايڊيٽر پير علي محمد راشدي بڻيو، جڏهن ته راشدي صاحب ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏيڻ لڳو. راشدي صاحب جي ايڊيٽرشپ متعلق سندس وڏو ڀاءُ پير علي محمد راشدي ٻڌائي ٿو ته:
”حسام الدين ڪوشش وٺي پهرئين پرچي ۾ هر قسم جي موضوع تي تمام دلچسپ مواد ڪٺو ڪري ڏنو. ادب ۽ تاريخ کانسواءِ سياسي اهميت جون شيون به ڏنيون، مرحوم ۾ ٿوري جذباتيت هئي، کائنس رهيو نه ٿيو ۽ هڪ ئي وقت ڪيترائي محاذ کولي ويٺو ۽ هر هڪ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو.“ (راشدي علي محمد 1983ص . 14)
پير علي محمد شاهه راشدي اڳتي لکي ٿو ته:
”مرحوم (حسام الدين راشدي) جي مرضي هئي ته بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ جيڪو سنڌ جو نئون صوبو ٺهڻ وارو هو، ان جي سماج کي پوريءَ ريت نون بنيادن تي مضبوط بنايو وڃي. اڳ جا جيڪي دقيانوسي ادارا هئا ۽ جن ڪري سنڌجي عوام ۾ جهالت پکڙيل هئي، انهن سڀني کي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪيو وڃي. ”ان پاليسيءَ جو نتيجو هيءُ نڪتو جو وقت جون سموريون طاقتون اسان جون دشمن ٿي پيون ۽ اها ڳالهه هُلائڻ لڳيون ته اسان جي صحافت جو مقصد رڳو ڀڃ ڊاهه ۽ تباهي آهي. حسام الدين سڄو وقت دفتر ۾ هوندو هو ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ رڌل رهندو هو. ٻاهر ماڻهن سان سندس ميل ملاقات ڪين هوندي هئي. ٻاهر جو ڪم منهنجي ذمي هوندو هو.“ راشدي علي محمد 1983 ص. 15
بهرحال انهن محاذن جو نتيجو هي نڪتو جو سڀئي طاقتون سندن خلاف ٿي پيون ۽ هن اخبار ۽ سندس ايڊيٽرن مٿان مقدمو داخل ڪري ڇڏيائون. اهو مقدمو ساندهه ٽي سال يعني 1937ع تائين هليو ۽ نيٺ عدالت اهو مقدمو خارج ڪري ڇڏيو.
’ستاره سنڌ‘ شروع ۾ هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي، پر پوءِ 1936ع ۾ هن کي هفتيوار ڪيائون. هيءَ اخبار وڏي سائيز جي ڇهن صفحن تي مشتمل هوندي. هن اخبار کي ان وقت جي ناليوارن اديبن ۽ شاعرن جو تعاون حاصل هو، انهيءَ ڪري هن ۾ سياست سان گڏ علمي، تاريخي ۽ ادبي مواد پڻ شايع ٿيندو هو.
هن اخبار جا خاص نمبر ’بهار نمبر‘ ۽ ’عورت نمبر‘ خاص اهميت جا حامل آهن.(حا مد علي 1981. ص. 178 ) هن اخبار ۾ راشدي صاحب جا به ڪيترائي مضمون ۽ مقالا شايع ٿيا، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي پوءِ سندس ڪتاب “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون” ۾ شامل ڪيا ويا:
1. ميان محمد عارف صنعت – 26 آگسٽ 1934ع
2. مولانا محمد هاشم ۽ مولانا عبدالواحد جون تصانيف، 20-سيپٽمبر 1934ع.
3. تاريخ عرب جا قديم ماخذ،2-9 ۽ 16 ڊسمبر 1934ع.
4. بيدل جي دل جو ڌڻي 1935ع.
5. سنڌ جو هڪ محسن گهراڻو- بهار 1936ع
31 مارچ 1937ع تي راشدي ڀائرن جي والد سيد حامد علي شاهه جي ڳوٺ بهمڻ ۾ رحلت ٿي. انهيءَ غمناڪ واقعي ڪري ٻئي ڀائر ‘ستاره سنڌ’ بند ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر سکر کي الوداع ڪري ڳوٺ نڪتا. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو ته وڏو ڀاءُ يعني پير علي محمد راشدي ڳوٺ بهمڻ ڇڏي ڪراچيءَ ويو، جتي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين.
جڏهن ته ننڍو ڀاءُ يعني راشدي صاحب اتي ڳوٺ ۾ ئي خانداني پيشي زمينداريءَ کي لڳي ويو. سندس هارين نارين سان ورتاءُ تمام چڱو هوندو هو. ڇهن مهينن پڄاڻان پير علي محمد راشديءَ کيس ڪراچيءَ گهرائي ورتو.
قرباني:
هيءَ اخبار 1932ع ۾ شڪارپور مان نڪرڻ شروع ٿي. هن جو ايڊيٽر رامچند ولد ويرومل بيگراج هو. 1945ع ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد جا مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف ٿي پيا، تڏهن سيد صاحب هيءَ اخبار خريد ڪري ڪراچيءَ آندي. سائين جي.ايم. سيد لکي ٿو ته:
”1945ع جي آخر ۾ جڏهن اسان جا اختلاف مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان پيدا ٿيا ۽ الوحيد اخبار مخالف پروپيگنڊا ڪرڻ لڳي، ته اسان شڪارپور مان نڪرندڙ ’قرباني‘ اخبار ۽ پريس خريد ڪري، ڪراچيءَ ۾ آندي. پهرين ان جو ايڊيٽر مولوي خير محمد نظاماڻي هو، پر ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن ڏٺو ويو ته پارٽيءَ جي هو صحيح ترجماني نه ٿو ڪري، ته اخبار جي نظر داريءَ جو ذمو ميان علي محمد شاهه کنيو.“ (حامد علي 1981، ص. 178 )
’قرباني‘ اخبار ۾ به ٻئي ڀائر گڏجي ڪم ڪندا هئا. راشدي صاحب 1945ع جي آخر کان 1946ع تائين هن اخبار جو ايڊيٽر رهيو. ان اخبار ۾ ڪيترن وقتن تي ميان حسام الدين به بنا نالي جي مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکندو هو.
جڏهن مسلم ليگ وارن پنهنجا مخصوص ذريعا استعمال ڪري، مون کي سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شڪست ڏياري ته ان وقت هن جو ‘قرباني’ ۾ لکيل ايڊيٽوريل ادبي شاهڪار ڪري ليکجي ته بجا ٿيندو.( سيد جي ايم جنب گذاريم جن سين 1968 (جلد 2 ص. 207 )
1947ع ۾ محمد ايوب کهڙي پنهنجي وزارت اعليٰ دوران هن اخبار کي زبردستي بند ڪرائي ڇڏيو.
ٽه ماهي مهراڻ:
1940ع ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير مرحوم سائين جي ايم سيد، سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ‘مرڪزي صلاحڪاري بورڊ’ قائم ڪيو، هن مرڪزي صلاحڪار بورڊ (موجوده سنڌي ادبي بورڊ) جنوري 1946ع کان ‘مهراڻ’رسالي جي اشاعت شروع ڪئي.(سيد جي ايم 1968 ص. 41 340 )
جيڪا اڄ تائين بنا وقفي جي (دير مدير) جاري وساري آهي.
ٽه ماهي مهراڻ جو راشدي صاحب جنوري 1957ع کان ڊسمبر 1958ع تائين ايڊيٽر پڻ رهيو، مگر پوءِ دل جي عارضي سبب اهو منصب ڇڏي منيلا علاج لاءِ هليو ويو، جتي سندس ڀاءُ پير علي محمد راشدي پاڪستان سرڪار پاران سفير هو.
هن رسالي ۾ راشدي صاحب جا ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ تقريرون پڻ ڇپيون، جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
1. سنڌ جي تاريخ جا ماخذ- سيارو (1955ع)
2. آخوند محمد بچل انور- سرءُ (1955ع)
3. مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد- بهار (1955ع)
4. منشي صاحبراءِ آزاد، اونهارو ( 1955ع)
5. مير علي شير قانع ٺٽوي (2-1956ع)
6. منصوره جي تاريخ جو هڪ باب (1-1961ع)
7. ٺٽي ۽ ديبل جو تقابلي مطالعو (1-2-1966ع)
8. ڄام نظام الدين سمون (3-4-1966ع)
9. مولانا محب علي سنڌي (1-1967ع)
10. سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا ( 4-1968ع)
11. ڏهين صدي هجريءَ جي سنڌ (1-1971ع)
12. ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي (-1-3-1971ع)
13. ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي (-2-3-1972ع)
14. سنڌ جي تاريخ جا ماخذ ۽ کوجنا لاءِ پيدا ٿيل دقتون ( 1-2-1973ع)
15. منهنجو علمي ۽ فڪري سفر (1-1974ع)
16. تذڪره مشائخ سيوستان (3-4-1974ع)
17. اصفهان نصف جهان ۽ سندم سنڌ سونهاري ( 4-1975ع)
18. ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف ( 1-1980ع)
19. سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا (اردو تان ترجمو، غلام محمد لاکي صاحب ڪيو) ( 4- 1984ع)
20. سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي خط (سنڌي ترجمو: غلام محمد لاکو (1-1987ع)
21. سلطان محمود بکري ۽ شاهه طهماسپ جا لاڳاپا (1-1988ع)
22. فردوسي ۽ شاهه نامي جو سنڌ تي اثر( فارسيءَ تان عبدالرسول قادريءَ ترجمو ڪيو)،2-1989ع
23. فتويٰ عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف ۽ سندن بزرگ (فارسيءَ تان ترجمو عبدالرسول قادريءَ صاحب ڪيو)، 2-1990ع
24. هڪ يادگار تقرير، 2-3-1991ع
مٿيان سڀ مضمون، مقالا ۽ تقريرون سندس ٻن ڪتابن ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۽ ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ (مرتب غلام محمد لاکو) ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
ٽه ماهي پارس:
ٽه ماهي ’پارس‘، فارسي زبان جو رسالو هو. راشدي صاحب هن رسالي جو 1965ع ڌاري ايڊيٽر مقرر ٿيو. (آگرو غلام نبي 1991 ع ص. 360 )
اردو:
هي رسالو انجمن ترقي اردو ڪراچيءَ پاران جاري ڪيو ويو هو. راشدي صاحب هن رسالي جو 1967ع ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو هو. راشدي صاحب جا هن رسالي ۾ هيٺيان مضمون ۽ مقالا شايع ٿيا هئا:
اردو زبان ڪا اصل مولد (سنڌ) (اپريل 1951)
مولانا محب علي سنڌي (آڪٽوبر 1951)
سنڌ ڪي اردو شعراء (آڪٽوبر 1951)(سرفراز سيد 1976 ع ص. 42 )
سه ماهي فارسي:
هن ڇهه ماهي مخزن جي ڄاڻ ڊاڪٽر محمد سليم اختر صاحب پنهنجي تقرير/ مقالي ۾ ڏني آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو ٽه ماهي مهراڻ 2/2009ع ۾ شايع ٿيو هو. هو صاحب ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو:
”سن 1965ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ايران، پاڪستان ڪلچرل ائسوسي ايشن جو قيام عمل ۾ آيو. هن اداري جي ٻن نائب صدرن مان پير صاحب به هڪ هو. سندس ٻه ويجها ساٿي هر هڪ ممتاز حسن، صدر ۽ بي-اي-ڊار ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر مقرر ڪيا ويا.“ (اختر سليم 2009 ، ص. 51 )
اڳتي لکي ٿو:
”ائسوسي ايشن ساڳئي موقعي تي ’فارسي‘ نالي هڪ ڇهه ماهي مخزن به جاري ڪئي، جيڪا ادب، تحقيق، آثار قديه، تاريخ ۽ ايرانالاجيءَ تي تحقيق لاءِ وقف ٿيل هئي. ان نامياري مخزن جي ايڊيٽوريل بورڊ تي ممتاز حسن، سيد حسام الدين راشدي ۽ بي-اي ڊار مقرر ٿيا. ان رسالي جو پهريون (۽ شايد آخري) پرچو آڪٽوبر 1967ع ۾ پڌرو ٿيو. هاڪاري ايراني دانشور سعيد نفيسي (وفات 14 نومبر 1966ع) جي وفات جي خبر ۽ ائسوسي ايشن جي سالياني ڪار گذاري سان گڏوگڏ ان ۾ پنج شاندار مقالا هر هڪ بي-اي-ڊار، ڊاڪٽر ايم-اي غفور، ممتاز حسن (انگريزي ۾)، احمد گلچين معاني ۽ سيد حسام الدين راشدي (فارسي) ۾ ڇپيا.“ (اختر سليم 2009 ، ص. 53 )

ايران شناسي:
راشدي صاحب جي فارسي زبان جي خدمتن عيوض نه صرف ايران جي شاهي اعزازن سان نوازيو ويو، بلڪه کيس ايران سرڪار جي مخزن”ايران شناسي“ جو 1969ع ۾ ايڊيٽر پڻ مقرر ڪيو ويو. هي رسالو 1967ع کان وٺي تهران مان نڪرندڙ هو.

حوالا
1. ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر ، سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ: ڇاپو اول، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1988ع،ص-5.
2. راشدي، پير علي محمد حسام الدين مرحوم، حسام الدين ڪيئن بنيو!(مضمون ٽه ماهي مهراڻ 1983ع): ، ص-8.
3. ساڳيو ، ص. 10
4. ساڳيو، ص- 8.
5. سيد، جي ايم جنب گذاريم جن سين (جلد2)، 1963 ع ص-340.
6. هڪڙو انور فگار ڊاڪٽر، شڪارپور جي صحافتي تاريخ: روشني پبليڪيشن 2004 ع ص69 ۽137.
7. ڀٽي رشيد، پير حسام الدين جي افسانه نگاري- هلال پاڪستان مئگزين، سيپٽمبر 1983ع.
8. هڪڙو انور فگار ڊاڪٽر، شڪارپور جي صحافتي تاريخ: روشني پبليڪيشن 2004 ع ص-77.
9. پير علي محمد راشدي،اهي ڏينهن اهي شينهن (جلد 3)1966ع حوالو ڏنل، ص-53.
10. سيد حسام الدين راشدي، هو ڏوٿي هو ڏينهن: ڇاپو اول، 1977ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص-133.
11. پير علي محمد راشدي،حسام الدين مرحوم، حسام الدين ڪيئن بنيو!(مضمون) ٽه ماهي مهراڻ 1983ع ، ص-9.
12. ساڳيو، ص-14.
13. ساڳيو، ص-15.
14. خانائي قريشي حامد علي ڊاڪٽر، سنڌي زبان جا ادبي ماهوار رسالا (1855ع کان 1935ع تائين): ٽه ماهي مهراڻ، 1-1981ع،ص-178.
15. 15. سيد. جي ايم، جنب گذاريم جن سين (جلد2)، 1963 ع ، ص-207.
16. ساڳيو ص، 41-340.
17. ٽکڙائي اسدالله شاهه حسيني ڊاڪٽر: سنڌي ادبي بورڊ جو جشن ڏهساله (68-1958ع): ص-12
18. آگرو غلام رباني، جهڙا گل گلاب جا (جلد2): سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ڇاپو اول 1991ع، ص-360
19. رضوي، سيد سرفراز علي: اشاريه سه ماهي اردو، ڪراچي: انجمن ترقي اردو پاڪستان، 1976ع، ص 42
20. اختر محمد سليم ڊاڪٽر: پير حسام الدين راشدي (سوانح ۽ خدمتون: هڪ مجمل تذڪرو): ٽه ماهي مهراڻ، 2009/2ع،ص-51.
21. ساڳيو، ص-53
575 ڀيرا پڙهيو ويو