سنڌو لکت جا لفظ: هڪ اڀياس
(A study of Words of Indus Script)
پروفيسر رستم خاصخيلي
Abstract:
The major cities of the Indus Valley Civilization (IVC), also known as Bronze Age Civilization, Harappa and Mohen jo Daro, dating to around 3300 B.C., represent some of the largest human habitations of the ancient world. The culture prevailing in these ancient cities was unique and distinct, and the cities were highly developed.
Furthermore, thousands of inscribed seals have also been found at these sites. Deciphering the seals, archeologists mostly hint that these could be read and concluded that the Indus script is a complete writing system rather than corpus of mere signs and symbols.
This paper maintains that the Indus Script is not merely a collection of signs, but a full-fledged writing system. Similarly, many of the words have been read and compared with the Roman English and the Birahimi Script.
نئين بين الاقوامي سروي مطابق ماضيءَ ۾ سنڌو ماٿريءَ جي پکيڙ، موجوده پاڪستان، افغانستان جي ڪجهه حصي، ڪشمير، راجسٿان، اُتر پرديش ۽ گجرات جي علائقن تائين هئي. انهن علائقن ۾ 60 کان وڌيڪ اهڙا ماڳ آهن. جن کي عالمي سطح تي اَثار قديمه قرار ڏنو ويو آهي. انهن مڙني ماڳن تان مختلف قسمن جون قديم شيون مليون آهن. (1)
پر انهن سڀني ماڳن مان سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي موجود ٻه ماڳ اهڙا به آهن، جن کي آرڪيالاجي ماهرن دنيا جا قديم ۽ اهم آثار قرار ڏنو. هڙپه ۽ موهن جو دڙو نالي سان مشهور اهي ٻيئي ماڳ پاڪستان جي سرزمين تي آهن. جيڪي ڪيتريون ئي صديون مِٽيءَ جي تَــهَنِ هيٺيان دٻيل هئا ۽ 1921 ۾ ٿيل کوٽائيءَ کانپوءِ انهن ٻنهي شهرن مان وڏي تعداد ۾ لکت واريون مُهرون، رانديڪا، ٿانو، زيور، مالهائون ۽ مورتيون مليون ، جيڪي سنڌو ماٿريءَ جي شاندار تهذيب جي ساک ڏين ٿيون.
موهن جي دڙي مان مليل مهرن ۽ مورتين جون تصويرون
دنيا جي ڪنهن به قديم ماڳ يا دفن ٿيل شهر مان اهڙيون لکت واريون مهرون نه مليون آهن. اُن ڪري دنيا جي وڏن، آرڪيالاجي ماهرن، سنڌو لکت(Indus Script) کي پنهنجي تحقيق جو مرڪز بڻايو آهي ۽ انهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌو لکت کي صحيح طريقي سان ترجمو ڪجي ته دنيا کي وڏي تاريخي ڄاڻ ملندي ۽ انهن خاموش شهرن بابت اصل حقيقتون پڻ سامهون اينديون. تنهنڪري ئي لسانيات جا ڄاڻو ۽ آرڪيالاجسٽ، سنڌو لکت جو ترجمو ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا آهن. هڪ پاسي جيڪي آرڪيالاجيءَ جا ماهر سنڌو لکت پوريءَ ريت کي سمجهي نه سگهيا آهن، انهن اِهو چئي جان ڇڏائي ته انڊس اسڪرپٽ ته ڪا لکت ئي ڪانهي، محض نشانيون آهن، جيڪي لکت جي دائري ۾ نٿيون اچن! ٻئي طرف اُهي ماهر، جن سنڌو لکت کي باقائده هڪ لکت مڃيو آهي، سي انهيءَ اسڪرپٽ جي ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. انهن مان ڪن ماهرن انهيءَ آڳاٽي لکت کي پڙهڻ/ ترجمي ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي۽ ان حوالي سان ڪجهه ڪتاب پڻ ڇپياآهن،پراڃا تائين سنڌو لکت جي ان ڀاڃ کي حتمي ڪاميابي نه ٿو مڃيو وڃي.
سنڌو لکت جي ڀاڃ Decipherment) (واري ان جدوجهد ۾ لڳ ڀڳ هڪ سؤ سال گذري چڪا آهن، پر ترجمي وارو مسئلو مڪمل طور سان حل نه ٿيو آهي. ڇا اِهو سمجهڻ گهرجي ته انڊس اسڪرپٽ واقعي لکت ناهي جيڪا پڙهي به نٿي سگهجي. يا اها هڪ پيچيده لکت آهي. جيڪا ٻوليءَ جي ماهرن کي سمجهه ۾ نٿي اَچي، يا وري اِها ڳالهه وقتي طور کڻي مڃجي ته انڊس اسڪرپٽ محض نشانيون آهن، يا اِن ۾ لکت واري ڪابه خوبي موجود ڪانهي، تنهن ڪري ترجمو نٿي ٿي سگهي. پر سوال ٿو اُڀري ته پوءِ دنيا جي ماهرن اِها ڳالهه ڪيئن ڪئي آهي ته براهمي اسڪرپٽ انڊس اسڪرپٽ مان ورتل آهي. ۽ براهميءَ مان 22 الف ب تخطيون مختلف ايشيا جي ملڪن ۾ ٺهي چڪيون آهن. (2)
بادشاهه اشوڪ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ براهمي لپيءَ کي رائج ڪيو.
’’پهرين صديءَ جي شروعات ۾ براهمي لپي، سنڌو لکت مان ٺاهي وئي، اشوڪ بادشاهه پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي حڪومتي وهنوار کي هلائڻ لاءِ براهمي لکت ڪم آندي، براهمي لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 10 حرف علت وارو اُصول پڻ شامل هو، جيڪي سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ڪيترين ئي صدين تائين جاري رهيو.‘‘ (3)
اصل مسئلو اِهو آهي ته سنڌو لکت درست ۽ سائنسي طريقن سان ترجمو ٿي نه سگهي آهي . تنهنڪري اهڙا شڪ ۽ گمُان ظاهر ڪياوڃن ٿا. پر منهنجي کوجنا ۽ اڀياس مطابق انڊس اسڪرپٽ هڪ لکت آهي. جنهن ۾ لکت واريون مڙئي خوبيون موجود آهن. آرڪيالاجي جي ماهرن ۽ عام ٻولي جي ماهرن اِن لکت کي پنهنجي پنهنجي وِت آهر پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
’’سر جان مارشل، توڙي جو سنڌو لکت جو لاڳاپو، براھمي لکت سان ڏيکاريو آھي ۽ ان تي پنھنجا ويچار پڻ ونڊيا آھن، پر ڪٿي به سنڌو لکت کي پڙھڻ جي دعوى نه ڪندي، اھو ڪم مستقبل جي کوجناڪارن تي ڇڏيو اٿس.ڏيھي توڙي پرڏيھي عالمن ان ڏس ۾ انفرادي طور تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آھن، جن ۾ آسڪو پارپولا، جي آر ھنٽر، ايس. ايم. پونيڪر، فادر ھيرس، احمد حسن داني، ايس. ڪي. ري، راجيش رائو، ڪرشن رائو، سراج ميمڻ، عطا محمد ڀنڀرو وغيره شامل آھن. ‘‘(4)
سنڌو لکت کي سمجهڻ خاطر ان اسڪرپٽ جي اکرن لاءِ ماهرن انگريزي الف. ب جا اکر پڻ ڏنا آهن. جن جي مدد سان سنڌو لکت کي ترجمو ڪري سگهجي ٿو. ترجمي لاءِ سندن تيار ڪيل الف- ب تخطي هن ريت آهي:
انڊس اسڪرپٽ جو انگريزي ۾ ترجمو
انهن انگريزي اکرن جي مدد سان نامياري محقق عطا محمد ڀنڀري ۽ جرمن ماهر ڪرٽ چائلڊ مين (Kurt Childman) سنڌو تهذيب وارين ٻه هزار مُهرن جو ترجمو ڪيو آهي. جيڪي موهن جي دڙي ۽ هڙپه مان مليون هيون. سندن محنت قابل تعريف آهي، پر ان مُجھيل سُٽ کي سلجھائڻ لاءِ اَڃا به اڳتي قدم وڌائڻو پوندو. سندن لکيل ڪتاب رهنمائي لاءِ موجود آهن.
سنڌو لکت ۽ ٻين قديم لکتن ۾ هڪجهڙائي ڳولڻ لاءِ نوجوان شبير ڪنڀار هڪ مقالو ”سنڌو لکت ۽ ٻين قديم لکتن ۾ هڪجھڙائي“ عنوان سان لکيو. جيڪو سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي ڇهه ماهي ”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جرنل، جون 2017ع واري شماري ۾ ڇپجي چڪو آهي . هن مقالي ۾ سنڌو لکت کي پڙهڻ لاءِ جديد ۽ سائنسي طريقا استعمال ڪرڻ جون صلاحون ۽ مشورا ڏنل آهن.جيڪي سنڌو لکت کي پڙهڻ لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا.مقالي ۾ سنڌو لکت ۽ براهمي لکت جو ڀيٽاور چارٽ ڏنل آهي.
’’اسان جڏھن ڪمپيوٽر وسيلي سنڌو لکت جي ڀڃڻي ڳولينداسين ته ان لاءِ ڪيترائي طريقا ٿي سگهن ٿا، جن مان اُلٿو (Transliteration) وارو طريقو بيحد ڪارائتو نظر اچي ٿو، جنھن موجب ھرھڪ نشانيءَ جو موجوده لکت موجب مُلهه ڪٿي يا ڀڃڻي ٺاھي، ان جي تاڃي پيٽي کي پروگرامنگ جو حصو بڻائي گهربل فارميٽ ۾ محفوظ ڪبو ۽ پوءِ سنڌو لکت جي مھرن تي لکيل اکرن کي پنھنجي ترتيب موجب داخل ڪري ڪميپوٽر پراسيسنگ وسيلي تمام ٿوري وقت ۽ محنت سان، ڪٿيل مُلهه يا ڀڃڻيءَ تحت، نتيجا حاصل ڪري اڳتي وڌي سگهجي ٿو.‘‘ (5)
پر منهنجي خيال ۾ سنڌولکت جون ڪجھه نشانيون اکر نه، پر لفظ آهن ! ان کان علاوه نشانين جي مُلهن ۾ به فرق آهي .
1837ع James Prnsep اشوڪ بادشاهه جي لکرايل براهمي لکتن کي پڙهيو ۽ پوءِ انهيءَ تحت ئي The journal of Asiatic Society of Bengal ۾ ڇپيل براهمي لکت پڙهڻ وارو چارٽ هن ريت ڏيکاريل آهي. (6)
معروف ليکڪ جي.آر. هنٽر پڻ سنڌو لکت تي محنت ڪئي آهي، سندس ڪتاب “The Scripts of Harappa and Mohenjo-Daro and its connection with other scripts” , 1934ع ۾ لنڊن مان ڇپيو. انڊس اسڪرپٽ ۽ براهمي اسڪرپٽ جو ڀيٽاور چارٽ به جي.آر.هنٽر تيار ڪيو آهي .جيڪو سنڌو لکت جي لفظن لاءِ ڪم اچي سگهي ٿو، پر مون کي ان چارٽ ۾ اکرن جي جڳهه تي ڪي لفظ پڻ نظرآيا ،جيڪي اوهان هيٺ ڏنل چارٽ ۾ ڏسي سگهو ٿا.
جي.آر. هنٽر جو انڊس اسڪرپٽ تي ترتيب ڏنل چارٽ (7)
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم، سراج ميمڻ به سنڌولکت تي شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس لکيل ڪتاب : Sindhi Languageجي باب پنجين ۾ هُن سنڌو لکت جي اکرن جي سڃاڻپ 191 صفحي تي p - y-bh-b جي مُلهن سان ڪرائي آهي .جن سان سنڌولکت جا لفظ ٺاهي سگهجن ٿا. (8)
ان کان علاوه سنڌولکت کي پڙهڻ لاءِ راجوٽ. اين. پال پنهنجي تحقيق ۾
سنڌولکت جي اکرن جا مُلهه مقرر ڪيا آهن ،جيڪي منهنجي راءِ موجب درست ناهن. اکرن کي لفظن جو مُلهه ڏنو آهي.
Indus Consonants with Vowels by Rajot N. Pal
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ لساني خوبين تي ڊاڪٽر غلام علي الانا به تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.سندس لکيل ٻين ڪتابن سان گڏ Sindhi language and literature at a Glance به رهنمائي ڪري ٿو.
براهمي لکت کي اشوڪ بادشاهه بقا ڏني، هن پنهنجي حڪومت ۾ براهمي لکت کي عام ڪيو سندس دؤر جون براهمي لکتون جبلن، غارن، ۽ پٿرن تي موجود آهن. انهن سڀني لکتن مان گرناري پٿر واري لکت کي خاص اهميت هاصل آهي. ڇو ته گرناري پٿر واري لکت ٽن مختلف لکتن ۾ لکيل هئي. جن جي مدد سان براهمي اسڪرپٽ جي اکرن کي انگريزي اکرن ۾ ترجمو ڪيو ويو، بعد ۾ انهن اکرن جي مدد سان براهمي لکت تيار ڪئي وئي.
براهمي اسڪرپٽ انگريزي اکرن ۾
براهمي ۽ سنڌو لکت جي اکرن ۾ مڪمل طور هڪ جهڙائي آهي، ڇو ته براهمي، سنڌو لکت مان ورتل آهي. آرڪيالاجي ماهرن براهمي اسڪرپٽ لاءِ مقرر ڪيل انگريزي اکر انڊس اسڪرپٽ جي ترجمي لاءِ پڻ ڪم آندا آهن. تنهن هوندي به انڊس اسڪرپٽ جو صحيح ترجمو ڇو ڪونه ٿيو آهي، اُن جو ڪارڻ اِهو آهي ته انڊس اسڪرپٽ جي لفظن کي اکر سمجهندي، براهمي لکت وارو اکر، جيڪو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، اهو ئي انڊس اسڪرپٽ جي لفظن لاءِ ڪم آندو ويو آهي. ان ڪري ترجمي وارو عمل اڌورو رهجي ويو آهي. مون پنهنجي وس آهر سنڌو لکت جي انهن اکرن کي لفظن واري حيثيت ڏيندي ترجمو ڪيو آهي۽ ان لاءِ براهمي لکت کي بنيادي اکرن طور ڪم آندو آهي.
Indus script
سنڌو ماٿريءَ مان جيڪا لکت مهرن، ٿانون، غارن ۽ پٿرن تي ملي آهي، ان لکت مان تيار ڪيل چارٽ کي سنڌو لکت ( (Indus Scriptسڏيون ٿا. ان ۾ اکر ۽ لفظ موجود آهن، جيڪي براهمي اسڪرپٽ جي مدد سان پڙهي سگھجن ٿا. اُن دور جي لکت موجوده دور جي لکت کان مختلف هئي. جيڪا آهستي آهستي پنهنجي اصليت کي نروار ڪري رهي آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان پهريان لکت وارو نظام ثابت ڪري رهي آهي. اهو غلط آهي ته انڊس اسڪرپٽ کي محض نشانيون سمجهڻ غلط آهي، هيءَ هڪ لکت آهي.
مقالا نگار جي تحيق مطابق سنڌو لکت جي لفظن جي وضاحت
(Explanation of Indus words)
paga 1-
pajaga 2-
japa jaga 3-
pataga 4-
pojago 5-
radha rasa raga dhata 6-
rasa raga thatha 7-
jai para
8-
rasa raga maa 9-
rasa raga paa 10-
rasa raga aava 11-
darada 12-
nabao 13-
geba 14-
gausa 15-
tapa 16-
pata 17-
jaita 18-
Ojo 19-
Pacha 20-
Mara 21-
saba 22-
jai sara 23-
taga gata 24-
pachata 25-
raba
26-
1- =Paga
Pagan لفظ ڪلاسيڪل لاطيني زبان جي لفظ Pagus مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ريجن (Region) آهي ۽ Region لفظ جي لاطيني معنيٰ ڳوٺاڻو يا اڻ ڄاڻ ماڻهو آهي. Paganism لفظ پڻ لاطيني ٻولي جي لفظ Pagan مان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ حصو نه وٺندڙ (Non participant) آهي. Pagan هٿرادو بُتن(Fake Gods) کي مڃيندڙ آهن. سندن مذهب Paganism آهي.
632ع ۾ يمن جي شهر Dhul Khalasa ۾ رهندڙ عرب پگانن جي جنگ، نبي سڳوري صلعم جي دور ۾ عرب مسلمانن سان ٿي هئي. جنهن ۾ عرب پاگانن هارايو ۽ شڪست کان پوءِ سندن عبادتگاهون مسمار ڪيون ويون. پگان قوم جو مذهبي سڃاڻپ وارو نشان باز نما پکي جي صورت رکندڙ آهي. ان نشان واري تصوير سان مشابهت رکندڙ هڪ مورتي موهن جي دڙي مان ملي آهي. اها مورتي شاهدي ڏئي ٿي ته قديم دؤر ۾ پگان قوم موهن جي دڙي ۾ رهندڙ هئي(9)
پگان قوم جي علامتي نشان جي جديد تصوير
موهن جي دڙي مان مليل مورتيءَ جي تصوير
2- = pajaga
Pajaga هڪ ناچ جو قسم آهي، جنهن سان انسان کي انسان سان پيار محبت جو درس ڏنو ويندو آهي. اِهو ناچPoem of pajaga dance جي حوالي سان مشهور آهي.
3- = Pojago
pojago هڪ ديوتا آهي، جيڪو انساني ذهنن تي حڪمراني ڪري ٿي. وڌيڪ ڏسو ؛ Wikipedia/Pojago-god of mind by RAC1000 on Deviant art
4- - pataga
سنسڪرت ٻولي ۾ pataga جي معنيٰ پکي آهي پر pataga ذات به آهي جيڪا پتگا ڪٽنب جي نالي سان سڏجي ٿي.
5- = japa jaga
Jaga هندن جي هڪ سماجي تنظيم آهي، جيڪا بنيادي طور تي راجپوت گرجار ۽ ميناس ڪٽنبن لاءِ راجسٿان ۾ ڪم ڪري ٿي.
[Rajasthan, Volume 1, K. S. Singh, Published by Popular Prakashan, 1998, pp.434]
6- =radha rasa raga dhara
Radha هندو مت ۾ ديوي (goddess) جو نالو آهي. جيڪا ڪرشنا ديوَ (god) سان پيار ڪندي هئي. راڌا ديوي جي پوڄا بنگال، اسام، مني پور ۽ اوڙيسا ۾ ڪئي وڃي ٿي. سنسڪرت ۾ راڌا جو مطلب ڪاميابي آهي.
Rasa جي معنيٰ رَسُ(Juice) ذائقو (Taste)آهي. ڀارت ۾ ڳائڻ وڄائڻ سان جيڪو جوش جذبو پيدا ٿئي ٿو، ان کي به Rasa سڏيو وڃي ٿو. Rasa لفظ جو ذڪر رگويد ۾ پاڻياٺ يا ذائقي دار شيءَ کي ظاهر ڪندڙ آهي.
Raga سنڌو ماٿري جي ڪلاسيڪل گائڪي جي آوازن ۽ سرن کي به ظاهر ڪري ٿو. بهترين لفظن جي ميلاپ ۽ بهترين راڳ جي سرن جو جوڙجڪ ٻڌندڙن تي جنون طاري ڪري ڇڏي ٿو.
Dhara ڌارا، لفظ جي سنسڪرت ۾ معنيٰ نديءَ جي وهڻ يا پاڻيءَ جي ڪرڻ کي سڏجي ٿو. Dhara راڳ جو سُر پڻ آهي.
Dhara (deity), an earth god in Hinduism.
From Wikipedia, the free encyclopedia
7- = rasa raga thatha
Thatha هڪ ڪپڙي جو ٽڪر آهي جيڪو سِک پنهنجي ڏاڙهي کي سنواري خوشبو لڳائي مٿان ڪپڙو ٻڌي ڇڏيندا آهن. Thatha گائڪيءَ ۾ هڪ سُرَ جو نالو پڻ آهي .
From Wikipedia, the free encyclopedia/ Thatha
8. = Jai Para
جئه Jaiنالو هندو مت ۾ رکيو ويندو آهي. Jai لفظ جي سنسڪرت ۾ فتحياب (Victorios) آهي، Para لفظ مختلف معنائن ۾ ڪم اچي ٿو. بنگالي ۾ Para پاڙيسري کي چون ٿا. Para ندي جو نالو به آهي. Jai Para جي نالي سان هڪ ميڊيڪل ڪاليج به آهي.
9- = rasa raga maa
Raga Ma ماروا راڳ آهي، جيڪو سنڌو ماٿري ۾ ڀيروي (Bhairve) سُر ۾ ڳايو وڃي ٿو ان کي ڪلاسيڪل ڀيروي راڳ سڏجي ٿو.
https://en.wikipedia.org/wiki/Marva_(raga)
10- = rasa raga paa
Rara raga paa کي سنڌي ڀيروي راڳ چئجي ٿو. جيڪو سنڌو ماٿري ءَ ۾ ڪلاسيڪل راڳ جي صورت ۾ ڳايو وڃي ٿو.
)https://en.wikipedia.org/wiki/Bhairavi_Hindustani)
11- = rasa raga aava
Raga Ava ڪلاسيڪل راڳ آهي، جنهن کي راڳ ريواتِي (Revati) چيو وڃي ٿو، جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي ڏکڻ واري علائقي ۾ گھڻو ڳائجي ٿو
)www.ancestry.com/1940-census/usa/Missouri/Ava-Raga-Wheeler(
12- = darada
Darada داردا سنڌو درياهه جي مُنڍ ۾ قائم ڪيل بادشاهت هئي. جيڪا ڪشمير جي علائقي ۾آهي، اِن علائقي ۾ داردا قوم آباد آهي. اهو علائقو داردستان به سڏجي ٿو.
https://en.wikipedia.org/wiki/Darada_Kingdom
13- = nabao
Nabao هڪ نديءَ جو نالو آهي جيڪا پورچوگال ۾ وهي ٿي.
https://en.wikipedia.org/wiki/Nabão_River
14- = geba
Geba آفريڪا ۾ وهندڙ نديءَ جو نالو آهي، ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
https://en.wikipedia.org/wiki/Geba
15- = gausa
Gausa نديءَ جو نالو آهي. جيڪا بردو ناروي ۾ وڃي ٿي اها ندي گھڻو ڪري برساتي پاڻيءَ سان وهندي آهي.
https://no.wikipedia.org/wiki/Gausa
16- = tapa
Tapa سنسڪرت جو لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ گرم ڪرڻ (Heat Up) آهي. ٻُڌ مذهب ۾ روحاني طاقت وڌائڻ لاءِ Tapa جي مشق ڪندا آهن. ٻئي طرف سنڌيءَ ۾ تَپُ ۽ تپائڻ عام لفظ آهي.
https://en.wikipedia.org/wiki/Tapa
17- = jaita
Jaita لفظ جئنزان قوم جي لاءِ ڪم ايندڙ آهي، جيڪا راجسٿان جي ضلعي پالي ۾ رهندڙ آهي. 1543ع ۾ شير شاهه ۽ راجپوتن ۾ لڙائي به ان علائقي ۾ لڳي هئي. ان لڙائي ۾ راجپوتن جو ڪمانڊر Pacha Jailaبه شامل هو.
https://en.wikipedia.org/wiki/Jaitaran
18- = ojo
Ojo لفظ جاپان ۾ رهندڙ ٻڌ مذهب جا پيروڪار ٻيهر جنم وٺڻ لاءِ ڪم آڻن ٿا. هو اهو سکڻ چاهين ٿا ته اميتاڀ ٻُڌ جي پاڪ زمين تي ٻيهر جنم ڪيئن وٺجي.
https://en.wikipedia.org/wiki/Ōjō (往生) is a term in Japanese Buddhism for rebirth in the Pure Land of Amitabha Buddha
19- = pacha
Pachaلفظ دنيا جي معنيٰ ظاهر ڪري ٿو ۽ دنيا جا ٽي طبقا آهن.
1. ڪما پچا (Kama Pacha) مٿي واري دنيا جنهن ۾ چنڊ ۽ تارا موجود آهن.
2. اُکو پچا (Ukhu Pacha) وچ واري دنيا، (برزخ) هن دنيا ۾ مئل ماڻهن ۽ جانورن جا روح رهن ٿا.
3. ڪي پچا (Kay Pacha) موجوده دنيا . هن حصي ۾ انسان، جانور ۽ ٻوٽا موجود آهن.
https://en.wikipedia.org/wiki/Pacha_(Inca_mythology)
20- = mara
Mara لفظ گھڻو ڪري عورتن جي نالي لاءِ ڪم اچي ٿو. هنديءَ ۾ Mara لفظ کي مارو به چيو وڃي ٿو. جنهن جي معنيٰ ڪاري کل ورتي وڃي ٿي. سنسڪرت ۾ Mara لفظ Malika لاءِ به استعمال ٿئي ٿو. جنهن جي معنيٰ “جاسمين” آهي. ان کان علاوه Mara لفظ Mayura لاءِ به ڪم اچي ٿو جنهن جي معنيٰ مور (Peacock) آهي.
21- = saba
Saba لفظ جي شروعات سَڀا (Sabha) مان ٿي آهي، جنهن جو مطلب شڀا بادشاهت
(Kingdom Of Shabha) آهي. Saba نيڌر لينڊ (Nether Land) ۾ هڪ جبلن جي اونچي ۽ خوبصورت قطار پڻ آهي. Saba ڇوڪرن جو نالو پڻ آهي. ۽ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ صبا، ٿڌي هير کي به سڏبو آهي.
22- = jai sara
Jai سنسڪرت ۾ ڪامياب يا سوڀ حاصل ڪندڙ آهي. Sara هندو مذهب جي ديوي آهي. سندس نالي سان Sarasvati River سنڌو ماٿري مان وهندڙ هئي. شاردا Sharada Script پڻ ان ديويءَ جي نالي سان لکيل آهي.
https://en.wikipedia.org
23- = taga gata
Taga هندي لفظ Tyug مان ورتو ويو آهي Taga نالي سان انڊيا ۽ ايران ۾ ڳوٺ آهن. Taga قوم، ڀارت جي صوبي اُتر پرديش، هريانه ۽ دهلي شهر ۾ رهي ٿي، انهن جو بنيادي ڪاروبار زمينداري ۽ کيتي ٻاڙي آهي، ڪي نوڪريون به ڪن ٿا، Taga برهمڻ خاندان سان پڻ تعلق رکن ٿا.
سنڌو ماٿريءَ ۾ اوائلي دور ۾ Kingdom Taga بادشاهت پڻ هئي. Gata-Taga جنگ جي دوران نعرو به هنيو ويندو هو. Gata معنيٰ اچڻ يا وڃڻ آهي.
https://www.mapsofindia.com/villages/gujarat/kachchh/rapar/taga.html
24- = pachata
Pachata ناچ جو هڪ نمونو آهي، جيڪو هر روپ ۾ ناچ ڪيو وڃي ٿو. ناچ سازن جي وڄت جي حساب سان ڪرڻو پوندو آهي.پنهنجي جسم جو ڏيک به وڄت جي حساب سان ٺاهڻو پوندو آهي .هي ناچ گهڻو ڪري جوڙي جي صورت ۾ ڪن ٿا.
https://en.wikipedia.org/wiki/Bachata_(dance)
25- = raba
Raba هڪ نديءَ جو نالو آهي. جيڪا آسٽريا ۾ وهي ٿي.
https://en.wikipedia.org/wiki/Rába
سنڌو تهذيب وارين مُهرن جي ڀاڃ
) (Deciphered Indus valley seals
سنڌو لکت جي ترتيب ڏنل چارٽ مان 25 نشانين جي ڀاڃ مٿي تفصيل سان ڏنل آهي. انهن لفظن جي سنڪرت ۾ معنيٰ ديوتائن، ندين ۽ ناچ جي حوالن سان ظاهر ڪئي وئي آهي. جن جو اڪثر تعلق سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ ثقافت سان جڙيل نظر اچي ٿو.
سنڌو ماٿريءَ مان چار هزار کن مُهرون، لکت واري صورت ۾ مليون آهن. انهن مان اڌ کان وڌيڪ مهرون، موهن جي دڙي مان مليون آهن. انهن مُهرن جي ڀاڃ ۾ آرڪيالاجي ماهرن: ڪرٽ چائلڊمين، ايس آر رائو، آسڪو پارپولا ۽ عطا محمد ڀنڀري جو وڏو ڪردار آهي.
عطا محمد ڀنڀري پنهنجي ڪتاب Indus Script جي صفحي نمبر 618، مهر نمبر 100101-1038، جيڪا سرجان مارشل موهن جي دڙي مان هٿ ڪئي هئي. ان مهر جي ڀاڃ هن ريت آهي.
ڀاڃ ٿيل مهر جي تصوير
ساڳيءَ مُهر جي ڀاڃ مون براهمي اسڪرپٽ سان ڪئي آهي. جنهن جو نتيجو بلڪل الڳ آهي. ان کان علاوه ٻين مهرن جي پڻ ڀاڃ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
aava radhega jai jai
Aava = song
Radhega = sing radha
Jai = victorious
(راڌا فتح جو راڳ ڳاءِ)
Rajai jai aava radhega
Rajai is name of person
Jai = victorious
Aava = song
Radhega = radha sing
Radha sing a victorious song of rajai
Sara rarara
Sara Ra Ra Ra (Bhojpuri Holi Song) - Nirahua Mail
Era rarara aava
Jivali "Era Ra Ra" (Bharatanatyam
The Indian Classical Dance group "Nataraja" is performing Javali "Era Ra Ra" in Bharatanatyam style. https://www.youtube.com/watch?v=XWYuOEz9O9U
نتيجو:
سنڌو لکت جي انهن لفظن جي اهڙي پڙهڻيءَ کانپوء ِاها ڳالهه واضح آهي ته انڊس اسڪرپٽ، لکت جي اُصولن سان ڀرپور هڪ مضبوط لکت آهي. جنهن سان ڪابه ٻولي لکي پڙهي سگهجي ٿي. سنڌو لکت جي اکرن ۾، اکر جي صورت ۽ آواز موجود آهن. مٿي پڙهيل لفظ، اکرن ۽ آوازن واري اُصول سان پڙهي ويا ٿيل آهن.
سنڌو لکت ۾ لفظن جو گهاڙيٽو وڏيءَ مهارت سان ٿيل آهي بيشڪ اهي عظيم سوچ رکندڙ ماڻهو هئا،جن سنڌو لکت جا اکر ۽ لفظ ايجاد ڪيا. جن کي دنيا جي ماهرن مختلف نظرن سان ڏٺو.
مون کي هن پيچيده لکت کي پڙهڻ ۾ ڪافي وقت لڳو پر، آءٌاِن ڪوشش کي هرگز آخري نٿو سمجهان، پر ان کي نئين سرپڙهڻ ۾ پهريون قدم سمجھان ٿو . ان ڏس ۾ شايد ڪو محقق مونکان وڌيڪ وک وڌائي، ڇو ته تحقيق ۾ غلطين جي گنجائش به هوندي آهي ته ساڳئي وقت تحقيق جا نوان رخ به ظاهر ٿيندا آهن.
سنڌو لکت جا جيڪي لفظ مون پنهنجي سمجهه آهر پڙهيا آهن، انهن جو ڳانڍاپو، موهن جي دڙي ۽ سنڌو ماٿر سان جڙيل آهي. جيئن Paga لفظ جو ته سڌو سنئون موهن جي دڙي سان واسطو آهي، ڇو ته Pagan ماڻهن جي مذهب واري مورتي، موهن جي دڙي مان حاصل ٿي آهي. يا وري mara لفظ جي معني مورَ (Mayura) ظاهر ٿيڻ به وڏي ڳالهه آهي. مور پکي سنڌ جو سهڻو ۽ ناياب پکي آهي.
سنڌو لکت جي سڀني لفظن کي پڙهڻ ايترو آسان نه آهي، ڇو ته اِنهن لفظن جي رچنا ۾ تمام گهڻي گَهِرائي رکيل آهي. جن کي سمجهڻ لاءِ گهڻي سوچ ويچار جي ضرورت هوندي آهي. اِن لاءِ گهڻي وقت ۽ مسلسل جدوجهد گهربل آهي. اڪيلوماڻهو سڀ ڪم نٿو ڪري سگهي. اِن ڪم لاءِ باقاعدي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي هڪ ٽيم هئڻ گهرجي،جنهن جي ڪوشش مان سٺا نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا.
حوالا
1. https://en.wikipedia.org
2. براهمي اسڪرپٽ (Brahmi script) wikipedia تي پڙهو:
3. خاصخيلي، رستم ’’سنڌي لکت جا اُصول ۽ تاريخ‘‘ سنڌي ٻولي جرنل، ڊسمبر 2016ع
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
4. ڪنڀار، شبير’’ سنڌو لکت ۽ ٻين قديم لکتن ۾ هڪجهڙائي‘‘سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل، جون 2017ع ،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
5. ڪنڀار، شبير’’ سنڌو لکت ۽ ٻين قديم لکتن ۾ هڪجهڙائي‘‘سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل، جون 2017ع ،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
6. The journal of Asiatic Society of Bengal
7. “Hunter, G.R, “The Scripts of Harappa and Mohenjo-Daro and its connection with other scripts” London 1934.
8. Siraj, “Sindhi Language” translated by: Amjad siraj, Sindhi language Authority, Hyderabad 2009.
9. https://en.wikipedia.org/ pagan
____
نوٽ : هن مقالي جي ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ تصويرون موجو ناهن، تصويرن ڏسڻ لاءِ PDF ۾ مقالو پڙهندا.