بردي سنڌيءَ جي شاعريءَ ۾ پيار، محبت ۽ امن جو پيغام
(Message of Love, Affection & Peace in poetry of Bardo Sindhi)

مبارڪ علي لاشاري
Abstract:

Muhammad Ramzan Lashari, well known as Bardo Sindhi, is one of the classico-modern poets of Sindhi language. His poetry is a milestone of modern values and parameters in all regards, without compromising on classical fabric. He is well acknowledged as the poet of pure hearts and simplicity as his themes and diction are based solely on rural folks who love to be peasants and workers. Even though, his stature is well recognized by Shaikh Ayaz, but somehow his name remains oblivious these days. This paper attempts to identify and analyze the themes of love, affection and patriotic enthusiasm in his Geets (lyrical poetry) and other genres of poetry. Things touched upon, in this paper are: his introduction, status, significance, and place in classical and modern Sindhi poetry. His poetry has also been analyzed thematically. Finally, conclusion has been drawn based on the themes and diction.

بردو سنڌي، جديد سنڌي ۽ سرائيڪي شاعرن ۾ اهم ليکيو وڃي ٿو، بردو پنهنجي موضوعن، ڊڪشن ۽ ٻوليءَ جي ندرت سان سادگي ۽ ڳوٺاڻي قدرن جي شاعر طور ڄاتو وڃي ٿو. سنڌ جي اهم اديبن ۽ شاعرن وٽ سندس اهم مقام آهي، پر سنڌي ادب جا نوان پڙهندڙ سندس شاعريءَ جي فن کان روشناس ناهن، تنهنڪري هي مقالو سندس گيتن، نظمن، غزلن ۽ ٻي شاعريءَ ۾ پيار، محبت، امن ۽ وطن دوستيءَ جي موضوعن جو جائزو وٺڻ ۽ سندس منفرد پيشڪش کي اجاگر ڪرڻ لاءِ لکيو ويو آهي.

تعارف: بردو سنڌي (1922_1988) جنهن جو اصلي نالو محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري هو، سو سنڌي شاعريءَ ۾ تمام اهم نالو آهي، خاص ڪري سندس سڃاڻپ گيت جي بهترين شاعر طور مڃيل آهي. گيت کانسواءِ ٻين صنفن ۾ به سندس شاعري ڪا گهٽ اهميت واري نه آهي. سندس جنم 15 مارچ 1922ع تي ٿيو. پاڻ ان وقت جي ضلعي سکر جي تعلقي ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ ماڪن ڪوري ۾ پيدا ٿيو. ڪافي وقت اتي گذاريائين، پر ملازمت جي سانگي بطور مختيارڪار نوابشاهه ضلعي ۾ مقرر ٿيو ته پوءِ اتي رهائش اختيار ڪيائين ۽ پوءِ هميشه لاءِ نوابشاهه کي پنهنجو مسڪن بڻائي ويٺو.(سنڌيانا:2009)
جيتوڻيڪ سندس گهر اڃا به ماٿيلي ڀرسان ڳوٺ ماڪن ڪوري ۾ موجود آهي. پر سندس گهڻو مواد اڻلڀ هئڻ سبب گهڻي معلومات نه ملي سگهي آهي. پر انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ ڪجهه ٻين ذريعن وٽان معلومات جي بنياد تي اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته بردي سنڌيءَ پنهنجي شاعريءَ جي شروعات وارو مواد شاعريءَ کي منحوس قرار ڏيئي ضايع ڪري ڇڏيو (طالب الموليٰ، 2012) ۽ شاعري ڪرڻ تان هٿ کڻي ويو پر پوءِ پنهنجي هڪ دوست نظر سنڌيءَ جي صحبت ۾ اچڻ کانپوءِ 1954ع کان پوءِ ٻيهر شاعري ڪرڻ لڳو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته 1954 کان اڳ واري شاعري جو سندس اوائلي دور هو جڏهن ته ٻيو دور 1954 کانپوءِ وارو دور آهي. پوئين دور ۾ به سندس ٻه ڪتاب پهريون: ”اکڙيون مينگهه ملهار“ جيڪو ان وقت جي سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي پبليڪيشن سنگت پبليڪيشن طرفان 1961ع ۾ ڇاپيو ويو هو، جنهن جو مرتب شمشير الحيدري هو ۽ ٻيو ڪتاب ”بوندون بس نه ڪن“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو جي طرفان 1988ع ۾ ڇاپيو ويو. سندس پهرئين ڪتاب ”اکڙيون مينگهه ملهار“ کي پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان انعام طور هڪ هزار رپيو ڏنو ويو هو.
بردو سنڌي هڪ حساس ۽ انسان دوست شاعر هو، جنهن جو ثبوت سندس شاعري آهي. بردي جي شاعريءَ ۾ اهي سمورا رنگ موجود آهن جيڪي هڪ صاف ۽ سچي دل رکندڙ شاعر جي دل ۾ ٿين ٿا. هن نه صرف سنڌي پر سرائيڪي ٻوليءَ ۾ به شاعري ڪئي. بردي سنڌيءَ جي وفات 27 آڪٽوبر 1988ع تي ٿي. ڪتاب جي ڇپجڻ کانپوءِ ڪجهه مهينن اندر ئي بردي سنڌيءَ هي دنيا ڇڏي، پر پنهنجي پٺيان شاعري ۽ ادب جو اهڙو خزانو ڇڏيو، جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو وڏو سرمايو آهي.

بردو سنڌي ۽ سندس شاعري:
سنڌ جا اهي شاعر ۽ اديب جيڪي پنهنجي دور جا اڏيندڙ رهيا آهن، انهن بردي جي شاعريءَ کي مڃتا ڏني، ڇو ته سندس شاعري هڪ اهم سطح کي ڇهندڙ آهي ۽ وٽس شاعراڻو حسن ۽ سندس شاعراڻو ڪينواس انتهائي وسيع آهي.
شيخ اياز (1961) سندس ڪتاب اکيون ميگهه ملهار جي مهاڳ ۾ لکيو ته: ”هن (بردي سنڌي) جي شاعري ڪلام ۾ اهڙوئي خوبصورت توازن، نزاڪت، لچڪ ۽ ديهات جي روماني زندگيءَ جي جهلڪ آهي جهڙي پاڻياريءَ جي مٿي تي گهڙا پيدا ڪندا آهن....“ (شيخ اياز: 1961) اياز، بردي سنڌي جي شاعريءَ کي شاهه ڪريم جي بيت :
پاڻياري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾!
سان ڀيٽ ڏني آهي ۽ سندس شاعريءَ کي دل سان ساراهيو آهي. اها شيخ اياز جهڙي شاعر جي پرک آهي ته کيس بردي جي شاعري سچي پچي ڪيئن لڳي آهي. نه صرف اياز پر اڄوڪي نئين ٽهيءَ جا تخليقڪار پڻ بردي جي فن کي مڃتا ڏين ٿا. سندس گيت جي ٻولي بردي جي منفرد سڃاڻپ آهي. نوجوان شاعر مشتاق گبول جو چوڻ آهي ته بردي سنڌيءَ جي شاعري جي ٻين صنفن جهڙوڪ نظم ۽ غزل ۾ به گيت جهڙي ٻولي رچيل آهي. خاص ڪري سندس مشهور نظم ” ٿوري ڳالهه تي هيڏو هاڃو، تون ته صفا ڪو موڳو آهين“ هڪ يادگار ۽ بهترين نظم آهي پر نظم ۾ ٻولي گيت واري آهي. بردي جي فني ۽ فڪري دسترس کي شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ سروپچند سان ڀيٽيو ويو آهي. جڏهن ته مير محمد پيرزادو پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”انهن گيتن ۾ جيڪا سنڌ جي ٻهراڙي جي عورتن جي جذبن جي ترجماني ٿيل آهي سا ”بردي“ کي برصغير جي ”ڪبير“ ۽ ”ميران ٻائي“ سان وڃيو ملائي، ته ملڪي حساب سان ڀٽائيءَ جي شعرن جو گيت جي صنف ۾ ترجمو پيو ڀاسي؛
پينگهه لڏڻ لئه ٺاهيون جوڙيون،
اينديون لوڏئي ڪتڪوڙيون،
نخرا ڪري نيارا! ٽوڙيون عرش جا تارا!“

مير محمد پيرزادي جي راءِ مان ثابت ٿئي ٿو ته بردي سنڌيءَ جي شاعريءَ ۾ آفاقي فڪر ۽ فن موجود آهي، جيڪو ڪنهن مخصوص جاگرافيائي حدن جو محتاج نه آهي. شاعري انساني جذبن جو آفاقي اظهار آهي جنهن ۾ بي پناهه قوت موجود آهي، جو شاعري ان اظهار ذريعي انساني سڪون جو سامان ميسر ڪري ڏيئي سگهي ٿي. ان ڪري اهڙي شاعري تخليق ڪندڙ امر ٿي ويندو آهي.
بردي سنڌيءَ جي شاعري جا موضوع:
بردي سنڌيءَ جي شاعري سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ موجود آهي. ٻنهي ٻولين ۾ لکيل سندس ڪلام ۾ ڪمال جي رواني، ترنم، نزاڪت ۽ توازن موجود آهي. نه صرف فن ۽ ٻوليءَ جون خوبصورتيون آهن، پر موضوعن جي حوالي سان به نهايت اهم شاعري آهي. امداد حسيني ڪتاب ”بوندون بس نه ڪن“ جي مهاڳ ۾ اهڙي ٻوليءَ جو اعتراف ڪندي لکيو آهي ته ٻهراڙي جي خوبصورت ٻولي بردي جي شاعريءَ کي اهم مقام تائين پهچائي ٿي. گيت ته ڄڻ بردي سنڌيءَ جي ذڪر بنا اڌورو ئي لڳي ٿو. جڏهن ته ”اکڙيون مينگهه ملهار“ جي تعارف ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته بردي جي گيتن ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ٻهراڙيءَ جي جواني نظر ايندي آهي. انهن ڳالهين ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته بردي جي شاعري انتهائي خوبصورت ۽ اعليٰ پايي جي آهي. سنڌيءَ کان علاوه سرائيڪي شاعري ۾ به بهترين رواني ۽ خوبصورت ٻولي آهي. اچو ته سرائيڪي شاعريءَ جا هڪ ٻه مثال ڏسون:
جهات جنهيندي دل تي نقشي،
اون ڪون رب حياتي بخشي

ڀال ڀليندين مڪيان آسان،
او نه آيا ٻهون اداسيان.

ڪن سڻن جي کڙڪا ٿيوي،
لون ڪنڊريجي ڌڙڪا ٿيوي،

هڻ پئي ڪڪڙ ٻانگان ڏيندن،
در در بندي ديپ اجهيندن،

رت ولوڙي رات وڇوڙي
سج اڀر ڳيا ڏکڙي ڏوڙي

ياد مٺي وچ تڙڪا ٿي ڳيا،
خون جگر دا لڪا پي ڳيا

”بردا“ ريت پيار دي پٺي،
سهڻي لاڪر ڏيندن پٺي.

بردي سنڌيءَ جي انهن سٽن ۾ آفاقي پيغام ۽ انساني زندگيءَ جا اهي اولڙا آهن، جيڪي انساني تهذيب جي اوسر ۾ اهم قرار ڏنا وڃن ٿا. اظهار جي اهڙي سادگي، نزاڪت ۽ گهرائي سندس شاعري کي اهم بڻائي ٿي. انهن سرائيڪي شعرن کانسواءِ هڪڙو خوبصورت سرائيڪي نظم جيڪو بردي جي ذاتي زندگيءَ جي تجربن جو اولڙو لڳي ٿو، سو انتهائي جاندار ۽ اهم آهي. ان جو عنوان آهي ”انڌاهه کوهه“.
ميڏي ڄم تون اپڻي ڄائين دي ڏک سانڀي
پهلي دا او ڌرتي تي اٽڪائي پاسا
ساڏي ڳوٺ دي اتر پاسي اکين نوٽ ڪي بکا ستي
ڪلهم ڪلها سوچان دي
انڌا کوهه سئو بار چئي پئي
ايوين پئي اوچٽ پڌر تي سڄڻان دي ڏک سيني لئي پئي
جيوين ڪڏون ڪڏان ڌنوال اياڻي
ٻڍڙا ڪوئي بي آسا الهه راسا اين دي اندر سڻيدن
نُهرين جين ڪون ڇٻڙڪ ٿيندي
گهرون تڙايا خوش خوش ٿيندي
مجنون وانگي وٽي کمندي کوهه ڪون اوندن ياد پراڻي
ڪڇ ني ڪڇدا ڏينهن جواني جوڀن والي
اين دا ڪوئي نه پيندا پاڻي ديد ڀليندي
ايه تان انڌا کوهه سڏيندي وستي ڏردي
نيڙي والي وسندن اپڻي من وچ اين اکيندي
ڏر ڪنون ٿي ڏور لنگهدن
(2)
او ويلا وِي ويلا ها
ميڏي سر تي ميلا ها
ڪڻڪ بهار ڏکيندي هئي
هر پاسون هي ساوي سبزي
ڏيک تي
اکيان ٺرديان هن
پاڻي ڪون
سنڀليندا پئي ها
ڏاندين ڪون هڪليندي
جو هئي
ڳاوهي تي جو گيت سلوڻي
هولي هولي ڳمندي هئي
نڪا ٻال گنگوٽي ستا رووي تان چا ڇاتي لاوي
گهٽ گهٽ پيار دي ڀاڪر پاوي
مونڊي لوڏ لوليان ڳاوي
ٻال دي روندي چپان اتي
چپڙي کر تي چميان پاوي
گهوي گهولي صدقڙي جاوي
نهين وسردي
اڄ تين ميڪون
ممتا دي
اوڇلدي ڇل
ياد ڪريندا هان ڀريندي
من کاندي
او ويل اڇل!
(3)
توڙي جو اميد ڪڻاوان
اڄ وي
اون ڪون چونڊيان پيندي
پر او
راهين ڏيک ڪي رڄيا
سڀي آسان تروڙي
پئي پيا
آوڻ والي ڪيوين آون
پيون تي ول ڪيوين پيون
گندا پاڻي پاوي ڌپ
او وي
بلڪل ٿولا رهه ڳئي
ڌپين نال ڳيا سڙ کپ
پٽي مولهه ديان
سلهان ڳل ڳن
ڪولون اوندي ڏردن لوڪ
متان
آوي ڌيڙا ٿاٻا!
ڊهه جو پئون ول ڪون ڪڍيسي
وٿ سلهان دي ڄاپي ايوين
جيوين کنڊا
کولي وات
نِوڪي اندر ويکو لڳدي
کوهه دا تلا
جهڙ دي رات
پر ڪنڌي تي
سر دا ٻوٽا
سالين تون پيا سڪدي ڦٽدي
وا گهليندي لڏدي پڏدي
اين بهاني
کوهه دي اندر
جهڪ دي جهڪ دي جهاتيان پيندي
هون ڪون تان
ڪوئي ڏر ني لڳدا
شئت
ورهين دي رلي سببون
هين دا ڏر لهه ڳئي ”بردا“.
مٿئين سرائيڪي نظم ۾ جيترو ترنم، رواني ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ جي خوبصورتي آهي، اوتري موضوعن جي به وسعت آهي، جنهن ۾ سماجي مسئلن کان ويندي آفاقي مسئلا، معاشي کان ويندي ماحولياتي مسئلا اظهاريل آهن. انساني روين سان گڏوگڏ انساني قدرن جي تبديلي ۽ شهرن جي وڌڻ سبب ٻهراڙيءَ جي حُسن جي جيڪا تباهي ٿي آهي، جنهن ۾ وڻ ٽڻ، پکي جانور وغيره متاثر ٿيا آهن، اتي پيار، محبت ۽ امن جو وڏو نقصان ٿيو آهي. انهي نظم ۾ انساني درد جو اظهار هڪڙي کوهه جي استعاري سان ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ ڀيٽي انساني بيگانگيءَ جي جيڪا تصوير ڇڪي وئي آهي اها ڄڻ ته personification جو اعليٰ نمونو آهي، اهڙيون تشبيهون، استعارا جيڪي انهي کوهه، وڻن، ٻوٽن ۽ فطرتي شين تي ٻڌل آهن، سي حسن جون ڪائناتون آهن ۽ شاعري لاءِ اهي ڳالهيون تمام وڻندڙ ۽ بنيادي آهن. اهي سمورا موضوع مٿئين سرائيڪي، نظم ۾ بخوبي پروڙي سگهجن ٿا.
امن جو پيغام:
امن سموري انسان ذات جي تاريخ جي شاعريءَ جو مرڪزي نُڪتو آهي. شاعر هوندا ئي امن ۽ محبت جا امين آهن، جيڪي پنهنجي گروهي، علاقائي يا سرحدي حد بندين کي اورانگهي انساني فلاح و بهبود لاءِ دعوتون ڏيندا آهن. بردي سنڌيءَ جي شاعري ۾ امن ، پيار محبت ۽ آشتي جو پيغام جَجهي تعداد ۾ موجود آهي. هو پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي دنيا ۽ سماج کي امن ۽ سڪون جو گهوارو بنائڻ ٿو گهري. هو جيڪڏهن سک يا خوشحالي جا خواب به ڏسي ٿو ته امن سان ڳنڍيل آهن، امن سندن پهرين ترجيح هئي. ان جا حوالا هيٺين شعرن ۾ ڏسي سگهجن ٿا:
لنگهي ورهه ويا پر وڌايون نه آيون،
اڃا ڀي قدم ٿا اڳتي وڌايون،
آهن سور پنهنجا سيني ساڻ لايون،
امن جا، صلح جا، اچو گيت ڳايون،
وساڻل شمع سک جي ٻيهر جلايون،
ڄڀيون ظلم جون بس اجهاڻيون اجهاڻيون،
اچو ته مهراڻ ۾ موج آڻيون.
هنن سٽن ۾ بردو سنڌي پنهنجي ڏکن، تڪليفن ۽ اهنجن کي لڪائي ٿو ۽ انهن جي پرواهه ڪرڻ بنا ئي امن ۽ صلح جي ڳالهه ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي ته انهن مشڪلاتن سبب امن ۽ صلح کي نه ڇڏجي. ڇوته اهي تڪليفون زندگي جو حصو آهن پر امن ۽ صلح اهم آهي اها حاصل ڪجي. جيڪي ماڻهو ظلم جو پاسو وٺن ٿا، اهي نيٺ ته نيست ٿيندا ۽ انهن جي نابودي اڻٽر آهي.
او ساٿي، ڏسو هو اڏي ڪات آهي،
۽ وحشين جو رت سان ڀريل وات آهي،
ڇڏي ساهه جو سانگ بي نياز ٿيو اڄ،
اچو پڙ ۾ سنڌڙيءَ جو بس ناز ٿيو اڄ،
نه سرڻ ٿيو نه ڳجهه ٿيو، شهباز ٿيو اڄ،
امن جي فرشتي جو آواز ٿيو اڄ،
لکن انقلابن جو پرواز ٿيو اڄ،
ڀلارا ڪري ڀاڳ پوءِ ماڳ ماڻيون،
اچو ته مهراڻ ۾ موج آڻيون.
(بوندون بس نه ڪن ص 71)
بردي سنڌيءَ جي تصور ۾ امن ۽ آزادي بنا ڪنهن قرباني يا مقابلي جي حاصل نٿي ٿئي، ڇوته ظالم هر هنڌ موجود آهي تنهنڪري امن، آزادي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي سر جو سانگو لاهڻو پوندو.
جاڏي ڪاڏي گوليون گولا، هاءِ ٻري ٿو اڄ بيروت،
ننگو نچي ٿو صيهوني، ڇتو بگهڙ بڇڙو ڀوت.
(بوندون بس نه ڪن ص 111)
آزاديءَ جو پيغام:
امن وانگر بردي سنڌيءَ جي شاعري جو آزادي به اهم موضوع آهي، جنهن کي هن تمام سٺي نموني نباهيو ۽ بيان ڪيو آهي. هن کي غلامي سان تمام گهڻي نفرت هئي، هو نه صرف آزادي جي ڦل جو هيراڪ هو پر آزادي پوکيندڙ ڪو ۽ آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ليکڪ ۽ سپاهي به هو. هو آزادي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندڙ شاعر هو. آزادي جي موضوع تي هيٺين شعرن کي غور سان پڙهي ڏسجي ته سندس آزادي جو تصور واضح ٿي ويندو؛
هڄندي ڀڄندي وڃي وهامي،
جهٽ جو جيئڻ، سابه غلامي،
آزادي جو هڪڙو لحظو،
آهي مٽ سو لک ورهين جو؛
موڙي سرڪش وقت جون واڳون، ويهه ورائي لانگ.
(اکڙيون مينگهه ملهار ص 2)
نفرت جي نندا:
مٿين موضوعن جيان بردي سنڌيءَ وٽ نفرت جي نندا به موجود آهي، جنهن ۾ هو زماني ۽ زندگيءَ جي ڪوجهاين کي نندي ٿو ۽ انهن کي انسان ذات لاءِ هاڃيڪار سمجهندي نفرت سان نفرت جو اظهار ڪري ٿو. نفرت جي خاتمي يا روين جي ڪوجهاين تي شعر پڙهي اندازو ٿئي ٿو ته زماني کيس ڪيترو ستايو آهي. هيٺيان ڪجهه شعر مثال طور پڙهي سگهجن ٿا:
ناهه ڏوراپو اڍ تي، پيا ٿا ليک پڙهن،
”بردا“ ڏوهه نه ڏيهه جو، پوري ڪئي پنهنجن،
ڀلو سائين بوندون بس نه ڪن
(بوندون بس نه ڪن ص 1)
او بندا ڪين اياڻو ٿي،
ڇڏ حسد ۽ ساڙ سياڻو ٿي
(بوندون بس نه ڪن ص 42)
وک وک تي ٿا دام سجهن،
قدم قدم تي گهٽجي دم.
(بوندون بس نه ڪن ص 50)
نفرت، ساڙ، حسد ۽ ڪينو انساني زندگين ۾ اهڙا ڪنڊا آهن جيڪي جيئڻ جي حسناڪي گهٽايو ڇڏين، انهن ناڪاري روين جي نندا هر شاعر جيان بردي سنڌيءَ وٽ به موجود آهي. اهي ناڪاري رويا ئي ٽين دنيا جي پٺتي پيل سماج جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. جتي سماج گهڻ منهين بلائن جي وات ۾ هجي، اتي روين ۾ اهڙي ڪٺورتا جيئڻ جنجال بنائڻ لاءِ ڪافي آهي.
محبت جي تلاش:
ڊاڪٽر تنوير عباسي، شيخ اياز، امداد حسيني ۽ ٻين سمورن شاعرن ۽ اديبن بردي سنڌيءَ کي محبت جو شاعر مڃيو، ڇوته جيترو بردي محبت کي اظهاريو ۽ ڳايو آهي اوترو شايد ئي ڪنهن ٻئي موضوع کي اظهار جو وسيلو بڻايو هجي. بردي جي سڃاڻپ به گهڻي ڀاڱي گيت جي بادشاهه طور ٿيل آهي ۽ گيت جو مک موضوع به محبت آهي. جنهن ڪوي جي من ۾ محبت نه هجي ۽ سندس جذبات ۾ محبت نه هجي، اهو شاعر گيت نٿو لکي سگهي، گيت محبت آهي ۽ محبت خود هڪ گيت آهي، بردي ان موضوع ۾ اهڙا رنگ ڀريا آهن جو پڙهندي سرور محسوس ٿيندو. بردي وٽ محبت جي تڙپ جي وڏي اهميت آهي ۽ انهن موضوعن ۽ احساسن کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي؛
هجر جا هاڃا روز سوايا، ڇلڪيا سي مون پاند ۾ پايا،
درد نه دل ماڻا........مون وٽ رات رهي وڃ
(بوندون بس نه ڪن ص 7)
آءُ پرين اربيلا، آءُ پرين اربيلا!
اڀ جي ساگر ۾ ڪڪرن جي ٻيڙين سڙهه سنبرايا،
پيار مان قرب قطارون ٺاهي، ڪونجن سهرا ڳايا،
مند پريت جي آئي، آيا وصل جا ويلا، آءُ پرين اربيلا!
(اکڙيون مينگهه ملهار ص 7)

سڪ جي ساعت سالن جيڏي، ڪل نه هئي ڪا ٿيندم ايڏي،
ياد پرينءَ جي هر هر کوليو، اکڙين جو آواندو،
اڄ ڪانگ سنيهو آندو
(بوندون بس نه ڪن ص 15)
ڏک ڏائڻ جيئن ڏند ڏيکارن،
سينگا يار به ڪين نهارن،
هاءِ، زماني جون مجبوريون، پيارا پيار وساري ويٺا.
(اکڙيون مينگهه ملهار ص 37)

محبت جي مذڪور، اسان کي ڏني حيات!
گهونگهٽ واري گهور، اسان کي ڏني حيات!
(بوندون بس نه ڪن ص46)
مٺي آ محبت ڀلو عشق آهي
ڪري نينهن نئون، قرب ڪورو ڪري وڃ.
(بوندون بس نه ڪن ص 58)
مٿئين شعرن ۾ محبت ۽ محب جي تڙپ جو بهترين اظهار آهي. سندس سموري زندگي جي تڙپ محبت آهي. محبت جي اظهار لاءِ ۽ محبوب جي وصل جي تڙپ ۽ ملاقات جي آس سندس شاعري جو وڏو موضوع آهي. انهي لاءِ هو اظهار جا ڪيترائي روپ اختيار ڪري ٿو.

نتيجو:
مٿين بحث مان آسانيءَ سان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته بردي سنڌيءَ جي شاعريءَ ۾ پيار، محبت، امن ۽ آزادي جهڙا ڪيترائي موضوع خوبصورت نموني سان اظهاريل آهن. بردي سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مک موضوع محبت ۽ رومانويت آهي ۽ ان جي اظهار لاءِ وٽس خوبصورت ٻولي ۽ ڏانءُ آهي. هر قسم جي موضوع جي اظهار لاءِ وٽس انتها درجي جي سادگي ۽ سچيتائي آهي. سادگي جي اظهار لاءِ ٻولي به بنهه سادي پر معنيٰ خيز آهي، جنهن سان پيغام پنهنجو ڀرپور تاثر ڇڏي ٿو وڃي. هڪ طرف موضوع سان خوبصورت نڀاءُ ڪري ٿو ته ٻئي طرف فني سٽاءُ ۽ ٻولي جي سادگيءَ مان حظ وٺي ٿو.
گيت جي ٻولي ڄڻ ته بردي سنڌيءَ جي پنهنجي اندر جي ٻولي آهي، جنهن ۾ هن جي اظهار جو سمنڊ اوتي ويروتار پيو ڇلندو آهي. گيت جي صنف ۾ بردي کان پهرين به سٺن شاعرن لکيو آهي ۽ ان کانپوءِ واري ٽهيءَ ۾ سرمد چانڊيو، مير محمد پيرزادو، سروپچند شاد ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن انهي صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي، پر بردي جي سڃاڻپ کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. گيت جيان ٻين صنفن ۾ به بردي پاڻ ملهايو آهي. سندس غزل ۽ نظم به شاندار آهن. ڪنهن هڪ صنف ۾ قيد ٿيڻ وارو شاعر نه آهي. نه صرف صنف پر موضوعن جي حوالي سان به بردي سنڌي وٽ انفراديت آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بردي جي سموري شاعريءَ سان گڏ سمورو نثري مواد به شايع ڪرائي منظر تي آڻجي ته جيئن نئين ٽهي بردي سنڌيءَ جي ادبي ثمر مان حظ حاصل ڪري سگهجي ۽ کيس جوڳي مڃتا ملي.

حوالا
1. پيرزادو، مير محمد (مقالو) ”سيوا ڪر سمنڊ جي“ ’بردي سنڌي جي ڪلام جو جائزو ۽ سندس مشاهدي جي تيزي‘ تخيل رسالو: آڪٽوبر_ڊسمبر 2016ع. ؛ مارئي اڪيڊمي حيدرآباد
2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، 2009ع ويبسائيٽhttp://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=
3. سنڌي، بردو. ”بوندون بس نه ڪن“. ڄامشورو؛ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.
4. سنڌي، بردو. ”اکڙيون مينگهه ملهار“. نوابشاهه؛ سنگت پبليڪيشن، 1961ع
5. طالب الموليٰ، مخدوم. در ناياب عرف ياد رفتگان. سنڌ، ڄامشورو؛ سنڌي ادبي بورڊ 2012
6. گبول، مشتاق:مضمون ”سروپچندر شاد“ جي ادبي گوشه نشيني! 2013 آنلائين ڇپيل ويب ائڊريس؛ http://sindhicriticism.blogspot.com/2013/04/mushtaq-gabol_24.html
7. گرامي، غلام محمد. جانب ڪريو جيئري.....ايڊيٽوريل، ٽماهي مهراڻ. جولاءِ_ سيپٽمبر 1987 (3). ڄامشورو؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book98/Book_page1.html
8. ويڪيپيڊيا؛ حاصل ڪيو ويو 30 مارچ 2017، کانhttps://sd.wikipedia.org/wiki/
1394 ڀيرا پڙهيو ويو