ساميءَ جي لهجي ۽ اسلوب جو لساني جائزو
(Linguistic Evaluation of Sami's Diction and Dialect)

زبير سومرو
Abstract:

`Sami' is considered as one of key figures in the Sindhi literary Troika (Tri-Moorti) termed as "Shah, Sachal, Sami". Sami - the unsung hero of Sindh - was son of an affluent entrepreneur of Shikarpur. Shikarpur was, then, one of the trade hubs for the markets as far as Central Asia. Sami left his social and luxurious lifestyle and joined the company of Sadhoos (Saints).

This research paper focuses upon the diction and the dialect of Sami. His poetic diction and dialect are unique and influenced by two factors: the Hindu linguistic culture and tradition in context of Shikarpur, and Shikarpuri accent or dialect of Sindhi language.
The research paper looks at the motivation behind Sami's viewpoint as a mystic promoter whose perspective for the life and world is a delightful implication of humanity notwithstanding the differences. He has articulated Vedantic ideology in his poetry, which has numerous commonalities with Sufism and other ideologies including Islam. He created Siloks (same as Shlokas of Sanskrit genre) similar to the Sindhi Doheera format.

This paper highlights the contributors telling upon Sami’s diction and the way that he adopted in his poetry. He was a Hindu by religion, and Hindus have their own linguistic heritage and distinctiveness in their daily spoken language. It is common in across Sindh. Another factor, that influenced Saami's diction, is being Shikarpuri. Hence, the resultant dialectic versatility of Shikarpuri accent is vividly visible in Sami's poetry. Sami is well known for generously accepting all sorts of appeals including religious influences and geographical factors.

ڀائي چين راءِ ’سامي‘ جي حياتيءَ جو مختصر خاڪو :
سنڌي ادب جي جڳ مشهور ٽِه مورتي ’شاهه - سچل- سامي‘ جي اهم ڪڙي، ڀائي چين راءِ ”سامي“ لُنڊ جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ 1743ع ڌاري، هاٿي در پاڙي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو بچومل هو جيڪو شڪارپور جو هڪ سيٺ واپاري هو. (1)
ساميءَ جي شخصيت ٻالڪپڻ کان ئي منفرد ۽ نرالي هئي، کيس ننڍپڻ کان وٺي دنيا جي ڌنڌن کان بيزاري هئي. هو پيءُ جي عيش عشرت واري زندگيءَ کان ساڌن جي سنگت ۾ رهڻ پسند ڪندو هو. کيس دنيا جي لوڀ لالچ جي ڪابه خواهش نه هئي. ساميءَ جي دور واري شڪارپور، سنڌ جي شاندار تهذيب جو اھڃاڻ هئي. سامي به انهيءَ مايا ۽ موهه واري ماحول جي ردعمل طور، پنهنجي دور جي ماڻھن جي ڌن دولت ۽ عيش عشرت واري زندگي جي پويان ڊوڙندڙ وهڪري کان بيزار ٿي، وڃي سنت بڻيو ۽ دولتمند پيءُ جو سڀ ڇڏي وڃي ھڪ مڙھي وَسائي ۽ دنيا داري کي تياڳي، گوشه نشيني اختيار ڪيائين ۽ ويدانتي مت جي آڌار تي سلوڪ لکيا. سندس رچيل سلوڪ، جيڪي ”ساميءَ جا سلوڪ“ جي نالي سان مشهور آهن. سامي جو گرو، سوامي مينگهراج هو، جيڪو پنجاب جو هو، هُو شڪارپور ۾ ساميءَ وٽ ايندو هو ۽ سندس مڙهيءَ ۾ رهندو هو. سامي، پنهنجي گرؤَ کان بي انتها متاثر هو. گروءَ جي وڃڻ بعد، چين راءِ کي ويراڳ لڳو ۽ بي چين رهڻ لڳو. شادي به ڪيائين پر کيس ڪنهن شيءَ ۾ دل نه لڳي ۽ هُو امرتسر هليو ويو، جتي گرو نانڪ جي سکيا مان لاڀ حاصل ڪيائين. وٽس ذات پات جي ڀيد ۾ ڌرم جي ٻنڌڻن جي پابندي پسند نه هئي. پاڻ هندو ودوانن جي سنگت ۾ رهيو ته ڪڏهن مسلمان درويش جي صحبت ۾ رهيو.(2)
سامي، سلوڪ لکندو ۽ هڪ مٽ ۾ وجهندو رهندو هو. سندس پٽ، ڀائي گهنشامداس اهي سمورا سلوڪ ترتيب ۾ آڻي، گرمکي اکرن ۾ لکرايا، جتان پوءِ ديوان راءِ بهادر ڪوڙي مل چندن مل، 1873ع ۾ وري عربي - سنڌي صورتخطيءَ ۾ قلمبند ڪرايا. (3)
ساميءَ جي وفات 1850 ۾ امرتسر ٿي. پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي موجب ساميءَ کي آخري عمر ۾ خيال ٿيو هو پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور موٽي وڃي ۽ هو پنهنجي گهر واري سميت اسي ورهين جي ڄمار ۾ شڪارپور موٽيو ۽ ٽيويهه سالن کان پوءِ 107 سالن جي عمر ۾ شڪارپور ۾ ئي وفات ڪيائين. (4)
ٻولي، اصطلاح ۽ محاورا :
هر ٻوليءَ جو پنهنجو گھاڙيٽو، گرامر، اصطلاحي خزانو ۽ مزاج هوندو آهي. ٻوليءَ جي اندر وري، ان ٻولي جي ڳالهائيندڙ آباديءَ ۽ جاگرافيءَ جي حوالي سان مختلف لهجا ۽ اسلوب ٿين ٿا. دنيا جي اهڙي ڪابه ٻولي نه آهي جنهن جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لهجا نه هجن. اهي لهجا مختلف سببن يا حالتن جي ڪري ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ: جاگرافي، ذات يا قبيلو، مذهب يا مسلڪ، سماج ۾ ٻين ٻولين ۽ لهجن جا اثر، معاشي يا اقتصادي، موسمي، ريتون رسمون، سياسي سماجي صورتحال، حڪمرانن جي ٻولي، لڏپلاڻ، قدرتي آفتون، تاريخي پسمنظر، ٻاهريان حملا ۽ ڪاهون، وغيره. مثال طور، اڪثر چيو ويندو آهي ۽ حقيقي طور تي مشاهدو به ڪري سگهجي ٿو ته اتر سنڌ يعني شڪارپور، لاڙڪاڻو، سکر ۽ پاڙيسري علائقن جا ۾ماڻهو طبيعت ۾ تکا، تڪڙا، تيز ۽ ڀرپور هوندا آهن، جڏهن ته لاڙ جي ضلعن يعني بدين، ٺٽي ۽ پاڙيسري علائقن جا ماڻهو ماٺيڻا، سادڙا ۽ ٿڌي مزاج جا ٿين ٿا. ان جو هڪ واضح سبب ته موسم ٿي سگهي ٿو. سال جا ست اٺ مهينا پنجاهه سينٽي گريڊ ۾ گذاريندڙ عوام مان ڪهڙي ٿڌي مزاج جي اميد رکجي.
ٻولين ۽ انهن جي مختلف لهجن جو مٿي ڄاڻايل سببن جي ڪري، هڪٻئي جو اثر وٺڻ نه صرف فطري آهي بلڪه ضروري پڻ آهي، ڇوته لفظن جي ذخيري، محاورن، اصطلاحن ۽ پهاڪن جي مٽا سٽا کان سواءِ ٻوليون اسرڻ جي عمل کان قاصر رهجي وينديون ۽ ترقي نه ڪري سگهنديون. اهڙي قسم جي تبديلين کي ٻوليءَ جو لهجو چئي سگهجي ٿو.(5) ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ سبب، ان قوم جا ماڻهو ۽ وطن سڃاتا ويندا آهن. زبان انساني عمل ۽ جدوجهد ۾ هر موڙ تي سندس ساٿ ڏسندڙ آهي. اها سماجي، ثقافتي ۽ شعوري اتحاد ۽ اتفاق حاصل ڪرڻ لاءِ هڪڙو بهترين ۽ سگهارو ذريعو ٿيندي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي شڪارپور واري لهجي جو پنهنجو هڪ منفرد مزاج آهي، جنهن جي پويان ”سنڌ جي پئرس“ سڏجندڙ غير معمولي تهذيب جو عڪس آهي.
”سلوڪ“، پراڪرت زبان جو لفظن آهي، جنهن جو لغوي مطلب آهي: گڏ ڪرڻ يا وڌڻ. سنسڪرت ۾ ان کي ”شلوڪ“ (آواز، ٻولي، ڀڄن يا پڪار) چئبو آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان هي چئن سٽن جو شعر آهي؛ جيڪو هم قافيه مصرعن تي ٻڌل ٿئي ٿو. سنڌ جي ويدانتي شاعرن ۽ ڀڳتي فقيرن ”سلوڪ“ چيا آهن. ڀائي چين راءِ، دلپت، آسو، ڪيستورام، موهن فقير ۽ سام هن ڏس ۾ گهڻو اڳتي آهن. (6)
ساميءَ جي سلوڪن جي ٻولي به هڪ عنصر آهي. ساميءَ جي ٻولي اڪثر سنڌي شاعرن کان گھڻي نرالي آھي، ھڪ ته ان ۾ سنسڪرت ۽ ھندي لفظن جي گھڻائي آھي، ٻيو ته ويدانتي فلسفي کي تز نموني اظھار ڏيندر ٽيڪنيڪي لفظ به استعمال ڪيل آھن، جن جي معنيٰ ۽ مفھوم کي سمجھڻ کان سواءِ ساميءَ جو شعر پڙھڻ ئي اجايو آھي.
سامي، مذھبي طور تي ھندو ھو ۽ ھن جنهن ويدانتي فلاسافيءَ جي اپٽار ڪئي، سا به ھندو مزاج موجب آھي. ان کان سواءِ ساميءَ جي سلوڪن ۾ ھندو ڌرمي ڪتابن- ويدن، شاسترن، ڀڳوت گيتا، مھاڀارت، ھندو سنت ڪوين جا حوالا به بيشمار اچن ٿا. عام طور تي مسلمان ھندو فلاسافيءَ ۽ ھندو مذھبي روايتن کان اڻ واقف آھن، تن لاءِ ساميءَ جي سلوڪن کي سمجهڻ ڪجهه ڏکيو آھي. مسلمان توڙي ھندو پاٺڪ به اڄ ويدانت ۽ ھندو مذھبي روايتن کان گھڻو ڪري اڻ واقف آھن، جنهن ڪري ساميءَ جي سلوڪن جي پاٺڪن جو تعداد به ڪافي محدود ٿي ويو آھي. اڪثر مسلمانن جي ويدانت ۽ ھندو مذھبي روايتن ۽ ساميءَ جي سلوڪن جي پس منظر کي سمجھڻ لاءِ وسيلن ھٿ ڪرڻ تي انهن کي رسائي نه آهي، پر ھندو جيڪي پليا نپنا ئي ھندو وايومنڊل ۾ آھن ساميءَ جي شاعريءَ جي اصطلاحن کان بي خبر آهن، ڇو ته اهي ان وقت جي اڪثريتي آباديءَ جي وايومنڊل ۽ ڌرمي پس منظر ۾ لکيا ويا ھئا، جن مان ڪيترائي ضايع ٿي ويا يا گمناميءَ جي اوندهه ۾ سرعام پڌرا نه ٿي سگھيا، جن تي اڄ به محقق جو ڪم ھلي رھيو آھي. انهيءَ ڳالھه ۾ ڪو تضاد يا تڪرار نه آھي ته ساميءَ جون سلوڪن جي صورت ۾ رچنائون عام انسان جي روزمره جي وھنواري زندگيءَ بابت ويدن ۽ تصوف جي پس منظر ۾ رچيل آھن ۽ مجموعي طور انسان ذات جي سوچ جي شڪتيءَ جي واڌاري لاءِ آھن.
شاعري ۽ اسلوب :
سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”ٻارهين ڪوهين، ٻولي ٻي“. يعني، هر ٻارهن ڪوهن کان پوءِ ٻوليءَ جي لهجن ۾ ٿورو گھڻو ڦيرو هوندو آهي.
هر ٻولي، پنهنجي آس پاس جي ٻولين کان اثر وٺندي آهي. سنڌي ٻولي به ننڍي کنڊ جي ڪيترين ئي ٻولين جا اثر قبول ڪيا آهن، جن ۾ عربي، فارسي، هندستان جون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳڻائي سگهجن ٿيون. ٻوليون، نه صرف ٻي ٻوليءَ )ڀاشا( جا اثر قبولين ٿيون بلڪه ٻولين اندر لهجي )اُپ ڀاشا( جو اثر پڻ قبول ڪن ٿيون.(7)
علم جا سڀ کان آڳاٽا اهڃاڻ هندن جي ڌرمي ڪتابن (ويدن) ۾ ملن ٿا، جيڪي پنج ھزار ورھيه اڳ رشين، مُنين ۽ آچارين سنڌو درياھه جي ڪنارن تي سرجيا ھئا، جن جي ڄاڻ ۽ سکيا جو اولڙو، ھن خطي جي ھر ٻوليءَ جي ساھت ۾ ملي ٿو. ويدن جي دور کان پوءِ اُپنشدن جي اپٽار درشٽانتن، ڪھاڻين ۽ آکاڻين وسيلي ايتري ته عام ٿيل آھي، جو ھتان جي ماڻھن جي ذھنن ۾ پيڙھي در پيڙھيءَ چٽيل آھي، جنهن جو ذڪر پراڻن، رامائڻ ۽ مھاڀارت ۾ ڪيل آھي. انهيءَ دور جي فلسفي ۽ سماجي زندگيءَ تي ان جي اثر کان پوءِ، ان جي ردعمل طور گوتم ٻڌ جي نالي سان منسوب ٻڌ ڌرم جي شروعات ٿي، جنهن ھتان جي گيان ۽ سماجي زندگيءَ تي ڏور رس ۽ ديرپا اثر ڇڏيا. ھندو ڌرم جي ودوانن، عالمن ۽ فيلسوفن، ٻڌ ڌرم کي ھندو ڌرم لاءِ وڏو ھاڃو سمجھيو، تنهن ڪري انهن ٻڌ ڌرم جي روحاني پھلوءَ کي ڇڏي، باقي سموري سکيا کي ھندو ڌرم جو حصو بنائي ڇڏيو ۽ ٻڌ ڌرم کي ھندستان مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. نتيجي ۾ پوڄا پاٺ جي سختين جي جاءِ تي ٻڌ ڌرم جو اھنسا وادي (عدم تشدد) فڪر ھندو ڌرم ۾ عام ٿيو.
ويدڪ شاعرن پنهنجي واڻي ويدن ۾ لکي، تنهن ڪري انهيءَ دور ۾ فلسفي ۽ ساھت جي گڏوگڏ اوسر ٿي. ان وقت جي ساھت جا مکيه موضو ھئا- انڌو اعتقاد، ڊپ، دعائون، يگيه وغيره. ڪوتائن ۾ آھستي آھستي فلسفي جو جز وڌندو ويو، جنهن ۾ ڀڳتيءَ جو عنصر نج هندستاني آھي ۽ محبت جي تڙپ صوفين مان آئي، جڏھن ته يوگ تي ناٿ پنٿ جو اثر آھي. سامي جي شاعريءَ تي ويدانتي فڪر حاوي آهي. ويدانت جي معنيٰ آھي ويدن جو انت. ويدانت جي قائم ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي ويدانتي فرقن جو عمل دخل آھي. انهن مان شنڪر آچاريه ۽ رامانج جا نالا سڀ کان اھم آھن. شنڪر آچاريه جي فلسفي کي ادويت (Non Dualism) يعني وحدانيت جو فلسفو چيو ويندو آھي، جنهن کي تصوف جي فلسفي جي ويجھو سمجھيو ويندو آھي
سنڌي ٻوليءَ جو شڪارپوري لهجو :
سنڌي ٻوليءَ جو شڪارپوري لهجو پنهنجي بناوٽ ۽ ادائگيءَ ۾ ڪمال جي حيثيت رکي ٿو. هن لهجي جون پنهنجون خاصيتون ۽ گڻ آهن. سنڌي ٻوليءَ تي لکندڙ مڙني ليکڪن شڪاپور جي لهجي جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن. ڪاڪو ڀيرو مل جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ سندس ڏنل راءِ مان شڪارپور جي لهجي جي شاهوڪاريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:
”ٻولي ته شڪارپور جي! جهڙي آهي سپڪ ۽ سوادي، تهڙي آهي مٺي ۽ رسيلي. واهه جو منجهس ميٺاج آهي. انهيءَ ٻوليِءَ سان سنڌ جي ٻي ڪهڙي به هنڌ جي ٻولي ميٺاج ۾ مٽ پئجي ڪين سگهندي. ٻين هنڌن جي ٻوليءَ کان شڪارپور جي ٻولي جنهن سبب ڪري رس چس ۾ سرسُ آهي، سو سبب مثال ڏئي سمجهائجي ٿو: ’شڪارپوري چون، ڀائڙا، هتڙي ويهه!‘- هتي ’ويهه‘ جي پڇاڙيءَ ۾ پيش ( _ُ ) يعني’اُ‘ جو اچار آهي. شڪارپور انهيءَ تي زور ڏئي ان جو اچار اهڙي طرح ڊگهو ڪن ٿا، جو ڄڻڪ فقط اُچار آهي ويهه + اُ. ائين اچار کي برابر ڊگهو ڪن ٿا، ٻين هنڌن تي چون: ’اُٿ نه، هل نه‘، پر شڪارپوري چون - اُٿ ني، هل ني“(8)
شڪارپوري لهجي جو نه صرف اُچار يا چَوَت نرالي آهي بلڪه هن لهجي ۾ ڪجهه لفظن جو ذخيرو (Vocabulary) پڻ مختلف آهي، جيڪو سنڌ جي ٻين علائقن جي ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ايندو. اهي لفظ اڄ به شڪارپور جي گهر گهر ۾ عام ڳالهايا وڃن ٿا. مثال طور: ڏاڏر، ويسُورو، آجا پاجا، آڍ، آڍڙو ٻڍڙو، هاڄارو، حَيو، نِنائين، ٻاٻُرڪُٽو، بَئنش، ننَهسُسڙو، سوٺائتو، آڪڙ، آرايُون، پِتُ، بودِ، اُنڊَ، پوتڙو، ڀانڀِ، گهوگهِه، ڍِڍُ، ڀِڀُ، ڪُنبُ، دُنبو، ڏوگهو، ڳِرڻ، ڌوڏا، سَينڌ، ڪِر ڪِر، کاکاڙي، ماتو، لِڳڙو، ويڳُ، ليٽ، وَجهُه، مُچو، بُدبُدو، وِيڻي، لاڪُون، تاڪُون، جاڪُون، ڪُوڪان، چِيٽان، ڪَيس، باڪَس، پيهه، ڏانوڻ، ڏيبُ، جائي، اَڳوپو، اوٽار، ڀَنڊڻ وغيره.(9)
عام طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد جي آخري اکر تي پيش هوندو آهي، مثال: هٿُ. هاڻي ان واحد کي اگر جمع ڪجي ته ان جي آخري پيش واري اکر تي زبر ڏي جمع ڪبو، جيئن : هٿَ. اهڙي طرح ’انبُ‘ جو جمع ’انبَ‘.ساڳي طرح زبر واري واحد جي آخر ۾ ’اون‘ جو آوز ڏئي ان کي جمع بڻايو ويندو آهي. مثال: ’کٽَ‘ جو جمع ٿيندو ’کٽون‘. پر شڪارپور ۾ ’اون‘ جي آواز جي بدران ’آن‘ ڏئي ’کٽان‘ ڪيو ويندو آهي.(10)
واحد جمع جو معياري سمجهيو ويندڙ لهجو ۽ شڪارپوري لهجو

جمع
شڪارپوري لهجو معياري سمجهيو
ويندڙ لهجو واحد
بدڪان بدڪون بدڪَ
کٽان کٽون کٽَ
پڳان پڳون پڳَ
خبران خبرون خبر
ڊيلان ڊيلون ڊيلَ
اخباران اخبارون اخبارَ
سوچان سوچون سوچَ
اوطاقان اوطاقون اوطاقَ
مَوجان مَوجون مَوجَ
راهان راهون راهه
ڄَوران ڄَورون ڄَورَ
حُوران حُورون حُورَ
غاران غارون غارَ
شڪارپوري لهجي جي انفراديت
شڪارپوري لهجو معياري سمجهيو ويندڙ لهجو شڪارپوري لهجو معياري سمجهيو
ويندڙ لهجو
وڃَين ٿو؟ (ڃ تي زبر) وڃِين ٿو؟ (ڃ تي زيـر) کنئون کان
ڏسَين (س تي زبر) ڏسِين (س تي زيـر) تنئون تان
تهان توهان هن منئون هن مان
اوئي / اُوهي اُهي هتنئون هتان
اسان اسين ڪاٿي ڪٿي
آن / هان / هنئون آهيان جاتي / جاٿي جتي
آ آهي مان ڏهون مون ڏي
هلئون هلون ڪاڏهون ڪيڏانهن
اٿئون اٿون جاڏهون جيڏانهن
ڪيئون ڪيون هيڏهون هيڏانهن
هجئون هجون هتڙي هتي
ڪِن يا تڏي تڏهن
اکِن اکيُن ڪڏي ڪڏهن
ڀتِن ڀتيُن جڏي جڏهن
وڃَين ٿو؟ (ڃتي زبر) وڃِين ٿو؟ (ڃ تي زير) هلدو هلندو
ڏسَين (لام تي زبر) ڏسِين (س تي زير) ملدو ملندو
تهان توهان وڌدو وڌندو
اوئي / اُوهي اُهي چئي چوي
اسان اسين پئي پوي
آن / هان / هنئون آهيان ڪيون ڪريون
آ آهي ملنداسي / ملنداس ملنداسين / ملنداسون
هلئون هلون تو / تا ٿو / ٿا
اٿئون اٿون هلندم هلندس
ڪيئون ڪيون ڪندم ڪندس
هجئون هجون ويهندم ويهندس
ڪِنَ يا اکِن اکيُن
هندو سماج جو لساني جائزو:
هر سماج ۾ مختلف ذاتين، قبيلن ۽ مذهبن جا ماڻهو رهندا آهن ۽ باوجود هڪ جاگرافيائي علائقي ۾ رهڻ جي، هر طبقي جو لهجو، اسلوب ۽ محاوراتي انداز جدا ٿئي ٿو. اها انفراديت هيٺ ڏنل بنيادن تي ٿي سگھي ٿي:
 ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ طبقو
 نج شهري زندگيءَ ۾ رهندڙ طبقو
 مذهبي طبقو
 ساڳي مذهب اندر مخصوص فرقي يا فقه جو طبقو
 عورتن جو طبقو
 مردن جو طبقو
 مخصوص برادري / قبيلي جو طبقو
 درياهي / سامونڊي پٽيءَ ۾ رهندڙ طبقو
 علائقائي طبقو
 تعليم يافته / غير تعليم يافته طبقو
 جنگجو طبقو
 مظلوم ۽ غربت ۾ گذاريندڙ طبقو
 عيش عشرت ۾ گذاريندڙ / حاڪم طبقو
 ڪِرت / وڻج واپاري طبقو
مٿي ڄاڻايل سماج جا مختلف طبقا ڀلي ساڳي ٻولي ڳالهائيندا هجن پر انهن جو پنهنجي پنهنجي طبقي جي مناسبت سان لهجو، ادائيگي، انداز، محاورا ۽ اصطلاح منفرد ۽ مختلف ٿين ٿا. مثال طور: ساڳي سماج ۾ رهندڙ عورتن جو اگر لساني تجزيو ڪجي ته عورتن جا محاورا ۽ لهجو بنهه مختلف ٿئي ٿو، بلڪه عضوياتي ٻولي(Body Language) به مختلف ٿئي ٿي. ساڳي طرح غربت ۾ گذاريندڙ طبقي جي ٻوليءَ کي ڏسبو ته ان ۾ هيٺاهين، نوڙت ۽ سادگي هوندي، ان جي برعڪس اگر عيش عشرت ۾ گذاريندڙ / حاڪم طبقي جي ٻولي کي ڏسبو ته ان جو انداز بيان ئي هٺيلو ۽ رعبدار هوندو.
سنڌ جي هندو سماج اندر پڻ اهڙي ئي نوعيت جي انفراديت موجود آهي. سنڌ جا هندو اوائلي زماني کان گھڻو ڪري وڻج واپار سان لاڳاپيل رهيا آهن. شڪارپور جي عروج جي زماني ۾ نه هندو وڏا عالمي سطح جا واپاري هئا، جن جو ڪاروبار بين القوامي پئماني تي ڦليل هو. ورهاڱي کان پوءِ هندو سکيا ستابا هندو هندستان هليا ويا ۽ هندن جو غريب طبقي لڏ پلاڻ نه ڪئي. غريب طبقو، هر سماج ۾ مذهبي طور تي حساس رهيو آهي.
هندو سماج جي لساني انفراديت جو لفظي ذخيرو
معنى لفظ
ٿانوَ باسڻ
وهنجڻ سِنان/ اشنان
پيءُ پتا
ماءُ ماتا
اعمال ڪرم
خدمت شيوا
شڪارپور جي هندن جي رهڻي ڪهڻي ۽ لهجو :
سنڌ ۾ رهندڙ مختلف نوع جي طبقن، برادرين ۽ مذهبن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻي، باوجود هڪ قوميت جي، پنهنجي جداگانه سڃاڻپ، اهميت ۽ حيثيت رکي ٿي. ساڳي ٻوليءَ اندر لهجن جي اها انفراديت علائقن، موسمن توڙي جينياتي (Genetically) بنيادن تي پڻ منحصر آهي. شڪارپور جو هندو طبقو گھڻو ڪري واپاري هو ۽ واپاري طبقو هونئن به لساني حوالي سان نهٺو ۽ نماڻو هوندو آهي ڇوته اها سندس پيشي جي پيشاوراڻيِ گھرج آهي.
سامي شڪارپور شهر جو هو. ساميءَ جي دور جي شڪارپور ۾ هندو اڪثريت ۾ هئا. شڪارپور ان زماني ۾ هندستان جو وڏو ڪاروباري مرڪز هو، جنهن جا اقتصادي تعلقات وچ ايشيا تائين وڇايل هئا. شڪارپور جو تاريخي پسمنظر، رھڻي ڪھڻي ۽ اٿڻي ويهڻي اعليٰ پائي جي هئي. ساميءَ جي زماني واري شڪارپور، سنڌ جي جي شاندار تهذيب جو اھڃاڻ هئي.
شڪارپور جي هندن جي لساني جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن طبقي جي ٻولي يا لهجي ۾ ٻيڻو ميٺاج آهي، هڪ هنن جو شڪارپوري هجڻ ڪري ٻيو هندو هجڻ جي ڪري. اهو ان لاءِ ته هندو مذهبي طور تي هيٺاهين هلڻ جو درس ڏئي ٿو. اهنڪار يعني غرور ۽ تڪبر وڏو پاپ تصور ڪيو وڃي ٿو. شڪارپور جي هندو سماج جي لساني انفراديت جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا :
شڪارپور جي هندو سماج جي لساني انفراديت
اصل لفظ
شڪارپوري هندو
جو اچاريل لفظ
راضي راجي
محتاجي موٿاجي
نزديڪ نجديڪ
دماغ ديماڪ
روزگار روزڪار
خوش راضي کُش راجي
سوراخ سوراڪ
مغز مگج
ذات جات
عرض عرج
غوطو گوتو
اعتبار اتبار
تماشو تماسو
ارڙهن اٺارانهن / اٺاران
فارغ ڦارڪ
جهاز جهاج
ساميءَ جي ٻوليءَ ۽ اسلوب جو لساني جائزو :
ساميءَ، نه رڳو پنهنجي فڪر ۾ منفرد آهي بلڪه لهجي ۽ اسلوب ۾ هڪ انفرادي حيثيت رکي ٿو. نج شڪارپوري لهجي ۾ چيل سندس سلوڪن نهٺائي، نماڻائي، آدرش، انسان دوستي، پريم، ڀڳتي، سندس ٻوليءَ تي مجموعي طور تي ٽِن قسمن جا اثر آهن: صوفي سنتي مَت جو اثر، هندو مذهب جي مقدس ڪتابن جي تعليمات جو اثر ۽ شڪارپور جي لساني تهذيب جو اثر.
ساميءَ جي لهجي ۽ اسلوب تي اهي ٽيئي اثر حاوي آهن. مذهبي طور تي سامي هندو آهي ان ڪري کيس هندو ڌرم جي زبردست ڄاڻ هئي. ساميءَ جي سلوڪن ۾ هندن جي ڌرمي ڪتابن جو ذڪر عام جام آهي. ويد، پراڻ، شاستر ۽ اپنشد وغيره، ساميءَ جي نه صرف ڪلام تي حاوي آهن بلڪ انهن جي ڪري لهجي ۾ نهٺائي آهي.
ويد ڪل چار آهن: رگ ويد، يجر ويد، سام ويد ۽ اٿر ويد. اپنشد هڪ سؤ اٺ آهي، جن ۾ ڏهه مکيه آهن: ايش، ڪين، ڪٺ، پرشن، منڊڪ، مانڊوڪيه، تيتريه، چانڊوڪيه ۽ برهدارنيڪ. ان کان علاوه ڀڳوت گيتا، رامائڻ ۽ انيڪ پُراڻ آهن جيڪي هندن جي مذهبي ڪتابن ۾ شمارجن ٿا. انهن آڳاٽن ڪتابن پڻ انسان لاءِ پاڻ سڃاڻن جو درس ڏنو ويو آهي. مايا کان نفرت، موهه کان دوري، ڪام کان پاڻ بچائڻ، ڪروڌ کان پري رهڻ ۽ اهنڪار کي پنهنجي ويجهو آڻڻ انهن پُستڪن جو اهم موضوع آهن.(11)
جيئن مٿي ذڪر ٿيل آهي ته شڪارپور هر لحاظ کان بي انتها شاهوڪار خطو رهيو آهي، ان ڪري هن شهر جي ماڻهن جي مزاج ۽ رهڻي ڪهڻي مان شاهور ماضيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. شڪارپور جي مڙني هندو شاعرن جهڙوڪ :سوامي رام داس، نماڻو فقير، سوامي پرمانند، هولارام ”پورن“ بولچند ڇاٻڙيا، صوفي جھامنداس، ليلارام ۽ کيئلداس ”فاني“ وغيره تي پنهنجي مخصوص ڌارمڪ سماج جو اثر نمايان آهي.(12)
سامي پڻ ان اثر کا آجو نه رهيو آهي. ساميءَ جي ڪلام ۾ شڪارپورجي لساني تهذيب سمايل آهي. هندستان جي نامياري ليکڪا وندنا رامواڻي لکي ٿي:
”شڪارپور جي رهاڪو هئڻ سبب ساميءَ فطري طور پنهنجا سلوڪ سريلي يعني اتر سنڌ جي اُپڀاشا ۾ چيا آهن، جنهن جي اها نرالائپ آهي ته جمع، هميشه واحد کي ’آن‘ گڏڻ سان ٺهندو آهي.“(13)
نندي نواجي، خاوند کسمانو ڪري،
ڪنهن جي رهي ڪانه ڪا، منٿ موٿاجي،
نه ڄاڻان راجي، ٿيڙو ڪهڙي ڳالهه تان!
مٿيئن سلوڪ ۾ ”نواجي“، ”موٿاجي“ ”راجي“، ”ٿيڙو“ نج شڪارپوري هندن جي Vocabulary جنهن مان سندن لساني آهنگ جو تاثر ملي ٿو.
ساڳي ريت ساميءَ تي نج شڪارپوري لهجي جا ٻيا مثال هيٺ ڏجن ٿا :
نئنن کئون نجديڪ، پيهي ڏٺائون پاڻ ۾:
هتي ’ز‘ آوز جو تبادلو ’ج‘ سان ڪيو ويو آهي. ”نجديڪ“، دراصل ”نزديڪ“ جو ڦيرو آهي. شڪارپور ۾ هندن جي (ڪجهه مسلمانن جي پڻ) لهجي ۾ هي تلفظ عام آهي.
آهن اگم اپار، راهان رام ملڻ جون :
هتي ’اُون‘ آوز جو تبادلو ’آن‘سان ڪيو ويو آهي. ”راهان“، دراصل ”راهون“ جو جمع آهي. شڪارپور ۾ جي هر عام خاص جي لهجي ۾ هي ڦيرو اڄ به عام آهي.
”عشق ڪمايو جن، پڇ تنهين کئنون خبران“!
هتي ٻه لفظ منفرد آهن. ’کئنون‘ ۽ ’خبران‘.
’کئنون‘ دراصل ”کان“ جي تبادلي طور استعمال ٿيل آهي. ۽ خبران، دراصل ”خبرون“ جو جمع آهي. شڪارپور ۾ جي هر عام خاص جي لهجي ۾ هي ڦيرو اڄ به عام آهي.
سامي تَڏِي ٺري، جَڏِي پوي بوند پپيهه کي:
هتي ٻه لفظ منفرد آهنم’جَڏِي‘ دراصل ”جڏهن“ جي تبادلي طور استعمال ٿيل آهي ۽ تڏي، دراصل ”تڏهن“ جو جمع آهي. شڪارپور ۾ جي هر عام خاص جي لهجي ۾ هي ڦيرو اڄ به عام آهي.
ڇهه، اٺارهن، چار، ڳالهه چون ٿا هڪڙي:
هن سٽ ۾ ”اٺارهن“ جو لفظ منفرد آهي. شڪارپور جا ماڻهو ”ارڙهن“ کي اٺارنهن چوندا آهن.
ڀڳت ڏني ڀڳوان، جن کي پرڇي پانهنجي:
هن سٽ ۾ ”پانهنجي“ جو لفظ منفرد آهي. شڪارپور جا ماڻهو ”پنهنجي“ کي ڊگهو ڪري ۾ ”پانهنجي“ چوندا آهن.
ته بيٺي منجهه بزار، سامي ڏسين سپرين:
سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ”بازار“ کي ”بازر“ به چوندا آهن. شڪارپور ۾ ان کي ”بزار“ چوندا آهن.

حوالا
1. هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر: پريم ساگر، پريم ساگر پبليڪيشن، ڪراچي، سال 2002ع. ص 101
2. خواجه، نور افروز، ڊاڪٽر، پريم ساگر، پريم ساگر پبليڪيشن، ڪراچي، سال 2002ع. ص 87
3. ٻُٽُ، الهه رکيو، ڊاڪٽر، ساميءَ جي سلوڪن جا آڳاٽا ڇاپا، پريم ساگر پبليڪيشن، 2002، ص 59
4. هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر: پريم ساگر، پريم ساگر پبليڪيشن، ڪراچي، سال 2002ع. ص 103
5. جويو تاج: ساميءَ تي هڪ نئين نظر، پريم ساگر پبليڪيشن، ڪراچي، سال 2002ع. ص 87
6. ڪوڙومل، راءِ بهادر، ساميءَ جا چونڊ سلوڪ، سامي جا سلوڪ، شاهه لطيف يونيورسٽي، جلد ٻيو، ص 180
7. آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، سنڌي ٻوليءَجي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، 2004، ص 92
8. آڏواڻي ڀيرومل مهرچند، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام،شورو، 2004 ص 99
9. هدايت پريم، ڊاڪٽر، اُترادي ٻولي، سنڌ لنئگئيج اٿارٽي، 1995، ص 135
10. ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر، شڪارپور جي ٻولي، سنڌي لئينگئيج اٿارٽي، 1993 ص 34
11. انصاري انيس، سامي جي سلوڪن جا سِرا، سامي ساگر بوند ۾، پريم ساگر پبليڪيشن، 2002، ص 160
12. سومرو، عبدالخالق “راز”، ڊاڪٽر، شڪارپور صدين کان، 1988، ص 252
13. رامواڻي وندنا اشوڪ، ڊاڪٽر: سچا سامين پنڌ (پي ايڇ ڊي ٿيسز، بمبئي يونيورسٽي) ص 176
1974 ڀيرا پڙهيو ويو