سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪھڙو لفظ معياري آھي: 'مان يا آءٌ/آئون'؟
(Which in Sindhi Language is Standard Word? ‘Aaun’ Or ‘Maan’)
حزب الله آء سومرو
Language has many dialects. A dialect is a specific way of speaking of the specific region and central dialect is supposed to be the standard dialect of language. Sindhi language possesses various dialects, i.e. Laari, Siraiki, Utradhi, Thari , Wicholi /Sahiti , Kohistani, Lasim Dhatti, etc.
The English word 'I' is spoken in two different dialectical variations; 'Maan' and 'Aanu' in Sindhi. The word 'Maan' is derived from Persian word 'من' (Mun) which is spoken in the northern and central regions due to Arghun, Turkhan and Moughal’s rule for a long time, whereas, the Arabs ruled Laar and Thar regions for long period , So 'انا' (Anna) is an Arabic word in origin and was used profusely (commonly) '” آءٌ/آئون' (Aanu).
As far as this research proclaims /testifies that 'Maan' is standard word due to two reasons:
(1) Local languages were spoken in parallel, i.e. Urdu, Seraiki and Panjabi contain the word 'میں' (main). In Persian 'من' (Mun), In Baluochi 'ما' (Maa) and in Sindhi 'مان' (Maan). Whereas, the word
'انا' (Anna) belongs to Arabic and Hebrew languages and due to effect of them, the English word 'I' has almost the same pronunciation as 'انا' (Anna) and so the word آءٌ/آئون' (Aanu) has been coined from 'انا' (Anna) in Sindhi language. In the light of such evidences, the word ’مان' (Maan) is local_ cum_ standard one.
(2) The standard dialect is spoken in Naushehro Feroze , Moro , and Khairpur except Naro. Therefore, 'آءٌ/آئون' (Aanu) is a local word of Thar and Laar but 'مان' (Maan) is a standard word used or spoken in the above mentioned central region.
Keywords: Standard word, Sindhi Language, ‘Aaun’, ‘Maan’, I, Sindhi, Persian, Siraiki, Punjabi, Central
ٻولي اچارن، لفظن ۽ جملن جو مجموعو آهي، جنھن کي گرامري اصولن تحت پرکي ۽ متوازن رکي سگهجي ٿو. ٻوليءَ جون مختلف علائقن ۾ مختلف صورتون ۽ انداز ٿين ٿا، مختلف علائقن ۾ مختلف لفظ ھڪ معنيٰ ۾ به ٿين ٿا. ان فرق وارن لفظن جي ٻوليءَ کي ’لھجو‘ (Dialect) چئبو آهي.
ڀيرومل مھرچند لھجي جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو: ”ڀاشا معنيٰ ٻولي (Language) ۽ اپڀاشا معني ٻوليءَ جو ننڍو لھجو (Dialect) اھو تفاوت اھڙو آهي، جھڙو جبل ۽ ٽڪريءَ جي وچ ۾ تفاوت. چوڻي آهي ته 'ٻارھين ڪوھين، ٻولي ٻي'. اھو پھاڪو دنيا جي سڀني ٻولين سان ھڪ جھڙو لاڳو آهي. مثلاً رڳو سکر ضلعي ۾ ئي ڏسجي ٿو ته شڪارپور جي ٻولي ھڪڙي، سکر ۽ روھڙيءَ جي ٻي ۽ اٻاوڙي جي وچائين ٽين.“ (1)
لھجي بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو: ”اھا ثابت ٿيل حقيقت آهي ته ڪي به ٻه ماڻھو ھڪ جھڙو ڳالهائي نه سگهندا آهن، چاهي اھي ساڳئي خطي ۽ ماحول جا ڇو نه ھجن. مثال طور، ڪو لاڙڪاڻي جو رھاڪو حيدرآبادين جي محفل ۾ ويھندو ته جيتوڻيڪ ان جي ٻولي به ساڳئي سنڌي آهي پر اچار جي طريقي(Accent) ۽ جهيلار(Intonation) مان ٻنھي يعني لاڙڪاڻي جي رھاڪو ۽ حيدرآباد جي رھاڪو جي ٻوليءَ ۾ ٻڌندڙ ڀليءَ ڀت فرق محسوس ڪري سگهندا.... اھڙا ننڍا ننڍا فرق فردن کي گروھن تائين پھچي عادت بڻجي وڃن ٿا، تان جو لسانياتي نقطه نگاهه کان انھيءَ گروھ جوھڪ خاص نالو مقرر ٿي وڃي ٿو، زبان (ڀاشا) جي اھڙن گروھن کي لھجا يا اپڀاشا(Dialect) چئبو آهي.“ (2)
سنڌي ٻوليءَ جا وڏا لھجا ھي آهن: اترادي، وچولو، لاڙي، لاسي ۽ ڪڇي، جڏهن ته ٻين علائقن جا اپلھجا، ڄاڻايل لھجن جا حصو سڏجن ٿا. انھيءَ لھجي جو ھڪ اختلاف سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ معني رکندڙ ٻن لفظن ’مان‘۽ ’آءٌ /آئون‘ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جيڪي انگريزي لفظ ‘I’ لاءِ ڪتب اچن ٿا.
آءٌ ۽ مان جا علائقا
ڏٺو وڃي ته اتر ۽ وچولي ۾ 'مان' جو لفظ استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ته لاڙ ۾ 'آءٌ' جو لفظ ڪم اچي ٿو.
آءٌ ۽ مان جو پس منظر
مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو، ته سنڌ جي جن علائقن ۾ عربن جي حڪومت يا اثر رهيو آهي، اتي عربيءَ جو اثر ڪجهه وڌيڪ رھيو، جيئن مشھور ماھر لسانيات علي نواز حاجن خان جتوئي لکي ٿو: ”عربن سنڌ جي وچئين حصي ۾ روھڙي کان وٺي حيدرآباد تائين پنھنجا الڳ ڳوٺ ۽ شھر ٻڌا، اھو ئي سبب آهي جو وچولي سنڌيء تي عربي زبان جو وڏو اثر آهي.“ (3)
حقيقت اھا آهي ته مڪمل ٿر ۽ لاڙ تي عربن جو ضابطو رھيو. ان ڪري اتي
’آءٌ‘ جو لفظ استعمال ھيٺ آهي. سنڌ جي علائقن جي تاريخي مطالعي مان معلوم ٿيو ته عربن ۽ عرب نسل سومرن کان اتر سنڌ جو علائقو ڇڏائجي چڪو ھئو ۽ تن جي حڪومت گهڻو عرصو ڪجهه قدر وچولي، لاڙ ۽ ٿر تي رھي آھي. عربن جي گاديءَ جو هنڌ ’منصوره‘ به لاڙ ۾ ھئو، ان ڪري ان علائقي ۾ عربي لفظ
’انا‘ جھڙو سنڌي لفظ ‘آءٌ‘/ ’آئون‘ جڙيو. جيئن ته وچولي، اتر ۽ ڪاڇي جا علائقا ايران ۽ افغانستان يا انھن جي اثر هيٺ بلوچن ۽ پٺاڻن جي علائقن جي ڀرسان آھن. ان ڪري اتي فارسي لفظ ’من‘ سان ملندڙ جلندڙ سنڌي لفظ ’مان‘ رائج رهيو آهي. ان ڪري اھو چوڻ به مناسب ٿيندو ته فارسي، بلوچي، ھندي، اردو، سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابيءَ ۾ "I" انگريزي لفظ لاءِ من، ما، مين ۽ مان جھڙا ھڪ جھڙا لفظ استعمال ٿين ٿا.
معياري لفظ
مٿي بحث ھيٺ دليلن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو، ته سنڌي ٻوليءَ جو وچولي وارو لھجو معياري آهي، جنھن ۾ وچولي جو لفظ ’مان‘ معياري لفظ آهي، جنھن لاءِ هيٺيان نڪتا بيان ڪجن ٿا:
1. ’مان‘ لفظ وچولي جو اصل ۽ معياري لفظ معلوم ٿئي ٿو. ان لاءِ دليل اھو آھي ته ھتان جي ٻولين ھندي، اردو ۽ سرائڪيءَ ۾ ’مين‘، فارسيءَ ۾ ’من‘، بلوچيءَ ۾ ’ما‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’مان‘ استعمال ٿين ٿا. جڏهن ته عربي يا عبرانيءَ ۾ ’انا‘ ۽ انھيءَ ڪري انگريزيءَ ۾ ’آ‘ (I) ۽ لاڙي لفظ ’آءٌ‘ ھڪ جھڙو اچار آھي. وري عرب، سري لنڪا گهڻو آيا ويا ته اتي به ’انا‘ وانگر ’اني‘ ٿا چون. عربيءَ جي
’انا‘ جھڙو لفظ سنڌيءَ ۾ ’آءٌ‘ جڙيو آهي. ھتان جي ٻولين جا لفظ ’من‘، ’مين‘،
’ما‘ ۽ ’مان‘ ثابت ڪن ٿا ته وچولي جو اصل لفظ ’مان‘ آهي، جنھن ڪري اھو وڌيڪَ معياري آھي.
2. دراصل، ’آءٌ‘ جو پورو گردان موجود نه آهي، پر ’مان‘ جو پورو گردان موجود آهي، جيئن: مان = منھنجو، منھنجي، منھنجا، منھنجون، مون ڏانھن، مون کان، مون سان، مون لاءِ وغيره.
ٻئي پاسي ’آءٌ‘ جو اھڙو ڪو به گردان موجود نه آهي. ’آءٌ‘ لفظ ڳالھائيندڙ يا استعمال ڪندڙ به ’مان‘ جا اھي گردان استعمال ڪرڻ تي مجبور آھن، ان جو اعتراف ڊاڪٽر فھميده حسين پنھنجي مضمون ’سنڌي گرامر جا مسئلا‘ ۾ ڪجهه ھن طرح ڪيو آھي: ”لفظ ’مون‘ کي فعل متعديءَ سان ماضيءَ ۾ استعمال ڪبو ته ھيءَ صورت ٿيندي ’مون لکيو‘ يا ’مون چيو‘. ھندي ۽ اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ڏسو ته اھو ٿيندو. ” میں نے لکھا “ يا ” میں نے کہا “ (اھو صرف متعدي فعل سان ٿيندو آهي) اتي جيڪو حرف جر ”نے “ آهي، اھو ٻين به اڪثر آريائي ٻولين ۾ موجود آهي. ھاڻي ان کي گرامر جي ڪتابن ۾ سمجهائڻ ڪري خود سنڌيءَ جا مختلف لھجا ڳالهائڻ وارا معياري لھجو ڳالھائڻ ۽ لکڻ مھل غلط استعمال ڪندا آهن. سنڌيءَ جي معياري لھجي ۾ ضمير متڪلم واحد ’آءٌ‘ (جمع اسين) آهي، جيڪو ماضيءَ ۾ متعدي فعل سان ’مون‘ ٿيو وڃي. جڏهن ته سنڌيءَ جي اترادي لھجي ۾ ضمير متڪلم ’مان‘ (جمع اسان) آهي، جيڪو لازمي توڙي متعديءَ ۾ ساڳيو رهندو آهي، ھاڻي ڇاڪاڻ جو انھيءَ فرق جي گرامر جا ڪتاب چٽو نه ٿا ڪن، انھيءَ ڪري ڪيترا ماڻهو ’مون‘ کي
’مان‘ جو متبادل سمجهي ’آءٌ لکيو‘ يا ’آءٌ چيو‘ لکي ۽ چئي ويندا آهن ۽ ان کي غلط ڪو نه سمجهيو ويندو آھي. ساڳيو فرق ’اسين‘ ۽ ’اسان‘ ۾ آهي. ضمير حاضر واحد ’تو‘ ۽ ’تون‘ جمع ’توھين‘ ۽ ’توھان‘ ۾ آهي. اترادي ’مان‘، ’اسان‘ ۽
’توھان‘ لازمي ۽ متعدي فعل سان ٻنھي حالتن ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، پر معياريءَ وارو ’آءٌ‘ يا ’اسين‘ ۽ ’توھين‘ ٻنھي صورتن ۾ استعمال ڪو نه ٿيندا.
’اسين چيو‘، ’توھين لکيو‘ وغيره غلط ٿيندو. (4)
3. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اھي مسئلا ’آءٌ‘ وارن سان ڇو آھن، جيڪي ’مان‘ وارن سان نه آھن؟ اھو ان ڪري جو ’آءٌ‘ جا گردان کٽل آهن، جنھن ڪري اھو چئي سگهجي ٿو ته ’مان‘ پورو گردان رکڻ ڪري، معياري لفظ آهي، جڏهن ته ’آءٌ‘ گردان پورو نه رکڻ ڪري ناقص ۽ محدود لھجي جو لفظ ته آھي پر معياري نه آهي.
’آءٌ‘ جو ضد به ڪونھي، جڏھن ته مان جو ضد ’تون‘ موجود آهي. جيئن چيو ويندو آهي ته ’تون مان‘ نه ڪي ’تون آءٌ‘، ان طرح ’آءٌ‘ چوڻ يا استعمال ڪرڻ وارا به ’تون‘ جي ضد ۾ ’آءٌ‘ نه پر ’مان‘ استعمال ڪرڻ تي مجبور آھن. ھڪ پاسي اھو ڏسون ٿا ته ’تون‘ جا ضد وارا صيغا ’مان‘ کڻي ٿو، نه ڪي ’آءٌ‘.
لفظ ضد
تون مان / مون
تنھنجو منھنجو
تنھنجي منھنجي
تنھنجا منھنجا
تنھنجيون منھنجيون
تو ڏانھن مون ڏانھن
تو لاءِ مون لاءِ
تو سان مون سان
تو کان مون کان
جڏھن ته، تون، جا ممڪنه صيغا يا گردان ھن طرح ھجڻ گهرجن، پر آھن ڪونه:
لفظ ضد
تون آءٌ
تنھنجو آءٌ جو
تنھنجي آءٌ جي
تنھنجا آءٌ جا
تنھنجون آءٌ جون
تو ڏانھن آءٌ ڏانھن
تو کان آءٌ کان
تو سان آءٌ سان
تو لاءِ آءٌ لاءِ
ان ڪري اھو چوڻ درست ٿيندو ته معياري ٻوليءَ نسبت، ’آءٌ‘ ناقص ۽ محدود لھجي وارو لفظ آهي, جڏهن ته ’مان‘ پورو ۽ معياري لھجي وارو لفظ آهي.
4. اها ھڪ حقيقت آھي ته ھر ٻوليءَ جو معياري لھجو ڪو به سرحدي لھجو نه، پر مرڪزي علائقي جو لھجو معياري ھوندو آھي، ڇو ته سرحدي لھجا ٻين ٻولين جا اثر گهڻا قبول ڪن ٿا جڏھن ته وچولي (وچئين علائقي) جي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جا اثر گهٽ ٿين ٿا، ان ڪري اھو معياري لھجو ليکبو آھي.
معياري لھجي جي جاگرافي ڪھڙي آهي؟
ڀيرومل مھرچند آڏواڻي معياري وچولي جون حدون ھن طرح ٻڌائي ٿو: ”سري ۽ لاڙ جي وچ وارو ڀاڱو ’وچولو‘ سڏجي ٿو، جنھن جون حدون ڪنڊياري ۽ دادو تعلقن جي اتر واري ڀاڱي کان وٺي ھيٺ ڪوٽڙي ڊويزن تائين آهن. اھو سنڌ جو وچولو يعني وچ وارو ڀاڱو آهي.“ (5)
ڏٺو وڃي ته ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد وچولو آھن، ته پوءِ وري ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي ص:110 تي حيدرآباد کي لاڙ ۾ ڳڻي ٿو. ص:111 تي شاهه جي رسالي کي لاڙي لھجي ۾ ڳڻي ٿو، يعني ڀٽ شاهه مٽياري به لاڙ ۾ آهي.
ان کان سواءِ خيرپور جي ناري تعلقي کي ڇڏي باقي خيرپور کي ڏٺو وڃي ته اھو نه سري ۾ آهي، نه اتر ۾، جو اترادي سڏجي، نه ٿر ۾ جو ٿري سڏجي، اھو به وچولي ۾ شامل آهي.
خيرپور جو گهڻو حصو ناري تعلقي کان سواءِ پڻ وچولي سان تعلق رکي ٿو. ناميارو ماھر لسانيات ڊاڪٽر ھدايت پريم، گريئرسن جي حوالي سان لکي ٿو: ”گريئرسن پنھنجي لاثاني ڪتاب لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا جي جلد اٺين جي پھرئين ڀاڱي ۾ سنڌي ٻوليء جو مطالعو ڏنو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لھجن جي باري ۾ گريئرسن جي راءِ کي اٽڪل ھڪ صديءَ جو عرصو گذري چڪو آهي. گريئرسن جي راءِ ۾ اترادي لھجو ڪو به انفرادي طور وجود نه ٿو رکي، بلڪ وچولي (معياري) جو ھڪ نمونو آهي پر پوءِ به خيرپور جو ھڪ نمونو ڏنو اٿائين. خيرپوري لھجي جي باري ۾ گريئرسن لکي ٿو، ته:
"In the state of Khairpur 1،19000 persons were returned for the purpose of this survey as speaking standard Sindhi. It is the only form of language spoken in state."(6)
خود ڊاڪٽر ھدايت پريم ان ڳالهه جو قائل آهي، ته ناري ريگستان تي باقي خيرپور جي بدران ٿري لھجي جا گهڻا اثر آهن، لکي ٿو،: ”سابق خيرپور رياست جي حدن ۾ رائج لھجي کي خيرپوري لھجو چئي سگهجي ٿو پر سواءِ ريگستاني علائقي جي، جتي ٿري لھجي جا گهڻا اثرات آهن.“ )7)
ڊاڪٽر عطا محمد حامي به ناري ريگستان جي ٻوليءَ کي ٿر سان ڳنڍي، باقي خيرپور کي وچولي سان ڳنڍي ٿو، لکي ٿو،: ”خيرپور جي گهڻي آباديء واري لھجي تي وچولي ۽ سريلي ٻوليء جو ۽ سندس ريگستاني علائقي تي ٿريليء جو اثر آهي.“ (8)
ان ڪري خيرپور کي وچولي ۾ ڳنديندي سندس لھجو پڻ معياري لھجو قرار ڏيڻ گهرجي، پر لاڙي لھجي کي معياري لھجو بنان ڪنھن قاعدي جي قرار ڏنو ويو آهي، اھا ڳالهه نامياري ماھر لسانيات ڀيرومل ھن طرح ڪئي آهي: ”سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ٺاھڻ واري ڪميٽي توڙي سرڪاري تعليم کاتي ۾ حيدرآباد جا رھاڪو گهڻا ھئا ۽ درسي ڪتابن لکڻ وارن ۾ به حيدرآبادي اڪثريت ۾ ھئا، تنھن ڪري ئي حيدرآبادي لھجي کي سرڪاري طور اھميت ملي وئي ۽ ان کي معياري لھجو تسليم ڪيو ويو.“ (9 )
ڏٺو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ جو لاڙي (حيدرآبادي) لھجو معياري نه ھجڻ گهرجي، پر وچولي جو لھجو معياري ھجڻ گهرجي ۽ وچولو، جيڪو خيرپور کان ڪنڊيارو، نواب شاهه ضلعن تائين ڦھليل آهي، ان ۾ ’مان‘ جو لفظ ڳالھايو وڃي ٿو، جنھن ڪري ’مان‘ لفظ معياري آهي.
لفظن ڏانھن غير سنجيده رويو
ڪن ماڻھن جي ذهنن ۾ اهو ويھاريو ويو آهي ته ’مان‘ لفظ ۾ وڏائي آھي؛ حالانڪ ’مان ڪرڻ‘ واري اصطلاح سبب، اھي غلط فھميءَ جو شڪار آهن. انھن موجب ’آءٌ‘ لفظ ۾ نماڻائي ۽ عاجزي آھي، جڏهن ته ٻنھي لفظن جي معنيٰ ۽ مفھوم ساڳيو آهي. ٻيو ته ’مان ڪرڻ‘ هڪ اصطلاح آهي ۽ اها ڳالھه عام فھم آهي ته اصطلاح جي ظاھري معنى نه ھوندي آھي. ٽيون ته اھو ڪھڙو اصول چئبو ته جنھن لفظ ۾ عاجزي ھجي ته اھو ٻوليءَ جو معياري لفظ سڏبو؟ ان سلسلي ۾ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ مان ڪجهه بيت دليل طور پيش ڪجن ٿا، جن موجب ’آئون‘ يعني
’آءٌ‘ به ’مان‘ وانگر وڏائيءَ لاءِ ڪم اچي ٿو:
’آئون‘ سين ان پار، ڪڏھن تان ڪو نه ٿيو،
’ان الله وتر يحب الوتر‘، نيئي ٻيائي ٻار،
ھيڪڙائي وٽ ھار، ھنجون جي هئڻ جون.(10)
*
ٻيائي سپرين، پاڻان مون کي پل،
’آئون‘ اوريان جهل، توکي رسي ’تو‘، ڌڻي.(11)
*
’آئون‘ اوريان جهل تون، ڇڏيم پاڻ پچار،
شرڪ ساڻ ستار! گهڻا گهاريم ڏينھڙا.(12)
*
مون، تون، آئون، اسين، چارئي چتان لاهه،
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.(13)
نتيجو
سنڌي ٻوليءَ جو وچولو لھجو معياري آهي. وچولي جي حوالي سان اختلاف رهيو آهي، جيڪو غير منطقي ۽ اڻ تاريخي آهي. سنڌ جي جاگرافيائي صورت ڏسندي، اھو چئي سگهجي ٿو ته نوشھرو فيروز، مورو، خيرپور ضلعو (ناري کان سواءِ جيڪو ٿر سان نسبت رکي ٿو.) وچولو آهي. اهڙي راءِ سان ڪو اختلاف رکي ٿو ته خيرپور کي وچولي ۾ نه ٿو شمار ڪجي ته ان وٽ ڪو دليل نه آهي ته اھو وچولو ڇو نه آهي؟ ھن وقت وري به نوشھري ۽ موري کي متفقه طور وچولو مڃيو وڃي ٿو ته پوءِ وچولي جي ان علائقي ۾ ته ’آءٌ‘ نه ٿو ڳالهايو وڃي، اتي به ’مان‘ ڳالهايو وڃي ٿو، ته ان صورت ۾ به ’آءٌ‘ کي معياري لفظ چوڻ بي اصولي ٿيندي، ان ڪري ’مان‘ لفظ کي معياري تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي معياري لفظ کي ادبي توڻي درسي ڪتابن ۾ ڪم آڻجي.
حوالا:
1. آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند: ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2015ع - ص 85
2. الانا، غلام علي ڊاڪٽر: ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو,1995ع - ص 3
3. جتوئي، علي نواز حاجن خان: ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘، 1968ع - ص 156
4. ملاح، مختيار احمد(مرتب): ’ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون v‘، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2011ع - ص 224- 225
5. آڏواڻي، ڀيرومل مھر چند: ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2015ع - ص 103
6. تحقيقي جرنل ڪلاچي: شاهه لطيف چيئر، 4/1999ع، ص 123
7. ايضاً
8. حامي، عطا محمد: ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1994ع- ص 265
9. آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند: ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2015ع - ص 87
10. شاھواڻي، غلام محمد(مرتب): شاھ جو رسالو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1993ع سر آسا داستان:1، بيت:2
11. ساڳيو، بيت:3
12. ساڳيو، بيت:5
13. قاضي، علامه آءِ آءِ (مرتب): ’شاھ جو رسالو‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو, 1993ع سر آسا داستان:4 بيت:20