سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ سماجياتي فلسفو
(Sociological Philosophy in the Poetry of Sachal Sarmast)

نرگس بانو مَلڪ

Sociological philosophy explores the philosophical foundations of society by examining collective interaction, social relationships, institutions, and the principles that govern human coexistence. It provides a theoretical framework for understanding how social values, ethics, knowledge, and behavior are shaped through dynamic social processes. These concepts have been interpreted by numerous philosophers from diverse intellectual traditions.
Sachal Sarmast, one of the most celebrated Sufi poets of Sindhi literature, produced a remarkable multilingual poetic corpus that reflects profound insight into the social, cultural, and spiritual dimensions of human life. His poetry advocates universal love, equality, tolerance, human dignity, and social harmony while challenging divisions based on caste, creed, religion, and social status.
This study focused on sociological philosophy embodied in the poetry of Sachal Sarmast,  in the light of established sociological and philosophical concepts in selected vers and emphasis on themes such as social equality, collective consciousness, social knowledge, human relationships, ethical values, and the dynamic nature of society.The findings reveal that Sachal Sarmast’s poetry represents his vision extends beyond conventional philosophical discourse by integrating universal human values with the indigenous cultural and spiritual traditions of Sindh. The study concludes that his poetry remains an enduring source for understanding sociological philosophy and continues to promote social awareness, ethical coexistence, and communal harmony in both literary and contemporary social contexts.
Keywords: Sociological Philosophy; Philosophy of Sociology; Sachal Sarmast; Sindhi Poetry; Sufi Poetry; Social Thought; Social Harmony.
دُنيا جي عالمن، فلسفين سماجيات فلسفَي Philosophy of Sociology))
بابت  ڌار ڌار وصفون ۽ سمجهاڻيون بيان ڪيون آھن، انھن منجهان سادي ۽ عام فَھم وَصف ھن ريت ڄاڻائي آھي ته: ”جڏھن ماڻهو پاڻ ۾ جهيڙو يا سرچاءُ ڪن ٿا ۽ پَنھنجين سَماجي، اقتصادي، ڌرمي، خانداني سرگرمين ۾ ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏين ٿا يا مقابلو ڪن ٿا. (ان وقت ڇا ٿو ٿئي؟) جڏھن ھڪ حڪومت ۾ ٻه يا ٻن کان گهڻا ماڻهو ھڪ ٻئي سان واسطي ۾ اچن ٿا، تڏھن گروهه ( جٿو) جو بنياد پوي ٿو. گروهه (جٿي) جي بناوت ۽ ڪمن جي سائنسي اڀياس جو نالو سماجيات آھي، جنھن کي انگريزيءَ ۾ سوشيالاجي  Sociology)) سڏجي ٿو.
سوشيالاجي (Sociology) لفظ اصل ۾ لاطيني جي لفط Socius (ساٿي يا سنگتي) ۽ يوناني ٻوليءَ جي لفظ Logos  (مطالعو يا علم) مان ورتل آھي. (1)  
(The word Socialogy itsef actually derives from the Latn word Socias (Companion) and the Greek word logos (study of). Thus, Sociology is most literarly the study of Compamionship)
ھن لفظ کي اردوءَ ۾ ” عمرانيات“ ۽ ايران ۾ ”علم الجتماع“ ۽ ھنديءَ  ۾ ”سماجيات“ سڏيو وڃي ٿو.
ھِنَ عِلم جي  باقاعدي شروعات 1839ع ۾ ھڪ فرانسيسي  مفڪر ” آگسٽ ڪومٽ Auguste comte, “ ڪئي، جنھن کي  Sociology)) جو ابو چيو وڃي ٿو. ھن پنھنجي گھري سوچ ويچار سان ھڪ اھڙي منفرد سائنس جي گهرج محسوس ڪئي، جا ھاڪاري اصولن پٽاندڙ سماجي لقائن جو اڀياس ڪري سگهي. سماج جي علم (سماجيات) بابت مسلمان فلسفين مان سڀ کان پھرين ابن خلدون پنھنجي ڪتاب ”مُقدمه “ ۾ سماجياتي نظريا پيش ڪيا آھن. ان کان سواءِ  ٻين ڪيترن ئي مفڪرن ۽ عالمن جا الڳ الڳ رايا ملن ٿا. ھربرٽ اسپينسر Herbert Spencer سماجيات جي باري ۾ لکي ٿو ته :
”ھيءَ ھڪ اھڙي عملي تحقيق آھي، جنھن جي آڌار تي انساني معاشرا پنھنجون ارتقائي منزلون پار ڪن ٿا.“ (2)
ٻين مفڪرن جي ڀيٽ ۾ ڪاٽ پرنس سماجياتي فلسفي کي آسان ڍنگ ۾ ھن ريت بيان ڪري ٿو.
” انساني گروھن جي بناوت ۽ ڪمن جي عملي ۽ سائنسي اڀياس جو نالو سماجيات آھي.“ (3)
دنيا جو ھر شاعر پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن سان جُڙيل ھوندو آھي، سندس موضوع ۽ ڪردار ڌرتيءَ جي پيداوار ھوندا آھن، سندس تخليق کي عوامي تخليق سڏيو ويندو آھي، جنھن ۾ سماج جي بنيادي موضوعن کي پيش ڪيو ويندو آھي. سماجيات جا پنج سؤ کان وڌيڪ قسم آھن، جن مان ڪي سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ سماجياتي فلسفي جا ڪي مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا:
1. سڀني گروھن (سماج) ۾ يڪسانيت:
ھن قسم ۾ ھر مڪتب فِڪر وارن سان برابريءَ وارو انداز اپنايو ويندو آھي، سماج جي مڙني ڌرمن ( مذھبن) جو احترام ڪيو ويندو آھي، ھن قسم ۾ اھميت ڏيڻ جو بنياد اميري يا شاھوڪاري تي نه ھوندو آھي، پر ھر انسان کي اھميت لائق سمجهيو ويندو آھي. سچل سائين سماج ۾ يڪسانيت بابت ھن ريت بيان ڪري ٿو ته:
جڏھن پرين پاتم جهاتِي، تڏھن حاجت ناھي حُج جي!
اَچڻ    ساڻُ   اُنھن  جي   يارو،  عشقَ   ڪئِي   اثباتي،
سڀ ڪجهه ٿيڙم حالون محرم،  وسريم  ذڪر  ذاتي،
چوريءَ چوريءَ  يار سَڄَڻ سان، ڏس ”سچو“ دل ڦاٿي.(4)
سچل سرمست وٽ سمورن سماجي گروھن لاءِ ھڪجھڙائي جو تصور موجود آھي، مت ڀيد، ننڍ وڏائي وارن ڳالھين کان سچل ڪوھين ڏور نظر اچي رھيو آھي. ”سچل سائين جي پوري شاعري، انسان ذات جي جذبن رويّن ۽ احساسن وارين ڪيفيتن سان ڀرپور آھي. ڪنھن به انسان جو ذھن، جئين محسوس ڪري ٿو، تئين ئي سندس ڪيفيتون ظاھر ٿيڻ شروع ٿين ٿيون. انسان جا جيڪي رويّا آھن، ۽ جن حالتن ۾ انسان رھي ٿو. ان تي اھڙيون ئي ڪيفيتون طاري ٿين ٿيون. سچلَ سائين به معاشري جو ھڪ فرد ھو، سندس مٿان به انھن ڪيفيتن اثر ڪيو ھو. جيڪي سندس ئي معاشري سان لاڳاپيل ھيون. سچلَ جي شاعريءَ ۾، انساني مزاج سان ڀرپور سڀئي ڪيفيتون ملن ٿيون. سندس وڏي ۾ وڏي خوبي اھا آھي ته ھر ڳالھ کي محسوس ڪري، بنا ڪنھن خوف ۽ رک رکاءَ جي، چٽيءَ طرح سان اُھا پنھنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪري ٿو. ڪيفيتن جو اھو چٽو اظھار، جيڪو سندس شاعريءَ ۾ ملي ٿو، اھو انتھائي واضح ۽ پُراثر آھي.“(5) سچل جي ھڪ سِٽ آھي:
وحدت جنين وساري، تَن تَنَ مٽي اڻاسي
جن ھيڪڙائي جو سبق وساريو، انھن جي مٽي به سٺي نه ھوندي، سچل سرمست جي ڪلام ۾ سڀني گروھن جي لاءِ ھڪ نظر سان ڏسڻ ۽ سماج جي ھر فرد کي ھڪ جيتري عزت ڏيڻ جا انيڪ مثال موجود آھن. سماجياتي فلسفي ۾ چرندڙ سماجيات ھڪ مکيه موضوع آھي، جيئن ھيٺ بيان ڪيو ويو آھي.
چرندڙ سماجيات (Dynamic Sociology) 
سماجياتي فلسفي جي ھن قسم ۾ انساني شعور پنھنجي پنھنجي تجربي مان فطري ماحولَ ۾ تبديليون آڻي ٿو ۽ عام انسانيت لاءِ ڪيترا ئي سُکَ ۽ سھنج پيدا ڪري ٿو. ھن علم جي وسيلي سماج جي ارتقا جو اڀياس ڪيو ويندو آھي، ھي ھڪ اھڙي سائنس آھي، جنھن ۾ سماج جي ضروري ڦيرگهير بابت ڄاڻ ملي ٿي. انسان پنھنجو ذھن ڪتب آڻيندي فطري ماحول ۾ تبديليون آڻي سگهي ٿو، پر سماجي ماحول کي پڻ بدلائي سگهي ٿو. ھن ۾ انساني ارتقا ۽ ان جي طريقن جو بحث ڪيو ويندو آھي. چرندڙ سماجيات جا ذيلي عنوان ھيٺ بيان ڪجن ٿا.
    iسماج جي ارتقا:
ھن علم ۾ سماج جي ڀڃ ڊاھ بابت بحث ڪيو ويندو آھي، سماج ڪيترن مرحلن مان گذرندي ارتقا جون منزلون طئه ڪندو اڳتي وڌي ٿو، سماج پنھنجي جوھر ۾ ڏکن مان سک / ڀڃ ڊاهه مان آساني ۽ سولائي جي طرف ھر وقت ارتقا ڪندو رھي ٿو. سچل سائين سماج جي ارتقا کي مشڪل کان آسان جي سائنسي ۽ فطري طريقي مطابق عام فھم ڍنگ ۾ بيان ڪندي چوي ٿو ته:
ڏکن منجهان سُک، مون تا لَڌا جيڏيون،
ڏوريندي کي ڏک، سونھان ٿيڙا سَڄڻان.  (6)
سماج مختلف ڏکياين ۽ تڪليفن مان سھنجائي ۽ سوَلائي جي پاسي ارتقا ڪندو رھي ٿو، سماج ۾ لکين سال اڳ جا انسان انيڪ بنيادي سھولتن کان وانجهيل ھيا، انھن پنھنجين زندگين جو نذرانو ڏئي ڪيترائي تجربا ڪيا. سماجياتي فلسفي ۾ سماج جي ارتقا مڪمل فطري انداز سان اڳتي وڌندي رھي آھي، تڪليفن کان پوءِ ئي مسرت ۽ ڪاميابي پلئه پوندي آھي. سماجياتي فلسفي ۾ سماج جي ڦير گهير عنوان ٻين عنوانن جي ڀيٽ ۾ وڏي اھميت رکي ٿو. سماج ۾ ڦيرگهير عنوان ھيٺ بيان ڪيو وڃي ٿو.
   iiسماج ۾ ڦيرگهير:
سماجياتي فلسفي جي ھِن قسم ۾ ماحول ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ، ظلم ۽ طاقت جي بُنياد تي اڻ ٺھڪندڙ تبديليون بحث جو موضوع ھونديون آھن، اھڙين تبديلين سان سماج جو معاشي، سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي توازن ٽٽي پوي ٿو ۽ عوام ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو.
وقت اھا ٿي ويل، دوئي دور ڪرڻ  جي،
ميڙي ويندئي مغربي- تاريڪيءَ ۾تير،
ڇڏي ويندئي ڇپرين، ڍونڍن سندا ڍير،
متان   ٿئي    اويل، اولهه سج نه اُلھي. (7)
سماج ھر وقت ننڍن توڙي وڏن محرڪن سبب تبديلي جي عمل ۾ رھي ٿو. سچل سرمست سماج جي ڦيرگهير کي بيان ڪندي سياسي بصيرت جو مظاھرو ڪيو آھي، ھو (سچل) پنھنجي مارن کي سماج جي اماني ڦيرگهير کان اڳواٽ خبردار ڪندي چوي ٿو ته مغرب جا لٽيرا اوھان جي ڌرتيءَ تي قابض ٿيندا، انھن سان منھن ڏيڻ لاءِ تياري ڪريو . 
  iiiفطري ماحول ۾ تبديليون:
انسان پنھنجي ادراڪ ۽ فھم سان سما ج ۾ تبديليون آڻي ٿو، اھڙين تبديلين لاءِ ھروقت ڪوشان پڻ رھي ٿو ان ھوندي به ڪيترائي اھڙا فطري لقاءَ آھن جن جي اڳيان انسان لکن سالن کان بيوس ۽ مجبور آھي. فطري ماحول ۾ تبديلين سبب انسان جا اَھنج وڌن ٿا، اھڙيون فطري تبديليون ڪٿي آسائش، سڪون ۽ خوشحالي جو ڪارڻ بڻجن ٿيون ته ڪٿي وري اھنج، ڏک ۽ تڪليفن کي وڌائين ٿيون. فطري تبديلين بابت سچل سرمست ھن ريت بيان ڪري ٿو، ته:
اول آنڌي آئِي، پويان ٿي برسات،
رعد جي رڙين ۾، ڀيڻي نه ھُئي باتِ،
ويچارين ورن جي، وائِي ھُيڙي واتِ،
مٿان وسَڻ، ھيٺان چَڪڻ، سيءَ مُيون سڀ رات،
پِرهه ڦٽي پِرڀات، ڪڻڪان ڪانڌين گڏيون.(8)
سچل سرمست سماجيات کي بيان ڪندي فطري جبر اڳيان انسان کي بيوس، لاچار ۽ ڪمزور ڏيکاريو آھي، انسان پنھنجي حرفت ۽ چالاڪي سان ڪيتريون ئي تبديليون آنديون آھن، پر فطري جبر اڳيان مجبور آھي. دنيا ۾ ڀلي ڪيترو به صحتمند سماج ڇو نه ھجي، اھو به فطري جبر اڳيان مجبور آھي.
علم جي حيثيت ۾ (Field of Knowledge)  
ھن علم جو بنيادي ڪم ماڻھن بابت اطلاع ۽ معلومات گڏ ڪرڻ آھي ته ھو پنھنجي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪھڙي ريت زندگي گذاري رھيا آھن سندن مکيه مسئلا ڪھڙا آھن رھڻ جا طور طريقا بحث جو  ضوع بڻجن ٿا. مطلب ته علم جي حيثيت ۾ سماجيات شروعاتي طور عقلمندي، ڏاھپ ۽ قرباني سيکاري ٿي. علم جي حيثيت ۾ عنوان کي ھيٺ ذيلي عنوانن ۾ ورھائي سچل سرمست جي ڪلام مان ان سان ٺھڪندڙ بيت پيش ڪيا ويا آھن.
  iماڻھن بابت ڄاڻ 
سماجيات جي ھِن علم ۾ عام خلق جي نفسياتي معاملن جي اکيڙَ ڪئي ويندي آھي ته اُھي سَماجَ ۾ ھڪ ٻئي سان داخلي / نفسياتي معاملن ۾ ڪھڙو رويو رکن ٿا. سچل سرمست سماجياتي فلسفي جي عنوان ۾ عوام جي نفيس ۽ نازڪ خيالن جي اُڻتِ ھن ريت پيش ڪري ٿو
ماريَس انھيءَ مامِري، ھوتَ ڪندين ڪو ھيئن،
سا تا ڪيئي پانھنجي، جاني وڻيِئي جيئن،
جھڙي پُنھل تو ڪَئي، آءٌ پُڻ ڪريان تيئن!
ڪان وٺندي ڪڏھين، نالو سَندو نيھَن،
وري وھاريو ويجهڙو، ”سچو“ پنھنجي سِيئن. (9)
سماجياتي فلسفي ۾ سچل سرمست مارن جا نفيس جذبا وڏي عرق ريزيءَ سان پيش ڪيا آھن، جن ۾ سندن روح جي رڙ جي چٽي ترجماني ملي ٿي.
  iiزندگي گذارڻ جو طريقو:
ھِن علم ۾ اھا سڌ پوي ٿي ته انسان پنھنجون داخلي خواھشون ترڪ ڪري، پنھنجي پرينءَ جي زندگي گذارڻ واري ڍنگ کي اھميت ڏئي ٿو. اھڙو ئي نج خيالن جو اظھار سچل سرمست ھن ريت بيان ڪيو آھي.
حَبِيبن ڏانھن ھِيئَن، اَديون لِکجي آئيو،
ته تون مون سان جيئَن، آءٌ تيئن تو سان آھيان. (10)
سچل سرمست سماجياتي فلسفي جي شاعراڻي رنگ ۾ تشريح ڪندي پنھنجا سمورا آدرش ڇڏي، پرينءَ جي انداز ۽ طريقي سان حياتي گهارڻ کي اوليت ڏئي ٿو، ان وانگر ٿيڻ کي وڌيڪ اھميت ڏئي ٿو. ھيٺئين بيت ۾ سچل سرمست چوي ٿو ته:
نَئون لِکيو آيوم، پريان سندي پار ڏنھن،
سو لُونءَ ڀَريو لايومِ، وٺِي حال ھيانوَ سان.(11)
زندگي گذارڻ جي حوالي سان سچل سرمست جو وڌيڪ خيال ھيٺ پيش ڪجي ٿو، جنھن ۾ ھو پنھنجي آسائش، فريب ۽ ٺڳيءَ کان پري رھندي صاف سادي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
بزرگ شيخ، مشائخ يارو! نا مخدوم ٿيا سي،
نڪي قاضي نڪي ملا، معلم پير بڻيا سي،
نڪي ٺاھ ٺڳيءَ جا ٺاھي، رنگ رساءَ رکيا سي،
سچا ٻاجهون عشق الله  جي، ڪوئي ھنر نه سکيا سي.(12)
ڌنڌي جي حيثيت ۾ (Field of Profession) 
ڌنڌي واري ميدان ۾ سماجيات جون ٻه مکيه شاخون آھن. سکيا ۽ کوجنا، جن کي ھيٺ سچل سرمست جي ڪلام مان مثالن سان پيش ڪيو ويو آھي.
  i سکيا:
سماجيات جو ڳانڍاپو فرد ۽ سَماجَ سان آھي، ان ڪري ڪيترائي ادارا سکيا جي مقصد لاءِ کوليا وڃن ٿا. اھڙي سِکيا جيڪا سَماجَ ۾ رَھندي سَماجَ کي نَونِ آدرشي قدرن تي ھلڻ لاءِ عملي ڪوششون ڪرائي، جيئن سَماجَ مان جھالت، اڻ ڄاڻائي  ۽ دقيانوسي سوچ مڪمل ختم ڪري سگهجي. سچل سرمست چوي ٿو ته:
ويھه نه وساريج، متان ماٺ ڪري وھين،
قول اھو پاريج، ھو جو ڪِيڙئي ھوت سان.(13)
جيڪا سکيا ڏني ويئي آھي، ان سکيا سان گڏ تنبيھه پڻ ڪئي ويئي آھي ته متان خاموش ويھي رھين ۽ ڏنل سبق (سکيا) وساري ڇڏين. سچل سرمست اھو واعدو وفا ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪو سکيا وقت ورتو ويو ھيو.
  iiکوجنا:
سماجياتي فلسفي کي کوجنا جو علم به سڏبو آھي، ڇاڪاڻ ته سماجيات جو جڙاءُ سماج سان ئي آھي ۽ سماجيات جو اصل ڪم سَماج کي سڌارڻُ آھي. سَماج جو آدرشي فلسفي انسان پھرين اھا کوجنا ڪري ٿو ته سَماج جو عام ماڻھو ان تبديلي يا نئين فڪر کي قبول ڪندو يا نه اھڙي خيالن جو عڪس سچل سرمست جي ڪلام ۾ به پسي سگهجي ٿو.
ڏکن منجهان سُک، مُون تا لڌا جيڏيون،
ڏوريندي کي ڏُک، سونھان ٿيڙا سَڄڻان.(14)
سچل سرمست سماجيات کي بيان ڪندي چوي ٿو ته ڏکن سان گهاريندي جستجو ۽ کوجنا ڪندي سکن ( آرام، آسائش) جو گس لڌوسون، کوجنا ڪندي ڪندي ڏکن سان ساٿ نڀائيندي سڄڻن کان پڻ واقف ٿياسين.
جوابدارين جو احساس:
سماجيات (Sociology) سماج جو علم آھي ۽ سماج جو بنياد انسان آھي، انسان سان سماج جو لاڳاپو ئي سماجيات Sociology جي بحث جو موضوع آھي. سماجيات Sociology جي ذريعي ھڪ فرد ٻئي سان سٺا لاڳاپا قائم ڪري ٿو. سماجيات Sociology جي ذريعي ھڪ فرد کي پنھنجي جوابدارين جو احساس ٿئي ٿو.
راڻي ڪارڻ ٿِي روئي، محل چڙھي مومل،
سُھڻي گِهڙي سِيرَ ۾، آڻي عشق اَجهلَ،
سَسئيءَ گوندر گهاريا، پُنھوءَ ريءَ ھتِ پلَ،
ڪڏھن ٻُڌي ڪانڪا، جهانگيڙن تي جهلَ،
سِڪَ ”سچوءَ“ کي سرتيون، ڪيا ھِنيڙي اندر ھَلَ.(15)
سماجياتي فلسفي ۾ سماج جو ڪارآمد ۽ ذميوار فرد  اھو ليکيو ويندو آھي، جنھن کي پنھنجي جوابدارين ۽ ذميوارين جو احساس ھجي. سچل سرمست سماجي جوابدارين جي احساس کي ھر سورمي جي واتان بيان ڪرايو آھي، جنھن ۾ ھر ڪردار پنھنجي جوابدارين کي نڀائيندي نظر اچي ٿو.
عوام سان جڙيل عنصر:
سماجيات Sociology ۾ انسانن جا گڏيل عمل اچي وڃن ٿا، جن ۾ سماجي تنظيم ۽ ادارا ، ڳوٺاڻي سماجيات، سماجي سماجيات ۽ ثقافت  شامل آھن.
i سماجي تنظيم ۽ ادارا: 
ھڪ فرد ابتدا کان انتھا تائين سماجي اداري جو محتاج ھوندو آھي ۽ ڄمڻ کان ويندي مرڻ وقت به سماجي اداري يعني مذھبي اداري جو محتاج ھوندو آھي. عوام سان جڙيل عنصر جن ۾ عام خلق جي ڪنھن عنصر بابت الڳ الڳ قسم جي راءِ ھوندي آھي، اھڙي خيالن جو اظھار سچل سرمست جي ڪلام منجهان ھيٺ بيان ڪجي ٿو.
ڪو مومن چوي، ڪو ڪافر چوي، ڪو جاھل نالو ظاھر چوي،
ڪو شاعر چوي، ڪو ساحر چوي، آءٌ جوئي آھيان سوئي آھيان.(16)
سچل سرمست عوام سان جڙيل عنصر جي سري ھيٺ عام خلق جي نفسيات کي بيان ڪيو آھي، جنھن ۾ ھر مڪتب فڪر جا خيال پيش ڪيل آھن، سماج ۾ ڪنھن به ھڪ عنصر تي عام ماڻھو پنھنجي پنھنجي سوچ، عقل، شعور ۽ سماجي ڄاڻ مطابق راءِ ڏيندو آھي، مٿئين بيت ۾ سچل سائين پڻ اھڙن ئي خيالن جو اظھار ڪيو آھي.
  iiڳوٺاڻي سماجيات
سماجيات جي ھن شاخَ ۾ ڳوٺن جي سماجي زندگي بابت بحث ملي ٿو. ھِن سماجيات ۾ ڳوٺن ۾ رھندڙ زندگي جو گھرو اڀياس ڪيو ويندو آھي، ته ھو ڪھڙي ماحول ۾ زندگي بسر ڪن ٿا. ان کي سچل سائينءَ جي شعرن ۾ به پسي سگھجي ٿو.  جنھن ۾ وعدي ۽ وچن نڀائڻ جي روايت کي ھٿي ملي ٿي:
ويھه نه وسارج، متان ماٺ ڪري وھين،
قول اھو پاريج، ھو جو ڪيڙئي ھوت سان. (17)
سچل سرمست ڳوٺاڻي سماجيات جي اخلاقياتي جوھر ’قول پاڙڻ‘ کي اجاگر ڪيو آھي، ڳوٺاڻي زندگيءَ جي اصولن موجب ڪنھن به ڪيل قول  پاڙڻ جو پابند ٿيڻو ٿو.انڪري ڳوٺاڻي سماجيات ۾ وڻج واپار يا ڏيتي ليتي، زبان تي دارومدار رکي ٿي، ان لاءِ ڪنھن لکت جو سھارو نه ٿو وٺڻو پوي.  
سماجيات Sociology ۽ تاريخ 
گذريل تھذيبن جي علم کي تاريخ چئجي ٿو ھن ۾ ماضي جا سمورا واقعا ڏنا وڃن ٿا ۽ اھي اھڙي ترتيب سان ڏنا ويندا آھن، جنھن سان اھي پوري طرح ظاھر ٿي سگهن ٿا ته انھن واقعن جا سبب ڇا آھن. سماجيات ۽ تاريخ بابت مٿي ڪيترائي سچل سرمست جا بيت اچي چڪا آھن.
اولهه سج نه اُلھي، متان ٿيئـي اَويــر،
ميڙي ويندئي مغربي، تاريڪيءَ ۾ تير،
ڇڏي ويـندءِ ڇپرين، ڍونڍن سندا  ڍير،
مرد ڏين ٿا مام ۾، ماٿيڪي مٿير،
وَجھ اَٿي وِجهه پـاڻ ۾، ھيـڪڙائيءَ ھير،
ناسودي ناخير، نپٽُ پـوءِ نابـود ڪر.(18)

نتيجا:
سماجياتي فلسفي جي عام فھم معنيٰ سماج جو علم ٿيندي. سچل سائينءَ وٽ سماجيات روشن خيالي، انسان دوستي، مذھبي رواداري ، امن ۽ يگانگت واري سوچ تي ٻڌل آھي. سچل سائينءَ جي فڪر جو انداز ۽ لھجو گهڻو زوردار، گرجندڙ، رندي ۽ انقلابي آھي. انسان سماج کان سواءِ زندگي نه ٿو گهاري سگهي. سماج ۾ رھڻ سان ئي انسان پنھنجون مذھبي، اقتصادي، سياسي، جنسي ۽ ٻيون بنيادي گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿو.
دنياوي گهرجن جي پورائي لاءِ ئي انسان گروھ ۽ ادارا جوڙي ٿو ۽ انھن گروھن جي بناوت ۽ ڪمن جي اڀياس جو نالو سماجيات آھي. ھونئن ته سماجياتي فلسفي ھيٺ ھر ھڪ فرد جي عادتن، طور طريقن کي جاچيو ويندو آھي، پر خاص طور اھڙين عادتن ۽ طريقن تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو، جيڪي سڀني معاشرن ۾ ھجن.
سماجيات جو سڀ کان وڌيڪ وسيع شعبو ادبي ذوق جو تجزيو آھي ان جي عمل ۽ محرڪن جو مطالعو ۽ سماج تي ان جي اثرن جي نوعيت جو تعين ڪرڻو ھوندو آھي.
سچل سرمست جي ڪلام ۾ موجود ڪلام گهڻ-رنگي عنصرن ۾ سماجياتي پھلوءَ کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، ڇو ته جيڪا شاعري سماج جي عنصرن سان ڳنڍيل ھوندي آھي ان جي افاديت ۽ امرتا ڪڏھن به ڌنڌلي نه ٿي، ٿي سگهي.
سچل سرمست سماج جي انھن مثبت روايتن کي اھميت ڏني آھي، جن سان وڏن جو قدر ۽ شان وڌي ٿو. سچل سرمست جي ڪلام ۾ سماجياتي فلسفي جا ڪل ئي رنگ وکريل ملن ٿا.

حوالا :
1. جوڻيجو، تنوير. سماجيات جا اصول. ڄامشورو : انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي آف سنڌ، سال، 1989،ص، 04
2. حوالو ساڳيو، ص، 05
3. حوالو ساڳيو، ص، 06
4. بخاري، مخمور ڊاڪٽر، (سھيڙ ۽ سنوار) رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام) ،ص442
5. مھر خادم، ڊاڪٽر. سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ انسان شناسيءَ واريون ڪيفيتون. ڪراچي : ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، سال 2016ع، ص  ،
6. بخاري، مخمور ڊاڪٽر، (سھيڙ ۽ سنوار) رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،  ص176
7.  حوالو ساڳيو، ص 109
8. حوالو ساڳيو، ص400
9.  حوالو ساڳيو، ص454
10.  حوالو ساڳيو، ص436
11.  حوالو ساڳيو، ص436
12. حوالو ساڳيو، ص432
13. حوالو ساڳيو، ص241
14. حوالو ساڳيو، ص241
15. حوالو ساڳيو، ص484
16. حوالو ساڳيو، ص484
17.  حوالو ساڳيو، ص484

15 ڀيرا پڙهيو ويو