سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانياتي تبديلين جا سبب: تحقيقي جائزو
(The Reasons of Linguistic Variations in Sindhi Language: Research Analysis)

مولابخش ٻوھيو

Linguistic change in the Sindhi language is a natural and continuous process that reflects its evolution as a living and dynamic system. This study explores the major internal and external factors responsible for linguistic variation in Sindhi, including phonological, lexical, grammatical, social, historical, cultural, and technological influences. Internal mechanisms such as the principle of least effort, analogy, and phonetic simplification contribute to gradual structural modifications within the language. External forces, including political dominance, migration, geographical separation, and social transformation, play a decisive role in shaping vocabulary, syntax, and usage patterns.
Historical phases, particularly the Islamic and British colonial periods, significantly impacted Sindhi by introducing Arabic, Persian, and English lexical items, as well as influencing its script and institutional vocabulary. In the modern era, globalization, digitalization, media expansion, and technological innovation have further accelerated linguistic change through borrowing, code-mixing, and the emergence of new lexical items. Social factors such as education, gender roles, occupational shifts, and generational differences also contribute to language variation and standardization processes.
The study concludes that linguistic change should not be viewed as degradation but as a natural evolution that ensures adaptability and survival. While these changes enrich the Sindhi lexicon and expand expressive capacity, they also highlight the need to preserve its core linguistic identity and classical vocabulary for future generations.
Keywords: Sindhi language, linguistic change, language evolution, sociolinguistics, language contact, borrowing, code-switching, lexical diffusion, globalization, digitalization, cultural change, historical linguistics, language variation, dialects, language modernization.
ٻولي انساني سماج جو بنيادي ۽ اهم رابطي جو ذريعو آهي، جيڪا نه رڳو خيالن جي اظھار جو وسيلو بڻجي ٿي، پر قومن جي ثقافت، تاريخ ۽ سڃاڻپ جي به عڪاسي ڪري ٿي. جديد لسانياتي نظرين موجب ٻولي ڪا جامد يا بيٺل شيءِ ناهي، بلڪ هڪ زنده، متحرڪ ۽ ارتقائي نظام آهي، جيڪو وقت سان گڏ مسلسل تبديل ٿيندو رهي ٿو.
”ٻولي ڪڏهن به هڪ هنڌ بيھي نٿي سگهي، ان ۾ هڪ اڻڄاتل وهڪرو هوندو آهي، جيڪو ان کي مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذاري ٿو.“ (1)
لسانياتي تبديلي هڪ فطري عمل آهي، جيڪو نسل در نسل منتقل ٿيندو رهي ٿو. هي تبديليون رڳو لفظن تائين محدود ناهن، پر صوتياتي، صرفي، نحوي  ۽ معنوي سطحن تي به ظاهر ٿين ٿيون. ڪنھن به دور ۾ پراڻيون ۽ نيون لساني صورتون گڏوگڏ موجود رهن ٿيون، جنھن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته ٻوليءَ ۾ ”درست“ ۽ ”غلط“ کان وڌيڪ اهميت حقيقي استعمال کي حاصل آهي.
”ٻوليءَ جو گرامر ماڻهن جي مرضيءَ جي تابع هوندو آهي. جڏهن اڪثريت ڪنھن تبديليءَ کي اپنائي ٿي، ته اها ’غلطي‘ بجاءِ ’نئون قاعدو‘ بڻجي وڃي ٿي.“ (2)
ٻوليءَ ۾ تبديليءَ جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان سڀ کان اهم ٻولين جو باهمي رابطو آهي. اهڙي رابطي جي نتيجي ۾ لفظ، محاورا ۽ گرامري صورتون هڪ ٻوليءَ کان ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ٿين ٿيون. سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي لفظن جو شامل ٿيڻ ان جو واضح مثال آهي. ان سان گڏ علائقائي فرق سبب مختلف لھجا، جھڙوڪ لاڙي، ٿري، اترادي ۽ ڪوهستاني، به  وجود ۾ آيا آهن.
”ٻولين جو پاڻ ۾ ميلاپ لساني واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ دخيل لفظن جي شموليت ان جي لغت کي وسيع ڪيو آهي.“ (3)
سماجي، سياسي ۽ ثقافتي حالتون پڻ ٻوليءَ تي گهرو اثر ڇڏين ٿيون. مختلف دورن ۾ حڪمرانن جي ٻولين، سنڌيءَ ۾ نوان لفظ ۽ اصطلاح شامل ڪيا. 
”ٻولي سماجي ادارن جي تبديليءَ سان پنھنجو ڪارج مٽائي ٿي. جڏهن سماج جو سياسي نظام بدلجي ٿو، ته ٻوليءَ جو اصطلاحي نظام به بدلجي وڃي ٿو.“ (4)
جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل ميڊيا ٻوليءَ جي تبديليءَ جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي، جنھن سبب روزمره استعمال ۾ نوان لفظ ۽ مختصر اظھار عام ٿي ويا آهن. ان کان علاوہ لڏپلاڻ، تعليم، سماجي درجابندي ۽ شھري ۽ ڳوٺاڻن ماحولن جو فرق به ٻوليءَ جي ڍانچي ۽ استعمال کي متاثر ڪن ٿا. سوشل ميڊيا جي اثر هيٺ ڪوڊ سوئچنگ ۽ ڪوڊ مڪسنگ جھڙا رجحان پڻ تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن.
”ابلاغ جي تيز وسيلن سبب ٻوليءَ جي تبديليءَ جي رفتار (Rate of Change) وڌي وڃي ٿي، جنھن سان نوان لھجا تيزي سان مقبول ٿين ٿا.“ (5)
سنڌي ٻولي به انھن عالمي لساني اصولن جي تابع آهي ۽ پنھنجي تاريخي ارتقا ۾ ڪيترن ئي مرحلن مان گذري چڪي آهي. ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ انگريزن جي دورن سنڌي ٻوليءَ تي پنھنجا اثر ڇڏيا، پر ان باوجود هن پنھنجي بنيادي ساخت کي برقرار رکيو آهي، جيڪو ان جي زنده ۽ ارتقائي فطرت جو ثبوت آهي.
”سنڌي ٻوليءَ جي گرامري ساخت ايتري مضبوط آهي، جو هزارين سالن جي ٻاهرين اثرن باوجود هن پنھنجو اصل وجود (سنسڪرت يا دراوڙي بنياد) محفوظ رکيو آهي.“ (6)
ٻوليءَ ۾ تبديلين جو ڦھلاءُ:
لسانياتي تبديلي اڪثر ڪنھن هڪ فرد يا ننڍي گروه کان شروع ٿيندي آهي، پر ان جو وسيع ڦهلاءُ تڏهن ممڪن ٿيندو آهي جڏهن سماج جا اثرائتا طبقا جھڙوڪ ميڊيا، فنڪار، استاد ۽ تعليم يافته نوجوان ان نئين لساني صورت کي قبول ڪن ٿا. لسانيات ۾ هن عمل کي لغوي پکڙجڻ چيو ويندو آهي.
”ٻوليءَ ۾ تبديلي تڏهن معياري بڻجي ٿي، جڏهن سماج جو بااثر يا مٿيون 
طبقو ان کي پنھنجي روزاني گفتگو ۾ شامل ڪري ٿو. هن عمل کي هو "Change from Above" سڏي ٿو.“ (7)
ٻولين جي باهمي رابطي دوران گهڻو ڪري اها ٻولي وڌيڪ اثرانداز ٿيندي آهي، جيڪا معاشي، سياسي يا ثقافتي لحاظ کان مضبوط هوندي آهي. اهڙي حالت ۾ ماڻهو آهستي آهستي پنھنجي مادري ٻوليءَ جي جاءِ تي طاقتور ٻوليءَ جا لفظ، لھجا يا بناوٽون اختيار ڪرڻ لڳندا آهن، جنھن کي لساني غلبو سڏيو وڃي ٿو.
”ٻولي هڪ زنده نامياتي مادي وانگر آهي، جيڪا ماحول جي اثر هيٺ پنھنجا لھجا مٽائي ٿي.“ (8)
جڏهن نوان لفظ، اصطلاح يا لھجا انھن بااثر ذريعن وسيلي عام ٿين ٿا، ته اهي تدريجي طور سڄي سماج جي روزمرہ ٻوليءَ جو حصو بڻجي وڃن ٿا. جديد دور ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا هن عمل کي انتھائي تيز ڪري ڇڏيو آهي، جتي ڪا به نئين لساني صورت تمام ٿوري وقت ۾ وڏي پيماني تي پکڙجي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح لساني تبديلي نه رڳو تيز ٿيندي آهي، پر ان جو دائرو بہ وسيع ٿي وڃي ٿو.
ٻوليءَ ۾ لسانياتي تبديلي جو تصور
لسانيات جي ماهرن موجب دنيا جي ڪا بہ زندہ ٻولي تبديليءَ کان پاڪ ناهي؛ جيڪڏهن ڪا ٻولي تبديل ٿيڻ ڇڏي ڏئي ته اها مرده ٻولي بڻجي وڃي ٿي.
”ٻوليءَ ۾ تبديلي هڪ فطري ۽ اڻٽر عمل آهي. جيڪڏهن ٻولي پاڻ کي نئين دور جي گهرجن مطابق نه بدلائيندي ته اها مدي خارج ٿي ويندي.“ (9)
 جيئن لاطيني ۽ سنسڪرت جا مثال ظاهر ڪن ٿا. ان ڪري ٻوليءَ ۾ تبديلي هڪ فطري ۽ لازمي عمل آهي، جيڪو نسل در نسل منتقل ٿيندو رهي ٿو، ۽ هن عمل کي لساني ارتقا چيو ويندو آهي. 
”ٻولي سماج کان ٻاهر ڪا شيءِ ناهي. سماج ۾ ايندڙ هر سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تبديلي ٻوليءَ جي لغت ۽ ساخت کي متاثر ڪري ٿي.“ (10)
سنڌي ٻولي پڻ پنھنجي تاريخي سفر دوران ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ انگريزن جي دورن کان گذرندي مختلف لساني مرحلن مان ترقي ڪندي موجودہ صورت تائين پھتي آهي.  ادبي ٻوليءَ جي اھا خوبي به ھوندي آھي ته ھو پنھنجا لفظ ٻين ٻولين کي ڏيندي آھي ۽ ضرورت موجب ٻين ٻولين جي لفظن کي وياڪرڻي اصولن موجب پنھنجو به ڪندي آھي.
”سنڌي ٻوليءَ هر دور جي حڪمران ٻوليءَ کان لفظ اڌارا ورتا، پر انهن کي پنھنجي مقامي صرفي ۽ نحوي (Morpho-syntactic) سانچي ۾ ڍالي پنھنجو ڪيو.“ (11)
سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانياتي تبديلين مان مراد اهي فطري، سماجي ۽ تاريخي تبديليون آهن، جيڪي وقت سان گڏ ٻوليءَ جي مختلف سطحن ۾ ظاهر ٿين ٿيون. هڪ قديم ۽ ارتقائي ٻولي هجڻ جي حيثيت سان، اهي تبديليون سنڌيءَ جي جوڙجڪ جو لازمي حصو رهيون آهن.
صوتياتي سطح تي ڪيترن لفظن جي ادائگي وقت سان وڌيڪ سادي ۽ نرم ٿي وئي آهي، جنھن سان ڳالهائڻ ۾ آساني پيدا ٿي آهي. لفظي سطح تي سنڌي ٻولي عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزيءَ مان لفظ اختيار ڪري پنھنجو ذخيرو وسيع ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه پراڻا لفظ استعمال مان نڪري ويا يا محدود دائري تائين رهجي ويا آهن. ساڳئي وقت جديد دور جي ضرورتن مطابق نوان اصطلاح به شامل ٿيا آهن.
”ٻولي سماجي ضرورتن ۽ لھواري لڳن سبب وقت سان گڏ پنھنجو لغت ۽ صوتياتي نظام بدلائي ٿي.“ (12)
وياڪرڻي سطح تي پڻ سادگي جو رجحان نمايان آهي، خاص طور تي ضميرن ۽ فعلن جي استعمال ۾. هي تبديلي شهري لھجن ۾ وڌيڪ واضح نظر اچي ٿي، جتي پيچيده بناوتن جي جاءِ تي سادن ۽ سڌن طريقن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. لکت جي ميدان ۾ به قديم صورتخطين کان موجوده عربي سنڌي رسم الخط تائين پھچڻ سان اظهار ۽ معيار ۾ نمايان بھتري آئي آهي.
انھن تبديلين جي اهميت ان ڪري به آهي، جو اهي ٻوليءَ کي نون سماجي، ثقافتي ۽ سائنسي حالتن سان هم آهنگ رکن ٿيون. جيڪڏهن ٻولي تبديليءَ کي قبول نه ڪري ته اها وقت سان گڏ غير مؤثر ٿي سگهي ٿي.
”ٻوليءَ ۾ تبديلي بگاڙ ناهي پر اها ان جي بقا جي علامت آهي. جيڪا ٻولي پنھنجي ساخت کي لچڪدار (Flexible) نٿي رکي، اها مرده ٻولي (Dead Language)  بڻجي وڃي ٿي.“ (13)
مختصر طور، سنڌي ٻولي هڪ زنده ۽ متحرڪ نظام آهي، جيڪا پنھنجي تاريخي سڃاڻپ کي برقرار رکندي، جديد تبديلين سان همگام ٿيندي رهي ٿي.
لسانياتي تبديلين جا ڪارڻ:
لسانيات جي اصولن موجب ٻوليءَ ۾ تبديليون بنيادي طور ٻن قسمن جي ڪارڻن جي نتيجي ۾ پيدا ٿين ٿيون: ھڪ اندروني ڪارڻ ۽ ٻيو ٻاهريون ڪارڻ. اندروني ڪارڻ ٻوليءَ جي پنھنجي جوڙجڪ، نظام ۽ فطري ارتقا سان لاڳاپيل هوندا آهن، جڏهن ته ٻاهريون ڪارڻ سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي حالتن جي اثر هيٺ وجود ۾ ايندا آهن.
اندروني ڪارڻن ۾ صوتياتي تبديليون، صرفي ۽ نحوي ڍانچي ۾ سادگي، ۽ تشبيھه جھڙا عمل شامل آهن. اهي تبديليون ٻوليءَ جي اندروني نظام کي وڌيڪ منظم ۽ هم آهنگ بڻائڻ سان گڏ ڳالهائڻ ۾ سھولت پيدا ڪن ٿيون، ۽ فطري ارتقائي عمل جو حصو هونديون آهن.
”ٻوليءَ ۾ تبديلي رڳو ٻاهرين اثرن سان نه، پر ذهن جي اندروني ساخت (Universal Grammar) ذريعي ٿئي ٿي. ٻار ۾ ٻولي سکڻ جي فطري صلاحيت هوندي آهي، پر سماجي ماحول ان ۾ تبديليون آڻي ٿو.“ (14)
ٻاهرين ڪارڻن ۾ ٻولين جو باهمي رابطو، سماجي ۽ ثقافتي تبديليون، ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ لڏپلاڻ جھڙا عنصر شامل آهن. اهي عنصر ٻوليءَ جي لفظي ذخيري، لھجن ۽ استعمال جي طريقن تي نمايان اثر وجھن ٿا ۽ نون لساني رجحانن کي جنم ڏين ٿا.
انھيءَ ريت، لسانياتي تبديلي هڪ گهڻ رخي ۽ متحرڪ عمل آهي، جيڪو ٻوليءَ جي اندروني ۽ ٻاهرين حالتن جي گڏيل اثر سان وجود ۾ اچي ٿو.
 اندروني ڪارڻ:
اندروني ڪارڻ اهي آهن، جيڪي ٻوليءَ جي پنھنجي نظام ۽ فطري ارتقائي عمل مان پيدا ٿين ٿا ۽ ان جي سادگي، توازن ۽ رواني کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا. انھن ۾ هڪ اهم عنصر گهٽ ڪوشش جو اصول آهي، جنھن تحت ڳالهائيندڙ ڏکين آوازن کي آسان بڻائي ادا ڪن ٿا، نتيجي طور لفظن جي صوتي صورت ۾ تبديلي اچي ٿي.
”ٻولي تڏهن بدلبي آهي، جڏهن ان جي آواز جي نظام (Phonology) ۾ توازن بگڙجي ٿو. ٻولي پاڻ کي واپس توازن ۾ آڻڻ لاءِ نوان آواز پيدا ڪري ٿي.“ (15)
ان سان گڏ تشبيھه وارو عمل به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جنھن ۾ لفظن يا بناوٽن کي موجودہ وياڪرڻي قانونن موجب هم آهنگ بڻايو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح زنجير واري تبديلي به هڪ نمايان محرڪ آهي، جتي هڪ صوتياتي تبديلي ٻين آوازن تي اثرانداز ٿي سڄي نظام جي توازن کي تبديل ڪري ٿي.
اهڙي ريت، اندروني ڪارڻ ٻوليءَ جي جوڙجڪ اندر ٿيندڙ منظم تبديليون آهن، جيڪي ان جي فطري ترقيءَ جو حصو بڻجن ٿيون.
گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش جو اصول:
انساني ڳالهائڻ جي عمل ۾ هڪ اهم رجحان اهو آهي ته ڳالهائيندڙ، ادائگي دوران توانائي ۽ محنت کي گهٽ ۾ گهٽ رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. لسانيات ۾ هن رجحان کي گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش جو اصول چيو ويندو آهي. هن اصول تحت ڏکين يا پيچيدہ آوازن کي وقت سان سادن ۽ نرم آوازن ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، جنھن سان ڳالهائڻ وڌيڪ آسان ۽ روانيءَ سان ممڪن ٿئي ٿو.
هن عمل جي نتيجي ۾ لفظن جي صوتياتي بناوت ۾ تدريجي تبديلي اچي ٿي؛ ڪي لفظ مختصر ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته ڪجهه آوازن جو ختم ٿيڻ يا سادي صورت اختيار ڪرڻ عام ڳالهه بڻجي وڃي ٿي. مثال طور: سنڌي ٻوليءَ ۾ پيچيده صوتي صورتن جي سادگي يا لفظن جي ادائگيءَ ۾ تبديلي هن اصول جي واضح عڪاسي ڪري ٿي.
”ٻوليءَ جي ارتقا جو بنياد گهٽ ڪوشش واري قانون (Law of Least Effort) تي آهي. ماڻهو آوازن کي گسائي اهڙو روپ ڏين ٿا ،جيڪو زبان لاءِ سولو هجي.“ (16)
مسلسل رابطي سبب هڪ ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ٻي ٻوليءَ جي اچارن کي کڻڻ لڳندا آهن، جنھن سان ٻوليءَ جي اصل لھجي ۾ تبديلي اچي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح، گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش جو اصول ٻوليءَ ۾ صوتياتي تبديليءَ جو هڪ اهم محرڪ آهي، جيڪو ٻوليءَ جي فطري ارتقا ۽ روانيءَ کي برقرار رکڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. 
وياڪرڻي سادگي:
جيڪڏهن رابطو گهڻي وقت تائين رهي، ته هڪ ٻوليءَ جو وياڪرڻ، ٻي ٻوليءَ کان متاثر ٿيڻ لڳندو آهي. جنھن سبب جي ڪري لفظن جي ترتيب بدلجي سگهي ٿي يا نيون اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون  شامل ٿي سگهن ٿيون.
ٻاهريان ڪارڻ
ٻاهريان ڪارڻ اهي آهن، جيڪي سماجي، سياسي ۽ تاريخي حالتن جي اثر هيٺ پيدا ٿين ٿا ۽ ٻوليءَ جي ڍانچي ۽ استعمال تي نمايان اثر ڇڏين ٿا. سماجي ۽ سياسي تبديليون ٻوليءَ ۾ نون لفظن، اصطلاحن ۽ لھجن جي واڌ جو سبب بڻجن ٿيون.
”ٻولي سماجي ادارن جي تبديليءَ جو عڪس هوندي آهي. سياسي غلبو نه رڳو لغت، پر ٻوليءَ جي سڄي نظام کي پنهنجي اثر هيٺ آڻي ٿو.“ (17)
ٻولين جو باهمي رابطو ان ڪارڻ مان هڪ اهم عنصر آهي، جنھن جي نتيجي ۾ مختلف قومن جي ميل ميلاپ سان لفظ ۽ اظھار هڪ ٻوليءَ کان ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ٿين ٿا. ان کان علاوہ سياسي يا سماجي غلبو به ٻوليءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو، جتي ماڻهو طاقتور يا بالادست طبقن جي ٻوليءَ جا لفظ ۽ اصطلاح اختيار ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
”ٻوليءَ ۾ تبديلي تڏهن اچي ٿي، جڏهن سماجي رابطا وڌن ٿا. جنھن گروه جو اثر وڌيڪ هوندو، ان جي ٻولي ٻين تي اثر انداز ٿي کين بدلائي ڇڏيندي.“ (18)
نوآبادياتي اثر به هن سلسلي ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، ڇاڪاڻ⁠ ته اهي تعليم، انتظامي ۽ قانوني نظامن وسيلي مقامي ٻولين جي فطري وهڪري ۽ ترقيءَ کي متاثر ڪن ٿا.
اهڙيءَ طرح، ٻاهريان ڪارڻ ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ تبديليءَ جا اهم محرڪ آهن، جيڪي سماجي حالتن سان گڏ تبديل ٿيندا رهن ٿا۔
سياسي ۽ معاشي سبب:
ٻوليءَ جي تبديليءَ ۾ سياسي ۽ معاشي طاقت اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. تاريخي طور تي طاقتور قومن يا حڪمرانن جي ٻولي مقامي ٻولين تي گھرو اثر ڇڏيندي رهي آهي، جنھن جي نتيجي ۾ غالب ٻوليءَ جا لفظ، اصطلاح ۽ اظھار مقامي ٻولين ۾ شامل ٿيندا وڃن ٿا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن گرامري بناوتن تي به اثرانداز ٿين ٿا.
”معاشي ۽ سياسي طور تي غالب قوم جي ٻولي، مادري ٻوليءَ جي لغت (Vocabulary)  کي پنھنجي اثر هيٺ آڻي، ان ۾ ’ڪوڊ سوئچنگ‘ کي جنم ڏئي ٿي.“ (19)
سنڌي ٻولي ان عمل جو واضح مثال پيش ڪري ٿي. عربن جي دور کانپوءِ سنڌيءَ ۾ عربي لفظن جو وڏو ذخيرو شامل ٿيو، جڏهن ته فارسي ۽ پوءِ انگريزي دور ۾ انھن ٻولين جا اصطلاح به سنڌي ٻوليءَ جي سرشتي جو حصو بڻجي ويا. اڄ به سرڪاري، تعليمي ۽ قانوني شعبن ۾ انگريزيءَ جو اثر نمايان طور موجود آهي.
سماجي سطح تي به ماڻهو اڪثر تعليمي حيثيت يا ترقيءَ سان وابستگي ظاهر ڪرڻ لاءِ غالب ٻوليءَ جا عنصر پنھنجي روزمره گفتگو ۾ اختيار ڪندا آهن. ان عمل سان نه رڳو لفظي ذخيرو تبديل ٿئي ٿو، پر ٻوليءَ جي لھجي ۽ اسلوب تي به اثر پوي ٿو.
اهڙيءَ طرح، سياسي ۽ معاشي مامرا ٻوليءَ ۾ لسانياتي تبديلين جو هڪ اهم ٻاهريان ڪارڻ آهن، جيڪي سماجي حيثيت ۽ طاقت جي ڍانچي سان گهري طرح جڙيل آهن.
لڏپلاڻ:
لڏپلاڻ ٻوليءَ ۾ لسانياتي تبديليءَ جو هڪ اهم ٻاهريون ڪارڻ آهي، جنھن جي نتيجي ۾ مختلف ٻولين ۽ لھجن جو باهمي رابطو وڌي وڃي ٿو. لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ جڏهن ٻه مختلف لساني گروه پاڻ ۾ ملن ٿا، ته اتي ٻولين جو ميلاپ جنم وٺي ٿو، جيڪو ٻوليءَ جي اصل روپ کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو.
”شهري علائقن (ڪراچي ۽ حيدرآباد) ۾ لڏپلاڻ جي ڪري سنڌي ڳالهائيندڙن جو واسطو اردو ۽ انگريزيءَ سان وڌي ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لساني تفاوت پيدا ٿئي ٿو ۽ ٻولي پنھنجي خالص صورت وڃائي ويھي ٿي.“ (20)
جڏهن ماڻهو ٻھراڙين مان شهرن ڏانھن منتقل ٿين ٿا، ته اهي نون سماجي ۽ لساني ماحولن سان واسطو رکن ٿا، جنھن سان مقامي لھجا ۽ ٻوليءَ جو استعمال متاثر ٿئي ٿو.
شھري مرڪزن، جھڙوڪ: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مختلف ٻولين جي ميلاپ سبب لسانياتي تبديليون وڌيڪ تيزيءَ سان ظاهر ٿين ٿيون. اهڙي ماحول ۾ نوجوان نسل گهڻو ڪري اردو يا انگريزيءَ کي ترجيح ڏئي ٿو، جنھن سان سنڌي ٻوليءَ جي روايتي صورتن جو استعمال گهٽجڻ لڳي ٿو. شهرن ۾ ٻوليءَ جو استعمال جديد ضرورتن ۽ سماجي مرتبي سان جڙيل هوندو آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻي علائقن ۾ اها ثقافتي بقا جو ذريعو هوندي آهي.
”سنڌي نوجوان شهرن ۾ ٻه- ٻوليائي اختيار ڪن ٿا، جنھن ڪري سنڌي ٻوليءَ جا گرامر ۽ لفظي ترڪيبون متاثر ٿين ٿيون، جڏهن ته ڳوٺن ۾ ٻولي اڃا تائين خالص رهي ٿي.“ (21)
ان جي ابتڙ، ڳوٺاڻن علائقن ۾ ٻولي نسبتاً پنهنجي روايتي ۽ مقامي رنگ ۾ برقرار رهي ٿي، تنھن ڪري شهري سنڌي ۾ جديد، مخلوط ۽ اصطلاحي رجحان نمايان نظر اچن ٿا، جڏهن ته ڳوٺاڻي سنڌي لوڪ خصوصيتن کي وڌيڪ محفوظ رکي ٿي.
”لڏپلاڻ ۽ ٻولين جي ميلاپ جي ڪري لفظن جو ذخيرو بدلجي وڃي ٿو. شهرن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ نوان اصطلاح شامل ٿي ويندا آهن، جيڪي ڳوٺاڻي سنڌيءَ کان مختلف هوندا آهن.“ (22)
اهڙي طرح، لڏپلاڻ ۽ مختلف لساني گروهن جي ميل جول جي نتيجي ۾ هڪ مخلوط يا گڏيل ٻولي به وجود ۾ اچي سگهي ٿي، جيڪا مختلف ٻولين جي اثرن جو مجموعو هوندي آهي.
جاگرافيائي وڇوٽي:
جاگرافيائي وڇوٽي لسانياتي تبديليءَ جو هڪ اهم ٻاهريون ڪارڻ آهي، جنھن ۾ هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ آبادي، جڏهن مختلف علائقن ۾ ورهائجي وڃي ٿي ۽ سندن باهمي رابطو محدود ٿي وڃي ٿو، ته وقت سان گڏ لھجن، اچارن ۽ لفظن ۾ تدريجي فرق پيدا ٿيڻ لڳي ٿو. هي فرق اڳتي هلي ايترو وڌي سگهي ٿو جو هڪ ئي ٻوليءَ مان الڳ لھجا يا نيون لساني صورتون وجود ۾ اچي سگهن ٿيون.
”جاگرافيائي وڇوٽيءَ سبب وچولي جي سنڌي، لاڙي ۽ سريلي کان صوتي لحاظ کان مختلف آهي. هن موجب، جاگرافيائي فاصلا ٻوليءَ ۾ مقامي رنگ پيدا ڪن ٿا.“ (23)
سنڌ جي جاگرافيائي تنوع سبب لاڙ، اتر، وچولي، ٿر ۽ ڪوهستان جھڙن علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لھجن ۽ صوتي خصوصيتن ترقي ڪئي آهي. هر علائقي ۾ مقامي ماحول، ثقافتي روايتون ۽ سماجي حالتون ٻوليءَ جي لفظي استعمال ۽ اچارن تي پنھنجو اثر ڇڏين ٿيون.
جڏهن مختلف علائقن جا ماڻهو هڪ ٻئي سان رابطو ڪن ٿا يا لڏپلاڻ ذريعي گڏ ٿين ٿا، ته انھن جي لھجن جو ميل ميلاپ ٿئي ٿو، جنھن سان ٻوليءَ ۾ نيون لساني صورتون پيدا ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح جاگرافيائي وڇوٽي ۽ سماجي رابطي جي گڏيل اثر سان لسانياتي تبديليءَ جو عمل جاري رهي ٿو.
سماجي تبديلي:
سماجي تبديلي ٻوليءَ ۾ لسانياتي تبديليءَ جو هڪ اهم ٻاهريون ڪارڻ آهي، ڇاڪاڻ ⁠ته ٻولي ۽ سماج هڪٻئي سان گهرو لاڳاپو رکن ٿا. سماج ۾ ايندڙ هر تبديلي، چاهي اها ثقافتي هجي، معاشي هجي يا سياسي سڌي يا اڻ سڌي طرح ٻوليءَ جي استعمال ۽ ڍانچي تي اثر وجھي ٿي.
”1947ع کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي سياسي ۽ سماجي تبديليون آيون، انھن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي مزاحمتي ۽ جديد اصطلاح ڏنا. هن موجب، ٻولي سماج جي سياسي شعور جو آئينو هوندي آهي.“ (24)
لسانيات ۾ ٻوليءَ جو سماجي رتبو به اهم حيثيت رکي ٿو، ڇو ته ماڻهو گهڻو ڪري اهڙي ٻولي يا لھجي کي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪو سماج ۾ معتبر، بااثر يا ترقي يافته سمجهيو وڃي. ان عمل جي نتيجي ۾ ٻوليءَ جا استعمالي نمونا مختلف سماجي طبقن جي لحاظ کان تبديل ٿيندا رهن ٿا.
”سماجي طبقا ٻوليءَ جي تبديليءَ جا محرڪ هوندا آهن. هو دليل ڏئي ٿو، ته جڏهن ڪو طبقو سماجي يا معاشي برتري حاصل ڪندو آهي، ته ٻيا ماڻهو انهن جي ڳالهائڻ جي انداز کي نقل ڪرڻ لڳندا آهن، جنھن سان ٻولي بدلجي ويندي آهي.“ (25)
سماجي سڌارن، تحريڪن ۽ نون فڪري رجحانن جي اثر هيٺ ٻوليءَ ۾ نوان لفظ ۽ اصطلاح شامل ٿين ٿا، جيڪي نون سماجي تصورَن ۽ حالتن جي ترجماني ڪن ٿا. مثال طور، تاريخي ۽ سياسي تبديلين کانپوءِ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي لغت ۾ به نمايان واڌارو ۽ نوان معنوي رخ پيدا ٿيا.
سماج جا مختلف طبقا ٻوليءَ کي مختلف انداز ۾ استعمال ڪن ٿا. مٿئين طبقي ۾ معياري يا رسمي ٻوليءَ جو رجحان وڌيڪ هوندو آهي، جڏهن ته ٻين طبقن ۾ عامياڻي يا غير رسمي اظھار وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙي طرح شهري ماحول ۾ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ انگريزي ۽ اردو لفظن جو استعمال سماجي حيثيت يا جديديت جي علامت طور به اختيار ڪيو وڃي ٿو، جنھن جو اثر خالص سنڌي لفظن جي استعمال تي پوي ٿو. سماج ۾ ٻولي رڳو رابطي جو ذريعو ناهي، پر اها سماجي حيثيت جي علامت پڻ آهي. ماڻهو اڪثر پنھنجي ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ شامل ڪندا آهن جيڪي کين ترقي يافته ظاهر ڪن.
”سماجي ساخت ۾ تبديلي اچڻ سان ٻوليءَ جا رسمي ۽ غير رسمي آداب به بدلجي ويندا آهن. مثال طور، سنڌي سماج ۾ مان ۽ اسين يا توهان ۽ تون جو استعمال سماجي لاڳاپن جي تبديليءَ سان گڏ نوان رخ اختيار ڪري چڪو آهي.“ (26)
مختصر طور، سماجي تبديليون ٻوليءَ جي رخ، لھجي ۽ استعمال کي متعين ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ⁠ ته ٻولي سماج جي سوچ، قدرن ۽ زندگيءَ جي طرز جي عڪاسي ڪري ٿي.
سماجي ۽ لساني رابطو:
ٻولين جي تبديليءَ ۾ سماجي ۽ لساني رابطو هڪ بنيادي ۽ اهم ڪارڻ آهي. جڏهن مختلف قومون تجارت، لڏپلاڻ يا تاريخي حالتن جھڙوڪ: جنگين جي نتيجي ۾ هڪٻئي سان رابطي ۾ اچن ٿيون، ته انھن جي ٻولين وچ ۾ لفظي، صوتياتي ۽ نحوي اثر پذيري پيدا ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي، فارسي ۽ انگريزي لفظن جي شموليت هن عمل جو واضح مثال آهي. جڏهن ٻه مختلف ٻوليون پاڻ ۾ ملن ٿيون، ته اهي هڪٻئي کي لفظي ذخيرو ڏين ٿيون. سنڌي ٻوليءَ تي عربي ۽ فارسي جا اثر ان جو نتيجو آهن.
”سنڌي هڪ سنسڪرتي بنياد رکندڙ ٻولي هجڻ باوجود، صدين جي سماجي ۽ سياسي رابطي سبب عربي ۽ فارسي لفظن کي اهڙي طرح جذب ڪيو آهي جو اهي هاڻي سنڌيءَ جو پنھنجو حصو لڳن ٿا.“ (27)
اهڙي رابطي دوران ماڻهو نه رڳو نوان لفظ اختيار ڪن ٿا، پر پنھنجين لساني عادتن سان گڏ نيون لساني خصوصيتون به منتقل ڪن ٿا. خاص طور تي روزگار، تعليم ۽ شھري زندگيءَ جي ڪري، جڏهن ماڻهو هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانھن منتقل ٿين ٿا، ته مختلف لھجن جو ميل ميلاپ ٿئي ٿو، جنھن سان ٻوليءَ جي استعمال ۾ نوان رجحان پيدا ٿين ٿا.
”سنڌ جي مختلف حصن مان ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ سماجي رابطي جي ڪري، وچولي جو لھجو هڪ معياري  صورت اختيار ڪري ويو. هو دليل ڏئي ٿو ته رابطو ئي اهو عمل آهي، جيڪو لھجن جي مٽاسٽا ڪري ٻوليءَ جو هڪ گڏيل روپ مضبوط ڪري ٿو.“ (28)
انھيءَ عمل جي نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٻوليءَ جو هڪ معياري يا گڏيل روپ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو، جڏهن ته ڪجهه مقامي لفظ ۽ لھجا آهستي آهستي گهٽ استعمال ٿيڻ لڳن ٿا. اهڙيءَ طرح سماجي ۽ لساني رابطو ٻوليءَ جي ارتقا ۽ تبديليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
سماجي ۽ تعليمي ضرورتون:
جڏهن ڪنھن ٻوليءَ کي تعليم ۽ روزگار جي ٻولي بڻايو ويندو آهي، ته اها بااثر ٻولي بڻجي ويندي آهي ۽ مقامي ٻوليون ان جا لفظ اختيار ڪرڻ لڳنديون آهن.
”پاڪستان ۾ انگريزي طاقت جي ٻولي آهي. هو دليل ڏئي ٿو ته سنڌي نوجوانن پاران انگريزي لفظن جو استعمال رڳو ضرورت ناهي، پر اهو هڪ سماجي سرمائي طور استعمال ٿئي ٿو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي روايتي لغت کي تبديل ڪري رهيو آهي.“ (29)
تعليم ۽ روزگار جي شعبن ۾ انگريزي ۽ اردو ٻولين جي وڌندڙ اثر سبب سنڌي ڳالهائيندڙن، خاص طور تي نوجوان نسل ۾، انھن ٻولين جا لفظ ۽ اصطلاح استعمال ڪرڻ جو رجحان وڌي ويو آهي. لسانيات ۾ هن عمل کي وقار واري لھجي جو اثر چيو ويندو آهي، جنھن تحت سماجي طور بااثر يا معتبر سمجهي ويندڙ ٻوليءَ جا عنصر ٻين ٻولين ۾ داخل ٿين ٿا.
”جڏهن عالمي ٻوليون (جھڙوڪ انگريزي) تعليمي نظام تي حاوي ٿين ٿيون، ته مقامي ٻوليون پنھنجو اصطلاحي تحفظ وڃائي ويھن ٿيون. سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليمي ۽ فني اصطلاحن جي جاءِ تي انگريزي لفظن جو اچڻ ان ئي لساني سامراجيت جو نتيجو آهي.“ (30)
تعليمي سطح جي واڌاري سان گڏ ٻوليءَ جي استعمال ۾ به تبديلي اچي ٿي، جتي ماڻهو پنھنجي ٻوليءَ کي وڌيڪ منظم، رسمي ۽ معياري انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. نصاب، تعليمي ادارا ۽ ميڊيا به هن رجحان کي مضبوط بڻائين ٿا، جنھن سان اظھار ۾ هڪجھڙائي پيدا ٿئي ٿي.
انھيءَ عمل جي نتيجي ۾ مختلف علائقائي لھجن جا مخصوص لفظ ۽ اظهار آهستي آهستي گهٽ استعمال ٿيڻ لڳن ٿا، جڏهن ته هڪ گڏيل معياري ٻولي جو رجحان وڌي ٿو. نتيجي طور سنڌي ٻوليءَ جي لفظي ذخيري ۽ اظهار جي انداز ۾ تبديلي اچي ٿي، جتي مقامي يا روايتي لفظن جي جاءِ تي وقار رکندڙ يا معياري سمجهيل ٻولين جا لفظ وڌيڪ استعمال ٿيڻ لڳن ٿا.
نوجوان ۽ پراڻو نسل:
لسانياتي تبديليءَ ۾ نسلن جي فرق جو اهم ڪردار هوندو آهي، جنھن سبب نوجوان ۽ بزرگ نسل جي ٻوليءَ جي استعمال ۾ واضح تفاوت نظر اچي ٿو. هر نسل پنھنجي سماجي حالتن، تعليم ۽ رابطي جي ذريعن مطابق ٻوليءَ کي مختلف انداز ۾ استعمال ڪري ٿو.
نئون نسل پنھنجي سماجي سڃاڻپ ۽ جديديت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ نوان لفظ ۽ اصطلاح به اختيار ڪري ٿو، جيڪي گهڻو ڪري روايتي لغوي نظام کان مختلف هوندا آهن. نتيجي طور، نوجوان نسل جي ٻولي وڌيڪ جديد ۽ وقت سان هم آهنگ بڻجي رهي آهي، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن اها روايتي لغوي وسعت ۽ ادبي اظھار جي لحاظ کان محدود پڻ محسوس ٿئي ٿي.
”نوجوان نسل ٻوليءَ ۾جدت پسند (Innovator) هوندو آهي. هو نوان لفظ ۽ اچار متعارف ڪرائي ٿو، جڏهن ته بزرگ نسل ٻوليءَ جي محافظ (Preserver) جو ڪردار ادا ڪري ٿو. اها ڇڪتاڻ ئي ٻوليءَ کي زندہ رکي ٿي.“ (31)
پراڻو نسل عام طور تي روايتي سنڌي لغت، پھاڪن، محاورن ۽ اصطلاحي اظھار کي ترجيح ڏئي ٿو، جنھن سان ٻوليءَ جي ثقافتي تسلسل ۽ اصليت برقرار رهي ٿي. ان جي ابتڙ، نوجوان نسل جديد رابطي جي ذريعن، خاص طور تي سوشل ميڊيا جي اثر هيٺ، مختصر اظھار، انگريزي لفظن ۽ مخلوط ٻولي ڏانھن وڌيڪ مائل آهي.
”نوجوان نسل اڪثر ڪري غير رسمي ۽ مخلوط ٻولي اختيار ڪندو آهي، ته جيئن هو پنھنجي گروپ ۾ هڪجھڙائي محسوس ڪن. اهو ئي سبب آهي ته شھري سنڌي نوجوانن جو لھجو ڳوٺاڻن بزرگن جي لھجي کان معنوي ۽ صوتي لحاظ کان مختلف ٿي ويو آهي.“ (32)
نوجوان نسل ٻوليءَ کي پنھنجي جديد سڃاڻپ جو ذريعو بڻائي ٿو، جنھن سبب اها پراڻي نسل کان مختلف ٿي وڃي ٿي.
نوان طبقا ۽ پيشا:
لسانياتي تبديليءَ ۾ سماجي ڍانچي ۽ پيشاورانه نظام جي ارتقا اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جڏهن سماج ۾ نوان ڪاروبار، صنعتون يا پيشا وجود ۾ اچن ٿا، ته انھن سان گڏ نوان لفظ، اصطلاح ۽ اظھار به ٻوليءَ جو حصو بڻجن ٿا.
”سنڌي ٻوليءَ ۾ ملاحن، هارين ۽ مالوندن لاءِ هزارين مخصوص لفظ موجود آهن، پر جيئن ته سماج هاڻي صنعتي ۽ تجارتي ٿي رهيو آهي، تنھن ڪري اهي لفظ متروڪ ٿي رهيا آهن ۽ انھن جي جاءِ تي آفيس ۽ ٽيڪنالاجي جا نوان اصطلاح شامل ٿي رهيا آهن.“ (33)
سنڌي سماج ماضيءَ ۾ گهڻو ڪري زرعي نوعيت جو هو، جنھن سبب پورھيت، مالوند زندگي ۽ ڳوٺاڻن سرگرمين سان لاڳاپيل لفظ وڏي مقدار ۾ استعمال ٿيندا هئا، پر موجودہ دور ۾ شهري زندگي، آفيس ڪلچر، صنعتن ۽ ٽيڪنالاجي جي واڌاري سان گڏ نوان لساني اصطلاح تيزيءَ سان عام ٿي رهيا آهن.
انھيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو لفظي ذخيرو وقت جي ضرورتن مطابق وسيع ۽ متحرڪ ٿي رهيو آهي، جنھن سان اها نون سماجي ۽ معاشي حالتن سان وڌيڪ هم آهنگ بڻجي رهي آهي.
سماجي رتبو ۽ ٻوليءَ جو استعمال:
لسانيات ۾ سماجي رتبو هڪ اهم عنصر آهي، جنھن تحت سماج ۾ ڪجهه ٻولين، لھجن يا ڳالهائڻ جي اندازن کي وڌيڪ معتبر يا اعليٰ حيثيت حاصل هوندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو اڪثر سماجي قبوليت، سڃاڻپ يا برتري حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ ۽ اظھار شامل ڪندا آهن، جيڪي بااثر يا مٿئين سماجي طبقي سان لاڳاپيل هجن.
”جڏهن ٻه لساني گروهه پاڻ ۾ ملن ٿا، ته هو هڪ مخلوط گرامر تيار ڪن ٿا. جيڪڏهن اهو نظام نئين نسل تائين منتقل ٿي وڃي، ته اهو بڻجي وڃي ٿو. سنڌ جي ساحلي علائقن ۽ ڪراچي جھڙن شهرن ۾ سنڌي، مڪراني ۽ گجراتي جي ميلاپ مان اهڙيون صورتون اڀريون آهن.“ (34)
انگريزي ٻوليءَ جي وڌندڙ اثر سبب سنڌي ڳالهائڻ ۾ گڏيل لفظن جو رجحان نمايان طور تي وڌيو آهي، جنھن ۾ ڳالهائيندڙ هڪ ئي جملي اندر سنڌي ۽ انگريزي لفظ گڏ استعمال ڪن ٿا. اهو رجحان سماجي تبديلي، لسانياتي رابطي ۽ وقار واري ٻوليءَ جي اثر جو واضح مثال آهي.
”سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ اردو ۽ انگريزيءَ جي لفظن جو استعمال هڪ گڏيل شناخت جو نتيجو آهي. هن موجب، اڄ جي شهري سنڌي گڏيل لساني ماحول جو شڪار آهي، جنھن ڪري جملن جي بناوت پڻ متاثر ٿي رهي آهي.“ (35)
عورتن جو ٻوليءَ تي اثر:
لسانياتي تبديليءَ ۾ سماجي گروهن جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، جن ۾ عورتون هڪ نمايان عنصر طور شامل آهن. جڏهن عورتن جي تعليم، روزگار ۽ سماجي سرگرمين ۾ شموليت وڌي ٿي، ته ٻوليءَ جي استعمال ۾ به نوان رجحان پيدا ٿين ٿا، جيڪي اظھار کي وڌيڪ مھذب، منظم ۽ معنوي لحاظ کان وسيع بڻائين ٿا.
”تحقيق ثابت ڪيو آهي، ته عورتون عام طور تي معياري ۽ مھذب لھجن کي، مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اپنائينديون آهن، جنھن ڪري ٻوليءَ ۾ سڌارو ۽ نفاست اچي ٿي.“ (36)
اهڙي سماجي شموليت جي نتيجي ۾ ڪيترائي لفظ ۽ اصطلاح، جيڪي اڳ ۾ صرف گهريلو يا غير رسمي استعمال تائين محدود هئا، آهستي آهستي رسمي ۽ معياري ٻوليءَ جو حصو بڻجن ٿا. هي عمل ٻوليءَ جي سماجي ارتقا ۽ اظھار جي دائري جي وسعت کي ظاهر ڪري ٿو.
ثقافتي تبديليون:
لسانياتي تبديليءَ ۾ ثقافتي تبديليون هڪ بنيادي ۽ اهم ذريعو آهن، ڇاڪاڻ ⁠ته سماج ۾ قدرن، روايتن ۽ رسمن جي تبديلي سڌي طرح ٻوليءَ جي لفظي ۽ معنوي نظام تي اثرانداز ٿئي ٿي. جڏهن ڪنھن سماج ۾ ثقافتي قدر تبديل ٿين ٿا، ته انھن سان لاڳاپيل ڪيترائي لفظ ۽ اصطلاح يا ته استعمال مان نڪري وڃن ٿا يا نون معنائن ۾ استعمال ٿيڻ لڳن ٿا.
”ٻوليءَ جو لغوي ذخيرو (Vocabulary) سماج جي ثقافتي انڊيڪس وانگر هوندو آهي. جڏهن سماج ۾ نوان اوزار، کاڌا يا لباس اچن ٿا، ته ٻولي فوري طور تي تبديل ٿي نوان لفظ جذب ڪري ٿي.“ (37)
ثقافتي رابطن جي نتيجي ۾ لغت ۾ تبديلي سڀ کان تيزيءَ سان ظاهر ٿئي ٿي. کاڌ خوراڪ، لباس، رهڻي ڪھڻي ۽ روزمرہ زندگيءَ سان لاڳاپيل نون تصورن لاءِ اڪثر ٻين ٻولين مان لفظ سڌي طرح اختيار ڪيا ويندا آهن. مثال طور، برطانوي اثر هيٺ ’ٽيبل‘، ’ڪرسي‘، ’ڪوٽ‘ ۽ ’پينٽ‘ جھڙا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿيا. ساڳئي وقت عربي ۽ فارسيءَ مان مذهبي، قانوني ۽ علمي اصطلاح. جڏهن ته انگريزيءَ مان جديد تعليمي ۽ ٽيڪنالاجي لفظ سنڌيءَ جو حصو بڻيا آهن.
جڏهن مختلف تھذيبون پاڻ ۾ ملن ٿيون، ته انھن جي ٻولين وچ ۾ به لفظي ۽ معنوي تبادلو (ڏيڻ وٺڻ) ٿئي ٿو. نئين ثقافتي شين يا تصورن لاءِ اڪثر ساڳيو غير ملڪي لفظ اختيار ڪيو ويندو آهي، جيڪو وقت سان گڏ مقامي ٻوليءَ ۾ رچجي وڃي ٿو. گهڻ ثقافتي سماجن ۾ ڪوڊ مڪسنگ جو رجحان به عام ٿي وڃي ٿو، جيڪو ٻوليءَ جي گرامر ۽ استعمالي ڍانچي تي اثر وجهي سگهي ٿو.
”ٻن ٻولين جو گاڏڙ ساڏڙ استعمال (جھڙوڪ سنڌي-انگريزي) تھذيبن جي ميلاپ جو نتيجو آهي، جنھن کي جديد دور ۾ هڪ الڳ لساني سڃاڻپ طور مڃيو وڃي ٿو.“ (38)
ڪڏهن ڪڏهن ثقافت جي اثر سبب ان جي ٻوليءَ جا لفظ جديديت يا سماجي برتري جي علامت طور استعمال ٿيڻ لڳن ٿا، جنھن سان مقامي لفظن جو استعمال محدود ٿي سگهي ٿو.
”سنڌي سماج ۾ گڏيل خانداني نظام جي رسمن جي ڪري رشتن لاءِ جيڪي مخصوص ۽ گھرا لفظ هئا، اهي هاڻي انڪل (Uncle) يا آنٽي (Aunty) جھڙن عام انگريزي لفظن سان مٽجي رهيا آهن. اها تبديلي ٻوليءَ جي سماجي ۽ ثقافتي گھرائيءَ کي گهٽائي ٿي.“ (39)
ثقافتي ميل ميلاپ ٻوليءَ کي وڌيڪ لچڪدار ۽ وسيع بڻائي ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ نوان لفظ، اظھار ۽ معنوي رخ پيدا ٿين ٿا.
”سنڌي ثقافت ۾ جڏهن وڏيرڪي يا جاگيرداري نظام کانپوءِ شهري ۽ تعليمي نظام جو اثر وڌيو، ته ٻوليءَ مان پراڻا تعظيمي اصطلاح ختم ٿي نوان رسمي لفظ داخل ٿيا.“ (40)
اهڙيءَ طرح ثقافتي تبديليون ٻوليءَ جي ارتقا جو هڪ مسلسل عمل آهن، جيڪي ان جي لفظي ذخيري ۽ اظهار جي دائري کي وقت سان گڏ وڌائينديون 
رهن ٿيون.
ٻولين جو ميلاپ ۽ رابطو:
لسانيات ۾ ٻولين جو باهمي رابطو ٻوليءَ جي تبديليءَ جو هڪ اهم خارجي ڪارڻ سمجهيو ويندو آهي. جڏهن مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون واپار، روزگار يا سماجي ضرورتن سبب هڪٻئي سان رابطي ۾ اچن ٿيون، ته انھن جي لفظي ذخيري، نحوي بناوت ۽ اسلوبي نظام تي اثر پوي ٿو.
جيڪڏهن ٻن مختلف ٻولين جا ڳالهائيندڙ ماڻھن وٽ گڏيل رابطي جي ڪا معياري ٻولي موجود نه هجي، ته هو هڪ سادي ۽ عارضي رابطي واري ٻولي ٺاهين ٿا، جنھن کي Pidgin چيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهڙي ٻولي وقت سان گڏ نئين نسل جي مادري ٻولي بڻجي وڃي، ته ان کي Creole چيو ويندو آهي.
”معنيٰ ۾ تبديلي لفظن جي نفسيات سان جڙيل هوندي آهي. جڏهن سماج جو رويو ڪنھن شيءِ بابت بدلجي ٿو، ته ان شيءِ لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ جي معنيٰ به پاڻمرادو بدلجي وڃي ٿي.“ (41)
لساني رابطي جي نتيجي ۾ ٻوليءَ ۾ نوان لفظ، اصطلاح ۽ اظھار شامل ٿين ٿا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن جملن جي ترتيب ۽ گرامري ڍانچي ۾ به تبديليون ظاهر ٿين ٿيون. هي عمل ٻوليءَ جي ارتقا ۽ وسعت جو فطري حصو آهي، جيڪو ان کي نون سماجي ۽ ثقافتي حالتن سان هم آهنگ بڻائي ٿو.
گهڻ لساني ماحول ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو مخلوط لھجو وجود ۾ اچي ٿو، جنھن ۾ مختلف ٻولين جا لفظ ۽ اسلوبي خاصيتون گڏ استعمال ٿين ٿيون. اڄ جي شهري سنڌ ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جو گڏيل استعمال ان رجحان جو واضح مثال آهي.
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ ٻين ٻولين سان مسلسل رابطي سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي اڌار جو عمل تيزيءَ سان وڌيو آهي، جنھن سان روزمرہ گفتگو ۾ نوان لفظ ۽ اصطلاح شامل ٿي رهيا آهن.
”سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۾ عربي، فارسي ۽ هاڻي انگريزي لفظن جو اچڻ ان جي ارتقا جو هڪ فطري رستو آهي، جنھن سان اها پنھنجي معنوي ضرورتن کي پورو ڪري ٿي.“ (42)
ان کان علاوه، جڏهن ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ٻوليون گڏ استعمال ڪن ٿا، ته گفتگو دوران هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ڏانھن منتقل ٿيڻ يا ٻنھي کي گڏ استعمال ڪرڻ جو عمل سڏجي ٿو. جديد دور ۾ سوشل ميڊيا ۽ عالمي رابطن جي ڪري اهو رجحان وڌيڪ نمايان ٿي ويو آهي، جيڪو ٻولين جي باهمي اثر ۽ ميلاپ کي واضح ڪري ٿو۔
تاريخي تبديليون:
لسانياتي تبديليءَ ۾ تاريخي واقعا انتھائي اهم ۽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪن ٿا، ڇاڪاڻ⁠ ته سياسي ۽ انتظامي تبديليون سڌي طرح ٻوليءَ جي استعمال، حيثيت ۽ ڍانچي تي اثرانداز ٿين ٿيون. جڏهن ڪنھن علائقي تي نوان حڪمران يا انتظامي نظام لاڳو ٿين ٿا، ته ٻولي به سرڪاري، تعليمي ۽ قانوني سطح تي نون اثرن کي قبول ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ مذهبي اصطلاح (عربي مان) ۽ سياسي اصطلاح (انگريزي مان) رڳو لفظن جو اڌار ناهن، پر اهي نظرياتي منتقلي آهن. 
”انھن اصطلاحن سنڌي ماڻهن جي سوچڻ جي انداز ۽ سماجي شعور کي نوان رخ ڏنا آهن.“ (43)
سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ انگريزن جي دورن سنڌي ٻوليءَ تي گھرو اثر ڇڏيو آهي. انھن دورن ۾ انتظامي، مذهبي ۽ ثقافتي ضرورتن تحت عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين جا ڪيترائي لفظ سنڌي لغت ۾ شامل ٿيا، جنھن سان ٻوليءَ جو لفظي ذخيرو وسيع ۽ متنوع ٿيو.
”سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفيانه ۽ علمي اصطلاحن جي شموليت ثابت ڪري ٿي، ته اها هڪ ترقي يافته ٻولي آهي. هو دليل ڏئي ٿو ته فارسيءَ جي اثر هيٺ صوفيانه اصطلاحن ۽ انگريزيءَ جي اثر هيٺ سائنسي ۽ قانوني اصطلاحن سنڌي ٻوليءَ کي جديد دنيا جي علمي وهڪري ۾ شامل ڪيو آهي.“ (44)
لسانياتي لحاظ کان اهڙا تاريخي موڙ ٻوليءَ جي صرف لفظي ذخيري کي نه، پر ان جي اظھار، اصطلاحي نظام ۽ لکت جي صورت کي به متاثر ڪن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۾ اهڙا ڪيترائي مرحلا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن ان جي مجموعي نظام کي نئين رخ ڏنو.
”جڏهن خيال هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ٿين ٿا، ته اها ٻولي نوان جنم وٺندي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ عالمي فڪر جي منتقلي ان جي اسلوب کي وڌيڪ پختو ۽ فڪري طور مضبوط بڻايو آهي.“ (45)
سن 712ع ۾ محمد بن قاسم جي آمد کان پوءِ سنڌ جي سياسي ۽ مذهبي نظام ۾ تبديلي آئي، جنھن جو اثر ٻوليءَ تي به پيو. ان دور ۾ عربي رسم الخط جي اثر هيٺ لکت جي نئين روايت پيدا ٿي، ۽ مذهبي، قانوني ۽ انتظامي اصطلاح سنڌي ٻوليءَ جو حصو بڻيا.
بعد ۾ سومرن، سمن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ فارسي ٻولي سرڪاري ۽ ادبي حيثيت اختيار ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي ادب ۾ نوان اسلوبي ۽ صنفي رجحان پيدا ٿيا. جھڙوڪ: غزل ۽ مثنوي، گڏوگڏ فارسي لفظ ۽ اصطلاح به وسيع پيماني تي استعمال ٿيڻ لڳا.
1843ع ۾ انگريزن جي قبضي کان پوءِ سنڌي ٻولي جديد تعليمي ۽ انتظامي نظام سان جڙجي وئي. ان دور ۾ ريل، آفيس، ڪورٽ، اسپتال ۽ پوليس جهڙا ڪيترائي انگريزي لفظ سنڌي لغت ۾ شامل ٿيا، جيڪي نون ادارن ۽ تصورن جي نمائندگي ڪن ٿا.
”1853ع ۾ انگريزن پاران سنڌي الفابيٽ کي هڪ باقاعدہ صورت ڏيڻ ۽ ان کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو لساني موڙ (Linguistic Turning Point) هو، جنھن سنڌيءَ کي جديد دور سان هم آهنگ ڪيو.“ (46)
1853ع ۾ انگريز سرڪار جي سرپرستي هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي موجودہ 52 اکرن واري معياري الف-بي کي حتمي شڪل ڏني وئي، جنھن سان سنڌي ٻوليءَ جو لکت وارو نظام منظم ٿيو ۽ ان جي ادبي ۽ تعليمي ترقيءَ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ٿيو.
رسمون ۽ رواج:
لسانياتي تبديليءَ تي سماجي رسم و رواج جو گھرو اثر پوي ٿو، ڇاڪاڻ ⁠ته ٻولي سماجي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندي آهي. جڏهن شادي مرادي، خوشي ۽ غمي جھڙين رسمن ۾ تبديليون اچن ٿيون يا نوان سماجي رجحان اختيار ڪيا وڃن ٿا، ته انهن سان لاڳاپيل روايتي لفظ، لوڪ اظهار ۽ ثقافتي اصطلاح به آهستي آهستي گهٽ استعمال ٿيڻ لڳن ٿا.
اهي لساني عنصر، جيڪي ڪنھن دور ۾ سنڌي ثقافتي سڃاڻپ جو اهم حصو هئا، جديد طرزِ زندگي ۽ بدلجندڙ سماجي حالتن سبب محدود ٿي رهيا آهن. ان جي نتيجي ۾ ٻوليءَ جو روايتي ثقافتي رنگ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ ان جي جاءِ تي نوان، وڌيڪ جديد ۽ شھري اظھار جا انداز سامھون اچي رهيا آهن.
لوڪ ادب:
لسانياتي تبديليءَ ۾ لوڪ ادب ۽ فنونِ لطيفه جو اهم ڪردار آهي، ڇاڪاڻ ⁠ته اهي سماج جي ثقافتي سوچ ۽ اظهار جا زنده وسيلا هوندا آهن. ثقافتي رابطن جي نتيجي ۾ لوڪ ڪھاڻين، شاعريءَ جي مختلف صنفن، جھڙوڪ: غزل ۽ نظم، ۽ موسيقيءَ سان لاڳاپيل اصطلاحن ۾ به وقت سان گڏ تبديليون پيدا ٿين ٿيون.
سنڌي ادب ۾ فارسي ادبي روايتن جو اثر ثقافتي ۽ لسانياتي رابطي جو واضح مثال آهي، جنھن جي نتيجي ۾ نيون ادبي صنفون متعارف ٿيون ۽ ٻوليءَ جي اسلوبي ۽ اصطلاحي وسعت ۾ نمايان اضافو ٿيو. اهڙيءَ طرح لوڪ ادب ۽ فنونِ لطيفه ٻوليءَ جي ارتقا، وسعت ۽ تبديليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
لغوي ۽ معنوي تبديليون:
لسانياتي تبديليءَ ۾ لفظن جي لغوي ۽ معنوي سطح تي تبديليون هڪ اهم رخ آهن. وقت سان گڏ لفظن جي معنيٰ ۾ وسعت يا تنگي اچي سگهي ٿي؛ ڪڏهن ڪو مخصوص لفظ وڌيڪ وسيع مفهوم اختيار ڪري وٺي ٿو، جڏهن ته ڪڏهن عام لفظ ڪنھن خاص ۽ محدود معنيٰ تائين محدود ٿي وڃي ٿو.
سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي اثر هيٺ ٻوليءَ ۾ نرم ۽ متبادل اظھار جو رجحان پڻ پيدا ٿئي ٿو، جنھن ۾ اڻوڻندڙ يا سخت لفظن جي جاءِ تي وڌيڪ مھذب ۽ نرم اصطلاح استعمال ڪيا وڃن ٿا. هي عمل ٻوليءَ جي اظهار کي وڌيڪ شائسته ۽ سماجي لحاظ کان قابلِ قبول بڻائي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۾ تبديلي ان جي زندہ هجڻ جي نشاني آهي. 
”جيتوڻيڪ اسان جا قديم زرعي لفظ (جهڙوڪ مال جي بيمارين يا کيت جي اوزارن جا نالا) گهٽجي رهيا آهن، پر ان جي جاءِ تي بئنڪنگ، ميڊيا ۽ سائنس جا نوان سنڌي اصطلاح ٻوليءَ کي وسعت ڏئي رهيا آهن.“ (47)
لسانياتي تبديليءَ جو هڪ اهم رخ لغوي تبديلي به آهي، جنھن ۾ ٻوليءَ جو لفظي ذخيرو وقت سان گڏ بدلجندو رهي ٿو. هن عمل دوران لفظن جون معنائون وسعت اختيار ڪن ٿيون يا انھن جو استعمال نون سماجي ۽ فڪري حوالن ۾ ٿيڻ لڳي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن مخصوص مفھوم لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ عام يا نون معنائن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳن ٿا.
سماجي ۽ معاشي حالتن جي تبديليءَ سبب خاص طور تي زرعي، مالوند ۽ روايتي پيشائن سان لاڳاپيل ڪيترائي قديم سنڌي لفظ آهستي آهستي استعمال مان نڪري رهيا آهن. ان جي ابتڙ، جديد شهري زندگي، ٽيڪنالاجي ۽ نون پيشاورانه شعبن سان لاڳاپيل لفظ تيزيءَ سان ٻوليءَ جو حصو بڻجي رهيا آهن.
اهڙي طرح لغت جو مٽجڻ ٻوليءَ جي ارتقا جو هڪ فطري عمل آهي، جيڪو سماجي ضرورتن مطابق ٻوليءَ کي مسلسل نون حالتن سان هم آهنگ بڻائيندو رهي ٿو.
خيالن ۽ اصطلاحن جي منتقلي:
لسانياتي رابطي جي عمل ۾ رڳو لفظن جو اڌارُ نه ٿيندو آهي، پر خيالن، تصورن ۽ اصطلاحن جي به منتقلي ٿئي ٿي. جڏهن هڪ ٻوليءَ جي ثقافتي يا علمي نظام مان نوان فڪري رجحان ٻي ٻوليءَ ۾ داخل ٿين ٿا، ته انھن سان گڏ لاڳاپيل علمي اصطلاح به اختيار ڪيا وڃن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ مذهبي، سياسي ۽ فلسفيانه خيالن جي اثر هيٺ عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين جا ڪيترائي علمي ۽ فڪري اصطلاح شامل ٿيا، جيڪي وقت سان گڏ ٻوليءَ جي مستقل حصي طور قبول ڪيا ويا. ان عمل جي نتيجي ۾ ٻولي نه رڳو لفظي سطح تي، پر فڪري ۽ اصطلاحي سطح تي بہ ترقي ڪندي رهي ٿي۔
ترجمو ٿيل اصطلاح:
لسانياتي تبديليءَ جي هڪ اهم صورت ترجمو ٿيل اصطلاح به آهي، جنھن ۾ ڪنھن ٻي ٻوليءَ مان لفظ سڌو اڌار نه ورتو ويندو آهي، پر ان جي مفھوم يا معنوي ڍانچي کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري نئون اصطلاح ٺاهيو ويندو آهي. لسانيات ۾ هن عمل کي Calquing چيو وڃي ٿو.
هن طريقي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا اصطلاح وجود ۾ آيا آهن، جيڪي ٻين ٻولين جي فڪري يا معنوي بناوت جو ترجمو آهن. اهڙي تبديلي، ٻوليءَ جي اظھار جي صلاحيت کي وڌائي ٿي ۽ نون تصورن کي مقامي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ واضح ۽ آسان بڻائي سمجهڻ ۽ استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي۔
ادب جو ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ ڪردار:
لسانياتي نقطه نظر کان ادب ڪنھن به ٻوليءَ جي تحفظ، معياربندي ۽ ارتقا ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. جيتوڻيڪ روزمره ڳالهه ٻولهه ۾ ٻولي مسلسل تبديليءَ مان گذري ٿي، پر سنڌي ادب جھڙوڪ: افسانو، ناول، شاعري ۽ تحقيقي لکڻيون ٻوليءَ جي لغوي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ جو اهم ذريعو آهي.
”جيتوڻيڪ سماجي تبديلين سبب ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ عام واهپي مان نڪري ويندا آهن، پر شاه لطيف جھڙن شاعرن ۽ جديد اديبن جي لکڻين سبب اهي لفظ اڄ به اسان جي شعور ۾ زنده آهن.“ (48)
ادبي تخليقون نه رڳو پراڻن لفظن ۽ اصطلاحن کي زنده رکن ٿيون، پر نون فڪري، سماجي ۽ سائنسي تصورن لاءِ به مناسب سنڌي متبادل مھيا ڪن ٿيون. اديب پنھنجي تخليقي صلاحيتن ذريعي نوان لفظ ۽ اصطلاح جوڙي ٻوليءَ جي اظهار جي وسعت، لچڪ ۽ فني خوبصورتي کي برقرار رکن ٿا.
”ادب ٻوليءَ جي اظهار ۾ لچڪ پيدا ڪري ٿو. اديب پاران استعارن ۽ تشبيهن جو استعمال ٻوليءَ جي معنوي گھرائيءَ کي وڌائي ٿو، جنهن سان ٻولي جديد فڪري ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لائق بڻجي ٿي.“ (49)
انھيءَ عمل سان سنڌي ٻولي پنھنجي ادبي سڃاڻپ، معيار ۽ وقار کي محفوظ رکندي مسلسل ترقي ڪندي رهي ٿي.
نيون ايجادون ۽ ٽيڪنالاجي:
جڏهن ڪا نئين شيءِ ايجاد ٿئي ٿي يا نوان تصور وجود ۾ اچن ٿا، ته ٻوليءَ ۾ انھن لاءِ نوان لفظ ۽ اصطلاح شامل ڪيا وڃن ٿا. جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي ۽ معلوماتي انقلاب ٻولين لاءِ نوان لساني چئلينج پيدا ڪيا آهن، جن جي نتيجي ۾ ٻوليون يا ته نوان لفظ تخليق ڪن ٿيون يا ٻين ٻولين مان لفظ سڌي طرح اختيار ڪن ٿيون.
”ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ گڏيل ۽ فھم جوڳو روپ سامھون آيو آهي، جيڪو مختلف لھجن جي وچ ۾ فاصلي کي ختم ڪري ٿو. هو لکي ٿو:“ (50)
موجوده دور ۾ انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا ۽ موبائل ٽيڪنالاجي سنڌي ٻوليءَ جي لغت، لکت ۽ اظهار جي انداز تي گھرو اثر وڌو آهي. ڪمپيوٽر، ڊائون لوڊ، ميسيج جھڙا لفظ هاڻي روزمره سنڌي استعمال جو حصو بڻجي چڪا آهن. ٽيڪنالاجي نه رڳو نوان لفظ مھيا ڪري ٿي، پر ڳالهائڻ ۽ لکڻ جي انداز کي به مختصر ۽ تيز بڻائي ٿي.
ڊجيٽل ميڊيا جي واڌاري سبب سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جو گڏيل استعمال وڌي رهيو آهي، جنھن سان مخلوط ٻوليءَ جو رجحان پيدا ٿيو آهي. فيسبوڪ، واٽس اپ ۽ يوٽيوب جھڙن پليٽ فارمن سنڌي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي تيزيءَ سان تبديل ڪيو آهي، جتي شارٽ فارمز ۽ غير رسمي اظهار عام ٿي ويا آهن.
جديد ايجادن جھڙوڪ: ڪمپيوٽر، موبائل ۽ انٽرنيٽ جي آمد سان پراڻي لغت ۾ موجود خال ڀرڻ لاءِ يا ته نوان لفظ ٺاهيا وڃن ٿا يا ٻين ٻولين جا لفظ اختيار ڪيا وڃن ٿا. انھيءَ عمل سان سنڌي ٻولي مسلسل پنهنجي اظھار جي ضرورتن مطابق پاڻ کي نون حالتن سان هم آهنگ بڻائي رهي آهي.
”جيتوڻيڪ ٽيڪنالاجي، مخلوط ٻوليءَ کي هٿي ڏئي ٿي، پر اها سنڌي ٻوليءَ کي عالمي سطح تي ڳنڍڻ جو ذريعو به آهي.“ (51)
ميڊيا جھڙوڪ: ٽي وي، اخبارون ۽ ريڊيو سنڌي ٻوليءَ جي معياري لھجي کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنھن سان اچارن ۽ اظھار ۾ هڪجھڙائي پيدا ٿي آهي. بھرحال، مختلف ٻولين جي گڏيل استعمال سبب مخلوط لساني رجحان به وڌي رهيو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي خالص روايتي لھجن تي جزوي اثر وجھي ٿو.
ٻوليءَ جي بچاءُ جا قدم:
لسانياتي تبديليءَ جي تيز رفتاريءَ باوجود ٻوليءَ جي اصلي سڃاڻپ، فڪري روح ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ لاءِ منظم ۽ عملي قدمن جي ضرورت هوندي آهي. ٻوليءَ جي بقا ۽ تسلسل لاءِ اهڙا قدم ضروري آهن، جيڪي ان کي جديد ضرورتن سان گڏوگڏ روايتي حيثيت به برقرار رکڻ ۾ مدد ڏين.
”جڏهن اسان ڪنهن پرڏيھي اصطلاح کي ترجمو ڪري پنھنجي ٻوليءَ ۾ آڻيون ٿا، ته اهو ٻوليءَ تي بار ناهي بڻجندو، پر ان جي لغوي مالامالي جو سبب بڻجي ٿو. هيءَ تبديلي ٻوليءَ کي جديديت ۽ اصليت جي وچ ۾ هڪ توازن فراهم ڪري ٿي.“ (52)
هن سلسلي ۾ لغت سازي هڪ اهم قدم آهي، جنھن ذريعي قديم، متروڪ ۽ گهٽ استعمال ٿيندڙ لفظن کي گڏ ڪري جديد لغتن ۾ محفوظ ڪيو وڃي ٿو، ته جيئن اهي ايندڙ نسلن تائين منتقل ٿي سگهن. ساڳئي وقت تعليمي نصاب ۾ خالص سنڌي اصطلاحن جي استعمال کي فروغ ڏيڻ ٻوليءَ جي معيار، تسلسل ۽ استحڪام لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو.
ادبي سرگرميون به ٻوليءَ جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، خاص طور تي ڪلاسيڪل سنڌي ادب سان نئين نسل جو لاڳاپو ٻوليءَ جي ثقافتي ورثي کي زندہ رکي ٿو ۽ ان جي فڪري وسعت کي برقرار رکي ٿو. ان کان علاوہ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مؤثر استعمال کي هٿي ڏيڻ. جھڙوڪ: ڪمپيوٽر، موبائل ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن تي سنڌي سپورٽ جي واڌاري ٻوليءَ کي جديد دور جي ضرورتن سان هم آهنگ بڻائي ٿو.
اهڙي طرح اهي سڀ قدم گڏجي سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ، ترقي ۽ مسلسل ارتقا لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا۔
مستقبل ۾ تبديليون:
لسانياتي ارتقا جي تناظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل بنيادي طور تي ٻن اهم رجحانن ڊجيٽلائيزيشن ۽ گلوبلائيزيشن جي اثر هيٺ اڳتي وڌڻ جو امڪان رکي ٿو.
ڊجيٽلائيزيشن جي نتيجي ۾ ٻولي جديد ٽيڪنيڪي اصطلاحن سان وڌيڪ مالا مال ٿيندي، جڏهن ته لکڻ ۽ اظھار جي عمل ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ٻين ڊجيٽل اوزارن جو استعمال وڌڻ سان ٻوليءَ جي پيداوار، ترتيب ۽ استعمال جا طريقا پڻ تبديل ٿي سگهن ٿا.
”ٽيڪنالاجي ٻوليءَ کي ماري نه ٿي، پر ان کي ري-ڊيزائن ڪري ٿي. مستقبل جي ٻولي انٽرنيٽ جي ٻولي هوندي، جتي گرامر کان وڌيڪ ميونيڪيشن کي اهميت ڏبي. سنڌي ٻوليءَ ۾ AI جو استعمال ان جي لغوي کوٽ کي ڀرڻ ۾ مدد ڪندو.“ (53)
ٻئي طرف، گلوبلائيزيشن جي اثر هيٺ عالمي رابطن ۾ واڌ سبب انگريزي ٻوليءَ جو اثر وڌيڪ مضبوط ٿيندو، جنھن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزي لفظن ۽ اصطلاحن جو استعمال وڌڻ جو امڪان آهي. انھيءَ عمل جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ نئون عالمي روپ وجود ۾ اچي سگهي ٿو، جيڪو روايتي ۽ مقامي صورتن کان مختلف هوندو۔
نتيجو:
لسانياتي تبديلي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ ان جي زندہ هجڻ جي واضح علامت آهي، ڇاڪاڻ ⁠ته ٻولي مسلسل بدلجندڙ سماجي، ثقافتي ۽ ٽيڪنالاجي ضرورتن سان پاڻ کي هم آهنگ ڪندي رهي ٿي. ثقافتي ۽ لسانياتي رابطا ٻوليءَ کي محدود مقامي دائري مان ڪڍي وڌيڪ وسيع ۽ عالمي حيثيت ڏين ٿا، جنھن سان ان جي اظھار جي صلاحيت ۾ واڌارو اچي ٿو.
ٻين ٻولين سان رابطي جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو لفظي ذخيرو وسيع ۽ متنوع بڻجي ٿو، جڏهن ته غير متوازن خارجي اثر ڪڏهن ڪڏهن ان جي اصلي سڃاڻپ، وياڪرڻي نظام ۽ روايتي ساخت لاءِ چئلينج پڻ پيدا ڪري سگهن ٿا. تاريخي طور مختلف دورن سنڌي ٻوليءَ کي نه رڳو متاثر ڪيو آهي، پر ان کي علمي ۽ ادبي سطح تي اڳتي وڌائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
مجموعي طور، اهي سڀ عنصر گڏجي سنڌي ٻوليءَ کي هڪ متحرڪ، ترقي يافته ۽ هم آهنگ نظام بڻائين ٿا، تنھن هوندي به خالص سنڌي لغت، روايتي اظھار ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت جي ضرورت هميشه برقرار رهي ٿي.
لسانيات جي ماهرن موجب تبديلي هڪ فطري ۽ اڻٽر عمل آهي، جيڪو سماجي ضرورتن، سھولت ۽ رابطي جي اثر هيٺ جاري رهي ٿو. ان کي بگاڙ نه، پر ارتقا سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ⁠ ته ٻولي پنھنجي بقا لاءِ مسلسل نون حالتن سان مطابقت پيدا ڪندي رهي ٿي.
آخر ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود لسانياتي تبديليون ان جي لچڪ، وسعت ۽ تخليقي صلاحيت جو ثبوت آهن، جڏهن⁠ ته ان جي لغوي ۽ ثقافتي ورثي جو تحفظ به هڪ اهم علمي ۽ سماجي ذميواري آهي۔ 

حوالا: 
1. Sapir Edward, `Language: An Introduction to the Study of Speech` Harcourt, Brace 1921, P.150
2. Crystal David, `The Stories of English` Overlook Press, 2004, P.14
3. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو  1962، ص.45
4. ٻوھيو الھداد ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو 1978، ص.35
5. Labov William, `Principles of Linguistic Change`(Vol. 1) Blackwell Publishers 1994, P. 52
6. ميمڻ سراج الحق، ’سنڌي ٻولي‘عظيم پبلشرز ھائوس، حيدرآباد  1964، ص.122
7. Kachru Braj, `The Alchemy of English` University of Illiniois press, 1990, P.92
8. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’سنڌي صورتخطي‘ سنڌي ي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، 1964، ص.25
9. ٻوھيو الھداد ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو 1978، ص.42
10. ساڳيو، ص.35
11. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو 1962، ص.42
12. Blevins Juliette, `Evolutionary PhonologyL: the emergence of sound patterns` Cambridge university press, 2004, P.45
13. Chomsky Noam, `Language and Mind` Harcourt Brace Jovanovich 1968 P.103
14. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 1974 ص.215
15. Jakobson Roman, `Selected Writings of Edward sapir in language, culture, and personality` university of California press, 1949,  P.202
16. Trumpp Ernest Dr, `Sindhi Grammar, Preface` Trubner & Co, 1872 P.12
17. ٻوھيو الھداد ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو 1978، ص.36
18. Bloomfield Leonard, `Language` henry holt, 1933, P.346
19. Crystal David, `Language Death` Cambridge University Press 2000, P. 65
20. Rahman Tariq Dr, `Language and Politics in Pakistan` oxford university press, Karachi, 1996, P.108
21. David Khemlani Maya Dr, `Language Shift or Maintenance: The Case of Sindhi Language in Pakistan` john benjamins publishing company, 2017, P.16
22. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو لسانياتي اڀياس‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 2005، ص.164
23. ساڳيو. ص. 180
24. Rahman Tariq Dr, `Language, Ideology and Power` oxford university press, Karachi, 2002 P.108
25. Labov William, `Sociolinguistic Patterns` university of Pennsylvania press, 1972, P.117
26. Trudgill Peter, `Sociolinguistics: An Introduction to Language and Society` penguin books, 1974, P.35
27. Trump Ernest Dr, `Grammar of the Sindhi Language` Trubner & Co, 1872, P.10
28. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو لسانياتي اڀياس‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 2005، ص.150
29. Rahman Tariq Dr, `Language, Ideology and Power` oxford university press, Karachi, 2002 P.45
30. Phillipson Robert, `Linguistic Imperialism` oxford university press, 1992 P.40
31. Labov William, `Principles of Linguistic Change`(Vol. 1) Blackwell Publishers 1994, P.75
32. Trudgill Peter, `Sociolinguistics: An Introduction to Language and Society` penguin books, 1974, P.92
33. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو لسانياتي اڀياس‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 2005، ص.185
34. Weinreich Uriel, `Languages in Contact` linguistic circle of new York, 1953, P.65
35. ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر، ’سنڌيءَ جو سماجي لسانياتي اڀياس‘ ’سنڌيءَ جو سماجي لسانياتي اڀياس‘ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 2025، ص.155
36. حسين فھميده ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو‘ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 2012، ص.56
37. Sapir Edward, `Language: An Introduction to the Study of Speech` Harcourt, Brace, 1921, P.113
38. ٻوھيو الھداد ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، 1978، ص.142
39. Khubchandani Lachman, `Language in a Plural Society` motilal banarsidass publications, 1988, P.142
40. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 1974 ص.240
41. Ullmann Stephen, `The Principles of Semantics` Jackson son & co, 1951, P.150
42. Labov William,  `Principles of Linguistic Change`(Vol. 1) Blackwell Publishers 1994, P. 25
43. Rahman Tariq Dr, `Language, Ideology and Power` oxford university press, Karachi, 2002 P.188
44. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 2005، ص.230
45. Benjamin Walter, `The Task of the Translator` richard weiBbach, 1968, P.75
46. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 2005، ص.115
47. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو 1962، ص.22
48. ميمڻ عبدالغفور ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو فڪري پس منظر، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 2017، ص.45
49. ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر، ’سنڌيءَ جو سماجي لسانياتي اڀياس‘ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ 2025، ص.210
50. حسين فھميده ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو‘ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 2012، ص.135
51. ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر، ’سنڌيءَ جو سماجي لسانياتي اڀياس‘ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 2025، ص.175
52. Crystal David, `Language and the Internet` combridge university press, 2001, P.22

13 ڀيرا پڙهيو ويو